ڳالهيون ڪتابن جون


[1947-1992]

محمد ابراهيم جويو
تعارف
هي سائين محمد ابراهيم جويي جو ٽيون ڪتاب آهي، جنهن تي پنهنجيءَ سمجهه آهر، مهاڳ طور، ٻه اکر لکڻ جو اعزاز مون کي حاصل ٿي رهيو آهي. جويي صاحب جي شخصيت تي، سنڌي سماج جي آجپي ۽ اوسر لاءِ سندن علمي ۽ عملي خدمتن ۽ ڪردار جي حوالي سان، مون پنهنجا ويچار تفصيل سان سندن ڪتاب ”ادب، ٻولي ۽ تعليم“ جي مهاڳ ۾ قلمبند ڪيا هئا. پنهنجي ۽ سنڌي ٻوليءَ توڙي ادب جي هن محسن بابت پنهنجا ويچار قلمبند ڪري، جا سرهائي ٿي هيم، ان کي فقط محسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. قومن جي تاريخ ۾ ڪي ڪي ڪردار ايترا ته قداور هجن ٿا ته جو انهن جو ذڪر هر سطح تي ۽ بار بار ٿيڻ گهرجي، ته جيئن ايندڙ نسل انهن مان ڀرپور زندگي، جوتِ ۽ اُتساهه حاصل ڪري سگهن. سائين محمد ابراهيم جويو اهو ڏاهو ۽ استاد آهي، جنهن جي لکيل سِٽ سِٽ کي زندگيءَ ۾ مون ڏاڍي ڌيان سان ۽ بار بار پڙهيو آهي. سندن ٻوليءَ ۽ علميت مان لطف اندوز ٿيندي، ان جي گهرائيءَ ۽ پيغام کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ مون پنهنجو اولين فرض پئي سمجهيو آهي. ڪيترين ڳالهين ۾ فڪري سطح تي جزوي اختلاف رکڻ باوجود، مان کين پنهنجو استاد تصور ڪندو آهيان، ۽ ائين هو رڳو منهنجو نه پر سنڌ جي ادب توڙي سياست جي دنيا جي ڪيترن نسلن جو استاد آهي. مان ته ائين چوڻ ۾ به ڪا هٻڪ محسوس نه ٿو ڪريان ته ويهين صديءَ جي سنڌي سماج، ادب توڙي سياست جو ذڪر محمد ابراهيم جويي کان سواءِ هميشه اڻ پورو رهندو.
جويي صاحب جو هي ڪتاب، ”ڳالهيون ڪتابن جون“، جيڪو مواد توڙي سٽاءَ جي لحاظ کان ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي. دراصل سندس لکيل انهن فڪر انگيز مهاڳن جو مجموعو آهي، جيڪي هن سنڌي ٻوليءَ جي عظيم شاعر شيخ اياز ۽ پنهنجي ترجمو ڪيل توڙي اصلوڪن ڪتابن تي مختلف دورن ۾ لکيا هئا. مهاڳُ ادبي دنيا جي اُها اهم صنف آهي، جيڪا دنيا ۾ ٺلهيءَ روايت طور به استعمال ڪئي وئي آهي، ۽ ساڳئي وقت ان کي پرک، ڇنڊڇاڻ، تنقيد ۽ اڀياس جي فن جي ڪمال ۽ بلندين تي پڻ رسايو ويو آهي. ادب جي دنيا ۾ ڪيترن ”مهاڳن“ کي اصلوڪن ڪتابن تي به فوقيت حاصل پئي رهي آهي، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ جيتوڻيڪ علمي، ادبي، فني ۽ فڪري پرک، ڇنڊڇاڻ ۽ اڀياس جو علم ۽ فن اڃا ايترو اُسريو ۽ بالغ نه ٿيو آهي، يا ائين کڻي چئجي ته اهو اڃا هڪ پورو ضابطو نه بڻجي سگهيو آهي، پر ان باوجدو سنڌي ادب ۾ محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي، پروفيسر محرم خان ۽ ٻين عالمن ۽ ادب جي پارکن ان شعبي جا مضبوط بنياد ضرور وڌا آهن. سنڌي ادب ۾ مهاڳ کي باقاعدي هڪ صنف طور سڃاڻپ محمد ابراهيم جويي ڏني ۽ اهو به عجيب ۽ سٺو اتفاق آهي ته جديد سنڌي ادب (شاعريءَ توڙي نثر) جي ڪجهه بهترين ڪتابن جا مهاڳ به جويي صاحب جا ئي لکيل آهن. اِن سان نه رڳو اُنهن ڪتابن کي جويي صاحب جهڙي اسڪالر جي پرک جو موقعو نصيب ٿيو، پرخود جويي صاحب جي لکيل مهاڳن کي به پنهنجي اظهار جو وسيع ميدان ۽ اُتساهه مليو. جويو صاحب سنڌي ادب ۾ ڪيترن حوالن سان هڪُ سونهون ۽ ڏسُ ڏيندڙُ (Trend setter) رهيو آهي. سنڌي ادب ۾ مهاڳ جي صنف جي جديد ۽ عالمانه سطح جو ڏسُ ڏيندڙ به جويو صاحب رهيو آهي. ان ڏِس ۾ اُن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو دليل ٿي سگهي ٿو ته سنڌ ۾ شيخ اياز، رسول بخش پليجي، الهداد ٻوهيي، حسام الدين راشدي، سراجالحق ميمڻ، نورالهديٰ شاهه جهڙن برک شاعرن، اديبن ۽ اسڪالرن جي ڪتابن جا اڪثر مهاڳ جويي صاحب جا لکيل آهن.
هن ڪتاب جو پهريون ڀاڱو اُنهن ڏهن ساهه ۾ سانڍڻ جهڙن روح افروز ۽ پرمغز مهاڳن تي مشتمل آهي، جيڪي جويي صاحب سنڌي ٻوليءَ جي عظيم جديد شاعر شيخ اياز جي ڪتابن_ ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ (ڏانهس ئي لکيل خطن جو مجموعو) ۽ شعر جي ڪتابن ”ڪلهي پاتم ڪينرو“، ”جل جل مشعل جل جل.....“، ”هي گيت اُڃايل مورن جا“، ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“، ”وڄون وسڻ آئيون،“ ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري،“ ”لڙيو سِج لڪن ۾“، ”راج گهاٽ تي چنڊ“ ۽ ”بڙ جي ڇانو اڳي کان گهاٽي“_ تي لکيا ويا آهن. جيئن شيخ اياز رڳو سنڌي ٻوليءَ جو وڏو شاعرئي نه پر هڪ موضوع پڻ آهي. تيئين ”اياز_شناسي“ به سنڌي ادب جو هڪ مڪمل عنوان آهي ۽ ان عنوان کي سنڌي ادب ۾ متعارف ڪرائڻ، ان جاخد ۽ خال واضع ڪرڻ، ان کي بلاغت ۽ بلوغت جي اعليٰ درجي تي وٺي وڃڻ ۾ جويي صاحب جو بنيادي هٿ ۽ ڪردار رهيو آهي، جنهن جو خود شيخ اياز به پنهنجي جيئري معترف هو. سندس ڏهن ڪتابن تي جويي صاحب جا مهاڳ ئي اِن جي ثابتيءَ جو وڏو سامان ۽ دليل آهن. جيئن زندگيءَ ۽ فطرت ۾ هر شيءِ سُري، وڌي ۽ ويجهي ٿي، تيئن هر تخليقي فنُ ۽ فنڪارُ به پنهنجي سفر ۾ عجيب رستن تان لنگهي ۽ گسن تان گذري، وسعتون ۽ منزلون ماڻي ٿو. هر وڏو فن ۽ فنڪار ساڳئي وقت هڪ حيرت ۾ وجهندڙ ۽ ڳوڙهو لقاءُ به هجي ٿو. سنڌ ۾ شيخ اياز به ائين هو. هنن مهاڳن ۾ جويي صاحب، شيخ اياز جي اِن سموري سفر جا پنڌ ۽ پيچرا ۽ اُن جا رَندَ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ۽ اِهو ڪو ننڍو ۽ سولو ڪم نه آهي. هڪ فنڪار_ مفڪر فنڪار، ۽ اُهو به شيخ اياز جهڙو ڳرو ۽ جبل جيڏو فنڪار، پنهنجي سفر ۾ فن ۽ فڪر جا جيڪي پنڌ ۽ پيچرا اختيار ڪري ٿو، اُن جا پيرا ۽ سي به پيرائتا پيرا لهڻ جو ڪم، ڪو جويي صاحب جهڙو انساني تاريخ جي صدين جي سفر تي گهري نگاهه رکندڙ سونهون ئي ڪري سگهيو ٿي. هُن ائين نهايت ڪاميابيءَ سان ڪري ڏيکاريو، جنهن جي شاهدي سندس هي مهاڳ ڏين ٿا. شيخ اياز جي عظيم شاعريءَ جو سفر هڪ فرد جي احساسن ۽ تصورن جو سفر ناهي پر اُهو هڪ پوريءَ قوم، اُن جي سماج ۽ تاريخ جي احساسن، خوابن، تصورن، محبتن، نفرتن، قدرن، ۽ مجموعي طور انسانذات جي بهترين تخليقي جوهر جي ارتقا جو سفر آهي، اُن جي پرک به اوڏو نه ته به تمام وڏو ڪم ضرور آهي_ جنهن جا آئينه دار هي مهاڳ آهن. هن سلسلي ۾ جويي صاحب جا اياز جا ٻين ڪتابن _ ”راڄ گهاٽ تي چنڊ“ ۽ ”بڙجي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي“_ جا مهاڳ جيڪي هن ڪتاب جي ص551 کان115 تي آيل آهن، مهربان پڙهندڙن جو خاص ڌيان لهڻن ٿا.
سائين ابراهيم جويو، بنيادي طور هڪ آدرشي ۽ ترقي پسند اسڪالر ۽ ڪمٽيڊ اديب آهي. هو انهن قلم ڌڻين منجهان آهي، جن سدائين پنهنجي عوام، قوم ۽ مجموعي طور انسانذات لاءِ سوچيو ۽ لوچيوآهي. مون جويي صاحب جي اڄ تائين ڪا هڪ سِٽَ به اهڙي نه پڙهي آهي، جيڪا بامقصد ۽ فڪرانگيز نه هجي. سنڌي ٻوليءَ جي غير افسانوي ۽ سنجيده ادب ۾ جويي صاحب جو وڏو مقام آهي، ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ جويي صاحب جا چند اُهي مهاڳ شامل آهن، جيڪي هُن پنهنجن اصلوڪن ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن تي لکيا هئا. هِن ٻئي ڀاڱي ۾، پهرئين اسم طور، جيڪو ليک ڏنو ويو آهي، اُهو جويي صاحب جي مشهور ۽ هڪ تاريخي قومي دستاويز جي صورت اختيار ڪري ويل ڪتاب ”سنڌ بچايو، کنڊ (save sindh, save the continent) بچايو“، جو مهاڳ آهي. جيڪو اصل انگريزيءَ ۾ لکيل آهي، پر هتي ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڏنو ويو آهي. هوئين ته جويي صاحب جو اُهو مٿي ذڪر ڪيل سڄو ڪتاب بار بار پڙهڻ ۽ سمجهڻ جهڙو آهي، پر هيءُ ليک، جيڪو اُن جو مهاڳ آهي سڄي ڪتاب جي روح جو ترجمان آهي. جويو صاحب هڪ وطن دوست ۽ قومي سوچ رکندڙ ترقي پسند دانشور آهي، اُن ڪري هن وٽ قوم، قوميت، قومي جدوجهد ۽ قومي سماج جي اڏاوت جو تصور خالص سائنسي، انسان دوست، عوام دوست ۽ ترقي پسند آهي. هيءُ مختصر ليک اُن تصور جو نچوڙ آهي. هونئن اُن جو هڪ خاص تاريخي ۽ فڪرياتي پس منظر به آهي. هي ڪتاب ورهاڳي کان چند مهينا اڳ، جون1947ع ۾ شايع ڪيو ويو هو ۽ بعد ۾ اهو دور سنڌ سميت سموري ننڍي کنڊ لاءِ اهم ترين ۽ عجيب دور هو. جيتوڻيڪ هوئين ته مذهبي ۽ نظرياتي فرقه پرستي هندستان ۾ صدين کان رهي هئي، پر اُن دور جي مخصوص حالتن ۾ اُن سوچ ۽ روش خاص طور کنيو. نه رڳو مجموعي طور هندستاني سماجُ مٿينءَ سطح تي ان جو شڪار ٿيو پر هيٺينءَ سطح تي به اُن جو هر عوامُ ان رجهان جو شڪار ٿيو. اهڙن دورن ۾ نه رڳو قومون ۽ سماج بي راه رويءَ جو شڪار ٿيندا آهن پر قوم پرستيءَ توڙي فرقه پرستيءَ جي جنون ۾ فاشسٽ سوچ ۽ روين جي ڌٻڻ ۾ وڃي ڦاسنديون آهن. جويي صاحب جو اُهو سڄو ڪتاب ۽ خاص طور ان جو هي مهاڳ ان حوالي سان باشعور عوام جي رهبريءَ جو هڪ رهنما دستاويز آهي، جنهن ۾ نهايت سادگيءَ سان هڪ عالمگير اصول کي واضع ڪيو ويو آهي. جويو صاحب لکي ٿو:
”.....انهيءَ ڪري اِها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته هرڀائيچاري جي قيام لاءِ، سڀ کان اڳ، ڀائيچاري ۾ شامل اڪائين جي وچ ۾ آزادگيءَ ۽ برابريءَ جي درجي جي صورت جو هجڻ لازم آهي. اِهائي صورت فردن جي وچ ۾ قوم طور اندوروني ڀائيچاري لاءِ به اوتري ضروري آهي، جيتري قومن جي وچ ۾ بين القوامي ڀائيچاري يا ڀائيچارن لاءِ، ۽ پڻ وسيع تر سڄي نوع انسانيءَ جي هڪ انساني ڀائيچاري لاءِ_ ۽ اهڙائي ڀائيچارا، جيڪي پنهنجي عزت ۽ سلامتيءَ جا ۽ پڻ ٻين پاڻ جهڙن قومي، بين القوامي ۽ انساني ڀائيچارن جي عزت ۽ سلامتيءَ جا پاسدار آهن ۽ اندروني طور پاڻ وٽ برابريءَ ۽ آزادگيءَ جي فضا قائم رکن ٿا ۽ بامروت ۽ پرامن بين القوامي ۽ انساني ڀائيچاري جي تعمير جا شيدائي ۽ ان لاءِ تيار آهن، اُهي ئي هندستان جي وسيع برصغير جي قومن جي نجات جا ۽ پڻ عمومي طور سڄيءَ دنيا جي قومن جي خير ۽ بهتريءَ جي ضمانت جا حامل ٿي سگهن ٿا.“
جيتوڻيڪ ڪتاب جي هن ڀاڱي ۾ شامل مهاڳَ مختلف ۽ نهايت بنيادي موضوعن ۽ شعبن متعلق آهن، ان ڪري جيڪڏهن انهن شعبن يا موضوعن جي تفصيل ۾ وڃبو ته ڳالهه گهڻي طويل ٿي ويندي، جا ”مهاڳن“ جي هن مهاڳ جي دائري کان ڏور نڪري ويندي، پر تنهن هوندي به ڪجهه ضروري ڳالهين جو ذڪر مناسب ۽ لاڀائتو ٿيندو. جويو صاحب ڇاڪاڻ ته پنهنجي پيشي توڙي ذهني رجحانن سبب سڄي ڄمار هڪ استاد رهيو آهي، ان ڪري تعليم هن جو سدائين خاص موضوع رهي آهي. تعليم بابت هن جو تصور تخليقي، سائنسي، انقلابي ۽ عوام دوست رهيو آهي. هن ڪتاب ۾ به ٽي مهاڳ تعليم جي موضوع سان لاڳاپيل آهن. ارڙهين صديءَ جي جڳ مشهور مفڪر ۽ اديب جين جئڪس رُوسو جي تعليم بابت لکيل ڪلاسڪ ”ايميلي عرف تعليم“، جنهن جو جويي صاحب سنڌيءَ ۾ اختصار پيش ڪيو هو. اُن جو مهاڳ، توڙي ٻه هزار اڳ جي يوناني ڏاهي پليوٽارچ جي ”ٻارن جي تعليم“ بابت لکيل مقالي، جيڪو صاحب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، اُن جو مهاڳ سندس تعليم جي انهيءَ تصور جي عڪاسي ڪن ٿا. ساڳئي وقت پائلوفراري جي ڪتاب، جنهن جو جويي صاحب سنڌيءَ ۾ ترجمو ”علم تدريس مظلومن لاءِ“ جي نالي سان ڪيو هو، جو مهاڳ به پڙهڻ وٽان آهي. تعليم جي موضوع سان لاڳاپيل اِنهن سمورن مهاڳن جو تَتُ اهوئي آهي ته تعليم انسان ۽ انساني سماج جي اڏاوت، واڌاري ۽ سُڌاري جو اهم ترين ذريعو آهي، انهيءِ ڪري لازمي آهي ته اُها پنهنجي مزاج ۽ جوهر ۾ سائنسي، تخليقي ۽ گهڻائيءَ جي مفادن جي علمبردار هجي. تعليم ۽ سچي تعليم اُهائي آهي جيڪا هڪ فرد کان وٺي سڄي سماج کي فطرت، زندگيءَ، ڪائنات توڙي سماج بابت سائنسي ۽ حقيقي مادي شعور ڏئي، سندن تخليقي تعمير ڪري، منجهن چڱي ۽ مَٺي جي تميز پيدا ڪري، ظلم ۽ ڪوڙ لاءِ حقارت جو احساس جاڳائي ۽ سچائيءَ توڙي حق جي واٽ لاءِ اُتساهه ڏياري.
جويو صاحب نه رڳو سدائين سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمن جي اهميت تي زور ڏيندو رهيو آهي پر هو پاڻ به دنيا جي مختلف ٻولين جي بهترين ڪتابن جا سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ترجما ڪندو رهيو آهي_ پنهنجي ڪتاب ”فڪر جي آزادي“ جي مهاڳ ۾، خود ترجمي بابت هو لکي ٿو:
”.....ترجمي جي افاديت جي سلسلي ۾ هيءُ پڌرو دليل به پيش ڪري سگهجي ٿو ته انساني فڪر جي واڌ ۽ پکيڙ دنيا ۾ جيتري ترجمن وسيلي ٿي آهي، ۽ ٿي رهي آهي، اهڙي ڪنهن به ٻئي ذريعي سان ٿي نه سگهي آهي. هندستان ۽ يونان جي ادب ۽ علم جو عربيءَ ۾ نقل، ۽ يورپ جي ٻولين جي علمي ۽ ادبي ذخيري جو دنيا جي ٻولين ۾ منتقل ٿيڻ جديد مهذب دنيا جي ڄاڻ جون اِهي زوردار ٻه ڌارائون ئي اُن جو مهذب بنجڻ ۽ محذب هجڻ جو مکيه سبب آهن. اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي ته عالمي ادب ۽ فڪر جي اُتاري جي جيڪڏهن سڀ کان وڌ نه ته به لازمي طور وڌ ۾ وڌ ضرورت آهي.“
جويي صاحب هونئين ته زندگيءَ ۾ انيڪ موضوعن تي دنيا جا نهترين ۽ شاهڪار ڪتاب، مقالا، مضمون ۽ شعر ترجمو پئي ڪيا آهن، پر هتي مان اُنهن ٽن مختصر مهاڳن جو خاص ذڪر ڪرڻ چاهيندس، جيڪي هن انهن موضوعن تي ترجمو ڪيل پنهنجي ڪتابن تي لکيا هئا. انهن ۾ به ٽي مهاڳ يا موضوع بنيادي اهميت رکن ٿا. انهن ۾ پهريون آهي، هاورڊ موئر جي ڪتاب ”savage survivals“ جي سنڌي ترجمي جو مهاڳ فزيڪل ائنٿروپالاجيءَ (physical Anthropology) جي موضوع تي لکيل هِن زبردست ڪتاب جي اصلوڪي اشاعت جي پيش لفظ لکندڙ، آدم گووانس وائيٽ ان کي ”اخلاقيات جو انجيل“ سڏيو آهي. هن ڪتاب کان اڳ ان موضوع تي مون کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ان معيار جو ڪو ڪتاب نه ٿو سجهي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ جويي صاحب نهايت آسان ۽ صاف انداز ۾ سڄي ڪتاب جو فڪر مختصر لفظن ۾ هيئن بيان ڪيو آهي:
”هن ڪتاب جو ’اخلاقيات‘ متعلق موقف هيءُ آهي ته چڱائيءَ ۽ برائيءَ جو خيال يا تميز انسان جي سماجي وصف آهي. سماج کان ٻاهر اڪيلي انسانَ ۽ هن جي ان سماجي وصف يعني هن جي چڱي يا بُري هجڻ جو تصور ناممڪن آهي. انسان، جي چڱو آهي ته ٻين لاءِ چڱو آهي؛ هن جي چڱائي، جا فقط سندس پنهنجي ذات تائين محدود هجي، چڱائي نه آهي_ اُها هُن جي حيواني وصف ته ٿي سگهي ٿي، ڇو ته حيوان ئي فقط پنهنجي لاءِ جيئي ٿو. سماج ۾ رهندڙ انسان جي چڱائي هيءَ آهي ته هو ٻين لاءِ جيئي ۽ پوءِ ئي ٻيا هن لاءِ جيئندا. انسان جي سماجي حيثيت جي تقاضا، بلڪ ان جو لازمي شرط ئي اهو آهي ته جيترو ڪو انسان ٻين جي ڀلائيءَ ۽ سُکَ ۾ پنهنجي ڀلائي ۽ سک ڏسندو، اوترو هو وڌيڪ چڱو ليکبو. اِنهيءَ ڪري انسانُ، جي سماجي طور چڱو ٿو ٿئي ته درحقيقت ان ۾ هن جو پنهنجو ئي فائدو آهي، انسان کي انهيءَ معنيٰ ۾ چڱي بنائڻ ۽ چڱي رکڻ جي ذميواري سماج تي آهي، ۽ سماج انهيءَ ذميواريءَ جي پوري ڪرڻ ۾ شروع کان رُڌل رهيو آهي ۽ ان ڪوشش ۾ هو انسان کي، هن جي حيواني اوصافن کان آجو ڪندو، جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ چڱو انسان بنائيندو آيو آهي. سماجي حيثيت ۾ انسان جي وڌيڪ بهتر انسان بنجڻ جي انتها تصور ۾ ته اچي سگهي ٿي، پر ان سفر جي راهه ۾ هر قدم ڏاڍي مشڪل سان کڄي ٿو، ڇو ته ان لاءِ انسان جي اصلوڪن حيواني اوصافن کي، جن جا ڪيترائي زوردار نشان هُن ۾ اڃا موجود آهن، پنهنجي وس ۽ ضابطي ۾ آڻڻ ۽ سماجي نقطي نگاهه کان چڱي رستي سان لائڻ لاءِ، انسان کي پنهنجي سِر توڙي سڄي هُن جي سماج کي مجموعي طور وڏيءَ ڪشمڪش ۽ وڏي جدوجهد کان ڪم وٺڻو پوي ٿو. پر انسان پنهنجي انساني حيثيت ۾ بهتر کان بهتر ٿيندو آيو آهي ۽ بهتر کان بهتر ٿيڻ ڏانهن مائل آهي، ۽ بهتر کان بهتر ٿيندو رهندو، اِن ۾ ڪنهن به نراسائيءَ جي يا ڪنهن به شڪ جي گنجائش ڪانه آهي.“
ٻيو موضوع جنهن بابت هن ڪتاب ۾ هڪ ليک شامل آهي، دراصل ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“ نالي هڪ ڪتاب جي ترجمي جي مهاڳ طور لکيو ويو هو. فلسفو ۽ اُهو به سائنسي، فطري فلسفو دنيا جو عظيم ترين علم ۽ ڏاهپ جو سرچشمو آهي، اسان جي ٻوليءَ توڙي ادب ۾ هوئين ئي فلسفي جي موضوع تي اصلوڪا توڙي معياري ڪتابن جا ترجما نه هئڻ جي برابر آهن، پر ان ۾ به خاص فڪري، سائنسي فلسفي، جنهن کي ”جدلي ۽ تاريخي ماديت“ سڏجي ٿو، جي موضوع تي ته ڪتاب بنهه اڻ لڀ آهن. مان ڀايان ٿو ته هي سنڌي ٻوليءَ ۾ ان موضوع تي پهريون ڪتاب هو. البت ان کان پوءِ ڊاڪٽر سڪندر مغل ”ڏاهپ جو اڀياس“ ۽ رشيد ڀٽيءَ ”سچ جو فلسفو“ جي عنوانن سان اصلوڪا ڪتاب لکيا. هن ڪتاب ۾ شامل ان جي مهاڳ ۾ به جويي صاحب هميشه جيان هڪ تخليقي استاد وانگر ان ڳوڙهي موضوع جو تَتُ آسان فهم سنڌي ٻوليءَ ۾ سمجهائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي.
ٽيون اهم ترين موضوع، جنهن بابت ليک هن ڪتاب ۾ شامل آهي، اُهو آهي ”فرينچ انقلاب.“ اِهوئي دراصل جويي صاحب جي ترجمو ڪيل ڪتاب جو موضوع ۽ عنوان به آهي، جنهن جي مهاڳ کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ارڙهينءَ صديءَ جو فرينچ انقلاب جديد عالمي انساني تاريخ جو تمام وڏو ۽ تاريخ کي ڇال ڏياريندڙ واقعو آهي، ۽ اِهو فقط واقعو ئي نه پر ٻن نظامن جي هڪٻئي سان ڇڪتاڻ ۽ پس و پيش، ويڙهه ۽ تبديل جو هڪ ڀرپور تارريخي لقاءُ به آهي. ٻين بنيادي موضوعن جيان ان حوالي سان به سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪو گهڻو مواد موجود نه آهي. جيئن مون هن مهاڳ جي شروعات ۾ لکيو آهي ته جويو صاحب هڪ آدرشي اديب آهي، جنهن سدائين وڏن محرڪن لاءِ قلم کنيو آهي، فرينچ انقلاب جي موضوع تي هڪ وڏو ڪتاب ترجمو ڪرڻ پٺيان به سندس اهڙي ئي سوچ هئي، جنهن جو اندازو سندس هنن لفظن مان ٿئي ٿو:
”بنيادي ڳالهه آهي ته ڌرتيءَ تي اڄ جي دنيا ۾ جن ماڻهن جو اڳرو قدم آهي، يعني يورپ جون قومون ۽ ٻيا جيڪي به ننڍا وڏا ملڪ انهن سان برادريءَ ۾ اڳتي وڌندڙ آهن، اُنهن سڀني گذريل ڏهاڪو صدين ۾ جن تبديلين جو پاڻ وٽ سُواگت ڪيو آهي_ بيداريءَ، احتجاج، روشنيءَ ۾ جمهوري عمل وسيلي_ ڇا، اُهي تبديليون، اُهي فڪر ۽ عمل جا وسيلا اسان لاءِ ڪا معنيٰ ڪانه ٿا رکن؟ ڇا، اُهي اسان لاءِ به اوترائي بلڪ ان کان به وڌ ضروري نه آهن؟ ڇو نه اسين به بيدار ٿيون؟ ڇونه اسين به احتجاج ڪريون؟ ڇونه اسين به پست خياليءَ جي تاريڪيءَ مان نڪري بلند خياليءَ جي روشنيءَ ۾ گذرايون ۽ اڳتي وڌون؟ ڇو اسين اِهي ڏهاڪو صديون نارَ م وهندڙ ڍڳن جيان، اجتماعي طور خصوصاً، آزاد سوچ ۽ فيصلي کان محروم ۽ تبديليءَ جي عمل کان محفوظ رهيا آهيون؟ ڇو اسين فڪر ۽ عمل ۾ کوپن سان اکيون ٻڌل، هڪ ئي پِڙ ۾ ڦرندا ۽ ڀنواٽيون کائيندا رهيا آهيون؟ ڪنهن اسان کي ايتريون صديون ’واڳ ڌڻيءَ وس آءُ ڪا پاڻ وهيڻي!‘ جي ذهني اَوائپ ۾ بند رکيو آهي؟ انهيءَ هڪ سوال جو جواب ئي آهي، جو اسان کي فرينچ انقلاب جي هن داستان جي هڪ هڪ سِٽَ، هڪ هڪ واقعي ۽ هڪ هڪ ڪردار ۾ موجود ملندو. فرينچ عوام کي به سڀ کان اول ان سوال جي جواب جي تلاش هئي ۽ ان کان پوءِ ئي هو پنهنجي تقدير جا ڌڻي بڻجي اُٿيا هئا ۽ هيءَ ڌرتي ۽ هو آسمان جيڪي سندن اميرن ۽ سندن پادري حضرات جي هٿ ۾ هئا_ ڇو ته حڪڪومت ۽ مذهب ٻئي سندن ظالم ۽ اڏول محلن جا محافظ بنيل هئا_ فرينچ عوام، اڳتي وڌي، اُنهن کان اُهي کسي، پنهنجي هٿ وس ڪيا هئا. ائين هُنن پنهنجا جسم ۽ پنهنجا روح ٻيئي انهن پنهنجن ’ماس خور‘ ۽ ’رت پياڪ‘ دشمن کان هڪ ئي وار ۾ هميشه لاءِ کسي، آزاد ڪري ورتا هئا. ڇا، اُهي جن جي پيرن هيٺان زمين نڪتل هجي ۽ جي آسمان جي سايي کان محروم هجن، اُنهن جي آڏو جيئن لاءِ ٻيو ڪو رستو به سواءِ هڪ رستي جي، ته جن سندن جيئڻ ائين حرام ٿي ڪيو، انهن کان هو بغاوت ڪن ۽ آزاد جيئڻ جي حق ۽ فرض ادائيءَ لاءِ سِرَ تِريءَ تي رکي، ميدان تي نڪري اچن؟
’هيءَ ڪنڌ_ ڪڪوريل آزادي،
ماڻهوءَ ۾ موريل آزادي،
ٿي پرکي پاڻ_ وَهيڻن کي،
جا هانءُ ڏئي ٿي هيڻن کي.
(اياز)“
آخر ۾ رسمي طور نه پر دل سان جويي صاحب کان معذرت: جو کين منهنجين ذاتي ۽ پيشه ورانه مصروفيتن توڙي ڪنهن قدر ڪاهليءَ سبب هن مهاڳ لاءِ چڱو وقت انتظار ڪرڻو پيو. آءُ جويي صاحب جي لکڻين کي پڙهندو آهيان. ٿي سگهي ٿو ته منهنجي هِن مهاڳ جي لکجڻ ۾ غير ضروري دير جو هڪ سبب اِهو اخلاقي دٻاءُ به هجي ته جويي صاحب جهڙي ماڻهوءَ جي ڪتاب تي ٻه اکر لکجن ته پوريءَ سنجيدگيءَ سان لکجن. آءُ ته هميشه جيان اهوئي چوندس ته جويي صاحب جو رڳو هيءُ ڪتاب ئي نه پر هن جو لکيل/ترجمو ڪيل هر جملو توڙي ڪتابُ پڙهڻ، پروڙڻ، سمجھڻ ۽ ٻين تائين منتقل ڪرڻ جهڙو آهي.
ساٿ سلامت.
جامي چانڊيو
انچارج ايڊيٽر، روزانه ”عبرت“
گاڏي کاتو
حيدرآباد
تاريخ: 15_جنوري 2000ع


·


جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي
1955ع جي شروعات ۾، سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾، سنڌي اديب دوستن کي خط لکيم، جن ۾ کين گذارش ڪيم ته وقت بوقت علمي ۽ ادبي نوع جا خط اسان ڏانهن لکي موڪلين، جيئن اُهي ”مهراڻ“ ۾، ان خاص عنوان هيٺ، شايع ڪري سگهجن، ۽ ”مهراڻ“ ۾ اهو هڪ مستقل ۽ خصوصي عنوان قائم ٿي وڃي. منهنجي عزيز دوست ’اياز‘ کي چڱي من ۾ پيئي ۽ هڪڙو نهايت پيارو خط لکي موڪليائين، جو هن مجموعي جي صفحي 133 تي ڏنل آهي. ان هڪڙي خط کي ڪافي نه سمجهي، کائنس اهڙن ٻين خطن جي گهر ڪيم، ۽ اهو سلسلو ائين شروع ٿيو، ۽ اياز جا پهريان پنج خط ”مهراڻ، 1955ع جي ’اونهاري‘ واري پرچي ۾ ”اسان جي شاعر جا خط“ عنوان هيٺ پيش ڪيا ويا، جنهن مان پهرئين خط کان علاوه چار خط پڻ هن مجموعي ۾ (صفحي 134، 136، 138 ۽ 142 تي) شامل ڪيا ويا آهن. ان کان پوءِ، اياز جا ٽي خط ”ادب لطيف“ جي عنوان هيٺ ”مهراڻ“ 1955ع جي ’سرءُ‘ واري پرچي ۾ پيش ڪيا ويا، جي پڻ هن مجموعي جي صفحي 145، 149 ۽ 152 تي موجود آهن.
اهڙيءَ ريت، سواءِ هڪ خط جي، جو هتي صفحي 132 تي آندل آهي، هن ڪتاب جا باقي 21 خط پهريائين ”مهراڻ“ ۾ ئي شايع ٿيا: انهيءَ لحاظ کان، اياز جو هيءُ ڪتاب، گويا ”مهراڻ“ جي ئي ’دين‘ آهي.
اياز جي پهرين پنجن خطن شايع ٿيڻ تي، ڪن سنڌي ادبي حلقن ۾ ۾ عجيب تاءُ پيدا ٿيو، جو تپي تپي، ڪافي دير کان پوءِ ڪجه قدر وڃي ماٺو ٿيو. ڪن خاص اخبارن ۾، ادبي تنقيد جي نالي ۾، ادارين ۽ مضمونن جا لاڳيتا ۽ ڊگها سلسلا شايع ٿيا، جن ۾ ادب گهٽ ويڻ وڌيڪ ۽ تنقيد بدران تهمت بازي زيادهه هئي. ڪن صاحبن ته ”اسان جي شاعر جا خط“ عنوان مان، لفطن جي آڙ وٺي، اها به تهمت گهڙي ورتي ته ”مهراڻ“ وارا رڳو اياز کي ئي ”اسان جو شاعر“ سمجهن ٿا ۽ ٻئي ڪنهن کي شاعر تسليم ئي نٿا ڪن. ”مهراڻ“ ۾ ٻين شاعرن جو شعر به پيش ٿيندو رهيو، پيش ٿيندو ٿو رهي، ۽ ان ۾ ٻين شاعرن ۽ نثر نويسن جا ادبي خط به شايع ٿيندا رهيا، ۽ شايع ٿيندا ٿا رهن. پر اها ڳالهه ويچار ۾ ڪانه آندي ويئي، ۽ اهي قلم ۽ قرطاس جا صاحب اياز جي خلاف، ”مهراڻ“ جي خلاف، ۽ هر انهيءَ ڳالهه جي خلاف، جنهن کي هنن نه سڃاتو ۽ نه سَٺو. پنهنجي تحرير بازيءَ جا جولان ڏيکاريندا ئي رهيا. سهپ جو مادو ۽ سڃاڻپ جي صلاحيت، جيئن زندگيءَ جي ٻين ڳالهين ۾ تيئن ادبي سرچاءَ لاءِ پڻ بنيادي ضرورت جو درجو رکي ٿي. خوددار ۽ صاحب ڪمال شخصن ۾، خود پسنديءَ جي جيڪي سو زياده هجڻ سبب، اڪثر هيءُ سهپ جو مادو ۽ سڃاڻپ جي صلاحيت قدري گهٽ ٿئي ٿي. حساس دليون هڪ ڀيرو بگڙي بيهن، ته انهن جي وري ريجهڻ ۽ سرچڻ لاءِ وقت گهرجي. بهرحال، ورهاڳي واري سال 1947ع کان پوءِ خاص طرح، سنڌ جي ادبي دنيا ۾، جيڪا چؤپاسِي ماٺ پئجي ويئي هئي، تنهن ۾ اياز جي شعر ۽ اياز جي نثر جي طفيل هڪ ڀيرو وري هلچل پيدا ٿي، ۽ سنڌي ادب، جيڪو پنهنجي بي مثل ڪلاسيڪي شاعرن ۽ نثر نويسن جي گود ۾ ننڊ مان اکيون کولي، هيڏانهن هوڏانهن ڏسي، آرس ڀڃي، وري پرڀات جي مٺيءَ هير تي ٻيهر سمهي رهيو هو، تنهن اياز جي ان آواز تي پاسو ورايو ۽ پنهنجي آئينده لافاني زندگيءَ جي پهرئين صبح صادق جو سلام ڪيو. سنڌي ادب، جنهن هن پنهنجي آئينده لافاني زندگيءَ ۾ هاڻي پير رکيو آهي، اياز ان جي هن صبح صادق جو پهريون نديم ۽ پهريون پورهيت آهي.
اياز جڏهن پنهنجي هن ڪتاب جي مهاڳ لکڻ لاءِ مون کي چيو، تڏهن سچ پچ ته آءُ منجهي پيس ته ڇا لکجي ۽ ڪيئن لکجي. اياز ۽ سندس ادب تي گذريل ڏهن پندرهن سالن ۾ ايترو ڪجھ لکيو ويو آهي، ۽ اڪثر مخالفت ۾ لکيو ويو آهي، جو محض رسمي تعارف طور مٿس يا سندس ادب تي ڪجھ سٽون لکي ڇڏڻ ڪا معنيٰ ڪانه ٿيون رکن، ۽ جيڪي ڪجھ واقعي لکڻ گهرجي، تنهن جي لکڻ جي، سندس ئي ڪتاب جي مهاڳ طور، منهنجي خيال ۾ گنجائش به ڪانهي_ خاص طور هن حالت ۾، جڏهن مون کي اها به خبر آهي ته اهو ڪتاب، جيڪو سچ پچ پڙهڻ لائق آهي ۽ پڙهندڙ لاءِ ان ۾ اجھل ڪشش موجود آهي، تنهن جي مهاڳ کي پڙهڻ جي تڪليف ڪو وٺي به ڪونه ٿو، ۽ ڪنهن کي وٺڻ به نه گهرجي.
اياز جي هِن ڪتاب ۾ سندس 22 خط ۽ سندس نوٽبڪ جا ڪجھ ورق آندل آهن، جن ۾ سندس شاعرانه ٻولي به آهي ۽ سندس انوکا ۽ تازهه دم فڪري نڪتا به موجود آهن. خطن جي ترتيب تاريخ وار فقط ايتري قدر آهي، جو هڪ ئي قسم جي ذهني ڪيفيت وارن خطن کي هڪ هنڌ تاريخن بٽاندر پيش ڪيو ويو آهي. مثلاً، پهريان ٻه خط (ص 1_25) سنڌ جي لافاني عظمت کان متاثر ٿي، ۽ سنڌي عوام سان دلي وابستگيءَ جي جذبي هيٺ، لکيا ويا آهن. انهن کان پوءِ ڇهه خط (ص 26_ 63) ٽيڪسلا، ڪوهه مريءَ ۽ ڀوربن مان، ٽيڪسلا جي قدامت ۽ بي مثل فن کان متاثر ٿي ۽ ان جي پس منظر ۾، اردو، پنجابي ۽ بنگالي ادب متعلق ۽ ملڪ جي عام انسانن جي دک ڀريءَ زندگيءَ جي مشاهدي جيڪا سندس حساس روح کي اذيت رسائي آهي، تنهن بابت لکيل آهن. ۽ اهڙيءَ ريت ص 64 کان ص 104 تائين چار خط، ص 105 کان ص 122 تائين هڪ خط مشرقي بنگال جي سندربن مان لکيل، ۽ ص 133 کان ص 152 تائين سڀ کان اول لکيل اٺ خطَ سندس جدا جدا روماني ڪيفيت جي عڪاسي ڪن ٿا. هڪڙي خط ۾ جيڪو ص 123 کان 132 تائين آيل آهي، اياز پنهنجي ننڍپڻ جا واقعا ۽ مٺيون مٺيون ۽ ڪڙيون ڪڙيون چند ياد گيريون بيان ڪيون آهن. ڪتاب جي ص 155 کان ص 183 تائين اياز جي نوٽبڪ مان جَسته جَسته ڪي اقتباس پيش ڪيل آهن.
سنڌي ادب ۾ هيءُ ڪتاب پنهنجي نوع جو پهريون ڪتاب آهي. ادبي خط ادب جي هڪ اهڙي پياري صنف آهي، جنهن جي نثر ۾ شعر، شعر ۾ پنهنجائپ ۽ پنهنجائپ ۾ دل جي گهراين جي اپٽار ملي سگهي ٿي_ بشرطيڪه لکندڙ دلي اخلاص، خالص جذبي، نئين نگاهه ۽ سجاڳ دل جو صاحب هجي. جڳ مشهور فرانسيسي مصور پال گاگن ‎(1848_ 1903) جنهن جي زندگي ايڏي ته شديد غربت ۾ گذري، جو هڪ هنڌ پنهنجي وڇڙيل زال کي پنهنجي ۽ پنهنجي معصوم پت ’ڪلووس‘ متعلق لکندي چوي ٿو، ”ڪلووس جي ڳڻتي نه ڪج. هن جي عمر جا ٻار دک ڪونه سڃاڻن، بشرطيڪ کين ٿوري پيار ڪرڻ وارو ڪو هجي. باقي کاڌي جي ڳالهه، سو اها ڪا مشڪل ڳالهه ڪانهي: کائيندي، چڱو چڱو گرنهه آءُ هن لاءِ ئي ڇڏي ڏيندو آهيان..... آءُ ڪاٺ جي تختي تي پنهنجي سفر جي کَٿي ۾ ويڙهيو ليٽيو پيو آهيان. ڏينهن جا ڏک ۽ رات جو اوجاڳو ٻيئي هڪٻئي کي برابر توريو بيٺا آهن..... منهنجي کيسي ۾ ويهه پئسا هئا، ۽ ٽن ڏينهن کان اسان اوڌر تي سڪل روٽي پئي کاڌي آهي“:_ جنهن جي مرڻ کان پوءِسندس تخليق ڪيل هڪ هڪ تصوير هزارن کان لکن رپين ۾ وڪاڻي:_ فرانس جو هيءُ عظيم مصور پال گاگن پنهنجي هڪ دوست ڏانهن اُن پنهنجي شديد غربت جي حالت ۾ پنهنجي تازي تخليق ڪيل تصوير بابت لکندي، هڪڙي خط ۾ چوي ٿو: ”ماڻهوءَ جي هٿن جي حاصلات ئي ان ماڻهوءَ جي تشريح آهي“، اياز جو هيءُ ڪتاب اياز جي ”هٿن جي حاصلات“ آهي. اياز جي تشريح اياز جا هي خط آهن.
_محمد ابراهيم جويو
حيدرآباد
25_ ڊسمبر 1963ع


جل جل مشعل جل جل!
..... جنهن شعر کي شاعر هيئن چئي پيش ڪري رهيو هجي ته:
گوريءَ گجري پير ۾، چوريءَ ڪيئن اچي؟
گهر گهر گهنگرو گونجندا، ميڙو ڀل ته مچي!
_ ان جي پيشبنديءَ طور، آءُ سمجھان ٿو ته وڌيڪ ڪنهن فوري ڳالهه جي چوڻ جي گنجائش ڪانهي. بهرحال، هڪ ته شاعر جي مرضي اِها آهي، ۽ ٻيو ته سنڌي ادب جي هِن نئين انقلاب آفرين قدم ۾ پڻ ڀاڱي ڀائيوار هجڻ جو شرف حاصل هجيم، تنهنڪري هن موقعي تي، هڪ ڀيرو وري به، هيءُ پاڻ اڳي ڪرڻ جي جرئت ڪري رهيو آهيان. سچ پچ ته اياز جي هن تازي شعر جي مهاڳ جا هي ٻه لفظ لکندي، جو فخر ۽ جا خوشي مون کي ٿئي ٿي، تنهن جو آءُ بيان نٿو ڪري سگهان.
اياز جي هِن ڪلام جي هڪ غزل جو شعر آهي ته:
ماڱرِ ساري ٽانگر_ واس، لوئِي ناهه مڇيءَ جي لِيءَ!
_مون کي پڪ آهي ته اسان جي ادب شناس پڙهندڙن کي اياز جي هيءَ شاعري اُنهيءَ معيار تي پوري نظر ايندي. اڄ روس جي انقلابي شاعر ماياڪووسڪيءَ وانگر، اياز جو ٻڌندڙ اياز جو عوام آهي. اياز جون علامتون به اُهي آهن جن سان هن جو عوام چڱيءَ طرح آشنا آهي. اُنهن علامتن وسيلي هُن قومي ۽ طبقاتي جدوجهد جو اظهار ڪيو آهي، جنهن جدوجهد ۾ سندس ٻڌندڙ سنڌ جو سمورو عوام اڄ مصروف آهي. اياز جي ٻولي به عوام جي ٻولي آهي. ۽ ان ٻوليءَ ۾ هن پنهنجي ماضيءَ جي روايت ۽ مستقبل جي تصور جو اظهار ڪيتريءَ بيساختگيءَ سان آندو آهي، تنهن جو اندازو سندس باذوق پڙهندڙ خود ڪري سگهن ٿا. اردوءَ جي عظيم شاعر فيض اهمد ”فيض“ جي شاعري عوام جي باري ۾ ته آهي، پر پوري جي پوري عوام لاءِ نه آهي. اها گهڻي قدر فقط وچئين ۽ مٿئين طبقي جي سمجھڻ جي آهي_ ڇو ته ان جون علامتون ۽ زبان عوامي نه آهن. انقلابي شاعريءَ لاءِ عوامي روايتن ۽ عوامي زبان سان رابطو ضروري آهي.
اياز جي شعر جي فني عظمت تي علمي طور ڪي ڄاڻو ئي لکي سگهن ٿا. عام طرح جڏهن ڪنهن شاعر جو شعر ٻڌبو يا پڙهبو آهي، تڏهن ان ۾ ڪٿي ڪو لفظ يا ڪو اکر گهٽ_ وڌ يا آجوڳي انداز ۾ آيل هوندو آهي، ته هڪدم اهو ذهن ۾ کٽڪندو آهي. شعر ۽ موسيقيءَ جو هرِيل ڪَن، آواز توڙي لفظن جي تار مڪانَ، نئي ۽ ترنم ئي ايڏو ته ٺهي وڃي ٿو، جو انهن جو اهڙو جهڙو ڪو سقم شايد ئي اُن کان ڪڏهن بچي وڃي. آءُ سمجھان ٿو ته ڪَنَ جي اِها چُستي ۽ ٻُوجھ شعر ۽ راڳ جي هر پياسيءَ جي قسمت ۾ آيل آهي. _تنهنڪري ان کي ڪا خصوصي اهميت به ڪانه ٿي ڏجي. پر شعر ۽ راڳ مان پورو لطف حاصل ٿئي، ان لاءِ اهو ڪَن جو رس ضروري آهي ۽ ان لطف جي صحيح ۽ پيڙهائتي هجڻ جي يڪ ٽڪ ڪسوٽي پڻ اِهو ئي ڪن_رسُ آهي.
اياز جي شاعريءَ جي ترنم ۽ موسيقيءَ کان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ هروڀرو شعر جي فني مهارت جي ضرورت به ڪانهي، ڇو ته ان کي پڙهندي ۽ ٻڌندي، ازخود ان جي لئي ۽ ترنم کان ماڻهو متاثر ٿئي ٿو. اها فطري موسيقي اياز جي شعر ۾ ڪيئن ٿي پيدا ٿئي، ان تي ڪجھ ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. مثال طور اياز جي هِن نئين ڪلام جو هيءُ تعارفي بيت وري پڙهي ڏسو:
گوريءَ گجري پير ۾، چوريءَ ڪيئن اچي؟
گهر گهر گھنگھرو گونجندا، ميڙو ڀل ته مچي!
نانگي اڄ نچي، داتا تنهنجي دُوار تي.
پهرين ڳالهه اوهين ڏسندا ته هِن بيت جي پهرينءَ سِٽ جي پهرئين بند ۾ ”گوريءَ“ ۽ ٻئي بند ۾ ”چوريءَ“ لفظ هم قافيه آهن جيڪي سِٽ جي اندر ترنم پيدا ڪن ٿا. ٻيو ته پهرينءَ سٽ جي پهرين ٻن لفظن ’گوري‘ ۽ ’گجري‘ ۾ اکرن گ، ر ۽ ي جو تڪرار آهي. گ جو تڪرار پوئينءَ سٽ جي ’نانگي‘ لفظ ۾ به آهي. پهرينءَ سٽ ۾ ڀيرا گ ۽ ٻيءَ سٽ ۾ هڪ ڀيرو گ ۽ چار ڀيرا ’گهه‘ اکر پڙهڻ کان پوءِ، جنهن جو صوتي اثر لڳ ڀڳ ’گ‘ جهڙو ئي آهي، جڏهن اهو آواز تحت الشعور ۾ ويهي ٿو وڃي، ته پوئينءَ سٽ ۾ آيل ’گ‘ وري ان جي صوتي اثر (soud effect) کي اڀاري ٿو. ساڳيءَ ريت پهرينءَ سٽ جي لفظن ۾ چار ڀيرا ر، ٻيءَ سٽ ۾ ٽي ڀيرا ر ۽ هڪ ڀيرو ڙ (جنهن جو آواز به لڳ ڀڳ ساڳيو آهي) ۽ پوئينءَ سٽ ۾ هڪ ڀيرو ڪم آندل آهي. پوري بيت ۾ نَو ڀيرا اهو ر جو تڪرار ترنم پيدا ڪري ٿو. تجسس حرفيءَ لفظن جي پهرين اکرن جو تڪرار ڪافي نه آهي. لفظن جا وچان ۽ پويان هم آواز اکر شعر ۾ وڌيڪ ترنم پيدا ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح پهرينءَ سٽ ۾ ڇهه ڀيرا ي اکر آيل آهي ۽ ٻيءَ ۾ ٻه ڀيرا ۽ ٽينءَ ۾ چار ڀيرا. سڄي بيت ۾ نَو ڀيرا ن اکر اچي ٿو. ٽينءَ سٽ جي پوئين اڌ ۾ ٽي ڀيرا ت جو آواز موجود آهي. حرفن جي اها ۽ ايتري سڄي تنجيس شاعر طرفان ڪا شعوري ڪوشش نه آهي، ڇو ته ڪٿي به آواز جي تاثر لاءِ معنيٰ کي قربان نه ڪيو ويندو آهي_ اها شاعر جي سڄيءَ زندگيءَ جي رياض جو نتيجو معلوم ٿئي ٿي. جرمن شاعر Rilke يا انگريزيءَ جي شاعرن Dylon Thomas ۽ T.S.lliot جي ڪنهن ڪنهن سٽ ۾ جيڪڏهن اهڙي بيساخته Alliteration اچي ٿي، ته مغربي نقاد خوشيءَ ۾ ماپيا نٿا سمائجن. سنڌيءَ ۾ اها ڳالهه ڀٽائيءَ ۾ ڪيترن هنڌن تي نظر اچي ٿي، _۽ اياز ڀٽائيءَ کي پنهنجو ادبي مرشد ڪوٺيو آهي، اياز جي سڄي شعر ۾ حرفي تجنيس جي اِها يڪتائي نظر ايندي.
تنهن کان پوءِ اياز جي شعر جي هيءَ خصوصيت به پنهنجي جاءِ تي اڄ يڪتا آهي ته هن جي شعر ۾ (تقطيع وقت) ڪنهن به اکر کي حذف ڪرڻو نٿو پوي، _توڙي جو انهن کي شعري صنعت هيٺ حذف ڪرڻ جائز پڻ آهي. ڪم از ڪم مشرقي شاعريءَ ۾ اهڙو ڪو ورلي شاعر آهي، جنهن پنهنجي پوري ڪلام ۾ ڪيترائي اکر ائين حذف نه ڪيا هجن. اکر جي حذف ڪرڻ ڪري نه فقط شعر جي رواني گهٽجي ٿي، پر ڇاڪاڻ ته اُن کي صحيح پڙهڻ لاءِ شعر جي تقطيع وغيره جي آشنائي ضروري آهي، تنهنڪري عوام شعر کي ائين نٿو پڙهي سگهي، جيئن ان کي پڙهڻ گهرجي. اياز جي پهرئين شعري مجموعي ”ڀونر ڀري آڪاس“ ۾ ڪٿي ڪٿي اکر حذف ٿيل ڏسي سگهجن ٿا. پر ان کان پوءِ جي سندس ڪلام ۾ ڪٿي به اکر حذف نه ٿيو آهي.
اياز جي شاعري سنڌي ٻوليِءَ جو هڪ ڪرشمو آهي. ٻولين جا اهڙا ڪرشما جڳن کان پوءِ ظاهر ٿيندا آهن، ۽ جڏهن ٿيندا آهن، تڏهن اُهي، ٻولين سان گڏ، پنهنجي پنهنجي دور جي ڪايا پلٽ جا داعي ۽ اٽل سبب بنبا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي هن ڪرشمي پاڻ سان گڏ پنهنجي دور کي ٻيا شاعر ۽ اديب به ڏنا آهن. هن سرزمين تي انساني عظمت جي نئين انقلاب جي سج_ اُڀارَ جا اُهي به داعي آهن ۽ سڀ گڏجي ان جو سبب بنبا. اسان جي سنڌي شعر ۽ سنڌي ادب جو اڄ اِهوئي مقصد آهي: اسان جي هر مادياتي ۽ روحاني ڪاوش جو سماجي ڪارج پڻ اڄ اِهوئي آهي. اسان مان جيڪو به هن ڏس ۾ جيترو حصو وٺندو ۽ ان جي پورائيءَ جي جيتري ڪوشش ڪندو، اوترو هو پنهنجي همعصر نسل ۽ آئنده نسلن جو معمار ۽ محسن شمار ٿيندو، ۽ تاريخ ان جا اوترائي ڳڻ ڳائيندي_
مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي جڙندا ڪيئي جام،
نـــــوان نـــــوان متـــــــوالا ايندا هڻنـــــدا تن جي هــــام! (اياز)
اياز جو هيءُ نئون ڪلام پڙهندڙن جي اڳيان آهي_ اسان جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ آهي، ۽ اسان جي پنهنجي تقدير جو داستان آهي، ۽ اُن جي مُنهن تان نقاب هٽائي، اُن جي حسناڪي به اهو اسان کي ڏيکاري ٿو. ڪابه چڱي ڳالهه اهڙي ڪانهي. جنهن جو ڪو دشمن نه هجي. اڳي وانگر، هاڻي به پڪ آهي ته اياز جو هيءُ ڪلام ڪِن کي چيڙائيندو. پر حضرت سچل سرمست رحه جي چوڻ موجب:
سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي!
ڪوڙيءَ دوستيءَ جو دم، بڻي نه بڻي!
_سچ چوڻ وارا سچ چوندا رهندا، ۽ سختيون سهندا رهندا، ڇو ته هو ڄاڻن ٿا ته ڪوڙ ترار کان ايترو ڪونه ٿو ڊڄي جيترو قلم کان_ ۽ زبان قلم کان به طاقتور آهي: ۽ ڪوڙ ڪيرائڻو آهي، ته قلم ۽ زبان کي وارو وار هڻبو هلائبو ئي رهبو.
آگسٽ 1966ع ۾ اياز سان گڏ ٻه چار دوست ٿر گهمڻ ويا هئاسين. ڪجھ مينهن وسيا هئا، پر نه جهڙا. ٿر جي مارن کي پنهنجا پنهنجا رُڃائتا کيت کيڙيندي ۽ ’همرچا‘ ڳائيندي، ڏٺوسين ۽ ٻڌوسين. ٿر جي مورن جون رڙيون به ڪٿي ڪٿي ٻڌيونسين، جن مينهن کي پئي سڏ ڪيا، ۽ ٿر جي مارن جو اُڃايل دليون اُنهن کي ڪَنائي بهار بهار پئي ٿيون. ٿر پارڪر ۽ ڪارونجھر کان ٿي موٽياسين، ته لاڙ ۾ نَند جي ڦٽل ڪوٽ ۽ رڙيءَ جي ڀڙڀانگ ميدان کي ڏٺوسين، ۽ اُتان ڦِري مڪليءَ تي سنڌ جي عظمت کي پٿر تي اُڪريل ڏسي، تماچي تڙ_ ڄام جي ڪينجھر، جا هاڻي ڦري ’ڪلري‘· ٿي پيل آهي، تنهن جي ڪناري تي نماڻيءَ نوري جي پونيرن، گندَرَن غريبن، وٽ رات رهياسين. جن پنهنجي ڪسمپرسيءَ جا سڄي رات دل ڏاريندڙ داستان ٻڌايا؛ جتي وياسين اُتي مسڪين ۽ مظلوم ماڻهن پنهنجا اوراڻا اوريا ۽ اُهي اسان ڏينهن رات ۽ صبح شام ٻڌا. شاعر جي دل تي انهن جي ڳالهين ۽ ڳاراڻن جا ڪهڙا گهاوَ ٿيا، اُن جو اندازو اسان کي پوءِ ٿيو، جڏهن اياز جي ڳهيلي ڪَوتا، پنهنجا وار ڳُنڌي ۽ چري بنجي، ڀريل دل ۽ اڌميل آواز ۾ اسان جي اڳيان آڻي ۽ ٻئي مهيني جي رسالن ۾ هيءُ سندس پهريون غزل ڇپيو:
نه تڙ تي تماچي، نه گندريءَ گذارا!
آسارا آسارا، ڪِنجھر جا ڪنارا!
...........
اڃان رڃ مان رڙ اچي ٿي، اچي ٿي،
متان ايئن سمجھين، مئا مور سارا!
...........
اڙي هِي اُمارا! مئي ناهه مڪلي،
”اياز“ اڄ وتاسي، پٿر جا پنارا!
اياز جي شعر جي هيءَ موتين مُٺ، جا هتي ”جَل‘ جَل‘ مشعل، جَل‘ جَل‘“ جي نالي سان پيش ٿي رهي آهي، سا سرزمين سنڌ جي اِنهيءَ ٿر ۽ لاڙ جي ياترا کان پوءِ جي ميڙيل آهي، ادب شناس پڙهندڙن کي ان ۾ ٿر ۽ لاڙ جو وڙاءُ ۽ وَرن وڌيڪ ڏسڻ ۾ ايندو. ڏسجي ته پهڻ ۽ پارس جا پارکو هِن جو ڪهڙو ٿا مُلهه ڪٿين!
_محمد ابراهيم جويو، حيدرآباد، 2 مئي 1967ع.

«


هي گيت اُڃايل مورن جا
...ڏهه مهينا ٿيا ته ”جل جل مشعل جل جل!“ جا سدا ملوڪ ۽ روح ۾ اَمر جوت جاڳائيندڙ گيت شايع ٿيا. اُهو اپريل جو مهينو هو. ٻه مهينا پوءِ، اُن سَٿ مان رهجي ويل ٻه وايون_ ”پنهنجي رت ۾ ريٽو جھنڊو، اُڀ تائين جھوليندو،_ اهڙو ڏينهن به ايندو!، ۽ ”هَيءِ هَيءِ ڪونج نه مار،_ اڙي اَهيڙي!“ ۽ ٻه غزل_ ”وسڻو آهي، هانءُ نه لاهه،_ ڇورا، ٻج ٻه ٽي ڪي ڇٽ!“ ۽ ”ڪهڙيءَ کوههَ_ کنئيءَ جي لاءِ، تون هي ڪيرائين ٿو ڪوٽ؟، ”روح رهاڻ“ جي جولاءِ 1967ع واري پرچي ۾ شايع ٿيا. اُن کان پوءِ، ”اياز“ اسان کي ٽي ’لوڪ گيت‘ ”ڏيههُ نه اَيئي منهنجو ڏانءِ!“، ”انبڙيون ڳول نه ڇورا، ڏينهن تتي ۾!“ ۽ ”اوءِ ڪَجَري گُجر، پير هوريان ته ڌر!“ ۽ ٻه گيت_ هڪڙو ناچ ڌن تي رچيل، ”پريت پرينءَ جي پايل پايل، آيل آيل!_ گهايل گهايل_ منهنجا پير!“ ۽ ٻيو ”هيءُ ويچاري ڪير؟ پنهنجي! ڌاري! ڪير؟ هيءَ پاڻياري ڪير؟“ ۽ ٽي وايون_ ”لالي نيٺ ته لهڻي آهي!_ هَيءِ هَيءِ مينديءَ ٻوٽو ڙي!_ هاءِ جواني جھوٽو ڙي!“، ”منهنجي من ۾ ڪوئي سپنو تو کان سندر ڦول، موتيا!“ ۽ ”مانجھاندي جاماڳ سوين، پر منهنجو پنڌ پري!“ ۽ ٻه غزل_ ”ڪنهن ڪيئن چيو، ڪنهن ڪيئن چيو، پر وائي سڀ کي وات هئي!“ ۽ ”چارڻ سو جو چنگ سوا، لاهي سڀ لاڳاپا لڳ!“ ۽ ٻه نظم_ ”منهنجي ڪوتا جاپَ جُڳن جا،_ اڻ ڳاتل اَلاپ جُڳن جا“ ۽ ”تون مان دور نه آهيون پيارا!_ توکي مون کي روز ملائي، سنڌوءَ جو سپنو!“ ۽ آخر ۾ ٻه بنهه ننڊ مان جاڳائڻ ۽ هانوَ ۾ هُرڻ واريون لوليون_ ”شال دولهه ٿئين!_ شال دودو ٿئين_ شال سورهيه ٿئين! سنڌ تي سر ڏئين!_ لوليون! او ابا!_ لوليون!“ ۽ ”لولي لال! جيئين شال!_ جيئي سنڌ، تنهنجي سنڌ!_ جيئي جند، تنهنجي جند! لولي لال!“_ اِهي سڀ اُجرا اُجرا، املهه گيت اسان جي شاعر هِنن ڏهن مهين ۾ اسان کي ڏنا آهن. اڄ اسان جي سامهون اياز جا ”هي گيت اڃايل مورن جا“ موجود آهن. ڪل 47 گيت آهن. ۽ ڪيڏا نه مند ماس جا، رسيل ۽ رسيلا آهن هي سڀئي گيت! هيتري مختصر عرصي ۾ ڪو جوهري هيترا موتين جا ٿالهه ڀري آڻي اسان جي آڏو رکي، ۽ پوءِ اسان کان فقط انهن جي سڃاڻڻ ۽ سانڍڻ جو دام گهري_ ته اسين پاڻ کي ڪيترو نه خوش نصيب سمجھي سگهون ٿا.
اياز پنهنجي شاعريءَ متعلق لکندي·، پاڻ کي هڪڙي اهڙي موتين جي ميڙيندڙ ٽوٻي سان مشابهت ڏني آهي، ” جو جڏهن ٽٻي هڻي، مٺ ڀري، مٿاڇري تي ايندو آهي، تڏهن هن جون اکيون پاڻيءَ ۽ مٽيءَ سان ايترو ته لڙاٽيل هونديون آهن، جو هن کي ٻيءَ ٽٻيءَ لاءِ ڪافي ساهي پٽڻي پوندي آهي،“ پنهنجيءَ شاعريءَ کي هُن هڪ چڙهندڙ وير سان پڻ ڀيٽيو آهي*، جا جڏهن لهندي آهي ته پوئتان ”فقط سڪل ٺوٺ پهاڙيون ڇڏي ويندي آهي.“ شعر جي آمد، يا لفظي پيراهن ۾ اجھل ۽ اَمُل خيالن ۽ جذبن جي ٻڌجڻ، متعلق لکندي، شاعر جي ”تحت الشعور جي هيجان“ کي گهاٽن جھنگن ۾ شڪار ڪندڙ وحشي آفريڪين جي دهلن سان ڀيٽيو اٿس، جن جي ”هل هلاچي تي شڪار هيڏاهن هوڏاهن ڀڄي، آخر انهن جي ڄار ۾ اٽڪي ڦاسي ويندا آهن، ۽ پوءِ دهل جو آواز ڍرو ٿيندو ويندو آهي ۽ نيٺ ان جي جهيڻي جهانءِ پاتار ۾ پيهي ويندي آهي؛ ۽ جيستائين اهو شڪار ونڊيو ورهائبو نه آهي ۽ وري آهيڙين جا آنڊا بک ۾ وٽبا نه آهن، تيستائين اُهي دهل ٻڌڻ ۾ نه ايندا آهن.“ اياز هن سلسلي ۾ شاعر جي خودمحويت کي بت تراش جي جنون سان پڻ ڀيٽيو آهي*، جنهن جا هٿ ”ڇيڻيءَ تي زبرا ڌڪ هڻي، لهولهان ٿي پوندا آهن،_ ۽ وري پٿر ۾ پيهي، ٻيءَ مورتيءَ کي ڇڪي اچڻ لاءِ انهن چٿيل چچريل هٿن کي ڪجھ آرام جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي. ”ست سال اڳي پڻ هڪ خط ۾ اياز فنڪار جي تخليقي جذبي جي انهيءَ وِير ۽ آلڙ، هُل هلاچي ۽ ماٺ، پالوٽ ۽ ٺوٺ سو ڪهڙي جي ڪيفيت جو ذڪر ڪندي·، پنهنجي شاعريءَ جي ڏات کي ”بيوفا سريت“ ڪوٺيو هو، جيڪا ”مون کي هميشه ڇڏي ويئي آهي!“ ۽ ٻه سال پوءِ جڏهن اها ”بيوفا سريت“ هڪ ڀيرو وري وٽس موٽي آئي هئي ۽ کيس جاڳايو هئائين، تڏهن ائين ٿي لڳو ته ”لکڻ وقت، هن جو مينديءَ رتو هٿ منهنجي هٿ تي رکيل هو ۽ گذريل واقعات رکيل انگوري شراب وانگر مدمستيءَ واري خوشبوءِ ڏيئي رهيا هئا. شمع تي شمع جلندي رهي، ڪوئي پتنگ ڪونه هو، فقط منهنجا خيال کنڀڙاٽيون هڻي رهيا هئا ۽ منهنجيءَ جاڳ ۾ جرڪي رهيا هئا!“
”جل جل مشعل جل جل“ جي پالوٽ کان پوءِ، ائين، وچ وچ ۾، ڪو ڪو شعر تخليق ٿيندو رهيو، نه ته شاعر جي دل جو ساگر سانت ۾ رهيو. پڇاڙيءَ ۾ ”هي گيت اڃايل مورن جا“ جبل تان لهندڙ ڪنهن مست نئن وانگر، سڀ جا سڀ، اٺن ڏهن ڏينهن ۾ جڙي راس ٿيا، جن جي رواني ۽ موج مون تقريباً هر روز ڏٺي ۽ جن جو مدمست آواز مون هر روز ٻڌو. اها منهنجي مخالفن جي مون سان مهر ٿي، جو بيمار سنڌ جي پيرانديءَ کان اٿاري ان جي سيرانديءَ کان ويهڻ جو شرف ڏنائون·، ۽ ائين ٻيهر، عمر جي پوئين دور ۾، سنڌ جي هن اجھل ۽ امر آواز، منهنجي ماکيءَ کان مٺي ۽ موتين کان املهه دوست جي ايڏي قريب رهڻ جو وجھ مليم.
هڪ ڀيري، منهنجي هڪ ٻئي پياري دوست ۽ رفيق، محترم گرامي صاحب ويٺي ويٺي، شاعريءَ جي ڪرشمه آرائيءَ متعلق حيرت جو اظهار ڪندي، چيو ته ’هي آخر ڪهڙو اسرار آهي‘ جو صدين کان وٺي، سوين بلڪه هزارين شاعر محبوب جي حسن ۽ عشق جي هڪ ئي موضوع تي ايترين ٻولين ۾، ايترا نئين کان نوان خيال، ۽ اتري نئين کان نئين انداز ۾، چئي ٿا سگهن!‘ شعر ۽ شاعريءَ جو هيءُ اسرار واقعي حيرتناڪ آهي. محبوب ۽ ان جو حسن ۽ انساني دل ۾ عشق جو اڌمو_ اِهي زمان ۽ مڪان سان واسطو رکندي به زمان ۽ مڪان کان آجا ۽ اوچا، سوچ جي دام ۾ ڪڏهن به نه ڦاسڻ جهڙا گهڻ_روپي ۽ گهڻ_ رنگي ڪرشما آهن. ۽ شاعر جي انوکي ڏات اُنهن جي انهيءَ پهچ کان ٻاهر سراب ۾ جذب ٿي، جو ڪجھ اسان کي ڏئي ٿي، اهو نئين کان نئون آهي ۽ ان جي حيرتناڪي اسان جي عقل ۽ احساس کي عاجز ڪيو ڇڏي. هن مجموعي ۾، اياز جا ٻه گيت_ ”ڇا ڇا نه سمندر سرجي!“ ۽ ”پهريون پهريون لفظ خدا جو ’ڪُن فيڪُون‘“ شاعر جي انهيءَ تخليقي هيجان ۽ شاعريءَ جي انهيءَ پراسرار ڪرشمه آرائيءَ تي ڪجھ روشني وجھن ٿا.
بهرحال، شاعري جي ’تحت الشعور جو هيجان‘، جيڪو هن جي شعري تخليق جو فوري باعث بنجي ٿو، سو ڪو بي سبب ۽ ڪنهن سماجي خلا ۾ ڪونه ٿو پيدا ٿئي. شاعر پنهنجي سماج سان واڳيل انسان آهي،_ ماضيءَ سان هن جو ڳانڍاپو ۽ مستقبل ڏانهن هن جي ذميداري ئي هن کي حال جي فرض شناسيءَ ۽ فرض ادائيءَ لاءِ تيار ڪري ٿي ۽ ان ڏانهن آماده ڪري ٿي. تخليقي ڪيفيت ۾، شاعر جي ڏات جي اظهار لاءِ ”گذريل واقعات، رکيل انگوري شراب وانگر، مدمستيءَ واري خوشبوءِ“ جو ڪم ڏين ٿا. ”هي گيت اڃايل مورن جا“ تخليق ٿيا، انهن جو سبب، انهن جو مواد ۽ پس منظر پنهنجي ديس ۽ ٻاهرئين عالم جا اهي دک ۽ پيڙا جا واقعا ئي معلوم ٿيندا، جيڪي گهڻي زماني جا پراڻا به آهن ۽ هلندڙ وقت جا تازا پڻ آهن. پنهنجي ديس ۾ توڙي ٻاهر، اڳي ۽ هاڻي هن ٿوري وقت ۾، جو ڪجھ گذريو آهي، ۽ گذري رهيو آهي، اهو ڪنهن کان ڳجھو نه آهي. فردن کان قومن تائين جيترو ڪو هيڻو ٿي رهيو آهي، اوترو اُن سَٺو آهي. سنڌ ۾ اسين رهون ٿا ۽ دنيا جي بساط اسان جي اڳيان موجود آهي. آزاديءَ جي راهه ۾ ويٽام جي بي مثل قوم جا بي مثال ڪارناما هنن ڏهن مهينن ۾ پنهنجي معجزه نما حد کي پهتا. هن ئي عرصي ۾ عالمي انقلاب جو شيردل سرويچ، چي گئويرا، شهيد ٿيو. هابيل ۽ قابيل، بابل جو شهر، دهليءَ جو سرمد شهيد، جھانسيءَ جي راڻيءَ جو لاش، ٽيپوءَ جو ڪنڌ، مسدس حالي، شو جو ڪوڙو ناچ، ڦاسي گهاٽ، ڪار مان لهندڙ نازنين، مزدور جو ٻار، ورديءَ وارا بوٽ، ’جيل جو بلئڪ آئوٽ‘ جنهن ۾:
بمباريءَ جو ڀو کان بجلي
آهي روز وسائي ويندي،
پر هو چوڏهينءَ چنڊ کڙيو آ
(رات ته ناهي ڏينهن ڏٺو آ)
اُن کي ڇو نه وسائي ٿو ڪو؟
اُن کي ڪير وسائي سگهندو!
_ هي ۽ ٻيا سڀ اهڙا واقعا، جن جا بيان ”هي گيت اڃايل مورن جا“ آهن_ اِهي اسان جي پنهنجي انساني زندگيءَ جي لاڳيتي ۽ اکٽ داستان جا ئي واقعا آهن. انهن ۾ ڪهڙا وقتي اهميت جا آهن ۽ ڪهڙا دائمي اهميت جا_ ان جو فيصلو ڪيئن ٿو ٿي سگهي! فن جو بهرحال ڪمال هيءُ آهي ته اُهو وقتي اهميت جو رول به ادا ڪري ۽ ان ۾ دائمي ۽ امرتا جو روح پڻ برقرار هجي. سماجي ڪارج جي ڀرپور ادائگي فقط اهڙي پد تي پهتل فنڪار ۽ ان جو فن ئي سر انجام ڏيئي سگهي ٿو. اياز جي هر شعر ۾ انهيءَ قسم جي تاريخي ۽ سياسي ذمه برداريءَ جو احساس موجود ملي ٿو.
هيءُ ذمه براداري، جيڪا هر سچي فن جي تخليق لاءِ لازمي ۽ بنيادي شرط آهي، شاعر يا اديب محض وعظ ۽ نعريبازيءَ سان پوري ڪري ڪونه سگهندو. ان لاءِ هن کي فن جي اثر آفرينيءَ کان ڪم وٺڻو پوي ٿو. چونڊ ٻولي، تشبيهه ۽ استعارو، علامت ۽ تمثيل ان اثر آفرينيءَ جا آزمايل وسيلا آهن، جيڪي شاعر کي استعمال ڪرڻا پون ٿا. اياز جي ٻوليءَ ۾ اِنهيءَ سلسلي جو نيون ترڪيبون بيشمار آهن_ هنن ئي گيتن ۾ اوهان کي آواڪ اُڃ، ڪنٺ ڪٺورن جا، سپني ول، تارونءَ ۾ تلوارون، آنڌيءَ ۾ آکيرا، ڌرتيءَ تي دستارون، ڇپر مان ڇاٽ، آکيري جي اوٽ، ڏر جو ڏڍ، ڏاڍ جي آڍ، چنگ جي چڻنگ، گلابي گهڙيون، ماڪ مهل، لهوءَ جي ندي، گهنڊ گناهن جا، ۽ ٻيون اهڙيون ڪيئي ترڪيبون ملنديون، جن مان اڪثر، پنهنجي اصطلاحي مفهوم توڙي علامتي مقصد ۾، شاعر پهريون ڀيرو استعمال ڪيون آهن. مثلاً ”تارونءَ ۾ تلوارون“ جي ترڪيب (”سرمد ڇاٿو سوچي“ واري گيت ۾) فتويٰ بازَ مُلن جي زبانن لاءِ ڪم آيل آهي؛ زبانن جي تلوارن سان تشبيهه ڏيئي (تلوار جو وڍ ڇٽي وڃي، زبان جو وڍ نه چٽي_) ۽ انهن جي چوٽين کي تارونءَ ۾ کتل چئي، متعصب ملن جي انهيءَ پريشانيءَ ۽ حيرت کي ظاهر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ کين سرمد تڏهن به وڌو هو، ۽ هاڻي به هو آهن، ۽ هو تارونءَ ۾ تلوارون لڳايو، سوچ ورتا ويٺا آهن ته سرمد تي آخر ڪهڙي، ۽ ڪيئن ڪا يڪ تُڪائي فتويٰ ڪڍي وڃي. فن جي ڪمال جو هيءُ گيت هڪ عجيب مثال آهي. هن سڄي گيت ۾، تاريخ جي ان ڀيانڪ ۽ روح مٺ ۾ آڻيندڙ گهڙيءَ کي، صديون گذريل وقت جي پاتال مان لفظن جي ڄار ۾ ڦاسائي، هڪ بت تراش يا رنگن جي چترڪار وانگر، اهڙي دائميت ڏني ويئي آهي، جو پڙهندي ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ اُها هوبهو اڄ به اسان جي آڏو بيٺي آهي.
هونئن به، هر دور جو حقيقي شاعر پنهنجي مضطرب روح جي اظهار ۽ پنهنجي انقلاب آفرين پيغام جي بيان لاءِ پنهنجي جدا ٻولي پيدا ڪندو آهي، ان ٻوليءَ ۾ هن جي سڃاڻپ هوندي آهي. هن جو هر لفظ ۽ سٽ درسني هوندي آهي، جنهن ۾ هن جي شخصيت جي جھلڪ ڏسبي آهي. ٻيا شاعر هن جي ٻولي استعمال ڪري سگهن ٿا، پر اها انهن جي ٻولي ٿي نٿي سگهي، دراصل، ٻين همعصر ۽ پوءِ ايندڙ شاعرن جي اهڙيءَ پيروءَ ڪاريءَ سان ئي اُن اڳواڻ شاعر جي ٻولي مقبول عام ٿيندي آهي، ۽ قومي ٻوليءَ جي لفظي، اصطلاحي، ترڪيبي ۽ علامتي ذخيري جو حصو بنجي. ان جي اظهاري صلاحيت جي اڀرڻ جو سبب بنبي آهي.
اياز جي ٻولي خاص سنڌي ٻولي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪا پنهنجي خالص موڙي آهي. وس پڄندي، هو ان کي ئي ڪم آڻي ٿو: ”ڀونر ڀري آڪاس“ جي ڪجھ اوائلي نظمن ۽ غزلن کان سواءِ هن جي سڄي شعر ۾ اها ٺيٺ پنهنجي ٻولي ڪم آيل آهي. سنئين سڌي ۽ سادي ٻوليءَ سان گڏ شعري رواني ۽ ميٺاج، جيڪو هن جي ڪلام ۾ موجود آهي، ۽ شعري خيالن ۽ صورتن لاءِ عام سنڌي ماحول جو استعمال، جيڪو هو بار بار ۽ هر موقعي تي ڪري ٿو، اُن مان هن جي شعر ۾ بنهه موسيقيءَ جي پنهنجائپ، سادگي ۽ معصوميت پيدا ٿئي ٿي_ ايتري قدر، جو ٻڌڻ سان ڪلام جي فڪري مواد ڏانهن پهرئين ڀيري ڌيان ئي نٿو وڃي، حقيقت ۾ هر فن جو ڪمال پڻ ان جي اُها معصوميت، سادگي ۽ پنهنجائپ آهي_ اُها سادگي ۽ معصوميت جا ساڳئي وقت بي انتها پيچيده جذبات ۽ گهريءَ فڪري ولوڙ جو اظهارٿئي ٿي، ۽ اُها پنهنجائپ، جنهن کي پڙهڻ سان ائين سمجھبو ۽ ائين دل ٿيندي ته اهڙو شعر آءُ به ٺاهي سگهندس ۽ اجھو ٺاهي وٺان!
شاعر جي ٻوليءَ جو خاص حصو اهي علامتون پڻ آهن، جيڪي هو پنهنجي مقصد جي ادائگيءَ لاءِ ڪم آڻي ٿو. غزل جي شاعريءَ جون علامتون_ ساقي ۽ ميخانو، گل ۽ بلبل، شمع ۽ پروانو وغيره، حسن و عشق ۽ تصوف جي ڪيفيتن کان سواءِ هاڻي سياسي ۽ سماجي خيالن جي اظهار لاءِ پڻ ڪم آنديون وڃن ٿيون. سنڌي ڪلاسيقي شاعريءَ جون علامتون_ چانگو، ڪانگ، ائٽ، سامونڊي، چارڻ، ٽوٻو، کاهوڙي، جوڳي، وڻجارو وغيره، ۽ سنڌ جي روماني داستانن جا سڀ ڪردار، واقعا ۽ حالتون به عشقيه ۽ تصوف جي مضمونن کان علاوه هاڻي سياسي فڪر جي ترجمانيءَ لاءِ ڪم اچن ٿيون (۽ انهن کي ائين سماجي ۽ سياسي فڪر جي اظهار لاءِ علامت طور ڪم آڻڻ به اياز جو پهريون ۽ مکيه هٿ رهيو آهي). پر، تاريخ ۽ سياست جي هڪ ذمه بردار شاعر جي حيثيت ۾، پنهنجي فڪري اظهار لاءِ، سنڌي ٻوليءَ جي انهيءَ سموري مروج اصطلاحي، تشبيهي ۽ علامتي ذخيري ۾ اياز ڪافي اضافا ڪيا آهن_ مثلاً آرائين، ڄر، اڃ، آهيڙي، مڌ ماتا، ناگاساڪي، ڀنڀٽ، سپنو، ماڪ، مور، نڙ، گوري، گجري، پلر پيئڻ، ٻاٽ، راڳي، سَرُ (تلاءُ)، ڇَرَ، ڪارونجھر، ڪينجھر، اروڙ، اَمارو_ اهي ۽ ٻيا اهڙا ڪيئي لفظ ۽ نالا اياز پنهنجي قومي ۽ بين القوامي پيغام جي اظهار لاءِ علامتي انداز ۾ ڪم آندا آهن. اهي سڀ علامتون ٺيٺ سنڌي آهن، جيڪي هن پهريون ڀيرو ڪم آنديون آهن. هر اهڙي علامتي ڪارج جي ظاهر ڪرڻ لاءِ، هن جي شعر ۾ ڪنهن اهڙي رعايت جو اهتمام موجود رهي ٿو، جنهن سان اهو لفظ پنهنجي معمولي حيثيت مان ڦري علامتي حيثيت جو حامل بنجي وڃي ٿو_ مثلاً، ”او آرائين!“ واري گيت جو هيءُ بند_
”او آرائين!
تنهنجيءَ جھوليءَ ڪهڙا گل؟“
”دوها،سائين!
_پيار لٽايا جيڪي پَل“
گيت جي هن بند ۾ ”دوها“ لفظ آڻي، ان جي رعايت سان ”آرائين“ کي شاعر، انقلابي مفڪر ۽ مبلغ جو درجو ڏنو ويو آهي؛ ۽ ان کان پوءِ سڄي گيت ۾ جيڪي ٻيا اهڙا لفظ ڪم آيا، مثلاً ”سرءُ“، ”ڳاڙها گل“، وغيره، اُن پهرينءَ مرڪزي رعايت سان، پنهنجي پنهنجي علامتي حيثيت ۾ پڙهندڙ جي ذهن ۾ ازخود اڀري اچن ٿا.
گيتن جي هن مجموعي جو نالو_ ”هي گيت اڃايل مورن جا“_ خود علامتي اهميت رکي ٿو. ”گيت“ دانهن، فرياد يا سڏ جي علامت آهي؛ ”مور“ وطن دوست انقلابيءَ جي علامت آهي؛ ۽ مور جي ”اڃ“ کي آزاديءَ ۽ انقلاب جي پياس يا خواهش چئي سگهجي ٿو، ۽ ڇاڪاڻ ته هي گيت سنڌي ٻوليءَ ۾ آهن، ۽ سنڌ جي شاعر پنهنجي وطن جي بيوسيءَ ۽ مجبوريءَ جي پس منظر ۾ چيا آهن، تنهنڪري هي گويا سنڌ جي وطن دوست انقلابين جا آزاديءَ ۽ انقلاب لاءِ فرياد يا سڏ آهن. هي گيت پنهنجي علامتي مفهوم سان وقتي ۽ مقامي اهميت کانسواءِ دائمي ۽ عالمي اهميت پڻ رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته جن انساني اعليٰ قدرن جا اُهي حامل آهن، اهي قدر زمان ۽ مڪان جي حد کان بالاتر آهن، اياز جي فن جي عظمت انهيءَ ۾ ئي آهي، جو سندس شاعرانه علامتون نه فقط پنهنجي معاشري ۽ حالت جي تصويرڪشي ڪن ٿيون، بلڪ انهن مان سندس پڙهندڙ ساريءَ انسان ذات جي تاريخ ۽ تقدير جي جھلڪ پڻ ڏسي وٺن ٿا. اياز جو هيٺيون ننڍڙو گيت انهيءَ سلسلي ۾ خاص ڌيان لهڻي_
ڪتا ڀؤنڪن
ڀاڳياڀؤنڪن
چور به ڀؤنڪن ٿا!
ڪيڏي آ اوناڙ هوا ۾!
هر هر هيئين ڦاڙ هوا ۾!
جارا ڇرڪن
چارا ڇرڪن
تارا ڇرڪن ٿا!
ڪير اويرو آيو آهي؟
هن وستيءَ ۾ ڇاٿو چاهي؟
ڪتا_ ڏاڍ جا غلام ۽ چاري؛ ڀاڳيا_ عوام؛ ۽ چور_ ڏاڍ جا ڌڻي، جارا_ آزاديءَ علم (هوا ۽ روشنيءَ) جا وسيلا (اخبارون، ڪتاب، تعليم گاهه وغيره): ڄارا_سياسي (قومي) جدوجهد جا رستا (آيني ۽ غير آئيني)؛ ۽ تارا_ عظيم مقصد، اوچا آدرش. لفظ ”ڀؤنڪڻ“ ٽي ڀيرا ڪم آيو آهي ۽ ٽيئي ڀيرا ان جي اصطلاحي معنيٰ مختلف آهي_ ڪتن جو ڀؤنڪڻ ڀؤنڪڻ ئي آهي؛ ڀاڳين جو ڀؤنڪڻ معنيٰ انهن جو، آزاديءَ ۽ انصاف جي حقن لاءِ، بيسود رڙڻ، يا انهن مان ڪن جو خود ڏاڍن سان ملي، حق جي آواز جي خلاف دانهڻ؛ ۽ چورن جو ڀؤنڪڻ معنيٰ سچ کي لڪائڻ، ٺڳڻ ۽ هيسائڻ لاءِ ڪوڙي پروپينگڊا ڪرڻ، چارا ۽ تارا ٽي ئي ڇرڪن ٿا (تفرقي ۽ تحريڪ ۾ اچن ٿا)، پر ٽنهي جو ڇرڪڻ الڳ الڳ سبب کان ۽ الڳ الڳ نوعت جو آهي. اوناڙ_ هانءُ نپوڙيندڙ رڙ آهي، جا رات جي سناٽي ۾ ڪنهن ماريل جانور تي ويهي، ڪو اڪيلو بگهڙ ڪندو آهي، ۽ ”هر هر“ انهيءَ ڪري، جو هڪڙي اوناڙ کان پوءِ ٻئي هنڌ ويٺل ٻيو بگهڙ ٻئي ماريل جانور تي رڙي ٿو، ۽ ٽئين هنڌ تيون، ’عيره ”ڪير اويرو آيو آهي،_ هن وستيءَ ۾ ڇا ٿو چاهي؟“ معنيٰ_ ’هن ديس ۾ هن مهل آزاديءَ ۽ انقلاب لاءِ سڏيندڙ ڪو ته آيو آهي! اهو ڪير آهي، ۽ اهو ڇاٿو گهري؟‘
’هي ننڍڙو گيت ٻهراڙيءِ جي ڪنهن ڳوٺ جي ڪنهن به رات جو منظر چٽي ٿو. رات جي سناٽي ۾، ستي لوڪ، ان ۾ ڪو خير جو گهورو شخص لنگهي آيو آهي، ۽ هڪدم رڙو رڙ ۽ سڏو سڏ پئجي ويئي آهي! هن، تقريباً هر روز واقع ٿيندڙ، صورتحال کي سڄي جو سڄو علامتي طور پنهنجي ملڪ، ڪنهن به ملڪ، بلڪ دنيا جي موجوده توڙي آئنده واقع ٿيندڙ ڪنهن به فسطائي ظالمانه دور جي بيان لاءِ ڪم آندو ويو آهي، ۽ ساڳئي وقت پڙهندڙ جي ذهن کي ڌونڌاڙي، ٻڌايو ويو آهي ته هو پاڻ ڳولي، سوچي ۽ سمجھي ته ههڙي هانءَ ٻوساٽيندڙ ماحول ۾ ڪير شخص يا ڪهڙو فلسفو ۽ فڪر آهي، جو نجات ڏياريندڙ يا نجات جي راهه ڏيکارينڙ آهي، ۽ اُهو هر ڪنهن کان ۽ خود کانئس ڇاٿو چاهي!
اياز پنهنجي شعر جي فني هيئت تي پاڻ هڪ جدا تفصيلي مضمون لکي رهيو آهي. هنن گيتن ۾ هڪ ٻن هنڌ حاشيي ۾ پڻ هُن پنهنجي فن جي انهيءَ پهلوءَ ڏانهن اشارا ڏنا آهن·. هن موضوع تي منهنجي پنهنجي ڄاڻ ڪا خاص ڪانهي، ۽ ان سلسلي ۾ ڪجھ وڌيڪ لکڻ مناسب نٿو سمجھان. بهرحال، ايتري ڳالهه ته صاف آهي ته شعر جي ترنمي سانچن ۾ اياز اڪثر فارسي بحر وزن ۽ هندي ڇندن جو ملاپ ڪيو آهي. مثلاً هي زير نظر سڀ گيت ماترائن جي حساب سان ٻڌا ويا آهن، پر فارسي بحر وزن تي به انهن مان اڪثر شعر ٺهي بيهن ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ ماترائن جي حساب سان شعر چوڻ مان فائدو اهو ٿو ٿئي ته ان ۾ سنڌيءَ جي ڪنهن به متحرڪ حرف کي ساڪن ڪرڻو ڪونه ٿو پوي،جيئن فارسي بحر وزن ۾ تقاضائن مطابق ڪرڻو پوندو آهي. ۽ اهڙيءَ طرح ٻوليءَ جي بگاڙي جو امڪان نٿو رهي. اياز جيتوڻيڪ شعر جي ماپن ۽ نمونن جا ڪيئي تجربا ڪيا آهن، پر انهن مان هر هڪ ۾ هن شعري هيئت جي خالص سنڌي روايتن کي بنيادي طور قائم رکيو آهي، بلڪ انهن کي اڳتي نيئي، اُنهن مان نوان شعري ماپا ۽ نمونا ايجاد ڪيا آهن، مثال طور، هنن گيتن ۾ وائيءَ ۽ پڻ غزل جي نمونن کي ٿوريءَ ڦير گهير سان نظم لاءِ ڪم آندو اٿس_ ”ڇا ڇا نه سمندر سرجي!“ وارو نظم غزل جي ڦير گهير، ۽ ”ڇڻندڙ پن، وڇوڙيل يار،_ ڳالهه ته هڪڙي آهي!“ وارو نظم وائيءَ جي ڦير گهير جا مثال چئي سگهجن ٿا.
هر فن جي اصلي ۽ آخري عظمت ان جي سچائي آهي. اياز کي ڪجھ چوڻو آهي، ۽ هو چوي ٿو. هن جي شعر، جو هيترو چؤٻول پيدا ڪيو آهي، ۽ سنڌي ادب جي دنيا ۾ ايتري يڪتائي حاصل ڪئي آهي. ان جو خاص سبب هن جي پنهنجي فڪر، پنهنجي اندر جي آواز ۽ پنهنجي فن سان سچائي آهي، ۽ سچ جي هوندي ماڻهوءَ جي ٻي هر لياقت، جنهن کي ڏات ٿو سڏجي، ثانوي حيثيت وٺي ٿي بيهي_ سندس پنهنجي هڪ گيت جو بند آهي ته:
”ڏات وڏي شيءِ ناهي،
”پر سچ وڏي شيءِ آهي_
”۽ جو سچ مچائي
”سو مچ وڏي شيءِ آهي!
_محمد ابراهيم جويو، جيڪب آياد 19_ 2_ 1968ع.
اُهو انسان، جو آزاد مَنش آهي ۽ پنهنجي اندر جي اُجھل آواز کي ئي حق جي ڪسوٽي سمجھي ٿو ۽ پنهنجي عمل لاءِ آخري فيصلي جو اختيار ڏئي ٿو، هر حالت ۾ ۽ هر گهڙيءَ اهو ماڻهو دنيا کي پنهنجي ارادي جي آڏو جھڪائڻ جي جدوجهد ۾ رُڌل رهي ٿو. ان راهه ۾ هيءُ جدوجهد ئي اَهڙي ماڻهوءَ جي نيڪ نيت ۽ اعليٰ ارادي جي ضمانت آهي. سرچاءُ ان ماڻهوءَ لاءِ خسيس سڌن ۽ ادنيٰ ارادن اڳيان هار مڃڻ جي برابر آهي. هن جو پڪو ۽ اَٽل ويساهه جبل کي به هٽائي سگهي ٿو_ ”آڏو ٽڪر ٽَر، متان روههَ رَتيون ٿئين!“ هن جو مٿو رتورت ئي سهي، پر اُهو هميشه اُڀو ۽ اوچو رهي ٿو.
· پنجن سالن کان پوءِ، ون يونٽ جي ٽٽڻ ۽ سنڌ صوبي جي ٻيهر قائم ٿيڻ تي سنڌ سرڪار ڪينجهر تان ڪلري نالو هٽائي ان جو اصلوڪو نالو بحال ڪيو.
· ”روح رهاڻ“ جولاءِ 1967ع_ ”ڪانارِئا ڪُڻڪن“ ص 50.
· ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“، ص 27، ص 62-64.
· سنڌ دوستيءَ جي الزام ۾، ون يونٽ سرڪار ليکڪ کي حيدرآباد مان بدلي ڪري جيڪب آباد موڪليو.
· ”مزدور جي ٻار جو گيت“ (2 152).

ڪي جي ٻيجل ٻوليو
شيخ اياز جي شعر جو هيءُ ٽيون مجموعو آهي، جو ڪتابي صورت ۾ پيش ٿي رهيو آهي. سندس پهريون مجموعو، ”ڀؤنر ڀري آڪاس“، جون 1962ع ۾ ’پاڪستان رائيٽرس گلڊ‘ وارن پڌرو ڪيو، جنهن کي سنڌ دشمن ون_ يونٽ حڪومت، سنڌ ۽ سنڌي ادب جي بدخواهن جي چرچ تي، ٻه ورهيه پوءِ، مئي 1964ع ۾ ضبط ڪيو. سندس ٻيو مجموعو، ”ڪلهي پاتم ڪينرو“، 1963ع ۾ شايع ٿيو، جنهن کي پڻ پنج سال پوءِ، 1968ع ۾ ساڳيءَ حڪومت ساڳين ماڻهن جي چور تي ضبط ڪيو. تنهن کان پوءِ سنڌ جي هن بي مثل شاعر ڪافي ڪجھ شعر چيو، جيڪو سنڌ جي بحاليءَ ۽ خود اختياريءَ جي جدوجهد هلندي، وقت بوقت، خاص طرح ماهياني رسالي ”روح رهاڻ“ ۾، ڇپبو رهيو. اُن دور جو سندس شعر، جنهن ۾ ”جل جل مشعل جل!“، ”هي گيت اڃايل مورن جا“ ۽ ”رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي“ جا ننڍا ڳٽڪا ۽ ڪيتروئي ٻيو ڪلام شامل آهي، ۽ جيڪو مارچ 1969ع ۾ لڳل ٻئي مارشل لا تائين دور جي پيداوار آهي، ”وڄون وسڻ آئيون!“ نالي هيٺ گڏ ڪيو ويو آهي، ۽ اميد ته ترت ئي الڳ ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيو ويندو. هيءُ مختصر مجموعو، جيڪو ”ڪي جو ٻيجل ٻوليون“ جي نالي سان هتي پيش ٿي رهيو آهي، اُن ۾ جيڪو به شعر آندل آهي، اُهو مارچ 1969ع کان پوءِ جي ٻن مهينن جي عرصي ۾ تخليق ٿيل آهي. شعر جي مٿين ٻن ڪتابن جي ضبطيءَ کانسوءِ، اياز جو هڪ نثري ڪتاب، ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“، پڻ، 1963ع ۾ شايع ٿيڻ کان پنج سال پوءِ، خالص سنڌ دوستيءَ جي سزا طور، 1968ع ۾ ضبط ٿيو. ڏسجي ته هاڻي سندس هِن تازي ڪلام جي اشاعت تي سنڌ، سنڌي عوام ۽ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي دشمن حضرات جو ڪهڙو ٿو ردعمل ٿئي! چڱائيءَ جي اميد ته منجھن اڄ به ڪانهي. تاريخ جي ثابت ٿيل حقيقت وطن جي غدارن بابت هيءَ ئي آهي ته هنن جو خمير ۾ سواءِ بدديانتيءَ ۽ بدڪرداريءَ جي ٻيو ڪجھ به نه آهي. ۽ سندن جواب بلڪ علاج اهوئي آهي ته سنڌ جا انقلابي محب وطن پنهنجي وطن پرستيءَ جي جذبي ۽ عمل کي جيئن پوءِ تيئن وڌائين ۽ تيز کان تيز تر ڪندا رهن. اياز جي هِن شعر ۾ به وطن تان سِر گهورڻ وارن لاءِ پنهنجي اعليٰ جذبي ۽ مقدس عمل کي وڌائڻ ۽ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ تيز ڪرڻ جو سڏ موجود آهي.
آگسٽ 1947ع ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو. 1949ع ۾ سنڌ کان ڪراچيءَ کي ڇني ڌار ڪيو ويو. 1955ع ۾ سنڌ کي چؤ کنڀو ٻڌي، ون يونٽ جي آڏو اُڇلايو ويو. سنڌ جي سنڌي ٻوليءَ جي جاءِ تي اردوءَ جا وڏي طمطراق سان طبل وڄڻ شروع ٿيا. سنڌي ٻارن کي اردو زوريءَ سيکارڻ جاري رکي ويئي ۽ اردو ٻارن کي سنڌي سيکارڻ بند ڪئي ويئي! عوام جي تنگ گذارني وسيلن تي قبضا ٿيا. ماڻهن جي زبانن تي ماٺ جون مهرون لڳنديون رهيون. ايوبي دور جي آمريت پنهنجي ننگي روپ ۾ نروار ٿي، ”پاڪستانيت“ ۽ ”مسلمانيءَ“ جي نالي ۾ عوام جي هر قومي امنگ کي نهوڙڻ جي ڪوشش عمل ۾ آئي. اختيارَ ۽ اقتدار جي صاحبن پنهنجي پوري طاقت ان تي صرف ڪئي ته سنڌ پنهنجي ذهني ۽ سياسي غلاميءَ مان اڀري نه سگهي. ايتري لُڙ ۽ انڌڪار ۾ سنڌي شاعر ۽ اديب اميد جو ڏيئو ٻاريو..... ۽ اُهو ٽمڪندو رهيو_
هي ڪارو ڪاورنڀار ته ڏس، هو ڏورانهون ڏهڪار ته ڏس!
مون ڪيڏيءَ جَرَ جي جھاڳ مٿان هِي ديپ جلايو آ، پيارا!
تان جو نومبر 1968ع ۾ هي سحر ٽُٽو، عوام جون اکيون کليون، ۽ عوام اٿيو، ۽ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جا قلعا ڀُرڻ شروع ٿيا. نومبر 1969ع ۾ ون يونٽ جي شڪنجي مان پاڪستاني قومن جي ڇوٽڪاري جو اعلان ٿيو ۽ پهرين جولاءِ 1970ع تي اولهه پاڪستان جي ٻين صوبن سان گڏ سنڌي عوام جو سڳوروسنڌ ديس پڻ ٻيهر دنيا جي نقشي تي اُڀريو، برحق ۽ بحال ٿيو.
وطن جي انڪار جو فلسفو يا نظريو محڪوم ۽ مظلوم قومن لاءِ هر صورت ۽ هر حالت ۾ تباهيءَ ۽ ذلت جو فلسفو آهي، ۽ اُهو فقط ملڪ جا غدار ۽ ملڪ جا دشمن پيش ڪندا ۽ پکيڙيندا آهن. اياز جو شعر وطن جي تسليميءَ، وطن جي بچاءَ ۽ وطن جي آبروءَ ۽ عظمت جو شعر آهي ۽ اُن لاءِ محب وطن نوجونن، ٻارن ۽ ٻڍن کان اُهو هر قسم جي جُهد ۽ قربانيءَ جي طلب ڪري ٿو. ان ۾ وطن جي غدارن ۽ وطن جي دشمنن لاءِ اُجھل نفرت ۽ بي پناهه غصو پڻ موجود آهي. انهيءَ ڪري وطن جا غدار ۽ وطن دشمن ۽ غاصب پڻ اياز ۽ اياز جي شعر کي برداشت نٿا ڪري سگهن، ۽ هر وقت ٻنهي کي خاموش ڪرڻ لاءِ نُنهن چوٽيءَ جو زور لڳائيندا رهيا آهن. جيئن ئي 1954ع ۾ ٽه_ ماهي رسالو ”مهراڻ“ شايع ٿيو، ۽ اُن ۾ اياز جو ۽ ٻين قومي شاعرن جو شعر باقاعدي اچڻ شروع ٿيو، تيئن هِنن غدارن ۽ غاصبن جي ککر ۾ ڄڻ کڙو لڳو، ۽ هو ڀُون ڀُون ڪري، پنهنجا زهريلا ڏنگ نئين نئين زهر سان ڀري، چوڌاري مِڙي آيا، ۽ اڄ تائين اُنهن ۾ اُهوئي شور ۽ غوغا، اُهوئي ڏنگ ۽ اُهوئي زهر اوتروئي موجود آهي، جيترو پهريائين منجھن هو. پر وطن جي چمن ۾ جا بهار اچڻي آهي، سا آهستي آهستي ايندي ئي رهي ٿي. ۽ وطن جا باغبان ۽ وطن جا پاسبانَ آن بهار جي آڻڻ لاءِ ۽ اُن کي ساهه لڳ سنڀالڻ لاءِ هر گهڙيءَ وڌندا ۽ اڳتي ايندا رهن ٿا. آزديءَ ۽ انسانيت جو ادبُ ۽ فنُ ۽ اُن ادب ۽ فن جا اُپائيندڙ اديب ۽ شاعر ائين ئي اَجھل ۽ آڏول، پنهنجا ڪنڌ اُچا ڪيو، سَرها ۽ سوڀياوان، هڪ هڪ ٿي ۽ گڏجي، وطن جي دشمنن ۽ غدارن جي مڪر ۽ فريب، ظلم ۽ ڪوڙ کي، وڌي وڌي، چيڙائيندڙ ۽ للڪاريندا ٿا رهن_
تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندي، اعلان هزارين، مان نه رڳو!
اياز تي ۽ سنڌ کي ذهني سجاڳي ۽ سياسي خودداري ڏيندڙ فڪر تي پهريان وار جن ڪيا ۽ جتان ٿيا، اُهي ڪنهن کان ڳجھا ڪونهن. پنج، ڏهه، ويهه نه، ستر ستر، اَسي اَسي بلڪ سوين ۽ هزارين ليک، الڳ الڳ ۽ سلسليوار، لکبا رهيا، ڇپبا رهيا، ۽ ترجما ٿي، غدارن جي آقائن وٽ رسندا رهيا. سنڌي ليکن ۽ اُنهن جي ترجمن کان اڳتي وڌي، اردوءَ ۾ ليک ۽ ڪتاب لکيا ويا ۽ پنهنجن اَن_داتائن کي پهچايا ويا. بي نام، گمنام ۽ بدنام نالن سان عريضيون ۽ اظهار ناما هُنن جي حضور ۾ الڳ پيش ٿيندا رهيا. هڪ ئي مخصوص ۽ نامَ ڪَٺيءَ اخبار ۾ هڪ نه، ڏهه نه، ويهه نه، پر سوين ايڊيٽوريل آيا. هر آرٽيڪل، ايڊيٽوريل، عريضيءَ توڙي اظهار نامي جي تانَ ڪفر ۽ اسلام، الحاد ۽ ايمانَ جي هڪ ئي تار تي ٽٽندي رهي. ظاهر آهي ته غدار ۽ غاصب جو واسطو ڪفر ۽ اسلام، الحاد ۽ ايمان سان رڳو نالي جو هوندو آهي. پهريون ۽ آخرين واسطو سندن پنهنجي غرض سان ٿئي ٿو. اياز ۽ سنڌ جي نئين فڪر کان سندن پنهنجو وجود نامسعود خطري ۾ هو ۽ آهي. جيڪي هزارن ۽ لکن پاڻ جهڙن انسانن کي جانورن وانگر پنهنجي پٺيان چُچڪاري هلائڻ يا پنهنجي اڳيان هڪلي هلائڻ تي هريل هجن. ۽ جن جي پيٽ پروريءَ ۽ خَرمستيءَ جو دارومدار اُنهن ئي ماڻهن جي رَت سَت تي هجي، ۽ ڏهڪاءُ ۽ ڏيک ئي فقط جن وٽ پنهنجي بچاءَ جا هٿيار هجن، تن جو سڄو سارو اسلام ۽ ايمانُ سواءِ اِن جي ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ته ڪوبه سندن فرعوني طاقت ۽ قاروني دولت جي قلعي تي هَلان ته ڇا، پر اُن ڏانهن اک کڻي به نه ڏسي، ۽ جي ڪو ائين ڪندو، ته ظاهر آهي ته اهو سندن اُنهيءَ اسلام ۽ اُنهيءَ ايمان جي دائري کان وٽن نڪتل ئي شمار ٿيندو. اهوئي سبب آهي، جو هِنن هيءُ سڄو عرصو پنهنجيءَ سڄيءَ ڪاوڙ ۽ ڪدورت جو نشانُ اياز کي ۽ سنڌ لاءِ نئين پيغام رکندڙ سنڌ جي نئين شعر ۽ نئين ادب کي بڻايو.
اڄوڪيءَ سنڌ جي پاڪ ڌرتيءَ تي، ادب ۽ فن جي ميدان ۾، سچ ۽ ڪوڙ جي هِن جنگاهه ۾ دشمن جا سڀئي وارَ اياز وڌي وڌي پاڻ ڏانهن موڙيا ۽ پنهنجي اڪيلي سِر تي سَٺا. اسان جا سمورا ساٿي_ خود اُهي جيڪي بنهه مُهَڙَ ۾ هئا_ سي سڀئي دشمن جي مورچن منجھان ڇُٽل تيرن کان گهڻي قدر محفوظ رهيا، ڇاڪاڻ جو اياز سندن تيرن آڏو پڻ پنهنجو سينو سِپَرَ بنائي بيٺو. پاڪستان جي 23 سالن ۽ سنڌ جي شايد سڄيءَ تاريخ ۾، نِجي فن ۽ ادب لاءِ، ڪنهن کان ايتري قرباني نه ڪڏهن گهري ويئي ۽ نه ورتي ويئي. گلائون، تهمتون، گاريون، دڙڪا، حملا، شهر نيڪاليون، نظربنديون، ڪال ڪوٺڙيون ۽ ڪيسن مٿان ڪيس_ هي ته ايازُ ۽ سندس پنهنجي مقصد عظيم سان پنهنجي ساهه کان وڌ محبت هئي، جنهن هي سڀڪجھ ٻُڌو، ڏٺو ۽ سَٺو، اُن کان پوءِ به نه هيڻو ٿيو ۽ نه پنهنجي راهه تان هڪ پير هَٽيو ۽ هچڪيو. سچ آهي ته مقصد جي مومل کي، جي ماڻڻو آهي ته ڪاڪ محل کي سَر ڪرڻو ئي پوندو؛ ميهر سان ملڻو آهي ته دهشت ڀرئي درياءَ جي لهرين ۾ لڙهڻو ئي پوندو؛ پنهنجي پنهل کي پهچڻو آهي ته ڪيچ جا جبل جھاڳڻائي پوندا؛ ملير جي مارن سان ملي مَرڪڻو ۽ مهڪڻو آهي ته عمر جي قيد جا ڏيهاڙا ڪاٽڻائي پوندا_
ڏک سکن جي سوُنهن، گهوريا سک ڏکن ري،
جني جي ورونُهن، سڄڻ آيو مون ڳري
اُهو انسانُ، جو آزاد مَنش آهي ۽ پنهنجي اندر جي اُجھل آواز کي ئي حق جي ڪسوٽي سمجھي ٿو ۽ پنهنجي عمل لاءِ آخري فيصلي جو اختيار ڏئي ٿو، هر حلت ۾ ۽ هر گهڙيءَ اهو ماڻهو دنيا کي پنهنجي ارادي جي آڏو جھڪائڻ جي جدوجهد ۾ رُڌل رهي ٿو. اُن راهه ۾ هيءُ جدوجهد ئي اَهڙي ماڻهوءَ جي نيڪ ۽ اعليٰ ارادي جي ضمانت آهي. سرچاءُ ان ماڻهوءَ لاءِ خسيس سڌن ۽ ادنيٰ ارادن اڳيان هار مڃڻ جي برابر آهي. هن جو پڪو ۽ اَٽل ويساهه جبل کي به هٽائي سگهي ٿو_ ”آڏو ٽڪر ٽَرُ، متان روههَ رَتيون ٿئين!“ هُن جو مٿو رتورت ئي سهي، پر اُهو هميشه اُڀو ۽ اوچو رهي ٿو.
خود قربانيءَ صبر ۽ سڀڪجھ سهڻ جو هيءُ سبق پنهنجي پيڙهيءَ ۽ پنهنجين آئنده پيڙهين لاءِ سنڌ جي تاريخ ۾ جن به سنڌ جي سپوتن پنهنجي قول ۽ فعل سان قائم ڪيو آهي، اُنهن جي سَٿ ۾ اياز جي جڳهه پهرينءَ صف ۾ آهي. پنهنجي دور جي اديبن ۽ فنڪارن جي ٻاريءَ ۾ بلڪ هند_پاڪ جي سڄيءَ ادبي تاريخ ۾، اياز جو هيءُ درجو يڪتا چئي سگهجي ٿو. ڪاليداس، اَمير خسرو، شاهه عبداللطيف، غالب، ٽئگور، سر محمد اقبال_برصغير جا هي سڀئي عظيم ۽ لافاني اديب ۽ شاعر پنهنجي پنهنجي دور جا لاڏلا ٿي رهيا؛ (غالب جو ڪجھ سَٺو، اُهو ڪو پنهنجي ادب ۽ فن ۽ اُن جي فڪري للڪار جي سزا ۾ نه پر سندس پنهنجي ذاتي لاچارين جو نتيجو هو؛ ۽ اقبال ته اسان جي ست سمنڊ پار کان آيل حڪمرانن جي لقب خاص جو نوازيل هو ۽ پنهنجي دور جي پست کان پست پيل جاگيرداري اقتدار جو آخر تائين وظيفه خوار به رهيو!) بهرحال، هو سڀئي پنهنجي پنهنجي دور جي بيٺل ۽ مڃيل اقتدار جي ڏاڍ ۽ ڏمر کان محفوظ رهيا، بلڪ، ڪجھ گهٽ ڪجھ وڌ، اُن جا دلبند ۽ پيارا بنياد رهيا. اِهو انهيءَ ڪري هو، جو هو پنهنجي پنهنجي دور جي اُن مڃيل ۽ بيٺل اقتدار جا ڪافر يا منڪر نه هئا. هُنن جي سڄي انسان دوستي ماڻهوءَ جي اڪيلي مَنَ ۾ جھاتي وجھي، اُن جي اسرارن کي پڌرو ڪرڻ ۽ ان کي حيواني حد تان کڻي انساني حد تائين آڻڻ ۽ اُن کان مٿي نيڻ تائين محدود هئي. اِها ڪا پنهنجيءَ جاءِ تي رواجي ڳالهه ڪانه هئي، بلڪ واحدُ مقصدُ انساني اصلاح ۽ ارتقا جي سمورين ڪوششن ۽ ڪاوشن جو اصل کان اِهوئي رهيو آهي. پر هُنن انساني خير واسطي حق ۽ حسن جي تلاش ۽ تبليغ جي سلسلي ۾ اِهو لازمي نٿي ڄاتو ته سندن دور جي سماج کي قائم رکندڙ، اڪيلن انسانن کان الڳ ۽ پرانهين، عام مڃيل ۽ سوگهي بيٺل سياسي يا مملڪتي اقتدار کي به رد ڪيو، للڪاريو ۽ ڊاٺو وڃي. منجھانئن جيڪي اُن اقتدار جا نوازيل ۽ وظيفه خوار نه هئا، اُنهن جي طبع جي ڪيفيت ۽ تخليقي عمل جي پکيڙ ۽ پهچ به افلاطون جي ’فيلسوف‘ کان گهڻي مٿي ڪانه هئي، جيڪو ”ڏسي ٿو ته کيس ڪو ساٿي ڪونهي، جنهن جي مدد سان هو وڌي حق جو بچاءَ ڪري ۽ سلامت رهي سگهي! پاڻ کي هو ائين سمجھي ٿو، جيئن ڪو ماڻهو وحشي درندن جي وچ ۾ رهندو هجي. اُنهن جي اَنياءَ ۽ پاپ کي نظر انداز ڪري يا قبولي، ائين ته هو نٿو ڪري سگهي. پر اڪيلي سر سڀني سان مقابلي ڪرڻ جي سگهه به ڪانهيس. ۽ جي مقابلو ڪري ٿو ته وستيءَ جو يا ڪنهن ٻئي جو ڪو ڀلو ڪري سگهي، تنهن کان اڳي پنهنجي جان گنوائي ويهندو..... ۽ ائين اجايو پنهنجي ڪم کان به ويندو ۽ دنيا جي ڪم کان به ويندو. اِهي ويچار دل ۾ آڻي، هو ماٺ ۾ رهي ٿو، ۽ پنهنجيءَ پَر ۾ جو ڪم هو نيڪ ۽ ضروري سمجھي ٿو، سو ڪم ڪندو رهي ٿو_ بلڪل اهڙي ماڻهوءَ وانگر، جيڪو سخت طوفان ۽ آنڌيءَ ۾ وٺجي ويو هجي ۽ مٽيءَ ۽ بوڇاڙ کان بچڻ لاءِ ڪنهن ڀت جي آڏ ۾ ويهي رهيو هجي.“·
دنيا جي ههڙي ماٺ ميٺ ۾ پيدا ٿيل عظيم فلسفي ۽ عظيم ادب جتي انسان جي حيواني امنگن کي ٺاري ۽ ٺيڪ ڪري انسانيت جا معيار آهستي آهستي وڌايا ۽ انساني زندگيءَ جي هر دائري ۾ اعليٰ اخلاقي قدر پيدا ڪيا، اُتي معيارن ۽ قدرن تي نه پهچندڙ بلڪ اُنهن جي ضد ۾ هلندڙ سياسي اقتدار جي مالڪن کي هر وقت مجبور پڻ ڪري بيهاريو ٿي ته، جي سچ پچ نه ته ڪم از ڪم دعوا جي صورت ۾ ئي سهي، هُو اُنهن معيارن ۽ قدرن سان پنهنجي اقتدار جي وابسگيءَ ۽ مطابقت جا وڏي واڪِ اعلان ضرور ڪندا رهن! جنهن جو بهرحال هيءُ ته نتيجو ضرور نڪتو ٿي ته جيڪڏهن افلاطون جا ‘فيلسوف‘ سندس خواهش پٽاندر، پاڻ بادشاهه نٿي بڻجي سگهيا، ته خود بادشاهه اُنهن جي فلسفي کي پنهنجي مفاد ۾، هر وقت ۽ هر هنڌ، ڏاڍيءَ چالاڪيءَ ۽ چرب زبانيءَ سان استعمال ۾ ضرور آڻيندا رهيا ٿي. ظاهر آهي ته جڏهن انساني فلسفو ۽ ادب ائين وقت جي اقتدار جو، سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ ريت، هَٿيو ٿي ڪم اچڻ لڳي، تڏهن هڪ ته اُهو فلسفو ۽ ادب حڪمرانن جي ضبطيءَ ظلم کان بچيو رهي ٿو، ۽ ٻيو ته اُن حالت ۾ ادب ۽ فلسفي جي بنهه نئينءَ جنس جي گهرج ٿئي ٿي ۽ ان جا اُپائيندڙ دستوري اديبن وانگر ماٺيڻا ۽ ڪنهن ڀت جي آڏ ۾ آجھاپي وٺندڙ نه، پر ميدان جا مرد ۽ ڪوٽن جي ڪُنگرن تي ڪمنڊ وجھڻ وارا ڪي لينن، ڪي مائوزي تنگ، ڪي هوچي مِن، ڪي جيولس فيوچڪ، ڪي حيدر بخش جتوئي، ڪي اجمل خٽڪ، ڪي گل خان نصير، ڪي جي. ايم. سيد، ڪي اياز ۽ ڪي رسول بخش پليجا هوندا آهن. نئين دور جا هي نوان ڏاها ۽ نوان اديب ۽ شاعر قبيلي ئي ٻئي جا آهن، ۽ هُنن جو ادب ۽ هُنن جو فڪر پختي کتل ۽ سڀ کان آڻَ ۽ عقيدت جي ڏنَ وصول ڪندڙ هر اقتدار، هر تقدس، هر ڍونگ ۽ ڌڪوسلي کي رد ڪري ٿو، للڪاري ٿو ۽ اُن سان وڌي وڌي وچڙي ۽ وڙهي ٿو_ ”او شال عقابن سان اٽڪان، مان واهر ٿي وانهيرن جي!“
اياز جا انقلابي گيت ۽ نغما، سندس طالب علميءَ جي ڏينهن ۾ به ڳايا ويندا هئا_
او باغي، او راڄ دروهي، ڀارت ۾ بلوي جا باني!....
مون کي ياد آهي ته پاڪستان کان اڳ سنڌ جي صوبائي اليڪشن ۾ اياز ۽ ٻه چار ٻيا دوست ڪراچيءَ مان هڪڙيءَ ريتي ڍوئيندر کٽاري لاريءَ ۾ چڙهي، ٿرپاڪر ضلعي ۾ هڪ سيٽ لاءِ ڪامريڊ عبدالغفور جان سرهنديءَ جي چونڊ لڙڻ واسطي گڏجي نڪتا هئاسين، ۽ پورو مهينو ٿر جي ڀٽن ۾ اُن لاريءَ جي ڍانڍي تي چڙهيا، ڀٽڪندا رهيا هئاسين، ۽ لائوڊ اسپيڪر تي اياز سان گڏ اياز جو گيت_
انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب، ڳاءِ!
جئن زمينَ آسمانَ
جي کلي پَئي زبانَ؛
ڪنڊَ ڪنڊَ، چونڪُ چونڪُ،
شهرُ شهرُ، ڳوٺ ڳوٺُ،
جئن ڏئي اٿي جواب_انقلاب!.....
_ڳائيندا رهيا هئاسين. پوءِ 1947ع ۾ رسالو ”اڳتي قدم“ نڪتو، جنهن سنڌي ادب جي ترقي پسند لاڙن کي جاڳايو، گڏ ڪيو ۽ پاڻ ڀرو ڪيو. اياز ان رسالي جا فقط ٽي پرچا ڪڍيا، پر ان ٿورڙيءَ حياتيءَ ۾ هِن رسالي سنڌي ادب جي نَڪَ ۾ جا غلاميءَ جي ناڪيلي پيل هئي، اُها لاهي ڦٽي ڪئي، ۽ اُن کي اڳتي وڌڻ لاءِ پنهنجو مقصد، پنهنجي راهه ۽ پنهنجو ارادو عطا ڪيو. ترت ئي انگريزن ملڪ ڇڏيو ۽ ساڻن گڏ لکن ماڻهن پنهنجا هزارن سالن جا ٺهيل ماڳ ۽ مڪانَ ڇڏيا ۽ ڪروڙن انسانن انسانيت جا سمورا سکيل سبق_ محبت جا، مروت جا، شرافت ۽ فضيلت جا_ الف کان ي تائين ائين وساريا، ڄڻ اُهي اُنهن سکيائي ڪونه هئا. دوئيءَ ۽ ڌڪار جا دئيت پنهنجين اونداهين ۽ ڀيانڪ چُرَن منجھان نڪري، سڀني پاسي پکڙي پيا. درندگيءَ جي هن عام دٻڙدؤنس ۾ هڪ ديانتدار آرٽسٽ ڪو وقت، افلاطون جي ’فيلسوف‘ وانگر، ڪا ڀت آڏ ڏيئي، پنهنجي دکِ ۽ پيڙا جون گهڙيون ڳڻي ويهي نه گذاري، ته ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگهي؟ نا سازگار ماحول سان ٽڪر کائڻ بيسود سمجھي، وقتي پاسو جھلي ويهڻُ ۽ ابدي سچ ۽ صداقت ۾ سهارو ڳولڻُ_ اِهو فرار نه آهي، ۽ جي فرار آهي ته اهڙو فرار ڪو ڏوهه نه آهي. هر انقلابيءَ کي ڪڏهن اهڙيءَ صورتحال ۾ گهارڻو ئي پوي ٿو_ ۽ بشطريڪ هو ماحول سان سرچاءُ نه ڪري، هن جي اهڙي وقت ۾ ماٺ، سان خود به وڏو جهاد آهي. اياز جي هِن دور جي شاعريءَ ۾ ”ازل“ جو لفظ بار بار اچي ٿو ته هڪ مجبور فنڪار ان ۾ ئي داخلي سُڪون حاصل ڪري ٿو ته ’انت حق ۽ صداقت کي فتح آهي. ۽ آءُ اُن سان آهيان‘. 1954ع ۾ ٽه ماهي رسالي ”مهراڻ“ جي شروع ٿيڻ تائين جيڪي سال گذريا، اُهي اياز جي اُنهيءَ داخلي زندگيءَ جي دور جا سال هئا. ”ڀونر ڀري آڪاس“ وارو شعر جو مجموعو گهڻي قدر اياز جي اُنهيءَ داخلي ڪيفيت جي پيداوار آهي.
1956ع ۾ ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ، سنڌ سان جيڪو ناحق ٿيو، ان جي خلاف جدوجهد سنڌ ۾ ساڳي بغاوت جاڳائي، جيڪا انگريز سامراج جي خلاف سڄي ملڪ ۾ اُٿي هئي. سنڌ جي تهذيب ۽ زبان تي ڏاڍي ڪنهن نحس ستاري جو پاڇو آيل هو. ائين ڏسجي رهيو هو ته سنڌ جا شاعر ۽ اديب ڄاڻ ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۽ ڪنهن ٻيءَ تهذيب جا بنهه ڪي ٿرڊ ريٽ نقال بنجي ويندا، عين هن آزمائش جي گهڙيءَ ۾ اياز جي شاعريءَ سنڌي شاعريءَ کي پنهنجي ٻولي، پنهنجون روايتون، پنهنجي تهذيب جو احساس، پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجو آڪاس موٽائي ڏنو. اُن کان اڳ جو جديد سنڌي شاعر شيراز ۽ لکنؤ جو ڪو لوڌيل ۽ وائڙو پينو معلوم ٿيندو هو، جنهن جي ٻولي ٽي حصا اردو ۽ فارسي، جنهن جي شاعريءَ جو مڪاني رنگ به غير سنڌي، اُن جا گل، ٻوٽا، وڻ،جبل، درياءَ، لوڪ ادب، اشارا، تمثيلون، ڪنايا، روايتون ۽ ڪردار به سڀ غير سنڌي هئا. هر ڳالهه اُنهن جي مان ڌاريائپ جي بوءِ ٿي آئي. هڪ پوئلڳ ۽ پاڻ کان بيزار قوم جا اِهي ئي پرڪار هوندا آهن. سنڌ جي نجات ۽ آبرو منديءَ لاءِ اِنهيءَ ڪري پهرين ڳالهه ضروري هيءَ هئي ته سنڌ جي ادب کي سنڌي ڪري جياريو وڃي، ۽ اُن لاءِ منجھس هر ڳالهه جي پنهنجائپ پيدا ڪئي وڃي. اُن ۾ سنڌ جي ڪارونجھر ۽ کيرٿر، منڇر ۽ ڪينجھر، ڪاڇيءَ ۽ ڪوهستان، ڪراچيءَ ۽ ڪيٽي بندر، سنڌ جي لاک رتيءَ لوئيءَ ۽ اجرڪ، سنڌ جي سونهن ۽ ست سان سينگاريل سهاڳڻين جي هارسينگار ۽ ڳهن ڳٺن، سنڌ جي سدا ملوڪ جوان مردن جو پٽڪن ۽ ڪهاڙين، سنڌ جي همرچي، موري ۽ هوجمالو، ۽ سنڌ جي وڻن ٻوٽن، جيتن ۽ جانورن، سنڌ جي پکين ۽ گلن ۽ اُنهن جي آزاد اُڏام ۽ پُربهار رنگين ۽ ساهه سيبائيندڙ سڳنڌ جو ورائي ورائي ذڪر آندو وڃي. ۽ جڏهن سنڌ جي اڳيان هِي شعر پيش ٿيو، تڏهن دنيا ڄاڻي ٿي ته سڄي سنڌ جھومي اُٿي ۽ اُن جي لونءَ لونءَ سُرندي جي تندن وانگر ٻَري اُٿي ۽ اڃا تائين ٻرندي رهي ٿي. هن شاعريءَ جي پنهنجائپ سنڌ جي نوجوانن تي اُهو اثر ڪيو، جو سنڌ سان وفاداريءَ جي ڏوهه ۾ جھليل هي سَوَن جا سَوَ قيدي جوانَ، جيلن ۾ اَئٽ ڪتيندي، کٿا اُڻندي ۽ چڪيون پيهندي، اُن کي گڏجي ڳائيندا رهيا ۽ هينئر به جتي آهن اُتي ڳائيندا رهن ٿا. نومبر 1968ع_ فيبروري 1969ع جي عوامي جمهوري تحريڪ ۾ قيد ٿيل سنڌي ۽ مهاجر ڪراچي جيل ۾، سڀ جا سڀ گڏجي، تاڙين جي تار تي_ ”هُڙڪ هلو هو! ڌيمي هلو هو!“_ ڳائيندا هئا ۽ لاڳيتو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳائيندا رهندا هئا، سنڌ جي سپوت ۽ مٿانس ساهه صدقي ڪندڙ سرويچ، حفيظ قريشيءَ، جو چوڻ آهي ته ”جي سنڌ آزاد ٿيڻي نه هجي ها ته شيخ اياز پيدا نه ٿئي ها!“ ”سنڌ جو آواز، شيخ اياز!“_ نئين سنڌ جو هڪ عوامي نعرو بنجي چڪو آهي، ۽ جتي به سنڌ ۾ ڪو عوام دوست ۽ انقلاب پسند ماڻهن جو جلسو يا ميڙ ٿئي ٿو، اُتي اڄ وڏي جوش ۽ اوچي آواز سان اِهو نعرو اُڀري ٿو. ”سنڌڙيءَ کي سر ڪير نه ڏيندو! سهندو ڪير ميار، او يار!“ ”سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پينهنجو سِيسُ نمايان، مِٽي ماٿي لايان!“ _هي ۽ ٻيا ڪيئي لافاني قومي گيت اڄ سنڌ جي هر راڳيءَ جا پنهنجا دلپسند ترانا بنجي چڪا آهن ۽ کانئن هر مجلس ۽ محفل ۾ گهُري گهُري ڳارايا وڃن ٿا. اُهو ساڳيو اياز جنهن کي پنج سال اڳ حيدرآباد منجھان گهڙيءَ جي نوٽيس تي، پنجاهه پوليس وارن جي پهري هيٺ، شهر بدر ڪيو ويو، جڏهن ڪراچي جيل مان ڇُٽي جنگشاهيءَ جي اسٽيشن تي پهتو، تڏهن هزارها ماڻهن ”جيئي سنڌ!“ جا نعرا هنيا ۽ سندس ريل گاڏيءَ کي زوريءَ روڪائي، کانئس ”سهندو ڪير ميار! او يار! سنڌڙيءَ کي سر ڪير نه ڏيندو!“ چوارايو، ۽ اُن کان پوءِ ڪوٽڙيءَ جي اسٽيشن تي پهتو، تڏهن ويهه هزار ماڻهو اُتي کيس ڏسڻ لاءَ موجود هئا، ۽ اُتان کيس جلوس ۾ نيئي، هُنن قلعي ۾ سنڌ جي امر سپاهيءَ هوشوءَ شيديءَ جي قبر تي ويهاري، کانئس سندس شعر ٻڌو. ۽ اهڙي ئي عقيدتمنديءَ جي جذبي ۾ سرشار ٿيل لکن ماڻهن اياز کي حيدرآباد کان سکر تائين هر ريلوي اسٽيشن تي مانُ ڏنو ۽ سکر اسٽيشن تان ڪلهن تي کڻي، ڳائيندي، نعرا هڻندي، پراڻي سکر ۾ سندس گهر تائين کيس پهچايو.
انقلابي شاعر جي دنيا جون ٻه ضرورتون ٿين ٿيون_ هڪ داخلي ۽ ٻي خارجي، ۽ هو هڪ ئي وقت پنهنجي دنيا جي اُنهن ٻن نظارن منجھ رهي ٿو. داخلي صورت هُن جي دنيا جي اُها آهي، هتي هو حقيقن جي تلخيءَ کان بيزار ٿي، پنهنجي عوام ۽ دنيا جي عوام جي مستقبل جا خواب لهي ٿو، ۽ اُهي خواب سندس من جي پيڙا جا پاڇا بنجي، هن جي شعر ۾ ظاهر ٿين ٿا، ۽ هيءُ سندس شعر يا اُهو اُن جو ڪيف ۽ رنگ عالمي ۽ آفاقي ٿئي ٿو.هن جي دنيا جي خارجي صورت اُها آهي، جڏهن هن جي پنهنجي سماج جون انقلابي قوتون ايتريون اُڀريل هونديون آهن، يا هو سمجھندو آهي ته اُڀريل آهن، جو اُهي اڳتي وڌي، پنهنجي وس ۽ مرضيءَ سان سماجي ڦير گهير آڻي سگهن، تڏهن هو پنهنجي شاعريءَ کي اُنهن ميدانن ۾ بيٺل، جھيڙي ۾ رُڌل ۽ اڳتي وڌندڙ انقلابي قوتن جي جولاني اُمنگن ۽ اَٽل ارادن جو ترجمان بنائي، ويڙهاند جي ميدان ۾ اُنهن سان گڏ آڻي بيهاري ٿو، ۽ سندس اُها شاعري سندس سماج جي پوري عوام جي پنهنجي شاعري بنجي وڃي ٿي. اياز جي شاعريءَ ۾ سندس هِنن ٻنهي دنيائن جون تجليون موجود آهن. عظيم لينن ”آرٽ آئنڊ لٽريچر“ جي نالي سان پنهنجي هڪ تصنيف ۾ انٽرنيشنل تراني جي خالق، گاٽيئر (GAUTIER) ، لاءِ چيو ته ”هو گيت ۾ بهترين پروپيگنڊا ڪندڙ آهي!“ اياز جو هر گيت پروپيگنڊا ڪيندڙ آهي، ۽ ساڳئي وقت جيئن ئي ۽ جڏهن به_ هاڻي يا ڏهن سالن، ويهن سالن يا سؤ سالن کان پوءِ_ اُن جو اُهو رول پورو ٿيو، ته پوءِ به اُهو پنهنجي عالمي ۽ آفاقي معنيٰ سان ادب ۽ فن جي امل ماڻڪ طور ائين ئي قائم رهندو. فرانس جي اديب، زان ڪاڪشو (JEAN COCTEAU) ، کان ڪنهن پڇيو ته ’جيڪڏهن ڪنهن گهر کي باهه لڳل هجي ۽ اُن ۾ اندر هڪ ٻار هجي ۽ هڪ فنپارو هجي، ته تون اندر وڃي اُن مان ڇا ٻاهر کڻي ايندين؟‘ جواب ڏنائين ته ’آءُ اُتان باهه کڻي ايندس!‘ اياز جي شاعريءَ ۾ اُها باهه به آهي، پر اُن ٻار۽ فنپاري ٻنهي جي بچاءَ لاءِ آهي. اياز اُها باهه، ڏاڍ ۽ ڪوڙ جي ڪوٽ کي لڳائي، اُن ڪوٽ کي ڊاهڻ ۽ ڀسم ڪرڻ گهري ٿو،ڇو ته اُتان ڪروڙن ٻارن ۽ ڪروڙن فنپارن جي تباهيءَ ۽ برباديءَ جا سبب ۽ سامان هر وقت گهڙيا، ٺهندا ۽ ٻاهر ايندا رهن ٿا. ٽراٽسڪيءَ ميڪسيڪو جي جلاوطنيءَ ۾ ميسيڪو جي عظيم انقلابي آرٽسٽ، ڊيگوري ويرا (DIEGO RIVERA) ، سان گڏجي دنيا جي اديبن ۽ فنڪارن جي انجمن ٺاهي هئي، جنهن جو پڌرنامو پاڻ لکيو هئائين؛ اُن ۾ چيو اٿس ته ”فنُ انقلاب جو بهترين ساٿي آهي.“ هيءُ هڪ عجيب اتفاق جي ڳالهه آهي، جو ون يونٽ جي پويَن ڏينهن ۾، اولهه پاڪستان جي ٽنهي مظلوم قومن جا وڏي ۾ وڏا فنڪار هڪ ئي وقت هڪ ئي جيل ۾ بند هئا. بلوچي ٻوليءَ جو بهترين قومي شاعر گل خان نصير، پشتو زبان بهترين قومي شاعر اجمل خٽڪ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو بهترين قومي شاعر شيخ اياز 1968ع جي پويَن مهينن ۾، ملڪ جي 13 ٻين چوٽيءَ جي سياسي قيدين سان گڏ، ساهيوال ۽ پشاور جيلن جا قيدي هئا. فن جو انقلاب سان اِهو بهترين ساٿُ ئي انقلاب جي بهترين پروپيگنڊا آهي، جا ئي انقلاب _دشمن قومن جي رواڻ کي جلائي ڀسم ڪرڻ لاءِ بهترين اماڙيءَ جو ڪم ڏئي ٿي. انقلابي شاعر ۽ اديبُ اِهو ڪم زندگيءَ جي خارجي نظاري منجھ رهي ڪري، اُن جي اثر ۽ تقاضا هيٺ، سرانجام ڏئي ٿو.
ادب جو انقلاب سان ساٿُ اُن لاءِ بهترين پروپيگنڊا ٿي ڪم اچڻ فقط اُن صورت ۾ ممڪن آهي، جو ادب پهريائين ادب هجي. عالمي انقلاب جي وڏي ۾ وڏي زندهه سالار، مائو زي تنگ، چيني اديبن جي ينان ڪانفرنس ۾، چيو ته ’فن جيسين پهرين فنُ نه آهي، تيسين اهو پروپيگنڊا جو اهل ٿي نٿو سگهي.‘ اياز جي فن کي سنڌي قوم جي انقلابي تحريڪ لاءِ بهترين پروپيگنڊا جي اهميت انهيءَ ڪري ملي آهي، جو اُهو پهرين فن آهي ۽ پروپيگنڊا پوءِ آهي، جيئن حسن جو ڇيهه ڪونهي، جيئن محبت جو ڇيهه ڪونهي، جيئن حق جو ۽ نيڪيءَ جو ڇيهه ڪونهي، تيئن ادب ۽ فن جي دنيا ۾ پڻ ڀَلان ڀَليءَ جو ڇيهه ڪونهي. ايازُ پنهنجي ادبي تخليق جي فني اوچائيءَ جا سنڌا پاڻ قائم ڪري ٿو ۽ پاڻ ئي اُنهن کان مٿي اُڀري ٿو_ ”عدد ناهه عشق پڄاڻي پاڻ لهي!“ سادا ۽ سهڻا لفظ، اُنهن جي چونڊ ۽ اُنهن جو پورو پورو استعمال، شعر جي رواني ۽ نغمگي ۽ اُن جو دلبرانه انداز، ڪڏهن ننڍڙا ۽ نزاڪت ڀريا وزن ۽ بحر، ڪڏهن ڊگها بحر ۽ سنگلاخن مان ويندڙ سوارن جو جولاني ترنم، زبان تي بنهه هوا کان هلڪا لڳندڙ رديف ۽ قافيا، هندي ڇند جو بنهه معصومانه من موهيندڙ استعمال، لوڪ گيتن جون ڌنون، ۽ انوکيون علامتون ۽ اشارا اهڙا، جو معنائن جي موتين سان خالي جھول ڀرجيو وڃن ۽ دل ورائي ورائي اُنهن کي ٻُڌڻ لاءِ آتي ۽ زبان اُنهن کي ورائي ورائي جھونگارڻ لاءِ تيار ٿيو وڃي! ڪهڙيون ڪهڙيون سِٽون آهن، جي اياز جي شعر جون پنهنجي ترنم، حسنڪاريءَ ۽ ميٺاج سبب دل ۾ گهر ڪري نٿيون ويهن! مون سَوَن اهڙن نوجوانن کي ٻڌو آهي، جن کي اياز جا سڄا سڄا نظم، گيتن جا گيت ۽ سَوَن جا سو بيت، دوها ۽ وايون برزبان ياد آهن. قومي جدوجهد جي هر دور ۾ اياز ڪي اهڙيون تُز سٽون لکيون آهن، جيڪي اُن دور جي تاريخي روح جون ترجمان هئڻ سان گڏوگڏ فن جي لطيف ۽ پهچ کان ٻاهر بلندين جا نشان پڻ آهن، مثلاً:
جاڳ ڀٽائي گهوٽ! سنڌڙي ٿي توکي سڏي......
·
ڏسي ڏکيا ڏيِلَ، ڳوڙها ڳلِ ڳڙي پيا......
·
ڳوڙها ڳاڙ نه سنڌڙي، وري ورندو واءُ.......
·
واسينگن جي واٽ، آهي سفر سچ جو........
·
سانڍيا منهنجي ساهه، ڏکڙا ساري ڏيهه جا......
·
شال کسي مان توتي تاڻيان، تنهنجا ڪانَ ڪمانَ.......
·
جھڄي پيو مَنُ جھونجھڪڙي ۾، سانجھي آ سُنسانُ.......
·
منهنجي سنڌڙي، منهنجي سنڌڙي، سنڌڙي منهنجي ماءُ!
·
مرنداسي ته مٽيءَ مان پنهنجي ڦٽندا سرخ گلاب.......
·
ڀري ڀري پيءُ، جيسين جيئين، گهڙيءَ گهڙيءَ جو جام.......
·
جيون_نيا مٺڙي مٺڙي سُر ۾ پَئي ڪجھ ڳائي......
·
ترس اي حسنِ ازل، اڄ ته منهنجو روح رڄجي ئي نٿو!
·
اي زمانن جا ضمير! تنهنجي ڪهڙي منزلِ مقصود آ؟
·
راتڙي، هيءَ نور جي برساتڙي.......
·
مسافر سوين ڪاروانِ عدم جا، ڪٿي سڀ الائي ويا، ڪير سمجھي!
·
توتان وريان جند، منهنجي مٺڙي سنڌ!
·
ڪنهن جي لاءِ ڪُماچُ، صديون رهيو سانت ۾؟
·
تو جا سمجھي سِٽَ، سا آڳ اٿئي اَنمول......
·
سنڌڙي تنهنجو ساهه، جرڪيو منهنجي جيءَ ۾......
·
روئي پيئي رت، سُڏڪا ڀري سنڌڙي.......
·
ڪڏهن ڪرندي ڪاڪ، ڪڏهن ملندو مينڌرو؟
·
اوري اَچ ته اُگهان، ڳوڙها تنهنجي ڳل تان.......
·
شال وسن او سنڌڙي، تنهنجا کيت وسن!
·
ڪانئرُ ڳولي ڪالهه، سڀاڻي سرويچ جو........
·
ڌرتي منهنجو ديس، مگر مان سنڌڙي جندڙيءَ لايان.......
·
سنڌڙي، مون کي سڏته ڏي، تون چپ ڇو آهين، ڇاهي!
·
اي ڏورانهان! ڏسڪي تو ڏي ڪيسين پنهنجا نيڻ کڻان؟
·
سنڌڙي تنهنجو ساهه ”اياز“، مري نه ٿيڻو آهي ماٺ......
·
ڪرندا آخر ڪوٽ ڪڏهن، ماروئڙا! او ماروئڙا!
·
ٻولي گولي ناهه ”اياز“، اُن جو وس فقط واڪو.....
·
تنهن جِيوَنَ کي آڳ لڳاءِ، جنهن ۾ ناهه ڪَرمَ جو قَلُ......
·
او منهنجا محبوب وطن! توسان ساڳيو لونءَ لڳاءُ........
·
سهنجو سمجھ نه سِٽ کي، نور نچوئي لک!
·
ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ، پوءِ به نعرا نينهن جا،
سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ، مرنداسين پر مرڪندي!
·
هِن گهڙيءَ، هِن وير، هلندي ڪائي هوت ڏي؟
·
سنڌڙيءَ شاهه لطيف جي، لهر نه ڪو لوڏو........
·
سُک نه سڀنري سنڌڙي، اُڀري سج لٿا........
·
گهاٽ مٿان گنهگھور گهٽا ۾ اڄڪلهه جو انسانُ.......
·

ساڀيا ۽ سپني ۾ ويچا، جو به مِٽائي، ٻول اُنهيءَ جي ٻانهڙي آهيان......
·
ڳاڙها ڳاٽ، سگهارا ڳڀرو، پنڌ، پرينءَ جو پُور،
الوميان! ديسُ نه دل کان دُور......
·
سَڌَ سهانگي، مڌ مهانگو، سر جو سودو ڪير ڪري!
_موکي ويٺي مَٽَ ڀري!
·
ڳڀرو ڳهرا، ديسُ اَسارو، موڳو منهنجو مَنُ........
·
عشق عقاب، پکي پرڏيهي، جھڙپ ڏئي ٿو جھٽي!
_ڪير اُنهيءَ کان کٽي؟
·
سنڌڙي، تنهنجو نانءُ وَتو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو.....
·
هيءَ پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ، پر سنڌ ”اياز“ نه مرڻي آ!
·
هي ماڻهو وِهه جو ڍُڪُ ٿيا، جئن لُڪ لڳي تئن رُڪُ ٿيا......
·
’ميهار ملڻ جي ويلا آ،
ڪر ڳالهه گهڙن ۽ گهيڙن جي‘
_
گجري توتي گج ته آ، پر
جھُڙ ۾ ڪاوا جھڙا ڪک_ ڇَرَ تي ڇوههُ، ڇمر جا پاڇا......
_
تانگهه نه تاڙي تانگها تڙ، اُؤتڙ اَؤتڙ آءُ ميان!........
_
تون ته ڪَنڌيءَ جو ڪانڌ ميان،
هاءِ ڪُنڍيءَ ۾ منهنجو مَن!
_
اوءِ ڪجري گجر، پير هوريا ته ڌر،
هاءِ گهاگهر نه ڇُلڪي پوي!.......
_
اي ڪينجھر! تنهنجي ڪنڌيءَ تي
ڪوئي ته تماچي اچڻو آ!........
_
جنهن وقت به ڪو، مون گيت چيو،هن ڌرتيءَ جو
ڄڻ ڪوئي قرض چُڪو آهي......
_
رات آئي وئي، تون نه آئين ڪَهي،
ماڪَ ۾ مينڌرا ڪاڪِ روئيندي رهي!
_
ڇڻندڙ پَنَ وڇوڙيل يار، ڳالهه ته هڪڙي ناهي.......
_
ڪَنول ڪَنول ئي تنهنجا ڳل، ٿيندي ماڪَ مهل......
_
انڌو اُڀ انڌاري ڌرتي، ڏيئا ڏيئا ڳاٽ اسان........
_
پنهنجي رت ۾ ريٽو جھنڊو اُڀ تائين جھوليندو،
اهڙو ڏينهن به ايندو!......
پنهنجي پنهنجي ڏينهن ۾ توڙي پوءِ، هي ۽ اهڙيون ڪيتريون ئي مُنڊيءَ تي ٽِڪ جيئن جَڙيل هيرن جي لڙهن ۾ پوتل سٽون سنڌ جي قومي جدوجهد ۾ مصروف نوجوانن، اديبن ۽ ادب سان واسطي رکندڙ هزارها ماڻهن جي ورد زبان رهيون ۽ انهن لاءِ مشعل راهه ٿي ڪم آيون، قومي جدوجهد سان اِهو ساٿ ۽ اُن لاءِ بهترين پروپيگنڊا جي هيءُ ڪم اياز جو شعر خاص طرح سنڌ جو نئون ادب مجموعي طور فقط تڏهن ادا ڪري سگهيو، جو سنڌ جي عوام اُن ۾ پنهنجي ۽ بني نوع انسان جي امنگن جو عڪس ۽ ساڳئي وقت اعليٰ فن جي حسن آرائي ۽ جاذبيت موجود ڏٺي. هيءَ هڪ ناقابل انڪار حقيقت آهي ته، هڪ وڏيءَ حد تائين، سنڌ جي نئين سياست شيخ اياز جي هِن شعر ۽ جي، ايم، سيد جي نثر جي ئي پيداوار آهي.
اياز جي شعر جو هيءُ مجموعو، جيڪو ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ جي عنوان سان هت پيش ٿي رهيو آهي، اُن ۾ ٻه منظوم ڊراما، جن کي مغربي ادب ۾ اوپيرا (opera) سڏجي ٿو. 19 وايون ۽ گيت، 37 غزل ۽ 18 نظم آيل آهن. منظوم ڊرامائن ۾ ”دودي سومري جو موت“ هڪ علامتي ڊرامو آهي، جنهن جا ڪردار پراڻا به آهن ۽ هاڻوڪا به آهن. هيءُ ڊرامو قومي جدوجهد جي پڌر تي زندگيءَ ۽ موت بابت ٻن مختلف نظرين جي عملي اظهار جو ڊرامو آهي_ هڪ نظريو اُهو، جنهن ۾ موت کان ايترو ڊپ ۽ زندگيءَ لاءِ ايترو موههُ آهي، جو انسانُ هر قيمت تي جيئڻ ۽ جيئڻ جو لطف وٺڻ گهري ٿو؛ عزت ۽ ذلت توڙي ٻيو ڪو اخلاقي قدر، انفرادي توڙي اجتماعي نوع جو، هن لاءِ اِن سلسلي ۾ بي معنيٰ ٿين ٿا؛ ٻيو نظريو اُهو، جنهن ۾ زندگيءَ لاءِ ايترو پيار ۽ پاٻوهه ۽ موت کان ايتري لاپرواهي ۽ بي اونائي آهي، جو جيئڻ لاءِ جيڪڏهن ماڻهوءَ کي مرڻو به پوي، ته بي ڌڙڪ موت جي مُنهن ۾ هليو وڃي. زندگيءَ جي سهڻين ۽ سٺين شين کي ٻنهي مَنَوَرتين وارا ماڻهو چاهين ٿا_ پر هڪڙا اُنهن شين کي مفت ۾ ائين ماڻڻ گهرن ٿا، جيئن اُهي آهن يا کين ميسر ٿين، ٻيا اُهي جيڪي پنهنجي جاکوڙ سان زندگيءَ کي وڌيڪ سهڻو ۽ سُٺو بنائڻ به گهرن ٿا ته جيئن کين تنهان ئي وڌيڪ سهڻيون ۽ سٺيون شيون ماڻڻ لاءِ ملي سگهن ۽ اُن جاکوڙ ۽ جدوجهد ۾ کين جيئڻ جو اُهوئي رس ملي ٿو، جيڪو خود انهن شين جي ماڻڻ مان کين ملي ٿو. چنيسر جو مَنُ موت جي خوف ۾ ورتل مَنُ آهي، ۽ هو عزت جي موت کان ذلت جي زندگي بهتر سمجھي ٿو، ۽ گيديءَ وانگر ڏهه ڏهه ڀيرا موت مري به زندهه رهڻ گهري ٿو، ڇو جو_
”ڏاهپ جو آ ڏس اِهوئي_
جيئڻَ جهڙو جَس نه ڪوئي.“

”هرشيءِ اچڻي وڃڻي آهي،
”هر شيءِ ڀيري ڀڃڻي آهي؛
”جيڪي آهي سو هي پَل آ،
”موت اٽل آ موت اٽل آ؛
”ڏوهيءَ جو ساڻيهه به ساڳيو،
”بي ڏوهيءَ جو ڏيهه به ساڳيو_
”ڇو جو هر ڪنهن کي مرڻو آهي،
”ڀونءِ جو اونهو ڀِڀُ ڀرڻو آهي“......

”_موت ائين آ هُن جي من ۾،
چچڙ جئن ڪَتي جي ڪَن ۾،“
هِن ڊرامي جو ٻيو ڪردار، ڇولي ڪنڀارڻ، سنڌ ۽ سنڌي تهذيب جي علامت طور آندل آهي، جا پنهنجي اصليت وڃائي ويٺي هئي ۽ اوچتو پنهنجو هر روحاني قدر ڊانوا ڊپل ٿيندي ڏسي، وري پنهنجيءَ اصليت ڏانهن واپس وري ٿي. ٻئي پاسي دودو آهي، جو زندگيءَ جو سرواڻ ۽ اُن جو معمار آهي، ۽ هو زندگيءَ جي حال ۽ مستقبل جي بقا ۽ بهتريءَ لاءِ موت ضروري سمجھي، کلندي ۽ خوش ٿيندي، پاڻ کي موت جي مُنهن ۾ اڇلي ڇڏي ٿو_ اِنهيءَ لاءِ ته زندگيءَ جو سلسلو قائم رهي، وڌي ۽ اُن ۾ وڌيڪ حسن پيدا ٿئي:
هر روز پتنگا ڄرڪن ٿا،
ڏس، ڏيئي لاٽ ائين ئي آ!
هڪ جوت ٻُجھي، ٻي جوت جلي،
هر وقت جھروڪا جھرڪن ٿا_
ڏس، ڏيئي لاٽ ائين ئي آ!
هر اوندهه ۾، هر اوجھڙ ۾،
ڪي ماڻهو مُرڪن مَرڪن ٿا_
ڏس، ڏيئي لاٽ ائين ئي آ!
ڏس، ڏيئي لاٽ ائين ئي آ!
ٻيو منظوم ڊرامو، ”رني ڪوٽ جا ڏاڙيل“، پڻ هڪ علامتي ڊرامو آهي، جنهن ۾ پڻ، طبقاتي جدوجهد جي پڌر تي، زندگيءَ ۽ موت جي ساڳين ٻن متضاد نظرين جو عملي اظهار ٿيل آهي، اُن جا ڪردار_ ولهار ۽ وينگس، ۽ آڍو، ڪاڍو ۽ ڏاڍو_ به ڪي رڳو پراڻي جُڳ جا يا ڪي لڪل ڪردار نه آهن. پڙهڻ سان چوڌاري ڪو اُنهن کي پنهنجي آسپاس ڏسي ۽ سڃاڻي سگهي ٿو. وينگس کي سنڌ جي سونهن ۽ سوڀيا ۽ ولهار کي سنڌ جي آباديءَ ۽ خوشحاليءَ، ۽ آڍي، ڪاڍي ۽ ڏاڍي کي اُنهن جي دشمن ڪردارن، مثلاً سامراج، جاگيردار ۽ سرمايه دار، جي صورت چئي سگهجي ٿي.
مارچ 1969ع کان پوءِ جا ٻه مهينا قومي جمهوري جدوجهد جي نتجي ۾ آمريت جي خاتمي کان پوءِ جا ٻه مهينا هئا، جن ۾ عوام جي اُن عظيم فتح تي چوڌاري خوشي به هئي، ۽ ٻيهر مارشل لا جي اچڻ تي، رنج ۽ نراسائيءَ سان گڏ، اڳتي وڌي اڻ_پوري انقلاب کي پوري ڪرڻ جو جذبو ۽ عزم پڻ عام هئا. اياز جو هن مجموعي ۾ آيل سڄو شعر، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو، اُنهن ٻن مهينن جي دور جي تخليق آهي، ۽ اُن ۾ اِهائي اُن دور جي خارجي حقيقت عڪس ٿيل ڏسي سگهجي ٿي. ذڪر ٿيل ٻن منظوم ڊرامائن کان علاوه اِها رنج، نراسائيءَ ۽ اڳتي وڌڻ جي عزم جي عڪاسي هن مجموعي جي باقي شعر جي گهڻي ڀاڱي ۾ پڻ موجود آهي. مثلاً، هيٺيان گيت، غزل ۽ نظم اِن سلسلي ۾ پڙهي سگهجن ٿا_
هئه هئه ٻيريون ڄاڱريون!
هئه هئه آرتيون آڱريون! (ص 62)
·
وٽ جلائي ويهه!
آئي رات اَماس جي........ (ص 64)
·
گهرَ گهرَ جوت جلائي،
سانجھي آئي...... (ص 65)
·
اَڏا لَڪ ته ڏس!
چنڊ پيو اُڀري........ (ص68)
·
ڪنب نه تون ڪاپائتي،
ڪنبڻ واريون ڪوههُ ڪتينديون! (ص69)
·
ڳاڙها ڳيرو آئيا_
دولهه منهنجي ديس جا! (ص 9)
·
ونجھ تکيرا وانجھيو!
گهاٽ پري آهي............ (ص 70)
·
چِٽ پورا ڪيا گهڙي تي مون،
ڏس، نهائين اڃا تَتِي نه تَتِي! (ص 70)
·
شاعري، جي روح گرمائي نه ٿي....... (ص83)
·
هر منزل کان اڳتي وڃ!
ڪنهن منزل تي پير نه ٺار! (87)
·
ٿي ماڪ وسي ميخاني تي،
ڪي رند ڪڙو کڙڪائن ٿا......... ( ص112)
·
ڇا سوچان ٿو مان! ڪيئن چوان! (ص 107)
·
دل روز چوي ٿي دور وڃان........ (ص 112)
·
گهايل سوار کي
ڪارا ڪُميت تون
ڪيڏانهن نيندين!........ (ص 123)
·
جت لُڪ لڳي، جت اَڪ تپن،
سو ديس مسافر، منهنجو ڙي! (ص125)
·
ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ،
مسافر،
ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ!....... (ص127)
ادب ۽ فن جا ڪي نقاد اعليٰ ادب ۾ انهيءَ نموني پنهنجي وقت جي مسئلن جو ذڪر پنهنجي وقت جي ماڻهن لاءِ نه رڳو غير ضروري پر معيوب سمجھن ٿا. سندن راءِ موجب، ادب ۽ فن جي آفاقي ڪيفيت زمان ۽ مڪان جي اهڙي تعلق سبب قائم رهي نٿي سگهي. هنن جو چوڻ آهي ته ادب ڪنهن خاص قوم يا ڪنهن خاص و قت لاءِ نه بلڪ عالمي اهميت جو ۽ مستقبل يعني ايندڙ نسلن لاءِ هوندو آهي. هو ادب جي سماجي ڪارج کان گويا هِن معنيٰ ۾ انڪاري آهن ته ادب کي ڪنهن هلندڙ وقت ۾ ۽ ڪنهن خاص سماج لاءِ ڪو ڪارج ادا ڪرڻ گهرجي. پر، ڪيوبا جي انقلاب جي سالار اعظم، فيڊل ڪئسٽرو، جي لفظن ۾ ”اسين چئون ٿا ته اهڙا ڪي به فنڪار ڪين آهن، جيڪي فقط ايندڙ نسلن لاءِ پنهنجي فن جي تخليق ڪندا هجن. پنهنجي اِن راءِ کي رد ڪد کان مٿي نه سمجھندي، اسين اهو يقين رکون ٿا ته جيڪو به انهيءَ مفروضي تي هلي ٿو، اُهو خود فريبيءَ جو شڪار آهي. اِن جو اهو به مطلب نه آهي ته جيڪو فنڪار پنهنجي وقت جي ماڻهن لاءِ ڪاوش ڪري ٿو، تنهن لاءِ اِهو ڪو امڪان ئي ڪونهي ته هُن جي تخليق ايندڙ نسلن وٽ مقبول ۽ معروف ٿي سگهي_ ڇاڪاڻ ته جڏهن فنڪار ڪا تخليق پنهنجي وقت جي ماڻهن لاءِ ٺاهي ٿو، پوءِ اُهي سندس پنهنجي وقت جا ماڻهو اُن کي سمجھي به سگهن يا نه، تڏهن، بلڪل اُن سبب ڪري ئي، اڳتي هلي، اُها تخليق تاريخي ۽ عالمي اهميت حاصل ڪري سگهي ٿي. اسين انقلابُ ايندڙ نسلن لاءِ ڪونه آڻي رهيا آهيون، اسين انقلاب هن نسل جي ساٿ سان ۽ هِن نسل لاءِ آڻي رهيا آهيون_ پوءِ اُهو ايندڙ نسل لاءِ ڪيتري قدر به کڻي فائدي وارو ٿئي ۽ ڪيتري قدر به کڻي اُهو تاريخ جو هڪ عظيم واقعو ثابت ٿئي. اسين مستقبل جي ماڻهن لاءِ انقلاب ڪونه آڻي رهيا آهيون. هيءُ انقلاب مستقبل جي ماڻهن لاءَ اهميت رکندو، ڇاڪاڻ ته اِهو اڄ لاءِ ۽ اڄ جي مردن ۽ اڄ جي عورتن لاءِ انقلاب آهي. جيڪڏهن اسين مستقبل جي نسلن لاءِ انقلاب آڻيندا هجون، ته اُن حالت ۾ اسان کي هوند ڪير مڃي ۽ ڪير اسان جي پوئتان هلي؟ سچ پچ ته اسين فقط پنهنجي وقت جي ماڻهن لاءِ ئي ڪاوش ڪريون ٿا. ۽ اسان جي تخليق اُنهن لاءِ ئي آهي_ ۽ ائين ڪرڻ سان ڪابه فني تخليق لافاني شهرت جي اعزاز کان محروم نٿي ٿي سگهي.“·
اياز جي شعر جي فني تجربي کان مون هميشه پاڻ کي مجبور پئي سمجھيو آهي ۽ شايد هيءُ ڪم سواءِ خود اياز جي ٻئي ڪنهن نقاد کان پوريءَ طرح نه به ٿي سگهي. خاص طرح اياز جا نظم انهيءَ لحاظ کان مون کي ڏاڍا انوکا پئي معلوم ٿيا آهن. اُنهن کي نظم جو ڪوبه مروج روپ نه آهي ۽ ائين ٿو لڳي، ڄڻ ڪنهن نشي ۾ آيل مصور ڪيئي رنگ ڪئنواس تي هاري، بُرش جي زوردار جھٽڪن سان، گهڙيءَ ۾ عجيب غريب نقش ٺاهي ورتا هجن! ”هي گيت اڃايل مورن جا“ ۽ ”رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي“ وارا سندس نظم پڙهي، محسوس ٿو ٿئي ته اُهي ڪنهن شيش محل جي گهڙيل ۽ ماپيل هڪَڪَرن شيشن وانگر نه آهن، پر ڄڻ اونداهيءَ رات ۾ ڪنهن جوالا اوچتو ڦاڙ کاڌو آهي ۽ ٻرندڙ اڱرن ۽ ڌاتن چوڌاري پکڙجي هڪ عجيب جھرمر لائي ڏني آهي. نظمن جي انهيءَ بي ساختگيءَ، روانيءَ، رنگارنگيءَ ۽ انوکائيءَ ۾، ساڳئي وقت هڪ گَهري، رچي ريٽي ٿيل انقلابي شعور جو اظهار پنهنجي ڪمال تي پهتل آهي، جنهن ۾ سنڌ، پاڪستان ۽ برصغير جي ماضيءَ، حال ۽ مستقبل جو اُهو يگانو تصور آهي، جو صدين تائين اسان جي ديس واسين جي روح کي گرمائيندو رهندو، ۽ انقلابي سياست جي هر لاهي چاڙهي ۾ اُن جو ساٿي ۽ سونهون ٿي ڪم ايندو. مون کي انهيءَ لکڻ ۾ ڪائي هٻڪ نه ٿي ٿئي ته ته اياز جي اڳين ۽ هن مجموعي جي نظمن ۽ ٻئي ڪلام ۾ هن ڌرتيءَ جي پيڙهيءَ پيڙهيءَ جي هزارين سالن پراڻي پيڙا ڇڪجي آئي آهي ۽ اُن پيڙا مان ڇوٽڪاري جو اَمر سپنو به هن جي ساڳيءَ شاعريءَ ۾ آهي. جنهن سپني کي ساڀيا بنائڻ لاءِ هن پنهنجي آرام جي زندگي ترڪ ڪري، قيد ۽ ملامتون قبوليون آهن.
هن مجموعي ۾ آيل اياز جا غزل به غزل جي ايراني ۽ اردو روايت سان پوري بغاوت آهن، انهن کي فقط فارم غزل جو آهي، پر انهن جي ٻولي ۽ انهن جو فني حسن سنڌ جي تهذيب ۽ ڌرتيءَ مان ائين اُسريو آهي، جيئن برسات کان پوءِ ٿَرُ اوچتو سائو ٿي ويندو آهي ۽ اُن جي ساوڪ ۽ سُرهاڻ لونءَ لونءَ ۾ گهر ڪري ويهندي آهي. هر غزل کي گيت جو ترنم ۽ نظم جي معنوي گهرائي آهي، جا به ان کي روايتي غزل کان بلڪل انوکو ۽ نرالو ثابت ڪري ٿي، ۽ شاعريءَ جي هن صنف ۾ هڪ نئينءَ روايت جو بنياد رکي ٿي.
هن مجموعي جون وايون ۽ گيت به فارم ۽ ترنم جي خيال کان ساڳين صنفن ۾ اڳ ڪيل تجربن کان مختلف ۽ وڌيڪ موهيندڙ آهن_ مثلاً:
ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو،
سائو نه سلڙو، ڇانگون نه ڇيلڙا!
مارو اڪيلڙا!
·
جيجل منهنجو جيئڙو!
هئه هئه منهنجو جيئڙو!
آئي مند گلاب جي........
·
هئه هئه منهنجي چولڙي
ڌوَءُ نه ڌوٻيءَ گهاٽ تي!.........
·
هن مجموعي جي سڄي شعر ۾ اياز سوين نوان قافيا استعمال ڪيا آهن، جي هُن اڳ ڪڏهن به ڪم نه آندا آهن. اردو شاعريءَ کي ڏسو ته پوريءَ شاعريءَ ۾ ڪل سَؤ سوا کن قافيا نظر ايندا، جي ”ولي“ دکنيءَ کان فيض احمد ”فيض“ تائين شاعرن وري وري پئي ڪم آندا آهن. اياز هڪ ڀيري ”فيض“ کان پڇيو هو، ”فيض! تنهنجي چئن ئي ڪتابن_ نقش فريادي، دست صبا، زندان نامه، ۽ دست تهه سنگ_ ۾ ڪو اهڙو هڪ به لفظ يا قافيو آيل آهي، جو اڳ اردوءَ جي شاعرن ڪم نه آندو آهي؟“ _ته فيض لاجواب ٿي ويو هو. اياز پنهنجيءَ ٻوليءَ کي ڪتابي ٻوليءَ مان ڪڍي ۽ عوامي ٻوليءَ سان مالامال ڪري، ان کي ايڏي وسعت ۽ تازگي ڏني آهي، جو سنڌي شاعري سمورا بند ڀڃي هڪ ڀيرو ٻيهر اڳتي وڌي آهي، ۽ اُن مان نوان لفظ، نيون ترڪيبون ۽ نوان قافيا هاڻي کُٽڻائي نه آهن ۽ ان جي فڪر ۽ جذبي جي اجھل پالوٽ هاڻي بيهڻي ئي نه آهي.
آخر ۾ مان هي لکي اياز جي هن ڪلام جو هيءُ مهاڳ ختم ٿو ڪيان ته شايد ئي ڪنهن شاعر پنهنجي شعر ۾ فن ۽ انقلاب ٻنهي کي ايترو هڪ وقت اُڀاريو ۽ اُجاگر ڪيو هجي، جيترو اياز ڪيو آهي. نئين انقلابي سنڌُ ان جي جيئري جاڳندي ثابتي آهي ته ڪيئن هڪ عظيم انقلابي شاعر پنهنجي فن جي ذريعي قوم جي تقدير ڦيرائي سگهندو آهي. سنڌ جي اَمر شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ فن جي مقصديت جي باري ۾ ڪهڙو نه چڱو چيو آهي_
ريءَ مصلحت مڱڻا، قصر ڪين اچن!

حيدرآباد، سنڌ م.ا.ج
21_7_1970ع

قومون جڏهن پاڻ کي سڃاڻڻ ۽ سمجھڻ چاهينديون آهن، تڏهن پهريائين پنهنجي ٻوليءَ کي سڃاڻنديون ۽ سمجهنديون آهن_ ڇو ته ٻولي ئي سندن سڃاڻپ جو اصل نشان ٿئي ٿي. هر قوم جي پنهنجي پيڙهائتي ٻولي آهي. اُڌاري ٻوليءَ يا گاڌڙ ٻوليءَ تي هلندڙ قوم جي زندگي جُڙتو ۽ کوکلي ٿئي ٿي. جيتري نبار ۽ نج ٻولي، اوترو ان قوم لاءِ پاڻ سڃاڻڻ سولو ۽ پنهنجي آزادي ماڻڻ آسان ٿئي ٿي. اِهوئي سبب آهي، جو تاريخ ۾ جڏهن به ڪنهن قوم پاڻ کي قوم سڏائڻ جي لائق سمجھيو آهي، تڏهن پهريائين اُن پنهنجي ٻوليءَ کي جياريو آهي ۽ وڌايو آهي_ توڙي جو سندس اُها ٻولي سوين سال ڪم نه آئي هجي، يا ان جو ادب کڻي ڪيترو به پوئتي پيل ۽ اڻپورو رهجي ويل هجي، ۽ ان جي لفظ کڻي ڪيترا به ڪم کان نڪري ويل هجن، يا رڳو اڻ پڙهيل جھانگين ۽ جھوپڙن ۾ رهندڙ ماڻهن وٽ باقي بچيا هجن. ٻوليءَ جي پنهنجن لفظن ۾ جيڪا ڇڪ ۽ ويجھڙائي ٿئي ٿي ۽ سمجھ ڀريل رهي ٿي، اُها ڌارين لفظن ۾ ڪڏهن به ڪانه ٿي رهي. پنهنجا لفظ کڻي ڪيترا به خيالي دنيا جا هجن، پر اُهي ڏٺل وائٺل دنيا سان لاڳا پيل رهن ٿا_ جيئن ڌارئين لفظ ”اتحاد“ جي سامهون پنهنجو لفظ ”ايڪو“ يا ”ٻڌي“ آهي، يا ڌارئين لفظ ”قرار داد“ جي سامهون پنهنجو لفظ ”ٺهراءُ“ آهي، ۽ ائين ٻيا لفظ_ ۽ انهيءَ ڪري اُهي نج پنهنجا لفظ ڳالهائيندڙ ۽ ٻڌندڙ ٻنهي کي هڪ سمجھه ۽ هڪ سڀاءَ جي ڏور ۾ ٻڌي ڇڏين ٿا.
· افلاطون جو ڪتاب ’دي ريپبلڪ‘ ص 496.
· فيڊل ڪئسٽرو_ ”دانشورن کي خطاب“، جون 1961ع.

 

وڄون وسڻ آئيون
”اياز“ جي شعر جو هيءُ چوٿون ڪتاب آهي، جو پيش ٿي رهيو آهي. هِن ڪتاب ۾ آيل شعر 1964-1968ع جي دور جو شعر آهي. سنڌ جي تاريخ جا هي چار سال نئين سنڌ جي قومي جدوجهد جا خاص يادگار سال آهن، انهن چئن سالن ۾ محب وطن سنڌي اديبن ۽ دانشورن ون_ يونٽ جي سامراج خلاف قومي جدوجهد جي اڳواڻيءَ جا فرض پوريءَ ڄاڻ، حوصلي ۽ ثابت قدميءَ سان ادا ڪيا، سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن جو هيءُ ڪردار سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ سدا روشن باب ٿي رهندو.
1955ع ۾ اولهه پاڪستان جي ننڍين قوميتن جي پيرن ۾ ون_ يونٽ جي غلاميءَ جا زنجير وڌا ويا. 1958ع ۾ ملڪ سان مارشل لا لڳائي، انهن زنجيرن کي مضبوط ڪيو ويو. 1958ع کان 1968ع وارا ڏهه سال اولهه پاڪستان ۾ هر طرف سياسي هيبت ڇانيل هئي، پر سنڌ ۾ اهي ڏهه سال سنڌ جي وطن دوست اديبن ۽ شاعرن جو آواز ڪڏهن به خاموش نه ٿيو. هن دور جا پويان چار سال ايوبي آمريت جا سخت ترين سال هئا. سنڌ جي باغي اديبن جي جدوجهد جو زور پڻ پنهنجي چوٽيءَ تي هنن ئي چئن سالن ۾ رهيو.
”اياز“ جو 1962ع ۾ ڇپيل پهريون شعر جو ڪتاب ”ڀؤنر ڀري آڪاس“ 1964ع ۾ ضبط ٿيو. ”اياز، جو ٻيو شعر جو ڪتاب ”ڪُلهي پاتم ڪينرو“ ۽ سندس نثر جو ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ 1968ع ۾ ضبط ٿيا. محب وطن سنڌي اديبن جا گهڻي ۾ گهڻا ڪتاب ۽ گهڻي ۾ گهڻا سنڌي رسالا به هِنن ئي چئن سالن ۾ ضبط ٿيا. 1965ع (سيپٽمبر_ ڊسمبر) ۾ پهريون ڀيرو ”اياز“ کي جيل موڪليو ويو. سندس لافاني نظم ”زندان، هزارين مان نه رڳو“ (جيڪو هن ڪتاب جي 55 ص. تي آيل آهي) اُن قيد جي ڏينهن جو رچيل آهي. 1968ع جي آخر ۾ مٿس قلم 123- الف (ڏوهه_ بغاوت، سزا_ عمر قيد، ڦاسي) هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو. هِن قلم هيٺ، پاڪستان ۾، اُن دؤر تائين، سواءِ خان غفار خان جي، ٻئي ڪنهن تي به ڪيس داخل نه ٿيو هو. هِن ڪيس ۾ گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت جي درخواست هاءِ ڪورٽ ۾ فيصل ٿئي ئي ٿئي، اُن کان اڳ نومبر 1968ع ۾ ايوب شاهيءَ جي تيرهن وڏن ڏوهارين (سنڌ مان ٽن_ ذوالفقار علي ڀٽي، ممتاز علي ڀُٽي ۽ مير رسول بخش خان ٽالپر) سان گڏ ”اياز“ کي پڻ قيد ڪيو ويو جن مان گهڻا پنجاب جي ساهيوال جيل ۾ بند ڪيا ويا، ۽ ”اياز“ به ساڻن گڏ اُتي هو. جهلجڻ کان ٿورو اڳ جون سندس رچيل وايون (”سنڌڙيءَ ساٿ سچوم، ڪوري ڪنڌ ڏنوم،_ گهوريُس گهوريُس سنڌ تي!“_ ۽ ٻيون) هِن ڪتاب جي آخر ۾ 201 ۽ 202 صفحن تي ڏنل آهن.
مطلب ته، جيئن مٿي چيو ويو، هِن ڪتاب ۾ ”اياز“ جو پيش ٿيل سڄو شعر سنڌي ادب جي 1964ع کان 1968ع تائين وارن چئن سالن جي شديد قومي جدوجهد جي دور جو شعر آهي. سنڌي ادب جا پڙهندڙ ۽ پارکو هن شعر جي فڪري ۽ فني اهميت پڻ سنڌ جي قومي تاريخ جي اِن اهم دور کي خيال ۾ رکي، ڪري سگهن ٿا.
فيبروري 1969ع ۾ جيل مان نڪرڻ کان فوراً پوءِ ”اياز“ جو ٻن مهينن، يعني مارچ_ اپريل، جو نئون رچيل ڪلام، اُن جي وقت ائينءَ اهميت سبب، ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“، جي نالي هيٺ بروقت شايع ٿيو. پر ان کان اڳ جو سندس هيءُ رچيل ڪلام، جيڪو هاڻي هِن ڪتاب ۾ پڌرو ٿي رهيو آهي، اُن جي اشاعت کي ان ڀيري روڪيو ويو هو. هيءُ ڪلام گهڻي ڀاڱي پنهنجي پنهنجي وقت تي هڪ ڀيرو ڇپجي به چڪو هو_ اڪثر طور انهن ڏينهن جي سجاڳ، ذميدار ۽ پختي قومي شعور رکندڙ ماهياتي ادبي رسالي ”روح رهاڻ“ جي ورقن ۾، ”حل جل مشعل جل.....“، ”هي گيت اڃايل مورن جا“ ۽ ”رت آئي ڳاڙهن پيرن جي“ وارا ننڍا ننڍا مجموعا، الڳ الڳ، پهريائين ان رسالي ۾ ئي ڇپيا هئا، جن مان پهرين ٻن مجموعن تي، تعارف طور، راقم جا مهاڳ به انهن موقعن تي ڇپيا هئا اهي به مهاڳ به هن ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ 205 ص کان 211 صفحي تي شامل ڪيا ويا آهن، ته جيئن پڙهندڙن جي سامهون ان وقت جي مخصوص ادبي ۽ سياسي فضا جو نقشو اُڀري سگهي.
مئي 1971ع ۾ ”اياز“ کي وري جيل وڃڻو پيو، جتان هو جنوري 1972ع ۾ آزاد ٿيو. هي اٺ مهينا ”مسلم بنگال“ سڙندو رهيو، پر هتي اولهه پاڪستان ۾، ’قومي ٻوليءَ‘ جا شاعر، وڏي ٺٺ سان، ”غالب ڪِي دربارِ عام“ جا جشن عام ملهائڻ ۾ مشغول رهيا. ”اياز“ اِهي اٺ مهينا قيد ۾ رهيو، ۽ بنديخاني جي اُنهن مهينن ۾ هُن سنڌ کي لڳ ڀڳ ٽن سؤ صفحن جو وڌيڪ ڪلام ڏنو. قومن جي عظمت ۽ بقا جي ضمانت قومن جا خاص خادم پنهنجي اعليٰ پورهئي جي اهڙين بي بها ۽ لافاني تخليقن جي شڪل ۾ ئي پيش ڪندا آهن. سنڌ جڏهن ڦورو نادر شاهه ۽ اهڙي ئي شيطان صفت سندس جُٽ ۽ پونير احمد شاهه ابداليءَ جي خوني گهوڙن جي سُنبن هيٺان چيٿاڙجي رتورت ٿي رهي هئي، تڏهن بيواهيءَ سنڌ جو سورائتو سپوت، شاهه عبداللطيف، پري پنهنجيءَ ڀِٽ تي پاڻ کي بند سمجهي، سنڌ جي لازوال عظمت ۽ بقا جو صحيفو تخليق ڪري رهيو هو. اڄ سنڌ وٽ ”شاهه جو رسالو“ نه هجي ها، ته سنڌ جي قومي وجود جي دعويٰ جو دليل ئي ڪيترو هجي ها! ”اياز“ جو هيءُ نئون ڪلام، جيڪو هُن پاڪستان ۾ بنگال جي رتوڇاڻ هلندي، قيد جي اٺن مهينن ۾ تخليق ڪيو، سو جدا مجموعي ۾ ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“ جي نالي هيٺ گڏ ڪيو ويو آهي، ۽ اميد آهي ته هِن زير نطر ڪتاب جي اشاعت کان هڪدم پوءِ پريس ۾ موڪليو ويندو.
ڪجهه ڏينهن اڳ، هلڪي ۽ پاڻَ هُرتڙي سياست، رڳو پاڻُ اڳي ڪرڻ لاءِ، جُڙتو سنڌ دوستيءَ جو جامو پائي، قومي جدوجهد ۾ محب وطن سنڌي اديبن جي تاريخي ڪردار کي لوئڻ ۽ گهٽائڻ شروع ڪيو_ افسوس، جو ان ۾ هُن سنڌ ۽ سنڌي عوام جي ڄاتل سڃاتل ۽ آزمايل قومي دشمنن ۽ اُنهن جي نجس ۽ لوسي ٻولڙين جي پاسي کڻڻ ۽ پاسي جهلڻ کان به حذر نه ڪيو. هن قسم جي خودپسند سياست ئي پهرياين اسان جي محب وطن شاگرد تحريڪ ۾ تفرقا وڌا ۽ ان کي ڊانواڊول ڪيو. خوشيءَ جي ڳالهه آهي، جو اسان جي ادبي دنيا ۾ هن سوليءَ ۽ سستيءَ سنڌ_ دشمن سياست کي هيل تائين ناڪاميءَ جو مُنهن ڏسڻو پيو آهي، ۽ محب وطن سنڌي اديب ۽ دانشور پنهنجيءَ ڳالهه تي اڄ به اُنهيءَ ئي ثابت قدميءَ سان قائم بيٺا آهن، جهڙا اڳي هئا، هو پنهنجي ادب جو واحد سماجي ڪارج هي سمجهن ٿا ته اُهو سنڌ جي قومي جدوجهد ۽ سنڌي عوام جي وطن دوست انقلابي جدوجهد ۾ هڪ ڪارگر ۽ مضبوط هٿيار جو ڪم ڏيئي سگهي.
اسان جي سڄاڻ ۽ پياري ساٿيءَ، رسول بخش پليجي، جي لفظن ۾ ”اسان جي قومي ادب کي اڃا ڪئين کوٽن ۽ ڪمزورين تي غالب پوڻو آهي_ ان کي اڃا صحيح معنيٰ ۾ انقلابي ۽ عوامي ٿيڻو آهي.“ وقت آيو آهي، جو اسان جا سمجهه ۽ ساڃهه رکندڙ اديب ۽ شاعر، وطن دوست عوامي انقلاب جي راهه ۾_ جيڪا راهه اسان لاءِ تاريخ اڄ مقرر ڪئي آهي_ پنهنجون سموريون فڪري ۽ فني ڪوششون ظالم ۽ ڦورو طبقن جي ظلم ۽ ڦرلٽ کان پنهنجي محبوب وطن کي آزاد ڪرائڻ ۾ صرف ڪن. اميد آهي ته ”اياز“ جي هِنن ٻن ڪتابن_ ”وڄون وسڻ آئيون“ (جيڪو پڙهندڙن جي هٿ ۾ آهي) ۽ ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“_ جي شايع ٿيڻ سان سنڌي ادب، پنهنجي منصب ۽ معيار جي خيال کان، نئين سر اڳتي وڌڻ شروع ڪندو.
ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ شعر جي فهرست ڏني ويئي اهي، جنهن ۾ بيتن کان سواءِ، ٻئي هر شعر يعني واين، گيتن، نظمن، غزلن، لوڪ گيتن وغيره جي پهرين پهرين سٽ ڏنل آهي، ته جيئن پڙهندڙن کي خاص خاص شعر کي ڳولي پڙهڻ ۾ سولائي ٿي سگهي. شعر جي فهرست کان پوءِ ”اياز“ جي شعر ۾ ڪم آندل ڪن ٺيٺ سنڌي لفظن جون معنائون به ڏنيون ويون آهن، جي سنڌ جي عوام لاءِ ته اوپرا نٿا ٿِي سگهن، پر عوام جي دنيا کان پري شهرن ۾ رهندي رهندي، اسان جي ڪن لکيل پڙهيل ڀائرن لاءِ البت نوان ٿي سگهن ٿا.
قومون جڏهن پاڻ کي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ چاهينديون آهن، تڏهن پهريائين پنهنجي ٻوليءَ کي سڃاڻنديون ۽ سمجهنديون آهن_ ڇو ته ٻولي ئي سندن سڃاڻپ جو اصل نشان ٿئي ٿي. هر قوم جي پنهنجي پيڙهائتي ٻولي آهي. اڌاري ٻوليءَ يا گاڏڙ ٻوليءَ تي هلندڙ قوم جي زندگي جُڙتو ۽ کوکلي ٿئي ٿي، جيتري نبار ۽ نج ٻولي، اوترو ان قوم لاءِ پاڻ سڃاڻڻ سولو ۽ پنهنجي آزادي ماڻڻ آسان ٿئي ٿي. اِهوئي سبب آهي، جو تاريخ ۾ جڏهن به ڪنهن قوم پاڻ کي قوم سڏائڻ جي لائق سمجهيو آهي، تڏهن پهريائين اُن پنهنجي ٻوليءَ کي جياريو آهي ۽ وڌايو آهي_ توڙي جو سندس اُها ٻولي سوين سال ڪم نه آئي هجي، يا ان جو ادب کڻي ڪيترو به پوئتي پيل ۽ اڻپورو رهجي ويل هجي ۽ ان جا لفظ کڻي ڪيترا به ڪم کان نڪري ويل هجن، يا رڳو اڻ پڙهيل جهانگين ۽ جهوپڙن ۾ رهندڙ ماڻهن وٽ باقي وڃي بچيا هجن. ٻوليءَ جي پنهنجن لفظن ۾ جيڪا ڇڪ ۽ ويجهڙائي ٿئي ٿي ۽ سمجهه ڀريل رهي ٿي، اُها ڌارين لفظن ۾ ڪڏهن به ڪانه ٿي رهي. پنهنجا لفظ کڻي ڪيترا به خيالي دنيا جا هجن، پر اُهي ڏٺل وائٺل دنيا سان لاڳاپيل رهن ٿا_ جيئن ڌارئين لفظ ”اتحاد“ جي سامهون پنهنجو لفظ ”ايڪو“ يا ”ٻَڌِي“ آهي، يا ڌارئين لفظ ”قرارداد“ جي سامهون پنهنجو لفظ ”ٺهراءُ“ آهي، ۽ ائين ٻيا لفظ_ ۽ انهيءَ ڪري اُهي نج پنهنجا لفظ ڳالهائيندڙ ۽ ٻڌندڙ ٻنهي کي هڪَ سمجهه ۽ هڪَ سڀاءَ جي ڏور ۾ ٻڌي ڇڏين ٿا، جيڪڏهن ادب کي قومي ادب ٿيڻو آهي ۽ قومي ادب کي اڳتي وڌي صحيح معنيٰ ۾ عوامي ادب ٿيڻو آهي ۽ قومي ادب کي اڳتي وڌي صحيح معنيٰ ۾ عوامي ادب ٿيڻو آهي ته ان لاءِ ادب جي ٻوليءَ کي پهريائين ڇڙجي ڇنڍجي قومي ٻولي يا عوامي ٻولي بنجڻو آهي. قومي ۽ عوامي ادب جي راهه ۾، ٻين ڳالهين سان گڏ، .اياز“ پنهنجي شعري ٻوليءَ کي جو قومي ۽ عوامي رنگ ڏنو آهي. اِهو سندس ڪم سنڌي قوم ۽ اُن جي آئيندي لاءِ آب حيات کان گهٽ نه آهي.
”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“ جي ڪلام کان پوءِ (جيڪو پوئين ڀيري جيل ۾ ”اياز“ چيو)، ٻيو ڪو وڌيڪ ڪلام. هِن ڏيڍ سال کن جي مدت ۾ هن ڪونه رچيو آهي. شايد شاعريءَ جي ڏات، جنهن کي ”اياز“ پنهنجي هڪ مضمون ۾ ”بيوفا سُريت“ ڪوٺيو آهي، هڪ ڀيرو وري کانئس رُسي ويئي آهي، پر اُها وٽس وري ايندي، ۽ سنڌي ٻوليءَ کي هڪ نئين ڪوتا ملندي، جا پڻ مهانُ هوندي، جا پڻ اَمر هوندي. هِن سلسلي ۾، .اياز“ پاڻ سان گڏ هر شاعر جي دل کي سمنڊ سان، اُن ۾ اٿندڙ امنگن کي سِپُن سان، خيالن کي موتين سان ۽ آسمان ۾ ڀرجي ايندڙ بادلن ۽ انهن مان وسندڙ مينهنِ کي حالات سان ڀيٽيندي، شاعريءَ جي هِن ڪرشمه آرائيءَ تي پاڻ به وڏي اچرج جو اظهار ڪيو آهي_
ڇا ڇا نه سمندر سَرجي!
ٿا بيتَ اَڇوتا سِپجن،
جنهن وقت گهٽا ٿي گِرجي_
ڇا ڇا نه سمندر سَرجي!
ڇا وِيرُون وِيروُن وايون!
هي جيءُ جڏهن ٿو ڀِرجي،
ڇا ڇا نه سمندر سَرجي!
_ پــــوءِ اُڌما اَلــڙَ اَلــــڙَ،
پوءِ ڇاڇَر ۾ ڇا ترجي!
_ ڇا ڇا نه سمندر سَرجي!
(”اياز“_ هن ڪتاب ۾ ص، 148 تي)
_ سو اسان جي هيءَ هاڻوڪي سنڌ جڏهن پاڻُ سڃاڻندي ۽ پاڻ ڀري ٿيندي، ۽ ان جو پورهيت عوام پنهنجا پنهنجا بند ڇني اُٿندو ۽ پنهنجي انقلابي جدوجهد سان پنهنجي هِن سونهاري ديس جي پاڪ ڌرتيءَ تي پرمارن جا کُتل نيش ۽ خوني چنبا پَٽي، ڀڃي ۽ پاڻ ڇڏائي، اڳتي وڌندو، تڏهن ان اَجهل ۽ عظيم عوامي انقلاب جي ”ڪاريءَ گهٽا“ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جو عظيم عوامي ادب به اَوس اُڀرندو. ان ادب جا شهڪار ڪير رچيندو؟ سنڌي نثر ۽ نظم ٻيئي، اُنهن لاءِ انتظار جون اکيون راهه ۾ وڇايون ويٺا آهن.
انقلاب پنهنجا اديب پاڻ پيدا ڪندو آهي، پر اِهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته ”اياز“ جو ڪجهه سنڌي ادب کي ڏنو آهي، اهو پنهنجيءَ جاءِ تي املهه ۽ بي مثل آهي، ۽ ”اياز“ کان سنڌي ادب کي اڃا جو ڪجهه ملڻو آهي، ان جو آسٿان اڃائي ڪجهه مٿي هوندو ۽ ان جو ملهه اڃا ئي ڪجهه اوچو هوندو_
پهريون پهريون
لفظ خدا جو ’ڪُن فَيڪؤن!‘
شاعر، موسيقار، مصور
سڀ ۾ ساڳيو جوش جنون_
ڪُن فَيَڪؤن!
ڏات خزانو آهي،
ڀل ته وراهي
موتي هيرا،
نيلم نِيرا!
ڀل ته ڪري سينگار صدين جا!
روڪ نه تن کي
ٽوڪ نه تن کي
هي جي سرجڻهار صدين جا_
_ ”اياز“_ ص، 148
”اياز“ شاعر، موسيقار ۽ مصور کي ”صدين جا سرجڻهار“ سڏيو آهي. ”اياز“ پاڻ به ”صدين جو سرجڻهار“ آهي. ”اياز“ جي شاعري اڄ لاءِ به آهي ۽ آئيندي لاءِ به آهي. ”اياز“ جي شاعري پنهنجي بي ساختگيءَ ۽ ٻولي جي سادگيءَ سبب عام جي شاعري ته آهي، پر ساڳئي وقت ڪجهه عام ۽ مٿاڇريءَ سمجهه کان مٿي به آهي. رواجي نموني ۾ هرڪو ان کي هؤڙهه سان پڙهيو وڃي، ۽ ائين به ڀانئين سگهي ٿو ته اهڙي سولي ۽ سڌي شاعري هو پاڻ به ڪري سگهي ٿو، ۽ هوند ڪري به ته ڏاڍو چڱو........ پر، خود ”اياز“ جي لفظن ۾_
جو ڳڻِ سڀڪا جيءَ ۾، ميران مَٽُ نه ڪا؛
ٿيندي گيڙوءَ گيت سان، ڪهڙي مُنڌ مَٽا!
ڪيرتَ ڪاڻياريون گهڻيون، ڪنهن ڪنهن مَنجهه ڪَلا؛
جنهن ۾ جيءَ جِلا، ڪانکي تَنهن جو ڪِينرو.
_ محمد ابراهيم جويو
حيدرآباد سنڌ
15-8-1983ع

ڪپر ٿو ڪُن ڪري
جيئن هر ڳالهه جو وقت ٿئي ٿو، تئين هرشيءِ جو، هر ماڻهوءَ جو، ماڻهوءَ جي هر ڪم جو وقت ٿئي ٿو. ائين ماڻهوءَ جي هر تخليقي شاهڪار جو به پنهنجو پنهنجو وقت ٿيندو آهي_ وقت جنهن ۾ اُهو اُپجي ٿو ۽ وقت جنهن لاءِ اُهو اُپجي ٿو، پر ڪي ڳالهيون، ڪي شيون ۽ ماڻهن جا ڪي ڪم اِئين بنهه وقتائتي هئڻ سان گڏوگڏ ڪنهن ڏورانهين آئيندي لاءِ به هوندا آهن. شيخ اياز جي هيءَ تخليق، ”ڪُپر ٿو ڪُن ڪري“، پڻ اِئين پنهنجي وقت جي تخليق آهي، ۽ ان جو پنهنجو هڪ دور، پنهنجو هڪ زمانو آهي، جنهن کي سمجهڻ پهريائين ضروري آهي، ته جيئن اُن جي سماجي ڪارج ۽ ادبي عظمت کي سمجهي سگهجي_ ۽ اُن کان پوءِ ئي ايندڙ وقت لاءِ اُن جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهيو.
شيخ اياز جي شعر جو هيءُ پنجون مجموعو آهي، جو پڌرو ٿي رهيو آهي، هن مجموعي ۾ آيل سندن سڄو شعر جيل جي اٺن ميهنن جي وقت جي تخليق آهي، جڏهن پاڻ ”ڊفينس آف پاڪستان رولس“ جا قيدي هئا. هيءُ وقت پاڪستان ۾ ظالم ترين ۽ احمق ترين آمريت جي عملداريءَ جو وقت هو. هيءُ اهو دور ۽ نفسانفسيءَ وارو زمانو هو، جنهن جو تفصيلي ذڪر نه ڪجي ته چڱو. عام سياسي افراتفريءَ ۽ مسلم بنگال ۾ رتوڇاڻ ساري ملڪ کي لوڏي ڇڏيو هو. اهڙو ماحول، اهڙي فضا_ جيل جي چؤديواريءَ اندر مئي 1971ع کان جنوري 1972ع جي اٺن مهينن ۾ ”اياز“ هيءُ شعر رچيو.
سنڌي ادب جي دنيا لاءِ هيءَ هڪ خوشيءَ جي ڳالهه چئي سگهجي ٿي، جو شاعر پنهنجي هِن تخليق جي مهاڳ لاءِ پنهنجي اُنهيءَ جيل جي وقت جي نوٽبڪ جا ڪي ورق اسان کي شايع ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن. اُهي اسين هن ڪتبا جي پهرين 56 صفحن تي پيش ڪري رهيا آهيون، اُنهن ۾ ڪي خيال ۽ تاثر خود شاعر جا پنهنجا آهن (جيڪي ڊبل واڪ جي نشانين ۾ ڏنا ويا آهن)، ۽ ڪي سندس مطالعي ۾ آيل ڪتابن مان ورتل يا ياد ٿيل آهن (_اُهي سنگل واڪ جي نشانين ۾ آندل آهن)، جيڪي هُن پنهنجي نوٽبڪ ۾ اُن وقت جي حالتن ڏانهن پنهنجي داخلي رد عمل طور درج ڪيا آهن. شاعر جي نوٽبڪ جا هي ورق اسان کي سندس من جي دنيا ۾ جهاتي پائڻ جو موقعو ڏين ٿا_ سندس من جي اُها دنيا، جيڪا سندس هن تخليقي شاهڪار جي سِرجڻ ۽ تخليق ٿيڻ جي وقت جي دنيا هئي. شاعر جي نوٽبڪ جا هي ورق نثر ۾ آهن، پر جيڪڏهن ڪو نثر پنهنجي ادبي لطافت ۽ حسن آفرينيءَ ۾ شعر جي اوچاين کي ڇُهي سگهي ٿو، ته هيءُ اُهو نثر آهي. ”اياز“ جي هن عظيم شعري تخليق، جي تعارف لاءِ اسان کي سندس نوٽبڪ جي هِنن ورقن کان بهتر ٻيو ڪو مهاڳ سوچ ۾ اچي نه سگهيو. اسان کي اميد آهي ته محب وطن سنڌي اديب ۽ ادب شناس پڙهندڙ شاعر جي هن پنهنجي تعارفي مهاڳ کي غور سان پڙهندا، ۽ اُن جو مطالعو کين سندس هن املهه شعري تخليق کي سمجهڻ ۽ ان جي تور تڪ ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهندو.
”اياز“ جي شعر جو چوٿون مجمعو، ”وڄون وسڻ آئيون“. سنه 1972ع ۾ شايع ٿيو هو. اُن جي مهاڳ ۾ چيو ويو هو ته سندن شعر جو نئون مجموعو، يعني هيءُ ڪتاب ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“، پريس ۾ موڪليو پيو وڃي. ارادو ته اِهو ئي هو، پر سنڌي ادب جا اهڙا ڀاڳ ڪٿي، جو اُن کي ڪو اهڙو ڊگهيءَ نگاهه وارو ۽ حوصليمند پبلشر ملي سگهي! ڪن ٻن چئن ته ان کي ڇپائڻ لاءِ هام پڻ هنئي، پر واري وٽيءَ تي مسودو کڻي، رکي رکي، وري وري موٽائي ڏنو. کنيو انهيءَ لاءِ هئائون ته ڇپائينداسون، نالو ٿيندو ۽ نفعو پڻ حاصل ٿيندو، پر سمجهجي ائين ٿو ته مسودي جي ڏسڻ ۽ پڙهڻ کان پوءِ کين اُن جي ڇپائڻ جي همت ڪانه ٿي سگهي. مسودي جي اهڙيءَ اوٽ موٽ ۾ پورا ٻه سال ضايع ٿي ويا.
نيٺ هيءُ فرض ”سنڌي اديبن جي ڪوآپريتو سوسائٽيءَ“ پاڻ تي هموار ڪيو، ۽ اِئين سوسائٽيءَ جي پهرين اشاعت طور هيءَ سنڌي ادب کي انقلاب آفرين پيشڪش اوهان تائين پهچي رهي آهي.
جيئن ڪتاب جي فهرست ۾ ڏسندا، هيءُ مجموعو ٽن مکيه ڀاڱن ۾ ورهايل آهي: (1) بيت، (2) وايون، (3) گيت، غزل ۽ نظم گڏ هڪ ڀاڱي ۾، بيتن ۾ پهريائين يارنهن موضوع سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي ڪلاسيڪي عنوانن جا آهن_ سورٺ، نوري، سسئي، سهڻي، ليلا، مومل، موکي، مارئي، گهاتو، ڪيڏارو ۽ ڪاپائتي، ”اياز“ هنن ڪلاسيڪي موضوعن کي تصوف جي ڄاتل سڃاتل رنگ ۽ رمز کان الڳ ڪري، جدا جدا، نئين فڪري روپ ۽ انداز ۾ پيش ڪيو آهي. اِن سلسلي ۾ ”ساميءَ جي نالي نوان سلوڪ“ پڻ، صدين کان ذهن تي ڇانيل مذهبي سوچ جي عيوض، اسان کي فڪر جي نئينءَ ۽ بي خوف دنيا سان روشناس ڪن ٿا. ان کان پوءِ متفرقا بيت پيش ڪيل آهن، جي پنهنجن الڳ الڳ عنوانن سان پڙهندڙن لاءِ پنهنجي پنهنجي اهميت رکي سگهن ٿا. اِن کان سواءِ هن مجموعي ۾ 2 وايون (2 ص 295-312)، ۽ 4 گيت، هڪ غزل ۽ 12 نظم (ص 313_ 334) آندل آهن، جن مان هرهڪ شيءِ پنهنجيءِ جاءِ تي، ادب ۽ فن جي پارکن وٽ املهه تحفو شمار ٿي سگهي ٿي.،
”اياز“ جي هن نئين شعري مجموعي کي پيش ڪندي، جتي اسان کي بيحد خوشي ۽ فخر ٿئي ٿو، اتي اُن جي اشاعت کي اُن جي شان مطابق پيش نه ڪري سگهڻ تي اسان کي گهڻو ڏک به ٿئي ٿو، نه اُن جو پنو سٺو آهي، نه اُن جي ڇپائي ايتري چڱي آهي، ۽ نه اُن جو ٻاهريون گيٽ اپ ۽ جُلدئي ايترو اوچو بنائي سگهيا آهيون، تنهن هوندي به ڇهه رپيا في ڪاپي اُن تي اسان جو خرچ اچي چڪو آهي. ڪتابن وڪڻڻ وارا چاليهه سيڪڙي ڪميشن کان گهٽ ڳالهه ڪانه ٿا ٻڌن. هڪ هزار ڪاپيون ڇاپرايون اٿئون، ۽ ڏهه رپيا في ڪاپيءَ جي وڪري سان اسان کي نفعو پائي به پلئه پوڻو ڪونهي_ رڳو مهلائتو خرچ نڪري اچي، ته به گهڻو ڪجهه ٿيو.
نئين سنڌي ادب جي اشاعت لاءِ، ڪي ڪسمپرسيءَ جي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي اديبن جي قدرشناسيءَ ۽ همت افزائيءَ لاءِ، املاڪ ۽ اختيار جا صاحب ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، چون ٿا ته پاڪستان آزاد آهي ۽ عوامي جمهوري حڪومت اٿس. صوبي جي خيال کان سنڌ به چون ٿا ته خودمختيار آهي ۽ اُن جي حڪومت به اسان جي پنهنجي آهي. پر سڌي ادب ۽ سنڌي اديبن لاءِ ڪجهه به ڪين ٿو ٿئي. اِن سلسلي ۾ گهڻو ڪجهه ٿيڻ گهرجي ۽ گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو، پر ’ڪيئن ۽ ڪڏهن‘ جو مسئلو آهي، جو ڪنهن کان حل ڪونه ٿو ٿئي، يعني ڪنهن کي توفيق ڪانه ٿي ٿئي، جو اِن پاسي ڪو پورو ڌيان ڏئي. بهرحال، محب وطن سنڌي اديب ۽ دانشور، ملڪ جي املاڪ ۽ اختيار جي صاحبن جي هن مجرمانه غيرذميداريءَ ۽ بي قدريءَ جي پرواهه نه ڪندي، پنهنجن محدود وسيلن آهر نه رڳو قلم جي پورهئي ۾ مصروف آهن، پر اُن پنهنجي نور نچوڙيل پورهئي جي اشاعت به پاڻ ڪندا رهن ٿا. سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ طرفان، سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز جي هن عظيم تخليق جي هيءَ اشاعت به اُن سلسلي جو هڪ قدم آهي. اسان کي يقين آهي ته اسان جا مهربان اديب ۽ شاعر ۽ اسان جا ادب شناس ۽ ادب نواز ۽ عام پڙهندڙ هن اسان جي ڪوشش جو قدر ڪندا.
_ ع.ق. شيخ
سيڪريٽري،
سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽو
سوسائٽي، لميٽيڊ، حيدرآباد
ڪراچي
10- فيبروري، 1975ع

 

 شاعر جي نوٽ بُڪ تان

(سينٽرل جيل، سکر: مئي، 1971ع_ جنوري، 1972ع)
”ڪالهه· ’ڊفينس آف پاڪستان رولز‘ هيٺ ٻڌي آيا ۽ ڇهن ميهنن لاءِ ’سي ڪلاس‘ ۾ نظربند رکيائون. مون کي گرفتاريءَ جي ته پڪ هئي، رڳو ڪجهه وقت اُن جو انتظار ڪرايائون. ڪجهه ڏينهن اڳ سکر بار اوڀر پاڪستان ۾ ڪيل فوجي ڪارروائيءَ جي حمايت ۾ ٺهراءُ بحال ڪرڻ لاءِ بار جي ميٽنگ ڪوٺائي هئي. مان بار جو صدر هيس، پر مون ان ميٽنگ تي صدارت ڪرڻ کان نابري واري. ٽئين ڏينهن تي ڪراچيءَ جي هڪ انگريزي هفتيوار ۾ هڪ خط شايع ٿيو ته مون فوج جي حمايت ۾ ڪوٺايل بار جي ميٽنگ تي صدارت ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي ۽ ان ڪري مون تي جوڳي ڪارروائي ڪئي وڃي. ساڳئي ڏينهن تي مرڪزي حڪومت جي_ ايم_ سيد کي پنهنجي گهر ۾ ڇهن مهينن لاءِ نظربند رکيو. مون سمجهيو ته هٿڪڙيون اِجهي آيون.
”ڪالهه سيشن ڪورٽ کي پوليس چوڌاري گهيرو ڪيو ۽ جيئن ئي مان عدالت کان ٻاهر نڪتس، مون کي گرفتار ڪيائون. مان اڃا تائين سمجهي نه سگهيو آهيان ته مون کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ايتريءَ پوليس جي ڪهڙي ضرورت هئي! هي ڪانئر سچ کان ڪيڏو نه ڊڄن ٿا!
”گرفتاريءَ کان پوءِ ڊي_ ايس_ پي مون کي ساڳئي ڊپٽي ڪمشنر وٽ وٺي آيو، جنهن ٻوليءَ وارن فسادن وقت مون تي خوني حملو ڪرايو هو، پر مان اتفاق سان بچي ويو هوس. هن مون کي جيل ۾ ’سي ڪلاس‘ ڏنو، هو ڪنڌ جهڪائي آرڊر لکي رهيو هو ۽ منهنجين اکين ۾ اهي ڪاريهر ڏسي نه سگهيو، جن جي وِهُه تي منهنجي شاعري پلي آهي. هو انهيءَ ڪامڻيءَ وِش_ ڪنيا کان ڏاڍو ڇرڪن ٿا، ڇو ته هو هاڻي ڀليءَ ڀت ڄاڻن ٿا ته ان جو وِهُه ڪنهن کي وِهاٽڻ لاءِ آهي.
”ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس مان ٻاهر نڪري، ڊي_ ايس_ پيءَ مون کي صلاح ڏني ته مان گهران بسترو گهرائي وٺان. مون پنهنجيءَ ڪار جي ڊرائيور کي گهر موڪليو ته هو بسترو کڻي اچي، پر ڪنهن کي به اهو نه ٻڌائي ته مان ڪيڏانهن ٿو وڃان. ٿوريءَ دير ۾ هو ڪار تي بسترو کڻي موٽي آيو. منهنجو پٽ به هن سان گڏجي آيو، جو ڏاڍو هيسيل ٿي نظر آيو. مون مُرڪي هن کي چيو، ’ابا جيئي سنڌ!‘ هن ورديءَ ۾ ڊي_ ايس_ پيءَ ڏانهن ڏسي، گهٽيل نڙيءَ سان جواب ڏنو ’جيئي سنڌ‘. مون هن کي ڪلهي تي هٿ رکي چيو ته هو موٽي گهر وڃي ۽ ٻين ڀاتين کي آٿت ڏئي، جنهن تي هن مون کي مايوسيءَ سان چيو ته ’امان کي ڇا چوان؟‘ مان ٽٻيءَ ۾ اچي ويس ۽ سوچيم ته هو ماءُ کي ڇا چوي. نيٺ مون هن کي چيو، ’ماءُ کي چئجانءِ ته بابا به ته سنڌ آهي، سنڌ کي ڪوئي ماري نٿو سگهي‘.“
........ ........ ........
”اوڀر پاڪستان کي ماري مڃايو وڃي يا اوڀر پاڪستان يحيٰ خان کي ماري مڃائي الڳ ٿي وڃي، ٻنهي صورتن ۾ پاڪستان تي فسطائي نظام مسلط ٿيڻو آهي. اُنهيءَ فسطائيت جا سياسي ۽ اقتصادي سبب ساڳيا ته نه هوندا، جي نازيءَ جرمنيءَ جي فسطائي فلسفي جو بنياد هئا، پر اُنهيءَ فلسفي جي آڙ وٺي، پاڪستان ۾ گهٽ ٻُوساٽ ۽ وٺ پڪڙ ائين ڪئي ويندي، جيئن نازي جرمنيءَ ۾ ٿي هئي. جرمنيءَ ۾ ڪيئي سائنسدان، دانشور، تاريخ نويس، اديب ۽ آرٽسٽ ماريا ويا هئا، ۽ ڪيئي ڀڄي وڃي آمريڪا نڪتا هئا. پولنڊ ۾ دانشور طبقي کي بلڪل ختم ڪيو ويو هو. جرمن يونيورسٽين ۾ نفسيات ۽ معاشيات جا شعبا بلڪل ختم ڪيا ويا هئا، ڇو ته انهن ۾ ڏنل تعليم نازي فلسفي کي نٿي آئڙي. ثقافتي زندگيءَ ۾ جتي ڪٿي آمريت پنهنجي زوراوري ڏيکاري هئي. اٽليءَ ۾ جيتوڻيڪ ڪرؤس (Croce) ۽ ٻيا فسطائيت جا مخالف دانشور گرفتار نه ڪيا ويا هئا، تڏهن به ڀَوَ ۽ ڏر جي ڪري، اُن دؤر ۾ اٽليءَ ۾ ڪوبه اهميت وارو ناول نه لکيو ويو هو ۽ نه وري ڪائي اهميت واري فلم ٺهي هئي يا موسيقيءَ يا ٻئي ڪنهن فن ۾ ڪائي عظيم تخليق ڪئي ويئي هئي.
”فسطائي امريت شاعريءَ لاءِ زهر آهي. هن وقت تائين آمرن مون کي دٻائڻ ۽ هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر مان هنن سان ڦيٽ کائيندو رهيو آهيان، پر اڳتي شايد اُها وِٿي به نه ملي. ممڪن آهي ته، زندگي به وِٿي نه ڏئي ۽ مان جيل ۾ ئي مري وڃان يا ماريو وڃان. اِن ڪري جيتري به زندگيءَ جي مهلت آهي، ۽ اُن ۾ مون کي جو ڪجهه لکڻو آهي، لکي وٺان. ناطم حڪمت ترڪيءَ ۾ نَو سال جيل ۾ رهيو هو، پر هو اُنهيءَ عرصي ۾ گهڻو ڪجهه لکي نه سگهيو هو_ جيتوڻيڪ هن جو ڪجهه به لکيو. اُهو اڄ انسان ذات جو امر ورثو آهي. مون کي گهڻو ڪجهه لکڻو اهي: سچ ته مون اڃا ڪجهه لکيو ئي ڪٿي آهي!“
........ ........ ........
”اوڀر پاڪستان ۾ قتلام ٿي رهيو آهي، ريڊيو ۽ اخبارون چوويهه ڪلاڪ ڪوڙ بڪي رهيون آهن، ۽ اولهه پاڪستان ۾ اهڙا ڏهه ڄڻا به نه آهن، جي وڏي واڪ سچ چئي سگهن. 1965ع واريءَ جنگ وقت به مان جيل ۾ هوس. آيو ويو منهنجي گهر کي پٿر هڻندو هو ته هي غدار جو گهر آهي. منهنجا ٻار گهر کان ٻاهر نڪري نه سگهندا هئا ۽ اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو هئائون. هاڻي ائين ته ڪونه ٿيندو. نيئن سنڌ فتويٰ ڏيئي چڪي آهي ته غدار ڪير آهن. پر هيڏي انڌير ۾ منهنجا ساٿي هيسجي ويا هوندا، ۽ سنڌي عوام ته ويسوڙو آهي.ڇا، مان پنهنجا سارا دک درد پاسي رکي، لکي سگهندس! آخر منهنجي ٻي نجات ئي ڪهڙي آهي؟“
........ ........ ........
”چڱو، جو بئرڪ ۾ اڪيلو رکيو اٿائون، مان ڀانئيان ٿو ته ڪجهه لکي پڙهي سگهندس.“
........ ........ ........
”ڏينهن ڏاڍا ٿا تپن. بئرڪ کان ٻاهر ڪانوَ جي اک ٿي نڪري. وارڊ ۾ پوکيل انبن جي وڻن مان ڄڀيون ٿيون نڪرن، ۽ مٿو تپي باهه ٿيو وڃي. جيل ۾ برف به نٿي آڻي سگهجي. گهڙي جو پاڻي ڪاڙهي وانگر ٿو لڳي. ها، پر وان گوگ (Von Gogh) وانگر گرمي منهنجي فن لاءِ وڌيڪ سازگار هوندي آهي، جنهن کي منهنجيءَ شاعريءَ جي تخليقي ڪيفيت کي سمجهڻو هجي، اُن لاءِ وان گوگ جي مصوريءَ جو اڀياس ضروري آهي.“
........ ........ ........
”اي ڏات! تون هڪ عظيم قوت آهين. تون هي ديوارون ڊاهي سگهين ٿي، هي اوچا ڪوٽ ڪيري سگهين ٿي. مون کي هن قيد مان آزاد ڪر، ته جيئن مان ايتريءَ محويت سان لکي سگهان، جيتريءَ سان جيل کان ٻاهر به لکي نه سگهندو آهيان. سارا سنساري ٻنڌڻ ڇني ڇڏ، سارا دک درد هئاءِ ۽ ڀرپور آواز سان ڳاءِ، متان هيءَ جندڙي گيت جي پورنتا کان اڳ پوري نٿي وڃي. جهڪي آءُ اي آڪاس ۽ مون کي هن پيڙا مان ڪڍي، پنهنجي گود ۾ کڻي وٺ! اي سنڌو، مونکي پاڻ وانگر آجيت بڻاءِ! اي ڌرتي، اي جڳت جنني، مون کي منهنجي مڪتي ڏي! آءُ! آءُ! هيءَ منهنجي پوئين پڪار آهي_ اُن کي آواز ڏي، سگهه ڏي، سُتنترتا ڏي، ته جيئن مان ثابت ڪري ڏيکاريان ته ماڻهوءَ جو من ڪوٽن ۾ قابو رهي به پنهنجي آجپائي پائي ٿو سگهي.“
........ ........ ........
”هيءَ سنڌ سدائين رهندي، ان تي سج اُڀرندو ۽ لهندو رهندو. رڳو مون جيئن اُن کي ڏٺو آهي، مون سان مري وڃڻو آهي. مان ان مشاهدي کي پنهنجي ’آءٌ مان آجو ڪرڻ ٿو چاهيان، ۽ اُن کي لکيل لفظ ۾ امر ڪري، پنهنجيءَ جندڙيءَ کان وڌيڪ جٽاءُ ڏيڻ ٿو چاهيان. مون اُن ۾ اُتر جون اوتون به ڏٺيون آهن، پَنَ_ جَهڙَ ۾ ڦيراٽيون کائيندڙ پن به ڏٺا آهن، ۽ ان جي لڱ ڪانڊاريندڙ سي جا سياٽا به سٺا آهن؛ منهنجن اکين اڳيان ڪرڙ ڪڪوريا ۽ ڪنڊا موريا آهن ۽ ٽوُهه وليون ٽهڪيون آهن؛ مون ڏٺو آهي ته جڏهن وڄون ورن ٿيون ته ڪيئن ’ڌمامين ڌَڪڪارُ‘ ٿئي ٿو، ٿر جا ٿوهر ڦلي پون ٿا ۽ پنهنجون ٻانهون آڪاس ڏانهن اڀيون ڪري ان جي آجيان ڪن ٿا، مون سنڌ جون لال لوئين واريون پاڻياريون به ڏٺيون آهن، ۽ اُنهن جا ڪونڌر به ڏٺا آهن، جن جي ڪلهن تي ڳنن ڳاڙهيون ڪهاڙيون هونديون آهن ۽ جي تيستائين مٿي تي پڳ نه ٻڌندا آهن، جيستائين پلئه نه ڪندا آهن. مون ڏٺيون آهن اُهي موڪريون ڇاتيون، ڀنڀيون ڏاڙيهون ۽ شهپر مڇون، جي صدين کان رُت جي ريت نڀائينديون ٿيون اچن، ۽ مون ڏٺيون آهن گهرج جي گهاڻي ۾ پيڙيل ۽ ڏمر ۽ ڏاڍ سان ڏهڪايل، نپوڙيل نِستيون جندڙيون ۽ اُنهن جا سارا پيڙيندڙ ۽ ڏهڪائيندڙ، ۽ اُهو سارو ناسور، جو سڌ جي رڳ رڳ مان چڪي رهيو آهي. مون سنڌ جي ماضيءَ ۾ ٽٻيون هنيون آهن، ۽ اُن جي مستقبل ڏانهن اُڏاڻو آهيان، ۽ ڪنهن اڻ ٿڪ ڪاتار وانگر مون اُڻيا آهن سپنا_ سنڌوءَ تي اڀرندڙ سج جا سُنهرا سپنا.
”ڇا، مان اهو سڀ ڪجهه پنهنجي شعر ۾ آڻي ٿو سگهان؟ ڇا مان شعلي کي مشعل مان جهٽي، اُن کي ابدي بڻائي ٿو سگهان؟ زندگي ڪيتري نه مختصر آهي!“
........ ........ ........
........ ........ ........
”مون هميشه سوچيو آهي ته ڇا شاعر سماج سان ذميدار آهي؟ مون شاعر جي ذميداريءَ کان ڪڏهن انڪار نه ڪيو آهي، پر هن جي ذميداري نهايت وسيع آهي. هن جي ذميداري انسان ذات سان آهي ۽ نه ڪنهن خاص سماج سان، ۽ جي ڪوئي سماج انسانيت جو ويري آهي ته شاعر اُن جو واهرو ٿي نٿو سگهي. ڪنهن به سياڻي سمجهوءَ جي پاڳل خاني سان ڪهڙي ذميداري ٿي سگهي ٿي؟ ڇا، هو پاڳل خاني جي نيم انوسار هلي؟ جي چريا رنڀڻ لڳن، ته هو به گلو ڦاڙي رنڀي؟ ڇا، هو ڪُوڙ جي هر ڪُنگري ۽ ڪلس تي سونو پاڻي چاڙهيندو رهي، ۽ اُن جي بي معنيٰ مانڊاڻ کي ڊاهي ڍير نه ڪري؟ جي ڪنهن به سماج سان ذميداريءَ جو نتيجو انسانيت سان بي ذميداري آهي، ته هر عظيم شاعر لاءِ انهيءَ سماج سان بغاوت ڪرڻ کان ساءِ ڪوئي چارو نه آهي.“
........ ........ ........
”مان سياسي جانور نه آهيان، پر پوءِ به تاريخ مون کي سياست ڏانهن ڌڪي، ان سان سلهاڙي ڇڏيو آهي. سرمد به سياسي ماڻهو نه هيو، پر پوءِ به هو تاريخ جي طوفان ۾ ويڙهجي ويو ۽ آخر اورنگزيب هٿان مارايو ويو. مان به ته سرمد وانگر آهيان، منهنجو به ڪوئي دارا شڪوه آهي، ۽ ها، ڪوئي اورنگزيب به منهنجي آڏو آهي. مان اربندو گهوش نه آهيان، ته پُٺ تي موٽي سگهان. مون عشق کي راند سمجهيو هو، تاريخ منهنجي سسي نيزي پاند اڇلي ڇڏي آهي. هاڻي پُٺ تي موٽ جو سوال ئي نٿو اٿي. پر ڇا، منهنجي تقدير ائين ٿيڻ نه گهربي هئي؟ هيءَ شاعري اِنهيءَ پيڙا جو پڙلاءُ ئي ته آهي، جا سياست مون کي ڏني آهي! جي مانُ سياست ۾ ڇڪجي نه وڃان ها ۽ پنهنجي قول ۽ عمل سان پنهنجي ديس جي تقدير ڦيرائڻ لاءِ ڦيٽ نه کاوان ها، ته منهنجيءَ شاعريءَ کي اها جِلا ڪٿان ملي ها، جا ٻول کي امرتا ڏيندي آهي!“
........ ........ ........
”شيخ مجيب هن قت ڪٿي هوندو؟ هي پهاڙ جهڙو وقت ڪيئن ڪاٽيندو هوندو؟ هن سان منهنجي پهرين ملاقات ڪهڙي نه پياري هئي! هو سنڌ متحده محاذ جي دعوت تي ڪراچيءَ آيو هو. سائين جي_ ايم_ سيد هن سان منهنجو تعارف ڪرائيندي هن کي چيو، ’سنڌ جي شاعر سان ملو!‘ هن مون کي ڀاڪر پائي، سائينءَ کي چيو، ’هي شيخ اياز آهي نه؟ مان هن کي چڱيءَ طرح سڃاڻان، هي اسان جي نذرل وانگر آهي. مون مُرڪندي هن کي چيو. شيخ صاحب! مون ۾ ۽ نذرل ۾ هڪ فرق آهي_ هو اڃا تائين مون کي ڊاهي نه سگهيا آهن. ’شيخ مجيب ٽهڪ ڏيئي چيو، ’هائو ڀاءُ! تنهنجون رڳون وڌيڪ مضبوط ٿيون لڳن‘.
”اڄ مان سوچي رهيو آهيان ته ڇا سچ پچ منهنجون رڳون نذرل کان وڌيڪ مضبوط آهن؟ ڪنهن مظلوم جي بدن تي لهُو ته ڇا، مان هن جي اک ۾ ڳوڙهو به ڏسي نه سگهندو آهيان. هيڏي انڌير ۾ ممڪن آهي ته ڪنهن وقت مان به نذرل وانگر ڊهي پوان!“
........ ........ ........
’جي_ ايم_ سيد سنڌ سان ائين پيار ڪندو آهي جيئن ڪوئي ٻار ڪنهن جيئريءَ ڪوسيءَ ڪُک سان ڪندوآهي. هن لاءِ سنڌ فقط ڪاڇو ۽ ڪوهستان، کيرٿر ۽ ڪارونجهر نه آهي پر اُهي ڏاڏا پَڙَڏاڏا به آهي جي ڪڏهن به مُئا نه هُئا ۽ جي هر عيد نماز تي هُن سان ڪٺا هوندا آهن.“
........ ........ ........
”مان چاهيان و ته جي_ ايم سيد تي هڪ نظم لکان. هي وحدت الوجودي، هي صوفي لاڪوفي، هي اڌو گابرو ساميوادي ۽ پڪو پختو ديش ڀڳت، هي ماکيءَ کان مٺڙو ۽ وهه کان ڪڙو ماڻهو مُون کي هڪ جهوني بڙ وانگر لڳندو آهي. جڏهن سج ٽامڻي هڻي ويندو آهي تڏهن هن جي ڇانوَ وڌيڪ گهاٽي ٿي ويندي آهي. مون اون ڇانوَ ۾ ڪيئي پکيئڙا پنک پساريندي ڏٺا آهن؛ پر مان اُن وقت جي انتظار ۾ آهيان جڏهن عقاب انهيءَ بڙ مٿان ڦيرا ڏيئي، تتل سج کي تيز نظرن سان گهوريندي ڏسندا.“
........ ........ ........
”نهروءَ گانڌيءَ لاءِ چيو هو، ’منهنجو پوڙهي سان پيار ته ڏاڍو هو پر مان هُن کي ڪڏهن به سمجهي نه سگهيو هوس‘.“
........ ........ ........
”ويا اُڏامي ڪکَ، پِڙَ تان پاهَڻُ نه چُري_
(نبي بخش)
........ ........ ........
”ڀُليو سَڀُ ڀنڀورُ، پُٺيءَ هوتَ نه هليو_“
(ڀٽائي)
........ ........ ........
”سال 1968ع ۾ مان ساهيوال جيل ۾ قيد تنهائيءَ ۾ هوس. ڀٽو صاحب ۽ هُن جا ساٿي ڊاڪٽر مبشر، ممتاز ڀتو ۽ ملڪ اسلم حيات به ساڳئي جيل ۾ هئا. ڀٽي صاحب جا ساٿي ڇٽي ويا ۽ باقي ٻه سياسي قيدي، مان ۽ ڀٽو صاحب، وڃي رهياسين، اسان ٻنهي جي وچ ۾ هڪ اوچي ديوار هئي ۽ اسان کي هڪٻئي سان ڳالهائڻ کان منع ٿيل هئي. هڪ ڏينهن ڀٽي صاحب سنتريءَ جي هٿ مون کي دٻي ۾ بند ٿيل مڇي، بسڪوٽ ۽ سُڪو ميوو موڪليو. مون تحفو وٺي سوچيو ته ڀٽي صاحب ڏانهن موٽ ۾ ڇا موڪليان. مون وٽ ته جيل جي ردي راشن کان سواءِ کائڻ پيئڻ جي ٻي ڪائي شيءِ ڪانه هئي. سو مون جرمنيءَ جي شاعر ’هائني‘ جي زندگيءَ تي هڪ ڪتاب ‘Hiene, the Poet in Revolt’ سنتريءَ کي ڏيئي چيو ته ’هي ڀٽي صاحب کي ڏجانءِ‘ سنتريءَ ڪتاب کڻي وڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائين ته ’ڪتابن جي ڏي وٺ تي سخت بندش آهي، مون کي ڀؤ ٿو ٿئي ته پڪڙجي نه پوان‘.
”جي ڀٽو صاحب اُهو ڪتاب پڙهي ها، ته سمجهي وڃي ها ته مان هن وقت جيل ۾ ڇو آهيان!“
........ ........ ........
”ولي خان سان منهنجي پهرين ملاقات ايوب خان جي زوال کان اڳ سکر ۾ ٿي هئي. مان اُن وقت سکر بار جو صدر هوس ۽ بار ولي خان جي الصحرا هوٽل ۾ دعوت ڪئي هئي. ان وقت هن جو بهترين ساٿي محمودالحق قصوري 1 هن سان گڏ هو. ٻئي ڀيري به ولي خان مون سان سکر ۾ مليو. اُن ڏينهن ڏاڍي برسات پيئي هئي ۽ منهنجو بدن ڪجهه تَؤنسيل هو، ان ڪري مون پُٽ کي موڪليو ته هو ولي خان جي جلسي ۾ وڃي موٽي اچي احوال ٻُڌائي. هن موٽي اچي مون کي چيو. ’ولي خان اوهان لاءِ پڇيو ۽ چيائين ته ”سکر اچي اياز سان نه ملڻ گناهه برابر آهي“. پوءِ هو اوهان جي آفيس تي هليو پر آفيس بند هئي. هاڻي هو ڪنهن اوطاق تي رهيل آهي، جتي سکر نعپ جي صدر هن جي رهائش ۽ کاڌي جو انتظام ڪيو آهي.‘ مون کي ولي خان جي قرب ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ مان بخار ۾ هوندي به هن ڏانهن ويس. اوطاق ۾ ولي خان سان گڏ پاڪستان نعپ جو سيڪريٽري جنرل محمودالحق عثماني 1، اجمل خٽڪ ۽ ٻيا نعپ جا ڪارڪن ويٺا هئا. ڳالهيون ڪندي، ولي خان اجمل کي چيو ته ’اهو نظم ٻڌاءِ، جو تو اياز تي لکيو آهي.‘ اجمل اهو نظم پشتو ۾ ٻڌايو ۽ پوءِ اُن جو نثري ترجمو اردوءَ ۾ ٻڌايائين. ان کان پوءِ ولي خان مون کي چيو ته ’تون ڪوئي نظم ٻُڌاءِ‘، مون هن کي ايوب خان کي مخاطب ڪري چيل نظم ’منهنجو اگهه پڇين ٿو امر، منهنجا گيت ڳنهي سگهندين تون‘ ٻڌايو، ۽ پوءِ، هن جي چوڻ تي، هن کي ان نظم جو اردوءَ ۾ منظوم ترجمو ٻڌايو، عثمانيءَ مون کي منظوم ترجمي تي ڏاڍو داد ڏنو ۽ چيائين ته ’اوهان اردو ته ڏاڍي چڱي ٿا لکو.‘
”مون جواب ۾ چيو، ’ها، فارسيءَ جي سهاري لکي ٿو وڃان. پاڪستان ۾ اردو فارسي ۽ عربيءَ جي سهاري لکي ويندي آهي.‘
”اهو ٻڌي عثمانيءَ جو منهن لهي ويو ته ولي خان چيو، ’فارسي ۽ عربي به مسلمانن جون ٻوليون آهن. مان ته چوان ٿو ته تون به سنڌيءَ ۾ فارسيءَ ۽ عربيءَ جا ايترا لفظ ڪم آڻ، جو اردوءَ ۽ سنڌيءَ ۾ فرق ميٽجي وڃي.‘
”مون وائڙو ٿي ولي خان ڏانهن ڏٺو_ ’ولي خان تون به...... ولي خان تون به......‘ مون من ۾ چيو. ’يا ته تون اڻ ڄاڻ آهين، ۽ هن دور جي هڪ بنيادي حقيقت کي سمجهي نه سگهيو آهين! مان ته ڀانيان ٿو ته تون ڪري جسيم الدين کي به ساڳيو ئي مشورو ڏيندين!‘
”اڄ نه ولي خان جيل ۾ آهي ۽ نه هُن جو ٻيو ڪوئي ساٿي. اڄ اُهي نعپ وارا اردو اديب، جن سان گڏجي مون ۽ منهنجي هڪ پياري ساٿيءَ سکر ۾ ’آل پاڪستان عوامي ادبي انجمن‘ ٺاهي هئي، ڪٿي آهن؟ ڇا انهن جي جيءَ کي جهوٻو نه ٿو اچي؟ يا هو پنهنجي ۽ پنهنجي طبقي جي مفاد کان مٿي اڀري نه ٿا سگهن! انهن سڀني کي تاريخ اڳيان جواب ڏيڻو پوندو ۽ تاريخ کي ڪو گهڻو وقت ٺڳي نه سگهيو آهي“.
........ ........ ........
”هيرا تاريخ ٺاهيندا آهن يا تاريخ هيرا ٺاهيندي آهي، اهو هڪ ڏکيو سوال آهي؛ باقي غلط هيرا تاريخ جو ٻيرو ٻوڙيندا آهن، ان ۾ مون کي ڪوئي شڪ نه آهي. ڪجهه مهينا اڳ ڪراچيءَ ۾ منهنجو هڪ سنڌي دوست مون کي عطاءُ الله مينگل جي جاءِ تي گل خان نصير سان ملڻ لاءِ وٺي هليو. مان جڏهن مينگل جي جاءِ تي پهتس ته معلوم ٿيو ته گل خان ستو پيو آهي. اتي هڪ چوٽيءَ جو بلوچ ليڊر ويٺو هو ۽ ٽيهارو مهاجرن سان گفتگو ڪري رهيو هو. منهنجي دوست اڃا منهنجي سڃاڻپ مس ڪرائي ته ليڊر صاحب مون کي چيو، ”شيخ صياحب! هي ڇا جو رجاا ڏاهر، راجا ڏاهر ڪيو اَٿئي؟‘ مان وائڙو ٿي ويس ۽ سوال لنوائي هن کان پڇيم، ’گل خان ڪٿي آهي؟‘
”هن ٺهه پهه چيو، ’گل خان ته ستو پيو آهي، پر تون راجا ڏاهر، راجا ڏاهر ڇو ٿو ڪرين؟‘
”نه ڄاڻ نه سڃاڻ، گهر آئي سان ڳالهائڻ جو عجيب ڍنگ هو!
”مون کي ڪاوڙ اچي ويئي ۽ مون هن کي چيو، ’مان راجا ڏاهر، راجا ڏاهر ڪيان ٿو يا نه، اها ڳالهه ته پنهنجيءَ جاءِ تي، پر گل خان نصير لکيو آهي ته بلوچ نمرود جي اولاد آهن؛ ڇا راجا ڏاهر نمرود کان به ويل هو؟‘
”هو ٿوري دير چپ ٿي ويو ۽ ڌڪ پچائي ٻيو وار ڪيائين. ’پر تون ته چوين ٿو ته فقط سماٽ سنڌي آهن ۽ ٻروچ سنڌي نه آهن.‘ مون چوڌاري ويٺل ماڻهن ڏانهن ڏٺو، جي مرڪي رهيا هئا. مون کي ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي، پر مون زهر جو ڍڪ ڀري، هن کي جواب ڏنو، ’نه مون ائين ڪڏهن چيو آهي ۽ نه اها ڳالهه مون توکان سواءِ ٻئي ڪنهن کان ٻڌي آهي. تون سنڌي ٻروچن کي سماٽن سان ويڙهائڻ چاهين ٿو ڇا؟ يا تون اهو تضاد اڀاري ڪراچيءَ جي مهاجر کي خوش ڪرڻ ٿو چاهين ۽ ڪراچيءَ کي سڌ کان جدا ڪري بلوچستان ۾ شامل ڪرڻ جا خواب ٿو لهين؟ ٻروچ اسان وٽ سنڌ ۾ زات آهي، قوميت نه آهي.‘
ڪجهه قت مان ٽٻيءَ ۾ اچي ويس. ايتري ۾ گل خان به اچي ويو. مان اڃا گل خان سان ڳالهائي رهيو هوس ته وري ليڊر صاحب فرمايو، ’پر تون مجيب سان ڇو ويو آهين؟ آخر اسان اولهه پاڪستان جا آهيون، اسان کي نيٺ ڀٽي سان ڳالهيون ڪرڻيون پونديون. مان چوان ٿوته تون سنڌ نعپ جو صدر ٿيءُ.‘
”مون سوچيو ته اهو ته ظاهر آهي ته هي ماڻهو ڀٽي جهڙي تيز ۽ ذهين سياستدان سان ڇا ڳالهائي سگهندو، پر سچ کي هڪ عجيب قوت ٿيندي آهي ۽ جي هي سچ تي هجي ها ته شايد هن سان ڳالهائي سگهي ها. مون وڌيڪ ترسڻ مناسب نه ڄاتو ۽ گل خان کان موڪلايو. رستي تي مون پنهنجي دوست کان پڇيو، ’ڪامريڊ! تون اِن تي ڪڏهن سوچيو آهي ته چَرِي ٻانهن مان چؤڙو لاهي ڄنگهه ۾ ڇو وجهندي آهي‘؟“
........ ........ ........
”’اي يحيٰ خان! ڪنهن ٻاتي جي پڙهايل طوطي وانگر، توکي نه سمجهه آهي نه سُر آهي.‘_ مان ريڊيو بند ڪري ڇڏيان ٿو.“
........ ........ ........
’بي عقل کي بانوَر جِي آهي پاکر پيرن سِيئَن،
عقل جو، اسحاق چوي، تنهن کي ڪانُ لڳندو ڪيئَن!‘
(هڪ سنڌي سُگهڙ)
........ ........ ........
’فقط قبر ئِي هڪ ڪُٻي کي سڌو ڪري سمهاريندي آهي.‘
(نامعلوم)
........ ........ ........
”فاشزم جي دور ۾ سرڪاري ٻوليون حرامي اصطلاح پيدا ڪنديون آهن، جي هر حلالي لفظ کان پنهنجو جائز مقام کسي وٺندا آهن.“
........ ........ ........
’تنهنجو وس پڄي ته جيڪر دنيا جون سڀ آرسيون ڀڃي ڇڏين، جيئن تون انهن ۾ پنهنجو پاڻ ڏسي نه سگهين؛ ۽ اسان جون اکيون آرسيون آهن ۽ تون انهن کي ناس ڪرڻ ٿو چاهين_ تون اسان جي لؤندڙين ۾ گوليون هڻي، انهن اکين کي مٽائڻ ٿو چاهين، جن ۾ تون پاڻ کي ڏسي رهيو آهين، ۽ پاڻ تي اٽل فتويٰ ڏيئي رهيو آهين.‘
(وڪٽر سرگيءَ جي ناول ’ڪامريڊ تليانيف جو ڪيس‘ تان ورتل)
........ ........ ........
’اي رات، اسان کي بگهڙ ۽ بگهاڙيءَ کان بچاءِ!
’اسان کي چورن کان اجهو ڏي!
’رات هر شيءِ کي اوندهه ۾ ڍڪيندي، هر شيءِ کي مٽائيندي اچي ويئي.
’اُف! هوءَ ڪهڙي نه ڪاري آهي!
’اي اُوشا! تون هن کي مُنهنجي قرض وانگر موکي ڇڏ!‘
(رگ ويد)
........ ........ ........
’جي تو ۾ ڪوئي فخر آهي ته ان تي خوشي ڪر ته تباهيءَ جون تاريڪ قوتون بي حساب ۽ بي پناهه آهن، ڇو ته ان ڪري تنهنجي آدرش کي ڪنهن به اُميد کان سواءِ گهارڻو پوندو ۽ ان ڪري ئي ان ۾ شجاعت نظر ايندي ۽ تنهنجي روح جو الميو عظيم لڳندو. (هڪ يوناني اديب)
........ ........ ........
’ڌَنءُ ڌَنءُ ڌَمڻ وارَ، اَڄُ پِڻ، آڳڙين جي،
’ٻاري مَچُ مجاز جو، اوتيائون آڱارَ.
’ڌوُڌيا ٿيءُ م ڌارَ، جِمَ ڪَچو رُڪُ ڪڻيون ٿئي!‘
(ڀٽائي)
........ ........ ........
’اُتر کِنوي، ڏکڻ کِنوي، اوڀر کِنوي اَڄُ،
’ڏوُر ڏهاڳا ڀَڄُ، مِينهن مُندائتو آئيو.‘
(خليفو نبي بخش)
........ ........ ........
’تاريخ ۾ ڪيئي ڀيرا ماڻهو بچاوَ جي لڙائي وڙهيا آهن_ بيڪار جمهوريت جي بچاوَ لاءِ، ڇو ته فاشزم ان کان بُرِي آهي.‘
........ ........ ........
’سر ڏي سَچَل ساجن ليوين، تِل نهين هڪ تاوَڻ دا_‘
(سچل سرمست)
’جڏهن مان انهيءَ تي سوچيان ٿو ته مون کي ڇا ڪرڻو آهي، تڏهن مان هڪ عقاب وانگر هوا ۾ پرواز ڪيان ٿو ۽ مون کي محسوس ٿئي ٿو ته مون ۾ پوري پهاڙ کي هٽائڻ جو ٻل موجود آهي.‘
........ ........ ........
’وَقتُ اِها ٿِي ويلَ، دوئيءَ دور ڪرڻ جي_‘
(سچل سرمست)
........ ........ ........
”جنهن ڏينهن انسان آزاديءَ جي اميد پلي ڇڏي، اُن ڏينهن قيامت ايندي، ڇو ته زندگيءَ جي وجود لاءِ ڪوبه ڪارڻ نه رهندو.“
........ ........ ........
’انسان ذات، پنهنجي هر اونداهي دور ۾، اهڙي ويساهه کان سواءِ نه رهي آهي، جنهن کان سواءِ ماڻهو تڳي نه سگهي ۽ جنهن لاءِ ماڻهو مري نه سگهي.‘
........ ........ ........
’سِسيءَ لٿي سوڀَ، جي هؤندَ پايان پاند ۾،
هي جَڳُ سوڌو لوڀَ، هؤ پڻ گهوريو گهوريان.‘
(نبي بخش)
........ ........ ........
”اي ڌرؤ تارا! جئن تون هڪ هنڌ ٿِرِ ڪري بيٺو آهين، تيئن آءٌ به تِرِ پايان.“
........ ........ ........
”اي ڪوتا! تون اگنيءَ وانگر ڌرتيءَ ۽ آڪاس جي وچ تي هڪ پُل آهين، جنهن تان منهنجو من اڪري، پنهنجي سُرڳ ڏانهن وڃي ٿو، جتي سدائين اجالو آهي.“
........ ........ ........
”اي ڏات! تون هڪ چؤمکو ڏيئو آهين، توکي ڪوئي واچوڙو وسائي نٿو سگهي.“
........ ........ ........
”اَڄُ ته پنهنجي ٻوٽي ٻُوٽي ڪوري ڪوئي وڏو جُڃُ ڪيان_“
........ ........ ........
’اُها تباهيءَ جي رات هوندي آهي، جڏهن ڪوئي انسان سچ ڏسندو آهي، ۽ اُهو خودفريبيءَ جو پهر هوندو آهي، جڏهن هو ماڻهن جي عقل تي اعتبار ڪندو آهي ڪنهن لاءِ اهو چئبو آهي ته ’هو اکيون کولي سچ ڏانهن وڃي رهيو آهي“_ اُن شخص لاءِ جنهن جو رستو ماڻهن ليکي سڌو جهنم ڏانهن وڃي ٿو. آخر جيڪي شمار ۾ آهن، اُهي اُنهيءَ ماڻهوءَ کي ڪيئن ڇيڪ ڇڏيندا، جنهن سچ ڄاتو آهي، توڙي اُهو سچ ڏورانهن ستارن جي باري ۾ ئي ڇو نه هجي!‘
(جرمن ناٽڪ نويس برٽالٽ بريخت ‘Bretolt Brecht’ پنهنجي ناٽڪ ’گئلِيلو جي زندگي‘ ۾)
........ ........ ........
’ڇا تون بالشيوڪ آهين؟‘
’نالي جي ڪري ڪهڙو فرق پوي ٿو؟ هتي نالي جو سوال نه آهي، حق ۽ انصاف جو سوال آهي. ماڻهو سچ ڄاڻڻ چاهين ٿا، پر سچ کي سدائين دفنايو ويو آهي، مٽيءَ ۾ پوريو ويو آهي. چون ٿا ته سچ ڪيتري وقت کان مري مردو ٿي چڪو آهي.‘
(ميخائيل شولوخوف ’۽ ڊان وهندي رهي‘ ۾)
........ ........ ........
”جي توکي تاريخ جو شعور آهي، ته تون اهو سمجهي سگهندين ته بُرائي پاڻ کي ناس ڪندي آهي.“
........ ........ ........
’تاريخ هڪ ور وڪڙ ڏاڪڻ وانگر ته وڃي سگهي ٿي، پر اُها گول چڪر نه ڪاٽيندي آهي، ۽ اُتي موٽي نه ايندي آهي، جتان هلي هئي.‘
........ ........ ........
’موُن کان چُمي اُهو وَٺي،
جنهن غلاميءَ کي طلاق ڏني هُجي_‘
(هڪ پشتو ’ٽَپو‘)
........ ........ ........
”حقيقت کي ڦيرائي سگهين يا نه؛ اُهي اکيون ڪڏهن به نه ڦيرائجانءِ، جي حقيقت کي ڏسن ٿيون“.
........ ........ ........
’زندگيءَ سان منهنجي معاهدي ۾ معياد جو ڪوئي فقرو نه آهي، ۽ اِن ڪري خطرناڪ لاهين تي مان واڳون ڍليون ڇڏي ڏيندو آهيان.‘
........ ........ ........
’چڱو ڪارج توڙي ڪنهن ڏورانهينءَ سڃ ۾ ڪيو وڃي، ان جو اثر ساري سنسار تي پوندو.‘
........ ........ ........
”سنڌ جي پيڙا هڪ سمنڊ آهي_
اٿاهه، اجهاڳ سمنڊ؛
ان جي اونداهين لهرين ۾ لڙهي رهيو آهي
منهنجو من،
پنهنجي اَت انڌوڪار ۽ دک ۾.
اجهو هو ٻانهون هڻي، سڏي رهيو آهي
سوجهري کي،
اجهو هو ٿڪجي چور ٿي پيو آهي،
۽ اونهي جي اوندهه ۾ ٻڏي ويو آهي.“
........ ........ ........
’هِي جي لَڪ، هوُ جي لَڪَ، مون ماريندا لَڪَ،
’ڪيچُ نه اوڏيءَ ڇَڪَ.
’مون مارنيدا لَڪَ_‘ (ڀٽائي)
........ ........ ........
”اڄ منهنجي من ۾ ڪويتا سوئا گائين جي کير سان ڀريل اوهن انگر آهي.“
........ ........ ........
’هي لِپيءَ جا اکر مون کي ڊيڄڙو ڏيئي ڇڏيندا آهن. هي ميسڻا، نرڄا دئيت آهن_ ڏاڍا ڏنگا، تون مس جي کوهي کولي، انهن کي آزاد ڪري ڏس؛ ته اهي ڪيئن تنهنجي چئي مان نڪري وڃن ٿا. ڀاڄوڪڙ بَلون، ڪيئن نه اُهي جيئرا ٿي پون ٿا، ميڙا ڪن ٿا، ٽڙن پکڙن ٿا ۽ تنهنجيءَ مڃتا کي لنوائن ٿا، ۽ جيئن چاهين، تيئن ڪاغذ تي ڪٺا ٿين ٿا ۽ پنهنجون ٽوليون ٺاهي بيهن ٿا_ ڪارا، پُڇن سان ۽ سڱن سان، تون اجايو رڙين ٿو ۽ انهن کي آزيون ڪرين ٿو؛ ۽ هو پنهنجي من ماني ڪندا رهن ٿا، نچندا ٽپندا، هو نرلڄائيءَ سان تو اڳيان جوڙِي جوڙِي ٿي اچن ٿا، ۽، جيڪي ڪجهه تو چوڻ نه ٿي چاهيو، هي چترائيءَ سان چئي وڃن ٿا ۽ جو ڪجهه تنهنجين اَنترين م تڙڦي رهيو آهي ۽ انسان ذات تائين پهچڻ چاهي ٿو، ان جي ٻرڪ ٻاڦڻ کان نابري وارين ٿا.‘
........ ........ ........
”ڪالهه هڪ يوناني اديب جا هيٺيان لفظ ڌيان ۾ کُپي ويا:
’هيلن ڇا هجي ها، جي هومر هُن ۾ ساهه نه ڦوڪي ها! هوءَ به انهن هزارن سهڻين زالن وانگر هجي ها، جي ڌرتيءَ تي آيون ۽ ناس ٿي ويون. هِن کي به اِئين ئي ڀڄايو وڃي ها، جيئن ٻين سهڻين زالن کي اڃا تائين ڀڄايو ويندو آهي، ۽ جي هُن جي زوريءَ کڄي وڃڻ تي جنگ به لڳي پوي ها ته هر ڳالهه_ جنگ، عورت، خونريزي_ سڀ گمناميءَ ۾ لڙهي وڃن ها، جي شاعر جو هٿ اُنهن تائين نه پهچي ها. هيلن پنهنجي امرتا لاءِ هومر جي ٿورائتي آهي. اِهو هومر جي ڪري آهي، جي ايورو ٽاس (Eurotas) جهڙيءَ ننڍڙيءَ وستيءَ کي امرتا ملي ويئي آهي. هيلن جي مُرڪ اسپارٽا جي هوا ۾ ڦهليل اهي، نه رڳو اِهو، پر هوءَ اسان جي نس نس ۾ سمائجي چڪي آهي، هر ماڻهوءَ من ئي من ۾ هن کي ماڻبو آهي. اڄ تائين هر مُنڌ هن جي سڄ ڌڄ تي سوچي ٿي. هيلن پيار جي دانهن ٿي چڪي آهي. هوءَ صديون ٽپي اچي ٿي ۽ هر ماڻهوءَ ۾ چُمين لاءِ چاهنا پيد اڪري ٿي. هوءَ اُنهيءَ هر عورت کي هيلن ۾ ڦيرائي ٿي، جنهن کي اسان ڇاتيءَ سان لائڻ چاهيون ٿا.‘
”عجيب اتفاق آهي، مون ڪجهه سال اڳ ساڳيو خيال هيٺئين بيت ۾ آندو هو:
ڪنهن جي ڪنهن جي روپ مان ڪوري ڪاليداسَ،
آندي آهه شڪنتلا، جنهن ۾ هُن جا سُواس؛
هر ڪنهن ناريءَ آس ’آءٌ به شل اهڙي بڻان!‘
”مان ڀانيان ٿو ته ڀٽائيءَ مارئيءَ کي به اهڙي امرتا بخشي آهي، جهڙي هومر هيلن کي بخشي آهي. مارئي به کوهه تان کنئي ويئي هئي، ۽ ٿر جي ٻيءَ ڪنهن ڀڄايل نينگريءَ وانگر لڳي ها. جي ڀٽائيءَ جو هٿ هُن تائين نه پهچي ها. ڀٽائيءَ هُن کي انسان جي روحاني آزاديءَ جو سمبل بڻائي ڇڏيو آهي، پر ڇا، اِهو ورثو اسان کي ڀٽائيءَ کان مليو آهي؟ مئين عنات جي ڪلام ۾ به ته سر مارئي ساڳئي رنگ ۾ رڱيل آهي. سچ ته مارئي ساڳئي رنگ روپ ۽ وَن واس سان ڀٽائيءَ کان گهڻو اڳي سنڌ جي لوڪ ادب جو حصو ٿي چڪي هئي. سنڌ جو لوڪ ادب ائين ئي منهنجو پنهنجو آهي، جيئن سنڌ جي ڌرتي منهنجي پنهنجي آهي؛ ان تي منهنجو به ايتروئي حق آهي جيترو ڀٽائيءَ جو هيو، پر اڳ به ته ڪيترن ئي شاعرن مارئيءَ جي باري ۾ لکيو آهي،مان سُرَ مارئي ڇا لاءِ لکان؟ ڇا، مان ان ۾ ڪائي انفراديت پيدا ڪري ٿو سگهان؟ مان ڀانيان ٿو ته جي مان وحدت الوجود جو روايتي تصور ڦيرائي سگهان ته مان سُر مارئي بيهر لکڻ لاءِ وٿي پيدا ڪري سگهان ٿو. مان سُر مارئيءَ ۾ سنڌ سان وحدت الوجود جي ڪيفيت پيدا ڪيان ۽ مارئيءَ کي سنڌي حب الوطنيءَ جو هڪ مڪمل سمبل بڻائي ڇڏيان، ته منهنجو پورهيو سجايو ٿيندو.“
........ ........ ........
”لڳاتار ٻه مهينا ٿيا آهن، مان صبح جو پنجين بجي کان وٺي شام جي پنجين بجي تائين لکندو رهيو آهيان. پتوئي نه ٿو پوي ته وقت ڪيئن ٿو گذري! باک ڦٽيءَ جو جڏهن پکي پکڻ ننڊ مان اُٿي چون چون ڪن ٿا، تڏهن مان جاڳان ٿو، ۽ جڏهن سانجهي ٿئي ٿي ۽ طوطا لامن تي لٽڪي ماٺ ۾ اچي وڃن ٿا، تڏهن مان پنهنجا پنا اٿلائي، اهي بيت ۽ وايون بار بار پڙهان ٿو، جي مون صبح کان سانجهيءَ تائين لکيون آهن. مون کي ساري ڏينهن جي پورهئي تي پيار اچي ٿو ۽ مان هن ڌرتيءَ جو ٿروو مڃان ٿو، جنهن مون کي جنم ڏنو، جنهن اَت سڳنڌ ۽ سونهن لاءِ مون ۾ چاهنا پيدا ڪئي، ۽ مون کي اُها ڏات ڏني، جا هيڏي ڪڙي ڪشٽ ۾ به مون کي منهنجي مڪتي ڏئي ٿي. اي آڪاس! مان تنهنجو به ٿورائتو آهيان، جو هن قيد ۾ به مون تي تنهنجا ڏيئرا ٽمڪن ٿا ۽ تنهنجو چنڊ مون کي پنهنجيءَ ٻيڙيءَ ۾ کڻي ٻئي پار اڪاري ٿو، جتي دک نه آهي، وڇوڙو نه آهي ۽ ماڻهوءَ جو نيچپڻو نه آهي، جتي ماڻهو ماڻهوءَ جي رت جو پياسو نه آهي، جتي مان روڪ ٽوڪ کان سواءِ پنهنجا سپنا اُڻي سگهان ٿو ۽ انهيءَ ايندڙ وقت جو آڌرڀاءُ ڪيان ٿو، جو اڄوڪي سچ جو روپوش ساٿي آهي.
”اي جندڙي! مان تنهنجا ڳڻ ڳايان ٿو، تون جو دم آهين، غنيمت آهين، تو مٽيءَ کي مڻيا ڏني آهي، تو مون کي اُهي گيت ڏنا آهن، جي ڏاڍي کان ڏاڍو به من کان کسي نٿو سگهي. جي هي نادان مون کان ڪاغذ ۽ قلم کسي به وٺن ها، تڏهن به منهنجو من ساڳيا گيت ڳائي ها. اهي ايندڙ پيڙهيءَ تائين ته نه پهچن ٿا، پر هن بي انت سنسار ۾ اکٽ ستارن جي جهرمر ۾ ڪٿي نه ڪٿي موجود هجن ها. هن سنسار ۾ سڀ ڪجهه ابناسي آهي. گيتُ موت کان ڏاڍو آهي، ان کي ڪوبه مٽائي نٿو سگهي.“
........ ........ ........
”ڇا منهنجي سُر گهاتوءَ ۾ مڇ جو ڀؤ ۽ فاشزم جو ڌر ساڳي ڳالهه آهن؟ شاعريءَ کي انوکو منطق آهي، جو ٻئي منطق کان وڌيڪ موهيندڙ ۽ مڃائيندڙ آهي.“
........ ........ ........
”مون ’سهڻيءَ‘ ۽ ’سسئيءَ‘ کي ڌرتيءَ جي سونهن ڏني آهي. اُمراوتي ارٽ جي مورتين وانگر، انهن مان آتما جا پاڇاوان ته ڏيکارجن ٿا، پر انهن کي ڀرپور سرير به آهن جن ۾ مُلائمت ۽ تازگي آهي.“
........ ........ ........
”نوريءَ ڪينجهر کي ڪينجهر ڪيو يا ڪينجهر نوريءَ کي نوري ڪيو_ اِن سوال جو تسلي بخش جواب مون کي اڃا تائين مارڪسي فلسفو نه ڏيئي سگهيو آهي.“
........ ........ ........
”منهنجي ڏات، ڏٿ وانگ،ر ٿر جي مينهن ۽ اُس تي پلي آهي ۽ ان جي ڌرتيءَ مان امرت رس چوسيو اٿائين. واچوڙو ڏاڍائيءَ سان ان جو ڪنڌ نمائي رهيو آهي، پر اُها وري وري اوچي ڳاٽ سان اڀري اچي ٿي، اُن کي ڌوٿي ڳولي لهن يا نه، اِهو الڪو اجايو آهي. اُها پنهنجا ٻج پکيڙي، بي اونائيءَ سان مٽيءَ ۾ ملي ويندي.“
........ ........ ........
’اديون، مون سان پيرُون!
’ڀينر، مون سان پيرُون!
’چونڊڻ ڪا هلندي؟
’اديون، مون سان پيرُون!
’ڀينر، مون سان پيرُون!‘
(هڪ سنڌي لوڪ گيت)
........ ........ ........
”منهنجي شاعري ڊڀ ۾ تتريءَ وانگر آهي، ان جي ٻوليءَ تي ماري مڙي اَچن ٿا، پر ان کي پڪڙڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“
........ ........ ........
”مان موکيءَ جا سڀيئي مَٽَ پي، هوا ۾ ڀرپور مستي ڇڏي وڃان ٿو. مون کان پوءِ اچڻ وارا! توکي تيستائين ترسڻو پوندو جيستائين ٻيو مَڌُ چِڪي، رچي ريٽو ٿئي ۽ ان ۾ ڪاريهر جي ڪاٽ اچي.“
........ ........ ........
”اهي شاعر جي پنهنجي موضوع ۽ مخصوص اظهار سبب سَنَد ٿي ويا هجن، جن جي ٻولي هڪ مثالي ٻوليءَ جو درجو رکندي هجي، جن انسان جي فڪري سرمائي کي وڌايو هجي، جن ويروتار سچائيءَ جي ڳولا ڪئي هجي، جن انسان جي اندر ۾ دائمي جذبو ۽ جوش پيد اڪيو هجي، جن پنهنجي فڪر، مشاهدي ۽ ايجاد جي ذريعي انساني ذهن کي وسعت ۽ عظمت ڏني هجي، جن انسان ۾ آزاديءَ لاءِ محبت ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ جرئت پيدا ڪئي هجي، جن ساڀيا کي سونهن ڏني هجي ۽ سونهن کي ساڀيا ڏني هجي، جي پنهنجي خاص انداز ۾ پنهنجيءَ قوم لاءِ هوندي به سڀ لاءِ هجن ۽ هر ڪنهن سان ڳالهائيندا هجن، جن جو شعر اهڙو هجي جو نواڻ لاءِ ڪوشش کان سواءِ به نئون هجي، جن جي شاعريءَ ۾ نئون ۽ پراڻو ملي هڪ ٿي ويا هجن، جن جي لکڻيءَ ۾ ايتري ڇڪ هجي جو هر دور ان کي پنهنجي لکت سمجهي، جن جون تخليقي صفتون وقتي هوندي به دائمي ۽ آفاقي هجن،_ انهن شاعرن جي شاعري عظيم ڪلاسڪ جو درجو حاصل ڪري ٿي.
”هن ننڍي کنڊ ۾ اِنهيءَ معيار جا شاعر فقط ڀٽائي ۽ ٽئگور ٿيا آهن. والمڪي، ويد وياس، اُمارو، ڪاليداس، تلسيداس، ودياپتي، ڪبير، ميران ٻائي، رحيم خان خانان، ملڪ محمد جائسي، جئديو، چنديداس، بلي شاهه، نظير اڪبر آباد،ي سچل سرمست، سامي وغيره، انهن کان پوءِ ٻئي درجي جا شاعر آهن.“
........ ........ ........
”اڄ چئين بجي صبح جو تي ڄڻا ڦاسيءَ تي چاڙهيا ويا. هُنن ابي ڏاڏي جي پڳ جي پت رکي هئي ۽ ان لاءِ ٻه خون ڪيا هئائون. هو تاريخ جا اُهي گمنام سپاهي هئا، جن جي نالي قومون مينار ٺاهينديون آهن. مان ۽ ڀٽي سڄي رات جاڳياسين ۽ پوڻي چئين بجي ڦاسي گهاٽ ڏانهن وياسين. اڃا پکي لامن تي لٽڪي گهيرٽَ کائي رهيا هئا. پپل، سرنهن ۽ نم جا وڻ هوا ۾ لڏي رهيا هئا ۽ رستي تي ٻنهي پاسن کان رکيل لالٽين انهن جي پاڇاون سان اک ٻوٽ کيڏي رهيا هئا. (جيل ۾ ڦاسيءَ رات ڪيئي لالٽين ٻري رکيا ويندا آهن ته متان بجلي وسامي نه وڃي). مون رستي تان گلاب جون ڪجهه مکڙيون پٽيون، جي اُن وقت ٽڙي رهيون هيون. اسان کي اجرڪ ويڙهيل هئا ۽ جڏهن اسان ڦاسي گهاٽ وٽ پهتاسون، تڏهن اتي ويٺل مئجسٽريٽ اسان کي به جيل جا مقدم سمجهيو. ٽنهي قيدين کي اسان جي پهچڻا کان ٻه ٽي منٽ اڳ ڦاسي اچي چڪي هئي. مان ۽ ڀٽي ڪجهه وقت لاءِ هنن جي لڙڪندڙ لاشن کي ڏسندا رهياسين. مون ڦاسي گهاٽ ۾ ڦري اهو به ڏٺو ته ڦاسي ڪيئن ڏني ويندي آهي ۽ ان تي به سوچيو ته موت رڳو مڻڪي جو ٽٽڻ آهي يا ان کان ڪجهه وڌيڪ آهي! مون کي نانا فرنويس، تانتيا ٽوپي، ڀڳت سنگهه، هيمو ڪلاڻي ۽ ٻيا ڪيئي سورهيه ياد آيا، جي ساڳيءَ ريت ماريا ويا هئا. مون گلاب جون مکڙيون هنن جي لاش ڏانهن ڦٽي ڪيون.
”مان ڀانيان ٿو ته هاڻي مان پنهنجي اڌ لکي سنگيت ناٽڪ ’ڀڳت سنگهه کي ڦاسي‘ جو ٻيو ڏيک لکي سگهندس.“
........ ........ ........
’مان ڄاان ٿو ته اهنسا چڱي آهي، پر هن دنيا ۾ جتي نه مريادا آهي نه نياءُ، لهو وهائڻ کان سواءِ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ڇا؟‘
........ ........ ........
’موليئر ايترو عظيم آهي، جو هو هر ڀيري هڪ نئين انداز ۽ نئين تازگيءَ سان هڪ نئين روپ ۾ ظاهر ٿيندو آهي.‘
(گوئٽي)
........ ........ ........
’هر ڪه بر افلاڪ رفتارش بُودَ،
بر زمين رفتن چه دُشوارش بُودَ!‘
(جيڪو آسمان تي گهمندو آهي،
ان کي زمين تي هلڻ ڪيڏو نه ڏکيو لڳندو آهي!)
........ ........ ........
”جنهن کي قدرت موزون طبيعت ڏني آهي، اهو شاعريءَ جو سارو مروج فن ڇهن مهينن ۾ سکي سگهندو آهي. فقط اندر جا انڌا ان تي وڌيڪ وقت ضايع ڪندا آهن.
”عظيم شاعر بحر وزن ٺاهيندا آهن، بحر وزن عظيم شاعر ٺاهي نه سگهندو آهي.
”شاعري موزون تڪبندي نه آهي، شاعري سڄيءَ زندگيءَ جو رياض هوندي آهي ۽ شاعر جي گهري مشاهدي ۽ وسيع مطالعي جو نچوڙ هوندي آهي.“
........ ........ ........
”شاعر جي انفراديت اِن ۾ نه آهي ته هو ڪنهن پولار ۾ پيدا ٿئي ۽ هن تي ڪنهن جو به اثر نه هجي. هن جي انفراديت اِن ۾ آهي ته هو هر خوشگوار اثر قبول ڪري به سڀ کان نيارو هجي.“
........ ........ ........
”ڪنهن وقت مان ڀانيان ٿو ته سنڌوءَ جون لهرون لپڪي رهوين آهن، ساڌ ٻيلي ۾ چندن جي چؤنڪيءَ تي مورتيون رکيل آهن جن کي گينڊي جا هار پيل آهن ۽ انهن جي سامهون آنجلي رکيل آهي، ۽ ڪنهن وقت مان ڀانيان ٿو ته مان کيرٿر پهاڙ تي چڙهي رهيو آهيان، منهنجا اگهاڙا پير لهو لهان آهن ۽ مٿان سج ٽامڻي هڻي ويو آهي. اهي ٻيئي ڪيفيتون منهنجيءَ شاعريءَ ۾ ملن ٿيون....“
........ ........ ........
”ادب فقط هڪ زلزلي_ ماپ جي اوزار وانگر نه آهي، جو فقط قومي زندگيءَ جا سارا ڌوڏا ڏيکاري ٿو، پر هڪ قطب نما وانگر به آهي، جا منزل جو طرف ڏيکاريندي آهي.“
........ ........ ........
”بنسري وِسرام ۾ وڻندي آهي؛ جن کي ڏونگر ڏورڻا پوندا آهن، تن کي سنک وڄائڻا پوندا آهن. سُر جي مڌرتا جو اونو اجايو آهي، ساهه جي پوريءَ سگهه سان وڄاءِ ته وکون اڃا به تڪڙين ٿين.“
........ ........ ........
”لس ٻيلي جي هڪ رزمي شاعر جي جنگ ۾ هلندڙ تلوارن جي باري ۾ هڪ سٽ آهي:
’ڪوسيون ڪَپارَن ۾ چُهٽيو چَڪَ وِجهَن_‘
”مان سنڌ جي قومي شاعريءَ جي هر سٽ انهيءَ ڪسوٽي تي پرکيندو آهيان.“
........ ........ ........
’منهنجو شعر حقيقت جي باري ۾ آهي ۽ حقيقت جي زبان ۾ آهي، پر مون کان اڳ ٻئي ڪنهن حقيقت کي ائين پيش نه ڪيو آهي.‘
........ ........ ........
”شاعريءَ ۾ ڪوشش جي منتها اها آهي ته بنا ڪوشش جي لکيو وڃي.“
........ ........ ........
’رات منجهاران رُڃ، پَلر پيتو روجهڙئين_‘
(نبي بخش)
........ ........ ........
’آتما جو ٻه ٽانگر وانگر هڪ بسنت هوندو آهي، ۽ اُها ٽناگر وانگر ٽڙي پوندي آهي.‘
........ ........ ........
”سپنا_ چانڊوڪيءَ ۾ ڳليون، جي ڪٿي نه ٿيون کٽن، ۽ نه وري مان ئي ٿڪجان ٿو.“
........ ........ ........
”توکي ڇڙي سونهن لاءِ آڪاس آهي، پر ڇا سونهن سچ کان الڳ ٿي سگهي ٿي؟“
........ ........ ........
”تاڪ منجهند آهي؛ ٻاهر ڪانوَ جي اک نڪري رهي آهي. ڇڻڪاريل پاڻي سڪي چڪو آهي ۽ کولي تپي تنور ٿي ويئي آهي. پکي پکڻ آکيرن اوٽائتا آهن ۽ قيدي مانيءَ ڳڀو کائي ليٽي پيا آهن. مان اڃا تائين لکي رهيو آهيان. هيءَ ڪهڙي ڇڪ آهي، جنهن کان مان پاڻ ڇڏائي نٿو سگهان! هي ڪهڙي سگهه آهي، جا منهنجي رڳ رڳ ۾ ڊوڙي رهي آهي! مون کي ٿڪ به نٿو ٿئي، بک به نٿي لڳي! هتي ته ڪائي مَڌ چُڪِي به نٿي ملي، پر پوءِ به مان انوکي کيپ ۾ اچي ويو آهيان، جو کٽي ئي نٿو، ائين ٿو لڳي، ڄڻ گهاٽو جهڙ ڇانئجي ويو آهي، وڄون چمڪي رهيون آهن ۽ سنڌو گرجندِي گونجندِي مون کي پنهنجين ڇولين ۾ ڇُلائيندي وڃي رهي آهي.“
........ ........ ........
”هو سمجهن ٿا ته مون کي کوليءَ ۾ اڪيلو بند ڪري ڪائي وڏا سزا ڏنا اٿائون. پاڳل ڪنهن جاءِ جا! ڀلا مان اڪيلو به ٿي سگهان ٿو! هي ڪاليداس مون لاءِ وڪرم اروشي پڙهي رهيو آهي. هيءَ ميران ٻائي يڪتاري تي ڳائي رهي آهي، ۽ هو ڪبير مون کي دوها ٻڌائي رهيو آهي. هي منهنجو مرشد مُنهن مُونن ۾ وجهي ويٺو آهي. ها ها...... ها ها..... هنن کي ڪهڙي ڄاڻ ته ڀٽائي به مون سان بند ۾ آهي!...... ۽ هو پريان پريان جا يار، جن ڀيرو ڪڏهن به نه ڀڳو آهي! هو مائڪو وسڪي، لورڪا، ناطم حڪمت_ روز ميڙو لڳو پيو آهي؛ ۽ هي بنگلا ڪوي، جنهن کي شيخ مجيب جي قوم وري ڳولي لڌو آهي، اڄ منهنجن وارن تي پنهنجا ٻاجهارا هٿ ڦيري، مون کي آسيس ڪري رهيو آهي.“
........ ........ ........
”هن ڀيري مون سنڌ جي ڪهاڻين وارا سڀئي سُر ٻيهر لکيا آهن ۽ هر سُر ۾ ڪنهن خيال کي ان جي توڙ تائين رسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون کان اڳ هر سنڌي شاعر هر سُر ۾ وحدت الوجود جي فلسفي کي پيش ڪيو آهي؛ پر مون هر سُر ۾ هڪ نئون خيال پيش ڪيو آهي ۽ ان جو سلسلو قائم رکي اُن کي گهربل نتيجي تي پهچايو آهي، پر ڇا، هن دور ۾ لوڪ_ ساهت ۽ لوڪ_ ڪٿائن سان ناتو جوڙي، ڪائي امر ساهتڪ رچنا رچي سگهجي ٿي؟ انهن لوڪ ڪٿائن اڳينءَ شاعريءَ کي ڪيترو نه مبهم بڻائي ڇڏيو آهي! ڇا اِهي ڪٿائون هِن دور جي پيرا کي اُجاگر ڪري سگهن ٿيون؟ نه فقط اِهو، پر ڇا مذهبي روايتون يا ديو مالائون، مهاڀارت جون ڪهاڻيون، گيتا جا آڌياءَ يا ٻئي ڪنهن مذهبي صحيفي جا قصا ۽ ڪي اهم نڪتا ۽ جمال جديد شاعريءَ ۾ انسان جي روح ۽ هُن جي ماحول جي عڪاسيءَ لاءِ ڪم آڻي سگهجن ٿا؟ اِهو مسئلو فقط اسان جو نه آهي، پر صنعتي تهذيب جي چوٽيءَ تي پهتل يورپ ۽ آمريڪا جي ادب کي ساڳيو مسئلو درپيش آهي، ڇا، هو ڪلاسيڪي تجربي ۽ هِن دور جي گهڻ_ روپي حقيقت جي وچ تي پل ٻڌي سگهن ٿا؟ هِن دور کي پنهنجي ڪائي ديومالا نه آهي، جا شاعري ’اشاري‘ طور ڪم آڻي سگهي. ڇا، هو حسن جي تصور سان اهو بنيادي جذباتي ناتو قائم رکي سگهن ٿا، جو يوناني ديومالا ۾ ملي ٿو؟ اِهو هڪ زبردست مسئلو آهي، جو اڄوڪي شاعر کي درپيش آهي. دنيا نهايت تيزيءَ سان بدلجي رهي آهي. تهذيبون ڀُتيون ٿي چڪيون آهن، زندگيءَ جا قدر بدلجي رهيا آهن ۽ مذهبن ۾ اُها جان نه رهي آهي، جو پنهنجي ڦهلاءَ لاءِ رَڙِي رَنڀِي سگهن، پر پوءِ به ماضيءَ جون روايتون اِن حد تائين زنده آهن، جو پراڻا اشارا ۽ ڪنايا، تلميحون ۽ تشبيهون، ديومالائون ۽ لوڪ ساهتيه وري وري نئين ادب ۾ نئين رنگ روپ، معنيٰ ۽ مقصد سان آندا وڃن ٿا. مغربي شاعريءَ ۾ ’اُڀ_ ڪپر ماڙَن (Sky scrapers)، ريڊيو ائنٽيان (Antennae)، انجڻين جي سيٽين ۽ مشيني دور جي ٻين ڳالهين کي آڻي، جديد زندگيءَ جي فوٽوگرافي ته ڪئي ويئي آهي، پر شاعر اُن ۾ اها ڳالهه پيدا نه ڪري سگهيا آهن، جا روح ۾ خنجر وانگر کپي ويندي آهي ۽ پڙهندڙ م جذبا ائين اُڀري ايندا آهن، جيئن گهري زخم مان گرم خون نڪرندو آهي.
”مان ڀانيان ٿو ته ماضيءَ جي ادبي روايتن سان ناتو ٽوڙڻ هڪ جذباتي غلطي ٿيندي. سنڌ ته اڃا جاگيرداري دؤر ۾ آهي ۽ ڪراچيءَ کان سواءِ ٻئي هنڌ صنعتي ترقي ورلي ٿي آهي، نه فقط هر سنڌي پر هر پاڪستاني ۽ هندستاني شاعر کي پنهنجي تاريخ، تهذيب، لوڪ_ ادب ۽ ديهاتي زندگيءَ مان ڀرپور مواد هٿ ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي ذهانت، تجربي ۽ سياسي ۽ ادبي شعرو آهر اُهو مواد پنهنجيءَ شاعريءَ ۾ ڪم آڻڻ گهرجي، اِهو غلط آهي ته ماضيءَ سان رشتو قائم ڪري، شاعر حال کان ڪٽجي ويندو، جي هن ۾ ڏات آهي، سچائي آهي ۽ جي هو پنهنجي ڀرپور جذبي، تجربي ۽ خيال جي گهرائيءَ سان لکي سگهي ٿو، ته هو ماضيءَ سان رشتو جوڙي به حال جو ترجمان ٿي سگهي ٿو.“
........ ........ ........
”اي ڀٽائي! تون ڪنفيوشش نه آهين ۽ مان مائوزي تنگ نه آهيان، اي سنڌ جا اَوتار! مان تنهنجي اوتاري تي اڃا تائين مٿو ٽيڪيان ٿو.“
........ ........ ........
’حقيقت شاعريءَ جو بنياد آهي؛ ها، پر فقط بنياد ئي ته آهي!‘
........ ........ ........
”اسان جي وارڊ ۾، اسان کان اڳي، ڪنهن وقت هڪ قيدي آيو هو، جو وقت گذارڻ لاءِ آفيم جو روڙو کائي، اڌ رات انبن ۽ ڄمونءَ جا وڻ ۽ گل ٻوٽا پوکيندو هو. هو ٽي سال ٽيپ ڪاٽي ڇٽي ويو. هن وقت اسان جو وارڊ هڪ پورو باغيچو آهي، اُن ۾ ڪيئي انبن جا وڻ ۽ گلاب جا ٻوٽا آهن. باک ڦٽيءَ جو، جڏهن ماکيءَ جون مکيون گلاب جي، گلن ۾ کاٽ هڻنديون آهن، تڏهن مان اٺ ڏهه گل پٽي پنهنجي گلدان ۾ وڃي رکندو آهيان. مون هتي اڌ رات جو مکڙيون ٽڙنديون ڏٺيون آهن ۽ پرهه جو ٽڙيل گلن تي ماڪ ڦڙا ڏٺا آهن ۽ اُنهن جي مهڪ ۾ ويڙهجي ويو آهيان، ۽ مون سانجهيءَ جو گلن کي مرجهائيندي ڏٺو آهي.
پوهه پورو ٿي چڪو آهي ۽ مانگهُه شروع ٿي ويو آهي. انب جي هڪڙي وڻ ۾ آڳاٽو ٻور پيو آهي ۽ اُن تي ماکيءَ جون مکيون اچي مڙيون آهن. هندي ادب ۽ آرٽ ۾ انب جو ٻور بسنت ۽ نئين جنم جي سرهائيءَ جي علامت ڀانيو ويو آهي.ا نب جي ٻور جي سڳنڌ مون کي پنهنجي ننڍپڻ جي ياد ڏياريندي آهي، جڏهن اسين شڪارپور جي شاهي باغ ۾ ڪنهن انب جي ڏار تي ويهي، ڪتاب پڙهندا هائسين، منهنجو هڪ هندو هم ڪلاسي سترام به مون سان گڏ هوندو هو. هو مون کان به چڱو شعر لکندو هو، پر بي رحم زندگيءَ هن کي مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ نوڪري ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ هن شاعري ترڪ ڪري ڇڏي. 1963ع ۾ هو مون کي دهليءَ ۾ ائين پيار سان مليو، ڄڻ مون کان هڪ ڏينهن اڳي وڇڙيو هو. ڇا، هو اڃا تائين جيئرو آهي؟ ڪيئن چئجي! ڪيترن ئي سالن کان منهنجي خط و ڪتابت تي بندش آهي. هاڻي ته ديوار اوچي ٿي، وڃي اُڀ سان لڳي آهي، پر منهنجو من ڏاڍو چاهي ٿو ته هو جيئرو هجي ته جيئن مان ڪنهن وقت هن سان ملي، پنهنجي ماضيءَ کي ڀرپور زندگي ڏيئي سگهان. انسان تاريخ اڳيان ڪيترو نه بيوس آهي_ تاريخ، جا مست هاٿيءَ وانگر هر شيءِ کي لتاڙيندي ٿي وڃي!
”هِن آفيمي قيديءَ اُهي وڻ ٻوٽا پوکي، مون کي ڪڙا نه پيارا جذبا ۽ مٺڙيون يادگيريون موٽائي ڏنيون آهن. مان هن جو ٿورائتو آهيان ۽ مون کي هن جي آفيم کائڻ تي ڪوئي اعتراض نه آهي.“
........ ........ ........
”شاعريءَ انهيءَ درخت وانگر آهي، جنهن کي پنهنجيءَ ڌرتيءَ مان پٽي، جي ٻيءَ ڌرتيءَ ۾ لڳايو ويندو آهي، ته ان جي ميوي ۾ ساڳي لذت نه رهندي آهي. هڪ ڀيري اردوءَ جي ترقي پسند شاعر، حسن حميديءَ، مون کي سنڌي هاريءَ تي اردوءَ ۾ هڪ نطم ٻڌايو. ان نظم ۾ هن ’نان جَوِين‘ (جَوَن جو نان) لفظ ڪم آندو هو ۽ مقصد اهو هوس ته سنڌي هاري ’نان جوين‘ جي تلاس ۾ سرگردان آهي. جڏهن نظم پورو ڪيائين، تڏهن مون هن کي چيو، ’حميدي! سنڌ ۾ ٿو رهين يا ايران ۾؟ تو علامه اقبال جي هن شعر مان ”نان جوين“ لفظ اڌارو ورتو:_
جسي نان جوين بخشا هي توني
اسي بازوءِ حيدر بهي عطا کر.
علامه اقبال اهو لفظ سعديءَ جي هن شعر تان اُڌارو ورتو هو:
اي پسر! ترا نان جوين خوش نه نمايد
معشوقِ من آن اسيتِ که نزديک تو زشت است
پر پيارا، سنڌ ۾ ته جَوَن جو ’نانُ‘ گهوڙا کائيندا آهن، متان سنڌي هاريءَ کي اهڙي ڳالهه چوين‘!“
........ ........ ........
”ڪلهه رات مان ريڊيو تي امير خسروءَ جي ايجاد ڪيل ’بهار راڳڻيءَ‘ جا هي ٻول ’ڪلينَ سنگِ ڪَرَت رنگ رَليَن‘ ٻڌي، جهومي رهيو هوس، ته اردوءَ وارن ڇا وڃايو آهي، ڇا پاتو آهي! ڇا هو فياض خان جا هي ٻول ’باجو بند کُل جاءِ‘، ’ڪاهي ڪو جوٺي بتاؤ بَتيان‘ يا اسد علي خان جو نٽ بهاڳ جو خيال ’جهنن جهنن پايل باجي‘ ۽ جئه جئه ونتيءَ جو خيال ’لاگي نين موري پيا ڪي دواري‘ اهو چئي رد ڪري ڇڏيندا ته اهي ٻول پاڪستاني اردوءَ ۾ نه آهن! ڇا هو سوامي هري داس، بيجو باورا ۽ تانسين کي انهيءَ ڪري ڌڪاري ڇڏيندا، جو هو مسلمان نه هئا!“
........ ........ ........
’تال سوک ڪَر پَٿَر ڀَيو، هَنس ڪَهين نه جاءِ،
پِڇلي پريت ڪي ڪارني ڪَنڪَر چُن چُن کاءِ.“
(ڪبير)
........ ........ ........
· 5- مئي، 1971ع.
1 محمودالحق قصوري ٿوري وقت کان پوءِ ڀٽي صاحب جي ڪڍ ويو، ۽ هن جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ هن جو وزير قانون ٿيو، ۽ هاڻي اصغر خان سان ’تحريڪ استقلال‘ ۾ آهي.
1 محمودالحق عثماني به هاڻي اصغر خان سان ’تحريڪ استقلال‘ ۾ آهي.

”مان غالب جي ساري شاعري ردي ٽوڪريءَ ۾ ڦٽي ٿو ڪيان ڇو ته ھن بھادر شاھه ظفر اڳيان ھيئن ليڙاٽيون ڪيون ھيون_
’آپ کا بنده اور پھرون ننگا!
’آپ کا نوکر اور کھاؤن اُدھار!‘
”۽ جڏھن ساڳئي بھادر شاه ظفر کي انگريز قيد ڪري رنگون وٺي ويا ھئا، ته غالب ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ھڪ ادنيٰ آفيسر، سيسل بيڊن (Cecil Badin)، کي قصيدو لکي موڪليو ھو، جنھن ۾ ھي شعر به ھيو_
’حيف باشد که از الطاق تو ماند محروم،
ھمچو من بندهء ديرين ونمک خوار کُھن‘_
(حيف آھي، جي تنھنجيءَ مھربانيءَ کان محروم رھجي وڃي، مون جھڙو پراڻو ٻانھو ۽ جھونو نمڪ خوار!)“
...... ...... ......
”رات ريڊيو تي ’غالب کي دربار آم‘ پروگرام ٻڌي رھيا ھياسين، ‘فيض‘ جي صدارت ۾ ڪيترائي شاعر ۽ اديب ’غالب‘ تي ۽ ھن جي انبن سان رغبت تي شعر ۽ مضمون پڙھي رھيا ھئا. ھُنن لاءِ انبن جي دعوت به ڪئي ويئي ھئي. جنھن ۾ پاڪستان جا قسمين قسمين انب آندا ويا ھئا. جنھن وقت ھو انب چوسي رھيا ھئا، ان وقت اوڀر پاڪستان جا لکين ماڻھو _ ڳڀرو، ٻار، ۽ ٻڍا ۽ زالون _ سرحد ٽپي، ھندوستان وڃي چڪا ھئا. ۽ لکين ماڻھو پنھنجا ماڳ مڪان ڇڏي، ھتِ ھُت ڀٽڪي رھيا ھئا. مون اُن وقت ٿڌو ساھه ڀري سوچيو ھو ته ’شاعر به ذلت جي تري ۾ ائين ئي ڪري سگهن ٿا، جيئن ٻيا ماڻھو! تاريخ جي ڪسوٽيءَ تي جڏھن کوٽي ۽ کري جي پرک ٿيندي، تڏھن ھي چلڪڻا سڪا ڪوڏيءَ جي ملھه به نه ويندا.‘
”ڀٽائيءَ جا ھيٺيان ٻه بيت تاريخ سان بي ذميدار شاعرن لاءِ ھڪ امر اطلاح آھن:_
’ايءُ نه ڀانَن ڀيرُ، جو ڪِينرُ ڪِيري ٽنگيو،
”سونھاري صبُوح سِين وِجھِي ويٺين ويرَ؛
’توکي چَوَندو ڪِيرُ، ڪِيرت ڌاران مڱئو!‘
_
’مون دَر ڇَڏيو مڱڻا، مڱين ڪوھُه ٻيا؟
’تڏھن تو پِيا، وِچيان وِلھا ڏينھڙا‘.“
”اڻويھين صديءَ ۾ فرانس جو زبردست سياسي دانشور ٽئليراند (Talleyrand)، ميرابو (Mira beau) لاءِ، چوندو ھو ته ’ھو پنھنجو روح پيسي لاءِ وڪڻي رھيو آھي، ۽ ٺيڪ ڪري رھيو آھي، ڇو ته ھو ڇيڻو ڏيئي سون وٺي رھيو آھي.“
”ھڪ چينائي چوڻي آھي ته ’ھڪ وڏي يُگ ۾ رھڻ کان وڌيڪ ڪوئي سراپ ٿي نٿو سگهي.‘ مان ڀائيان ٿو ته اھو سراپ ئي شاعر جي وڏي ۾ وڏي پرک آھي ۽ ان جي روشنيءَ ۾ ئي جوش مليح آباد ۽ اردوءَ جا ٻيا شاعر اڳتي ھلي پرکيا ويندا.“
...... ...... ......
”معلوم ٿيو آھي ته پنجاب جا ٻه شاعر، احمد سليم ۽ حبيب جالب، جيل ۾ وڌا ويا آھن. احمد سليم منھنجن ڪيترن ئي نظمن جا پنجابيءَ ۾ ترجما ڪيا ھئا ۽ حبيب جالب اردوءَ ۾ مون تي ھڪ نظم لکيوھو. ڀڳت سنگهه جي ڌرتيءَ تي ڪي ته سچ چوڻ وارا آھن! انھن جي گرفتاريءَ جو ٻڌي، منھنجو انسان جي بنياديءَ نيڪيءَ ۾ ايمان تازو ٿي ويو آھي _ عبدالله ملڪ جي گرفتاريءَ جي باري ۾ مون اڳ ئي ڪٿي پڙھيو ھو.“
...... ...... ......
’جڏھن به مان آرٽ جو نالو ٻڌان ٿو، منھنجو ھٿ پستول ڏانھن وڃي ٿو.‘
(ناري گسٽاپو جو سرواڻ، ھرمن گوئرنگ)
...... ...... ......
’ٿامس مئن (Thomas Mann) ھڪ جرمن يھودي ھو. ھن ٻيءَ عالمي جنگ کان ڪجهه وقت اڳ ھٽلر کي لکيو ھو، ’تون پنھنجيءَ پوريءَ قوم کي تباھيءَ ڏانھن ڌڪي رھيو آھين.‘ اُھو خط دنيا جي عظيم خطن مان آھي. پر ٿامس مئن ھٽلرجي ڀَوَ کان آمريڪا ڀڄي ويو ھو ۽ اُتان اھو خط لکيو ھئائين. کِل جھڙي ڳالهه آھي. لکين جرمن يھودي گئس چيمبر ۾ ماريا ويا، پر ٿامس مئن نه فقط ڀڄي بچي ويو، پر ھن کي نوبل پرائيز به مليو.
”ائني فرئنڪ به ڀڄي وڃي ھا ته شايد ھوءَ ٿامس مئن کان بِه وڏي ناول نويس ٿئي ھا. فن کي پنھنجي منطقي نتيجي تي پھچائڻ لاءِ وڏي ڄمار ڪيڏي نه ضروري آھي! ھو عظيم مارڪسوادي جينيس، ڪرسٽافر ڪاڊويل به ته اسپين ۾ فاشزم خلاف لڙندي جوانيءَ ۾ مئو ھو. ڪيڏيون نه سياسي، سائنسي ۽ ادبي صلاحتيون ھيون ھن ۾! پر ڇا، حق ۽ انصاف جي جنگ کان ڀڄي، ڪوئي به عظيم ادبي تخليق ڪري سگهي ٿو؟ ۽ جي ڪري به سگهي، ته ڇا ھن لاءِ اُھو سودو مهانگو نه آھي؟ انساني عظمت کان سواءِ فن جي تخليق ڇا ڪبي!۽ اُھا عظمت ته اُنھيءَ گهڙيءَ جي حاصلات آھي، جڏھن انسان ظلم جو مقابلو ڪندي، موت کي زندگيءَ تي ترجيح ڏئي ٿو. سچ چوڻ لاءِ پوري زندگي ضروري نه آھي، فقط ھڪ ئي گهڙي ڪافي آھي. اُھا گهڙي پنھنجي عظمت جي مُھرَ تاريخ تي ھڻي وڃي ٿي. اِھا ٻي ڳالھه آھي ته فن کي توڙ تائين پھچائڻ لاءِ زندگي ضروري آھي.
”ٽئگور، جي فقط ’مالھي‘ لکي مري وڃي ھا، ته مھا ڪوي نه ٿي سگهي ھا. پر ڪانئرتا به ته ڪويتا جو موت آھي. ڇا دنيا جي تاريخ ۾ ڪوئي ڪانئر به مھا ڪوي ٿيو آھي؟ ھر عظيم شاعر آزاديءَ جو پروانو ھوندو آھي، ۽ پروانو اِن تي نه سوچيندو آھي ته ھن جي موت وقت شمع ڪيترو پگهرجي چڪي آھي.“
...... ...... ......
”اڳين پيڙھي گهڻو ڪري چُري چِنگهي، مري چُڪي آھي. ڪالھوڪا رھبر اڄوڪا رھزن سمجھيا وڃن ٿا. چڱو ٿيو. اِھائي ته تاريخ جي جدليات آھي.“
...... ...... ......
”موت ھڪ نھڪر آھي؛ موت واڌوءَ جي نه، ڪَٽَ جي نشاني آھي؛ وجود فقط زندگيءَ جو آھي.“
...... ...... ......
”آزاديءَ جا سوڙھا پيچرا ڪنھن نه ڪنھن وقت شاھي رستي ۾ ملندا آھن.“
...... ...... ......
”مان تنھنجي ماضيءَ جي ماضيءَ مستقبل جي مستقبل جو شاعر آھيان. تنھنجو حال اُھا نمرود جي آتش آھي، جنھن کي مان اڪيلو نه وسائي ٿو گهان ۽ نه ان کي گلزار بڻائي ٿو سگهان؛ پر جي تون به مون سان گڏ ان ۾ ٽپي پوين، ته دنيا ۾ ڪجھه به امڪان جي حد کان دور نه آھي.“
...... ...... ......
”پنھنجو قوميت جو تصور چندن جي پاڙ جھڙو آھي، جنھن جي چوڌاري ڪاريھر ڦَڦِڪاري رھيا آھن.“
...... ...... ......
’مُٺيس، جھَل مھَارَ، ڪُٺيس، ڪاھه مَ ڪرھو!‘
(ڀٽائي)
’آلي بَنَ ڪِي لاڪِڙرِي سُلگت ھُون دِن رين _‘
(مان آلي بن جي ڪاٺي آھيان، ۽ ڏينھن رات ٻري رھيو آھيان.)
...... ...... ......
”جي شاعري پيغمبري آھي ته اُھا صليب تي چڙھڻ کان سواءِ نه ملندي آھي.“
...... ...... ......
”ڪير ڄاڻي ته پيڙھيءَ پيڙھيءَ جي رت ۾ اِھو ڇا پلجندو اچي ٿو. جو اوچتو ڪنھن اِنسان مان اڀري، لفظ، رنگ يا پٿر کي زندگي بخشي ٿو!“
...... ...... ......
”ھي دنبورو ڪوئي ھر نه آھي، جو ان کي جنھن وقت به چاھيان ته ھلائي سگهان. ھي وحشي ھرڻ آھي، ۽ ڪوئي به ھرڻ کي سڱن کان وٺي، ڇال ڏياري نه سگهندو آھي. ڇال لاءِ ترائيءَ جي سُوجھه، پلر جي پياسَ ۽ اندر جي اڇل ضروري آھي.“
...... ...... ......
”اڄ ته چنگ، ڪنھن نـؤورنيءَ جي چپن وانگر، منھنجن چپن تي کيپ ۾ اچي ويو آھي.“
...... ...... ......
”اڄ ته شاعريءَ منھنجي من کي ائين قبول ڪيو آھي، جيئن شڪري جي ڳچيءَ ۽ پيرن جا گهنگهرو ڇم ڇم ڪندا آھن، جڏھن ھو ڪبوتر تي جھڙپ ڏيندو آھي.“
...... ...... ......
’تَرنيءَ لوئي تُلَ، سِر کَنڊ، سان سُرھا ڪَيا_‘
(ڪنڀار)
...... ...... ......
’اڌ رات جو ڪيڏانھن ٿي وڃين؟‘
’پنھنجي پرينءَ کي ملڻ‘
’ھيکلي ويندي، توکي ڊپ نٿو ٿئي‘
’مان ھيکلي ڪٿي آھيان، منھنجو پيار، جو مون سان گڏ آھي!‘ (امارو)
...... ...... ......
’وِيا سي عميق ۾ مُنھَن ڪائو ڏيئي_‘
(ڀٽائي)
...... ...... ......
”امرت ويلو آھي. صبح جا چار لڳا آھن. مون مومل راڻي جا ٻه چار بيت لکيا آھن. ائين ٿو لڳي، ڄڻ سوم _ رس جا ٻه چار مٽڪا پي ويو آھيان.“
...... ...... ......
’رئندي رات وِھاءِ، چِڪائيندي بٺيون _‘
(ڀٽائي)
...... ...... ......
”اي سنڌ! جيڪڏھن مون کي ڪنھن سگهڙ وٽ ھڪ اڌ لفظ ھڪ اڌ ٻول نظر آيو آھي، ته اھو مون ھن کان کسيو آھي. مون تو لاءِ سڃا ڦريا آھن ۽ ڀينگين کي کاٽ ھنيا آھن. مون رتي رتي ڪري ميڙي آھي، ان کي ڌوڙ ڌَئي وانگر سونجھي صاف ڪيو آھي، ۽ تو لاءِ جھوني کان جھونا ۽ نئين کان نوان ڳھڻا گهڙي، توکي ڪنوار وانگر سينگاريو آھي. نه رڳو مون کي ڪوئي سڳ سوڌو پڪڙي نه سگهيو آھي، پر مون ڪٿي به پنھنجا پيرا نه ڇڏيا آھن. مان پنھنجا ھاڃا پاڻ ٿو باسيان، نه ته مون تي ڪوئي گواھه نه آھي.“
...... ...... ......
”منھنجي ڏات جڏھن به ڪنھن ڪامڻيءَ تي گهائل مائل ٿيندي آھي، تڏھن ھن جي ھڪ چڳ وڍي پاڻ وٽ رکندي آھي.“
...... ...... ......
”اي ڏات! تُون ڪيستائين پَٽَ_ ڪِينئَن مان پَٽُ اُڻندي رھندينءَ؟“
...... ...... ......
”ڀٽائيءَ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو شاعر ’سامي‘ منھنجو ڳوٺائي ھو. ھو منھنجيءَ شخصيت جو ھڪ پراسرار حصو ٿي رھيو آھي. جڏھن به ماحول مون کان ڏاڍو ٿي ويندو آھي، مان ’ساميءَ‘کان سام گهرندو آھيان؛ ھونءَ منھنجو ’ساميءَ‘ سان سدائين جھيڙو ھوندو آھي ۽ مان ھن جي ويدانت کان لھرائيندو آھيان. اڄ جڏھن مان موت جي منھن ۾ پھچي چڪو آھيان، ’سامي‘ وري مون کي پناھه جو پاند آڇي رھيو آھي. ڇا، مان ھن ويدانتيءَ مان جان ڇڏائي نه سگهندس؟ ڇا، مان اڪيلو، بي ڀَـؤ موت کي اکين ۾ گهوري نٿو سگهان؟ ھو ڪيڏا نه ترڪڻ وارا تڙ ڏَسي رھيو آھي! ڇا، مان سڌو ڇلانگ ڏيئي. ڇولين جي ڀاڪر ۾ نٿو وڃي سگهان؟ اڄ ’ساميءَ‘ سان منھنجو پويون جھيڙو آھي، يا ته مان ھميشه لاءِ ھن جي آڻ مڃيندس يا ھن کي پاڻ مان تڙي ڪڍندس. پر ڇا، اسين ٻئي ٺھي نٿا سگهون؟ ڇا اسان ۾ ايڏو وڏو مت ڀيد آھي؟ ڇا ويدانتي ناستڪ جو نھٺو نانءُ نه آھي؟“
...... ...... ......
”ھڪ ڀيري اسان مٺيءَ کان ننگرپارڪر جيپ ۾ وڃي رھيا ھئاسين. لونڍار نالي ڳوٺ ۾ ھڪ چاءِ جو ھوٽل ھو، جتي اسان جيپ روڪي. اوچتو پريان سريلو آواز آيو، جو منھنجيءَ ڇاتيءَ ۾ ڇري وانگرپيھي ويو.مون ڪنائي ڏٺو ته ٻه ٽي فرلانگ پري ڪي ھاري کيت ۾ ڳائي رھيا ھئا. اسين کيڙيءَ مان پنڌ ڪري، ان کيت وٽ پھتاسين. ان وقت آڪاس آگميل ھو ۽ اتر اوڀر ۾ ٻڪرال ٻھڪا ٿي ڪيا. کيت ۾ ڪجھه ڀِيل ۽ ٺڪر گڏ ڪري رھيا ھئا. وڄ جي چمڪاٽن سان ھنن جي ڪنن ۾ پيل گوکرو ۽ مُرڪيو چمڪي رھيون ھيون ۽ ھو ھڪ عجيب سر ۾ ڳائي رھيا ھئا _
’آڙنگيو آڀي مان
اونڊو گجي ٿو گاجڙلو
ھمرچي جو ويلو
ٿڌيءَ مند جو وائرو لڳو ....‘
”جنھن وقت ھنن ’ھمرچي جو ويلو‘ لفظ ٿي چيا، تنھن وقت لونءَ لونءَ مان صدين جا سيسراٽ ٿي اڀري ويا. اُھو ھمرچو ٻڌي ڪھڙو ڪافر چوي ھا ته سنڌ جي منفرد ثقافت کي اھميت نه آھي!
”اڄ مون ھڪ لوڪ گيت ’نئون ھمرچو‘لکيو آھي.“
...... ...... ......
”ماڻھوءَ جي رت ۾ ھن ڌرتيءَ جي آڳانجھيءَ آجِيوڪا سان ڪوئي ڳوڙھو ڳانڍاپو آھي. مون جڏھن رگ ويد ۾ وايو، اوشا، راتڙيءَ، اندر وغيره جي باري ۾ گيت پڙھيا ھئا، تڏھن منھنجي لُونءَ لُونءَ ڪانڊارجي ويئي ھئي. مثال طور انھن گيتن ۾ رات کي ھڪ ’ڪارو واڙو‘ چيو ويو آھي، جنھن ۾ چلڪندڙ گانيون بند آھن، اوشا ھڪ گوالي جي روپ ۾ پر گهٽ ٿئي ٿي ۽ واڙي جو ٻُنڍو کولي ڇڏي ٿي، ۽ گانيون گد گد ٿينديون، ڇلانگ ڏينديون، ٽڙي پکڙي وڃن ٿيون _ اُھي گانيون سج جا شعاع آھن. اھڙا گيت مون تي اُھو اثر ڪندا آھن، جو قلندر شھباز جي درگاھه تي ڌمال جو آواز پيدا ڪندو آھي، جڏھن زائر اڳين شِو_ پنٿين وانگر جھومندا آھن. مون کي ھڪ مغربي نقاد جو ھيٺيون نُڪتو ڏاڍو وڻيو ھو_ ’ڪويتا ٻوليءَ جي پردي پٺيان ڪنھن پراچين شبد پراھون پڙاڏو آھي‘.،
...... ...... ......
”جرمن ليکڪ ھاف مئن (Hoffman) چوندو ھو ته سنگيت ٻڌي، ھُن کي سُرَ، وَنَ ۽ واسَ ۾ ھڪ ڳجھو ۽ گهرو ناتو نظر ايندو آھي. ھُن کي پڪ ھئي ته اُنھن سڀني کي روشنيءَ جي ساڳئي تروري جنم ڏنو آھي، ۽ اھي اننت ۾ ڪٿي ملي ھڪ ٿي وڃن ٿا. گهاٽن ڳاڙھن گلن جي سڳنڌ ھن تي ھڪ عجيب اثر پيدا ڪندي ھئي ۽ ھو ڪنھن سپني ۾ اچي ويندو ھو ۽ ائين ڀائيندو ھو ته پريان ڪنھن ناد مان آواز اچي رھيو آھي. ھُن اِن حد تائين چيو ھو ته ”سَر جي روپ ۾ ون ۽ واس ھن جي اندرينءَ سوجھه تائين پھچي ٿو“.‘
”مان ڀانيان ٿو ته ٺيڪ چوندو ھو. ھڪ سنگيت ڪار ون ۽ واس کي سر ۾ بدلائي سگهي ٿو ۽ سر کي ون ۽ واس ۾ بدلائي سگهي ٿو.“
...... ...... ......
’ٻولي، جا حسن ۽ معنيٰ جو گهر آھي، انسان لاءِ پاڻ ئي سوچي ٿي ۽ پاڻ ئي ڳالھائي ٿي، ۽ پنھنجي ٻاھرئين ٻول سان نه، پر منھنجيءَ اندرينءَ وَھُڪَ جي تک سان موسيقيءَ ۾ بدلجي وڃي ٿي. پوءِ ڪنھن ڀرپور نديءَ وانگر، پنھنجيءَ تک سان پَٿرن کي چمڪائيندي ۽ پَنَ _ چَڪيون ڦيرائيندي، ٻوليءَ جِي وَھُڪَ پنھنجي طور طريقي سان ترنم پيدا ڪري ٿي ۽ ڪيئي صورتون ٺاھي ٿي، جي اڃا تائين نه ڳالهيون ويون آھن ۽ نه سوچيون ويون آھن ۽ نه وري انھن کي ڪوئي نانءُ ڏنو ويو آھي. ان وقت يُورِي (Yuri)محسوس ڪندو ھو ته ھن جي ڪم جو گهڻو حصو ھن پاڻ نه ٿي ڪيو، پر اھڙيءَ طاقت ٿي ڪيو، جا ھن کان مٿانھين ھئي ۽ ھن کي ضابطي ۾ رکي رھي ھئي.‘
(پيسٽرنڪ ’ڊاڪٽر زواگو‘ ۾ )
...... ...... ......
”جنوريءَ 1964ع ۾ مان ۽ منھنجا ڪجھه دوست نربدا نديءَ جي ڪناري تي پاڻيءَ ۾ پير ڀڄائي رھيا ھئاسين. اڇو اجرو پاڻي گجگاٽ ڪندو وھي رھيو ھو ۽ ندي تري تائين نظر اچي رھي ھئي. ٿوري پنڌ تي مالوا جي روپ متيءَ ۽ باز بھادر جو محل ھو. وقت ان کي جھوري کنڊر بڻائي رھيو ھو. اڄ مون کي اُھا ندي ياد اچي رھي آھي، جنھن جي اوجر ۽ اڇاڻ کي ماڻھوءَ جا ميرا پير مِٽائي نه ٿي سگهيا، ۽ مان سوچي رھيو آھيان ته منھنجيءَ شاعريءَ به ته اھڙو ئي محل بڻايو آھي ۽ ان مان پيار جي سڳنڌ ۽ سنگيت جي مڌرتا دور دور تائين ڦھلجي چڪي آھي. ڇا، زندگيءَ جون قاتل قوتون ان کي مِٽائي مِٽيءَ جو ڍير بڻائي ڇڏينديون، ۽ ڪجھه صدين کان پوءِ ان وٽ بيھي، ڪي ياتري ٿڌو ساھه ڀريندا ۽ ڪنھن نئين محل بڻائڻ لاءِ سوچيندا؟“
...... ...... ......
”منھنجي ڪوتا توکي امر بڻائي ڇڏيو آھي. مان تنھنجي پيار جو قرض چڪائي چڪو آھيان؛ ھاڻي تنھنجي سار مون کي ستائيندي نه آھي.“
...... ...... ......
جڏھن ڪنھن شاعر جي ڄمار وڌي ٿي ۽ ھو گهريءَ نگاھه سان ھرشيءِ کي ڏسڻ لڳي ٿو، تڏھن انھيءَ ھر ڳالھه جِي، جنھن کي ماڻھو وڃي سونھن چون ٿا، ۽ سرير جي ھر ڪامنا جِي، ھن لاءِ اھميت گهٽجي ٿي وڃي. جنھن کي دور رس نگاھه آھي ۽ جنھن زندگيءَ جون لاھيون چاڙھيون ڏٺيون آھن، اُن لاءِ رڳو بسنت ئي پيار مند نه آھي ۽ نه وري سرءُ ئي سڀ کان بري مند آھي. اڳتي ھلي، ھو سونھن کي سرير جي تُرپتيءَ، لاءِ نٿو ڳولي. اسٽينڌال (Stendhal)ھڪ ھنڌ چيو آھي ته ”اڳتي مون لاءِ سونھن اھا شيءِ ھوندي، جا ٻاجھاري ھوندي، جا منھنجي ڪارج جي گهڻگهري ۽ منھنجي ڀروسي جي ٻانھن ٻيلي ھوندي ۽ جنھن کي منھنجي سوجھه ٻوجھه سان اَت اڪنڍ ھوندي. اڳتي مون لاءِ ڪوجھائي رڳو ڏاڍ، لوڀ، ڪوڙ ۽ مور کتا ٿيندي“.‘
(اينڊاسٽارڪي ’بودليئر جي زندگي‘۾ )
...... ...... ......
”اڄ منھنجو پٽ، انيس، آيو ھو. ھن چيو ته ’ڪالھه رات گهر ۾ چور ٽپيا ھا. اسان ڪوٺي تي ستل ھياسين. کُڙڪي تي امان کي جاڳ ٿي ويئي ۽ ھن ڪٽھڙي کان ھيٺ ڏٺو ته ٽي ماڻھو بيٺا ھئا. پوءِ ھن ”چور، چور“ جون دانھون ڪيون، ته، مون کي جاڳ ٿي ويئي. مون سيرانديءَ کان رکيل روالور کڻي ھوا ۾ فير ڪيو، ته چور ڀڄي ويا. پر شور تي جيئن روحي جاڳي، ھن جو اڌ ڌڙ نستو ٿي ويو ۽ اڃا تائين کٽ تان اٿي نٿي سگهي. ڊاڪٽر چون ٿا ته ھن تي ھراس جو اثر ٿيو آھي ۽ جي ھن کي ڪوھه مريءَ يا ٻئي ڪنھن شھر ۾ تفريح لاءِ وٺي وينداسين ته ھن جو من ٻيءَ پوندو ۽ ھوءَ ٺيڪ ٿي ويندي‘.
”مون ھن کي چيو ته ’منھنجو فڪر نه ڪيو ۽ سڀئي ڪيڏانھن نڪري وڃو‘.
”اڄ مان ڏاڍو منجھيل آھيان. ڇا، مون کي اھو حق آھي ته پنھنجي آدرش جي ڪڍ لڳي، پنھنجي ساري ڪٽنب کي ايترا ڏک ڏيان؟ھو ته اھو سمجھي به نٿا سگهن ته مان ڇا لاءِ ٿو وڙھان! ڇا، مان خود غرض نه آھيان، بي ذميدار نه آھيان؟.
”مون اٽڪل ٻه سـؤ صفحا نئون شعر لکيو آھي، ۽ جي ھي حادثو نه ٿئي ھا، ته ھزار صفحا لکي وڃان ھا. اڃا ته مون فقط بيت ۽ وايون لکيون آھن. جيستائين روحي ٺيڪ نه ٿيندي مان ڪجھه به لکي نه سگهندس.“
...... ...... ......
”اڄ روحي جيل تي آئي ھئي. ھوءَ ڪراچيءَ ۾ ويھارو ڏينھن رھي ٺيڪ ٿي ويئي آھي. ھاڻي مان ننڊ ڪري سگهندس ۽ مون کي سگريٽ پي پي رات ڪاٽڻي نه پوندي. جي وري ڪيفيت طاري ٿي، ته لکي به سگهندس. پر ڏات وڏي ڇنال آھي. ھڪ ڀيرو ڀڄي وڃي ٿي ته ان کي ٻيھر وس ۾ آڻڻ ڏاڍو ڏکيو آھي.“
...... ...... ......
’ڪَلپت سَڀُ ڪَٽي، اِسٿت ٿِي آڪاس جان _‘
(سامي)
...... ...... ......
”ڪالھه ٿري ڌاڙيلُ، جئمل، منھنجيءَ کوليءَ ۾ گهڙي آيو. ھو قد جو پورو پنو، ھاٺيءَ جو سنھون ۽ منھن جو سانورو ھيو. ھن جو قد ڪاٺ ۽ ڊيل ڊول مان ڏاڍ مڙسي نه ٿي بکي. باقي ھن جون اکيون ڄڻ رڪ جون ٺھيل ھيون. مون ھُن کي اکيون ڇنڀندي نه ڏٺو ھو. ھونءَ ته پوليس رڪارڊ موجب ھن اڻويھه خون ڪيا ھئا ۽ ڪيئي ڌاڙا ھنيا ھئا، پرھن تي فقط ھڪ ڌاڙو ثابت ٿيو ھو، جنھنڪري ھن کي سزا آئي ھئي. ھن اُن ڌاڙي جي باري ۾ چيو، ’اسين سترنھن ڄڻا ھئاسين، پوليس سڀني کي گرفتار ڪري لاڪپ ۾ رکيو ھو. پر اسان اتان ڀڄي نڪتاسين ۽ ٿاڻي تان سپاھين کان رائيفلون ۽ گوليون به کسي آياسين. ٻيا ساٿي ته وچ تان ڦٽي ويا، باقي اسين ٻه ڄڻا پنڌ پياسين ته جيئن ڪڇ جي رڻ مان لنگهي سرحد ٽپي وڃون. مان ڀارت ۾ ڌاڙو ھڻي، پاڪستان ٽپي ايندو آھيان، ۽ پاڪستان ۾ ڌاڙو ھڻي، ڀارت ٽپي ويندو آھيان. مون لاءِ ڪابه سرحد نه آھي _ سو مون ڳالھه ٿي ڪئي ته اسين باقي ٻه وڃي بچياسين. منھنجو ٻيو ساٿي مسلمان ھو. پوليس وارا اسان جي ڪڍ ھئا، ھڪ ھنڌ مقابلو به ٿيو پر اسان ھنن تي فير ڪيا ته ھو ڀڄي ويا. جڏھن رڻ ۾ پھتاسين ته اڌ رات ٿي وئي. ھونءَ ته مان تارن تي دڳ ائين ڳولي ويندو آھيان، ڄڻ ابي جو گهر ٿو وڃان. پر اسين ڏاڍا ٿڪل ھئاسين ۽ ويٺاسين مس ته ننڊ ويڙھي وئي. جاڳ ٿي، ته سج ڪانو مٿي اچي چڪو ھو. مون پنھنجي ساٿيءَ کي ڌونڌاڙي اٿاريو مس، ته ھن کي ڄنگهه ۾ گولي ٺڪاءُ ٿي وئي ۽ ھو ڪري پيو. مون ڊوڙي ڀٽ جي اوٽ ورتي ۽ پوليس تي گوليون ھلايون. اڌ ڪلاڪ ڊز ڊز ٿي ۽ پوءِ پوليس پٺتي ڀڄي وئي. مون پنھنجي ساٿيءَ کي ڏٺو ته ھو پنڌ ڪرڻ جھڙو نه ھو. مون ھن کي ڪلھي تي کنيو ته ھن چيو، ”جئمل! ڏينھن تپي ويو آھي، تون مون کي کڻي ھلندين ته سرحد ٽپي نه سگهندين. مان ته ھونءَ ئي ٿو مران، تون سر ڇو ٿو وڃائين؟“ مون سوچيو ته ”ڳالھه ته سچي ٿو ڪري، پر گلا ٿي پوندي. ماڻھو چوندا ته ڪراڙ ڀاڙي ھو ۽ ساٿيءَ کي ڇڏي ڀڄي ويو. نه جئمل! جيئڻُ ٿورا ڏينھڙا آھي، گلا جو گهانگهو مڙس ڳچيءَ ۾ نه وجھندا آھن“.بس پوءِ ته ھو منھنجي ڪلھي تي ھو ۽ مان وک وک ۾، ٿڙندو ٿاٻڙندو وڌي رھيو ھوس، تان جو سج ڪاپار تي اچي پھتو. اڃ ۾ منھنجي ڄڀ ٿوھر جي ڪانڀ وانگر سڪي وئي ھئي. ايتري ۾ گوليءَ جو زوڪاٽ ٿيو ۽ گولي منھنجي ڪن وٽان نڪري وئي. مون ساٿيءَ کي ھيٺ لاٿو ۽ رائيفل سڌي ڪئي.پوءِ ته مون مينھن وانگر گوليون وسايون ۽ جڏھن پوئين گولي کپي وئي، تڏھن رائيفل ڦٽي ڪري، ھٿ کڻي مٿي ڪيم‘.
”جئمل احوال ڏيئي، پن جي ٻيڙي دکائي. ٿوريءَ دير کان پوءِ پڇيائين، ’تون ڪهڙيءَ چانچ (چارج) ۾ آهين؟‘
’جئمل!‘ مون جواب ڏنو، ’مان به لڳ ڀڳ ساڳيءَ چانچ ۾ آهيان‘.
’مون ڪيترا سونا ڳهه مٽيءَ پوري رکيا آهن. هتان نڪران ته اُهي کوٽي ڪڍان‘، جئمل حسرت سان چيو. مون ٽهڪ ڏيئي چيو، ‘جئمل! تون منهنجو پورو جُهٽ آهين‘.“
...... ...... ......
’هُن تصوير ڏانهن چتائي ڏٺو. ان ۾ يسوع جو دستر خوان هو،. جنهن ۾ تيرنهن ماڻهو پوئينءَ رات جي مانيءَ (Last Supper) لاءِ ويٺل هئا. هن سوچيو ته هي ڪيئن ويٺا آهن! يسوع ڪٿي آهي ۽ جـؤڊاس (Judas) ڪٿي آهي؟ هو سمجهي نه سگهيو ته جنهن جاءِ تي هو ويٺل هئا، اتي ڇا لاءِ ويٺا هئا؟ يسوع کاٻي پاسي ويٺو هو، جتي هن يسوع کي ڪڏهن به نه ڏٺو هو، ڇو ته هن جي جاءِ وچ تي هئي. هن ليونارڊو ڊوِانسيءَ (Leonardo da Vinci) سوڌو، جيترن به عظيم مصورن جون ان موضوع تي تصويرون ڏٺيون هيون، انهن ۾ يسوع وچ ۾ ويٺل هو ۽ جوڊاس ٻيءَ ڪنهن جاءِ تي دسترخوان تي ويٺل هو_ گهڻو ڪري يسوع جي کٻي پاسي يا سامهون_ پر هو هيکلو، نهايت هيکلو لڳندو هو. هو هميشه گدلو، ڪوجهو ۽ ڪرڀ ڏياريندڙ لڳندو هو.
’پر هن تصوير ۾ ته جوڊاس وچ ۾ ويٺل هو. ڪنهن ڀُلَ جو سوال ئي نه هو، هو بلڪل وچ ۾ ويٺل هو.
’هو تصوير ڏسي ڌڏي ويو. مصور جو مقصد ڇا هيو؟ ڇا هو ڪوئي مکيه ماڻهو هو يا ٻين ڏاڙهيءَ وارن وانگر، هو به هڪ ڏتڙيل، ڏاڙهيءَ وارو ماڻهو هو؟ ڪوئي به هن ڏانهن ڏسندو ته چوندو ته هو سهڻو آهي، بشرطيڪ هن جوڊاس کي اڳ نه ڏٺو هجي ۽ تصوير ۾ هن کي ٻٽونءَ جا ڌاڳا ڇڪيندو نه ڏٺو هجائين ۽ اهو نه ڏٺو هجائين ته هو پنهنجو چوغو ٺاهي، تڙتڪڙ ۾ لالچ آڇيندڙن ڏانهن وڃي رهيو آهي. هن سوچيو ته اهو مهانڊو. پنهنجن ڪارن گهنڊيدار وارن سان، پنهنجي ڊولائتي نڪ ۽ موهيندڙ اکين سان، ايترو ته سهڻو هو، جو ڏسندڙ هراسجي ٿي ويو.
’سچ اها تصوير ڏاڍي ڪنبائيندڙ هئي، ڇو ته هڪ غدار اهڙو حسين ڪيئن ٿي سگهندو! ڇا. هُو گدلو، ڪوجهو ۽ ڪرڀ ڏياريندڙ نه هجڻ گهرجي؟ڇا، هن جي صورت اهڙي هجڻ گهرجي جا همدردي پيدا ڪري؟
(نازي جرمنيءَ ۾ لکيل هڪ ناولWitch’s son تان ورتل)
...... ...... ......
”جيل ۾ قيدين بغاوت ڪئي اُهي. هنن کي نه فقط راشن پورو نٿو ملي پر ٻيون سهوليتون به نه ٿيون ملن. کير ۾ ڏهه حصاَ پاڻي ۽ هڪ حصو کير آهي، چاءِ، خبر نه آهي ته ڇاجو ڪاڙهو آهي ! ملاقاتي پٽاٽا. بصر وغيره. رشوت ڏيڻ کان سواءِ، قيدين کي پهچائي نٿا سگهن. ان ڪري قيدين ۾ ڏاڍو تاءُ آهي. ٻيو ته جيل کان ٻاهر، جا ايوب خان جي پوئين دور ۾ آزاديءَ جي لهر هلي هئي، ان جو اثر جيل اندر قيدين تي به پيو آهي. هر ڪو پنهنجا حق پيو گهري. پاڏن ۽ سانن جهڙا اڙٻنگ مڙس هاڻي جيل جي لوسي سنترين جي پرواهه نه ٿا ڪن. هو رات جو پنهنجون کوليون قلفن سان بند ڪرڻ نه ٿا ڏين ۽ ڏينهن زوريءَ ڪم ڪرڻ کان نابري ٿا وارين. جيل جي لوهر خاني مان ڪيتريون ئي تکيون ڇريون ٺهرايون اِٿائون. وڻن جا ڏار ڪپي ڏنڊا ٺاهيا اٿائون ۽ ٻه چار پستول به ملاقاتين جي معرفت کسڪائي جيل ۾ آندا اٿائون. جيل جي انتظاميا هنن کي اطلاع ڏنو آهي ته هو پنهنجي ڪئي کان باز اچن، ڏينهن جو پورهئي تي وڃن ۽ جيل جي قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪن. جواب ۾ هو ساري رات ٺَڪ ٺَڪ ڪن ٿا ۽ وارڊن جون ڀتيون ڀڃي، سرون ڪٺيون ڪن ٿا. جيئن اهي جهيڙي ۾ ڪم آڻي سگهن ؛ هو ساري رات زور سان نعرا هڻي ننڊ ڦٽائن ٿا. هونءَ ته سنڌ جي جيلن ۾ بغاوت آهي. پر جيل ۾ گهرايل اخبارون سينسر ڪري. انهن مان جيلن ۾ بغاوت جي باري ۾ خبرون ڪٽي ڇڏن ٿا. اسان جي وارڊ ۾ ٻه وڏيرا قيدي آهن. جي جيل جي انتظاميا جو ساٿ ڏين ٿا ۽ سکر ۽ جيڪب آباد جي قيدين کي لاڙڪاڻي. دادوءَ ۽ حيدرآباد جي قيدين سان ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. جيل جا مقدم به ٻن ڌرين ۾ ورهائجي ويا آهن. هڪڙا اهي آهن، جي پنهنجي خسيس لوڀ ۽ لالچ کي پوري ڪرڻ لاءِ انتظاميا جا خوشامدي ۽ چغل آهن ۽ ٻيا اُهي آهن، جن کي پنهنجي قيدي ڀائرن سان همدردي آهي ۽ اندرين ءَ طرح انهن سان مليل آهن. قيدي چانهه چڪيءَ راشن جي ڀاڄيءَ ڀُتيءَ، پن جي ٻيڙيءَ، جوڙيءَ جي نئين وڳي وغيره معمولي ڳالهين تي وڪامي ويندا آهن. جيلر صاحب ته ٺهيو. پر جي ڪوئي مقدم به هنن سان کلي ڳالهائيندو آهي. ته هن تان قربان ويندا آهن. پر جي هڪ ڀيرو هنن کي غيرت آئي ۽ ڇتا ٿي بيٺا، ته هنن جي اکين مان واگهه گهوريندا نظر ايندا آهن. مون انهن کي وڪالت جي پيشي ۾ چوويهه سال ڏٺو آهي. هو پوليس. قانون ۽ عدالتن اڳيان ڏاڍا هيسيل هوندا آهن. ججن جون چانديءَ جون عصائون ۽ وڪيلن جا ڪارا جبا ۽ ٿلها ڪتاب ڏسي ۽ انگريزيءَ ۾ هنن جي گٽ مٽ ٻڌي. هو رعب ۾ اچي ويندا آهن. پر جي انهن مان ڪنهن جو ڀـؤ ڀڄي پوندو آهي ۽ هو بندوق سڌي ڪندو آهي. ته پوري ضلعي جي پوليس کي ڪيئي ڏينهن ڀنواٽيون هونديون آهن. بچو بادشاهه ۽ پيرو وزير ته انگريزن جي دور ۾ ٿيا هئا. پر ويجهيءَ ڇڪ ۾ سنڌ ۾ اهڙا ڌاڙيل پيدا ٿيا آهن. جن پنهنجي تر ۾ حڪومت هلائي آهي، وڏيرن کان زوريءَ ڏن ورتو آهي ۽ هنن جي نالي ٻڌڻ سان ئي پوليس وارن ۾ ڪنبڻي پئجي ويندي آهي. سنڌين کي سٻاجهڙو چيو ويندو آهي. پر مون ڏٺو آهي. ته هنن صدين جي پيڙيل ماڻهن جي اَنڊن ۾ آڳانجهيون قاتلانه قوتون لڪل آهن_ هاٽڪ اڌما جي مارڻ ، ڏارڻ. ڌڪارڻ ۽ لوئن نچوئڻ چاهن ٿا. هنن جا سڀ تاريخي سرواڻ وڙهندي ماريا ويا آهن ۽ ڪڏهن به آڻ نه مڃي اٿائون. هڪ ڀيري مون وٽ ٻهراڙيءَ جو ڪوئي ماڻهو ڪنهن ڪيس جي سلسلي ۾ آيو. مون هن کان پڇيو، ’تنهنجو نالو ڇا آهي؟‘
’رهزن‘، هن جواب ڏنو.
’ڄاڻين ٿو ته رهزن ڪنهن کي چوندا آهن؟‘ مون هن کان پڇيو.
’مڙس ماڻهوءَ کي چوندا آهن، ٻيو ڪنهن کي چوندا آهن!‘ هن جواب ڏنو. هن جي پيءُ، پڙ ڏاڏي سڀني پَلَوَ ۾ خون ڪيا هئا. ۽ هو سڀ پَلَوَ ۾ ماريا ويا هئا. ڳالهيون ڪندي، هن چيو هو، ’صاحب! مڙسن تان جهُڙ جهيڙا نه لهندا آهن. اهو مڙس ڪهڙو، جو پلئه نه ڪري؟‘
”مان اڪثر سوچيندو آهيان ته ڇا ڀٽائي هن قوم کي سمجهي سگهيو هو؟ ڇا هو اهو ڄاڻي سگهيو هو ته هن قوم جي تحت الشعور ۾ صدين سان پلـؤ ڪرڻ جو بي پناهه جذبو موجود آهي؟ ڇا تصوف هن قوم سان اها ڪار نه ڪئي آهي. جا چينين سان آفيم ڪئي هئي؟“
...... ...... ......
”قيدين کي اسان جي وارڊ وارن وڏيرن تي ڏاڍي ڪاوڙ آهي: جي رات جو حملو ڪيائون ته پهريون اسان جي وارڊ تي ڪندا. وڏيرا ۽ انهن جا ڇاڙتا ساري رات ڏنڊا کڻي پهرو ڏين ٿا. مورچن تي جيل جا سپاهي رائيفليون ڀري بيٺا آهن. ساري رات ’سي ڪلاس‘ ۾ ڀتين مان سرون پٽجن ٿيون ۽ نعرا لڳن ٿا. منهنجي ۽ ڀٽيءَ جي ننڊ به ڦٽي پئي آهي. جي حملو ٿيو، ته اسين به ماريا وينداسون، ڇو ته اسين به وڏيرن سان گڏ ’بي ڪلاس‘ ۾ آهيون. ويڙهه ۾ سروٽي کي ڪهڙي ڄاڻ ته ڪنهن جو مٿو ٿو ڦاڙي! ظالمن هٿان مارجي وڃڻ جو خطرو ته مون کي هميشه رهيو آهي. پر هن کان اڳ مون اهو سوچيو به نه هو ته متان ڪڏهن مظلومن هٿان ماريو وڃان. آخر اسين به ته اتفاق سان اُنهيءَ ڪلاس ۾ آهيون، جتي مظلومن تي ظلم ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي.“
...... ...... ......
”رات جا ٻارنهن لڳا آهن. آسمان ۾ انيڪ ستارا ٽمڪي رهيا آهن. منهنجا ٻه نيڻ به انهن سان ملي هِن بي انت سنسار ۾ سمائجي ويا آهن. چوڌاري چپ چپات آهي. رڳو ڪٿان سنتريءَ جي پڪار آهي‘. ان جواب مان سنتريءَ کي اطلاح ملي ٿوته ڪوبه قيدي فرار نه ٿيو آهي. اسان جي وارڊ وارا وڏيرا قيدين کي ويڙهائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ؛ قيدين هڪٻئي جا مٿا ڦاڙيا. ۽ جيل جي پوليس رائيفليون تاڻي، وارڊن ۾ گهڙي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي. ٻاغي قيدين جا اڳواڻ ٻڌا ويا آهن ۽ سڀاڻي انهن کي ساهيوال ۽ ميانواليءَ جي جيلن ۾ موڪليو ويندو. هن جيل ۾ ۽ هن جيل کان ٻاهر هزارها ميل وڏي جيل ۾ ڪيڏي نه مشابهت آهي!“
...... ...... ......
”اڳئين ڇنڇر تي منهنجو پٽ، انيس، آيوهو ۽ چيائين ته ’امان ڏاڍي دلگير ٿي پيئي آهي ۽ اوهان سان ملڻ چاهي ٿي.‘ مون کي جيل ۾ ساڍا ست مهينا گذري ويا هئا ۽ زرينا مون سان هڪ ڀيرو به نه ملي هئي. دراصل مون هن کي ملاقات کان روڪيو هو. ڇو ته جيل جو وڏو لوهي دروازو، ڀاري ڪڙا ۽ قلف، پهري تي بيٺل هٿياربند سنتري، ۽ ڳاڙهين پيلين ۽ ساين ٽوپين وارا مقدم ڏسي. هوءَ هراسجي وڃي ها. زندگي بي اعتبار آهي، ۽ منهنجي صحت پـؤڻي پئجي رهي آهي. ان ڪري مون هن ڀيري انيس کي چيو، ’ٻئي ڇنڇر تي ماءُ کي وٺي اچجانءَ،‘ مون کي هفتي ۾ فقط ڇنڇر تي ملاقات جا اجازت آهي ۽ سابه سي _ آءِ ڊي جي موجودگيءَ ۾.
”اڄ پنجين بجي زرينا آئي هئي. هن جون گهايل اکيون اڳي کان به موهيندڙ هيون، پر هوءَ ڳري ڪنڊا ٿي وئي هئي ۽ هن جي ڳلن ۾ کڏون ٿي پيو هيون،
”سامهون جيل جو ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ ويٺو هو ۽ منهنجي ڀرسان سي _ آءِ ڊي وارو مفتيءَ به ويٺو هو. اچڻ سان هوءَ مون کي ائين چنبڙي پئي جيئن ول وڻ کي چنبڙي پوندي آهي، ۽ بي اختيار روئڻ لڳي. ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ سنڌي هو ۽ منهنجي عزت ڪندو هو. هن هڪ سپاهيءَ کي چيو ته اسان جي سامهون ڪاٺ جو پردو رکي ڇڏي جيئن اسان اُن جي پٺيان اڪيلائي ۾ ڳالهائي سگهون. پنجابي سي_ آءِ_ ڊي واري به ڪوئي اعتراض نه ورتو.
”زرينا ڪافي ديرتائين روئندي رهي ۽ مان هن کي خاموشيءَ سان ڏسندو رهيس. هن مون سان پنجويهه سال گڏ گذاريا هئا. منهنجون اوڻايون لنوائيندي رهي هئي ۽ ڪڏهن به منهنجي ادبي يا سياسي پورهئي ۾ رڪاوٽ نه ٿي هئي. جي اسان ٻنهي کي انسانيت جي تارازيءَ ۾ توريو وڃي. ته هن وارو پڙ ڀاري ٿيندو. مون پاند سان هن جا ڳوڙها اگهي. هن کان پڇيو، ’خوش آهين؟‘ هوءَ وري وڃي سڏڪن ۾ پئي، ۽ مان ڪافي وقت هن کي پرچائيندو رهيس. ايتري ۾ سائرن وڳو ۽ جيل جون بتيون وسامي ويون. گهڙي نه گذري ته ’ڌڙام، ڏڙام‘ ڪري روهڙيءَ تي بم ڪرڻ لڳا ۽ جيل جون ڀتيون لڏڻ لڳيون . هوءَ ڀو ۾ مون کي چنبڙي پئي. مون ڏاڍو چاهيو ته سگريٽ دکايان، پر بلئڪ آئوٽ ۾ تيلي ٻارڻ جي منع هئي. مون من ۾ هن کي چيو. ’مان توکي ڪيئن سمجهايان ته تون ۽ مان هڪ هزار سال جي ڪئي جو ڪيتو ڏيئي رهيا آهيون.‘
”اڌ ڪلاڪ کان پوءِ بتيون ٻريون، ته زرينا مون کي نهايت معصوميت سان چيو، ’جڏهن به بمباري ٿيندي آهي، مان ٻارن سوڌي کٽ هيٺان لڪي ويهندي آهيان. رڳو سليم ئي پڌر مان هوائي جهازن کي ڏسندو آهي.‘
”مون کي کل اچي وئي_ اسان جي گهر ۾ به هڪڙو ٻار ته ويٽنامي آهي. هوءَ به کلي ويٺي، مون هن کي چيو ته ’مان ڀانيان ٿو ته جنگ وڌيڪ نه هلندي. پر جي وڌيڪ هلي ته تون شڪارپور هلي وڃجانءِ.‘
’ڇابه ٿئي‘، هن جواب ڏنو ؛ ’توکي سکر ۾ ڇڏي مان شڪارپور نه ويندس‘.“
...... ...... ......
’سڀ انسان هر انسان جي ڳچيءَ ۾ لڙڪن ٿا، سو تنهنجي ۽ منهنجي ۾ ڪوئي فرق نه رک!“
(يوناني اديب نڪوس ڪازنت زيڪس پنهنجي ناول ’يسوع ٻيهر صليب تي‘ ۾)
...... ...... ......
مُڱڻهارن مَپُ، ڪونهي ٻيو ڪيرت ري_‘
(ڀٽائي)
...... ...... ......
’ڪرم دنيا سان ٻڌي ٿو، پر يگيه ارٿ (پاڻ _قربانيءَ جي خيال کان) ڪرم ڪجي ٿو، ته ڪين ٿو ٻَڌي.‘
(’ڀڳوت گيتا‘ _ائني بيسنت، ترجمو ڄيٺمل پرسرام)
...... ...... ......
”شاعر زندگيءَ جي رفتار جو جذباتي سونهون هوندو آهي، ۽، پنهنجي مبهم انداز ۾ ، سياستدان کان اڳ تاريخ جا اهم موڙ ڏسي سگهندو آهي. پنهنجيءَ تقدير جي باري ۾ به هن کي پروڻ پوندا آهن. لورڪا جوهڪ نظم آهي_
’مون محسوس ڪيو ته مون کي قتل ڪيو ويو آهي.
هو ڪئفي، قبرستان ۽ گرجائون ڳوليندا رهيا،
هنن کولا ۽ الماريون ڳولي ڏٺيون،
هنن ٽن هڏاون پڃرن کي ڦريو ۽ انهن جا سونا ڏند لاهي ورتا ؛
پر هو مون کي ڳولي نه سگهيا_
هو ڪڏهن به مون کي ڳولي نه سهگيا.‘
انهيءَ نظم لکڻ کان ڪجهه وقت پوءِ هو اسپين جي فاشي ڪتن هٿان ماريو ويو ۽ هن جو لاش هٿ نه آيو.
روس جي روماني شاعر، ارمنتوف، هڪ نظم لکيو هو_
’ٽاڪ منجهند جو داغستان جي ماٿريءَ ۾
مان بيجان پيو هوس ۽ گولي منهنجيءَ ڇاتيءَ ۾ هئي.
هڪ گهري زخم مان (بارود جو) دونهون نڪتو.
۽ خون منهنجي جسم مان وهيون ۽ ڄمي ويو.
مان تتيءَ واريءَ تي تنها پيو هوس،
منهنجي چوڌاري پهاڙيون هيون،
۽ انهن جون پيليون چوٽيون سج جي تاوَ ۾ لهسي رهيون هيون،
۽ مان خود، موت جي ننڊ ۾، ڌرتيءَ تي لهسي رهيو هوس.‘
ارمنتوف جو موت ڪوهه قاف جي هڪ سنسان جاءِ تي ويڙهه ۾ گوليءَ لڳڻ سبب ٿيو.
”مائڪو وسڪيءَ جو هڪ نظم آهي_
’اُتي، جتي اسان جي دور رس نگاهه پهچي نه سگهي آهي_
بکايل قوتن جي رهبري ڪندو.
اڻويهه سؤ سورنهن اڀري رهيو آهي.
۽ اوهان منجهان آءُ ان جو پيغمبر آهيان.‘
اهو نظم هن 1915ع ۾ لکيو هو ۽ 1917ع ۾ روس ۾ انقلاب آيو.
”مون اهڙا ڪيئي شعر پڙهيا آهن، جي شاعر جي پنهنجي باري ۾ ۽ هن جي دور جي باري ۾ اڳڪٿي ثابت ٿيا آهن.
”ڇا منهنجي شاعريءَ جا خواب به اهڙيءَ طرح حقيقت جو روپ وٺندا؟ ڪيئن، چئجي!“
...... ...... ......
’اسين ٻه ٿڙ آهيون، جن کي وڄ چمڪائي رهي آهي؛ اڌ رات جو اونداهي جهنگ ۾ ٻه ڄرڪندڙ ڄڀيون آهيون.
’اسين ٻه پڇڙ تارا آهيون، جي ڀاڳ جي ٻه_ڇانگي ٻاڻ تي اوندهه ۾ اڏري رهيا آهيون.
’اسين ٻه ڪميت آهيون، جن جون واڳون ساڳئي هٿ ۾ آهن ۽ جي ساڳيءَ اڙيءَ سان اڳتي وڌي رهيا آهن.
’اسين ٻه نيڻ آهيون. جن جي نهار ساڳي آهي : ساڳئي سپني جا ٻه ٻرندڙ پنک آهيون.
’اسين ان سنگ مرمر جي سماڌيءَ ٻن ٻيڙن جا پاڇاوان آهيون، جن ۾ سونهن ستي پيئي آهي.
’اسين ساڳئي اسرار جو ٻه_ تارو آواز آهيون ؛ ساڳئي صليب جون ٻه ٻانهون آهيون.‘
(روسي شاعر، اوانوف)
...... ...... ......
’هڪ ڪُهنگ اَڪاس ۾ پنهنجو دڳ ڀلي پيو آهي ۽ پريان ڪنهن طوفاني بادل تان ڪوڪاري رهيو آهي ؛
’ڄڻ ڪنهن اجنبي چاري تي ڪوئي مسافر ڌڪجي رهيو آهي.
’ڪير چوندو ته هن جو لنبو ۽ اونداهو رستو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي ۽ هن جو خوف خطرو ڪٿي کٽڻو آهي!
’رات ڏينهن جي پوئين ڄڀي ڪڏهن ٻُجهائي ڇڏيندي، ۽ منهنجا ٿڪل پير ڪٿي پساربا؟
’الوداع، پيارا پکيئڙ! تون ڪٿي به ڀٽڪندو هجين، بسنت موٽي ايندو ته توکي ورائي آڻيندوپنهنجي ولر ڏانهن. ۽ تون موٽي ايندين پنهنجي پرسال واري واهيري ۾.
’پر مان پنهنجي اجڙيل اَکيري مان جلاوطن ٿي چڪو آهيان،
’۽ پٿر پٿر تي ٿيڙ کائيندو وڃي رهيو آهيان ڪنهن اَڪاس ۾ ڀٽڪندڙ پکيئڙي جيان.
’۽ پنهنجي بي چينيءَ ۾ اُنهيءَ هر ڇپ سان ريس ڪري رهيو آهيان، جا اسٿر ۽ اڏول آهي.
’هر ڇپ پنهنجيءَ جاءِ تي اٽل بيٺي آهي، پر مان پنهنجي جاءِ تان ڀٽڪي، طوفان ۾ ڦيراٽيون کائي رهيو آهيان.
’هر پنڇي پنهنجي اَکيري ڏانهن رستو ڳولي سگهي ٿو، پر مون کي اوندهه ۾ گم سم رلڻو آهي.
’اف! هي لنبو ۽ اونداهو رستو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي؟
’اوخدا! ان جا خوف ۽ خطرا ڪٿي ٿا کٽن؟
’هن ڏينهن جي پوئينءَ ڄڀيءَ کي رات ڪڏهن ٻجهائي ڇڏيندي؟
’منهنجا ٿڪل پير اڄ رات ڪهڙي هنڌ پساربا؟‘
(آرمينيا جو شاعر، تُومانينَ)
...... ...... ......
...... ...... ......

لڙيو سج لڪن ۾
شاعر شيخ اياز.1975ع جي شروع کان حالتن جي زد ۾ رهيو ۽ خاموش رهيو.
باز گشتم از سخن زيراڪ نيست
در سخن معني و در معني سخن (فيضي)
اُن کان پنج سال اڳ، 1970ع ۾، ”ڪپر ٿو ڪن ڪري“ جي تخليق کان پوءِ، 1974ع جي آخر تائين، هن منظوم سنڌي ڊراما ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ ۽ هيءُ زير نظر شعري مجموعو ”لڙيو سج لڪن ۾“ اسان کي ڏنا_ اُنهن پنجن سالن ۾ هن ”نيل ڪنٺ اور نيم ڪي پتي!“ جي عنوان سان ڪيئي اعليٰ اردو گيت ۽ نظم به تخليق ڪيا، جي اڃا شايع ٿي نه سگهيا آهن. پر اُن کان پوءِ، گذريل پنج سال، هن جي شاعريءَ جي ”بيوفا سريت“ هن کان رٺل رهي ۽ اسين هن جي هر طرح جي شعري تخليق کان محروم رهياسين هيءُ عرصو هن جو ڌيان . البت، پنهنجي سنڌي شعر جي پنجابي ۽ اردو ترجمن ڏانهن رهيو. جيڪي پوءِ ڪتابي صورت ۾ الڳ الڳ ”جو ٻيجل ني اَکيا“
(مترجم_ احمد سليم) ۽ ”حلقه ميري زنجير کا“ (مترجم_فهميده رياض) جي نالن سان شايع پڻ ٿيا. هن عرصي ۾ هن ڪافي ڪجهه منصبي نوع جا مضمون به سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ لکيا، ۽ پڻ ڪيئي تقريرون پڙهيون ۽ ڪيون ۽ اُن سڀ کان وڌ، هڪ تاريخي ناول لاءِ مواد به ڪٺو ڪيو، جو هاڻي وٽس زير تصنيف آهي هن جي هنن پنجن سالن جي ان بي ڪيف جاکوڙ مان اسان جي لکئي ۾ شايد ناول جي امڪان سالن جي لک ئي آيل هجي_ ۽ اُن کي به اسين پنهنجي لاءِ وڏي هڪ نعمت شمار ڪنداسين.
هيءُ شعري مجموعو، ”لڙيو سج لڪن ۾“، جيئن اُن جي نالي مان پڌرو آهي ۽ اُن جي فهرست ۾ آيل واين جي هر ابتدائي پد مان ڏسي سگهجي ٿو. شاعر جي انتهائي نراسائيءَ جي ڪيفيت جو ترجمان آهي: بلڪ نراسائيءَ کان وڌيڪ، پڙهندڙ کي شايد. اُن جي ڪيفيت ناخوشيءَ يا ناراضپي جي محسوس ٿئي _ ناخوشي يا ناراضپو، شديد کان شديد. ايترو شديد. جو اُن کان وڌ ڪنهن وصال جي تانگهه، ڪنهن تبديل جو اُمنگ ۽ اُن وصال يا اُن تبديل لاءِ وڌيڪ ٻيءَ ڪنهن تيز آس جو اظهار شايد ئي ڪو ٿي سگهي.
”مون کي پنهنجي جيئري ملڻو ناهين مور_
ڀُنءِ ڀاري، گهر ڏور
”پوءِ به ڦلن ڇانو آ پرين تنهنجوپور_
ڀُنءِ ڀاري گهر ڏور.....“
(ص86)
اياز جي شعر جو هيءُ مجموعو هن جي واين جو مجموعو آهي، ۽ سڄي سنڌي ادب ۾ شايد ۽ جديد سنڌي ادب ۾ يقينن هيءُ پهريون خالص واين جو مجموعو آهي، جو شايع ٿي رهيو آهي. هن مجموعي ۾ جملي ڇاهٺ وايون آيل آهن_ ۽ اُميد آهي ته اسان جا ادب شناس ۽ نڪته سنج، محترم ۽ لائق پڙهندڙ ڏسندا ته اُن جي هر هڪ وائي ۽ هر وائيءَ جي هر هڪ مصرع هڪ روشن لڙهي آهي، جنهن ۾ معنيٰ ۽ جذبي جا اُملهه موتي پوتل آهن.
دِل هر قطره را گر برشــگافي
برون آيد آزو صد بحر صافي (فيضي)

حيدرآباد _محمدابراهيم جويو
1_2_1980ع

 راج گهاٽ تي چنڊ

اسان جي پياري دوست، شيخ اياز، جي شعر جو هيءُ تيرهون مجموعو آهي، جو پيش ٿي رهيو آهي. لڳ ڀڳ ست سال اڳ، 1980ع ۾، اياز جو ڇهون مجموعو، ”لڙيو سج لڪن ۾“، شايع ٿيو، جنهن ۾ ناشر طرفان ٻڌايل هو ته ”شاعر شيخ اياز 1975ع جي شروع کان...... خاموش رهيو“. ڇو ته فارسي شاعر ابوالفيض فيضيءَ جي بقول، اُن دور ۾ اياز جي ڄڻ اها ڪيفيت هئي، جو
باز گشتم از سخن زيراڪ نيست
در سخت معني و در معني سخن.
يعني ”شعر چوڻ کان باز آيل آهيون، ڇو ته نه شعر ۾ معنيٰ رهي هئي ۽ نه معنيٰ ۾ شعر.“ اياز جي اُن ڪيفيت جو اشارو هُن جي ان مجموعي جي نالي مان ئي پڌرو هو، جيڪو لطيف جي ساڳيءَ ڪنهن اهڙيءَ ڪيفيت جي ترجماني ڪندڙ خود لطيف جي بيت مان هُن کنيو هو:
’لڙيو سج لَڪن ۾‘ راسيون رتائين،
مون کي ماريائين، اديون اونداهي ڪري!
اياز جي اُن شعري مجموعي کي شاعر جي ”انتهائي نراسائيءَ جو ترجمان“ چوندي، ناشر کي اُن مان نراسائيءَ کان وڌ شاعر جي ”ناخوشيءَ يا ناراضپي“ جي ڪيفيت محسوس ٿي هئي_ ”ناخوشي يا ناراضپو، شديد کان شديد، ايترو شديد، جو اُن کان وڌ ڪنهن وصال جي تانگهه، ڪنهن تبديل جو اُمنگ ۽ اُن وصال يا اُن تبديل لاءِ وڌيڪ ٻيءَ ڪنهن تيز آس جو اظهار شايد ئي ڪو ٿي سگهيو ٿي.“
اڄ، 1980ع کان پوءِ، بلڪ 1982ع ۾ ”پتڻ ٿو پُور ڪري“ جي اشاعت کان 1987ع جي سندس هن تازي شعري مجموعي ”راج_ گهاٽ تي چنڊ“ تائين، پنجن سالن ۾ اياز جي ستن شعري مجموعن جي تخليق ۾ اشاعت· مان پڌرو آهي ته اياز جي اها ڪيفيت ڪنهن شڪست قبولڻ ۽ فراريت ۾ پناهه وٺڻ واري ذهن جي ڪانه هئي. پر راهه ۾ لهندڙ سج ۽ رات جي اوندهه ٿي وڃڻ تي ”سسئيءَ“ جي ناراضپي، ڏک ۽ ڪاوڙ جي ڪيفيت هئي. جن منزل ڏانهن هُن جي پنڌ ۾ رڪاوٽ ٿي وڌي. اياز پنهنجي اُن ڪتاب کي ”ماضيءَ ۽ مستقبل“ ڏانهن منسوب ڪيو هو_’حال ڏانهن‘ يا ’حال ڏانهن به‘ ته: اُن مان به اياز جي اهڙيءَ ئي پنهنجي ’حال‘ کان بيزاريءَ ۽ ڪاوڙ جي ڪيفيت جو اظهار ٿيو ٿي ۽ نه سندس هار کائي ڪنهن ڪنڊ پاسي ويهڻ يا ڪٿي ڀڄي پاڻُ محفوظ ڪرڻ جو.
وقت جو ڪرشمو واقعي به. هڪ طرح، اهڙيءَ نوعيت جو لڳي ٿو ڄڻ ’حال‘ آهي ئي نه_ رڳو ’ماضي‘ آهي ۽ ’مستقبل‘ آهي ۽ ماڻهو ”حال جو هر پَل ”مستقبل“ جي پَلُ لاءِ پيو گهاري. ان معنيٰ ۾ ماڻهوءَ لاءِ آس ۽ نراس، خوشيءَ ۽ ڪاوڙ، شڪست ۽ فتح جي به ڪا ڳالهه ڪانه ٿي اُٿي_ هڪ لاڳيتي مجبوري هئي جنهن ۾ ماڻهو ڳهندو ٿي رهيو، پر هيءُ جو لطيف چيو ته ”ڪِنِي ’ماضي‘ مَنَ ۾ ڪئي ’استقبال‘ حيفُ تني جي حال، جن وساريو ’حال‘ کي!“_ ان جي معنيٰ ڇا؟ ان مان ته ائين ٿي لڳو ڄڻ ’ماضيءَ‘ ۽ ’مستقبل‘ جي ڳالهه ڪانه هئي، رڳو ’حال‘ هو_ ۽ ’حال‘ ۾ ئي ماڻهو لڳاتار لوڙيندو ٿي رهيو!! برابر هيءَ وقت جي ڌارا، هيءُ وقت جو اَجهل سيلاب_ ڪهڙيءَ به طرح اُن تي نظر رکجي_ اکين جي آڏو ماڻهو پاڻ کي مجبور ئي ڏسي ٿو، پر حقيقت ۾، اُن اٽل مجبوريءَ ۾ به ’جيئڻ‘ جي ضرورت آهي، جا ماڻهوءَ کي اراده ڏئي ٿي_ ارادو آزاديءَ سان ۽ رڪاوٽن کان آجي جيئڻ جو، پنهنجي مرضيءَ سان جيئڻ جو_ هيڪل توڙي گڏجي، پر جيئڻ جو، ۽ جيئڻ کي ماڻڻ جو. ائين ارادي سان روشن ’حال‘ جو رستو جڏهن، هلندي هلندي، لڪن ۾ سجُ لهي وڃڻ سبب، اونداهجي به ٿو، ته ماضيءَ جو تجزيو ۽ ڏور ’جبل مٿي باهڙي_ مستقبل جو سدا چمڪندڙ پرانهون اهو نشان_ ئي فردن توڙي قومن ۾ اَڻ مڃڻ ۽ جيئڻ تان هٿ کڻڻ بدران، بهتر ۽ خوشتر جيئڻ جو، جيئڻ جي جسُ کٽڻ جو، اُمنگ ۽ ارادو تازو رکن ٿا.
وقت ۽ زندگيءَ جي جبر ۽ اختيار جو هيءُ وستار ائين ۽ ان ئي منطق سان جاري رهندو آيو آهي.
۽ ٻولي ۽ ادب، وقت جي مقابلي ۾، قومن جي انهيءَ جيئڻ ۽ جيئڻ جي ماڻڻ جي امنگ ۽ ارادي جا امانتدار، تربيت ڪندڙ ۽، مسلسل روايت طور، اُن امنگ ۽ ارادي کي نسل کان نسل تائين رسائڻ جا ثابت ۽ اڻ_ گس وسيلا پئي رهيا آهن. ان مان قومن ۽ انهن جي بامراد زندگين کي اَٽوٽ سلسلو ملي ٿو. ٻولي ۽ ادب جنهن لاءِ تسبيح جي ڌاڳي جو ڪم ڏين ٿا.
ٻوليءَ ۽ ادب جا اها حيثيت ۽ اهو ڪارج تاريخي طور عام مڃيل آهي_ اوائلي مذهبي برادرين (جيڪي جديد قومن جي وجودجڻ جون پهريون جماعت بنديون ليکجن ٿيون) جي ٻولين جي سلسلي ۾، مثلاً اُنهن جون مقدس ٻوليون: سنسڪرت، هيبريو، اَوستا، پالي، يوناني/ لاطيني ۽ عربي وغيره؛ ۽ اُنهن کان پوءِ يا اُنهن سان شمال ۽ همعصر ملوڪيتي يا بادشاهي نظامن جي سلسلي ۾، جڏهن علائقائي حدبندين ۽ علائقائي ٻولين هر هنڌ اُنهن مذهبي برادرين ۽ سندن مقدس زبانن جي جاءِ ورتي ۽ اُهي لکيت ۾ اچڻ ۽ ماڻهن جون ابدي ۽ علمي ٻولين بڻجڻ شروع ٿيون؛ ۽ سڀ کان وڌيڪ، جديد قومي جمهوري نظامن جي سلسلي ۾، جڏهن قومي رياستون وجود ۾ آيون ۽ اُنهن جون قومي ٻوليون پنهنجي سڄي فڪري ۽ تخليقي معجزي سان قومن جي سڃاڻپ جا بنيادي نشان بڻجي پيون، جيئن اڄ اُهي آهن.
قومي زندگيءَ ۾ قومي ٻوليءَ جي اِن اهميت ۽ اِن ڪارج جي ڳالهه ڪندي، تاريخ ۽ سماجيات جي هڪ عالم چيو آهي ته ”جيئن محبوب جي ڏسڻ لاءِ عاشق جي اک آهي. هُن جي پنهنجي اک، اصلي اک، تيئن محب وطن لاءِ ٻولي آهي_ سڄيءَ هُن جي قوم جي تاريخ کان هُن کي مليل، هن جي پنهنجي اصلي ٻولي، مادري ٻولي. اُن پنهنجيءَ ٻوليءَ وسيلي، جا هو ڄمڻ سان ٻڌي ٿو، ماءُ جي هنج ۾ سکي ٿو، ۽ قبر تائين ساڻ نئي ٿو. هو گذريل وقت ياد ڪري ٿو، سهيوگي سنگَ ۽ رفاقتون خيال ۾ آڻي ٿو، ۽ پنهنجا هو آئيندي جي وقتن جا خواب لهي ٿو.“
ٻوليءَ ۽ ادب جي اِها زندگي بخش روح افزائي ۽ اها اُنهن جي مسيحائي هر محب وطن فرد ۽ خاص طرح محبِ وطن قومي شاعرن ۽ اديبن جي واسطي سان قوم لاءِ سدا موجود، سدا زنده ۽ ترو تابنده رهي ٿو. سنڌي ٻولي ۽ اُن جو ادب به انهيءَ طرح سنڌي قوم جي پنهنجي جيئڻ ۽ جيئڻ جي ماڻڻ جي ارادي جدوجهد جي تاريخ جا محفوظ طومار يا رڪارڊ آهن، ۽ ائين ئي، خاص طور جديد قومي سنڌي ادب لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اهو سڄي جو سڄو اڄوڪي دور جو، مخصوصن 1947ع جي تقسيم برصغير ۽ اُن جي نتيجي ۾ سنڌ جي قومي ورهاڱي ۽ سنڌي قوم کي جنهن سياسي ۽ سماجي صورتحال سان دوچار ٿيڻو پيو، اُن جو اُهو شعوري ردعمل ۽ پورو ۽ سچو تفصيل آهي.
مون پنهنجي ڪتاب ”شاهه_ سچل_ ساميءَ“ (1978ع) ۾ ارسطوءَ جو قول نقل ڪيو هو ته ”شاعري فلسفي کان وڌيڪ فڪر_ انگيز ۽ تاريخ کان وڌيڪ سبق آموز ٿئي ٿي،“ ۽ چيو هو ته ”اِها حقيقت ان طرح هئي، جو شاعريءَ مجموعي طور انساني فطرت ۾ زياده اونهو ڏٺو ٿي_ اُن جي خصوصيت بلڪ اُن جي عظمت جود ليل ئي اهو هو ته اُن اندر جي اسرار جي، ڳالهه جي اصل جي، ’اکرن‘ جي نه پر ’روح‘ جي صورتگري ڪئي ٿي: ۽ ٻيو ته اُن پنهنجي دور تي، ۽ ان جي ماڻهن تي وڌيڪ حساس روشني وڌي ٿي ۽ انهيءَ ڪري اُنهن سان زياده يڪدل ٿي اُنهن کي وڌيڪ چٽو ۽ صحيح سمجهيو ٿي.“ ائين عظيم شاعريءَ جي توصيف ڪندي، مون وڌيڪ لکيو هو ته ”ان ۾ وقت جي حقيقتن جو سچو ۽ پورو عڪس موجود هجي ٿو، ۽ اُن خيال کان اُن ۾ تاريخ جي جهلڪ موجود هوندي آهي؛ ۽ ساڳئي وقت ان ۾ حقيقتن جو تعبير به موجود هوندو آهي، اُن لحاظ کان اُن ۾ فلسفي يا حڪمت جي به جهلڪ هوندي آهي.“
جڳ مشهور ادبي نقاد ٽي.ايس.اِليٽ، جو چوڻ آهي ته ”شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ جيڪڏهن اوهين ڪنهن جدت ڪار (innovator) جي ڪاوشن کي تاريخوار ويهي جانچيندا ته اوهين هن کي سندس من جي ڪنهن اجهل ڌن ۾ مصروف ۽ قدم بقدم اُن جي پورائيءَ ۾ اڳتي وڌندي ڏسندا.“ جديد سنڌي ادب جو اڳرو ۽ جدت ڪار، اسان جو مهان اديب ۽ شاعر شيخ اياز اسان کي سندس سڄيءَ اعليٰ تخليقي ڪاوش ۾_ پهنجي ضبط ٿيل مشهور پهرئين شعري مجموعي ”ڀونئر ڀري آڪاس“ (1962ع) کان وٺي. سڀني سندس نثري تصنيفن سميت، پنهنجي شعر جي هن زير نظر شاهڪار، ”راج گهاٽ تي چنڊ“، تائين_ اهڙيءَ ئي ڪنهن هڪ پنهنجي لازم ڌن ۽ اَجهل جذبي جي تڪميل ۾ اڳتي وڌندو پئي معلوم ٿيو آهي. ”پتڻ ٿو پور ڪري“ جي مهاڳ ۾ يوسف شاهين لکيو آهي ته ”نثري نظمن تي مشتمل هيءُ بي مثال ڪتاب شيخ اياز جي سڄيءَ زندگيءَ جي تجربن، ڄاڻ، مطالعي ۽ مشاهدي جو نچوڙ آهي......“ دراصل اُهو اياز جي مطالعي جو نچوڙ به هُن جي پنهنجي اُن اندر جي جذبي، پنهنجي آئيندي جي هڪ خواب کي اڳتي نئي ٿو، جيڪو هن جي دل ۾ پنهنجن ماڻهن لاءِ موجود پئي رهيو آهي، ۽ جنهن ڏانهن هن جي سڄي شاعري ۽ ٻي هر ادبي ڪاوش مسلسل سفر ۾ رهي آهي. هن جي سڄي اعليٰ تخليقي ادبي اُپت، هن جا سڀ ادبي شاهڪار، زندگيءَ جي همه رنگ صورت جي مصوري هوندي به. اهڙا آهن، جو اُنهن سڀني ۾ هڪ يڪرنگي، هڪ يڪسوئي ملي ٿي. شاعر جي پنهنجي هڪ ’ڏور_ نگاهه‘ (vision) هن جي هر نظم ۽ هر شعر ۾ موجود آهي، ۽ وچ ۾ ڪٿي، خاص طرح پنهنجي قومي حال ۾ مايوسيءَ جي خفيف عڪاسيءَ جي باوجود، جا حقيقت پسندانه ئي آهي_ اُن ۾ هزارن سالن جي تاريخ مستقبل جي اُن مثبت ۽ پُر_اُميد تصور سان وحي ملي ٿي:
اهڙي اڳ_ ڳڻتي
ڪهڙيءَ ڪؤتا کي هئي؟
ڪنهن هئن دانهن ٻڌي هئي
دکي ڌرتيءَ جي؟
ڇا اڳ ڏيهه ڏٺا هيا
ڏاهپ هئن ڏمري؟
من_ پيڙا جي ٻولڙي
ڪنهن هئن ڪُرلائي؟
(وايون، ص 97)
سهڙي جا سيکاٽ تي، کنوڻ سان کاڻوٽ
مٿان کائو موٽ، ساري سنڌ ٻري پئي
(بيت، ص 16)
هي جو ريٽُ رتو آ، کيسانو موريءَ،
اُڻي ڪنهن ڪوريءَ، ڳاڙهي اُڻت ڪيتري!
(بيت، ص 16)
او شل ڊهي ڊوهه، ڪائي آڳ ٻري پَئي،
لوهرُ ڦوڪي لوهه، رڪ ڪري ڪو پڌرو!
(بيت، ص 17)
اچي ٿو هيڪارَ موت ته سڀني جي مٿان،
مئي ناهه ميارَ، جي تون جيئين جسُ سان.
(بيت، ص 21)
هيءَ سرءُ، چاليهه سال!
روز ساڳا ڏينهڙا!
سج اُڀري ٿو، اُٿن ٿا سوچ ۾ ساڳا سوال_
سج اُلهي ٿو، منهن تي ٿا ملن ساڳا ملال_
ها فقط سرها لڳن ٿا، اڄ به ڌرتيءَ جا دلال_
هو وستي ويس پائي، ٿا هڻن ڪوڙا گلال_
ڪيترا تو لئه تڪيان؟ هاڻي ڀلائي آءُ ڀال!
روز ساڳا ڏينهڙا!
روز ساڳا ڏينهڙا!
روز ساڳا ڏينهڙا!
(وايون، ص 39)
ٿي ٻري لينن_ گراڊ_
بم برسن ٿا پيا.
”اولگا“ جي شاعريءَ ۾
اڄ به تازي آهه ياد_ بم برسن ٿا پيا.
اڄ به منهنجا ديس تو ۾
ڄڻ ته نازي بدنهاد! بم برسن ٿا پيا.
اي ڏکڻ! گهُلندين ڪڏهن تون
آءٌ اي بادِ مراد_ بم برسن ٿا پيا.
(وايون، ص 45)
ڌرتي! بس توسان
ماڻهوءَ ٻولَ نه پاڙيا!
آڌيءَ مانجهيءَ گيت ٿو ڳايان آءٌ اڃان.
سپني منجهه رچي وڃي ماڻهو نيٺ متان!
(ماڻهو سپنا ٿو اُڻي پنهنجي رتُ پُنءِ مان)
رانئي جرُ ٿَرُ آئيو، ڳاڙهو سج مٿان!
(وايون، ص 47)
’تون‘ ئي تون آهين
منهنجي ڀون آهين.
او آيل! او سنڌڙي!
منهنجي ساري ڏات تون
منهنجي ’مون‘ آهين_ او آيل! او سنڌڙي!
تون ئي منهنجا بيت آن
تون وايون آهين_ او آيل! او سنڌڙي!
اڃان نڪتي ڇو نه تون
کاهيءَ کؤن آهين؟_ او آيل! او سنڌڙي!
ويريءَ جي والارَ ۾
ڏينهن ته ڏون آهين!_ او آيل! او سنڌڙي!
(وايون، ص 49)
بادل ٿا برسن
جيڏا، وري جهوڪَ تي.
شاهه عنايتُ اُڀ مان، ڇمڪي ٿو ڇَن ڇَن،
نه تو سونگي سنڌڙي، نه تو ڏاڍي ڏن!
مٿن مٿي هٿڙا سدا شهيدن،
آهن اسان سان اڃان، مري جي نه مرن!
(وايون، ص 93)
پير کوڙي رهو پهاڙن تي،
پٿرن جي ڪِرڻ جيان نه ڀڄو!
رٿ روڪي وڙهو ’اياز‘ اڃان،
ڪانئرن جي ڀڄڻ جيان نه ڀڃو!
(غزل، ص 119)
سمجهو ٿا لوڪـو!
راهُو مرڻو ڪونه آ،
مري ويو ٻيو ڪــو.
(ٽه_ سِٽا، ص. 124)
اکيون پٽيو ڙي!
هيءَ جا باک بسنت جي
اٿي جهٽيو ڙي!
(ٽه_ سِٽا ص، 125)
موت نه کاڌي مات،
وري سج لُهولَهان
راهوڪيءَ تي رات!
(ٽه_ سٽا، ص 132)

ڇا تون ماضيءَ جا دروازا بند ڪرڻ چاهين ٿو؟
لاهور ۽ دليءَ جي رستن تان
رتُ ڌوپي چڪو آهي،
۽ اُها رُت ويجهي آهي
جنهن ۾ مالتيءَ جا اَڇا پُشپ
من جي پوترتا وانگر ٽڙي پوندا آهن.......
(نثري نظم ص 154)

دور ستارا پوڙها آهن
چنڊ به پوڙهو آهي،
يا هو پوڙهو ناهي؟

هن ساري سنسار کي ڪوئي
چوڌاري ڪو لوڙهو ناهي
يا ڪو لوڙهو آهي؟

ديپ ٻُجهن ٿا ديپ ٻرن ٿا
ڏاڍو ڏور ڏياٽيون آهن
جي وسمئه مان مَنش ڏسن ٿا.

وشِيؤ جيئن ڪو مندر آهي
ڇا اِن ۾ ڪوئي در آهي؟

سورتيون ۽ سڀ پوڄاري
اِن کان ٻاهر ڇو نه وڃن ٿا؟
هونءَ وشال لڳي ٿو، ليڪن
گهيرو ڪيڏو سوڙهو آهي!
(نظم، ص 180)

منهنجا گيت ڪڏهن اي ڌرتي!
چئه، توکان ڪو مُلهه گهرن ٿا؟

مون کان پوءِ اِهي اِئن لڳندا
انڊ مان جي چانڊوڪيءَ ۾
ڄڻ ڪي هڏڙا پکڙيل آهن_

هڏڙا ڪنهن کان ڇا ٿا چاهن
ڇا ڪوئي سوچي ٿو!
ڇا ڪوئي سوچي ٿو!
(نظم، ص، 181)

ڪنهن جو خون وهيو ٽوڙيءَ ۾
او ڊاير؟
توکي ڪيئي سال مئي ٿيا
روم روم مان تنهنجي نڪتا
جيڪي ڪيڙا
سي به مٽيءَ سان مٽي ٿي ويا_
ڪالهه مگر تو ٽوڙيءَ ۾
لڳ ڀڳ ساڳيءَ ورديءَ ۾
ساڳي هولي کيڏي!.....
(نظم، ص، 213)

وَن به ساڳو واس به ساڳو،
مَن به ساڳو ماس به ساڳو.
......................................
هڪٻئي سان گڏ ڇونه جيون ٿا؟
هڪٻئي کي سڏ ڇو نه ڏيون ٿا؟
هڪٻئي جو مڌ ڇو نه ٿيون ٿا؟
(نظم، ص، 222)

هو سڀ آڌيءَ رات اچن ٿا،
مگر مان تي ناچ نچن ٿا.

مگرمان جي چمڙي هيٺان
تن جون ڪيئي پيڙهيون آهن،
هڪٻئي پويان سيڙهيون آهن
تن تي گڏجي هيٺ لهن ٿا،
دودي تائين، ٻاگهيءَ تائين_
ڪُنڊَ ڪُنڊَ ۾ ديپ جلن ٿا،
مگرمان تي ناچ نچن ٿا.

جيڪي ڪالهه اِنهي ڌرتيءَ تي
ماريا ويا ها، سي به اٿن ٿا،
۽ پوءِ پنهنجن پيرن هيٺان
لاش چنيسر جو ڇيڀاٽي
ڇاتي کولي، اوچي ڳاٽي
ڏاڪولن سان ٺڪ ٺڪ ڪن ٿا
مگرمان تي ناچ نچن ٿا.
(نظم، ص، 227)
........... ان طرح، آءٌ هوند هن ڪتاب تان اياز جا سڄي جا سڄا نظم_ ”سارو عرش منور آهي/ چنڊ ڳليءَ ۾ چمڪي ٿو.....“ (ص ص 184-185)، ”ڪيڏو ياد ڪيان ٿو توکي/ تنهائيءَ ۾/ تون جو جيئڻ جو جس آهين/ ڪير چوي ٿو تون ڪئس آهين!.....“ (ص ص 188-189)، ”آزاديءَ لئه روز مرن ٿا/ ماڻهوئڙا.....“ (ص ص 199-200)، ”موت مسئلو ناهي/ مسئلو حياتي آ. ”موت مسئلو ناهي/ مسئلو حياتي آ.....“ (ص 203)، ”هي شاعر جي لهرائن ٿا/ هي جيڪي آداب عرض ڪن/ جن کي ڪوبه ضمير نه آهي...“ (ص، 204)، ”پنهنجي جيئري يارو/ انقلاب اچڻو آ.....“ (ص، 205)، ”حڪمرانن کي ڪونه مڃون ٿا/ پوءِ به اسان محڪوم ته آهيون!.....“ (ص 207)، ”باک ڦٽيءَ جو روز ٻڌان ٿو/ ’وڪٽر جارا‘ کي....“ (ص، 211)، ”عمر گذري وئي/ دک هن ديس جا/ اڄ به ساڳا هئا.....“ (ص، 211)، ”رات جي سياهيءَ ۾/ روشنيءَ جي جهرمر ۾/ ڪيترا نوان ماڻهو/ سچ ڏي وڌن ٿا پيا.....“ (ص ص 228-229)، ”جوت ٻرندي رهي...../ رات ٺرندي رهي.....“ (ص، 231) پيش ڪريان_ بلڪ اياز جو ڪهڙو ڪهڙو بيت، ڪهڙو ڪهڙو شعر، ڪهڙو ڪهڙو نظم ۽ اُن جو ڪهڙو ڪهڙو بند پيش نه ڪريان_ جي پنن تي جاءِ جي گنجائش ڏسي سگهان، ۽ جي اِها خبر نه هجيم ته هيءُ سڄو ڪتاب، پنهنجي واقعي هڪ ايڏيءَ امر شاعريءَ سان لائق پڙهندڙن جي آڏو پاڻ موجود آهي ۽ سنڌ جا محڪوم ۽ مظلوم باشعور ماڻهو ضرور اُن جي سِٽ سِٽ پڙهندا ۽ اُن جي ’ايجاز‘، ’ايما‘ ۽ علاماتي ادا ۾ جيڪي معنيٰ جي موتين جا انبار سندن آڏو آهن اهي هو پاڻ ئي ڏسندا ۽ گڏ ڪندا!
اياز جي هيءَ شاعري، اياز جي پنهنجي چواڻيءَ، هن جي ”زندگيءَ جي پوئين پهر جي شاعري“ آهي. اِنهيءَ ڪري ان ۾ لائق پڙهندڙن کي ڪٿي ڪٿي زندگيءَ جي اختيار ۽ اُن جي خاتمي کان پوءِ جي اوني جو اظهار به ملندو_ جئين مثلاً صفحي 76 واري ءَ وائي ۾:

ويل آن ساهي پٽڻ جي
موت منهنجي لاءِ تون
آخري منزل نه آهين.
مان اُٻن ۾ ڪيئن رهندس
مون ڀُلائي نانهه ڀون!
هو وسي ٿو وڏ_ ڦڙو
سايون ٿين ٿر ۾ ڀٽون!

جي اچان موٽي ته مون کي
ڪنهن هرڻ ۾ پاءِ تون!
موت منهنجي لاءِ تون
آخري منزل نه آهين

يا، جيئن صفحي 173 واي نظم ۾:
اڃان اجهاڻل ڏيئو ناهيان
تون جو اچڻو آهين. آءُ!

تنهنجي ڪارڻ ليئا پاتا
ساري رات جَلي مون در تي،
ڪيڏو ڪارو انڌيارو آ
ڀنڀرڪي تائين سانڀر تي!

ڄاڻ پرهه جا پنڇي اُڏريا!
توڙي پوئين آهي ويرا،
منهنجي جوت اڃان به ٻري ٿي
اڃا تڪيان ٿو تنهنجا پيرا.

اڃان به ساڳيو ليئو آهيان،
اچڻو آهين جي، تون آءُ!

يا، ”سارو عرش منور آهي“ (ص 184) واري نظم ۾:
...... ڇا، هي منهنجو بستر آهي؟
جنهن وٽ ڪوئي روئي ٿو:
جي، ”هي شعر اڌورو آهي.
”ويٺي ڪالهه لکيائين ٿي جو،
”جهونگاري سوچيائين ٿي جو،
”ڀانيان ٿو اڻپورو آهي!“......

يا، جيئن ص، 224 تي آيل سندس نظم:
عمر گذري وئي
دک هن ديس جا
اڄ به ساڳا هئا
جي هئا مون ڏٺا“
سال چاليهه اڳ،
ڪوبه ڦيرو نه آ
ديس جي دانهن ۾!.....
1976ع کان 1979ع تائينءَ جي وائيس چانسيلريءَ واري دور ۾ ۽، اُن دور کان فوراً پوءِ واري ڪجهه عرصي ۾ به، نه لکڻ سبب، اياز جي شعري آمد ۾ اها رواني نه رهي هئي، ته هن فقط نثري نظم ”پتڻ ٿو پور ڪري“ (1982ع) وارا لکيا هئا_ جيئن گروديو ٽئگورُ پنهنجي آخري دور ۾ ڪجهه ڪتاب نثري نظمن جا لکي، وري پنهنجيءَ منظوم شاعريءَ ڏانهن موٽيو هو. ٽئگور وانگر اياز جي اُنهن نثري نظمن ۾ اها ڳالهه نه هئي جا شاعر مان متوقع هئي. ان سلسلي ۾ اياز مون کي پاڻ ئي ٻڌايو هو_ ۽ ٻئي هڪ هنڌ آءٌ ائين لکي به چڪو آهيان_ ته ڪيترو وقت هن جي تخليقي قوتن جا سرچشما بيٺل رهيا، ۽ اُن ڪري هن ڪٿي ڪٿي (نثري نظمن ۾) پنهنجي مطالعي جو سهارو ورتو هو. پر اُن سان اياز جي انهيءَ پيشڪش جي به مخصوص اهميت کان ڪڏهن به انڪار نٿي ٿي سگهيو. يوسف شاهين اياز جي اُن مجموعي کي علم ۽ فلسفي جي دنيا جو ”هڪ عظيم شاهڪار“ چوندي، شاعر جي ڪن سالن جي لڳاتار ماٺ کان پوءِ جي پهرئينءَ خوش آئند اشاعت طور ”نيئن نينهن جو تياپو“، ”پرهه ڦٽيءَ جو پيغام“ ۽ ”من اندر جون ڳالهيون“ سڏيو آهي_ ”جن کي ٻڌڻ لاءِ سچي دل ۽ اجرو من گهربل هئا، ۽ جن جي مطالعي کان پوءِ شيخ اياز جي سموري شاعري (پاڻ) وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ پڙهي ۽ پروڙجي سگهي ٿي.“ اڄ اياز جي هن ”پوئين پهر جي شاعريءَ“ ۾ به سندس ان وسيع مطالعي ۽ جهان_ گرديءَ جون جهلڪون ملن ٿيون. هن جي مطالعي ۾ اِن طرح ڪيترا شاعر، اديب، فلسفي آيل آهن، جن جو ذڪر هن هنڌ هنڌ پنهنجي ’انداز‘ جي اظهار ۾ تمثيل (Allegory) طور ڪيو آهي_ جيئن ڀٽائي، سچل، بيڪس، اولگا پرگال (لينن گراڊ جي شاعره)، ٽئگور (روي)، ڪڇي شاعره رتن ٻائي، ڪاليداس، شاهه عنايت، ڪبير، فريد، بلي شاهه، روحل، ڀاڳوڀان، ويد وياس، گوئٽي، بيٿوون، مولانا آزاد، اصغر گونڊوي، مايو ڪوسڪي، ڪنفيوشس، فيض، سبط حسن، دارا شيوسانگ (قديم چيني عالم)، آنندي، امير خسرو، مرزا ”رسوا“، فڊل ڪاسٽرو، وڪٽر جارا (هسپانوي راڳي ۽ شاعر)، وغيره. ائين ٿو لڳي ته شعر ۽ ادب جي ساري دنيا هن جي آغوش ۾ آهي، ۽ هن کي پنهنجي ديس، پوري برصغير ۽ ساريءَ دنيا جو فڪر آهي، ۽ ٽنهي جي تقدير ۾ ڪوئي رشتو آهي، ۽ اُن رشتي جي بحاليءَ جي هن کي اڻ تڻ آهي، جيڪو رشتو هٻڇ، غصي، خوف ۽ تاريڪ خياليءَ سبب ڇڄي، ڇيهون ڇيهون ٿيو پيو هو، ۽ جيسين اُن جا ٽٽل ڦٽل ڌاڳا ڳولي، ڳنڍي جوڙي، سلجهائي ۽ صاف ڪري نٿا سگهجن، تيسين هن جي پنهنجي قوم ۽ دنيا ۾ ٻئي مظلوم انسان جي نجات ممڪن نه هئي.
پڇڻ تي اياز مونکي ٻڌايو ته پاڻ سڄو هيءُ شعر، جيڪو هن مجموعي ۾ پيش ٿيل آهي، سواءِ اُن جي ٻن چئن نظمن جي، مارچ ۽ اپريل 1987ع ۾، روزانه علي الصبح چئين وڳي کان ڇهين وڳي تائين ڪم ڪندي جوڙيائون؛ ۽ پڻ ٻئي شعر جو سندن مجموعو، ”بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي“ به، ائين آگسٽ سيپٽمبر جي ٻن مهينن جو تخليقيل، وٽن تيار آهي، جو عنقريب شايع ٿيڻ لاءِ ڏنو ويندو.
راتين جو جاڳي، صبح جي پهر ۾ پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن جي پا بزنجير ۽ ڏکاريءَ زندگيءَ تي ائين ڪُرلائڻ جا آثار اسين اياز جي هن تخليق ۾ ڏسي ۽ پڙهي به سگهون ٿا:
رڻ_ ٻارڻ ٻاري ويا، آڌيءَ اٿي جي،
ساري ٿي تن کي، اڀري باک بسنت جي.
(بيت، ص، 14)

رات ڀر تنهنجي پڪار
ننڊ کي نيندي رهي.
آڌ ڌرتي سرخ ٿي وئي، ايترا آيا بهار!
ڪويَلون ڪوڪن پيون، ڪوئي ته ناهي چپ يار!
ڇو اڃان گلنار ناهن، روءِ تنهنجي جا آنار؟
ٿو ڇڪين ڇو هي جيان، مون کي پراهين پار يار!
(وايون، ص 59)

اُٿي آڌيءَ رات جو
تو لئه ٻولن ٻولڙيون
پکي ڪي پرڏيهه جا.
ڦڙا ڦڙا ماڪ جا
جڏهن ڦلن جهولڙيون،
تو لئه ٻولن ٻولڙيون
پکي ڪي پرڏيهه جا.
جن تولاءِ سڳنڌ جون
ڪيئي ڳليون ڳولڙيون،
تو لئه ٻولن ٻولڙيون
پکي ڪي پرڏيهه جا.
ڀنڀرڪي جو ڀنءِ مٿان
ريکون نيٺ رتولڙيون،
تو لئه ٻولن ٻولڙيون
پکي ڪي پرڏيهه جا.
(وايون ص، 86)

باک ڦٽيءَ جو شعر لهن ٿا
مون تي سج_ اُهاءُ ڪري؛
رت اُٻڙڪا کائي ٿو اِئن
ڏينهن تتو جئن تاءُ ڪري!
سارو وقت ته رهندو ناهين،
ويندو آنهه سماءُ ڪري!
ڪيسين ڪوءِ ڪلالن جي ۾
منهنجي ڏات هڳاءُ ڪري؟
آءُ ته آدرڀاءُ ڪري ڪو
تنهنجو آدرڀاءُ ڪري!

باک ڦٽيءَ جو روز ٻڌان ٿو
’وڪٽر جارا‘ کي.
هي جو چِليءَ جو راڳي آ
منهنجي ڀاءُ جيان آ،
اُن جي دکياري ڌرتي ڄڻ
منهنجي ماءُ جيان آ.....
(نظم، ص، 211)
اياز جي شعري فن تي لکندي. ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ (1970ع) جي مهاڳ ۾ مون چيو هو ته ”اياز پنهنجي ادبي تخليق جي فني اوچائيءَ جا سنڌا پاڻ قائم ڪري ٿو ۽ پاڻ ئي انهن کان مٿي اڀري ٿو؛ ۽ پوءِ مون هن جي ”سادن ۽ سهڻن لفظن ۽ اُنهن جي چونڊ ۽ پوري پوري استعمال“ جو ذڪر ڪيو هو، ۽ لکيو هو هن جي ”شعر جي نغمگيءَ ۽ ان جي دلبرانه انداز“ بابت، ۽ هن جي ”ننڍڙن ۽ نزاڪت ڀرين وزنن ۽ بحرن“ بابت، ۽ پڻ ”ڊگهن بحرن ۽ انهن جي جولاني ترنم“ بابت، ۽ ”هوا کان هلڪن رديفن ۽ قافين، ۽ هندي ڇنڊ جي بنهه معصومانه ۽ من موهيندڙ استعمال ۽ لوڪ گيتن جي ڌنن ۽ انوکين علامتن ۽ اشارن“ بابت، جن سان هن جا پڙهندڙ هن جي آڇيل معنائن جي موتين سان پنهنجا جهول ڀري ٿي سگهيا ۽ سندن دل ورائي ورائي هن جي شعرن ٻڌڻ لاءِ آتي ۽ زبان اُنهن جي نغمن کي وري وري جهونگارڻ لاءِ تيار رهي ٿي. اياز جي هن تازي ڪلام جي فني اوچاين لاءِ پڻ آءٌ اهوئي ڪجهه چئي سگهان ٿو. اياز جي شعري اظهار ۾ مون هميشه هڪ ڳالهه ڏٺي آهي، جنهن کي آءٌ جذبي جي ڌارا (Stream of Passion) به چئي سگهان ٿو. شعور جي ڌارا (Stream of Consciousness) وانگر، ادب ۽ فن جي ڪاوش ۾ جڏهن اِهي ٻه ڌارائون گڏجن ٿيون. يعني جڏهن شعور جي ڌارا کي جذبي جي ڌارا_ اُمنگ، اُتساهه، عشق جي ڌارا_ ميسر اچي ٿي _جنهن کي ٽي.ايس.اِليٽ ”اندر جي ڌُنَ“ ۽ اسان جي لطيف ”اندر جي آگ“ چيو آهي) ۽ پوءِ جيتر اهي ٻيئي ڌارائون ڪنهن اديب ۽ شاعر سان شامل حال هجن ٿيون، تيتر جيڪا تخليق وجود جي ٿي. اُها پنهنجي اظهار لاءِ ڪنهن خاص ڪوشش يا اڳ_ رٿا جي به محتاج نٿي رهي. ائين ئي اياز جا ڪيترا نظم آهن جن جي ڪائي مقرر يا ٻڌل صورت (fixed pattern) نه آهي، جي پوءِ به پنهني فني تڪميل ۽ منطقي نتيجي تي پهچن ٿا، ۽ پوري آب تاب سان پهچن ٿا؛ ۽ توڙي جو اُنهن جي وچ جون سٽون هم قافيه نه آهن ۽ انهن جا ڪي پادَ يا مصراعون به ناتمام هجن ٿيون، ته به انهن ۾ ترنم ۽ تاثر پابند شاعريءَ کان به وڌ ملي ٿو؛ اُنهن جون تشبيهون ۽ استعارا بنهه نوان، جن جي نواڻ به نئين کان نئين، ڪابه انهن جي سٽ اجائي ۽ ڀرتيءَ جي نه_ ته به منيٰ جي ايتري اَوَلِيت، جو اُنهن جي ٻوليءَ جو حسن ۽ خوبي ثانوي ڳالهه پيئي ڀاسي. اِن طرح جي فطري شعر جي هر صنف_ بيت، گيت، وائي، ٽه_ سٽي، نظم، نثري نظم_ تي شاعر جي ڇاپ هجي ٿي، ۽ شاعر جي نالي جي خبر نه هوندي به ڏسي ۽ پڙهي. چئي سگهجي ٿو ته اُهي اياز جا شعر آهن.
منهنجي ويچار ۾، آءٌ اياز جا اِن شعور ۽ جذبي جي باهمي ڪيفيت جا، تخليقيل مثالي ٻه نظم_ ”ڪالهه ڪڏهن مون وارياسي ۾/......“ (ص 210) ۽ .گيت به ڄڻ گوريلا آهن،/.....“ (ص 30) هتي لائق پڙهندڙن جي آڏو آڻي به سگهان ٿو. پهرئين نظم ۽، خاص طرح اُن جي آخري ڇهن سٽن جي بند ۾، شاعرُ ڏاڍي هڪ دلنواز انداز جو اندروني ترنم حاصل ڪري سگهيو آهي_ جيئن بند جي ٽينءَ سٽ جي لفظ ’فلسطين‘ جو قافيو اُن جي مٿينءَ سٽ جي آخر ۾ ’جيسين‘ آهي، پر ان کان پوءِ باقي بند ۾ قافيو ڪونه آهي، ۽ رڳو ’حسرت‘، ’فلسطين‘، ’ياسر‘، ’سارا‘ ۽ ’ڏسي‘ لفظن ۾ اندل ’سين‘ (س) جي آواز، ۽ ساڳيءَ طرح ’حسرت‘، ’ياسر‘، ’عرفات‘ ۽ ’رتورت‘ ۾ ’ت‘/ ’ظ‘ جي تڪرار (Repetition) سان ترنم پيدا ڪيو ويو آهي. ساڳيءَ طرح ٻئي نظم ۾ آوازن ’گ‘، ’ر‘، ’ج‘، ۽ ’ڙ‘ جي تڪرار ۽ پڻ اندروني هم قافيائي لفظن ’جاڙ‘، ’آڙ‘، ’پ_هاڙ‘، ’تاڙ‘، ’لاڙ‘ ۽ ’آ_ کاڙ‘ سان نظم جي ترنم ۽ تاثر کي عروج تي پهچايو ويو آهي. اِهي تجربا ڪڏهن ڪڏهن مغربي شاعريءَ ۾ ملندا آهن، ته اُنهن جا نقاد هوندا آهن، جي شاعر تان ٻلهار ويندا آهن. اياز جي سڄيءَ شاعريءَ ۾ اهڙا سوين مثال موجود ڏسي سگهجن ٿا.
اياز جا اِهي هيٺ ڏنل ٻه نطم، جتي هن جي شعري فن جا ۽ اُن جي تمثيلي انداز جا، ۽ هن جي شعور ۽ جذبي، ذهن ۽ قلب جي فطري امتزاج جا نمائنده مثال آهن. اُتي اُهي سندس مجبور وطن ۽ محروم ۽ ستم رسيده قوم جي شانائتي ۽ جسُ ڀرئي جيئڻ لاءِ مٿن تاريخ جي عائد ڪيل جدوجهد جي طويل ۽ مشڪل رستي جي ڳالهه به ڪن ٿا: اسان جا محب وطن ۽ عوام دوست اديب ۽ شاعر اڄ اسان لاءِ اِهوئي ڪجهه ڪري سگهن ٿا: ۽ اڄ اِهوئي فرض ادا ڪرڻ کان اُنهن کان غافل رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۾ جاهه ۽ جلال جا صاحب ۽ ملڪ ۽ مال جا مالڪ، همه تن ۽ ڪل جهت مصروف نظر اچن ٿا:

(1)
ڪالهه جڏهن مون وارياسي ۾
ڳاڱيون، ڳمَ ڳنڍير ڏسي،
سج جي ڀاڇي ڏانهن ڏٺو،
سون وني ساواڻ هئي
منهن ڦيري جيڏانهن ڏٺو.

تيسين ٿي تيڏانهن ڏٺو
سارو سج ٻڏي ويو جيسين،
حسرت سان ڪنهن وقت فلسطين،
جئن ياسر عرفات ڏسي،
چَپَ ائين ڀيڪوڙي پنهنجا
سارا رتو رتُ لڳن!
(2)
گيت به ڄڻ گوريلا آهن،
جي ويريءَ تي وارَ ڪرن ٿا.

جئن جئن جاڙ وڌي ٿي جڳ ۾
هو ٻوليءَ جي آڙ ڇُپن ٿا؛
ريتيءَ تي راتاها ڪن ٿا
موٽي منجهه پهاڙ ڇپن ٿا؛

ڪيڏي تِرڇي تاڙ رکن ٿا
اتر اُڀري لاڙ ڇپن ٿا؛
سانوڻ سنگ وسن ٿا ڏاڍو،
بادل ٿي آکاڙ ڇپن ٿا.

ڪالهه هيا جي سرخ گلن جئن
اڄڪلهه نيلا پيلا آهن:
گيت به ڄڻ گوريلا آهن
جي ويريءَ تي وار ڪرن ٿا.
_ محمد ابراهيم جويو
حيدرآباد سنڌ،
نومبر 20، 1987ع
· ”پتڻ ٿو پُورَ ڪري“ (1982ع) ”ٽُڪرا ٽُٽل صليب جا (1984ع) ”پَنَ ڇَڻُ کان پوءِ“ (1985ع)، ”چنڊ چنبيلي ول“ (1985ع)، ”رڻ تي رم جهم“ (1986ع)، ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ (1986ع)، ”راج گهاٽ تي چنڊ“ (1987ع)

 1

هونئن ته زندگي سڀ زندگي آهي_ حيواني توڙي انساني_ پر پوءِ به فرق ٻنهي ۾ ڏاڍو وڏو آهي ۽ ان فرق جي ظاهر ٿيندي ٿيندي ۽ وڌندي وڌندي، لکن، ڪروڙن سالن جون وڇوٽيون وڌي ويون ۽ وچ ۾ احساسن، جذبن ۽ خيالن جي ڪائناتن جا ناقابل عبور مفاصلا پئجي ويا، انهن مان مکيه ۽ نت نرالا امتياز چار سڃاتا ويا آهن:
عقل (Reason)، آزادي (Freedom)، پيار (Love) ۽ ڪهل (Compassion)، انساني زندگيءَ جي انهن چئن امتيازي سڃاڻپن مان پهريون ٻه انفرادي نوعيت جون ۽ آخري ٻه اجتماعي نوعيت جون آهن. جيتوڻيڪ ابتدا ۾ انهن پوين ٻن سڃاڻين جي ترغيب، عمل ۽ افاديت جو دائرو پڻ انفرادي ئي هو. عقل ۽ آزاديءَ جي امنگ جي اوائلي اوسر ذاتي جيئڻ ۽ جيئڻ جي ماڻڻ جي حوالي سان، ۽ پيار ۽ ڪهل جي پنهنجي جنسياتي ساٿيءَ ۽ ان ساٿ جي پوچ جي حوالي سان، انساني زندگيءَ جي تربيت ۽ عروج جو ڪمال هي آهي ته اهي چار ئي ان جون سڃاڻپون، پنهنجي عمل ۽ افاديت ۽ انفرادي دائري کان ٻاهر نڪري، وڌندڙ سماجي وستار سان وڌندي وڌندي، سڌرندي سڌرندي_ ڪٽنب، قبيلي ۽ جاتيءَ (ذات) کان ٿيندي، اڄ قومي زندگيءَ جي حوالي سان ئي تورجن ۽ ماپجن ٿيون: بلڪ فرد (۽ ڪٽنب، قبيلا، جاتيون ۽ ٻيا ڪيئي گروهه)، وقت پئي، قومي بقا ۽ بهبود لاءِ قربان ٿيڻ ۾ پنهنجي زندگيءَ جو حاصل بلڪ ان جو اعزاز سمجهن ٿا:
بڙ جي ڇانو اڳي کان گهاٽي
اياز جي اڳئين شعري مجموعي ’راج گهاٽ تي چنڊ‘ جي پيش لفظ لکندي، منهنجو خيال هو ته اُن جي هڪ نظم_’چاندني راتين ۾ ڪنهن رابيل جي ٻوٽي جيان، ڄڻ تون هيئنءَ‘ (ص_ 183) جو هڪ مطالعو آخر ۾ ڏيندس، پر ڏيندي ڏيندي، ڪنهن طرح اهو رهجي ويو، جنهن لاءِ افسوس اٿم. هتي ان جي پورائي طور، ڳالهه جي سلسلي جا ٻه لفظ لائق پڙهندڙن جي آڏو رکڻ ضروري ٿو سمجهان. اهو سڄو نظم هيئن آهي:
چاندني راتين ۾ ڪنهن رابيل جي ٻوٽي جيان،
ڄڻ تون هئينءَ.
يا سُڳنڌن ۾ ڀريل ڪنهن واءُ جي جهوٽي جيان،
ڄڻ تون هئينءَ.
کيرٿر تان گڊ ڪو نئن گاج تي جيئين جُهڪي،
تئن مان هيس.
رڻ ۾ ڪوئي هرڻ پاڻي ڏسي ڏاڍو ڊُڪي،
تئن مان هيس.
تون ملينءَ مون کي ته سارو جڳ مليو، ٻيو ڇا کپي!
منهنجي سکي!
ماڳ ڏاڍو آ پري، جي دڳ مليو، ٻيو ڇا کپي!
اياز جي عادت رهي آهي ته پنهنجن شعرن کي اڪثر عنوان ڪونه ڏيندو آهي. هن نظم کي به عنوان نه ڏنو اٿس. دنيا جي ڪيترن وڏن شاعرن جو اهو دستور رهيو آهي. مثلاً ٽئگور، خليل جبران ۽ ٻين جو_ شايد انهيءَ هڪ خيال کان به ته پڙهندڙ سندن شعرن لاءِ عنوان پاڻ تجويز ڪن! ائين اياز جي هن نظم کي به اسين چاهيون ته پڙهندي پڙهندي، ڪو عنوان ڏيئي سگهون ٿا ۽ ان جو روح، ان جو اصل نقطو، ائين پاڻ تي واضح ڪري سگهون ٿا. ان ۾ ڪم آيل ٻوليءَ لاءِ ته هڪ نظر ۾ چئي سگهجي ٿو ته ڪو هڪ لفظ به ان جو اهڙو نه آهي، جو ڪنهن عام پڙهندڙ لاءِ به اوپرو يا اوکو هجي ۽ اها به، جيئن اياز جي اڪثر شاعريءَ جي تيئن خاص هن نظم جي به پنهنجي نوع جي هڪ وڏي خوبي آهي ۽ ان جي اصل مطلب کي سمجهڻ ۾ پڙهندڙ لاءِ مددگار ٿي سگهي ٿي.
هيءُ ٽن بندن جو هڪ مختصر مگر ڳتيل ۽ هر طرح مڪمل نظم آهي. ان جي پهرئين بند ۾، ’تون‘ اشاري سان انسان جي ڪنهن ويجهي کان ويجهي تعلق جي، ڪنهن خاص سُٻنڌ جي، ڳالهه ڪيل آهي، جنهن سان شاعر مخاطب آهي. ’تون‘، رابيل جي ان ٻوٽي جيان آهين، جيڪو چانڊوڪيءَ ۾ به، نور جيئن ٻهڪندو هجي، ’تون‘، فضائن ۾ خوشبوئن ڀريل واءَ جو اهو جهوٽو آهين جيڪو لڳندو آهي ۽ گذري ويندو آهي، پر ڪڏهن_ نه_ وسرندڙ ۽ سدا محسوس ٿيندڙ تازگي ۽ سُرهاڻ پوئتي ڇڏي ويندو آهي!
’هئينءَ‘ ماضيءَ جو صيغو ۽ گل (جي ڇني وڃن ٿا) ۽ واءَ جو جهوٽو (جو گذري ويندو آهي) تن سان اُن ’تون‘ جي مشابهت ان جي محدود ۽ بي ثبات هجڻ ڏانهن اشارو ڪندڙ آهن.
نظم جي ٻئي بند ۾، ’مان‘ جي اشاري سان، انسان جو پنهنجيءَ اُن ’تون‘ سان جيڪو ويجهي ۾ ويجهو، اٽوٽ واسطو آهي، تنهن جي ڳالهه ڪيل آهي: مثلاً: ’تون‘ جي وجدو سان ’مان‘ جو وجود ائين ٻڌل ۽ هڪ ٿيل آهي، جيئن ’کيرٿر تي مٿي بيٺل گڊ جو هيٺ وهندڙ نئن گاج سان‘، يا ’رڻ ۾ پاڻي ڏسي ان ڏانهن ڊوڙندڙ هرڻ جو.‘
نظم جي ٽئين بند کي سمجهڻ جي ڪوشش کان اڳ ان ’مان‘ ۽ ’تون‘ جي سڃاڻپ لازم آهي. ’مان‘ ته ظاهر آهي ته شاعر پاڻ لاءِ ۽ پنهنجي ذات جي رعايت سان. ’عام انساني فرد‘ لاءِ ڪم آڻي ٿو، ته اُن ’مان‘ يعني فرد انسانيءَ، جو اهو خاص سٻنڌ ’تون‘ سان ڇا آهي، جنهن کان سواءِ ’مان‘ مان ئي ناهيان؟ ’تون‘ اها جيڪا ’مون‘ لاءِ، نور به آهي، سُونهن ۽ سُرهاڻ به آهي، جيڪا ’مون‘ کي فرد انسانيءَ کي، پنهنجي سڪ ۽ ڇڪ ۾ جيئرو به رکي ٿي، ڇڏي به وڃي ٿي ۽ جنهن ڪارڻ انسان پاڻ به گهوري ڇڏين ٿا! ڪي ان کي پنهنجو محبوب يا ڪوئي ٻيو مقصود يا ڪوئي ’ماڳ‘ يا منزل چئي سگهن ٿا، پر شاعر جي نظم ۾ اها ’تون‘ ۽ ان جو ’ماڳ‘ هڪ شيءِ نه پر ٻه جدا جدا شيون آهن.“ ’تون‘ جيڪا منهنجي ’سکي‘ آهين، منهنجو ساهه آهين، جنهن جي ملڻ سان مان سمجهان ٿو ته مون کي سارو ’جڳ‘ ملي ويو. باقي مون کي ڇا کپي؟“ پر ان جي منزل، ان جو ’ماڳ‘ وري به هو ان کان الڳ، پري ڪٿي، ٿو ڏسي ۽ ان ’ماڳ‘ تائين پهچڻ بلڪ ان ڏانهن وڃڻ جي رڳو واٽ يا ’دڳ‘ ئي هن کي ملي ٿو ته هو سمجهي ٿو ته سڀ ڪجهه هن کي ملي ويو ۽ ٻيو ڪجهه هن کي سچ پچ به ته ڪونه ٿي کُتو!_

تون ملينءَ مون کي ته سارو جڳ مليو، ٻيو ڇا کپي!
منهنجي سکي!
ماڳ ڏاڍو آ پري، جي دڳ مليو، ٻيو ڇا کپي!
منهنجي سکي!
ته اها ’تون‘ اها ’سکي‘_ شاعر جي، تنهنجي منهنجي ۽ هر فرد انسانيءَ جي_ ڇا آهي! ان لاءِ شاعر جو چوڻ آهي، ۽ ائين ئي ظاهر به آهي، ته اها خود کيس ۽ هر فرد انسانيءَ کي ملي ئي وڃي ٿي_ مليل آهي_ ۽ ڪلي طور بي بدل، املهه ۽ فقط هڪ ئي هوندي به ’ماڳ‘ جي ڇڪ کان سواءِ اڪارٿ ۽ فضول گذري ٿي وڃي! شاعر جي اها ’سکي‘، فرد انسانيءَ جو اهو ساهه سنئون سٻنڌ، چاندنيءَ جو چٽڪو ۽ بي ثبات._ ’ماڳ‘ ۽ ’دڳ‘ جي حوالي سان خصوصاً_ ڌرتيءَ تي خود انساني زندگي ئي ته آهي! ته پوءِ زندگيءَ جو اهو ’ماڳ‘ ڪهڙو؟ ۽ ان ماڳ ڏانهن نيندڙ ’دڳ‘ ڪهڙو! اِهي ٻه سوال آهن، جيڪي شاعر، سڄي هن نظم کي استعارو بنائيندي، ان ۾ پڙهندڙن لاءِ سوالن طور ئي ڇڏيا آهن ته انهن جا جواب هو، زندگيءَ جي فلسفي ۽ فڪر جي پنهنجي حاصلات مان، پاڻ ئي وڌيڪ ڳولين ۽ لهن.
هاڻي اسين هن نظم جو هڪڙو تُز نالو به تجويز ڪري سگهون ٿا. مثلاً ”زندگي ۽ ان جو ماڳ“، ”جيوت ۽ ان جو آدرش“، ”جيوت جو دڳ“، ”زندگيءَ جي راهه“ وغيره.
شاعر، مفڪر، ڪو پيغام رکندڙ، جڏهن ائين زندگيءَ جي ”منزل“ ۽ ”راهه“ بابت پنهنجي ڳالهه دوران پنهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ يا شاعريءَ سان ان قسم جا ندائي سوال ڪندا آهن، ته سندن ئي ان خطاب ۾ انهن جا جواب به ضرور موجود هوندا آهن. مون اياز جي شعري مجموعي ”راج گهاٽ تي چنڊ“ جو مهاڳ لکندي، ان ۾ خاص سندس اهي جواب ئي ڏسڻ گهريا ٿي ۽ عزيز پڙهندڙن جي ڌيان تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ڪيتري قدر آءٌ پنهنجي ان مضمون ۾ ائين ڪري سگهيو هوس. ان جو فيصلو ظاهر هو ته هنن کي پنهنجي لاءِ پاڻ ڪرڻو هو. بهرحال چوڻ مون اهوئي ٿي گهريو ته اياز پنهنجي ذري گهٽ سڄيءَ شاعريءَ ۾، ۽ ان مجموعي ۾ به خصوصي طور، پنهنجن ماڻهن لاءِ اهي ئي انساني زندگيءَ جي اهميت جا، ان جي سُڪارج ۽ آڪارج هجڻ جا، سوال ڇيڙيا هئا ۽ انهن جا ئي جواب سندن سوچ ۽ عمل لاءِ سندن اڏو رکڻ گهريا هئا.
هونئن ته زندگي سڀ زندگي آهي_ حيواني توڙي انساني_ پر پوءِ به فرق ٻنهي ۾ ڏاڍو وڏو آهي ۽ ان فرق جي ظاهر ٿيندي ٿيندي ۽ وڌندي وڌندي، لکن، ڪروڙن سالن جون وڇوٽيون وڌي ويون ۽ وچ ۾ احساسن، جذبن ۽ خيالن جي ڪائناتن جا ناقابل عبور مفاصلا پئجي ويا، انهن مان مکيه ۽ نت نرالا امتياز چار سڃاتا ويا آهن:
عقل (Reason)، آزادي (Freedom)، پيار (Love) ۽ ڪهل (Compassion)، انساني زندگيءَ جي انهن چئن امتيازي سڃاڻپن مان پهريون ٻه انفرادي نوعيت جون ۽ آخري ٻه اجتماعي نوعيت جون آهن. جيتوڻيڪ ابتدا ۾ انهن پوين ٻن سڃاڻپن جي ترغيب، عمل ۽ افاديت جو دائرو پڻ انفرادي ئي هو. عقل ۽ آزاديءَ جي امنگ جي اوائلي اوسر ذاتي جيئڻ ۽ جيئڻ جي ماڻڻ جي حوالي سان، ۽ پيار ۽ ڪهل جي پنهنجي جنسياتي ساٿيءَ ۽ ان ساٿ جي پوچ جي حوالي سان، انساني زندگيءَ جي تربيت ۽ عروج جو ڪمال هي آهي ته اهي چار ئي ان جون سڃاڻپون، پنهنجي عمل ۽ افاديت ۽ انفرادي دائري کان ٻاهر نڪري، وڌندڙ سماجي وستار سان وڌندي وڌندي، سڌرندي سڌرندي_ ڪٽنب، قبيلي ۽ جاتيءَ (ذات) کان ٿيندي، اڄ قومي زندگيءَ جي حوالي سان ئي تورجن ۽ ماپجن ٿيون: بلڪ فرد (۽ ڪٽنب، قبيلا، جاتيون ۽ ٻيا ڪيئي گروهه)، وقت پئي، قومي بقا ۽ بهبود لاءِ قربان ٿيڻ ۾ پنهنجي زندگيءَ جو حاصل بلڪ ان جو اعزاز سمجهن ٿا:
تِک اندر تاريخ جي، جي تون سمائين،
متان ائين ڀانئين، سارا لاش لڙهي ويا.
سِر سَرچو ساڻيهه سان، مٽيءَ سان ماٽو،
ڪونهي تنهن ڪاٿو، اوچو آهي اُڀ کان.
ٽڙيو کڻن ٽار، سِر انهن جا سوڀ ۾.
مري ملهيار يار، ويڙها سڀ واسي ويا.
هي جي جهجها جُهڙَ ٿيا، مٽيءَ مهڪ اُٿي،
ڌرتي رت رتي، ڦولي لال ليار جيئن.
(”راج گهاٽ تي چنڊ“ ص_ ص 18/17)
يوناني فيلسوف، هرئڪليٽس، جو مشهور قول آهي ته ”هئڻ ڪجهه به نه آهي، ٿيڻ سڀ ڪجهه آهي.“ ان طرح، جيئن ٻي هر شيءِ تيئن انساني زندگي به، پنهنجي سڀ ڪجهه هئڻ سان_ ناڻي، علم، سماج ۽ سماج جي دستورن، قانون ۽ نظامن سان_ اُها ڪجهه ئي آهي، جو ڪجهه اها ڪري ٿي، جا ڪجهه اها ٿئي ٿي: رڳو ”انساني“ سڏجڻ سان ان کي انساني (يا فوق الانساني) پَرَ لڳي ڪونه ٿا وڃن_ جيئن ”ديني“ تبليغ ڪارَ ۽ ”معرفت“ جا دعوديدار انسان کي”اشرف المخلوقات“ جي ٺلهي پٻي ڏيئي ۽ ان کان ئي مٿي ”الله“ تائين نيئي. ماڻهوءَ جو مٿو ئي ڦيري ڇڏيندا آهن. پنهنجي پاڻ يا پنهنجي ڪنهن محدود گروهه ۾ ئي گم هجڻ سان انساني زندگي بنهه حيواني يا ان کان ٿوريءَ ئي مٿڀريءَ ڪنهن سطح تائين پهتل شمار ٿي سگهي ٿي.
انفراديت کان اجتماعيت ڏانهن واڌ جي هن انساني زندگيءَ جي تهذيبي سفر جي منزل، بهرحال، قومي اجتماعيت کان اڃا هن روشني پاتل ويهين صديءَ جي خاتمي تائين به، اڳتي ڪانه سُري سگهي آهي. پنڊت جواهر لال نهروءَ جي ان سلسلي ۾ چيل هيءَ ڳالهه اڄ به تاريخي اهميت جي حامل آهي ته ”جديد زندگيءَ لاءِ سڀ کان پهريون ۽ سڀ کان اهم شرط قوميت آهي.“
(Nationalism is the very condition of modern existence)
بين الاقواميت، عالمگيريت، آفاقيت اڃا خيالن جي سطح تائين واقعي وڏا آدرش ته آهن (۽ سچ ته رڳو هاڻي نه پر گهڻي وقت کان آهن)، پر انهن لاءِ انساني زندگي پنهنجا گهربل نظام، دستور، ادارا اڃا قائم ڪري نه سگهي آهي، بلڪ پوريءَ طرح سوچي به نه سگهي آهي_ جيئن معروف ۽ جائز قومي سطح تائين پنهنجي اجتماعي چڱائيءَ (Collective Good) لاءِ ان جمهوريت، قانون جي بالادستيءَ، سماجي انصاف ۽ فلاحي يا اشتراڪي نظام تجويز ڪيا آهن ۽ پڻ عمل ۾ آندا آهن.
اياز ۽ اياز جا دوست اِن سلسلي ۾، ڌرتيءَ جي پنهنجي هن وڏي ۽ وشال خطي کي، جنهن کي تاريخ اڄ ’هند_ پاڪ‘ يا ’ڏکڻ ايشيا‘ چوي ٿي ۽ جيڪو تاريخ وٽ، ان جي مختلف دؤرن ۾، ڀارت ورش. انڊوس (Indos)، هند، هندوستان ۽ انڊيا (India) سڏيو ويو، خاص طرح پنهنجي سنڌي قومي سڃاڻپ جي حوالي سان، هڪ قوم جو نه پر ’قومن‘ جو گهر سمجهن ٿا. انساني زندگيءَ جي مهربان ماءُ هن ڌرتيءَ تي، ننڍي کنڊ هندستان جهڙا ڪيئي ٻيا به ’قومن جا گهر‘ موجود ٿيا آهن. مثلاً يورپ جو کنڊ سڄو ۽ عظيم ايشيا ۾ خاص طرح روس ۽ چين ۽ مغربي ايشيا، وغيره. يعني ڌرتيءَ جا اُهي خاص وسيع ۽ عريض خطا جتي مخصوص تاريخي حالت ۾ عظيم مذهبي تحريڪون به اُڀريون، پکڙيون ۽ ماند پئجي ويون. جيئن اسرائيلي مذهبي تحريڪون، مسيحيت ۽ اسلام سميت، آريائي مذهبي تحريڪون (برهمنيت، ٻُڌمت ۽ جين ڌرم)؛ ايران ۾ زردشت ۽ چين ۾ ڪنفيوشنس جون تحريڪون، وغيره. هنن سڀني تحريڪن پاڻ سان گڏوگڏ يا پويان پنهنجيءَ جاءِ تي، پنهنجي پنهنجي خطي ۾ يا جتي به اهي پکڙيون اُتي لازماً ملوڪيتي نظامن کي جنم ڏنو.
مذهبي تحريڪن، ٻين ڳالهين سان گڏ، پنهنجي ’مقدس حق‘ جي زبانن ذريعي_ جن مان ڪي ته اڄ عام استعمال مان ئي نڪري ويون آهن_ برابر پنهنجيءَ پنهنجيءَ برادريءَ کي هڪ طرح جي محدود اجتماعيت ڏني ۽ پوءِ جي اُڀريل ملوڪيتي نظامن پڻ انهن خِطن ۾ پري پري تائين ڀانت ڀانت جي ماڻهن کي پنهنجي پنهنجي حڪومتي دٻاءَ ۽ ٻين حيلن وسيلي هڪ طرح جي مرڪزيت هيٺ رکيو_ جيئن برصغير ۾ مهاراجا وڪرماجيت، مهاراجا اشوڪ، شهنشاهه اڪبر ۽ تازي دور ۾ انگريز شهنشاهت، پر قديم دورن کان انهن خطن جي الڳ الڳ علائقن ۽ ايراضين کي پنهنجي تصرف ۾ رکندي، پنهنجي پنهنجي خاص ٻولين ۽ رسمن رواجن ۽ طور طريقن سان رهندڙ ڀانت ڀانت جا اهي ماڻهو، انهن مذهبي ملوڪيتي نظامن کان به اڳ، توڙي انهن جي هلندي ۽ انهن جي ماند پئجي وڃڻ کان پوءِ به، وڌندا ۽ مستحڪم ٿيندا رهيا_ ان جو، ٿيندي ٿيندي، انهن وسيع ۽ عريض خِطن ۾ اُهي ماڻهو علائقيت (Territoriality) ۽ ٻوليءَ (language) جي بنيادي سڃاڻپ هيٺ، پنهنجي پنهنجي قومي حيثيت اختيار ڪري ويا.
برصغير جي وڏي ۽ وشال خطي ۾، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي به اها حيثيت هئي_ هزارها سالن جي لاڳيتي تاريخي سلسلي سان ۽ ان دور کان جڏهن عربن سنڌ فتح ڪئي، ۽ تڏهن کان جڏهن انگريزن کان سنڌي قوم جنگ ۾ شڪست کاڌي ۽ پڻ تڏهن جڏهن، هڪ سؤ سال پوءِ، انگريزن جي اها هندستاني شهنشاهت (Indian Empire) ختم ٿي، ۽ سنڌ کي ٻيءَ مرڪزيت_ مُدي خارج ۽ تاريخ جي آزمايل ۽ مسترد ’مذهبي برادريءَ‘ جي مرڪزيت_ هيٺ قائم رکندي، سنڌي قوم کي واوِکرِ ڪيو ويو. بنهه نِست ۽ بي وجود بنايو ويو. سنڌي قوم جو ائين واوِکِرِ ٿيڻ ۽ پنهنجي ئي وطن ۾ ائين مجبور محض ۽ لاچار ٿي پوڻ، انساني زندگيءَ جي جديد تاريخ جو اهو الميو آهي، جنهن جو ڪو مثال ملي نٿو سگهي.
انساني زندگيءَ جي تسليم ٿيل بنيادي امتيازي سڃاڻپن_ عقل، آزاديءَ، پيار ۽ ڪهل_ جي عين ابتڙ، انساني تاريخ جو پنهنجي پاڻ سان ايڏو حيواني انڌير تصور ۾ اچڻ کان مٿي آهي: پر اُهوئي، وري به، ’سچ جو ڪهاڙو‘ ٿي، هر ويل اسان جي ڪنڌ مٿان ڪري رهيو آهي ۽ اڃا ته اسين، ڪنڌ جهڪائي، رتورت ٿي رهيا آهيون، ۽ ڳوڙها آهن جيڪي ’ڇپرن جا بند‘ ڀڃي وهندا ٿا رهن_ فراقيل سنڌ جا، اورار پرار، رتُ ۽ ڳوڙها، ڳوڙها ۽ رتُ.
ٿو وچ ۾ واهڙ وهي
هُن پار تون هِن پار مان،
هر رات تنهنجي پار ڏي
ٿو چنڊ حسرت مان ڪهي.
تون ڪانه آن، تون ڪانه آن،
ٿو ڪير تنهنجي گهر رهي!
اي زندي، تو لاءِ ڪو
ڪيسين پيو سُهمان سهي!
ٿو وچ ۾ واهڙ وهي
هُن پار تون هِن پار مان.
(ص_ 22)
ڄڻ ته ڪا آهين پُڪار،
جيءَ منهنجي جي جيار!
ٿي سدا مون ۾ رهين؛
نانءُ تنهنجو ٿي جپي جا،
ڪا ته تَنَ ۾ اهه تارِ!
وچ ۾ درياهه آهي،
۽ ڪپر ڪيڏا آپار!
مون ائين ئي آرزوءَ ۾
آ ڪٿي ساري ڄمار؛
ننڊ توڙي جاڳ ۾ هان؛
آءٌ تنهنجي لاءِ پيارَ!
ٿي سدا مون ۾ رهين،
ٿي سدا مون ۾ رهين!
(ص_ 24)
اڄ تون مان ٻن شعلن وانگر
هڪٻئي منجهه سمايا آهيون؛
ڪيڏو دور پرائيءَ ڌرتيءَ
تي هِئن ويجهو آيا آهيون!
دل ته چوي ٿي سارا ويڇا
ڀاڪر پائي رک ڪريون ها،
سانگ سياست جا آهن جي
تن کي ڪانا ڪک ڪريون ها!
ڪيڏي اڃ اسان ۾ آ پر
چاهيون ٿا ته به ڪونه ملون ٿا!
ڇا ڪا ڌرتي پنهنجي آهي؟
ڇو نه ملون ٿا؟ ڇو نه ملون ٿا؟
سار وقت اکين ۾ ڳوڙها
توکي مون کي آيا آهن.
هن دنيا ۾ ڪيئن نه پنهنجا
هڪٻئي لاءِ پرايا آهن!
(ص_ 83)

تون ڄاڻين ٿو؟ مان
ڳچيءَ تائين رتُ سان
ڀريل پيالي جان!

تو بن نيرن تي،
ڳوڙها منهنجا شمع جان
منهنجي پيرن تي.

پنهنجي پيار جيان
پوپٽڙو رت_ پَنکيو
تنهنجي سارَ جيان!
(ٽه_ سٽا: ص ص 135- 134)

ڇا ڪائي ڪنهن وقت رڙو رڙ
هِن ڌرتيءَ کي ڇرڪائيندي؟
يا هيءَ سانت وسيهر وانگر
ويندي هر شيءِ کي ڳڙڪائيندي؟

آءٌ ڪنڌيءَ تي ويٺو سوچان
ڇا ڪوئي طوفان نه ايندو؟
جيڪو ٻئي پار ملائي،
ڇا، اهڙو انسان نه ايندو؟
(ص ص 45-44)
اياز جي شعر جو هيءُ چوڏهون ۽ گذريل پنجن سالن ۾ شايع ٿيندڙ اٺون مجموعو آهي، جو هاڻي لائق پڙهندڙن جي آڏو آهي. آڪٽوبر 1987ع ۾، ”راج گهاٽ تي چنڊ“ جي اشاعت ڀيري، مون ٻڌايو هو ته هيءُ سندس مجموعو ”بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي“، ان سال جي آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي ٻن مهينن جو رچيل، وٽس تيار هو، جو ”عنقريب شايع ٿيڻ لاءِ ڏنو ويندو.“ افسوس، جو ان جي اشاعت ۾ ايتري تاخير ٿي وئي ۽ ان لاءِ گهڻي ڀاڱي آءٌ ذميوار آهيان. ڇپائيءَ لاءِ بلڪل تيار ٿيل مسودو مون وٽ تڏهِن کان پهتل هو، پر ڪن اڻٽر مصروفيتن سبب، اياز جي بار بار پارتن ڪندي به فوري ان ڏانهن توجهه ڏيئي نه سگهيس. خاص طرح انجي مهاڳ لکڻ ۾ مون کي گهڻي دير پئجي ويئي، جنهن جا به ڪي پنهنجي نوع جا سبب هئا.
بهرحال، ان سڀ جو هڪ فائدو به ٿيو، جو منهنجي صلاح تي، اياز مجموعي کي نئين سر ترتيب ڏني، ۽ هينئر اهو چئن حصن ۾ ورهايل ڏسبو_ ۽ اُهو اُن جي نالي مان ئي پڌرو آهي_ سو اُن ترتيب جو نتيجو آهي. ان مان شاعر جي هڪ راءِ جو پتو ته پڙهندڙن کي ضرور پوندو ته مجموعي جو پهريون حصو (”بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي“: ص_17 کان ص_ 129 تائين) شاعرُ پنهنجي طرفان، وڌيڪ هڪ ڳانڍاپيل شعري پيشڪش طور، پڙهڻ ۽ ان جي تاثر ماڻڻ لاءِ کين آڇي رهيو آهي.
اياز جي هن شعري مجموعي کي ڇهن خاڪن سان نقشايو به ويو آهي. هونئن ته سڄي مجموعي جو هر نظم پنهنجيءَ جاءِ تي ۽ پنهنجي پاڻ ۾ پورو نظر ايندو ۽ ان جي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ ٻئي ڪنهن نظم ڏانهن وڃڻ جي ضرورت محسوس ڪانه ٿيندي؛ پر خاص ان جي پهرئين حصي ۾ چار (۽ ٻئي حصي ۾ ٻه) معنيٰ دار خاڪا ڏيئي، ان سڄي حصي ۾ ۽ ان جي ڀاڱن ۾ به اندروني طور، هڪ طرح جي ڳانڍاپي جي صورت جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. هر خاڪي جي پٺيان ان ڀاڱي جي ڪنهن نظم جو هڪ، ٻه يا وڌيڪ بند ڏنا ويا آهن: ان نظم ۽ ان تي مداريل خاڪي ۾ مهربان پڙهندڙ ان ڀاڱي جي خاص ڳالهه ۽ تاثر موجود ڏسي سگهن ٿا.
مثلاً ٻئي ڀاڱي (ص ص 51-82) لاءِ پيش ٿيل خاڪو صفحي 51 جي نظم تي مداريل آهي ۽ ان جا ٻه بند، ٻيو ۽ آخري، خاڪي تي ڏنا به ويا آهن. نظم ۾ شاعر ’ٿري نينگري‘ سان مخاطب آهي، جيڪو ڪارونجهر، پنهنجي گهر، جي واٽ وساري، واريءَ سان ويهي کيڏي ٿو. شاعر اُن معصوم کي، ان نادان نينگر کي، سمجهائي ٿو، ته ’اها ٿر جي (مارئيءَ جي ٿر جي) ريت ته نه هئي؛ ڇو نٿي هُن چوڏس جي کڙيل چنڊ سان ساٿ نڀايو، جنن جي سُهائيءَ ۾ (يا جنهن سان گڏ ويندي ويندي) هو پنهنجي گهر جي واٽ لهي ٿي سگهيو! هن جي گهر کي، جي لوڙهو آيل هو ته هو ڇڪي ان جو ڍنگهر لاهي به سگهيو ٿي! ائين آخر ڪيئن ٿي ٿِي سگهيو ته ساري رات هو ٻاهر واريءَ سان کيڏندو رهي ۽ گهر جي واٽ ئي نه وٺي! ان جي خبر ئي نه لهي! ظاهر آهي، شاعر هتي ’نينگرڙي‘ جي تمثيل سان ’گهر ڌڻيءَ‘ سان ’گهر ڌڻين‘ سان ئي مخاطب آهي_ بلڪل ائين جيئن انگريزيءَ جي هڪڙي ٻاراڻي ٻول ۾ ’پکيءَ ماءُ‘ کي چتايو ويو آهي.
Lady bird, lady bird, fly home!
Your house is on fire!
And your children are alone!
(پکيءَ ماءُ، پکيءَ ماءُ، اُڏر اُڏر وڃ آکيري!
تنهنجي گهر کي آڳ لڳي آهي!
۽ تنهنجا ٻچا آهن بي سهاري!) ائين مجموعي جي پهرئين حصي جي هن ڀاڱي ۾ آيل اڪثر ٻين نظمن ۾ به اهائي گهر جي اون جي، ماڳ ڏانهن ويندڙ دڳ جي، مقصد ڏانهن نيندڙ واٽ جي، ڳالهه ٿيل آهي.
خود ماڳ جي يادگيريءَ جي گهڻي قدر پهرئين ڀاڱي ۾ ڳالهه ڪيل آهي_ ’عمر ساري ٿي رهيو هان/ آءٌ تنهنجو انتظار‘، جنهن تي ئي اُن ڀاڱي جو خاڪو چٽيل آهي. ائين ٽئين ڀاڱي جي خاڪي تي جو شعر آيل آهي، اُن ۾ دڳ تي هلڻ جي، پنڌ جي، جاکوڙ جي، جدوجهد جي ڳالهه ڪيل آهي. چوٿين ڀاڱي ۾، ماڳ رسڻ جي پختيءَ اميد ۽ پڪي يقين جي ڳالهه ٿيل آهي. ’نيٺ ته ايندو/ نيٺ ته ايندو فصل بهاران/ نيٺ ته ايندو!“ اهڙيءَ طرح، مجموعي جي هن اهم حصي، ”بڙ جي چانوَ اڳي کان گهاٽي“، جي هر ڀاڱي ۾ اندروني ربط موجود ملندو ۽ چار ئي ان جا ڀاڱا گڏجي به هڪ ڳالهه ڪن ٿا_ زندگيءَ جي، ان جي ماڳ جي، ماڳ جي دڳ جي ۽ دڳ جي ڪٺن سفر، اڳتي وڌڻ ۽ جاکوڙ جي.
اياز جي هن مجموعي جي ٻئي حصي بابت وڌيڪ ٻي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! ان جي پهرئين ڀاڱي ۾ اياز جا چاليهه ٽه_ سٽا آهن، جيڪي به هڪ لاڳيتي نظم جيان ئي آهن، جيڪو اسان کي پنهنجي محبوب قومي شاعر کان ان صورت ۾ عطا ٿيو آهي. اُن جي هڪ ٽه سٽي_ ’ڪينر‘ گهٽ نه ڀانءِ/ ڪوٽ مٿان ڪنگرا/ جهوري وئي جهانءِ!_ کي اسان جي لائق نوجوان مصور، فتاح مغل، پنهنجي هڪ شاهڪار جي صورت ڏني آهي، جنهن سان تاب جي اُن ٻئي حصي جي شروعات ٿيل آهي. ٽه_ سٽن کان پوءِ اِن حصي جي ٻئي ڀاڱي ۾ اسان کي پنهنجي شاعر کان ويهه نظم مليا آهن، جن ۾ هڪ هڪ پنهنجي سادگيءَ ۽ سونهن ۾ ۽ فڪر ۽ جذبي جي پوترتا ۽ اوچائيءَ ۾ پنهنجي مثال پاڻ آهي. ان پوئين ڀاڱي جو پويون ۽ هن سڄي مجموعي جو پويون پر سچ ته هڪ بهترين نظم، جنهن جي شروعات اياز بنهه پنهنجائپ واريءَ ۽ بيحد هڪ محبوبانه شوخيءَ سان ڪئي آهي.
تون جي مون کي ڪونه مڃيندين
مون کي ڪا پرواهه نه آهي،
آءٌ سڀاڻي لاءِ لکان ٿو
جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي،
مون تي ميڙو مچڻو آهي
اُن سان آءٌ هن پنهنجي مضمون جي پڄاڻي ڪرڻ گهران ٿو، پر اِن کان اڳ اياز جي اُن دلبرانه شوخيءَ بابت ٻه اکر ضرور چوندس.
جيڪڏهن اياز ’مون‘، سندس پڙهندڙ، کي ائين بي تعلق ٿي، چوي ٿو، ”تون جي مون کي ڪونه مڃيندين/ مون کي ڪا پرواهه نه آهي.“ تڏهن کيس منهنجي مڃڻ نه مڃڻ جو_ زباني طور، شخصي طور_ مڃڻ نه مڃڻ جو، ڪو شڪ يا اونو ڪونهي، ۽ واقعي به ڪا پرواه ئي؛ پر عملي طور سندس ’ڳالهه‘ جي نه مڃڻ جو، سندس بار بار ٻڌايل زندگيءَ جي ’ماڳ‘ ماڻڻ لاءِ قربانين جي ’دڳ‘ تي نه هلڻ جو، هن کي اونو ۽ ڏک برابر آهي، ۽ ڏاڍي وڏي پرواه به: پر ”مون“ مان. منهنجي پيڙهيءَ مان، پنهنجي ’اڄ‘ مان نااميد ٿي، وري به ’سڀاڻي‘ جي پڙهندڙ تي، سڀاڻي جي پيڙهيءَ جي جدوجهد تي ۽ جاکوڙ تي، اجتماعي چڱائيءَ جي دڳ وٺڻ ٿي ۽ وٺي هلڻ تي پنهنجي نجات جي ماڳ ماڻڻ تي، هُن کي پورو ڀروسو ۽ يقين آهي، ۽ تڏهن ئي پنهنجي اُن آهني يقين سان چوي ٿو، ”آءٌ سڀاڻي لاءِ لکان ٿو/ جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي/ مون تي ميڙو مچڻو آهي“ ۽ پوءِ_
مِينهن جڏهن مانڊاڻ ڪندا، مان
ساري وارياسي تي سندس،
ڪارونجهر جي ڪور مٿان مان
سانوڻ جي ڪڪرن سان گسندس_

(مان جو تنهنجو راڳي آهيان
تنهنجو ٿي، وڏ_ ڀاڳي آهيان.)

ڄڻ ماڻهوءَ جو ڳوڙهو ڳوڙهو
منهنجين واين مان برسي ٿو،
ويڙهو ويڙهو، لوڙهو لوڙهو،
منهنجن گيتن سان گونجي ٿو.

منهنجا گيت گلابن وانگر،
جيڪي چوٽين منجهه لڳائي،
تڙ تان ناريون اينديون آهن
پنهنجن پيارن لاءِ سجائي_
نيٺ ته تنهنجو منُ ڀائيندا.

چانڊوڪين راتين ۾ مارُو
مون کي ٿرَبرَ ۾ ڳائيندا،
بسنت رت ۾ منهنجون وايون
گليءَ گليءَ ۾ ڦهلائيندا.

وِڄُ وراڪا جيئن کائي ٿي
اِئن مان تنهنجا ٽهڪ به آهيان،
رُت ۾ جئن رابيل ٽڙن ٿا
تئن ڌرتيءَ جي مهڪ به آهيان_

۽ هيءَ ڌرتي نيٺ ته مهڪي
ٿيندي ڪو گلزار سڀاڻي.
آءٌ لکان ٿو
جنهن لئه هاڻي.

حيدرآباد سنڌ
21- مئي، 1988ع

 
2

جڏهن سماج ائين پاڻ کي نظامڻ شروع ڪري ٿو، جو رڳو ڪوڙ ئي اُن ۾ انعام کڻي سگهي، ۽ بدي ئي اُن ۾ فائدا ڪمائي سگهي، تڏهن سچ ۽ نيڪي لازمي طور زير زمين هليا وڃن ٿا، ۽ ڪوڙ جي وڌڻ لاءِ ۽ بديءَ جي پکڙڻ لاءِ ميدان صاف ٿي پوي ٿو. اهڙي سماج وٽ ماڻهن کي ڏيڻ لاءِ بدخيالين ۽ ڏيکارڻ لاءِ بداعمالين کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو آهي. اهڙن وقتن ۾ نئينءَ سياست، مٿين طبقن جي سياست کان بلڪل علحده قسم جي سياست، جي سخت ضرورت پيدا ٿي پوي ٿي_ ته جيئن بديءَ ۽ بي انصافيءَ جو جيڪو ڳٽ سماج جي ڳچيءَ ۾ چهٽيو ۽ گهٽيو بيٺو هجي، اُهو لهي سگهي، ۽ اُن جي جاءِ تي نيڪيءَ ۽ انصاف جي پوري بالادستي قائم ٿي سگهي. اُن لاءِ آءٌ اهڙيءَ هڪ عوام جي سياست جي وڪالت ڪريان ٿو، جيڪا عوام جي ئي هڪ پارٽيءَ جي هٿن ۾ هلندڙ هجي.





دانهن
مون، هنن صفحن ۾، پنهنجن سنڌ واسي ڀائرن_ مسلمانن توڙي هندن_ جي سوچ ۽ مناسب عمل لاء ڪي نُڪتا، پنهنجا خيال ۽ ويچار، پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اڄ اسين سنڌ واسي تاريخ جي اهڙي ٻه_ واٽي تي بيٺا آهيون، جتان اسين هڪ صديءَ جي طويل غلاميءَ جي ٻاٽ اونداهيءَ رات منجهان سجاڳ ٿي، آزاديءَ جي ڦٽندڙ باک کي ويجها ٿينداسون. يا وري نئين سر پاڻ لاءِ، نسلن تائين، پنهنجن پاڙيسرين جي سياسي بالادستي ۽ اقتصادي غلامي قبول ڪري ويهنداسون. اڄ جي رٿيل پاڪستان توڙي هندستان ۾، اسين جيڪي پنجيتاليهه لکن کان به وڌ ماڻهو آهيون. تن سان فقط اوترن فردن ئي طور تسليميءَ جو واعدو ڪيو ٿو وڃي_ اسان جي اجتماعي يڪسانيت ۽ مشترڪ وجود جي تسليميءَ جو نه. اِن جي معنيٰ هيءَ ٿيندي ته ٻنهي صورتن ۾ اسين تعداد جي اڪثريت هيٺ پوريءَ طرح لَٽجي وينداسون؛ ۽ هن وقت جيئن حالتون صورت پذير ٿيندي ڏسجن ٿيون. اسان جا مختصر اقتصيادي وسيلا ۽ اسان جي حڪومتي نظام جون ڪليدي جايون سڀ ٻين جي هڪ هٽي بڻجي وينديون. ڇا، اسين پنهنجي انساني فلاح ۽ بهبود، ۽ پنهنجن سياسي ۽ اقتصادي حقن کي ان طرح زوران زورِ ۽ هڪ طرفي ڦرجي وڃڻ کي ماٺ ميٺ ۾ قبول ڪري ڇڏيون، يا اسان کي، باخبر، اٿي بيهڻ گهرجي ۽، هڪ قوم طور پنهنجي انفراديت کي مڃائڻ ۽ پنهنجي خوداختياريءَ ۽ خودمختياريءَ کي موٽائي پنهنجي هٿ وس ڪرڻ گهرجي، جنهن حيثيت کان هڪ سو سال اڳ اسين انگريزن جي هٿان محروم ڪيا ويا هئاسون؟ اِهي آهن اصل ۽ اسان جي لاءِ بيحد وڏا سوال، جيڪي مون هِن ڪتاب ۾ اٿاريا آهن ۽ انهن جي جوابن ڏيڻ جي به وس آهر ڪوشش ڪئي آهي. انڊين نئشنل ڪانگريس جي سوچ ويچار ۽ پڻ آل انڊيا مسلم ليگ جي سوچ ويچار ۾، اسين سنڌي ماڻهو، ائين لڳي ٿو ته مال ملڪيت جا رڳو ڪي اسم آهيون، جن کي فقط هڪ همه گير هندستان يا هڪ همه گير پاڪستان سا واڙي ڇڏڻو آهي. اُن سلسلي ۾ گذريل سنڌ ليجسليٽوِ اسيمبليءَ جي چونڊن جي نتيجي کي 30: 70 جي تناسب سان، انهن ٻن رٿيل ”حدبندين“ جي فائدي ۾ اسان جو ڏنل فيصلو ظاهر ڪيو پيو وڃي. ستر فيصد اسان جي ماڻهن لاءِ ائين چيو وڃي ٿو ته پنهنجن چونڊيل عيوضين ذريعي، پاڪستان جي حدبنديءَ لاءِ پنهنجي پسنديءَ جو اظهار ڪيو اَٿن، ۽ ٽيهه فيصد اسان جي ماڻهن لاءِ ائين چيو پيو وڃي ته ساڳئي ان طريقي سان، انهن سنڌ کي نه، ته سنڌي ماڻهن کي، تقسيم ڪري، پاڻ کي هندستان جي حدبنديءَ سان واڙڻ لاءِ گهر ڪئي آهي! پر، ڏاڍيءَ چترائيءَ سان اِها ڳالهه بلڪل وساري وڃي ٿي ته نه ستر فيصد ۽ نه وري ٽيهه فيصد اسان جي ماڻهن کان هن مسئلي جي باري ۾ ڪا صلاح ڪئي وئي هئي! ”فيصلي“ لاءِ هيءُ مسئلو اسان جي ماڻهن آڏو پيش ٿيو به جيڪڏهن هو ته فقط پندرهن فيصد جي آڏو، جن مان به گهڻي ۾ گهڻن ته به اڌ ماڻهن هلي وڃي، ڪو اُن ”راءِ طلبيءَ“ جي سڏ ۾ سڏ ڏنو هو! ڪانگريس ۽ ليگ جي بي حس حڪيمن پنهنجن مريضن کان پڇئي بغير ئي، مُنهن جي وڏيءَ پڪائيءَ سان، انهن کي مشورو ڏنو: ”اوهين مريض آهيو_ ٺيڪ ٺاڪ ٿيڻ گهرو ٿا؟ پوءِ دوا وٺو!“ بس اِها هئي انهن نيم حڪيمن جي تشخيص، ۽ اهو هو سندن دوا جو نسخو! نه مرض کي نشانيو ويو، نه ئي ان جي سڃاڻپ ٿي: ”مرض“ جي شفا جو نسخو به ڪونه وصفايو ويو ۽ نه ئي ترڪيبيو ويو. ووٽرن کي البت ٻه پُڙيون_ هڪ هندستان جي نالي واري ۽ ٻي پاڪستان جي نالي واري_ پري کان ئي ڏيکاريون ويون ۽ کين چيو ويو ته ”اِهي اَٿوَ امرت ڌارا جون پُڙيون!“ بهرحال، اُنهن ساڍن ستن فيصد ووٽرن پوءِ چونڊ ڪئي، پر فقط ٻن ”لفظن“ جي وچ ۾، ڪنهن کي اِها خبر نه ٿي ۽ نه ئي ٻڌايو ويو ته ٻيئي اُهي ڏاڍا سهڻايل لفظ هُنن جي سڄيءَ قوم لاءِ سياسي ۽ اقتصادي غلاميءَ جا ئي نشان هئا. زميندارن، شاهوڪارن ۽ ڪامورن اُنهن اڄاڻ، ويساهي ۽ بي بس ساڍن ستن فيصد ووٽرن کي جبر، فريب ۽ دڙڪي دهمان جي هر سوچ ۾ ايندڙ طريقي سان ٻنهي اُنهن لفظن مان هڪ نه ٻئي لفظ جي چونڊڻ ۾ خوب ”رهبري“ ڪئي. اڄ ان طرح جي اُنهن فسطائي چونڊن جا اِهي ”رهبر“ سورما، ”هندستان“ ۽ ”پاڪستان“ جي ٿيڻ کان اڳ ئي، پاڻ ۽ سندن ”ورڪ“ سان کٽي آيل ۽ اقتدار ۾ ويٺل ميمبر ۽ اُنهن جا گلم نشين سڀئي پنهنجن پنهنجن رتبن ۽ پگهارن جي اضافن ۽ ٻنهي هٿن سان عام لٽ، ۽ بي انداز نفع اندوزيءَ ۽ رشوت خوريءَ ۾ ڏينهن رات مصروف پيا ڏسجن، ڄڻ سندن حرس هوس جون اوجهريون ڀرجڻ واروين ئي نه آهن! انهيءَ ئي سياسي ڪويڄائپ جي بنياد تي اسان جي پنجيتاليهه لکن کان وڌيڪ ماڻهن کي هاڻي انگريزن جي حق ملڪيت مان ڦيرائي ”هندستان“ جي مختلف تعدادي طور بالادست ماڻهن ۽ اُنهن جي حڪمران طبقن جي حق ملڪيت ۾، يا ”پاڪستان“ ۾ پنجاب جي ماڻهن ۽ اُنهن جي ٽِوانن، ٺونن، دولتانن، ممدوتن وغيره جي واحد ملڪيتي تصرف ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ۽ تياري ڪئي ٿي وڃي.
بيشڪ، ”پاڪستان“ ۽ ”هندستان“ ٻيئي تمام سهڻا لفظ آهن؛ ۽ جڏهن انهن مان ڪنهن هڪ کي به کڻڻ جو سوال اٿي ٿو، ته ڪير ڀلا اهڙو هوندو جو ڪا شيءِ کڻڻ لاءِ آڏو هوندي ته کڻڻ نه چاهيندو. پوءِ اُها شيءِ فقط ڪو ٺلهو لفظ ئي ڇو نه هجي؟ پر هتي سوال ڪنهن شيءِ جي کڻڻ جو نه هو، پر هر شيءِ وڃائڻ جو هو.
ان طرح، جيڪي نڪتا مون هن ڪتاب ۾ خصوصي طور تاڪيديا آهن، اُهي هي ٽي آهن:
(1) ته اسان سنڌ واسين کي پنهنجي خوداختياريءَ ۽ خودمختياريءَ جي حيثيت واپس حاصل ٿيڻ کپي ۽ رٿيل هندستان يا پاڪستان جي حدبندين اندر جيڪڏهن اسان جي موجودگي گهربل آهي ته اسان کي انهن ۾ هر شامل اڪائيءَ سان پورو مساوي درجو ملڻ کپي_ حڪومتي نظام جي هر آئيني اداري، ليجسليچر، ڪئبينيٽ وغيره ۾، هر نقطي نگاه کان_ تاريخي، سماجي ۽ سياسي، اسان جو اهو آڻ ڇُٽ جنمي حق آهي:
(2) ته اسان سنڌ واسين جو پنهنجن قدرتي اقتصادي وسيلن تي واحد حق هئڻ کپي، ۽ پڻ اسان کي پنهنجي وطن، سنڌ اندر پنهنجي حڪومتي نظام جي هر وڏي کان وڏي ۽ ننڍي کان ننڍي پُرزي تي پورو اختيار هئڻ گهرجي: ۽
(3) ته هاڻي وقت آيو آهي، جوآزاديءَ جي ميوي جي صورت ۾ اسان جي سڄي عوام کي هر قسم جي سوڙهه، جهالت ۽ خوف کان آزاد زندگيءَ جي ماڻڻ جا موقعا ملڻ گهرجن.
اِن سلسلي ۾ هڪ اهم ڳالهه خصوصي طور منهنجي آڏو آيل آهي، جا منهنجي طرفان وضاحت گهري ٿي. تازو، پنهنجي موقف سان دلچسپي ۽ اُن بابت اڻپوري ڄاڻ رکندڙ ڪن بين الاقواميت پسندن طرفان مون کان هڪ سوال پڇيو پيو وڃي: ”ڇا، تون سنڌي قوم پرستيءَ جو پرچارڪ آهين؟“ جيتوڻيڪ منهنجي سوچ ۾، قوم پرستي برصغير ۾ مُروج مذهب_ مخالف فرقيواريتن کان گهڻي گهڻي قدر بهتر آهي، جن اسان سڀني کي انسانن مان ڦيرائي حيوان بڻائي ڇڏيو آهي، ۽ جن هندستان ۽ پاڪستان جي نالن واريون پنهنجون ٻه جادوءَ جون پيتيون ٺاهي ورتيون آهن، جن مان وقت بوقت هو هڪ نه ٻيو پنهنجو اَنترو ٻاهر آڻينديون رهيون آهن ۽ آئنده به آڻينديون رهنديون، ۽ جن جي نتيجي طور هڪڙن معصومن جي هٿان ٻين معصومن جو قتلام، خصوصاً تازي دور ۾، جاري رهندو پئي آيو آهي:_ ته به آءٌ قوم پرستيءَ جو پرچارڪ ناهيان، جيڪڏهن ان جي معنيٰ دنيا ۾ موجود نوع جي قوم پرستي آهي. ان نوع جي قوم پرستي ڪنهن به دور لاءِ ترقي پسند نظريو نه رهيو آهي ۽ پڻ ان کي اسان جي اعليٰ تهذيب واري ۽ امن ۽ سلامتيءَ جي اصلوڪي مذهب اسلام به هرگز سٺيءَ نگاه سان نه ڏٺو آهي،_ ڇاڪاڻ ته اول ته اِن نوع جي قوم پرستي قومن جي وچ ۾ جنگين جي واقع ٿيڻ کي اٽل بڻائي ٿي؛ ٻيو ته اها خود قوم جي اندر به ٿورن جي هٿان گهڻن جي تهذيبي، سياسي ۽ اقتصادي بالادستيءَ ۽ استحصال جي بنياد تي وڌي ويجهي ٿي. ان نوع جي قوم پرستيءَ جو وڌيڪ موزون ۽ علمي اصطلاح طور نالو، بهرحال ”فسطائيت“ آهي.
فسطائيت جا مکيه ۽ بنيادي تحرڪ ڏيندڙ خيال يا اصول ٻه آهن:
پهريون، هيءُ ته جو ڪجهه به پنهنجي قوم لاءِ مفيد ۽ سهولت وارو آهي. سدائين اُهو ئي صحيح آهي ۽ اُهوئي عمل ۾ آڻجي، پوءِ ائين ڪرڻ سان ڀَلي ٻي ڪا قوم يا ٻيون ڪي قومون غلام بنائڻيون پون يا مرڳو ئي ختم به ڪرڻيون پون: ۽ ٻيو، چپ چاپ مڃيل، هيءُ عقيدو ته فقط سهولتون ماڻيندڙ چوٽيءَ تي پهتل طبقا ئي قوم جا خلاصا ۽ واحد شان آهن، ۽ اِنهيءَ ڪري، اُنهن ٿورن جي دولت، سُک ۽ شان ئي سڄيءَ قوم جي دولت، سُک ۽ شان ڳڻيو ويندو ۽ سمجهيو ويندو.
پهرئين خيال جو پورو اظهار ٻن آمريڪي سياسي فيلسوفن، اسٽيفن ڊيڪارٽر ۽ جان جي ڪرٽينڊن، جي لفظن ۾ بيان ٿيل، اسان وٽ موجود آهي، منجهانئن پهرئين جو چوڻ آهي ته ”اسان جو مُلڪ! ڌارين قومن سان پنهنجي تعلقات ۾ شال هو سدائين صحيح هجي، پر صحيح هجي يا غلط، وري به اسان جو ملڪ!“ ٻئي جو چوڻ آهي: ”منهنجي اميد آهي ته منهنجو ملڪ سچ تي هجي، پر سچ تي يا ڪوڙ تي، آءٌ پنهنجي ملڪ جي ئي پاسي آهيان.“ ٻنهي خيالن جون پاڙون اوندانهن دورن جي جاگيردارانه سلطنت شاهيءَ ۾ کُتل آهن، جن ۾ عام ماڻهو، هاريءَ يا نوڪر جي حيثيت ۾، پنهنجي جان توڙي پورهئي سميت، امن ۽ جنگ ٻنهي حالتن ۾، پنهنجن اميرن ۽ بالادستن جي ماڻهوءَ طور ئي شمار ۾ اچي ٿو. اِن خيال جي بنياد تي ئي هندستان جو عموماً هر عام ماڻهو شهنشاه شاهجهان جي محبت جي اعليٰ يادگار، تاج محل، تي فخر وٺي سگهي ٿو ۽ ان بابت ائين ڳالهائي سگهي ٿو، ڄڻ اهو ذاتي طور سندس پنهنجو آهي. انهيءَ خيال جي ڪري، ڪنهن ملڪ جي ماڻهن مان ٿورن جاگيردارن، زميندارن ۽ صنتعڪارن جي ملڪيتن ۾ واڌاري کي سڄي اُن ملڪ جي قومي ملڪيت جو واڌارو سمجهيو ٿو وڃي. قوم پرستيءَ جو اهوئي پاسو هو، جنهن جپان جي ڏتڙيل غلام هارين جي انبوهن کي پنهنجي شهنشاه_ خدا ۽ اُن جي چند قريبي اميرن ڪبيرن خاطر گذريل جنگ عظيم ۾ دشمن توبن جي منهن ۾ ڊوڙي وڃڻ ۽ خوش خوش انهن جو کاڄ ٿي وڃڻ کي پاڻ لاءِ وڏي فخر جو عمل ٿي سمجهيو.
انهن ٻن باطن ڳالهين کان سواءِ قوم پرستيءَ ۾، بهرحال، ٻي ڪابه ڳالهه ڪانهي، جا اُن کي نفرت لائق يا ناپسنديده بڻائي، اِنهن ٻن بيجا ۽ ناموافق پيوندڪارين کان خالي قوم پرستيءَ ۾ فسطائيت جي ڪابه صورت ڪانه ٿي رهي، جيڪا (فسطائيت) هونئن واقعي هڪ بين الاقوامي مصيبت ۽ وڏو قومي عذاب ئي ثابت ٿيل آهي. قوم پرستي جيڪا اندر، قومي سطح تي، پاڻ سان بامروت ۽ پُرامن آهي ۽ ٻاهرينءَ دنيا سان به پُرامن ۽ بامُروت رهي ٿي. اُها ٻن اعليٰ ترين انساني چڱاين جي بنيادن تي بيٺل هجي ٿي: (1) پنهنجي وطن ۽ پنهنجن ماڻهن سان محبت ۽ (2) دنيا سان ۽ وسيع انسان ذات سان محبت، يعني حُبَ وطن ۽ حُبَ انساني، انهيءَ ڪري اُهي جيڪي بين الاقواميت، اخوت يا ”ميل ميلاپ“ جي نالي ۾ ڪن ٻين ماڻهن جي مٿان پنهنجي بالادستي قائم ڪرڻ ۽ قائم رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، سي ئي، درحقيقت، انسان ذات جا بدترين دشمن آهن. ”قوم پرستي“_ قابل نفرت ۽ ناپسنديده_ يا فسطائيت جا الزام پوريءَ طرح ۽ بلڪل جائز نموني اُنهن تاڪائو ۽ حريص ماڻهن يا قومن تي رکڻ کپن، ۽ نه اُن قوم يا انهن قومن تي جيڪي پنهنجي خود مختياريءَ جو دفاع ڪن ٿيون ۽ پنهنجي آزاديءَ جون محافظ آهن_ اڪثر اُنهن ماڻهن، دغاباز قومن جي جارحيت ۽ دستبرد کان جيڪي پاڻ کي بين الاقواميت جون دعويدار ۽ پرستار چوائين ٿيون.
جيڪڏهن ڪي ماڻهو پنهنجي دائري ۾ هڪ مخصوص سماجي، سياسي ۽ اقتصادي اڪائيءَ جا مالڪ هجن ٿا، ته اُها ڪا انهن جي خطا به ته ڪانهي، اِهو ته فطرت جو راضپو آهي، رِٿا آهي، ته ماڻهوءَ کي ٻين سان پنهنجا لاڳاپا جيئن پوءِ تيئن وڌندڙ ۽ وسيع ٿيندڙ بنيادن تي استوار ڪرڻا آهن. فردن کان ابتدا ڪندي، ماڻهوءَ کي هڪ خاندان يا ڪٽنب، هڪ ذات، هڪ قبيلي، هڪ قوم ۽ آخر ۾ سڀني ماڻهن جي مشترڪ اخوت يا ذات انسانيءَ جي صورت ۾ پاڻ کي وابسته ڪرڻو آهي. انساني برادريءَ جي هن ننڍي ميل ميلاپ يا ڀائيچاري سان وفاداري بذات خود قابل اعتراض ڳالهه ٿي ٿي سگهي. رڳو اُن حالت ۾ جڏهن اهڙي ڪا وفاداري، جداگانه ۽ محدود ٿئي ۽ سڄيءَ انسان ذات جي گڏيل وسيع مفادن جي مخالف يا ابتڙ بڻجي، تڏهن ئي ان کي نندي سگهجي ٿو. بهرحال، اهڙي ڪا محدود وفاداري يا وابستگي به ٻن ابتڙ سببن جي ڪري پيدا ٿي سگهي ٿي: (1) خوف سبب، ۽ (2) هٻڇ سبب، جن ٻنهي صورتن ۾ وري به رڳو اُهي جيڪي هٻڇ کان، يعني اِن نيت کان ته پنهنجي قومي مفادن جي سِڌ ڪرڻ لاءِ مثلاً ٻئي ڪنهن گهٽ تعداد واريءَ قوم کي پنهنجي عددي گهڻائيءَ وسيلي، اُرائي پنهنجو مطيع ڪري ڇڏين، سي ئي سڄيءَ ٻيءَ انسان ذات لاءِ وڏو هڪ خطرو سمجهيا ويندا. انهيءَ ڪري، طاقتور ۽ هٻڇي ماڻهن جي بين الاقواميت پسنديءَ ۽ بي آزار ۽ پاڻ تائين قانع قوم پرستيءَ جي وچ ۾ پوءِ به پهرئين رويي جا ماڻهو سڄيءَ دنيا جي نندا ۽ ڦٺ لعنت جا حقدار بڻجي سگهندا. طاقت جي آنڌ ۾ ورتل هٻڇ ۾ ڇتائيل اڳرائي ڪندڙ پنهنجن خودغرض ارادن کي لڪائڻ لاءِ بيحد چمڪندڙ ۽ سهڻن لفظن جي پوش ۾ پنهنجا دليل ويڙهي، گمراهه ڪُن بڻائي سگهن ٿا، پر ٺلها لفظ پوءِ به آقائن جي تيز ڌارائينءَ تلوار کي هرگز مُڏو ڪري نٿا سگهن. جيڪي اُنهن سهڻن لفظن جي رنگ آميزيءَ پٺيان سڄو وقت فقط پنهنجي ارڏائيءَ ۽ بالادستيءَ جي قائم ڪرڻ ۽ مضبوط رکڻ جي ڪوشش ۾ ئي مصروف هوندا آهن. جيڪڏهن بين الاقواميت يا اخوت جو مطلب اهو آهي ته هر قوم کي هر ٻيءَ قوم جي ملڪيت تي تصرف جو حق آهي، ته پوءِ سڀ کان بهتر ته هي ٿئي ته ”ڪميونزم“ اختيار ڪيو وڃي! ۽ جيڪڏهن انهيءَ قسم جي ڪميونزم جي ترغيب ۽ تبليغ قومن جي سلسلي ۾ ڪئي ٿي وڃي، ته ڇو نه اِهو نظام پهريائين خود هر قوم جي اندر به اختيار ڪيو وڃي، ۽ پوءِ ائين سڀ لاءِ اهو اصول قبول ٿيندو ته هر فرد کي هر ٻئي فرد جي هر انهيءَ شيءِ تي حق آهي، جيڪا جائز طور ان ٻئي جي ملڪيت آهي! پر ان حالت ۾ دکدائڪ ڳالهه وري به هيءَ ٿيندي ته اُهو نه ته سوشلزم هوندو ۽ نه ڪميونزم، ۽ اسلام ۾ ته اُهو هرگز قابل قبول نه هوندو. اها ته سياسي نراجيت، اقتصادي لٽ مار ۽ سماجي طور شيطاني فساد انگيزي ئي هوندي ۽ جيڪڏهن هندستان جي برصغير ۾ اِهائي فساد انگيز صورتحال مطلوب آهي، ته پوءِ اچو ته سڀ بلڪل ائين ئي ڪريون، ۽ اُن جي نتيجن سهڻ لاءِ به تيار رهون!
انهيءَ ڪري اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته هر ڀائيچاري جي قيام لاءِ سڀ کان اڳ اُن ڀائيچاري ۾ شامل اِڪائين جي وچ ۾ آزادگيءَ ۽ برباريءَ جي درجي جي صورت جو هجڻ لازم آهي. اهائي صورت فردن جي وچ ۾ قوم طور اندروني ڀائيچاري لاءِ به اوتري ضروري آهي، جيتري قومن جي وچ ۾ بين الاقوامي ڀائيچاري يا ڀائيچارن لاءِ، ۽ پڻ وسيع تر سڄي نوع انسانيءَ لاءِ هڪ انساني ڀائيچاري لاءِ. اهڙا ڀائيچارا، جيڪي پنهنجي عزت ۽ سلامتيءَ جا ۽ پڻ ٻين پاڻ جهڙن قومي، بين الااقوامي ۽ انساني ڀائيچارن جي عزت ۽ سلامتيءَ جا پاسدار آهن، ۽ اندروني طور پاڻ وٽ برابريءَ ۽ آزادگيءَ جي فضا قائم رکن ٿا ۽ بامروت ۽ پرامن بين الاقوامي ۽ انساني ڀائيچاري جي تعمير جا شيدائي ۽ اُن لاءِ تيار آهن، اُهي ئي هندستان جي وسيع برصغير جي قومن جي نجات جا ۽ پڻ عمومي طور سڄيءَ دنيا جي قومن جي خير ۽ بهتريءَ جي ضمانت جا حامل ٿي سگهن ٿا.
ان جي برعڪس ڪانگريس ۽ ليگ جا سرمايه دار، جاگيردار ۽ زميندار، اِنهيءَ پاڻ_ هُرتي مفروضي تي عمل ڪندي ته ”هندستان رڳو هندن لاءِ ۽ پاڪستان رڳو مسلمانن لاءِ فائديمند ٿيندو، ”اُتي ئي ٻيءَ گهڙيءَ اهڙي ئي پاڻ هُرتي دعويٰ ڪن ٿا ته ”اِهوئي برصغير جي هندو_ مسلم مسئلي جو حل آهي!“ اِهو خود هنن جي پنهنجن مسئلن جو حل ته ٿي سگهي ٿو، جو اِن طرح انهن ٻنهي مان هرهڪ کي، بغير ٻئي جي جهل پل جي، پنهنجن پنهنجن ماڻهن جي استحصال جي هڪهٽي ملي ويندي؛ پر اِهو هندو خلق يا مسلم خلق جي الڳ الڳ توڙي گڏيل مسئلن جو هرگز ڪو حل ثابت نه ٿي سگهندو” البت اِن سان هڪڙو هر گهڙيءَ تيار ۽ ڪامياب هٿيار اُنهن ٻن مخالف مٿين طبقن جي هٿن ۾ اچي ويندو؛ ۽ جڏهن به سندن ماڻهو اُنهن جي ظالمانه ۽ استحصالي ڏاڍ کان تنگ ٿي، بغاوت جا ڪي آثار ڏيکاريندا، ته هو آسانيءَ سان ۽ هڪدم پهنجو ٺهيل تيار ٿيل اهو هٿيار_ انسان ۽ انسان جي نفرت جو_ هٿ ۾ کڻي، پوريءَ انتقامي مهارت سان استعمال ڪري سگهندا؛ ته جيئن سندن ساده دل ۽ غريب عوام جي سندن خلاف گڏ ٿيل سڄي ڪاوڙ مينهُن واءُ ٿي وڃي ۽ هو اُها ڪاوڙ هڪٻئي جي خلاف استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏين ۽ هڪڙا معصوم ماڻهو پاڻ جهڙن ٻين معصوم ماڻهن کي مارڻ ۾ لڳي وڃن،_ ۽ اُهو سڀڪجهه رڳو هڪ خدا جي ٻن مقدس نالن ۾، ۽ هِن مذهب يا هن مذهب خاطر!
اِئين، اِهو اعلان ڪندي ته هڪ مخصوص فرقي جون جداگانه سهولتون ۽ فائدا_ جن مان مٿيئن طبقن جي سياسي لغت ۾ مُراد انهن مٿين طبقن جون پنهنجون سهولتون ۽ فائدا آهن_ بذات خود ۽ مطلقاً نيڪ مقصد آهي. هي ”شرفا لوڪ“، جيڪي سڀ ڪنهن کي سڀ ڪجهه کان (سواءِ پنهنجي ظلم جي چڪيءَ کان) آزاد ڪرڻ چاهين ٿا، ڏسجي ٿو ته ”مقصدُ ذريعن کي جائز بڻائي ٿو“ واري اصول تي عمل ڪن ٿا. اِنهيءَ ڪري ئي، انهن وٽ اسين سندن مخصوص مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ بلڪ وقت بوقت اُنهن کي بدلڻ ۾ قطعاً ڪنهن اصول جي ڪا پرواهه نٿا ڏسون. هو اِها ڳالهه بلڪل ئي وساري ٿا ڇڏين ته خراب ذريعن سان ڪنهن به حقيقتاً نيڪ مقصد تائين پهچي نٿو سگهجي، ۽ انسان ذات جي تاريخ ۾ حقيقتاً نيڪ ذريعا ڪنهن کي به ڪنهن خراب مقصد ڏانهن نيندي ڏٺا نه ويا آهن. سچي ڳالهه هيءَ آهي ته نه مقصد ذريعن سان جائز بڻجي ٿو سگهي ۽ نه ذريعا مقصد سان جائز بڻجي ٿا سگهن. ٻنهي مان هر هڪُ پنهنجي پاڻ سان جائز بنجڻو آهي. ڇاڪاڻ ته ائين ڪير به چئي نٿو سگهي ته ڪٿان هڪ جو دائرو پورو ٿئي ٿو ۽ ڪٿان ٻئي جو شروع ٿو ٿئي. ذريعا ۽ مقصد ايترا ته هڪٻئي ۾ ڳتيل هجن ٿا، جو اُهي آسانيءَ سان ۽ اڪثر ڪڏهن به هڪٻئي کان الڳ سڃاڻي نٿا سگهجن. ان طرح، انساني عمل جو سڀ کان وڌ خطرناڪ نِيم اِهو آهي،_ جنهن انسان ذات جي مٿان بيان ڪرڻ کان مٿي مصيبتون آنديون آهن. انهيءَ ڪري ئي اصلوڪي اسلام ۾، بنا ڪنهن مصلحت جي، انساني مشوري ۽ عمل جي دائري مان هيءُ نيم پوريءَ طرح خارج ٿيل شمارجي ٿو. مطلب ته نيڪ ذريعا ئي فقط نيڪ مقصد ڏانهن نيئي سگهن ٿا. ان ڪري ذريعا به اوترائي اهم آهن جيترا مقصد. انساني زندگيءَ جو سرچشمو نرمل ۽ نرويو رهي ئي نٿو سگهي. جيڪڏهن ان جو مُنڍ، ڪنهن ٿوري کان ٿوري ڀاڱي به، بيٺل ۽ گندن تلائن مان نڪرندڙ ۽ انهن تي آڌاري هوندو.
انهيءَ حقيقت جي مدِنظر، آءٌ مٿين طبقن جي سياست بدران عوام جي سياست جي وڪالت ڪريان ٿو، جيڪا سياست مٿين طبقن جي پارٽين هٿان نه پر عوام جي پارٽيءَ هٿان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي،_ ته جيئن مٿين طبقن جي اقتدار بدران عوام جو اقتدار قائم ٿي سگهي.
جڏهن سماج ائين پاڻ کي نظامڻ شروع ڪري ٿو، جو رڳو ڪوڙ ئي اُن ۾ انعام کڻي سگهي، ۽ بدي ئي ان ۾ فائدا ڪمائي سگهي، تڏهن سچ ۽ نيڪي لازمي طور زير زمين هليا وڃن ٿا، ۽ ڪوڙ جي وڌڻ لاءِ ۽ بديءَ جي پکڙڻ لاءِ ميدان صاف ٿي پوي ٿو. اهڙي سماج وٽ ماڻهن کي ڏيڻ لاءِ بدخيالين ۽ ڏيکارڻ لاءِ بداعمالين کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو آهي. اهڙن وقتن ۾ نئينءَ سياست، مٿين طبقن جي سياست کان بلڪل علحده قسم جي سياست، جي سخت ضرورت پيدا ٿي پوي ٿي_ ته جيئن بديءَ ۽ بي انصافيءَ جو جيڪو ڳٽ سماج جي ڳچيءَ ۾ چُهٽيو ۽ گهٽيو بيٺو هجي، اُهو لهي سگهي، ۽ اُن جي جاءِ تي نيڪيءَ ۽ انصاف جي پوري بالادستي قائم ٿي سگهي. اُن لاءِ آءٌ اهڙيءَ هڪ عوام جي سياست جي وڪالت ڪريان ٿو، جيڪا عوام جي ئي هڪ پارٽيءَ جي هٿن ۾ هلندڙ هجي.
فقط ۽ فقط اهڙي ئي هڪ عوام دوست پارٽي سنڌ ۾ عوام جي آزاد ۽ خودمختيار رياست يا اقتدار قائم ڪري سگهي ٿي ۽ ان جو بچاءُ ڪري سگهي ٿي.
اسان جي موجوده سياسي ليڊرن، مسلمانن ۽ هندن، کي پنهنجن ماڻهن لاءِ اِنهيءَ قومي فرض بجا آڻڻ جي، ڪم از ڪم اُن لاءِ راه هموار ڪرڻ جي، اڄ هڪ چانس آهي، هڪ موقعو آهي، پر ائين ٿو ڏسجي ته هن وقت هُنن پنهنجن ذهن تي وڏا ڪي تالا هڻي ڇڏيا آهن، ۽ سوچڻ بنهه بند ڪري ڇڏيو آهي؛ يا شايد، هو فقط پنهنجن خسيس نفسن لاءِ ئي سوچڻ ۾ ورتل آهن، ۽ ٻيءَ ڪنهن ڳالهه جي سمجهڻ جي کين فرصت ڪانهي! ائين به ٿي سگهي ٿو ته هو سنڌ جي پنهنجن ماڻهن کان سواءِ، ٻيءَ هر شيءِ، آسمان هيٺ يا اُن کان مٿي، بابت ئي سوچڻ ۾ مصروف آهن_ ۽ بيحد مصروف آهن.
پر اسان جا اڄوڪا ليڊر ڇا به سوچيندا رهن يا ڪندا رهن. اسان کي پورهئي ۾ ڳهندڙ ۽ تاريڪيءَ گهاريندڙ پنهنجي عوام جي نجات لاءِ آخري پُڪار اُنهن اسان جي اڄوڪن ليڊرن کي نه آهي، پر اُنهن پنهنجن ذهين ۽ باشعور پُٽن ۽ ڌيئرن_ شاگردن ۽ وچين طبقي جي دانشورن_ کي آهي. جن جي آڏو اڄوڪين حالتن ۾، پاڻ لاءِ ونڊي کڻڻ جون فقط ٻه راهون کليل آهن، يا ته هو مٿئين طبقي جي ظالمن جي خدمت زرخريد خدمتگذارن طور ۽ اُنهن جي وڪالت بچاءَ جي شاهدن طور ڪندا رهن، ۽ پاڻ لاءِ اُنهن کان محض رضا جي بيک پنندا رهن، ۽ جو ڪجهه ڦرلٽ جو مال سندن اُنهن آقائن وٽ ظلم ۽ استحصال سان جمع ٿئي ٿو، ان ۾، ۽ اُنهن جي رحم ۽ ڪرم تي، ٽُڪريلن جيئن، پنهنجي ننڍي ڀائيواري جاري رکندا رهن: يا هو پنهنجن ويڳاڻن ۽ بي وسيلن عام ماڻهن جا دوست ۽ راهه ڏيکاريندڙ ٿي رهڻ قبول ڪن. اُنهن کي ئي، درحقيقت، اسين چئي سگهون ٿا: ”اوهان جي سڄي سمجهه اوهان جي ڪهڙي ڪم جي، اوهان جا اوچا ۽ پاڪ خيال، اوهان جي نبار زندگي ۽ اُن جا آدرش اوهان جي ڪهڙي فائدي جا، جيڪڏهن اوهين اُنهن جي ڪا واهر نٿا ڪريو، جيڪي سدائين ڏک ۾ رهن ٿا. جيڪي اوندهه ۾ آهن ۽ ڀُليل آهن ۽ مونجهاري ۾ ورتل آهن!“
ڪير آهي، جنهن کي اها خبر نه آهي ته اسان جا ماڻهو، بنا سندن ڪنهن خطا جي، ۽ پنهنجن انسان ڀائرن جي بهترين خدمت جيڪا ٿي سگهي ٿي اُن جي بجا آڻڻ جي باوجود، خود پاڻ ڏاڍي اڻ مانائتي زندگي گذارين ٿا، ۽ اخلاقي ۽ روحاني محرومين جا شڪار آهن؟ انهن جي سامهون زندگي ٻاٽ اونداهيءَ، اڻ سلامتيءَ، بيمارين ۽ خوارين ۽ دوزخ جي اَسهَه عذابن جو هڪ اڻ کٽندڙ سلسلو پيو ڏسجي. جڏهن هنن جي اُنهن دل ڏاريندڙ حالتن تي ماڻهوءَ جي نگاه پوي ٿي، ته قدرتي طور، ڪاوڙ ۽ بيوسيءَ ۾، ۽ اميدن ۾ ڀَريل دل سان، آسمان تائين رسندڙ هڪ دانهن نڪريو ٿي وڃي:
”ڪڏهن، او ڪڏهن، تون ماڻهن جو بچاءُ ڪندين؟
اي ٻاجهرارا ڌڻي، ڪڏهن؟
ماڻهو، جڳ جا مالڪ، ماڻهو،
تختَ، تاج نه، پر ماڻهو!
يا خدا، ماڻهن جو بچاءُ ڪر؛ اِهي تنهنجا آهن،
تنهنجا ٻالڪ، تنهنجن سهڻن ملائڪن جهڙا،
بديءَ کان، ظلم کان، ۽ مايوسيءَ کان
يا خدا، ماڻهو بچاءِ!“
(ڪراچي، جون 1947)





ايميلي عرف تعليم
جِين جئڪس رُوسو (Jean- Jacques Rousseau) انهن انسانن مان آهي جن تهذيب و تمدن جي دنيا تي پنهنجي طبعزاد فڪر و خيال جا اهي دل آويز ۽ لازوال نقش جڙي ڇڏيا آهن، جيڪي ڪنهن به حالت ۾ ۽ ڪڏهن به مٽجڻ ۽ ميسارجڻ جا نه آهن. دنيا اهڙن ڪامل شخصن جا جيتري قدر به ڳڻ ڳائي ۽ احسان مڃي اوترو ٿورو.
”مٿي اُتي منهنجي، هُوا سِرَن سَوَ هزار،
ته تنهنجي ساڻ تنوار، هَر هَر وڍيم هيڪڙو“.
ارڙهينءَ صديءَ جي هن عظيم الشان مفڪر ۽ اديب پنهنجي وقت جي دنيا ۽ سماجي ماحول کي هڪ اڻ گس پارکوءَ وانگر ڏٺو، جانچيو، اٿلايو پٿلايو، پرکيو ۽ پروڙيو، ۽ ان جي اوڻاين ۽ اڍنگاين جي نبض تي اهڙيءَ طرح ته وڃي پنهنجي حڪيمانه آڱر رکي، جو اُن جي ڪوڙهئي جسم ۾ هڪدم هڪ قسم جي عام بيچيني، هنگامه آرائي ۽ اٿل پٿل شروع ٿي ويئي، ۽ عام انسانن جي دل و دماغ ۾ اها سمجهه، اها خودشناسي، خوداعتمادي ۽ عمل پروري پيدا ٿي، جو هو قدمات پرست، دل شڪسته ۽ بيڪس غلامن مان ڦري قدامت شڪن، تعمير پسند ۽ حق و صداقت ۽ آزاديءَ جا شير دل سپاهي بنجي، پنهنجي مستقبل جا پاڻ معمار بنيا، ۽ تهذيب و تمدن ۽ علم و دانش جي موجوده جديد دور جا ڪامياب پيشور ثابت ٿيا.
انسانن جي برابريءَ، برادريءَ ۽ آزاديءَ جي معنيٰ خيز نعرن سان فرانس ۾ 1789ع ۾ هڪ اهڙو، دور رس نتيجن سان ڀريل، تاريخي انقلاب عمل ۾ آيو، جنهن دنيا کي پهريون ڀيرو جمهوريت جي تحريڪ جي بنيادي منطق ۽ عملي شڪل و صورت سان روشناس ڪيو. يورپ جا جاگيردار ۽ مطلق العنان بادشاهه جيڪي عوام مٿان حڪومت ۽ فرمان روائي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي خدا جا عيوضي ڪري سمجهندا ۽ سڏائيندا هئا، تن پنهنجي وجود کي اهڙيءَ طرح غير محفوظ ڏسي، پنهنجي سموريءَ منظم ۽ متحد قوت سان ان انقلاب کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ويهن ئي نَهن جا زور لڳايا، ۽ انقلاب جي مرڪز يعني فرانس جي عوامي جمهوريت تي ديوانه وار حملن مٿان حملا ڪيا. انقلاب جي حفاظت ۽ علمبرداريءَ جو ڪم اتفاقاً نيپولين بوناپارت جي حصي ۾ آيو، جنهن پنهنجي ڪمال، بهادري ۽ قابليت سان انقلاب جي ايستائين حفاظت ۽ پرورش ڪئي، جيستائين ڪه ان جي پيغام ۽ تعليم جون پاڙون مضبوط ۽ پختيون وڃي ٿيون. انقلاب جي هن محافط، نيپولين، هڪ هنڌ تقرير ڪندي روسي جي تعريف ۾ هي الفاظ استعمال ڪيا آهن ته ”هن کان سواءِ فرانس ۾ اهڙو انقلاب اصل وجود ۾ ڪين اچي سگهي ها.“
روسو 28 جون، 1712ع ۾ سئٽزرلئنڊ جي هڪ آزاد ۽ خودمختيار شهر جينيوا (Geneva) ۾ آئزڪ روسو_ پيءُ_ ۽ سُوزن برنارڊ_ ماءُ_ منجهان پيدا ٿيو. سندس آبا و اجداد اصل فرانس جا ويٺل، عيسائي مذهب جي پروٽيسٽنٽ فرقي جا هئا، ۽ انهن پنهنجن مذهبي اعتقادن سبب ئي فرانس مان تڙجي جينيوا شهر ۾ هجرت ڪري اچي ويٺا هئا. سندس پيءُ جو روثي ڌنڌو گهڙِي سازيءَ جو هو، ۽ سندس ماءُ هڪ وزير جي ڌيءُ هئي. پنهنجي والدين جي ننڍپڻ جي باهمي سڪ ۽ پيار جو داستان ۽ عشق و محبت جي شاديءَ جو احوال روسو پنهنجي ”اعتراف نامه“ (Confessions) جي پهرين صفحن ۾ نهايت دل آويز نموني ۾ بيان ٿو ڪري، ۽ ٻڌائي ٿو ته کيس جنم ڏيئي جڏهن سندس والده اوچتو ئي اوچتو وفات ڪري يويئي، تڏهن باقي سموري عمر سندس پيءُ ڪيئن انهيءَ ناگهاني فراق جي صدمي لاءِ کيس ئي جوابدار سمجهندو ايندو هو! ”ڪڏهن ڪڏهن والد محترم اچانڪ مون کي چوندو هو، ’جين! اچ ته توکي تنهنجي پياريءَ اميءَ جون ڳالهيون ٻڌايان!‘ مان کيس وراڻيندو هوس، ’ها، پر ابا! توهان کي ته خبر آهي ته مون کان اڳي توهان ئي روئي وهندا!‘ تنهن تي والد محترم جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي ايندا هئا، ۽ مون کي هڪدم ڀاڪر ۾ کڻي پنهنجي محبت ڀريءَ هنج ۾ وهاريندو هو، ۽ نهايت ڀريل آواز ۾ چوندو هو، ’جين! ڇا ٿو سمجهين، جيڪڏهن تون منهنجي سُوزن جي نشاني نه هجين ها ته ايترو هوند توکي پيار ڪيان ها!“
روسي جي زندگيءَ جي هيءَ هڪ عجيب و غريب خصوصيت آهي ته 37 ورهين جي ڄمار تائين هو، بلڪل پنهنجي پيءُ وانگر، صرف هڪ محجوب، آسائش پسند، پورالو، ويسارو، ارادي جي قوت کان يڪسر محروم، رواجي، نازڪ مزاج، زود رنج، لاپرواهه، حد کان زياده جذباتي ۽ پاڻيهي پنهنجي مشڪلاتن پيدا ڪرڻ وارو بي ميار سوڍو بنيو. هيڏانهن هوڏانهن وتندو هو گهمندو ڦرندو ۽ سير ڪندو. منجهس جيڪي به پوشيده لياقتون ۽ صلاحيتون موجود هيون، تن کان هو خود پاڻ به يڪسر غافل ۽ لاعلم هو. منجهس هڪ خاصيت سا ضرور هوندي هئي ته هو ڪتابن جو بيحد شوقين هوندو هو، ۽ ڪتابن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ هو ڪابه مهل ڪمهل ڪين ڏسندو هو. اها عادت به هن پنهنجي مشفق و مهربان پيءُ جي صحبت ۾ پرائي، ايتري قدر جو هو پاڻ ٻڌائي ٿو. ”مون کي ياد نه آهي ته آءٌ ڪڏهن پڙهڻ سکيس. مگر پهريون دفعو جڏهن مان پنهنجي منهن چڱي خاصي انداز ۾ هڪڙو ڪتاب پڙهي ويس تڏهن منهنجي دل تي جيڪو اثر ٿيو سو مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي؛ تنهن وقت آءٌ شايد ستن ورهن جو هوس. هر رات مانيءَ کان پوءِ آءٌ ۽ منهنجو والد محترم گڏجي والده مرحومه جي جمع ڪيل ڪتابن مان هڪڙو نه ٻيو ڪاب کڻي پڙهڻ ويهي رهندا هئاسون. والد محترم جو مقصد شروعات ۾ فقط هيءُ هوندو هو ته منهنجي پڙهڻ جي لياقت وڌي، پر اهڙيءَ طرح ڪتاب پڙهندي پڙهندي ٻنهي کي ايترو ته مزو اچي ويندو هو، ۽ ان جي دلچسپ ڳالهين ۾ ٻئي ايترو ته محو ٿي ويندا هئاسون، جو يا ته سمورو ڪتاب ختم ڪري پوءِ اٿندا هئاسون، يا ته وري پڙهندي پڙهندي پرهه ڦٽي ويندي هئي ۽ صبح جو درين ۾ پکين جون ٻوليون ٻڌي والد محترم هڪ عجيب مونجهاري ۾ اچي ويندو هو ۽ وائڙن وانگر ککو وکو ٿي چوندو هو، ”جين! اچ ته هاڻي سمهون، آءٌ ته توکان ئي وڌيڪ ٻار ٿي پيو آهيان“.
37 ورهين جي عرم ۾ روسي جي زندگيءَ ۾ اوچتو ئي اوچتو هڪ اهڙو غير معمولي واقعو پيش آيو، جو اُن کان پوءِ روسو روسو نه رهيو: سندس زندگيءَ ۾ اها ته هڪ بنيادي ڪايا پلٽ اچي ويئي جو هو خود پاڻ به ان تي غور ڪندي ڪندي حيرت ۾ پئجي ويندو هو. باقي ساري حياتي، جڏهن به کيس اهو واقعو ياد ايندو هو، تڏهن هڪدم سندس بدن ۾ لرزش پيدا ٿي ويندي هئي، ۽ وار ڪانڊارجي ويندا هئس.
1749ع جي اونهاري جي موسم ۾ هڪڙي ڏينهن هو پنهنجي دوست ڊڊرٽ (Didort) جي ملاقات لاءِ گهران روانو ٿيو. ڊڊَرٽ ان وقت هڪ سياسي قيديءَ جي حيثيت ۾ سرڪاري حوالات ۾ بند هو. قيدخانو اٽڪل چار ميل پري هو. رستي تي ڪو خاص وڻ ٽڻ به ڪونه هو، ۽ کيس پيرين پنڌ اهو سارو مفاصلو طئي ڪرڻو هو. هلندي هلندي دل کي وندرائڻ لاءِ هن هڪ ادبي رسالي جا ورق ورائڻ شروع ڪيا. اوچتو ئي اوچتو سندس نظر ڊجون جي درسگاهه (Academy of Dijon) طرفان شايع ٿيل هڪ اشتهار تي وڃي پيئي، جنهن ۾ هيٺئين موضوع تي بهترين مضمون لکڻ واري کي انعام جي آڇ ڪيئي ويئي هئي: ”علم ۽ فن جي ترقيءَ ڪري انسان جا اخلاق سڌريا آهن يا بگڙيا آهن؟“ هن پڌرائيءَ جي پڙهڻ سان هن ائين ڀانيو ڄڻ ”منهنجو دماغ اوچتو ئي اوچتو ڪنهن جبل سان ٽڪرجي پاش پاش ٿي ويو هجي. هزار ها خيال ۽ فڪر منهنجي ذهن ۾ بجليءَ وانگر چمڪڻ لڳا. ساهه گهٽجي ويم. بيان کان ٻاهر بيچيني ۽ ٻوساٽ محسوس ڪيم. هڪ بي جان بوتي وانگر سامهون هڪ وڻ هيٺان کڻي پاڻ ڦٽو ڪيم. پگهر ۾ شل ٿي ويس. پنهنجي بدن کي ڀانيم ته ڄڻ ٽانڊن تي پيو پچي ۽ سيڪجي. دير دير سان جڏهن ان نيم غشيءَ جهڙيءَ حالت مان فراغت مليم تڏهن ڏٺم ته قميص جي دامن ڳوڙهن سان آلي ٿي ويئي هيم. اُنهيءَ ئي گهڙيءَ کان وٺي مون هڪ نيئنءَ دنيا ۾ پير پاتو، ۽ پاڻ کي هڪ نئين انسان جي جامي ۾ ڏٺم.“ اِنهيءَ روءِ روسي کي نه فقط ڊِجون درسگاهه جي پيش ڪيل سوال جو جواب ميسر آيو، پر ان سان گڏ حقيقي علم جي بحر جا دروازا به ڄڻ مٿس کلي پيا، جنهن الهامي علم جي بنياد تي گويا هن پنهنجا آئينده مڙيئي ڪتاب لکيا. هن واقعي سندس اصلي وجود کان کيس آگاهه ڪيو ۽ کيس سندس پوشيده جوهرن ۽ صلاحيتن سان واقف ڪري پهريون ڀيرو خودشناسيءَ جا روحاني راز عطا ڪيا. هن واقعي کان پوءِ لڳاتار 15 سال روسي پنهنجي قلم سان پنهنجي همعصر دور جي ذهن ۽ خيال کي ايڏو ته وٺي لوڏيو، ڊاٺو ۽ ٺاهيو، جو ان کان پوءِ اهو دور وري ساڳيو دور نه رهيو_ سياست، اخلاقيات، تعليم، نفسيات ۽ ادب جو نئون دور پهريائين يورپ ۾ ۽ يورپ کان پوءِ هڪدم ساريءَ دنيا ۾ پکڙجڻ ۽ ڦهلجڻ شروع ٿي ويو!
”مرُ ته آئين مڱڻا، مام پَروُڙي مون،
جيڪا ڳالهه ڳالهئين، سا سڀ سمجهيسون،
تنهن ۾ تُسج تون، جيڪي پويئي پٽ ۾.“
روسي جو دلي ذوق هميشه معلم جي ڌنڌي ڏانهن رهندو هو. 1735ع ۾ جڏهن 23 سالن جو هو تڏهن پنهنجي پيءُ ڏانهن هڪ خط لکيائين، جنهن ۾ پنهنجي انهيءَ خواهش جو اظهار هو هيٺين لفظن ۾ ٿو ڪري: ”جيڪي به ڌنڌا آءٌ هن وقت پنهنجي خيال ۾ آڻي سگهان ٿو تن سڀني مان فقط ماستريءَ جو ڌنڌو ئي آهي جنهن لاءِ آءٌ پاڻ کي طبعاً شائق ۽ لائق ٿو سمجهان.“ تنهن کان سگهوئي پوءِ انهيءَ شريف ڌنڌي کي هن عملاً پڻ اختيار ڪيو: هڪ دفعو 1740ع کان 1741ع تائين ليان (Lyon) شهر ۾، ۽ ٻيو دفعو 1743ع ۾ پئرس شهر ۾_ پر ان ابتدائي تجربي مان کيس ڪا نمايان ڪاميابي ڪانه پلئي پئي سگهي. تنهن هوندي به 1740ع ۾ ئي هن پنهنجا تعليمي اصول هڪ ’تجويز‘ جي صورت ۾ قلمبند ڪيا، جن ۾ پنهنجي ”ايميليءَ“ ۾ 20 سال پوءِ جيڪي تعليمي اصول هن 50 ورهين جي ڄمار ۾ ويهي بيان ڪيا آهن، تن جي مختصر جهلڪ صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اهڙيءَ طرح ”ايميليءَ“ جي تيار ڪرڻ ۾، جيئن هو پاڻ ٻڌائي ٿو، کيس گويا لڳاتار 20 سالن جو فڪر ڪرڻو پيو. هن سموري عرصي ۾ جيڪي ڪجهه سندس مشاهدي ۾ آيو ۽ جيڪي ڪجهه هن زندگيءَ جي خالص مطالعي ۽ تجربي مان حاصل ڪيو، تنهن جو نچوڙ ۽ مغز هُن ٻن ڪتابن_ ”معاهده عمراني“ (The Social Contract) ۽ ”ايميلي عرف تعليم“_ جي صورت ۾ دنيا جي اڳيان ٽن سالن جي لاڳيتيءَ محنت سان ساڳئي وقت لکي 1762ع ۾ پيش ڪيو.
هنن ٻنهي ڪتابن جو هڪٻئي سان نهايت گهرو تعلق ۽ واسطو آهي. ٻنهي ۾ جيڪي به اصول روسي ويهي بيان ڪيا ۽ پڙهايا آهن، تن جو بنياد انسان جي فطرتي مساوات، اخوت ۽ حريت تي بيٺل آهي: ٻنهي جي سموريءَ تبليغ جو واحد مقصد هيءُ آهي ته انهن بنيادي اصولن جو تحفظ عام تعليم و تدريس جي وسيلي ڪيو وڃي، ۽ انهن جو استعمال سماج جي هر صحيح قانون جو روح هئڻ گهرجي: ٻيءَ حالت ۾ تعيلم تعليم نه رهندي، بلڪ ان کي محض ظلم و استبداد ۽ جبر و تشدد جو هڪ اوزار سمجهيو ويندو.
هي ٻئي ڪتاب روسي جي قلم جا بهترين شاهڪار آهن. ارڙهينءَ صديءَ جي انقلابي دور جا هي ٻئي ڪتاب پيشرو ۽ پيغمبر هئا: شايد انهيءَ ئي سبب ڪري، تنهن زماني جي سماج هِنن ٻنهي ڪتابن کي ڪتب فروشن وٽ پهچڻ سان ئي باهه ۾ وجهي جلائي ڇڏڻ جي فتويٰ صادر ڪري ڇڏي. 1760ع ۾ ”ايميلي“ لکجي پورو ٿيو، ۽ 1762ع ۾ ”معاهده عمرانيءَ“ سان گڏ، هالنڊ (Holland) ۾، جڏهن ڇپجي پڌرو ٿيو. تڏهن فوراً ان کي فرينچ پارليامينٽ طرفان خلاف قانون ٺهرائي ضبط ڪيو ويو، ۽ پئرس ۾، سرڪاري طور ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عدالت گاهه (Palais de Justice) جي ڏاڪڻ هيٺان پڌري پٽ ساڙيو ويو: ساڳئي وقت هيءُ به اعلان ڪيو ويو ته ”فقط ڪتاب کي ساڙڻ ڪافي نه آهي، پر تنهن سان گڏ مصنف کي به جيئري جلائڻ گهرجي!“
فرينچ پارليامينٽ طرفان روسي کي آخر جلاوطن ڪيو ويو. فرانس کي خيرباد چئي. هيءُ مرد مجاهد سئٽزرلئنڊ ۾ پهتو، پر عدل ۽ انصاف، حق ۽ نيڪيءَ جي ازلي دشمنن هتي به سندس پيڇو ڪين ڇڏيو: نائين ڏينهن کان پوءِ هتي به .ايميليءَ“ کي سرڪاري طور برسر عام جلايو ويو. هن زماني جي حوالي لکندي روسو ٻڌائي ٿو، ”ساري يورپ ۾، منهنجي خلاف نفرت ۽ ملامت جو هڪ اهڙو دلخراش شور ۽ غوغا بلند ٿي ويو، جنهن جو مثال شايد مشڪل ملي. هر طرف کان مون کي ڪافر، دهريو، خونخوار، جانور، ڇتو بگهڙ، انسان دشمن درندو ۽ ٻين اهڙن ذلت آميز لقبن سان نوازيو ويو!“
اهڙيءَ طرح، جهالت ۽ تاريڪيءَ جي علمبردارن جي نفرت ۽ عدوات کان ڊڄندو، لڪندو ۽ ڀڄندو، هو آخر پرشيا (Prussia) جي هڪ آزاد خيال ۽ نيڪدل گورنر، لارڊ ڪيٿ (Keith)، وٽ اچي پناهه گزين ٿيو، جتي هن اڍائي سال ڪجهه قدر محفوظ ۽ سلامت گذاريا. اتفاقاً لارڊ ڪيٿ کي ڪنهن ٻئي صوبي ڏانهن تبديل ٿي وڃڻو پيو: فوراً ضلعي جي پادرين طرفان روسي تي ”عدو عيسيٰ“ (Antichrist) جي فتويٰ صادر ڪئي ويئي، مٿس ديولين جا دروازا بند ڪيا ويا، ۽ مختلف طريقن سان سندس برخلاف جاهل ۽ متعقد عوام کي ڀڙڪايو ويو: ٻاهر نرڪندو هو ته مٿس زالون، مڙس توڙي معصوم ٻارڙا ڀترن ۽ پٿرن جا وسڪارا ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا هئا؛ هڪ دفعي ته ماڳهين مٿس بندوق سامهين ڪئي ويئي. آخر ماهه سيپٽمبر 1765ع ۾، سندس مڪان تي رات جو حملو ڪرايو ويو، جنهن کيس اتان وري لڪي ڇپي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. پوءِ هو ٻيهر سئٽزرلئنڊ جي سرزمين ۾ داخل ٿيو: پر ڪٿان ٿو کيس ڪو آرام جا چار ڏينهن گهارڻ ڏئي! اُتان جي حڪومت طرفان ملڪ نيڪالي يا گرفتاريءَ جو حڪم ٻيهر ٻڌي، هو پنهنجو نالو نشان بدلائي، هڪ روپوش گنهگار وانگر، پئرس مان ٿيندو، مشهور انگريز تاريخ نويس ڊئوڊ هيوم (David Hume) وٽ انگلنڊ ۾ وڃي ڪجهه عرصو ٽڪيو. انگلنڊ ۾ به روسي کي چين ۽ آرام جون چار گهڙيون نصيب ڪين ٿيون. 1767ع جي مئي مهيني ۾، هو اتان موٽي فرانس ۾ آيو، جتي هڪ شڪار ٿيندڙ بيوس ۽ ڪمزور جانور وانگر، هو هڪ هنڌان ٻئي هنڌ، ٻئي هنڌان ٽئين هنڌ لڪندو، ڀڄندو رهيو. هن زماني ۾، سندس ذهني ڪيفيت جو اندازو هن مان لڳائي ٿو سگهجي ته هو جيڪڏهن ڪنهن دوست ڏانهن لڪ چوريءَ ۾ ڪو خط لکندو هو، ته پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي صحيح هيئن وجهندو هو: ”آءٌ آهيان اوهان جو معصوم_ روسو.“
آخرڪار کيس پئرس ۾ موٽي اچڻ جي رخصت ملي، جتي هن هڪ مسواڙي غريباڻي گهر ۾ پنهنجي لاثاني زندگيءَ جا آخري لمحا گذارڻ شروع ڪيا، اڃا آرام ۽ اطمينان جون ٻه گهڙيون ئي ڪين گذريس، ته مٿس سماجي جلادن ۽ جاسوسن وري اچي وارو وار شروع ڪئي. هڪ ٿڪل ٽٽل، بيڪس ۽ بيوس پکيءَ وانگر پاڻ کي محبوس ۽ مجبور سمجهي، هن هڪ ڪتاب لکڻ شروع ڪيو، جنهن جو نالو رکيائين ”روسي جي جين جئڪس کان اڏي پڇا“. هن ڪتاب ۾ هن پنهنجي شخصيت جي، نهايت نازڪ ۽ لطيف پيرايي ۾، هڪ بي خوف تورتڪ ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جڏهن ڪتاب لکي پورو ڪيائين، تڏهن انسانن جي اڳيان ان کي پيش ڪرڻ بدران، هن ارادو ڪيو ته عيسائي مذهب جي پئرس ۾ وڏي ۾ وڏيءَ ديول ناٽرڊم (Notre Dame) جي منبر تي وڃي، خدا جي سامهون عرض رکان سندس اُنهيءَ عمل مان فقط ٻه نتيجا ٿي نڪري سگهيا، يا ته هو انسانن جي هٿان انصاف پلئي پوڻ کان بنهه نااميد ٿي چڪو هو، يا ته وري سندس ڌيان پنهنجي بيڪسيءَ ۽ مظلوميت ڏانهن اِنهيءَ صورت ۾ ڇڪائڻ ٿي گهريائين. بهرحال ناٽرڊم جا دروازا به مٿس بند ڪيا ويا ۽ پنهنجي ان معصوم ترين ارادي تي به هو عمل ڪري ڪين سگهيو.
هن واقعي کان پوءِ، کيس ويتر يقين ٿي ويو ته دنيا ۽ سماج کيس فقط چيچلائڻ ٿي گهريو. انهيءَ يقين جي ماتحت هو لکي ٿو، ”فرانس ۾ شايد آءٌ ئي هڪڙو شخص آهيان، جنهن جو ايمان خدا ۾ آهي. هن زمين تي آءٌ تن تنها آهيان: نه منهنجو ڪو ڀاءُ آهي، نه وري ڪو دوست، نه منهنجو ڪو پاڙيسري آهي، نه وري ڪو سنگتي ساٿي؛ انسانن مون کي اڪيلو پري اڇلائي کڻي ڦٽو ڪيو آهي: منهنجي دل ۾ انسانن لاءِ ايتري خيرخواهي، ايتري همدردي، ايتري محبت!..... اُهي ئي ساڳيا مون جهڙا انسان وري مون کان ايترو متنفر، ايترو ٽهندڙ ۽ احنتراز ڪندڙ!..... ازل کان وٺي آءٌ اڪيلو آهيان، منهنجي پيرن هيٺان زمين ڪانهي، ۽ آءٌ هيٺ جهڪندو ٿو وڃان...... هڪ بدنصيب ۽ بيوس فاني انسان وانگر: پر ساڳئي وقت منهنجو آواز نيڪيءَ ۽ صداقت جو آواز آهي..... آءٌ خود خدا وانگر خاموش ۽ بي خوف، حق ۽ انصاف تي اڄ به پهاڙ وانگر قائم آهيان!“
20 مئي 1778ع ۾، تڏهن روسي کي زندگيءَ جا ڪي چند هفتا باقي هن فاني دنيا ۾ گذارڻا هئا، تڏهن کيس هڪ نيڪدل ۽ دولتمند شخصي ايم_ ڊي، جروڊن (M. de Girardin) نالي، پئرس جي غريباڻي جهوپڙيءَ مان وٺي، اتان ٿورو ئي پري، ٻهراڙيءَ ۾ پنهنجي هڪ عاليشان ۽ بهترين بنگلي ۾ وڃي رهايو، جتي هن حياتيءَ جون باقي گهڙيون نهايت مسرت ۽ اطمينان واريون گذاريون، ايتري قدر جو سندس صحت ۾ هڪ نمايان اصلاح ۽ بهتري نظر اچڻ لڳي: پر.......
”مرا در منزل جانان چه امن و عيش چون هردم
جرس فرياد مي دارد که بربنديد محملها!“
خميس ڏينهن صبح جو، 2 جولاءِ 1778ع تي، اجل جي داعيءَ آخرڪار اوچتو ئي اوچتو پنهنجي زماني جي هن دُرَيَڪتا کي سميٽڻ لاءِ سندس زندگيءَ جي دروازي تي اچي دستڪ ڏني، ۽ هن تارڪ الدنيا ۽ مصلح عالم، مجاهد مرد، سڏ تي خنده پيشانيءَ سان لبيڪ چئي، پنهنجو ساهه سندس سپرد ڪيو.
”اڳي پوءِ مران، مرُ مران مارڳ تي.
مٿي پوءِ پريان، خون منهنجو جيڏيون!“
فڪر و دانش جي اها پونجي، جنهن جي بنياد تي موجوده زماني جو هڪ تعليم يافته شخص پنهنجي سموري علم ۽ عقل جي عمارت جي تنظيم ۽ تعمير ڪري ٿو، سا ههڙيءَ طرح سندس ورثي ۾ اچڻ کان صدها سال اڳ ان زماني جي چند باغي انسانن جي ئي عرق ريزيءَ ۽ دماغ سوزيءَ جي پيداوار آهي، ۽ جنهن کي پيدا ڪرڻ ۽ محفوظ رکڻ ۾ انهن باغي انسانن کي نه معلوم پنهنجي پنهنجي سماج سان پنهنجي جسم ۽ جان جون ڪيتريون دلگداز بازيون لڳائڻيون پيون هونديون!
مرڻ وقت روسي کي شايد هي محسوس ڪري دک ٿيو هجي ته هڪ فراموش شده انسان وانگر ايڏيءَ ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ هو هن دنيا کي الوداع چئي رهيو هو، پر اها خبر ئي کيس ڪانه هئي ته هو نه فقط پنهنجي همعصير دور تي بلڪ، ته ان ئي وڌيڪ، مستقبل تي هڪ لازوال فتح پائي چڪو هو. 1770ع کان 1778ع تائين خود سندس حياتيءَ ۾ ئي سندس جملي تصنيفات جا ڇهه ڇاپا ظاهر ٿي چڪا هئا. 1780ع کان وٺي فرانس جي ماڻهن، پنهنجن بادشاهن، راڻين ۽ شهزادن سميت، هن ”مجذوب مفڪر“ جي قبر جون زيارتون ڪرڻ شروع ڪيون. اُهي سڀئي نوجوان عالم ۽ مجاهد، جي اڳتي هلي، 1789ع ۾ ۽ تنهن کان پوءِ، فرينچ انقلاب جا رهنما بنجڻا هئا، هڪٻئي سان هزارن اختلافن هوندي به، روسي جا ساڳيا ئي گرمجوش معتقد ۽ مريد هئا. 7 مئي، 1794ع تي، فرينچ انقلابين طرفان فرينچ پارليامينٽ ۾ روسي کي ”بني نوع انسان جو استاد“ ۽ انقلاب جو پهريون داعي سڏيو ويو. جرمن فيلسوف ’ڪئنٽ‘ جڏهن ”ايميلي“ پڙهيو تڏهن سندس زبان مان بي ساخته هي لفظ نڪتا: ”ڪو وقت هو جڏهن آءٌ فخر سان ائين چوندو ڦرندو هوس ته انسان جو امتياز ۽ احترام سندس علم تي ئي منحصر آهي، ۽ ائين چئي آءٌ بي علم انسانن ڏانهن نفرت سان ڏسندو رهندو هوس. روسو ئي هو، جنهن منهنجي اکين تان اونداهيءَ جي هيءَ پٽي کولي؛ علم جي نمائشي برتريءَ کي هڪ پاسي رکي، هڪ انسان جي سندس خالص انسان هئڻ جي بنا تي عزت ڪرڻ آءٌ فقط روسي کان ئي سکيس.“ 100 سال پوءِ روس جو مشهور فيلسوف ٽالسٽاءِ (Tolstoy: 1828ع_ 1910ع)، جنهن جو مريد پاڻ کي چوائي مهاتما گانڌي (1869ع _ 1948ع) خوشي ۽ فخر محسوس ڪندو هو، تنهن تي روسي جي تعليم ايترو ته اثر وڌو، جو هو پنهنجي جوانيءَ جي زماني ۾ روسي جو لاڪيٽ تائٿ طور پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهيو پيو گهمندو هو، ۽ هميشه سندس زبان تي هي لفظ هوندا هئا ته ”روسي جا ڪتاب ايترو ته منهنجي دل کي وڻن ٿا، جو جڏهن انهن کي پڙهڻ ٿو ويهان تڏهن ائين ٿو محسوس ڪيان، ڄڻ اُهي مون پاڻ ويهي لکيا آهن.“ حقيقت به اها آهي: ٽالسٽاءِ جا سمورا ڪتاب ائين آهن، ڄڻ اُهي روسي جي ڪتابن جا نوان ۽ تازا نسخا آهن، ۽ انهيءَ ڪري ئي ٽالسٽاءِ کي ”جديد زماني جو روسو“ سڏيو ويو آهي. موجوده زماني جي جديد تعليم جا سمورا نظريا ۽ اصول، روسي جي ”ايميليءَ“ مان ئي اخذ ٿيل آهن. سندس جنم ڀومي جينيوا شهر ۾، جيڪو نئينءَ تعليم جو مشهور معروف ادارو آهي، سو اڄ روسي جي ئي نالي سان منسوب آهي.
”ايميليءَ“ جي باري ۾ لارڊ مارلي (Morley) جو هيءَ رايو آهي: ”علم ادب جي تاريخ ۾، هي ڪتاب تاقيامت زنده رهندو. اهڙن ڪتابن جي اهميت ۽ وقعت نه فقط سندن هر هڪ صفحي ۽ هر هڪ باب ۾ موجود آهي، پر سندن اصلي قيمت ۽ قدر صحيح طور فقط تڏهن ڪٿي سگهجي ٿو، جڏهن انهن کي اول تا آخر پڙهجي، سمجهجي ۽ پروڙجي. هن ڪتاب انساني اخلاق جي بنيادن کي مضبوط ڪيو؛ مائٽن کي سندن فرض ادائيءَ ۽ ان جي اهميت سان روشناس ڪيو؛ رسوماتي ۽ مروج غلط خيالن جي بنيادن کي ڪاري ضرب لڳائي، معصوم ٻارڙن جي زندگيءَ ۾، گهرو چؤديواريءَ اندر توڙي اسڪولن جي تنگ ۽ تاريڪ ڪوٺڙين ۾، تازين هوائن جون هيرون ۽ روشنيءَ جا سيلاب آندا؛ تعليمي عمل ۾ غلاميءَ، بندش ۽ هٺ ڌرمي عيوض آزاديءَ، هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين نيڪيءَ، سادگيءَ، خودداريءَ ۽ انسانيت جون لهرين مٿان لهريون پيدا ڪيون ۽ ڦهلايون؛ ۽ والدين جي سڪ ۽ ٻاجهه جي جذبن کي لوڏيو، جاڳايو ۽ جنبش ۾ آندو، ته جيئن هو پنهنجن گلن جهڙن معصومن جي نازڪ زندگين کي جيئن پوءِ تيئن زياده خوشيءَ، زياده تازگيءَ ۽ زياده محبت جا پاڻي ڏيندا رهن. هيءُ ڪتاب معصوم ٻارڙن لاءِ گويا آزاديءَ ۽ شادمانيءَ جو هڪ صحيفو يا فرمان هو.“
ٻئي هڪ تعليمي ماهر، بيگم فريڊريڪا مئڪڊونالڊ (Mrs. Frederika MacDonald) جو چوڻ آهي ته ”روسي هن ڪتاب جي وسيلي ٻار جي حقن جو اعلان ڪيو، ۽ انهن قديم تعليمي سرشتن کي ختم ڪري ڇڏيو، جن ۾ ائين سمجهيو ويندو هو ته ٻار فطرتاً هڪ شرارتي جيوُ آهي. پيسٽالازي توڙ فروبيل کان به اڳ روسي اسان جي جديد تعليم جا بنياد وڌا، ۽ سڌريل دنيا کي ان غلط رويي ۽ عمل تي ننديو ۽ پشيمان ٿيڻ جو موقعو ڏنو، جنهن ماتحت انسان جي زندگيءَ جي ابتدائي زماني جون سموريون خوشيون ختم ڪيون وينديون هيون. معصوميت جا مڙيئي امنگ ۽ جذبا گهٽيا ۽ چيڀاٽيا ويندا هئا، ۽ ٻارڙن جي نازڪ ۽ صغير اُميدن ۽ خواهشن جون مکڙيون کلي گل ٿيڻ کان اڳ ئي پٽجي ۽ مروڙجي واوکر ٿي وينديون هيون.“
روسي ”ايميليءَ“ کي پنهنجو ”آخرين بهترين“ شاهڪار ڪري سڏيو آهي_ هڪ اهڙو شاهڪار، جنهن جي پيش ڪرڻ سان ”مون اهي سڀ ٿورا لاٿا ۽ احسان چڪايا آهن، جيڪي انساني برادريءَ، مون کي جنم ڏيئي، منهنجي پرورش ڪري، ۽ هيتري وقت تائين منهنجي زندگيءَ جي ضرورتن پوري ڪرڻ ۾ مون کي مدد ڏيئي، مون تي پئي ڪيا آهن.“
ان زماني جي ماڻهن جا ”ايميليءَ“ جي باري ۾ ڪهڙا رايا هئا، سي روسو هيٺينءَ ريت بيان ٿو ڪري؛ ”مون کي ڪوبه ٻيو اهڙو ڪتاب ڪونه سجهي، جنهن کي ماڻهن پنهنجي منهن مخفي طرح ايترو ساراهيو هجي، پر نه معلوم ڪهڙي ڳالهه آهي جو جڏهن ’ايميليءَ‘ جي باري ۾ راءِ زني ڪرڻ جو ظاهر ظهور ٻين جي اڳيان ڪنهن کي موقعو ٿو ملي، ته يا ته سندس زبان تي مهرون لڳي ٿيون وڃن، يا ته ان جي گلا ۾ سندن زبان مرڳو آپي کان ئي ٻاهر نڪريو وڃي! ڏسڻا وائسڻا ماڻهو هن عجيب منافقيءَ ۾ مون گرفتار ڏٺا. مئڊيم ڊي بفلرس (Madame de Boufflers) مون ڏانهن خط ۾ لکيو، ’ايميليءَ جي مصنف جو مجمسو تعمير ڪرڻ گهرجي، هو بني نوع انسان طرفان حقيقي عزت ۽ احترام جو حقدار آهي_ هيءُ خط مون ڏانهن ورندڙ ٽپال ۾ موٽائي موڪلي ڇڏيندا!...... ڇو؟ ان جو جواب مون کان نه پڇندا!‘ ڊي آليمبرٽ (D. Alembert) خط ۾ لکيم، ’”ايميلي“ اوهان جي واقعي بهترين ۽ اعليٰ تصنيف آهي، ۽ هيءُ ڪتاب اوهان کي واقعي دنيا جي اديبن جو سرتاج ثابت ٿو ڪري‘_ پر مون کي هي ڏسي عجب وٺي ويو ته هن صاحب ان خط تي پنهنجي رڳو صحيح به ڪانه وڌي هئي، جيتوڻيڪ هو پنهنجي هر هڪ خط ۾ هميشه صحيح وجهڻ جو عادي هو! ايم_ ڊي بليئر (M.D. Blaire) کي جڏهن ’ايميلي‘ پڙهي ٻڌايو ويو، تڏهن هن صاحب هڪ عجيب جوش ۽ جذبي ماتحت هڪدم وراڻيو، ’هيءُ هڪ بهترين ۽ بي مثال ڪتاب آهي، پر افسوس جو هن مان جلدئي اهي ڳاليهون پيدا ٿينديون جيڪي سندس مصنف لاءِ هرگز چڱيون ثابت نه ٿينديون.‘“
انساني تاريخ هميشه هيءَ ڳالهه ثابت پئي ڪئي آهي ته جڏهن ڪوڙ، تخت تاج جو وارث ۽ طاقت ۽ اقتدار جو مالڪ بنجي، سماج ۾ ظاهر ٿيندو آهي، تڏهن سچ ويچارو پنهنجي وجود کي مخفي رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ورنه ته کيس يا ڦاسيءَ جي تختن تي لٽڪڻو پوندو آهي يا قيد و بند جي اونداهين چوديوارين اندر پنهنجي زندگيءَ جا آخرين لمحا ڪاٽڻا پوندا آهن. ان حالت ۾ ميدان خالي ڏسي، ڪوڙ پاڻ کي سچ ڪري مشهور ڪرائڻ ۽ مڇارائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي؛ ۽ ڇاڪاڻ ته ڪوڙ کي ذاتي طرح زنده رهڻ ۽ مقبول عام ٿيڻ جي ڪا صلاحيت نه آهي، تنهنڪري هو پنهنجي وجود کي محض جبر ۽ تشدد جي وسيلي ئي محفوظ رکڻ ممڪن ڄاڻندو آهي. انهيءَ صورتحال ۾، ڪوڙ جي هٿان هيسايل ۽ آزاريل انسان، عام طرح ظاهري طور، ڪوڙ جي بيعت ۽ فرمانبرداريءَ جو دم ڀريندا رهندا آهن، پر ڇاڪاڻ ته انسان جي فطرت کان هيءَ ڳالهه بعيد آهي ته هو ڪوڙ کي سچ تسليم ڪري، سواءِ انهن جي جيڪي ڪوڙ جي نفعي تي تڳن ٿا، تنهنڪري عام انسان پنهنجي منهن ۽ مخفي طرح، ڪوڙ کي ڪوڙ ۽ سچ کي سچ سمجهندا، محسوس ڪندا ۽ ظاهر ڪندا ايندا آهن. ظاهري طرح ڪوڙ جي مدح گوئي ۽ مخفي طرح سچ جو اعتراف. هيءَ آهي اها عام منافقي جيڪا جڏهن ڪنهن سماج ۾ چوڌاري پکڙجي ۽ ڦهلجي ويندي آهي، تڏهن ايئن سمجهجي ته اهو سماج هڪ نئين انقلاب لاءِ تيار ۽ منتظر آهي، جنهن ۾ ڪوڙ جي تخت تاج جو تاراج ۽ برباد ٿيڻ ۽ طاقت و اقتدار جو ملياميٽ ٿي وڃڻ هڪ يقيني امر آهي. روسي جي زماني ۾ پڻ هڪ اهڙي ئي قسم جو سماج وجود ۾ هو، جنهن جي عنقريب تخريب جو چتاءُ ۽ ان جي جاءِ تي هڪ نئين ۽ بهتر سماج جي تعمير جي خوشخبري هن پنهنجي ڪتاب .ايميليءَ“ ۾ پنهنجي همعصر انسانن جي گوشگذار ڪئي. روسي جي مرڻ کان فقط يارهن ورهيه پوءِ سندس اُنهيءَ چتاءَ ۽ سندس انهيءَ خوشخبريءَ جي عملي صورت جو مشاهدو فرانس جي ماڻهن پنهنجي اکئين پاڻ ڪيو ۽ روسي جي روح کي دعائون موڪليون!

”ايميليءَ“ جي مهاڳ ۾ روسو ٻڌائي ٿو ته ”ڪنهن به خاص طريقي ڪار کي سمجهڻ لاءِ ٻن ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي. پهريون ته اهو طريقو بذات خود صحيح آهي يا نه، ۽ ٻيو ته ان تي عمل ڪري سگهجي ٿو يا نه؟ پهرينءَ ڳالهه جي فيصلي ڪرڻ لاءِ هيءُ ڪافي آهي ته ڏسجي ته اهو طريقو فطرت جي عين مطابق آهي يا ان جي برعڪس فطرت جي قانونن ۽ تقاضائن جي بغاوت ۽ خلاف ورزيءَ تي مبني آهي؟ ٻيءَ ڳالهه جو فيصلو حالتن تي مدار ٿو رکي؛ مثلاً هڪ قسم جو طريقو فرانس ۾ ڪامياب ٿيندو پر سئٽزرلئنڊ ۾ شايد نه به ٿئي. هاڻي ڪامياب ٿيندو، پر 100 سالن کان پوءِ شايد نه به ٿئي، وغيره وغيره. مون جيڪو تعليم جو طريقو ’ايميليءَ‘ ۾ بيان ڪيو ۽ سمجهايو آهي. تنهن ۾ مون اهڙين مختلف حالتن کي خيال ۾ رکيو آهي . مون فقط عام انساني فطرت جي قانون ۽ تقاضا کي خيال ۾ رکي. پنهنجو طريقو مرتب ڪيو آهي، ۽ منهنجي دعويٰ به اها آهي ته ان ۾، ڪنهن به وقتي ۽ ملڪي مصلحتن ۽ ضرورتن کي خيال ۾ نه آڻي، مون فقط اهي اصول ٻڌايا آهن، جيڪي عام انسانن لاءِ هر هنڌ ۽ هر حالت ۾ يڪسان مفيد ۽ ڪا آرمد ثابت ٿي سگهن ٿا.“
آخر ۾، روسي ته ڪن تعليمي ماهرن طرفان جيڪي عام اعتراض ڪيا ويندا آهن انهن جي باري ۾ ٻه_ چار لفظ لکڻ ضروري ٿو ڄاڻان.
پهريون اعتراض هيءُ آهي ته روسي جي طريقي تعليم ۾ امڪان هيءُ آهي ته ٻار جي عمر جا پهريان 12 ورهيه فضول ٺينگ ٽپي ۾ ضايع ٿي وڃن. ان سلسلي ۾ روسي جو تعليمي اصول حقيقتاَ هيءُ آهي:
’12ورهين جي عمر تائين ٻار کي ٻار سمجهي، ۽ کيس سماجي قانونن ۽ بندشن جي غلاميءَ سيکارڻ بدران فقط فطرت جي قانونن جي پابنديءَ تي هيرائجي. يعني فقط سندس بدن، عضون، حواسن ۽ قوت کي مشق ڏيندو رهجي. ته جيئن سندس ذهن کي نصابي يا امتحاني تعليم جي ڪمهلي ۽ اڻ وڻندڙ بار ۽ بوجي کڻن بدران، فطرتي گهرجن مطابق اڀرڻ ۽ اسرڻ لاءِ خاطر خواهه موقعو ۽ فرصت ملي وڃي.‘
جيتوڻيڪ اعتراض جو جواب خود انهيءَ اصول ۾ اڳ ئي موجود آهي، تنهن هوندي به ان مزيد جواب روسو پاڻ هنن لفظن ۾ ٿو ڏئي: ”اوهان کي ڊپ ٿو وٺي ته هو (ٻار) پنهنجي اوائلي عمر بيڪار ۽ نڪمي گذريندو؟ ڇا خوش گذارڻ بيڪاري آهي؟ ڇا، ڊوڙڻ ڊڪڻ، ٽپڻ ڪڏڻ، کلڻ خوش ٿيڻ بيڪاري آهي؟ آءُ ته چوندس ته هو آئنده سڄيءَ عمر ۾ ايترو مشغول وري ڪڏهن به ڪين گذاريندو! خود افلاطون به کيل تماشي، راند روند، راڳ روپ ۽ ٻين اهڙين وندر وارين مشغولين دوران ئي ٻارن کي تعليم ڏيڻ لازمي ٺهرائي آهي، ۽ سندس نظر ۾ تعليم جو بنيادي مقصد ڄڻ پورو ٿي ويو جڏهن ٻارن کي اها ڳالهه سيکاري ويئي ته هو خوش ڪيئن گذارين ! اوهان مون کي 12 سالن جو ٻار آڻي ڏيو. جنهن کي ڪجهه به نه ايندو هجي. پندرهن سالن جي عمر ۾ آءُ کيس موٽائي اوهان جي حوالي ڪندس. اوهين ڏسندا ته هن کي ڪم از ڪم اهو سڀڪجهه اچي ٿو. جو اوهان پنهنجي شاگرد کي ٻالڪپڻي کان وٺي ’سيکاريو‘ آهي. فرق فقط اوها کي هيءُ ڏسڻ ۾ ايندو ته اوهان جو شاگرد جيڪي ڄاڻي ٿو سو رڳو طوطي وانگر بر زبان ياد آهي، ۽ منهنجو شاگرد جيڪي ڄاڻي ٿو تنهن کي زندگيءَ ۾ استعمال ڪرڻ به کيس اچي ٿو.“
ٻيو اعتراض جو عام طرح روسي جي ڏسيل تعليمي طريقي تي ڪيو ويو آهي، سو هيءُ آهي ته هو ٻار جي تعليم فقط قدرت يا فطرت (Nature) تي ڇڏي ٿو ڏئي، جنهن جو نتيجو ممڪن آهي ته فقط هيءُ نڪري ته ٻار هڪ وحشي يا ، گهڻي ۾ گهڻو، هڪ خودپرست ۽ خودپسند انسان بنجي پوي.هن اعتراض جي باري ۾ جيتوڻيڪ فقط هيءُ چوڻ ڪافي ٿيندو ته روسو ٻار جي تعليم فطرت تي ڇڏي ڏيڻ هرگز نٿو چاهي، پر سندس تعليم ۾ فطرت جي فقط رهنمائي لازمي ٿو ٺهرائي، تنهن هوندي به ضروري ٿو ڄاڻان ته روسي جا ان باري ۾ مفصل خيال هتي پيش ڪري ڇڏيان.
”ايميليءَ“ جي شروعات روسو اجهو هيئن ٿو ڪري:
”خداوند تعاليٰ سڀني شين کي نيڪ ۽ نيڪيءَ ڏانهن مائل ٿو پيدا ڪري. انسان انهن ۾ دست اندازي ڪري کين خراب ۽ خرابيءَ ڏانهن مائل بنائي ٿو ڇڏي. هڪڙيءَ زمين جي پيدائش هو ٻيءَ زمين مان زوريءَ اپائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. هڪڙي وڻ جو ميوو هو ٻئي وڻ مان حاصل ڪرڻ ٿو چاهي. وقت، جاءِ قدرتي حالتن کي هو موڙي ۽ مروڙي، انهن ۾ فضول بکييڙو ۽ انتشار پيدا ڪري ٿو ڦٽي ڪري. هو پنهنجي دروازي جي ڪتي، سواريءَ جي گهوڙي ۽ خدمت گذار غلام جي فطرت کي پنهنجي فائدي خاطر اهڙيءَ طرح ته بيڪار ۽ معطل ڪري ٿو ڇڏي. جو سندن سڃاڻپ ئي مشڪل ٿيو پوي، هر ڪنهن چيز کي هو بدتهذيب ۽ بدشڪل بنائي برباد ڪرڻ پٺيان لڳل رهي ٿو ؛ کيس ڪابه چيز پنهنجي اصول ڪيءَ صورت ۽ فطري حالت ۾ نٿي پسند پوي؛ خود پاڻ جهڙي هڪ انسان کان به سندس فطرت جا خزانا ۽ جوهر ڦري. کيس پنهنجي سواريءَ واري گهوڙي وانگر هو خاص قسم جا پنڌ سيکارڻ گهري ٿو. ۽ پنهنجي باغ جي وڻن وانگر سندس شڪل شبيهه جي ، پنهنجيءَ مرضيءَ موجب، هو از سر نو تعمير ۽ تشڪيل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳو رهي ٿو.
”باوجود انهيءَ جي، هيءَ حقيقي آهي ته اِنهيءَ تعليم ۽ سکيا کان سواءِ حالتون تنهان ئي وڌيڪ بدتر ۽ حوصله شڪن ٿي پونديون ۽ مهذب انسان اِنهيءَ باهمي تعليم کان سواءِ پنهنجي موجوده مقام تي هڪ پل به قائم رهي نه سگهندو. موجوده حالتن ۾ هڪ شخص کي ڄمڻ کان وٺي جيڪڏهن پنهنجي حال ۾ آزاد ۽ ڇڙواڳ ڇڏي ڏجي. ته هو يقيناَ ٻين سڀني کان زياده وحشي درندو ٿي پوندو. ذهن جون مصنوعي خود فريبيون، ٻين جي خيالن جي تقليد ۽ خوش اعتقادي، حيواني ضرورتن جو دٻاءُ، روزمره پيش ايندڙ قابل نفرت مثال ۽ اهڙيون ٻيون سماجي حالتون، جي هونئن به اسان تي هر گهڙيءَ اثر انداز ٿينديون رهن ٿيون، تن جي ماتحت کانئس پنهنجي ذاتي فطرت جي نعمت به هٿان ڇٽي ويندي، ۽ ان جي جاءِ تي کيس ٻيو ڪجهه به مفيد قابل تعريف خزانو ميسر نه ايندو ۽ سندس فطرت هڪ انهيءَ نازڪ سلي وانگر وڃي رهندي. جو آمدرفت جي هڪ عام رستي جي وچ ۾ اتفاقاَ ڦٽي پيو آهي، جنهن کي سڀڪو ايندو ويندو هيڏانهن هوڏانهن پيو ٿيلهي ۽ ٿڏي، تان جو هو ڪنهن نه ڪنهن جي پيرن هيٺان لتاڙي جي، آخر مرڳوئي ختم ٿي وڃي!
”اي، نازڪ ۽ معصوم ٻالڪ جي رحمدل ۽ ساهه صدقي ڪندڙ ماءُ! آءُ توکي واسطو ٿو ڏيان تنهنجي محبت جو؛ تون پنهنجي انهيءَ نازڪ انگور کي انهيءَ عام رستي تان هڪ پاسي ڪر سگهين تي، ۽ ان کي سماجي رسم رواج جي تباهه ڪن چڀاٽ کان محفوظ رکي سگهين ٿي: ان کي تون پنهنجي ساهه سان سنڀال ۽ پنهنجي خالص محبت جا پاڻي ڏي: هڪ ڏينهن توکي هو اُهي رس ڀريا ميوا کارائيندو. جو هيڪر تنهنجا سڀ ڏک ڏولاوا ڏور ٿي ويندا: هاڻي ئي تون هن جي چوڌاري پنهنجي مهر ۽ شفقت جي عالم پناهه ڏيئي ڇڏ: آءُ ٿو توکي ترتيب ڏيکاريان، پر ان کي عملي صورت تون ۽ فقط تون ئي ڏيئي ٿي سگهين.
”جيئن فصل کي زراعت رستي اپائي سگهجي ٿو، تيئن انسان کي تعليم رستي سڌاري ٿو سگهي. جيڪڏهن ڪو شخص شروع ۾ ئي قداور ۽ قوي ڄمي پوي، ته سندس قد ۽ سندس قوت کيس ڪهڙي ڪم جا ٿيندا. جي کيس انهن جي استعمال جو هنر حاصل نه هوندو ؟ اِهي ته پاڻ کيس نقصان ۾ وجهندا، ڇاڪاڻ ته سندس ڊگهو قد ۽ پوري قوت ڏسي. ڪوبه کيس ڪنهن قسم جي مدد ۽ دستگيريءَ جو محتاج ڪيئن ڀائيندو، ۽ هو پاڻ، ڳالهائڻ جي هنر کان محروم ۽ ڳالهائڻ معرفت جيڪي به خيال ظاهر ٿا ڪجن تن کان بنهه بي خبر هئڻ سبب، ڪنهن ٻئي تي پنهنجي محتاجي ظاهر به ڪري ڪين سگهندو؛ نتيجو هيءُ نڪرندو ته کيس پنهنجي ضرورتن جو احساس ۽ گهرجن جو پورو علم ئي اڃا حاصل ڪين ٿيندو ته هو ان پنهنجي ڊگهي قد ۽ ضرورت کان زياده قوت سميت وڃي قبر حوالي ٿيندو! اسين هڪ صغير ٻالڪ جي ڪمزوريءَ ۽ بيچارگيءَ تي پنهنجو افسوس ٿا ظاهر ڪيون. پر اسين هيءُ نٿا ڄاڻون ته جيڪڏهن انسان جو جنم اهڙيءَ طرح هڪ صغير ٻالڪ جي صورت ۾ ايامن کان وٺي نه ٿيندو اچي ها، ته هوند انسان ذات گهڻو گهڻو اڳي نيست ونابود ٿي چڪي ها.
”اسين ضعيف ۽ ڪمزور ڄمون ٿا، اسان کي زور ۽ طاقت جو احتياج آهي؛ بيڪس ۽ بيچارا پيدا ٿيون ٿا، مدد دستگيريءَ جي اسان کي گهرج ٿي ٿئي ؛ بي سمجهه ۽ بي عقل ٿي دنيا ۾ پير ٿا پايون، عقل ۽ سمجهه جي اسان کي درڪار محسوس ٿي ٿئي. ڄمڻ وقت جن چيزن کان اسين هٿين خالي آهيون. انساني جامي پهرڻ وقت جن شين جو اسان کي احتياج آهي، اهي ئي شيون. اُهي ئي چيزون، اسان کي اسان جي تعليم معرفت بطور تحفي جي عطا ٿين ٿيون.
”اها تعليم اسان کي قدرت يا فطرت (Nature) هٿان، انسانن (Men) هٿان ۽ طبعي شين (Things) هٿان پلئي پوي ٿي. اسان جي عضون ۽ اسان جي صلاحيتن جو اندروني اڀرڻ ۽ اُسرڻ_هيءُ آهي فطرت جي تعليم جي ڪارروائي؛ پنهنجي عضون ۽ صلاحيتن جي هن تدريجي واڌ جي استعمال جو هنر ۽ انهن مان فائدن حاصل ڪرڻ جي ترتيب_ هيءُ آهي انسانن جي تعليم جو نتيجو : پنهنجي طبعي ماحول سان لهه وچڙ ۾ اچڻ ڪري، شخصي تجربي دوران، جيڪي ڪجهه پرايون ٿا_ هيءَ آهي طبعي شين جي تعليم جي ڪارگذاري.
”اهڙيءَ طرح اسان مان هر هڪ گويا ٽن استادن جي هٿ تي علم ٿو سکي. هاڻي جيڪڏهن هنن ٽنهي استادن جي تعليم جو هڪٻئي سان ٽڪر ۽ مقابلو ٿي ٿو پوي، ته ويچاري شاگرد جي تعليم ناساز ۽ ناقص ٿي پوي ٿي. ۽ پوءِ هر غريب ڪڏهن به رڳو پنهنجو پاڻ سان به همشريڪ ۽ همصلاح نٿو رهي ؛ پر جيڪڏهن انهن ٽنهي استادن جي تعليم ۾ وحدانيت ۽ هم آهنگي واقع ٿيو ٿي وڃي، ته پوءِ اسان جو شاگرد سڌو پنهنجي منزل مقصود تي وڃي ٿو رسي؛ هن جي شخصيت ۾ يڪ وجودي ۽ تنظيم پيدا ٿي ٿئي. ۽ پوءِ هو هڪ صحيح تعليم يافته انسان سمجهڻ ۽ سڏجڻ ۾ ايندو آهي.
”هاڻي، تعليمي عمل ۾ جن ٽن استادن جو هٿ آهي، تن مان فطرت جو استاد ته اسان جي بنهه وس کان ٻاهر آهي. مٿس اسان جو ڪوبه حڪم هلي نٿو سگهي: طبعي شيون به اسان جي مڪمل قبضي ۾ نه آهن: انسانن جي تعلم ئي آهي، جا اسان جي پنهنجي هٿ وس آهي ؛ پر هن دائري ۾ به اسان جي سموري طاقت محض خيالي ۽ وهمي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪير آهي، جو انهن سڀني انسانن جي هر هڪ گفتي ۽ هر هڪ عمل کي پنهنجي هٿ وس رکڻ جي اميد رکي سگهي ٿو، جن سان ٻار کي پنهنجي روزمره جي زندگيءَ ۾، ڄمڻ جي گهڙيءَ کان وٺي، سنڌيءَ يا اڻ سنڌيءَ طرح ، واسطي ۽ لاڳاپي ۾ اچڻو ٿو پوي!
”تعليم کي جيڪڏهن هڪ فن يا هنر جي حيثيت ۾ خيال ۾ ٿو آڻجي ته پوءِ ڏسڻ ۾ هيئن ٿو اچي ته ان ۾ ڪاميابيءَ جو حاصل ٿيڻ قريب قريب هڪ ناممڪن امر آهي. ڇاڪاڻ ته ڪاميابيءَ جا جيڪي لازمي شرط آهن، سي اسان جي وس کان ٻاهر آهن؛ اسان جي ڪوشش ۽ اسان جي محنت ئي اسان کي پنهنجو مقصد اکئين ڏيکاري سگهن ٿيون. پر جيڪڏهن ان مقصد کي رسڻو ۽ اسان جي غريباڻي غوراب کي ساحل تي پهچڻو آهي، ته پوءِ اسان کي ضرور ڪنهن اتفاقي سڻائي واءَ لاءِ ترسڻو ۽ انتظار ڪڍڻو پوندو.“
”اسان جو اهو ساحل ڪٿي آهي؟ اسان جو اهو مقصد ڪهڙو آهي؟ اهوئي جيڪو اسان جي فطرت اسان جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي_يعني صحيح ۽ صالح انسان بنجڻ. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هيءُ اشد ضروري آهي ته تعليم جا مٿي بيان ڪيل ٽيئي وسيلا همراءِ ۽ هم آهنگ رهي ڪري. اسان جي تعليم جي تڪميل ڪن. تنهنڪري اهي ٻه وسيلا. يعني طبعي شيون ۽ انسان، جيڪي ڪجهه قدر اسان جي هٿ وس آهن، تن کي ضرور ٽئين استاد، جو اسان جي وس کان بنهه ٻاهر آهي، يعني فطرت جي استاد جي ئي رهنمائيءَ ۾ ڪم ڪرڻو آهي ۽ ان جي ئي پيرويءَ ۽ فرمانبرداريءَ ۾ پنهنجا اثر ۽ نتيجا ظاهر ڪرڻا آهن.“
”آءُ سمجهان ٿو ته روسي جي ايتريءَ مفصل ۽ واضح تشريح کان پوءِ مٿس اهو اعتراض ته سندس تعليم جي طريقي ۾ امڪان هن ڳالهه جو آهي ته ٻالڪ هڪ وحشي يا زياده ۾ زياده هڪ خود پرست ۽ خودپسند انسان بنجي پوي، ڪنهن به طرح هڪ معقول اعتراض نٿو رهي سگهي: ٻيءَ حالت ۾ محض اڻ ڄاڻائيءَ يا غلط فهميءَ کي انهيءَ اعتراض جو سبب سمجهڻو پوندو. ڏسڻ ۾ ايئن ٿو اچي ته خود روسي کي به پنهنجي طريقي تعليم تي خاص انهيءَ اعتراض جي پيدا ٿيڻ جو انديشو هو. تنهنڪري اهڙيءَ غلط فهميءَ جو ڪو امڪان ئي مرڳو پيدا نه ٿئي تنهن لا ءِ هن ”ايميليءَ“ ۾ ، اڳتي هلي، هيٺين لفظن ۾ پنهنجي خيال جي هڪ فيصله ڪن سمجهاڻي پيش ڪئي آهي:
”جڏهن آءُ ايميليءَ کي هڪ اهڙي انسان بنجڻ جي تربيت ڏيڻ ٿو چاهيان جو عين فطرت جي منشا مطابق هجي. تڏهن منهنجي هرگز اها مرضي ڪانهي ته آءُ کيس محض هڪ وحشي بنائي. موٽائي هڪ جهنگلي زندگي گذارڻ لاءِ آماده ڪريان ؛ برعڪس ان جي منهنجو مقصد ته فقط هيءُ آهي ته هو سماج ۾ رهي ڪري، ۽ سماجي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ضرورت آهر بهرو وٺندي به، ٻين ماڻهن جي شخصي حرص هوس ۽ پاروٿن خيالن ۽ عقيدن جو شڪار بنجڻ کان پاڻ کي محفوظ ۽ سلامت رکي سگهي: پنهنجا ڪن ۽ اکيون کولي هلي، ۽ جيڪي ڪي ڏسي وائسي، تنهن کي ضروري غور ۽ فڪر ڪرڻ کان پوءِ ئي قبول ڪري ؛ پنهنجي دل کي هڪ احساس رکندڙ دل بنائي ؛ ۽ خالص عقل کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به شيءَ جو قبضو ۽ غلبو پنهنجي دماغ مٿان قائم ۽ مسلط ٿيڻ نه ڏئي.“
هيءَ هڪ ناقابل انڪار حقيقت آهي _ ۽ تعليم جي مڙني ماهرن ان کي هميشه تسليم پئي ڪيو آهي_ ته روسو ئي هو، جنهن تعليم جي دنيا ۾ بنيادي طرح هڪ نئين قدر، هڪ نئين زاويي ۽ هڪ نئين نظريي جو آغاز ڪيو: جديد تعليم جي سموري جدت ۽ سموري تازگي روسي جي ئي رهين منت آهي.
”برو هو ڀنڀور، جو آرياڻيءَ اجاريو،
ڇوريون ڇُرڻ سکيون، پنهون ڪيائون پور،
آيو سو اَتور، جنهن ڏکيون ڏِکَ وهاريون!“
دنيا جي ههڙيءَ عظيم المرتبت شخصيت جي هڪ بهترين ۽ تاريخي شاهڪار جي چونڊ ۽ ان جي اختصار جو هيءُ نازڪ ۽ نفاست طلب ڪم. پنهنجي مڙني اوڻاين ۽ ڪمال ڪم مايگيءَ جي احساس رکڻ هوندي به، جو مون هٿ ۾ کنيو، سو فقط پنهنجن عزيز شاگردن جي بار بار تقاضا ۽ فرمائش تي، ۽ منجهن علم لاءِ جيڪو شوق ۽ دلي اشتياق ڏٺم، تنهن جي پوي ڪرڻ لاءِ. ڪيترا ڀيرا ڪلاس ۾ روسي جر فڪر ۽ تعليم تي تبصرو ڪندي. مون جيڪا سندن نگاهن ۾ چمڪ ۽ منهن تي مسرت ۽ روشنيءَ جي جهلڪ ڏٺي. تنهن ئي آخر مون کي آماده ڪيو ته پنهنجي انتهائي عدم صلاحيت جي باوجود سندن سڪ ۽ پياس کي پنهنجي وس آهر ڪجهه قدر زياده سير آب ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان. هن ڪم کي جنهن نماڻائيءَ ۽ جنهن ادب ۽ احترام سان مون هٿ وڌو. تنهن جي مون کي ئي ڄاڻ آهي، ۽ هن ”مجذوب مفڪر“ جي تصور حيات کي سميٽڻ ۽ سهيڙڻ ۾ مون کان ڪٿي ڪا سَهَوَ يا گستاخي نه ٿي وڃي، تنهن جو خوف ۽ خيال هميشه منهنجي دل تي رهيو. اميد اٿم ته اُهي. جن لاءِ جُرَت ڪري هي گل چونڊيا اٿم ۽ گلن جو عرق نچوڙيو اٿم، ۽ ٻيا سڀئي،جيڪي علم جا پياسا ۽ سچ جا سڪايل آهن، هن منهنجي ناچيز محنت مان اها سڳنڌ ۽ اها خوشبوءِ حاصل ڪندا، جيڪا گذريل ٻن سون ورهن کان وٺي علم ودانش جي دنيا کي پنهنجي پر بهار مسرتن ۽ دل نوازين سان زندگيءَ جي نت نون رازن ۽ رمزن ۽ تروتازگين جي نعمت سان مالامال ڪندي پئي آئي آهي.
آءُ پنهنجي معزز ۽ محترم محسن مسٽر غلام حسين سومري بي. اي.، ايل. ايل. بي.، بي. ٽيءَ جو نهايت شڪرگذار آهيان. جن پنهنجي بيش بها صلاح ۽ مشوري سان وقت به وقت مون کي نوازي، منهنجي قابل قدر رهبري ڪرڻ فرمائي. ڪتاب جي آخر ۾ جيڪا حوالن جي سمجهاڻي ۽ تشريح پيش ڪئي ويئي آهي، سا سندن ئي صلاح مشوري جو نتيجو آهي؛ نه فقط ايترو پر صاحب جن منهنجي هن ناقص پورهئي کي نظر مان ڪڍي ۽ پسند فرمائي، پنهنجو پر معنيٰ پيش لفظ لکيو ۽ منهنجي لاجواب حوصله افزائي ڪرڻ فرمائي.
آءُ پنهنجي عزيز ۽ مخلص دوست مسٽر شيخ عبدالله جو به بيحد ٿو رائتو آهيان، جنهن نه فقط وقت بوقت منهنجي علمي ۽ ادبي اوڻاين ڏانهن منهنجو ڌيان ڇڪائي، مناسب درستيون مون کي ڏسيون، ۽ ڪتاب جي طبعي تنظيم ۽ ترتيب ۽ طباعت جي سڀاويڪ غلطين درست ڪرڻ ۾، بلڪل پنهنجو ڪم سمجهي، منهنجي دستگيري ڪئي؛ پر ڪتاب جي سرورق توڙي ابتدا ۽ خاتمي واريون لاجواب تصويرون ڪڍي. انهن ۾ روسي جي تعليمي طريقي جو اهو باڪمال تصور پيش ڪيو آهي. جنهن مان جي هڪ پاسي سندس هڪ قابل فنڪار هئڻ جي ثابتي ٿي ملي، ته ٻئي پاسي وري سندس ڪمال علم دوستي ۽ ادب نوازي ظاهر ٿي ٿئي.
ٽريننگ ڪاليج فار مين.
حيدرآباد سنڌ محمد ابراهيم م. جويو
27_12_1949ع

پليو ٽارچ جو مضمون ”ٻارن جي تعليم“ جيڪو هتي پيش ڪيو ويو آهي. سو ان موضوع تي قديم زماني جي واحد مڪمل تصنيف جي حيثيت رکي ٿو. پليو ٽارچ جي سڀني تصنيفن مان هن مضمون جا ئي گهڻي ۾ گهڻا قلمي نسخا موجود آهن. يورپ جي ”نئين ساڳيءَ “ واري دؤر ۾ جيڪي به انسان دوست عالم ۽ سڌارڪ پيدا ٿيا، سي هن مضمون کان بيحد متاثر ٿيا، ۽ خصوصاَ. تعليم جي ميدان ۾ ان جي فيض جو پورو ڪاٿو ڪري ئي نٿو سگهجي. تعليمي ترقيءَ جي هر تاريخ جو پهريون باب اڄ به هن مضمون جي حوالي سان ئي شروع ٿئي ٿو.

ٻارن جي تعليم
تقريباَ ٻه هزار ورهيه اڳي، پليو ٽارچ، پهرين عيسوي صديءَ جي وچ ڌاري، يونان جي ڊيلفي شهر جي ويجهو، ڪيرونيا نالي هڪڙي ننڍي ڳوٺ ۾ ڄائو. هن يونان جي تاريخي شهر اٿينس ۾ تعليم ورتي،آسپاس جي ملڪن جو سير سفر ڪيا، ۽ آخر هو پنهنجي وقت جي بهترين عالم ۽ فاضل شخصن ۾ شمار ٿيو. ڪيتريون ئي اهم راڄنيتي ذميواريون هن جي سپرد ٿيون. جن هن انتهائي ڪاميابيءَ سان سرانجام ڏنيون.
رومي شهنشاهت جي طاقت ۽ شان ان وقت پنهنجي چوٽيءَ تي بيٺل هئا. ٻين ڪيترن ملڪن کان سواءِ، خود يونان پڻ سندس قبضي ۾ هو. ان زماني جي ٻين يوناني عالمن ۽ بزرگن وانگر، پليو ٽارچ پڻ ڪجهه وقت روم ۾ رهيو، جتي کيس حڪومت جي هڪ اعزازي صلاحڪار جو رتبو پڻ حاصل ٿيو. پر ڌارين کان مليل ان اعزاز کي هن فخر جي قابل نه سمجهيو ۽ پنهنجيءَ ڪنهن به تحرير ۾ ان جو هن ذڪر ڪونه ڪيو آهي.
عين ان وقت جڏهن ڪاميابي سندس پير چُمي رهي هئي ۽ سندس شهرت پنهنجي عروج تي هئي. تڏهن اوچتو ئي اوچتو هو روم جهڙي مرڪزي ۽ نامياري شهر کي خيرباد چئي، موٽي پنهنجي ننڍڙي ۽ گمنام ڳوٺڙي ۾ اچي رهيو، جتي ڪنهن طرح پنهنجي غريباڻي روزگار جي بندوبست ڪرڻ کان پوءِ. هو فوراَ ڳوٺ جي نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت جي ڪم ۾ لڳي ويو. کانئس پڇيو ويو ته ”تو جهڙي نامياري ۽ قابل شخص کي ڪيرونيا جهڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ گذارڻ ڪيئن ٿو پڄي؟“ تڏهن جواب ڏنائين: ”برابر، ڪيرونيا ننڍڙو ڳوٺ آهي ، پر منهنجي ڇڏي وڃڻ ڪري ته هيءُ ويتر ننڍڙو ٿي پوندو!“
پليو ٽارچ جو سڀ کان مشهور ڪتاب ”حياتيون“ نالي سان آهي، جنهن جي لکڻ مان سندس خاص مقصد هيءُ هو ته پنهنجي ديس ڀائين کي يونان جي عظمت ۽ يوناني تهذيب جي برتريءَ جا سبق ياد ڏياري ۽ کين ثابت ڪري ڏيکاري ته سندن يونان ديس ۽ يوناني تهذيب کي هر طرح روم ۽ رومي تهذيب تي فوقيت حاصل هئي. انگريزي ٻوليءَ جي جڳ مشهور شاعر، شيڪسپيئر، جا ناٽڪ گهڻي ڀاڱي پليو ٽارچ جي اُنهيءَ ڪتاب ۾ بيان ٿيل قصن ۽ واقعن تي بيٺل آهن. سندس ٻين سڀني متفرقه تصنيفن کي گڏي ”نصيحتون“ نالو ڏنو ويو آهي، جن ۾ ”محبت تي مڪالو “ ۽ برادرانه سلوڪ“، ”شادي“، ”ٻارن جي تعليم“، ”خوشامد ۽ دوستي“ ۽ ”قناعت“ تي مضمون ۽ ”پنهنجي زال ڏانهن پرچاءَ جا خط“ وڌيڪ مشهور آهن. پليو ٽارچ جي سڀني تصنيفن ۾ ماڻهپي ۽ اخلاقيات کي انسانن لاءِ هڪ عظيم ۽ بنيادي پيغام طور پيش ڪيو ويو آهي. ۽ سندس فڪر جو سارو رخ ۽ سندس قلم جو سمورو زور، خاص طرح پنهنجي ديس ڀائين کي اُڻهيءَ ئي پيغام ٻڌائڻ ۽ مڃائڻ لاءِ استعمال ٿيل آهي.
پليو ٽارچ جو مضمون ”ٻارن جي تعليم“ جيڪو هتي پيش ڪيو ويو آهي، سو ان موضوع تي قديم زماني جي واحد مڪمل تصنيف جي حيثيت رکي ٿو. پليو ٽارچ جي سڀني تصنيفن مان هن مضمون جا ئي گهڻي ۾ گهڻا قلمي نسخا موجود آهن. يورپ جي ”نئين سجاڳيءَ“ واري دؤر ۾ جيڪي به انسان دوست عالم ۽ سڌارڪ پيدا ٿيا، سي هن مضمون کان بيحد متاثر ٿيا، ۽ خصوصاَ تعليم جي ميدان ۾ ان جي فيض جو پورو ڪاٿو ڪري ئي نٿو سگهجي ، تعليمي ترقيءَ جي هر تاريخ جو پهريون باب اڄ به هن مضمون جي حوالي سان ئي شروع ٿئي ٿو. تعليمي عمل لاءِ جيڪي خاص هدايتون ۽ اخلاقي نُڪتا هن مضمون ۾ موجود آهن. سي اڄ به تعليمي مسئلن ۾ دلچسپي رکندڙ هر شخص لاءِ مشعل راهه جو ڪم ڏيئي سگهن ٿا.
پليو ٽارچ جي هن لافاني تصنيف جو هيءُ سنڌي ترجمو پهريائين ”نئين زندگي“ ماهيانه رسالي ۾ ڇهن قسطن ۾ شايع ٿيو هو، ۽ سنڌ جي سڀني اديبن ۽ علم دوست شخصن ان کي گهڻو پسند ڪيو هو. هاڻي هيءُ مضمون هڪ هنڌ گڏ ٿي، هن ڪتابچي جي صورت ۾ پيش ٿي رهيو آهي. اميد آهي ته ان جا لائق پڙهندڙ، خاص طرح ٻارن جا مائٽ ، استاد ۽ تعليم سان واسطو رکندڙ، مثلاَ تعليمي تربيت وٺندڙ شاگرد ۽ ٻيا سمورا صاحب، اِن مان جو ڳو فائدو حاصل ڪندا.

حيدرآباد سنڌ. _محمد ابراهيم جويو
28اپريل،1972ع

جڏهن 1930ع ۾ ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ داخل ٿيس، تڏهن مون کي اتان جي بورڊنگ هائوس جي ’سردار هائوس‘ ۾ رهايائون جنهن جي ٻاهرئين در جي مٿينءَ ونگ تي چـؤ کٽ ۾ هڪڙي فارسي شعر جي مصرع وڏن سٺن اکرن سان لکيل ڏٺيم__ ”بغير از اخلاق، انسان حيوان است“، هن مصرع جو مون تي ايڏو اثر ٿيو. جو جيتر آءُ اتي هوس. پنهنجي هر نوٽبڪ ۽ ڪتاب تي اها لکي ڇڏيندو هوس. اٿندي ويهندي. ايندي ويندي، ان مصرع تي پيئي اک پوندي هئي. ۽ ان جي لفظ لفظ جي معنيٰ تي پيو سوچندو هوس: انسان ڇا آهي، حيوان ڇا آهي. ٻنهي ۾ ڪهڙو فرق آهي، ۽ اخلاق کان سواءِ. جو انسان حيوان ٿي پوي ٿو، سو اهو اخلاق ڇا آهي!

وحشي جيوت جا نشان
انسان ۽ حيوان ۾ فرق ٿئي ٿو. جاندار ٻيئي آهن_ ۽ انهيءَ خيال کان انسان به حيوان آهي_ پر ٻنهي ۾، بهرحال، وڏو فرق ٿئي ٿو.
اهو فرق منجهن رڳو جسماني به ڪونهي_بلڪ ان لحاظ کان ته، بناوت توڙي ضرورتن جي سلسلي جون، منجهن گهڻي قدر هڪجهڙايون موجود آهن. جسماني طور يا جسماني ضرورتن جي خيال کان. بلڪ خود ذهني نوع جا منجهن جيڪي ڪي فرق ڏسجن ٿا، خود اهي به منجن ان هڪڙي وڏي ۽ بنيادي فرق جي نتيجي طور اسريا ۽ وڌي وڏا ٿيا آهن.
انسان ۽ حيوان ۾ اُهو وڏو فرق ڪهڙو آهي؟_ جنهن جي نتيجي ۾ منجهن سڀ ٻيا فرق پيدا ٿيا آهن؟ اُهو فرق انسان ۽ حيوان جي وچ ۾ قدرتي ۽ فطرتي به نه آهي، اُهو فرق انسان شعوري طور ۽ ارادتاَ پنهنجي ۽ حيوان جي وچ ۾ پاڻ پيدا ڪيو آهي، ۽ اُهو هيءُ آهي ته انسان سماج ۾ رهندڙ حيوان آهي. سماج يا معاشرو معنيٰ ته گڏجي رهڻ_ هڪٻئي جي سهولت خاطر هڪٻئي سان گڏجي رهڻ. رڳو گڏ رهڻ جا پهريان ۽ ادنيٰ آثار ته حيواني جيوت ۾ به موجود ڏسجن ٿا، پر اهو ٿورو يا گهڻو گڏجي رهڻ خالص جبلتي نوع جو گڏجي رهڻ آهي_ ان ۾ ارادي جو ، رٿا جو، اصلاحي ڪوشش جو، يا جبلتي سطح کان مٿي يا ان جي ابتڙ ڪنهن عمل جو ڪو دخل ڪونهي.انسانن جي گڏجي رهڻ ۾ اهي سڀ ڳالهيون موجود آهن. انهيءَ ڪري انسان کي سماجي حيوان چئجي ٿو، پر حيوان به ٻولين ٿا ۽ حيوان به ڪجهه سمجهن ٿا، ڪجهه خوش ٿين ٿا ، ڪجهه ڏکوئجن به ٿا، پر حيوانُ ناطقُ يعني ڳالهائيندڙ حيوان يا سمجهندار حيوان يا کلندڙ حيوان يا روئندڙ حيوان وغيره فقط انسان کي چئجي ٿو، بامقصد، پائدار ۽ وڌندڙ سماج يا معاشرو انسان پاڻ پيدا ڪري ٿو. ۽ هو ان ۾ رهي ٿو . هن جي اها سماجي حيثيت ئي هن کي ٻئي سڄي حيواني عالم کان جدا ڪري بيهاري ٿي. هن جو سوچڻ سمجهڻ، ڳالهائڻ، هن جو محسوس ڪرڻ،کلڻ، روئڻ وغيره سڀ هُن جا سماجي اوصاف آهن، حيوان ۽ انسان جي وچ ۾ ٻئي هر قسم جو فرق بنيادي طور هن جي انهيءَ سماجي صورت منجهان ئي اسريو ۽ وڌيو آهي. مطلب ته سماج يا معاشرو ئي انسان جي انسانيت جو _ حيوان ۽ حيوانيت کان انسان جي علحدگيءَ جو_ بنيادي سنڌو آهي.
جڏهن آءُ پنهنجي ننڍپڻ کي ياد ڪريان ٿو، تڏهن سڀ کان وڌيڪ جيڪا ڳالهه پاڻ تي اثر انداز ٿيندي ڏسان ٿو، سا هيءُ ته هر ڪنهن _ منهنجن مائٽن، استادن، دوستن ۽ ساٿين ۽ ٻين عام ماڻهن_ چاهيو ٿي ته آءُ سٺو ٿيان، چڱو ٿيان، ’ڏاهو‘ ٿيان. هر وقت، جتي. ڪٿي، جنهن ڪنهن کان اهو ئي ٿي ٻڌم: سٺو ٿيءُ، ٺيڪ ٿي هل ؛ چڱو ٿيءُ، ’ڏاهو‘ ٿيءُ ماڻهو بڻج! جيڪڏهن اهڙي ڪا ڳالهه مون کان ٿي. ويندي هئي، جا ”سٺي“، ”چڱي“، يا ”ٺيڪ“ نه هوندي هئي، ته مون کي ”ڪنو“، ”گندو“، ”خراب“ ۽ وقتي ”جانور“، ”حيوان“ وغيره به چوندا هئا. تان جو ڪنهن ڳالهه تي اها ڇينڀ ۽ ڪاوڙ، ۽ ڪنهن ڳالهه تي شاباس ۽ واهه واهه منهنجي لاءِ ”چڱي“ ۽ ”خراب“ جوگويا هڪ اهڙو سنڌو بنجي ويئي، جو آءُ رڳو ماڻهن جي انهيءَ شاباس ۽ واهه واهه لاءِ پيو واجهائيندو هوس. ۽ هوڏانهن مون کي ڪنهن ”گندو“، ”خراب“ يا ٻيو ڪو اهڙو اکر چيو، ته هڪدم شرم کان سُسي ويندو هوس ۽ دل ئي دل ۾ جڪ پيو کائيندو هوس. چڱائي ۽ برائي منهنجي لاءِ گويا ماڻهن جي وڻڻ ۽ نه وڻڻ جي ڳالهه هئي. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ان سلسلي ۾ مون کي ڪنهن ٻيءَ هستيءَ جي وڻڻ ۽ نه وڻڻ جي ڳالهه به ٻڌائيندا هئا، جنهن کي مون ڪڏهن ڏٺو ڪونه هو، پر در حقيقت ان ۾ به سندن پنهنجي وڻڻ ۽ نه وڻڻ ڄي ڳالهه هوندي هئي. مطلب ته سڀ ماڻهو. جن سان منهنجو واسطو رهندو هو، يعني سڄو منهنجو سماج مون کي چڱي بنائڻ جي ڪوشش ۾ هو : ۽ آءُ جيئن پوءِ تيئن، انهن جي راضپي ۽ پسند مطابق شايد چڱو ٿيندو به ويس_ يانه به ٿيندو ويس!
پر ماڻهن جي (يا ڪنهن جي به) وڻڻ ۽ نه وڻڻ کي ڇڏي ڪري، چڱي يا خراب ڳالهه خود ڪهڙي هيءِ هئي_ _ ڇو هڪ ڳالهه چڱي هئي ۽ ٻي ڳالهه خراب هئي؟ ڇو هڪ ڳالهه ماڻهن کي وڻي ٿي ۽ ٻي ڳالهه نٿي وڻي_ _ ان مسئلي ڏانهن، عمر جي صغير پڻي يا ذهن جي _نارسائيءَ جي ڪري. منهنجو ڪو ڌيان ڪون هو ۽ نه وري ٻئي ڪنهن منهنجي بزرگ ئي مون کي ان مسئلي جي سمجهائڻ جي ڪا ڪوشش ٿي ڪئي؛ ممڪن آهي ته اُن کي هنن ايترو ضروري به نٿي سمجهيو.
جڏهن 1930ع ۾ ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ داخل ٿيس، تڏهن مون کي اتان جي بورڊنگ هائوس جي سردار هائوس ۾ رهايائون جنهن جي ٻاهرئين در جي مٿينءَ ونگ تي چـؤکٽ ۾ هڪڙي فارسي شعر جي مصرع وڏن سٺن اکرن سان لکيل ڏٺيم_ _ ”بغير از اخلاق انسان حيوان است“ . هن مصرع جو مون تي ايڏو اثر ٿيو. جو جيتر آءُ اتي هوس ؛ پنهنجي هر نوٽبڪ ۽ ڪتاب تي اها لکي ڇڏيندو هوس. اٿندي ويهندي، ايندي ويندي، ان مصرع تي پيئي اک پوندي هئي. ۽ ان جي لفظ لفظ جي معنيٰ تي پيو سوچيندو هوس : انسان ڇا آهي، حيوان ڇا آهي. ٻنهي ۾ ڪهڙو فرق آهي، ۽ اخلاق کان سواءِ جو انسان حيوان ٿي پوي ٿو، سو اهو اخلاق ڇا آهي ! اتي پڻ سڀ استاد ڪنهن نه ڪنهن نموني اخلاق جي ڳالهه پيا ڪندا هئا، اخلاق تي مضمون لکائيندا هئا. اکاڻين ۾، پهاڪن ۾، بيتن ۾ مطلب ته ڪتابن ۾ توڙي زباني ڳالهين ٻولهين ۾ جيڪڏهن ڪا هڪڙي شيءَ هوندي هئي، جيڪا هردم پيئي ٻڌبي ۽ پڙهبي هئي. سا هئي اخلاق جي ڳالهه. (۽ آءُ سمجهان ٿو ته انساني سماج ۾ هرهنڌ ۽ هر وقت ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اڳي، به ائين هو، تڏهن به ائين هو. ۽ هاڻي به ائين آهي.) اخلاق جي ايتري ذڪر اذڪار کان پوءِ به، ڪٿان مون کي اها سمجهاڻي، ڪانه ملي ته اخلاق جي معنيٰ جيڪڏهن چڱيون ڳالهيون، چڱا ڪم ۽ چڱا خيال آهن، ته انهن کي آخر به چڱو ڇو ٿي چيو ويو، ۽ جن ڳالهين ۽ ڪمن کي خراب چيو ٿي ويو، اهي نيٺ به ڇو خراب هئا؟ فقط ماڻهن جي ، سو به خاص ڪري وڏن جي، پسند يا نا پسند، راضپي يا ناراضپي وڻڻ يا نه وڻڻ جو سوال هو، ته پوءِ ته ڪيترائي اهڙا وڏا هئا، جيڪي پاڻ ئي اهڙيون ڳالهيون يا ڪم پيا ڪندا هئا (۽ هاڻي به ڪن پيا)، جن کي ڪنهن به چڱو ڪونه ٿي چيو! ۽ ائين آخر ٿيو به ڇو ٿي، جو هڪ ڳالهه کي چڱو به سمجهجي پر ڪجي ان جي ابتڙ اها ڳالهه يا اهو ڪم، جيڪو خراب هجي_ يعني جنهن کي پاڻ به خراب چئجي ۽ ٻيا به خراب چون. سو نه ڪجي! منهنجي دل ۾ پنهنجي يا ماڻهن جي انهيءَ ”بي سمجهيءَ “ يا ”منافقائيءَ “ سخت رد عمل ٿي پيدا ڪيو ، ۽ پاڻ تي ۽ ٻين تي سخت ڪاوڙيو پيو گهمندو هوس.
زندگيءَ جوهيءَ مرحلو هو، جڏهن مون کي ڪتاب، خاص طرح قصا ۽ ناول ڏاڍا وڻندا هئا، ۽ جڏهن پڙهڻ لاءِ اهڙو ڪو ڪتاب هٿ ۾ کڻندو هوس ته ان کي اڪثر پڙهي، پوري ڪرڻ کان سواءِ ڪونه ڇڏيندو هوس_ ڇو ته انهن ۾ چڱائيءَ جي سدائين سوڀ ڏيکاريل هوندي هئي ۽ برائيءَ جي هر صورت ۾ هار، ۽ جيستائين ڪو ناول پڙهندي پڙهندي ان جي اِن ”سٺي“ نتيجي تي نه پهچندو هوس تيستائين دل ۾ آنڌ مانڌ ۽ ڏک رهندو هو ۽ وري وري روئي ويهندو هوس (انهن ڏينهن ۾ سئنيمائون ۽ ناتڪ به گهڻا ڏسبا هئا ۽ انهن ۾ به اهو ساڳيو حال هوندو هو)، ۽ قصي کي پڙهي پڄائڻ يعني ان جي چڱائيءَ جي سوڀ ۽ برائيءَ جي هار واري نتيجي جي ڄائڻ کان پوءِ، دل ۾ هڪ قسم جي نرمل خوشي ۽ بيان کان ٻاهر آرام محسوس ڪندو هوس. ڪتابن ۾ (يا فلمن ۽ ناٽڪن ۾ ) ماڻهن جي ائين سڄين سارين ۽ طويل زندگين کي ايتري تفصيل سان ۽ ايتري ننڍي پر چٽي پيماني تي ڏسڻ سان ٻه ڳالهيون معلوم ٿيم: پهرين هيءَ ته برائي زندگيءَ ۾ ڏک پيدا ڪري ٿي ۽ چڱائيءَ سان زندگيءَ ۾ سک ۽ خوشي اچي ٿي، ۽ ٻي هيءَ ته ٻين جي دُک ۾ ماڻهن پاڻ به دکي ٿئي ٿو ۽ ٻين جي خوشيءَ ۾ ماڻهو پاڻ به خوش ٿئي ٿو. انهن ٻن ڳالهين سان گڏ دل ۾ ڪي سوال به اڀريا ٿي ته جي برائيءَ ڏک ٿي ڏنو ۽ چڱائي سان سک ۽ خوشي ٿي ملي، ته ماڻهوءَ چڱائي ڇڏي. برائي ڇو ٿي اختيار ڪئي، ۽ ٻيو ته جي ٻين جي دک ۾ ماڻهو دکي ۽ ٻين جي خوشيءَ ۾ خوش ٿي ٿيو، ته پهرين ته ائين ڇو ٿي ٿيو، ۽ ٻيو ته ان هوندي به هڪڙو ماڻهو ٻئي سان برائي ڪري ان لاءِ پاڻ لاءِ دک ڇو پيدا ڪري رهيو هو، ۽ ان جي عوض خود پنهنجي ۽ پڻ ٻئي جي سک ۽ خوشيءَ لاءِ هُن چڱائي ڇو نٿي اختيار ڪئي؟
انساني سماج ۽ چڱائيءَ ۽ برائيءَ يعني ”اخلاقيات“ متعلق اهي سوال بنيادي سوال هئا_ يعني پهريون ته چڱائي دراصل، يعني ٻئي ڪنهن جي وڻڻ يا نه وڻڻ، راضپي ۽ ناراضپي کي ڇڏي ڪري، بذات خود ڇا هئي، ۽ ٻيو ته ماڻهو نيٺ به چڱو ٿئي، سو ڇو ٿئي، ۽ جي چڱي ٿيڻ ۾ هن جو پنهنجو ئي فائدو هو ته پوءِ به هو چڱي ٿيڻ بدران بُرو ڇو ٿي بڻجي پيو! ۽ انهن سوالن جا جواب. جي انساني عقل کي قبول پون، مون کي ڪي ملن ۽ ڪٿان ملن ، آءُ ان جو ڳولائو هوس_ دراصل اهي سوال سماج ۾ رهندڙ هر ماڻهوءَ جا سوال آهن، جيڪو (شايد پاڻ کي ڇڏي) هر ٻئي ماڻهوءَ کان چڱي ٿيڻ جي اميد رکي ٿو. بلڪ تقاضا ڪري ٿو. اهي سوال سچ پچ ته سڄي انساني سماج جا سوال آهن، جيڪو پڻ هر انسان کان چڱي ٿيڻ جي اميد رکي ٿو، بلڪ تقاضا ڪري ٿو ، ۽ اُن اميد ۽ تقاضا جي حاصلات لاءِ ماڻهو اڪيليءَ حيثيت ۾ ۽ پڻ سڄو سماج ”چوڳي ۽ سيکت“ يا ”انعام ۽ سزا“ جي عمل ۽ ”قانون انصاف“ جي نظام کي وسيلي طور ڪم آڻين ٿا، ۽ ان سان گڏ گهڻي وقت کان پنهنجي مذهبي فڪر ۽ عمل جي دائري ۾ هو گناهه ۽ ثواب جا ويساهه، شريعت جا قانون ۽ آخرت جي انصاف، سزا ۽ جزا ۽ بهشت ۽ دوزخ جا انتظام پڻ موجود رکندا آيا آهن_ يعني، جيئن انفرادي طور هڪ ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ کان. تيئن سماج هر ماڻهوءَ کان، خالص پنهنجي پسند ۽ نا پسند، راضپي ۽ ناراضپي جي بنياد تي يعني فقط پنهنجي وڻڻ ۽ نه وڻڻ مطابق ، چڱي ٿيڻ جو مطالبو به ڪري ٿو ۽ ان جي تعميل لاءِ اميد ۽ خوف جي وسيلي جي استعمال جا وڏا وڏا ۽ مفصل اهتمام به ڪري ٿو. پر هڪ ماڻهوءَ جي پسند ٻئي ماڻهوءَ جي پسند ڇو هجي، يا سماج جي پسند ڪنهن فرد جي پسند ڇو هجي، ۽ چڱائيءَ ۽ برائيءَ جي فيصلو نيٺ به صرف ان پسند ۽ ناپسند تي ڇو هئڻ کپي. تنهن کان پوءِ ايتري ”جزا ۽ سزا“ ۽ ”قانون ۽ انصاف“ جي اهتمام_ هتي هن دنيا ۾ توڙي هتي هن دنيا ۾_ رکڻ جي باوجود، برائي ڇو موجود رهي ۽ زور هجي ۽ چڱائي ڇو ايتري محدود ۽ مختصر هجي؟ ماڻهوءَ جو ”اصلي گناهه“، هن کي گمراهه رکڻ يا ڪرڻ لاءِ ”شيطان“ جي موجودگي، ”ابدي حياتيءَ“ لاءِ ماڻهوءَ جي ”آزمائش“، ڏورانهون ”آخري انصاف“ وغيره_ اهي سڀ ڳالهيون برائيءَ کي روڪڻ ۽ چڱائيءَ کي وڌائڻ لاءِ هر کائڻ ۽ ڊيڄارڻ جو ڪجهه ڪجهه ڪم ڪڏهن ڏيئي ته سگهيون ٿي، ۽ ممڪن آهي ته هاڻي به ڪٿي ڏينديون هجن، پر انهن ۾ اخلاقيات جي بنيادي سوالن جا جواب موجود نه آهن.
1934ع کان1938ع تائين ڪاليج جي زماني ۾ ۽ پوءِ معمليءَ جي پيشي واري عرصي (خاص طرح ان جي پهرين سالن) ۾ Thinker’s Library (”مفڪرن جو ڪتابخانو“) سلسلي جي ڪتابن سان اسان جي ڏيٺ ٿي_ اسان جي معنيٰ ته اسان جي سڄيءَ ٽهيءَ جي ، ڪم از ڪم اهي جيڪي مون سان گڏ ڪاليج ۾ پڙهندا هئا، يا اهي جن سان، ڪاليج ۾ يا ڪاليج کان ٻاهر، منهنجي گهاٽائي هئي. ان سلسلي جو ڪوبه ڪتاب ڏسندا هئاسين ته اهو ضرور پڙهنداهئاسين.هڪٻئي کي ڏيندا هئاسين، هڪٻئي کي پڙهائيندا هئاسين. شرطون رکندا هئاسين ته اسان مان ڪنهن ڪيترا اهي ڪتاب گڏ ڪيا آهن يا پڙهيا آهن. انهن ڪتابن ۾ هڪڙو ڪتاب، جيڪو مون1938ع ۾ پڙهيو، سو هيءَ زير نظر ڪتاب، جي _ هاورڊ موئر جوSavage Survivals (”وحشي جيوت جا نشان“) هو، جيڪو ان ڪتابي سلسلي جو 36 نمبر ڪتاب هو. ٻين ڪتابن سان گڏ، گهڻو پوءِ، 1947ع ۾، هن قسم جو ٻيو ڪتاب ايل . ٽي. هاب هائوس جو The Rational Good (”نيڪيءَ جي معقول سمجهاڻي“). جيڪو ان سلسلي جو 113 ڪتاب هو، پڻ پڙهيم. هنن ٻنهي ڪتابن منهنجي دل تي ، اخلاقيات جي بنيادي سوالن جي سمجهائڻ جي سلسلي ۾ بيحد گهرو اثر پيدا ڪيو. خاص طرح Savage Survivals ، جنهن جو ترجمو لائق پڙهندڙن جي اڳيان موجود آهي. انسان جي انسان بنجڻ، يعني انسان حيوان مان انسان ڪيئن ٿيو ۽ جيئن پوءِ تيئن هو، حيوان کي ڇڏيندو . پنهنجي انساني حيثيت ۾ ڪيئن اسرندو رهيو، ۽ اڄ به هن ۾ حيوانيت جا باقي آثار ڪهڙا موجود هئا، ۽ انهن کي ضابطي ۾ رکڻ يا بنهه ختم ڪرڻ لاءِ اڄ به هو ڪهڙا ڪهڙا جتن ڪندو ٿي رهيو_ انهن سڀني ڳالهين جي عقلي سمجهاڻي مون کي هن ڪتاب جي پڙهڻ سان ملي. هن ڪتاب کي. ان جي اصلوڪي ءَ اشاعت جي پيش لفظ لکندڙ. آدم گووانس وائيٽ صاحب، ”اخلاقيات جو انجيل“ سڏيو آهي.
هن ڪتاب جو ”اخلاقيات“ متعلق موقف هيءُ آهي ته چڱائيءَ ۽ برائيءَ جو خيال يا تميز انسان جي سماجي وصف آهي. سماج کان ٻاهر اڪيلي انسان ۽ هن جي ان سماجي وصف يعني هن جي چڱي يا بري هجڻ جو تصور ناممڪن آهي. انسان جي چڱو آهي ته ٻين لاءِ چڱو آهي؛ هن جي ”چڱائي“، جا لفظ سندس پنهنجي ذات تائين محدود هجي، چڱائي نه آهي_ اها هن جي حيواني وصف ته ٿي سگهي ٿي، ڇو ته حيوان ئي فقط پنهنجي پاڻ لاءِ جيئي ۽ پوءِ ئي ٻيا هن لاءِ جيئندا. انسان جي سماجي حيثيت جي تقاضا، بلڪ ان جو لازمي شرط ئي اهو آهي ته جيترو ڪو انسان ٻين جي ڀلائيءَ ۽ سک ۾ پنهنجي ڀلائي ۽ سک ڏسندو، اوترو هو وڌيڪ چڱو ليکبو. انهيءَ ڪري انسانُ. جي سماجي طور چڱو ٿئي ٿو ته در حقيقت ان ۾ هن جو پنهنجو ئي فائدو آهي. انسان کي انهيءَ معنيٰ چڱي بنائڻ ۽ چڱي رکڻ جي ذميداري سماج تي آهي، ۽ سماج انهيءَ ذميداريءَ جي پوري ڪرڻ ۾ شروع کان رڌل رهيو آهي، ۽ ان ڪوشش ۾ هو انسان کي ، هن جي حيواني اوصافن کان آجو ڪندو. جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ چڱو انسان بنائيندو آيو آهي. سماجي حيثيت ۾ انسان جي وڌيڪ بهتر انسان بنجڻ جي انتها تصور ۾ ته شايد اچي سگهي ٿي، پر ان سفر جي راهه ۾ هر قدم ڏاڍي مشڪل سان کڄي ٿو، ڇو ته ان لاءِ انسان جي اصلوڪن حيواني اوصافن کي ، جن جا ڪيترائي زوردار نشان هن ۾ اڃا موجود آهن، پنهنجي وس ۽ ضابطي ۾ آڻڻ ۽ سماجي نقطي نگاهه کان چڱي رستي سان لائڻ لاءِ، انسان کي پنهنجي سر توڙي سڄي هن جي سماج کي مجموعي طور وڏيءَ ڪشمڪشا ۽ وڏي جهد کان ڪم وٺڻو پوي ٿو، پر انسان پنهنجي انساني حيثيت ۾ بهتر کان بهتر ٿيندو آيو آهي ۽ بهتر کان بهتر ٿيڻ ڏانهن مائل آهي ۽ بهتر کان بهتر ٿيندو رهندو، ان ۾ ڪنهن به نراسائيءَ جي يا ڪنهن به شڪ جي گنجائش ڪانه آهي.
هيءُ ڪتاب پڙهڻ سان ئي مون کي ايترو ته وڻيو هو، جو ان جي پهرين ٻن ڀاڱن جو ترجمو تڏهن ئي ڪري ڇڏيو هوم. ان جي رهيل ٽن ڀاڱن جو ترجمو ۽ اڳ ٿيل ترجمي جي اصلاح جو ڪم سرڪاري ملازمت کان رٽاير ٿيڻ بعد هاڻي 1974ع ۾ پورو ڪيو اٿم. آءُ سنڌي ادبي بورڊ جي چئرمين محترم جناب مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ صاحب جن جو ۽ بورڊ جي ٻين معزز ميمبر صاحبن جو ۽ پنهنجي دوست ۽ ساٿيءَ بورڊ جي لائق سيڪريٽريءَ محترم غلام رباني صاحب جو بيحد ٿورائتو آهيان، جن هن جڳ مشهور ڪتاب جي هن سنڌي ترجمي جي اشاعت جو اهتمام ڪرڻ فرمايو.
ترجمي ۾ ڪٿي ڪٿي سمجهاڻيءَ جا ڪي مختصر نوٽ به ڏنا اٿم. جن کي ڪتاب جي اصل متن کان الڳ ڏيکارڻ لاءِ وڏين برئڪيٽن ۾ رکيو اٿم.
منهنجو ارادو هن ڪتاب جي موضوع سان تعلق رکندڙ ٻئي ڪتاب The Rational Good جي ترجمي ڪرڻ جو پڻ آهي. جنهن جو ذڪر مٿي ڪري آيو آهيان( جي موقعو مليو ۽ طاقت ساري سگهيس ته اميد ته اُهو ڪتاب به ڪنهن طرح پنهنجي لائق سنڌي پڙهندڙ ڀائرن جي اڳيان پيش ڪندس.
حيدرآباد سنڌ. _محمد ابراهيم جويو
2سيپٽمبر 1976ع
اعليٰ ۽ فڪر انگيز نثر جي خاصيت هيءَ به هوندي آهي ته اُن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ ڪجهه ذهن تي زور به ڏيڻو پوندو آهي_ خسيس ۽ مٿاچريءَ ڳالهه کي ته مٿاڇري انداز ۾ ٻڌڻ ۽ پڙهڻ سان سمجهي سگهجي ٿو، ۽ ان مان ڪجهه پلئه به ڪونه ٿو پوي_ ڇو ته ان ۾ ڪجهه هوندو ئي ڪونهي جو پلئه پوي. پر مايه دار ۽ ڀريل نثر کي پڙهڻ لاءِ ڪافي ذهن تي زور ڏيئي ان کي پڙهڻو پوي ٿو. ان جي ٿوري ڪا چُڪ_ لکڻيءَ جي يا ڇپائيءَ جي _ اُن جي معنيٰ جي ڌاڳي کي منجهائي ۽ وقتي گم به ڪري ڇڏي ٿي. انهيءَ ڪري علمي ۽ ادبي لحاظ کان ڌارين وڌيڪ تونگر ۽ اڳتي بيٺل ٻولين مان پوري توجهه ۽ ذميداريءَ سان ڪيل ڪامياب ترجما اسان کي پنهنجي مايه دار ۽ اعليٰ نثر جي روايت کي وڌائڻ ۽ پختي ڪرڻ ۾ مدد ڏيئي سگهن ٿا.

فڪر جي آزادي
منهنجا ڪافي ڪي پيارا دوست آهن، جن جو خيال آهي ته آءُ هي جي ڪتاب ترجمو ڪريان ٿو، اهو وقت جو زيان آهي. آءُ انهن سان انهيءَ خيال ۾ متفق نه آهيان،_ ۽ ان لاءِ مون وٽ پختا دليل آهن.
پهرين ڳالهه ته طبعزاد يا اصلوڪو (Original)خيال، جيڪڏهن فڪر دنيا ۾ اهڙي ڪا شيءَ آهي به ، ته اهي جڏهن به ۽ جنهن کي به من ۾ ايندا آهن، تڏهن هو اُهي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ضرور ظاهر ڪري ڇڏيندو آهي_ ٻيو نه، ته ڪنهن نه ڪنهن دوست دوستن سان ڳالهين ٻولهين ۾ ۽ بحث مباحثي ۾ اُهي ٻڌائي ڇڏيندو آهي. بلڪ ائين اُنهن کي ٻڌائڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو آهي. جيڪڏهن ڪي ٻڌائڻ جهڙا يا ظاهر ڪرڻ جهڙا اصلوڪا خيال ڪنهن جي من ۾ اچن ٿا، ۽ هو اُهي نٿو ظاهر ڪري، ته اهو ماڻهو ذهني طور سنئون سڌو يا صحتمند نه چئي سگهبو، ۽ اهڙي ماڻهوءَ جا خيال ڪيتري قدر ٻڌڻ ٻڌائڻ جهڙا ٿي به سگهن ٿا، ان جو جواب پڌرو پيو آهي. انهيءَ ڪري ڪنهن کي چوڻ ته پنهنجا ’اصلوڪا‘ خيال دنيا کي ٻڌاءِ زبان يا لکيت ۾ يا ڪنهن ٻئي اظهاري وسيلي سان، آءُ سمجهان ٿو ته ان جي ڪنهن صورت ۾ ڪا ضرورت ئي ڪٿي درپيش اچڻ نه کپي.
ٻيو ته جيڪڏهن شوق يا گهرج اصلوڪن خيالن جي ئي آهي، ته اهي ته ترجمي ۾ به موجود هوندا آهن_ منهنجا، يعني الف جا، اصلوڪا خيال نه ته ڪتاب جي اصل مصنف جا، هروڀرو ڪنهن کي ڪنهن خاص ماڻهوءَ جا اصلوڪا خيال ٻڌڻ ڇو گهرجن! جيڪڏهن ڪو خاص مسئلو سامهون هجي، ۽ ان خاص مسئلي متعلق معلوم هجي ته الف ئي ڪجهه ڄاڻي ٿو ۽ ب نه، ته اُن صورت ۾ الف سان ملاقات _روبرو، خط پٽ رستي، يا جيڪڏهن هن جي ڪا تصنيف يا لکيت ان مسئلي بابت موجود آهي ته ان وسيلي _ آسانيءَ سان ٿي سگهي ٿي. ورنه ترجمي ٿيل ڪتاب به سڄي جو سڄو اصلوڪن خيالن سان ڀريو پيو آهي_ جيڪي هونئن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ بيان ٿيل هئا. ۽ هاڻي ان مان کڻي ٻيءَ هڪ ٻوليءَ ۾، ۽ سڀ کان بهتر، پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾، اسان جي پڙهڻ لاءِ ۽ سمجهڻ لاءِ اسان جي اڳيان رکيا ويا آهن. خيال ڪنهن جا آهن. اِن جا ويچار ڪرڻو ڪونهي. پر خيال ڪهڙا آهن_ اصل ڳالهه ڳولڻ جي . سمجهڻ جي ۽ سوچڻ جي اها آهي.
ٽين ڳالهه ته خيال ڪڏهن به ڪو اصلي يا نقلي ڪونه ٿيندو آهي_ خيال صرف صحيح يا غلط ٿيندو آهي، فائدي وارو يا نقصانڪار ٿيندو آهي، عملي يا غير عملي ٿيندو آهي_ سڀ کان وڌيڪ، قبولڻ جهڙو يا نه قبولڻا جهڙو ٿيندو آهي ۽ ڪهو خيال قبوليو يا ڪيتري قدر قبوليو يا نه قبوليو اُن جو مدار وري ذهن ۾ اڳ موجود خيال يا خيال تي رهي ٿو. انهيءَ ڪري جيترا گهڻا چڱا ۽ چوکا خيال ذهن ۾ هوندا، ايتري ماڻهوءَ جي صحيح يا غلط خيال جي پرک تيز ٿيندي ۽ هو قبولڻ جهڙا وڌ ۾ وڌ خيال قبوليندو ۽ ائين پنهنجي ذهن کي تيز کان تيز تر ۽ سجاڳ رکي سگهندو.
خيال ’پنهنجو ‘ يا ’پرايو‘ به ڪونه ٿيندو آهي. فقط اُهي. جن کي ڪا ڳالهه لڪائڻي يا مڙهڻي هوندي آهي. اُهي ’پراون‘ خيالن کان، يعني، اڄڪلهه ، خاص طرح مغربي خيالن کان، مادي خيالن کان ، خود ’عقلي‘ خيالن کان جهليندا ۽ روڪيندا آهن_ حالانڪ جن خيالن جي قبولائڻ يا ’پنهنجي‘ ڪرڻ لاءِ اِهو سڄو اهتمام هو ڪندا آهن، خود اُهي خيال به هُنن جا ’پراوا‘ هوندا آهن_ ٻيءَ ڪنهن ٻوليءَ جا، ٻئي ڪنهن پاسي جا، ٻئي ڪنهن ماحول ۽ پراڻي ڪنهن وقت جا.
چوٿين ڳالهه ته ڪوبه ٻُڌل يا پڙهيل خيال پنهنجي ٻوليءَ يا پنهنجن لفظن ۾ جيئن جو تيئن، يعني جيئن اهو اصل هو تيئن، ظاهر نٿو ڪري سگهجي. ذهن ۾ اڳ موجود خيال اُن کي پاڻ سان ملائڻ لاءِ ان تي پنهنجو ڪو خاص رنگ يا ان جو ڪو پاڇو ضرور وجهي ٿو. اها انساني فطرت آهي ته ڪوبه ڪم هو ڪري ٿو، ته اُن تي هو ويچار به ڪندو هلي ٿو. يعني ان ۾ هو پنهنجو ذهن وجهي ٿو. ان کي هو پسند ڪندو يا نه پسند ڪندو ۽ اُن جو تورتڪ به ڪندو هلي ٿو_ ۽ ائين ئي هو پنهنجي ڪم کي سوڌي سنواري ۽ سهڻو بنائي سگهي ٿو. حسن جي تخليق ائين ئي ٿئي ٿي. ۽ انهيءَ ڪري ڪوبه فنڪار پنهنجيءَ ڪنهن تخليق کي ڪامل به نه سمجهندو آهي. ۽ سدائين هڪ کان وڌيڪ ٻيءَ کي بهتر بنائڻ چاهيندو آهي ۽ اڪثر بنائي به سگهندو آهي. ساڳيءَ طرح هڪ ٻوليءَ مان ٻيءَ ٻوليءَ ۾ خيالن کي آڻڻ سا. اُنهن ۾ هڪ قسم جي نواڻ. ترجمي جي چاشني، به اچي وڃي ٿي. اِهوئي سبب آهي. جو خود اصل ٻوليءَ ۾ ڪنهن ڪتاب کي پڙهڻ وارا اُن جي ترجمي کي به پڙهڻ چاهيندا آهن، ۽ اُن مان اُنهن کي هڪ جدا لطف حاصل ٿيندو آهي، اسين شاهه جا شعر انگريزيءَ ۾ يا ٻيءَ ڪنهن ٻوليءَ ۾ به شوق سان پڙهندا آهيون. عمر خيام جي رباعين کي اصل ٻوليءَ ۾ پڙهڻ وارا به اُن جي فز جيرالڊ واري انگريزي ترجمي کي وري وري پيا پڙهندا ۽ اُن مان سواد وٺندا آهن. انهيءَ خيال کان ڪي ڪي ترجما به، پنهنجيءَ جڳهه تي، ٻوليءَ، فڪر ۽ جذبي جي ادبي، فني ۽ تخليقي پيشڪش جي حيثيت وٺي بيهندا آهن_ اُن جو مثال جڳ مشهور ٻوليءَ جو بائيبل آهي. جيڪو انگريزي ادب جو متفقه طور هڪ بهترين نمونو سمجهيو ۽ قبوليو ويو آهي.
آخر ۾، ترجمي جي افاديت جي سلسلي ۾ هيءُ پڌرو دليل به پيش ڪري سگهجي ٿو ته انساني فڪر جي واڌ ۽ پکيڙ دنيا ۾ جيتري ترجمن وسيلي ٿي آهي، ۽ ٿي رهي آهي، اهڙي ڪنهن به ٻئي ذريعي سان ٿي نه سگهي آهي. هندستان ۽ يونان جي ادب ۽ علم جو عربيءَ ۾ نقل. يورپ جي ٻولين جي علمي ۽ ادبي ذخيري جو دنيا جي ٻولين ۾ منتقل ٿيڻ_ جديد مهذب دنيا جي ڄاڻ جون اهي زوردار ڌارائون ئي ان جي مهذب بنجڻ ۽ مهذب هجڻ جو مکيه سبب بڻيون ۽ مکيه سبب آهن. دنيا جي ڪنهن به ٻولي ءَ ۾ اهو ڪهڙو اهم ڪتاب لکجي ٿو، جو دنيا جي ڪنهن علمي ۽ ادبي ٻوليءَ ۾ نٿو ترجمو ٿئي ! اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي ته عالمي ادب ۽ فڪر جي اتاري جي جيڪڏهن سڀ کان وڌ، نه ته به لازمي طور وڌ ۾ وڌ ضرورت آهي.
تنهن کان سواءِ آزاد فڪر ۽ عقل جي اڌار تي اڀرندڙ فڪر ئي اصلوڪا ۽ طبعزاد عظيم ڪتاب پيدا ڪري سگهندو آهي. اسان وٽ جيئن ئي آزادي آئي آهي. تيئن ٻئي سڀ خيال تي قلف لڳي ۽ پهرا بيهي ويا آهن. سواءِ هڪ خيال جي. جنهن ۾ ڪا جان رهي ڪانهي. رڳو ڍانڍي وانگر پيو وڄي ۽ وڄندو رهي جيڪو ٿو ڪجهه لکي ۽ ڪجهه چوي، سو ڦري ڦري محض انهيءَ ڍانڍي کي پيو وڄائي_ صحيح به اسين. سڃا به اسين ڏاها به اسين ۽ سٺا ۽ صالح به اسين: آهيون يا، جي بنهه نه آهيون_ جائي صحيح ڳالهه آهي_ ته ٿي سگهون ٿا. بشرطيڪ اهو ڍانڍو زور سان ۽ تيئن زور سان وڄائڻ بيهي رهون. دهشت ۽ دهمان وري ايترو. جو ٻئي ڪنهن خيال جي رڳو ڪا سونگهه يا سڻس ئي ڪٿان پئجي ويئي ته الائي ڇا ٿيندو ڌرتي ڏري پوندي يا آسمان ڪري پوندو! ان صورتحال ۾ بي خوف ۽ جان نثار قلم گهرجن، جو واقعي به ڪي طبعزاد ۽ اصلوڪا ڪتاب پيدا ڪري سگهن . ۽ اُهڙا قلم به نيٺ پيدا ٿيندا، ضرور پيدا ٿيندا، تنهن وچ ۾ جيڪي ڪجهه با ضمير ۽ ديانتدار قلمن کان پجي سگهي ٿو، سو هو وري به پنهنجي دور کي ڏيندا رهن ٿا. مون کان به ان ڏس ۾ جو ڪجهه ممڪن ٿي سگهيو ۽ ٿي سگهي ٿو، سو لکندو رهيو آهيان.
چون ٿا ته زمانو گول ڦرندو ٿو رهي، تاريخ پاڻ کي دهرائي ٿي_ پر زماني جو اهو گول ڦيرو هڪ ئي ليڪي تي ڪونه ٿو ڦري، ۽ نه تاريخ پاڻ کي جيئن جو تيئن ٿي دهرائي. زماني جو ڦيرو ڪڏهن وڏي گول ۾ ڪڏهن ننڍي گول ۾ ۽ سدائين نئين محور ۽ نئينءَ زمين تي عمل ۾ ايندو رهي ٿو هميشه اُن جي مجموعي رواني ۽ رخ اڳئي ۽ اڳتي هوندو آهي، ۽ تاريخ جي پاڻ کي دهرائي به ٿي ته سدائين نئين رنگ ۽ نئين ڍنگ سان_ ڇو ته حالتن ۾ جمود ۽ ماٺ ڪڏهن به ڪانه ٿي رهي.۽ محترڪ ۽ بدليل حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ انساني ذهن کي رستا ۽ حل به بدليل ۽ نوان سوچڻا ۽ استعمال ڪرڻا پون ٿا. بهرحال، گذريل تجربن جا بنياد ۽ اُنهن جا سبق، پنهنجن تجربن جي بنياد سان ملائي ۽ ڀيٽي سگهجن ٿا ۽ اُنهن سان ليکي چڪائڻ لاءِ اُهي سبق ڏاڍا ڪمائتا ٿي سگهن ٿا. انهيءَ ڪري گذريل وقتن ۾ يا اڄوڪي دور ۾ جتي جتي ڪو اهڙو خيال جتي جتي ڪا اهڙي روشني ۽ اهڙو سبق ڏسجي ٿو. جنهن مان سمجهجي ٿو ته ان مان اسان واريءَ اوندهه ۾ اسان لاءِ ڪو سوجهرو يا سهولت پيدا ٿي سگهي ٿي، ته ان خيال ، اُن روشنيءَ يا ان سبق کي پنهنجن پيارن پڙهندڙن لاءِ پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري پيش ڪرڻ کان دل باز نٿي رهي. جيڪڏهن ڪنهن دوست يا ساٿيءَ کي خاص منهنجن پنهنجن خيالن جي ئي ڪا تانگهه آهي ته جيڪي خيال، جنهن جا به خيال، جتان جا به خيال مونکي پسند آهن، اُهي به کين منهنجا ئي خيال سمجهڻ کپن. جيڪو به ڪتاب آءُ ترجمو ڪريان ٿو اُهو ڪنهن جي مجبوريءَ تحت نه ۽ نه پيسن خاطر، پر ان کي آءٌ مٿئين نقطي نگاهه کان صحيح مفيد ۽ عين ضروري سمجهي ترجمو ڪريان ٿو. انهيءَ ڪري ان ڪتاب جا خيال سچ پچ به ته ڄڻ منهنجا پنهنجا طبعزاد ۽ اصلوڪا خيال آهن.
ترجمي سان_بشرطيڪ اُهو ڪامياب ترجمو هجي_ ٻوليءَ جي اظهاري صلاحيت ڪيتري وڌي ٿي. ان جي ڪٿ ڪرڻ سولي به آهي. ڏکي به آهي. سنڌيءَ ۾ صحيح پختي. مايه دار ۽ ادبي خيال کان اعليٰ نثر جي روايت اڃا ايتري عام ڪانه ٿي آهي. اعليٰ نثر جا اوصاف به پنهنجي جاءِ تي اوترائي مقرر ۽ واضح آهن جيترا اعليٰ شعر جا. لفظن جي املا (صورتخطي) ۽ جونڊ. جملي ۾ اُنهن جي جاءِ. خود جملن جي الڳ الڳ قسمن مان تز قسمن جي چونڊ ۽ اُنهن جو ٺهڪندڙ استعمال ۽ پاڻ ۾ سونهندڙ لاڳاپو، هر پئري (فقري) جي اندروني ترتيب ۽ پيش ٿيل ڳالهه يا خيال جي مطابقت سان اُنهن جو باهمي ربط ۽ سلسلو. دمن جي نشانين جو گهربل ۽ صحيح استعمال_ ڇو ته جملي ۾ جيئن ٻئي ڪنهن لفظ جي معنيٰ ٿئي ٿي. ۽ ڪوبه لفظ سواءِ مطلب ۽ ضرورت جي ڪم ڪونه ٿو اچي، تيئن ان ۾ استعمال ٿيل هر هڪ دم جي نشانيءَ جي پڻ معنيٰ ٿئي ٿي_ ۽ پختي نثر ۾ جملي يا پئرا کي پڙهندي. نشانين جي انهن معنائن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. اعليٰ ۽ فڪر انگيز نثر جي خاصيت هيءَ به هوندي آهي ته ان کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ ڪجهه ذهن تي زور به ڏيڻو پوندو آهي_ خسيس ۽ مٿاڇريءَ ڳالهه کي ته مٿاڇري انداز ۾ ٻڌڻ ۽ پڙهڻ سان سمجهي سگهجي ٿو. ۽ ان مان ڪجهه پلئه به ڪونه ٿو پوي_ ڇو ته ان ۾ ڪجهه هوندو ئي ڪونهي جو پلئه پوي. پر مايه دار ۽ ڀريل نثر کي پڙهڻ لاءِ ڪافي ذهن تي زور ڏيئي ان کي پڙهڻو پوي ٿو. اُن جي ٿوري ڪا چُڪ_ لکڻيءَ جي يا ڇپائيءَ جي _ان جي معنيٰ جي ڌاڳي کي منجهائي ۽ وقتي گم به ڪري ڇڏي ٿي بيٺل ٻولين مان پوري توجهه ۽ ذميداريءَ سان ڪيل ڪامياب ترجما اسان کي پنهنجي مايه دار ۽ اعليٰ نثر جي روايت کي وڌائڻ ۽ پختي ڪرڻ ۾ مدد ڏيئي سگهن ٿا.
هيءُ ڪتاب جيڪو ”فڪر جي آزادي“ جي نالي سان پنهنجي عزيز ۽ محترم سنڌي پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪري رهيو آهيان، سو اُن جي انگريزي ترجمي جي صورت ۾ ، مون به پهريون ڀيرو ڪي ٻه سال اڳ پڙهيو هو، پنهنجي پياري دوست نوالدين سرڪيءَ جي گهر ۾ سندس ذاتي لئبرريءَ کي ڏسي رهيو هوس، ته هيءَ ڪتاب نظر مان گذريم_ اُن جي ناليErasmus: The Right to Heresy هيڪاري منهنجي من کي جهٽڪو ڏنو ۽ پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو. هڪ ئي جلد ۾ ٻه ڪتاب گڏ ڏنل هئا. ’ارئسمس‘ سان ته 16 صدي عيسويءَ جي هڪ عظيم مفڪر ۽ آزاد خيال شخص جي حيثيت ۾ اڳي ئي واقف هوس ؛ انهيءَ ڪري ان کي ڇڏي. اُن جلد جي ٻئي ڪتاب The Right to Heresy جا پنا ورائڻ لڳس. پنج منٽ اُن کي پڙهڻ سان ڏاڍي اُن جي ڳالهه وڻي، ۽ ڀاءُ سرڪيءَ کان منٿ ڪري ڪتاب پاڻ سان کڻي حيدرآباد آيس. ڪجهه واٽ تي پڙهيم ۽ باقي گهر پهچڻ سان لڳاتار پڙهي پورو ڪيم . جيئن جيئن پڙهندو ويس تيئن تيئن دل جو اڌمو پختو ٿيندو ويو ته ان جي چڱائيءَ کي پنهنجن هم زبان هزارن ساٿين. دوستن ۽ ڀائرن ڀيڻن سان ضرور ونڊڻ گهرجي ۽ اُن جي روح افزا فڪر کي اُنهن پنهنجن دلگهرين قوم ڀاين جي آڏو ضرور رکجي، ته جيئن اُن مان مون کي ساءُ مليو آهي تيئن هو به خوش ٿين ۽ اُن مان لاڀ وٺن: دل جي اِنهيءَ ڪيفيت ۾ هن ترجمي جي مسودي کي تقريباَ ڇهن مهينن جي لڳاتار پورهئي سان 19 جولاءِ 1975ع تي تيار ڪيم. تقريباَ ٻه مهينا مسودي جي اصلاح ۽ نقل تي لڳا ۽ ترجمو پريس لاءِ 25 سيپٽمبر تي مڪمل ٿي ويو. ويجهن ٻن چئن دوستن کي پڙهايم_ جن کي ڏاڍو وڻيو. بهرحال، هاڻي هيءَ ڪتاب پنهنجي مطبوعه صورت ۾ منهنجي لائق پڙهندڙن جي آڏو موجود آهي_ اُهي ئي اُن کي پڙهي، اُن جي افاديت ۽ چڱائيءَ جو فيصلو ڪري سگهن ٿا ۽ اُن مان اُن پنهنجي فيصلي آهر ساءُ وٺي سگهن ٿا ۽ فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا.
هيءُ ڪتاب 16 صدي عيسويءَ جي زماني ۾ مسيحي دين کي درپيش فرقيوار مسئلي (ڪئٿولڪ بمقابل پروٽيسٽنٽ) متعلق هٺ ڌرميءَ ۽ تشدد جي واقعن جي هڪ دلدوز سلسلي سان ڳنڍيل ٻن بي خوف ۽ باضمير مردان حق ۽ عظيم شهيدن، مائيڪل سرويٽس ۽ سيباسٽيان ڪاسٽيلو، جي عظيم ۽ انتهائي قربانيءَ جو قصو آهي، جيڪو ڏاڍي ٻاجهاري، دل ڀڄائيندڙ ۽ حڪيما نه انداز سان پيش ٿيل آهي. اصل ۾ هيءُ ڪتاب جرمن ٻوليءَ ۾ لکيل آهي ۽ پهريائين آسٽريا ۾ Castellio Gegen Calvin جي نالي سان 1936ع ۾ شايع ٿيو هو: اُن جو انگريزي ترجمو به The Right to Heresy انگلنڊ ۾ اُنهيءَ ئي سال شايع ٿيو، جنهن جو هڪڙو نئون ڇاپو لائق مصنف جي ڪل _ جرمن تصنيفات جي انگريزي ترجمن جي اشاعتي رٿا ماتحت 1951ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو_ اُن رٿا هيٺ شايع ٿيل سندس انگريزي ترجمن جي ڏهن جلدن جا نالا منهنجي نظر مان گذري چڪا آهن_ ممڪن آهي ته اُن رٿا هيٺ وڌيڪ جلد به شايع ٿيا هجن. اصل جرمن زبان ۾ ته هن جا اوترائي ٻيا ڪتاب به لکيل ۽ ڇپيل ٻڌجن ٿا. بهرحال اُنهن ڏهن انگريزي جلدن مان چار جلد پوءِ مون ڪنهن طرح هٿ ڪيا، جيڪي منهنجي مختصر لئبرريءَ ۾ موجود به آهن. ۽ اُنهن ۾ 448 صفحن جو هڪ جلد لائق مصنف جي ، آپ بيتيءَ جو World of Yesterday جي نالي سان پڻ آهي. جيڪو مون سڄو پڙهيو آهي. سچ پچ ته انسان ذات ڪهڙا نه عجيب ۽ عظيم ماڻهو ٿي پيدا ڪري، هو زندگيءَ ۾ ڇا ڇا نه سهن ٿا ۽ ڇاڇا نه ڪن ٿا ! هيڏانهن اسين آهيون. جو ٿورڙي ڪا ڳالهه ٿا ڪريون ته ڦونڊ ۾ ڀرجيو، ڪنهن کي پاڻ جهڙو سمجهڻ ئي ڇڏي ٿا ڏيون.
اُنهيءَ ئي سندس ’آپ بيتيءَ‘ جي آخر ۾ جڏهن ناشر جو آخري نوٽ پڙهيم ته اسٽيفن زويگ ۽ سندس زال ايلزبيٿ شارلوٽ زويگ، ٻنهي گڏجي، صلاح ڪري ، پنهنجي وطن کان بيوطن، برازيل ملڪ جي پيٽروپولس شهر ۾، فبروري 23. 1942ع ۾ پنهنجن هٿن سان پاڻ پنهنجو انت آندو. تڏهن ڏاڍو ڏک ٿيم. ۽ روئي ويٺس، ۽ ڪي ڏينهن ڪوٺيءَ ۾ پاڻ کي بند ڪري ويهي رهيس_ ائين سمجهيم ڄڻ پنهنجو ڪو عمر جو اَمل يار وڇڙي ويو هوم. ڏاڍيءَ ڪنهن ترتيب ۽ اٽڪل سان دل کي پرڀائي وري پاڻ ڀرو ٿي، اڻاسي من کي دنيا جي ڪمن ڪارين سان رلائي ۽ رهنت ڪري سگهيس.
هيءُ ڪتاب آءُ پنهنجي عزيز پڙهندڙن کي پنهنجي پاٻوهه ۽ پيار جي پورهئي جو ثمر ڪري پيش ٿو ڪريان. اميد آهي ته هو ، اسان جي موجوده حالتن ۾، جڏهن شريعتن جي اجراءَ ۽ نظام جي نفاذ جا اهڙا ئي سانباها ٿي رهيا آهن، جهڙا سورهين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ شهيد سرويٽس ۽ شهيد ڪاسٽيلو ۽ هزارن ۽ لکن ٻين اهڙن گمنام شهيدن کي ڏسڻا ۽ سهڻا پيا هئا. هن ڪتاب ۾ پيش ٿيل ڳالهين، خيالن ۽ راين جي روشنيءِ ۾ پنهنجن خيالن ۽ راين جي تشڪيل ڪندا ۽ پنهنجي عمل ۽ رد عمل جي رخ جو تعين ڪندا.

حيدرآباد سنڌ. _محمد ابراهيم جويو

استاد گليليو

”استاد گليليو“_ هيءُ ڊرامو جڳ مشهور جرمن ڊراما نويس. ڊراما پروڊيوسر ۽ ڊئريڪٽر، شاعر، ۽ افسانه نگار ’برٽالٽ بريخت‘ جي وڏن ۽ اهم ڊرامن مان هڪ آهي. بريخت هيءُ ڊرامو اُن وقت لکيو. جڏهن سندس وطن ۾ نسلي برتريءَ ۽ زور جي بالادستيءَ ۾ ايمان رکندڙ هٽلري ٽولي ”نازي طاقت“ ايتري ته اسري چڪي هئي. جو اُن پنهنجي قوت جي انڌ ۾ اچي. ظلم ۽ ڏاڍ جا دروازا اُتي کولي ڇڏيا هئا، ۽ اُن جي ئي هٿان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٻيءَ وڏيءَ جنگ جا موتمار ۽ دل ڏاريندڙ واقعا شروع ٿي چڪا هئا.
برٽالٽ بريخت 10 فيبروري 1898ع تي جرمنيءَ جي قدمي شهر آگسبرگ (Augsburg) ۾ ڄائو. سندس پيءُ ڪاغذ جي هڪ خارخاني جو مئنيجنگ ڊئريڪٽر هو. هن ابتدائيءَ ۽ ثانوي تعليم آگسبرگ جي اسڪولن ۾ ورتي. سن 1916ع ۾ هو ميونخ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو، جتي هن جديد ٻولين، علم طب ۽ طبعي سائنس ۾ پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي. 1918ع ۾ هن کي فوج ۾ گهرايو ويو. جتي هو طبعي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ بريخت جڏهن پنهنجي وطن موٽي آيو، تڏهن جرمني هڪ شڪست کاڌل ملڪ هو. جنهن ۾ چـؤطرف بربادي تباهي، اقتصادي بدحالي ۽ بي اطميناني هئي. ۽ اُن ۾ پوءِ بيروزگاريءَ ، بک ملڪ جي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ جو لاڳيتو خطرو ڪيترن ئي سالن تائين قائم رهيو.
سن 1920ع ۾ بريخت ميونخ شهر جي هڪ مُک ڊراما ڪمپنيءَ ۾ ڊرامي جو صلاحڪار ۽ ايڊيٽر مقرر ٿيو، ۽ اُتي هن لاڳيتا ڪيترا سال ملڪ جي مشهور ڊراما پروڊيوسرن جو نائب ٿي ڪم ڪيو. انهيءَ وچ ۾ هن ڪيترائي پنهنجا ڊراما لکيا ۽ اسٽيج تي آڻي ڏيکاريا. سن1928ع ۾ برلن ۾ هن جو لکيل ۽ اسٽيج ڪيل ڊرامو “The Three Penny Opera” ايترو ته مقبول ٿيو. جو ٿورن ئي ڏينهن ۾ هن جو نالو سڄي ملڪ ۾ مشهور ٿي ويو. ان کان هڪ سال اڳ هن شعري مجموعي ”Domestic Breviary“ يعني ”شيطان جي دعائن جو ڪتاب“ ڪري ڪوٺيو. بريخت افسانا به لکيا جيڪي هن پوءِ ”Stories of Mr. Keuner“ جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيا، جنهن ۾ هن جا 1930ع کان 1956ع تائين واري عرصي جا لکيل افسانا شامل آهن.
سن 1933ع کان اڳ بريخت ڪيترائي ڊرما لکي اسٽيج تي ڏيکاريا. انهن مان خاص ٽن ڊرامن “The Three Penny Opera”, ”The Measures Taken“ ۽ مئڪسم گورڪيءَ جي مشهور ناول ”ماءُ“ جي ڊرامائي صورت جرمنيءَ جي عام پورهيت ۽ دانشور طبقي کي بيحد متاثر ڪيو ۽ اُنهن جي ڏسڻ ۽ پڙهڻ سان منجهن جوش ۽ عمل جي هڪ اجهل برقي لهر ڊوڙي ويئي. نازي پارٽيءَ کي ، جيڪا ترت ئي پوءِ ملڪي اقتدار تي قبضو ڪري چڪي هئي. بريخت جون اُهي انقلاب اُڀاريندڙ تخليفون بلڪل پسند ڪونه هيون. نازي ٽولي حقيقت ۾ انهن سڀني انسان دوست ۽ ترقي پسند قوتن کي نظر ۾ رکيو هو، جن جو عقل ۽ انصاف ، انسان دوستيءَ ۽ انساني عظمت ۾ ايمان هو. اُنهيءَ ڪري اقتدار ۾ اچڻ سان ئي نازين اُنهن ترقي پسند قوتن کي فورا چيڀاٽي ختم ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو. سن 1933ع ۾ نازين جو اُهو ظلم ۽ ڏاڍ ايترو ته وڌي ويو. جو بريخت وطن عزيز جي سرزمين کي الوداع چوڻ تي مجبور ٿي پيو. نازين ڪيترن ئي اديبن، شاعرن ۽ دانشورن ۽ اُنهن جي ڪتابن تي پابنديون وڌيون، جن ۾ بريخت جا ڪتاب سرفهرست هئا، بريخت وطن ڇڏڻ لاءِ انهيءَ ڪري به مجبور ٿي پيو هو، جو کيس هيسائڻ ۽ خاموش ڪرڻ لاءِ متعصب عقيده پرست نازي جماعت جي دهشتي ٽولي هن جي ٻن سالن جي ابهم نياڻيءَ باربرا کي چورائي، پان وٽ يرغمال ڪري رکيو. جنهن کي هڪ انگريز سماجي ڪارڪن محض اتفاق سان بچائي ورتو هو. اُنهيءَ حادثي جو پڙاڏو بريخت جي تمام مشهور ڊرامي”The Caucasian Chalk Circle “ ۾ ملي ٿو. بهرحال بريخت پنهنجي ملڪ مان ڀڄي نڪرڻ تي مجبور ٿيو، ۽ آسٽريا، سئٽزرلئنڊ ۽ فرانس مان ٿيندو، اُتي ڪجهه وقت رهندو. نيٺ ڊينمارڪ ۾ اچي مقيم ٿيو، جتي 1939ع جي آرهڙ تائين رهيو پيو هو. ڊينمارڪ کان پوءِ بريخت ناروي جي اسٽاڪهوم شهر ۾ ويو، جتان سن 1940ع ۾ فنلئنڊ هليو ويو. جو لاءِ 1941ع ۾ بريخت فنلئنڊ کان ڪئليفورنيا (آمريڪا) هليو ويو. انهيءَ رولڙي ۽ خانه بدوشيءَ ۾ به بريخت پنهنجو تخليقي ڪم جاري رکيو ۽ ، ”Fear and Misery“ ،”Round Heads and Pointed Heads“ ”In the Third Reich“ ۽ ”Senoza Carrar’ Rifles“ جهڙا اعليٰ ادبي ۽ فني شاهڪار تخليق ڪيائين، جن ۾ نازي ۽ فسطائي طاقتن تي سخت تنقيد ڪيل آهي. 1937ع کان 1941ع تائين بريخت جيڪي ٻيا ڊراما لکيا، انهن مان The “ ”Mother Courage“ ”The Life of Galileo “
“Woman of “ Herr Puntila and His Man Matti” Good
Setzuan” نالي ڊرامن هن جي شهرت کي ڏيهان ڏيهه پهچائي ڇڏيو. بريخت جي سڀني ڊرامن جو بنيادي موضوع ’انسان جو شرف‘، ۽ انسان جي انسان سان روش‘ ۽ ’انسان ذات جي گڏيل ڀلائي‘ آهي، انهن ڊرامن ۾ ڏسندڙن ۽ پڙهندڙن کي دعوت ڏنل آهي ته هو هن ڌرتيءَ تي ، ۽ هن انساني دنيا ۾، انسانن جي هڪٻئي سان روش تي ويچار ڪن. اُن جي سببن ۽ سماجي محرڪات کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن، ڪڏهن اُنهن جي حمايت ۽ همت افزائي ڪن ته ڪڏهن انهن سان بغاوت ڪن، پر هميشه پاڻ کان هيءُ سوال ضرور پڇن ته جيڪڏهن هو پنهنجي سر پاڻ اُنهن حالتن ۾ هجن ته هنن جو پنهنجو رد عمل ڪهڙو هوندو ؟ بريخت جا هي ڊراما سڀ جا سڀ ”انساني ۽ انسان پسند دنيا“ (”Humane Theatra“) جي سري هيٺ اچن ٿا، جن ۾ شديد ترين ذهني ڏک ۽ عذاب سان گڏ نازڪ ترين رومانيت جا مثال ملن ٿا، پر اُنهن ۾ ٿڪل ۽ هار کاڌل ذهن جي فراريت، پاڻ _ هرتائي، بي مقصد انتهائيت يا اجايو ابهام نه آهي.
ٻي عالمي جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ برٽالٽ بريخت 1949ع ۾ آمريڪا ڇڏي پنهنجي وطن موٽي ويو ۽ اوڀر برلن ۾ رهڻ لڳو. اتي هن جو دلي اڌرڀاءُ ڪيو ويو ۽ برلن جو اهو ساڳيو ٿئيٽر جتي هن جا ڪيترائي ڊراما هن جي وطن کان بي وطن ٿيڻ کان اڳ اسٽيج تي ڏيکاريا ويا هئا. هن جي حوالي ڪيو ويو. بريخت اُن ٿئيٽر ۾ پوءِ خاطر جمعيءَ سان پنهنجا تخليق ڪيل ۽ پڻ ڪلاسيڪي موضوعن تان ورتل ڊراما اسٽيج تي ڏيکاريندو رهيو. اُتي ئي، اوڀر برلن ۾، پنهنجي اُن دلپسند ٿئيٽر جي ڀرسان، 14 آگسٽ 1956ع تي جديد ڊرامي جي فن جو هيءُ عظيم ماهر دل جي ٽٽڻ سبب وفات ڪري ويو.
برٽالٽ بريخت اسٽيج ڊرامي جي فن. ٽيڪنيڪ ۽ فارم ۾ انيڪ ۽ نوان نوان تجربا ڪري.انهن ۾ انقلاب آندو. هو پاڻ پنهنجي ڪم کان متاثر ٿي. ڪڏهن ڪڏهن خوشدليءَ جي ڪيفيت ۾ چوندو هو ته ”آءُ نئين اسٽيج فارم جو آئن اسٽائن آهيان.“ (1)
آمريڪي مصنف ۽ نقاد پيٽر بروڪه جي خيال مطابق، ٿئيٽر ۾ سنجيدگيءَ سان دلچسپي وٺندڙن مان ڪوبه بريخت کان گوءِ نٿو کڻي سگهي. بريخت اسان جي زماني جي مرڪزي شخصيت آهي ۽ اڄ تيئٽر جو هرڪو ڪم ڪنهن نه ڪنهن نقطي تي يا هن جي بيانن ۽ ڪارنامن سان شروع ٿئي ٿو يا موٽي اُنهن جي بيانن ڏانهن اچي ٿو، “ (2)
برٽالٽ بريخت هيءُ ڊرامو ”گليلو جي زندگي“، (Life of Galileo) ٻه ڀيرا لکيو هو: پهرين سن 39_ 1937ع واري عرصي ۾، ٻيءَ عالمگير جنگ کان اڳ، ۽ ٻيهر اُن جنگ کان پوءِ ٿوريءَ ڦيرڦار ڪرڻ سان سن 1945ع ۾. اُنهيءَ آخري متن جي انگريزي ترجمي جو هيءَ سنڌي ترجمو اڄ اوهان جي هٿن ۾ آهي.
”گليلو“ هڪ تاريخي ڊرامو آهي. ان ۾ سترهين صديءَ جي جڳ مشهور سائنسدان ’گليلو گليليءَ‘ جي شاندار شخصيت ۽ علمي ڪارنامن، رومي ڪليسا جي مذهبي چريائپ ۽ علم دشمنيءَ، وقت جي حاڪمن ۽ امير طبقي جي ماڻهن جي خودپسنديءَ، علم ناشناسيءَ، بيقدريءَ، هوس ۽ لالچ جي تصوير چٽيل آهي. ساڳئي وقت منجهس ان دؤر جي اٽليءَ جي عوامي زندگيءَ تي به ڀرپور روشني وڌي ويئي آهي.
گليلو گليلي سن 1564ع ۾ اٽليءَ جي شهر ’پِيسا‘ ۾ ڄائو هو. هيءُ اهو دؤر آهي جڏهن علمي سجاڳي (Renaissance) ۽ مذهبي اصلاح (Reformation) جهڙين تحريڪن سموري يورپ ۾ هڪ زبردست ذهني اٿل پٿل پيدا ڪري ڇڏي هئي. پراڻن قدرن جي زنجيرن جون ڪڙيون هڪ هڪ ٿي ٽٽي رهيو هيون، ۽ وهمن، وسوسن ۽ انڌن عقيدن جا ڪوٽ، علم ۽ ڄاڻ جي تيز طوفانن لڳڻ ڪري، ڀڄي ڀري پٽ پئجي رهيا هئا. يوناني علم ۽ دانش ۽ اُنهيءَ تي عرب عالمن ۽ مفڪرن جي تشريحن، تنقيدن، تبصرن ۽ خود هنن جي ڪيل تجربن ۽ کوجنائن؛ قطب نما ۽ بارود جي ايجاد؛ راجر بيڪن جي سائنسي تجربن؛ علم فلڪيات ۾ ڪاپرنيڪس ۽ رياضيءَ ۾ ڪپلر جي انقلابي مفروضن: ڪولمبس جي سامونڊي سفرن ۽ نون نون ملڪن جي ڄاڻ؛ ڪاغذ ٺاهڻ جي هنر ۽ ڇاپي جي مشين جي ايجاد، فنون لطيفه ۾ باڪمال استادن مائيڪل ائنجيلو، رافيل ۽ ليونارڊو ڊاونسيءَ جي تصويري شاهڪارن _ قديم علم ۽ عقيدي کي غلط ۽ باطل ثابت ڪري. اونداهي يورپ کي روشن ڪري ڇڏيو هو. ٻئي طرف جرمنيءَ ۾ مارٽن ليوٿر جي مذهبي تحريڪ رومي ڪليسا جي مذهبي تقدس جا ڇوڏا لاهي. اُن جي پرماريت کي اگهاڙو ڪري، ڪليسائيت جا بنياد ڏڪائي ڇڏيا هئا. مطلب ته ان دؤر ۾ هر ڳالهه کي اکيون پوري قبول ڪرڻ ناممڪن ٿي پيو هو. هر ڳالهه کي توري تڪي عقل جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو پئي ويو ۽ عقيدي جي بدران شڪ. تحقيق ۽ تجربي کي وڌيڪ اهميت ڏني پئي ويئي. پر ساڳئي وقت يورپ ۾ جاگيرداري ۽ بادشاهي نظام، جو صدين کان قائم هو، ۽ ان کي مسيحيت جي تقدس ۽ پوپ اعظم جي مضبوط ۽ وسيع پادريت ۽ اُن جي همه گير تنظيم جي . جا حمايت ۽ پُشتي حاصل هئي. انهيءَ ڪري اُهو دور اُنهن آزادي پسند ۽ انسان دوست عالمن ۽ دانشورن جي لاءِ هڪ وڏي عذاب جو دؤر پڻ هو، جيڪي ذهني طور ۽ وس سارو عملي صورت ۾ پڻ اُن سڄي جنوني ۽ مڪار، ايذا پسند ڏيل ۽ ڏهڪاءُ جو مقابلو ڪري رهيا هئا.
هڪ تمام ڊگهيءَ اونداهيءَ رات کان پوءِ يورپ ۾ سجاڳيءَ جي سج مس ڪني ڪڍي هئي. پر ڪليسا جي رجعت پرست ٽولي انهيءَ سوجهري جي خلاف جهاد شروع ڪري ڇڏيو هو. هزارين ذهين، سڄاڻ ۽ روشن ضمير انسان جهالت ۽ مذهبي ديوانگيءَ جو بک ٿي ويا. ڪيترن ئي عالمن ۽ سائنسدانن کي ڪافر ۽ ملحد، ديوانو ۽ پاڳل چئي باهه ۾ ساڙيو ويو. ۽ ڪيترين ئي ذهين باهمت ۽ حوصله مند عورتن کي ڏائڻ هلائي، سنگسار ڪري ماريو ويو. فرانس جي مشهور فيلسوف ، رياضيدان ۽ سائنسدان پاسڪل (1662_1623 Pascal) انهن حالتن جي تصوير هنن لفظن ۾ چٽي آهي : ”اوهين تصور ڪريو ته اوهان جي اڳيان ڪيترائي انسان زنجيرن ۾ جڪڙيا بيٺا آهن. هُنن سڀني تي موت جي سزا جو حڪم صادر ٿيل آهي. هُنن مان هر روز ڪن کي ڇڪي، سندن ساٿين جي اڳيان موت جي سزا ڏني وڃي ٿي. هُنن مان جيڪي پوئتي رهن ٿا ۽ پنهنجي واري جو انتظار ڪن ٿا. اِهو آهي اڄوڪيءَ انسان ذات جي اصل حالت جو هڪ مثال.“ 1 انهيءَ دور جي سائنسدانن مان ’بِرونو‘ جو مثال موجود آهي. گيورڊانو برونو (Giordano Bruno) گليلو جو همعصر اطالوي فيلسوف، سائنسدان ۽ پنهنجي وقت جو ذهين ترين مفڪر هو. هن پنهنجي تقريرن ۽ تحريڪن ۾ ٻڌايو ته ڪاپرنيڪس (1543_1473) جون سائنسي کوجنائون بلڪل درست آهن، برونو جي اُنهيءَ تصديق کي ڪليسا جي عالمن ۽ اثر ۽ اقتدار جي صاحبن دهريت، ڪفر ۽ ڪوڙ چئي. هن کي باهه ۾ ساڙڻ جو حڪم ڏنو، ۽ اهڙيءَ ريت سچ چوڻ جي سزا ۾ برونو کي 17فيبروري 1200ع تي روم شهر ۾ جيئري جلايو ويو.
اهڙي ئي عجيب دؤر ۾ جڏهن انسان پنهنجي بدبختيءَ جي چڪر ۾ ورتل هو۽ نيڪيءَ ۽ بديءَ جون قوتون پنهنجي پنهنجي اوج تي هيون. تڏهن سن 1592ع کان 1610ع عيسويءَ تائين گليلو پيڊوئا يونيورسٽيءَ ۾ عام رياضيءَ جو استاد مقرر ٿيل هو. اُنهيءَ ارڙهن سالن جي عرصي ۾ هن ڪيتريون ئي سائنسي کوجنائون ڪيون. هن تجربا ڪري چرپر(حرڪت) ۽ تيز رفتاريءَ جا اوائلي اصول معلوم ڪيا. ۽ ثابت ڪيو ته مختلف وزن جون شيون جيڪڏهن ساڳيءَ اوچائيءَ تان هيٺ ڪيرائبيون ته هڪ ئي وقت زمين تي ڪرنديون ۽ فاصلي مطابق انهن شين جي ڪرڻ جي رفتار ۾ جيئن پوءِ تيئن تيزي ايندي ويندي. گليلو سڌاريل دوربيني، قطب نما ۽ ٽرماميٽر ايجاد ڪيا.جيتوڻيڪ سن 1608ع ۾ هالنڊ جو هڪ عنيڪ ساز ’هانس لپرشي‘ (Hans Lippershey) هڪڙي حسن اتفاق سان، دوربيني ٺاهي چڪو هو، پر گليلو ان اصول تي ڪم ڪري هڪ اهڙي دوربيني ٺاهي جنهن سان شيون هزار ڀيرا وڌيڪ وڏيون ۽ ٽيهوڻيون وڌيڪ قريب نظر ٿي آيون. هُن پوءِ اُنهيءَ دوربينيءَ جو رُخ شمسي نظام جي مطالعي لاءِ آسمان ڏانهن ڦيرايو. جنهن سان تارا ۽ گرهه انساني اک جي وڌيڪ ويجهو ۽ وڌيڪ چٽا ۽ پڌار ٿي پيا. گليلو سڀ کان پهرين اُن دوربينيءَ منجهان کير ڌارا (Milk Way) چتائي ڏٺو. جنهن لاءِ عالمن توڙي عوام وٽ عجيب غريب نالا ۽ رڳيون خيالي ۽ ديومالائي سمجهاڻيون موجود هونديون هيون. گليلو جي دوربينيءَ ٻڌايو ته اهو ”نوح نبيءَ جي ٻيڙيءَ جو رستو“ نه پرتارن جو هڪ وڏو ميڙ آهي. جنهن ۾ هزارين لکين تارا ۽ تارن جا نظام موجود هئا. پنهنجي ان دوربينيءَ سان هن چنڊ جو به مطالعو ڪيو ۽ ان جي ’غارن‘ کي ڏٺو، مشتري گرهه کي ڏٺو، ۽ ان جي چئن چنڊن کي ڳولي لڌو. هن زهره گرهه کي ڏٺو ۽ ٻڌايو ته زمين وانگر اهو گرهه به سج جي چوڌاري ڦري ٿو. گليلو پنهنجي دوربينيءَ سان سج جو مشاهدو ڪري ڏٺو ته سج تي ’ڪارا داغ‘ آهن. جيڪي سدائين هڪ هنڌ نٿا ڏسجن، ۽ انهن جي لاڳيتي مشاهدي کان پوءِ هن ٻڌايو ته سج به پنهنجي مدارتي ڦري ٿو، ۽ ان جي اها گردش 28 ڏينهن ۾ پوري ٿئي ٿي.
اهڙيءَ ريت. گليلو جي اُنهن سائنسي مشاهدن، تجربن ۽ کوجنائن انجيل مقدس جي فلڪي نظام بابت هر ڳالهه جي ائين جا ترديد ڪئي. انهيءَ ڪري مسيحي دين جي علم باز دعويدارن ۽ اُن جي تقدس جي چوغن ۾ ويڙهجي ۽ اقتدار جي لٺ هٿ ۾ کڻي هلندڙن هن جي خلاف بدتميزيءَ جو هڪ ڀيانڪ طوفان اٿاري ڇڏيو. نيٺ سن 1615ع ۾ روم جي پوپ هُن کي پاڻ وٽ حاضر ٿي اُنهن مشاهدن ۽ کوجنائن بابت صفائي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اُتي پهرين ڪليسا جي عالمن گليلو جي مخالفت ۾ پنهنجا دليل ڏنا. پر گليلو جي جوابي دليلن سڀني کي لاجواب ڪري ڇڏيو. انهيءَ علمي مناظري جو فيصلو هيءُ ٿيو. جو سائنس جي عالمن ڪاپرنيڪس ۽ ڪپلر جي ڪتابن تي بندش وڌي ويئي ۽ گليلو کي حڪم ڪيو ويو ته زمين جي چرپر ۽ ڦيري جي هو تعليم نه ڏئي ۽ ڪنهن به اهڙيءَ ڳالهه کي نه مڃي، جيڪا ديني تعليم جي خلاف هجي.
ڪليسا جي انهيءَ فيصلي گليلو کي ڏاڍو رنجايو، پر بندين ۽ بندشن هوندي به هن فلارينس جي شهر ۾ سج چنڊ زمين ۽ ٻين گرهن جي گردش جي موضوع تي ”دنيا جا ٻه عظيم نظام“ نالي ڪتاب لکيو. جنهن ۾ هن پنهنجن مشاهدن ۽ کوجنائن کي ورجايو ۽ انهن جي زوردار تصديق ڪئي. انهيءَ تي ڪليسا جي بزرگن کي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ هنن انهيءَ ڪتاب کي ضبط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ گليلو کي، جنهن جي عمر ان وقت ستر ورهيه هئي، روم جي احتسابي عدالت(Inquisition) ۾ حاضر ٿيڻ جو حڪم ڪيو. اتي ڪيتن ئي ڏينهن جي پڇا گاڇا کان پوءِ هن کي اهڙو ته مجبور ڪيو ويو ۽ مختلف جسماني عذابن جو اهڙو ته خوف ڏياريو ويو. جوهن لاچار ٿي چيو ته ”آءُ آڻ مڃان ٿو، هاڻي اوهان جي هٿ وس آهيان ۽ اوهين جيڪي چوندؤ اُهوئي چوندس: ”. انهيءَ تي ڪليسا جي طرفان هڪ ’توبهه نامو‘ تيار ڪيو ويو. جيڪو گليلو احتسابي عدالت جي جلسي ۾ بڙهيو . ان مطابق گليلو پنهنجيءَ سموريءَ سائنسي تحقيق ۽کوجنا کي باطل ڄاڻايو ۽ پنهنجي سڀني علمي نظرين تان هٿ کڻي توبهه تائب ٿيو.
گليلو پنهنجي باقي عمر جا ڏينهن پنهنجي گهر ۾ گذاريا جتي مٿس چوڪسي رکڻ لاءِ ڪليسا جا پادري چاري ڪري بيهاريا ويا ته متان هو ڪو سائنسي مشاهدو يا تجربو ڪري يا ڪو علمي ڪتاب لکي. پر انهيءَ هوندي به ماٺ ميٺ ۾ رات جو لڪي ڇپي. صرف چاندوڪيءَ جي روشنيءَ تي. هن پنهنجو آخري ڪتاب ”علمي مباحثا“ لکي پورو ڪيو، ۽ اُن ڪوشش ۾ هن پنهنجي اکين جي روشني وڃائي ڇڏي. ۽ هو نابينا ٿي پيو. پنهنجي گهر ۾ اٺ سال ائين قيد ۾ رهڻ کان پوءِ، 1642ع ۾ 78 سالن جي عمر ۾ هن وفات ڪئي.
استاد گليلو جي عظيم الشان شخصيت جو بنياد سندس هن نظريي تي رکيل هو ته وهم، وسوسا ۽ غير علمي عقيدا انسان ذات لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيا آهن، ان جي ابتڙ علمي ۽ سائنسي کوجئائن جي وسيلي انسان ذات کي ڪائنات جي ڳجهن کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ جو شعور حاصل ٿئي ٿو، ۽ ان خوف ۽ خطري کان نجات ملي ٿي. جنهن جي اثر هيٺ صدين تائين انسان ذهني ۽ اخلاقي طرح ڄامڙا، لولا ۽ لنگڙا پئي رهيا آهن. تنهنڪري ان شعور ۽ ڄاڻ کي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون . انهن جي راهه ۾ رنڊڪون وجهڻ پوريءَ انسان ذات تي ظلم ٿيندو. گليلو جو خيال هوته سائنسي کوجنائن ڪرڻ جي پوري آزادي هجڻ گهرجي، ۽ اهڙيءَ طرح جيڪي نيون نيون ايجادون ٿين ٿيون تن کي ڪنهن خاص طبقي يا گروهه جي بدران انسانن جي عام ڀلائيءَ ۽ آسائش لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. سائنس جي انهيءَ سماجي ڪارج بابت گليلو جي اڏول عقيدي جو اظهار بريخت هنن لفظن ۾ ڪري ٿو: ”منهنجو چوڻ آهي ته سائنس جو واحد مقصد هيءُ آهي ته انساني زندگيءَ جي ڏک ۽ سختيءَ کي آسان بنايو وڃي. جيڪڏهن سائنسدان، خود_ مفادي اقتدار جي صاحبن جي دٻاءُ ۾ اچي. علم محض علم خاطر وڌائيندا ۽ خوش ٿيا ويٺا رهن ، ته اُن حالت ۾ سائنس پنگلي ۽ بي اثر بنجي سگهي ٿي، ۽ اوهان جون نيون مشينيون پوءِ رڳو هيڻن کي چيڀاٽڻ جا نوان ذريعا ۽ نيون ترڪيبون بنجي وجود ۾ اينديون رهنديون ۽ اُنهن مان ٻيو ڪو انساني مفاد جو ڪارج سڌ ڪونه ٿي سگهندو. انهيءَ روءِ، وقت گذرڻ سان، ممڪن آهي ته اوهين اُهو سڀڪجهه ڳولي سگهو ۽ لهي سگهو جيڪو ڳولڻو ۽ لهڻو آهي، پر اوهان جو اُهو واڌارو اوهان کي انسان ذات کان دور نيئي سگهي ٿو، اُن جي ويجهو نٿو آڻي سگهي “ (ص_ 161).
برٽالٽ بريخت هن ڊرامي ۾ استاد گليلو جي تاريخي دؤر، سماجي پس منظر، ۽ هُن جي زندگيءَ ۽ ڪارنامن کي علامت طور استعمال ڪري. اُنهن سائنسي ۽ سماجي مسئلن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيڪي ويهين صديءَ جي ٻيءَ وڏيءَ لڙائيءَ جي وقت، اُن جي پس منظر ۽ پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ ، خاص طرح هار ۽ جيت جو سڄو دارومدار انهن خطرناڪ جنگي هٿيارن تي هو، جن جي ايجاد سائنسدانن جي مدد کان سواءِ ممڪن نه هئي. جرمنيءَ ۾ ته اهڙا خطرناڪ جنگي هٿيار ٺهڻ لڳا هئا، جن جي استعمال سان ايترو ته جاني ۽ مالي نقصان ٿي رهيو هو، جو انهن جي ٺاهيندڙ سائنسدانن کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ شرم ۽ پشيمانيءَ کان هنن جا گردن جهڪي ويا.
سائنسي ايجادون انسان ذات جي ڀلي ۽ آرام لاءِ استعمال ڪرڻ جي بداران مرڳو انسان ذات کي نيست ۽ نابود ڪرڻ ۾ استعمال پئي ڪيون ويون. اُنهيءَ صورتحال ۾ ڪيترائي سائنسدان لڪ چوريءَ جرمنيءَ مان ڀڄي نڪتا ۽ ٻين ملڪن ۾ پناهه وٺي معمولي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا. انهن خطرناڪ ۽ موتمار جنگي هٿيارن جي ڊوڙ رڳو جرمنيءَ تائين محدود نه هئي. پر جنگ ۾ شامل هر ملڪ پنهنجي مخالف ملڪ ني نيست نابود ڪرڻ لاءِ انهيءَ ڊوڙ ۾ شريڪ ٿي ويو هو. نيٺ انهيءَ ڊوڙ ۾ آمريڪا ويهين صديءَ جو سڀ کان وڌيڪ هولناڪ هٿيار، ائٽم بم، ٺاهي. سڀني کان گوءِ کڻي ويو.
بريخت هن ڊرامي جي 47_1945ع واري سڌاري لکيل مسودي متعلق پنهنجي اڻپورن نوٽن ۾ لکيو آهي ته ”ياد رکڻ گهرجي ته اسين ’گليلو جي زندگي‘ جي هيءُ ڊرامو ان وقت ۽ ان ملڪ ۾ اسٽيج ڪري رهيا هئاسون. جنهن ائٽم بم ايجاد ڪيو ۽ جنهن ان کي فوجي مقصد لاءِ استعمال ڪيو. ائٽمي طبعيات کي خفيه رکڻ لاءِ حد کان وڌيڪ خبرداري ڪئي ويئي هئي. جنهن ڏينهن ائٽم بم اڇلايو ويو هو. ان ڏينهن آمريڪا ۾ جنهن به ماڻهوءَ کي ان واقعي جي خبر ٿي پئي، تنهن کان اهو ڏينهن وسرڻ ڏاڍو مشڪل هو. اها جڏهن لاس اينجلز جي شهر ۾ پهتي، تڏهن ماڻهن فورا ائين به سمجهيو ٿي ته ڀيانڪ جنگ جلد ختم ٿي ويندي ۽ هنن جا پٽ ۽ ڀائر واپس موٽي ايندا، پر انهيءَ سک سان ٽمٽار ۽ خوشين ڀريل شهر ۾ غم ۽ الم جي هڪ وحشتناڪ لهر پڻ ڊوڙي ويئي هئي. مون پاڻ بس ڪنڊ ڪٽرڻ ۽ دڪانن تي شين وڪڻدڙ ڇوڪرين کي خوف ۽ هراس ۾ ٻڏل ڏٺو. اها فتح هئي. پر اُن جي چـؤڌاري شڪست جو هڪ ڪڙو ذائقو به هو. انهيءَ کان پوءِ حڪمران سياستدانن ۽ فوج گڏجي قوت جي انهيءَ عظيم ذريعي کي مخفي رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، جنهن تي دانشورن ۾ ڪاوڙ جي لهر ڊوڙي ويئي. تحقيق جي آزاديءَ کي ۽ کوجنائن جي معلومات جي ڏي وٺ ۾ سائنسدانن جي بين الاقوامي شراڪت کي اُنهن اقتدار پرستن ٻنجو ڏيئي ڇڏيو هو، ۽ ان لاءِ سندن هر قسم جي دليل دلاڻا ۽ منطق ۾ ماڻهن کي ذور به ڀروسو ۽ اعتبار نه رهيو هو. طبعيات جا جڳ مشهور ماهر پوءِ حڪومت جي نوڪريءَ مان پنهنجي جان ڇڏائي ڀڄي ويا. هڪ مشهور معروف سائنسدان اهڙي هڪ گمنام نوڪري وڃي ڪئي جتي هن کي طبعيات جا محض ابتدائي اصول سيکارڻا ٿي پيا، ۽ اهو ان لاءِ ڪيائين ته جيئن هو انهيءَ علم کي باندي بنائي رڳو پنهنجي استعمال ۾ آڻڻ وارن حاڪمن جي هٿ هيٺ ڪم ڪرڻ کان بچي سگهي. علم تي اقتدار جي قبضي واري ان ماحول ۾ ڪابه نئين کوجنا يا ايجاد ڪرڻ هڪ وڏي بيعزتيءَ جي ڳالهه هئي.“
بريخت جي هن ڊرامي جو مرڪزي موضوع سچ جي لاءِ پرجوش عقيدت آهي. ڊرامي جو عظيم ڪردار، استاد گليلو، شروعات کان ئي سچ جي ڳولا ۾ آهي. هن جي ڪيترن ئي مڪالن مان ان جي تصديق ٿئي ٿي. مثال طور:
”سچ وقت جي پيداوار آهي ۽ نه سند جي “ (ص_ 56). يا_
”اسين سائنس جا طالب آهيون....اسان جو ڪم نه آهي ته پاڻ کان بيهي پڇون ته سچ اسان کي ڪيڏانهن ٿو وٺي وڃي“ (ص_57). يا_
”جنهن کي سچ معلوم نه آهي. رڳو هڪ احمق آهي. پر اهو جيڪو سچ ڄاڻي ٿو ۽ ان کي ڪوڙ ٿو سڏي. سو هڪ خطرناڪ رهزن آهي“(ص_101).
گليلو سچ جو حامي آهي، هو سچ کي سنڃاڻي ٿو. سچ جو پرخار ڪري ٿو. هو ذهن جي آزاديءَ ۽ اظهار جي آزاديءَ جو نقيب آهي. پر جڏهن مسيحي ڪليسا جي احتسابي عدالت هن کي اُنهيءَ کان منع ڪري ٿي. هن کي عذابن کان ڊيڄاري ٿي، تڏهن هو مصلحت کي ئي ضروري سمجهي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته ان جو ڪارڻ گليلو جي وڏيءَ عمر هجڻ ڪري سندس جسماني ڪمزوري هجي. پر انهيءَ سخت امتحان مان گذرڻ کان پوءِ به ”چرپر“ (حرڪت) جي موضوع تي هن جي آخري ڪتاب لکڻ ۽ اُن لاءِ پنهنجي اکين جي نور وڃائي ڇڏڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته، زندگيءَ جي ڪنهن ڏکيءَ کان ڏکيءَ نازڪ گهڙيءَ ۾ به هن پنهنجي مقصد کي ڪڏهن نه وساريو. هڪ روايت مطابق احتسابي عدالت ۾ توبهه نامي پڙهڻ کان پوءِ گليلو پنهنجي هڪ ساٿيءَ کي جيڪو هن جي ڀرسان بيٺو هو، ڪن ۾ چيو ته”ڌرتي اڃا به ڦِري پَئي.“ اهڙيءَ ريت سائنس جي بقا ۽ سلامتيءَ خاطر استاد گليلو سائنس دشمن ٽولي سان وقتي مصالحت ڪري هڪ نئين زماني جي شروعات ٿي چڪي هئي. بريخت گليلو جي زباني، ڊرامي جي پهرئين ڏيک ۾ چورائي ٿو:
”آءُ جڏهن جوان هوس تڏهن هڪ ڀيري ٻه رازا ڏٺم ته پنجن منٽن جي دليل بازيءَ کان پوءِ، هنن پٿر جي ڇپن کي مٿي پهچائڻ جو ڇڪ ڇڪان ۽ ڌڪ ڌڪان وارو هزار سالن جو پراڻو طريقو ڇڏي، هڪڙو نئون ۽ وڌيڪ ڪمائتو، پُلي ۽ بيرم وارو، طريقو ڪم آڻڻ شروع ڪري ڏنو. اُتي ۽ اُنهيءَ مهل مون سمجهيو ته پراڻو زمانو پورو ٿيو ۽ نئون زمانو اسان وٽ اچي چڪو آهي“ (ص _4)
انهيءَ ساڳئي ڏيک ۾ اڳتي هلي گليلو وري چوي ٿو:
”سچ پڇين ته اسان جي دنيا ۾ نئين دؤر جو پهريون سج اڀري چڪو آهي_ اهڙو هڪ عظيم دؤر جنهن ۾ ٺلهو جيئڻ به ثواب آهي“ (ص_8).
گليلو سترهين صديءَ ۾ هڪ عقلي ۽ سائنسي دؤر جي چائنٺ تي بيٺو هو. چـؤطرف ڏاڍ ۽ هٺ ڌرميءَ جي پابندين جي هوندي به هن انسان ذات جي مستقبل کي روشن ۽ تابناڪ ڏٺو. اهڙيءَ حالت ۾ ڪليسا جي احتسابي عدالت جي اڳيان مصلحت ڀريو جواب ڏيئي، هن سائنس جي روشن راهن کي جهالت، ڪٽرپڻي ۽ دقيانو نسيت جي تاريڪيءَ ۾ ٻڏڻ کان بچائي ورتو.
سترهين صديءَ جي هن عظيم سائنسدان گليلو جي شاندار شخصيت، علمي ڪارنامن ۽ قربانين کي تمثيل طور استعمال ڪري، بر ٽالٽ بريخت ويهين صديءَ جي اُنهن هر قسم جي مفاد پرست طاقتن کي پنهنجي تنقيد ۽ طنز جو نشانو بنايو آهي، جن سترهين صديءَ جي ڪليسائي حاڪمن وانگر سائنسدانن کي، يعني انهن جي عقل ۽ علم کي پنهنجي مرضيءَ ۽ مفاد مطابق هلائڻ گهريو ٿي. گليلو احتسابي عدالت ۾ مصلحت کان ڪم وٺي. سائنس کي ڪليسا جي اقتدار مان ڪڍي بچائي ورتو: پر عجب ته ويهين صديءَ ۾ سائنسدان سامراجي چنبن مان پاڻ ڇڏائي نه سگهيا ۽ هن صديءَ ۾ فتح نيٺ سامراجي طاقت جي ئي ٿي. اُنهيءَ جي حڪم سان ۽ اُنهيءَ جي نظرداريءَ ۾ ائٽم کي موڙڻ جو تجربو ڪامياب ٿيو، ۽ آخرڪار آمريڪا هن صديءَ جو اُهو موتمار جنگي هٿيار ”ائٽم بم“ جپان جي ٻن شهرن هيروشما ۽ ناگاساڪيءَ تي اڇلائي، تباهيءَ ۽ برباديءَ جو هڪ اهڙو نظارو ڏيکاريو، جنهن کي ڏسي، پوريءَ انسانذات کان خوف، ڏک ۽ ڪاوڙ وچان رڙ نڪري ويئي.
ويهين صديءَ جو اهو عظيم اَلميو ئي آهي، جنهن کي بيان ڪرڻ لاءِ برٽالٽ بريخت ”گليلو“ ڊرامي کي علامت طور استعمال ڪيو آهي. هن اَلمبي جي شڪار اڄ به هر اُهو ملڪ ۽ هر اُهو سماج آهي، جتي زور ۽ مفاد پرستي علم ۽ اقتدار تي قابض آهي. اسين پاڻ به اڄ هن اَلمبي جا اُهڙا ئي شڪار آهيون. جهڙو استاد گليلو گليليءَ جو سترهين صديءَ وارو اطالوي يا سڄو يوروپي سماج هو. ويهين صديءَ جو اُهو خوف، ڏک ۽ غصو ئي آهي. جيڪو تحرڪ ۾ اچي، تنگ نظريءَ تعصب ۽ اقتدار جي انڌ کان انساني روح کي نجات ڏياري سگهندو، ۽ انسان جي دل اميد، خوشيءَ ۽ ڪهل جي سوجهري سان روشن ٿيندي، ۽ هو پنهنجي لاءِ هن دنيا ۾ علم . انصاف ۽ محبت جي جنت تعمير ڪري سگهندو.

حيدرآباد سنڌ. _محمد ابراهيم جويو
4 سيپٽمبر 1977ع


شاهه، سچل، سامي
پنجين ڇاپي لاءِ ٻه اکر
زير نظر ڪتاب، “ شاهه _سچل _سامي، هڪ مطالعو“، جنهن جو پهريون ڇاپو فيبروري 1978ع ۾ پڌرو ٿيو . اصل ۾ هڪ مضمون طور لکيو ويو هو، ته جيئن ان کي سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ٽمورتي _ شاهه، سچل ۽ ساميءَ_ _ جي ڪلام (”شاهه جي رسالي“، .رسالي سچل سرمست“ ۽ ”ساميءَ جي سلوڪن“) جي ٽن جلدن (Trilogy) جي هڪ ئي خصوصي اشاعت (ڊسمبر، 1978ع) لاءِ مهاڳ طور پيش ڪيو وڃي.
5_ جولاءِ،1977ع تي ، ضياءُ الحق وارو خوني مارشل لا لڳي ويو هو، ۽ خاص طرح سنڌ جي سڄي فضا هڪ وڏيءَ گهٽ ۽ ٻُوسٽَ ۾ ورتل هئي. مارشل لا کان اڳ، پيلس پارٽي، حڪومت جي پوئين سال (1976ع) ۾ سنڌ دشمن، رجعت پرست حلقن، خاص طور جماعت اسلاميءَ جي نظرياتي بلئڪ ميل جي دٻاءَ ۾ ايندي، حڪومت سنڌ، شير شاهه جي شڪري جو ڪم ڪيو، ۽ سنڌي ٻوليءَ جا لڳ ڀڳ هڪ سـؤ ڪتاب ۽ رسالا هڪ ئي قلم جي نوڪ سان ضبط ڪري ڇڏيا.
دوستن جو انديشو هو ته اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن هن مهاڳ سان اُها ٽن جلدن واري ايڊيشن شايع ٿي ، ته پڪ ئي پڪ اُها به ضبط ٿي ويندي. اُنهيءَ خيال سان، پوءِ فيصلو ڪيو ويو ته اُن خصوصي ايڊيشن لاءِ الڳ هڪ سڌو سادو ۽ ننڍو مهاڳ لکيو وڃي، ۽ هيءُ مضمون جدا ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو وڃي.
۽ ائين هيءُ ڪتاب جڏهن پهريون ڀيرو پڌرو ٿيو، ته هڪ ئي مهيني ۾ ان جو ٻيو ڇاپو 3000 ڪاپين جو آندو ويو ۽ ان کان پوءِ به هڪٻئي پٺيان هن جا ٻه وڌيڪ ڇاپا شايع ٿي چڪا آهن. ان طرح ڪتاب جو هيءُ پنجون ڇاپو آهي، جو سنڌي ادب جي باشعور ۽ باذوق پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ٿي رهيو آهي.
ڪتاب جي هن نئين ڇاپي سان شامل، آخر ۾، موضوع سان لاڳاپيل پنج سنڌي مضمون_ _ ”اسين ۽ شاهه “، ”نئون نياپو“، ”سنڌ ۽ سنڌيت“، ”سنڌ منهنجي خوابن جي “، ۽ ”ڇڄ ۾ قطاران“، ۽ هڪ انگريزي مضمون ”Sindh and the Massage of Shah“ جو (پوئين سنڌي مضمون“ ڇڄ ۾ قطاران...“ جوهڪ طرح اختصاريل هڪ ترجمو ئي آهي)، ۽ پڻ ڪتاب تي لکيل، عزيز دوست تاج جويي جو مضمون، بعنوان ”تبصرو“ به شامل ڪيا ويا آهن.

حيدرآباد سنڌ. _محمد ابراهيم جويو
23 آگسٽ 1990ع

شاهه، سچل، سامي
1850_1689ع
مون هن مضمون ۾ شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي دؤر جو هڪ مطالعو پيش ڪيو آهي. ان ۾ مون ان دور سان گڏ، اجمالي طرح، خود اُن دؤر جي بس منظر طور، سنڌي سماج جي تقريباَ سڄي تاريخي دؤر جي سياسي، مذهبي ۽ تهذيبي صورتحال جو جائزو ورتو آهي. سنڌ جي تاريخ جو اهو هڪ وسيع سماجي پس منظر آهي، جنهن جي روشنيءَ ۾ شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي شعر جي جامع مقصد ۽ اُن جي اهميت کي سمجهي سگهجي ٿو.
سنڌي سماج جي تاريخ ۾ شاهه، سچل ۽ سامي ايئن آهن، جيئن زمين جي اندر اُن جي تَهه بَتَهه پيٽ ۾ املهه ۽ جرڪندڙ هيرا. هِن مضمون ۾ مون انهن جي سدا روشن فڪر ۽ پيغام جو ۽ سنڌي سماج لاءِ اُن جي معنيٰ ۽ بنيادي اهميت جو جائزو پيش ڪيو آهي.
انهيءَ چوڻ جي واقعي ڪا ضرورت ڪانهي ته شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي دور ۽ سندن شعر جي هيءُ مطالعو منهنجو پنهنجو شخصي مطالعو آهي_ پر اُن جي حمايت ۾ مان ايترو ضرور چئي سگهان ٿو ته ڪو ٻيو به جيڪڏهن سنڌ جي هنن بزرگ شاعرن جي پيغام جو ساڳئي اِنهيءَ سماجي بس منظر جي روشنيءَ ۾ جائزو وٺندو ته هو به اُن ۾ اُها ئي معنيٰ ۽ اُهو ئي بنيادي فهم ڏسندو، جيڪو مون کي شخصي طور ان ۾ ڏسڻ ۾ آيو آهي.
ٻولي جيڪڏهن ڪنهن قوم يا سماج جي سڄي تجربي جي ياداشت آهي، ته شاعري اُن جو اهم تجربي جي ياداشت آهي . ۽ جيڪڏهن ڳالهه اُن جي بهترين شاعريءَ جي هجي، ته اُن جي افاديت به ان لاءِ اُهڙي ئي انوکي، سچي ۽ اعليٰ ٿي سگهي ٿي. هن مطالعي ۾ مون شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي شعر جي اُنهيءَ اهميت ۽ اُنهيءَ افاديت جي ڳالهه ڪئي آهي.
مون سوچيو هو ته مون مضمون سان گڏ، اُن جي مرڪزي خيال جي مدد ۾، سنڌ جي هنن لاثاني شاعرن جي شعر جو انتخاب به ڏيئي ڇڏيان ؛ پر ڪن دوستن جي صلاح بيٺي ته مضمون پنهنجيءَ جاءِ تي جيئن هو تيئن شايع ڪجي، ۽ اهو پنهنجن سڄاڻ ۽ لائق پڙهندڙن تي ڇڏجي ته هو اُن جي روشنيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي هنن محب وطن ۽ محبوب شاعرن جي سڄي شعر کي، جيڪو سندن سڄي ماضيءَ جي تهذيبي تاريخ جو ورثو هو. پاڻ پڙهن، سمجهن ۽ دل سان لائين.
انساني معاملن ۾ حسن، نيڪي ۽ خير_ اُنهن جي سڃاڻپ، حاصلات ۽ تعمير_ هي ڳالهيون جذبي ۽ عشق کان سواءِ ممڪن نه آهن. ۽ جذبي ۽ عشق جو ڳالهيون يڪطرفي ايمان ۽ بي روح تشدد ۽ اقتدار جي ماحول ۾ ڪڏهن ته دل ٻڌي ائين چئي ڇڏبيون آهن. جئين سچل سائينءَ چوڻ چاهيون ۽ چيون_
سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي.....
پر اڪثر حالتن ۾، جيئن خود سچل سرمست به مناسب سمجهيو، اُنهن کي سڌي سنئين چوڻ بدران ڪنهن رمز ۽ ڍنگ سان چوڻ ضروري ٿئي ٿو_
ماٺ ڪيان تان مشرڪ ٿيان، ڪڇان تان ڪافر،
انهيءَ وائيءَ ور ڪو سمجهي” سچيڏنو“ چوي.
اسين، جو ڪجهه ٻڌون ٿا، پڙهون ٿا ۽ جو ڪجهه سوچيون يا سمجهيو ٿا، سو پنهنجي ماحول مطابق ۽ پنهنجن مسئلن جي روشنيءَ ۾ .ڪنهن جي سامهون ڪهڙا مسئلا آهن_ اهم ڳالهه اِها آهي. پنهنجن اُنهن مسئلن جي روشنيءَ ۾ ئي هر ڪو ماڻهو ۽ هر ڪو سماج پنهنجي راهه جو ڏس پڇي ٿو ۽ ڳولي ٿو _ پنهنجي تاريخ ، پنهنجي ادب ۽ پنهنجي سڄي تهذيبي ورثي جي حاصلات مان. شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي ڪلام ۾ سنڌي سماج لاءِ ان راهه جو هِن وقت ڪهڙو ڏس موجود آهي_ اهو معلوم ڪرڻ اسان مان هر هڪ جو اڄ پهريون فرض آهي: مون هن مضمون ۾ سندن ڪلام ۾ اُنهيءَ ڏس جي لهڻ جي پنهنجي پر ۾ هڪ ڪوشش ڪئي آهي.
مضمون جي آخر ۾ ”اسين ۽ شاهه“ جي عنوان سان پنهنجي هڪ مختصر ڳالهه جيڪا تازو اسان جي نئين ٽهيءَ جي هڪ نمائنده اشاعت ۾ ڇپي هئي. اُها جيئن جي تيئن شامل ڪئي اٿم_ جو مضمون جي مرڪزي خيال سان اُها پوري ءَ طرح لاڳاپيل آهي. بلڪ ان کي هڪ طرح هن مضمون جو اختصار چئي سگهجي ٿو.
آخر ۾ هڪ اعتراف ڪري ڇڏڻ بيحد ضروري آهي. هيءَ مضمون. جيئن پڙهندڙن جي اڳيان آهي، هرگز ممڪن نه ٿي سگهي ها، جيڪڏهن گذريل ڪجهه عرصي ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنڌ جي تاريخ جا اصلوڪا ماخذ شايع ٿيل نه هجن ها، ۽ خاص طرح جيڪڏهن اسان جي محترم بزرگ ۽ منهنجي عزيز ترين دوست پير حسام الدين راشديءَ جي سنڌ جي تاريخ تي ڪيل تحقيق اِشاعت هيٺ نه آيل هجي ها، اسان تي اُن پنهنجي علمي ۽ سنڌ جي هن محب وطن بزرگ عالم ۽ دانشور جي دلي شڪر گذاري لازم آهي.

حيدرآباد سنڌ. _محمد ابراهيم جويو
17جنوري، 1978ع

”مقاصد“ (Ends) جي سلسلي ۾ هيئن ٿو چئي سگهجي ( ۽ اِن تي سماوي ۽ ارضي طرز فڪر ٻنهي جو اتفاق آهي) ته مقصدن جو مقصد انسان پاڻ آهي_ هر ڪوشش، هر ڀلائي ۽ هر تربيت ۽ هر تنظيم انسان جي پنهنجي نجات ۽ پنهنجي عروج لاءِ آهي _ انفرادي طور به ۽ اجتماعي طور به: بلڪ جڏهن کان انسان سماجي طرز زندگيءَ ۾ پير رکيو ۽ مٿس. يعني انسانن مان ڪنهن هڪ انسان تي به، اها حقيقت روشن ٿي ته ٻن جي باهمي تعاون سان ئي ٻنهي جي مشڪل ڪشائي ۽ احتياج رسائي آسان ٿي سگهي ٿي، تڏهن کان سماجي زندگيءَ جو هر صحيح نظام ۽ هر صالح انقلاب جي پهچ جو نشان يعني اُن جو مقصد فقط ۽ فقط انسان جي گڏيل نجات ۽ انسان جو مشترڪ عروج يا ترقي ئي مقرر ٿيو_ نجات پنهنجي ڳاڻيٽي کان ٻاهر جڳن جي حيوانيت ۽ اُن جي گڏ ٿيل ۽ گڏ ٿيندڙ اثرن ۽ آثارن کان ۽ عروج پنهنجي لاحد، ترقي پذير، اعليٰ کان اعليٰ تر انسانيت ڏانهن.
1 بحواله: “Origin of Culture” از P. Smith صفحو 363.

 ٻارن جو مسيح

مهاتما گوتم ٻڌ ۽ حضرت عيسيٰ عليـه السلام جون زندگيون منهنجي لاءِ گهڻي وقت کان انساني عظمت جا يگانا مثال رهيون آهن. هو انساني پيار ۽ انساني ڪهل جا مبلغ هئا. هنن اسان کي هر جيو جي عزت جو سبق ڏنو آهي.
۽ اڄ اسان کي_ جئين بني نوع انسان کي اُن جي تمام ڊگهيءَ، لکن سالن جي زندگيءَ ۾، هميشه _ سڀ کان وڌيڪ اُنهن ٽن شين جي ضرورت آهي، يعني پيار، ڪهل ۽ زندگيءَ جي احترام جي.
مهاتما گوتم ٻڌَ ته پنهنجي سڄيءَ تعليم جو بنياد ئي اِن ڳالهه تي رکيو ته ’الڳ الڳ نجات ڪا شيءَ ڪانهي، گڏيل نجات لاءِ ڪم ڪرڻ سان ئي ماڻهوءَ کي آتما جي شانتي ۽ آخر ۾ (دک کان ) نروان پراپت ٿئي ٿو.‘ حضرت عيسيٰ مسيح عليـﮧ اسلام جي بنيادي تعليم اها هئي ته ”جيئن اوهين چاهيو ٿا ته ماڻهو اوهان سان هلن. اوهين به اُنهن سان اُئين هلو“....”پنهنجن پاڙيسرين کي ائين ڀانيو جيئن اوهين پنهنجي پاڻ کي ٿا ڀانيو“....”جئين اوهان جو اپائڻهار رحم وارو آهي. اوهين به ائين رحم وارا ٿيو“....”مبارڪ آهن اُهي. جيڪي صلح[يعني، انصاف ۾ امن] قائم ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته اُهي ئي خدا جا ٻالڪ سڏبا.“·
زندگيءَ جو حق، زندگيءَ جو موقعو ۽ زندگيءَ جي خوشي_هر ڪنهن کي گهرجن، پر ٻئي ڪنهن پاڻ جهڙي فرد، گروهه يا قوم جي مجبوريءَ يا محروميءَ جي قيمت تي نه.
اڄ اسين پاڻ وٽ ۽ دنيا ۾ اڪٽر ملڪن ۽ سماجن ۾ محبت بدران نفرت، رحم بدران فيض ۽ غضب ۽ زندگيءَ جي احترام بدران اُن جي بي حرمتي ۽ ذلت ئي ڏسون ٿا. فرد آهن ۽، اُن کان وڌيڪ، گروهه آهن ۽ فومون آهن، جيڪي فقط پنهنجي ڏاڍ ۽ طاقت جي آڌار تي ، پاڻ کان هيڻن فردن، گروهن ۽ قومن کي زندگيءَ جي حق کان . زندگيءَ جي موقعي کان ۽ زندگيءَ جي خوشيءَ کان محروم رکن ٿا، ۽ اُنهن جي بُک ۽ ڏک، غلاميءَ موت جي بنياد تي پنهنجي زندگيءَ جي آزادي، سک ۽ سلامتي حاصل ڪن ٿا ۽ ماڻين ٿا، ۽ اُن پنهنجي نفس پرستيءَ ۽ وحشي پڻي کي بيحد وڏن، ڏاڍن اوچن ۽ تمام سهڻن لفظن ۽ دعوائن جي غلافن ۾ ويڙهين ٿا ۽ لڪائين ٿا.
طاقت (جسم، دولت ۽ علم جي طاقت) پنهنجي ذاتي ۽ گروهي’نجات‘ (يعني، سک ۽ سلامتيءَ) لاءِ شروع کان اهو ئي عمل جو حيواني طريقو پئي اختيار ڪيو آهي: ۽ اُن جي برداشت کان ٻاهر گرفت ۽ گُهٽ کان بچڻ لاءِ اُن جي ليٽ ۾ آيل فردن، گروهن ۽ قومن هر وقت (شروع ۾ پنهنجي ڪمال هيڻائيءَ هوندي به) اُن جو مقابلو پئي ڪيو آهي ۽ وقتي طور اُن مان پوري پوري آزادي ۽ نجات به حاصل پئي ڪئي آهي. پر محدود عرض ڪاري ۽ وحشيپڻو_ يعني انفرادي ۽ گروهي مفادن جي برتريءَ ۽ لٽيرپ جو دٻاءُ_ وري وري پئي. هڪ نه ٻيءَ صورت ۾ غريب ۽ اڄاڻ انسانيت جي مٿان غالب پيو آهي. ۽ اهڙيءَ طرح هيءُ انسانيت ۽ حيوانيت جو ٽڪر هلندو ئي آيو آهي ۽ هلندو ئي رهي ٿو. نيڪيءَ ۽ بديءَ جي دائمي جنگ اها آهي، ۽ اُن جو هر معرڪو نيڪيءَ جي عملي قوت کي وڌائي ٿو ۽ آئنده معرڪي جي سوڀ لاءِ اُن کي وڌيڪ لائق بڻائي ٿو ۽ تيار ڪري ٿو. بني نوع انسان، مجموعي طور، پنهنجي انساني تهذيب جي جنهن منزل تي اڄ پهتل آهي. اُتي هو ائين ننڍيون ننڍيون سوڀون حاصل ڪري ۽ ڏاڪو ڏاڪو چڙهي، پهتو آهي ۽ ائين هو آهستي آهستي، پر پڪ ئي پڪ پنهنجي آسماني بادشاهت جي آدرش ڏانهن وڌي رهيو آهي. جنهن جي نيٺ به قائم ٿيڻ جي خوشخبري مسيح عليـه اسلام، ۽ پڻ ٻين سڀني نيڪ ۽ ڏاهن گن، اُن کي ڏني آهي.
حيوانيت (ذاتي محدود مفاد) ۽ انسانيت (اجتماعي مفاد) جي هر اهڙي تصادمي معرڪي جي واقع ٿيڻ لاءِ پهريون شرط هيءُ آهي ته اُن محدود مفاد يا حيوانيت جي مُنهن تان هر قسم جي حسين غلاف کي هٽايو وڃي. ۽ اُن جي نيڪ ۽ اعليٰ دعوائن جي ڍونگ کي سمجهيو ۽ پڌرو ڪيو وڃي. حيوانيت کي اها ڳالهه نه وڻندي آهي. ڇو ته اها لڪي لڪي پنهنجو شڪار ڪندي آهي، ۽ ان جو ظاهر ٿي پوڻ اُن جي وجود لاءِ خطري جو باعث بڻبو آهي_ ڇاڪاڻ ته پوءِ اُن کي نيڪيءَ جي حملي کان پاڻ بچائڻ لاءِ وڙهڻو پوندو آهي. انهيءَ ڪري حيوانيت هميشـﮧ سچ کي لڪائڻ ۽ اُن کي ظاهر ٿيڻ کان روڪڻ جي جتن ۾ لڳل هوندي آهي _ يعني، پهرين پهرين خود پاڻ کي اُها حق تي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ۽ چوندي آهي ته اُها پاڻ ئي عين انسانيت ۽ نيڪي آهي، ۽ اُن ڪوڙ کي سچ ڪري پکيڙڻ لاءِ هُنن وٽ پنهنجا ڀٽ ۽ ڍنڍورچي (اڄوڪيءَ دنيا ۾ پريس، ٽيليويزنون ۽ ريڊيا وغيره به_) بيهاريل ۽ رکيل هوندا آهن، جيڪي چند سڪن تي ۽ پنهنجي خسيس سُک ۽ سڻڀين آسامين کي بچائڻ لاءِ رڳو پيا اُن جي اُها ڪوڙي مشهوري ۽ تعريف ڪندا آهن: ۽ ٻيو ته اصل سچ جي هر قسم جي اظهار کي اُها پيئي گُهٽيندي ۽ ٻوساٽيندي آهي، ۽ ڪٿان ڪا روشنيءَ جي ڇيت پنهنجي ويڙهيل ڪاري قبيح مُنهن تي پوندي ڏٺائين ته سک ڦٽي ويندو اٿس ۽ بيبجي بيهندي آهي_ جيسين ڪا تاڪي ڏيئي اُن روشنيءَ جي ڇيت کي پنهنجي مٿان پوڻ کان روڪي نه ڇڏي يا مرڳوئي جتان اُها ڇيت ايندي هوندي اُن کي وڌي هيڪر وسائي نه ڇڏي ! پر سچ کي ڪي به ڀتيون ۽ تهه خانا اندر اچڻ کان روڪي نه سگهيا آهن ۽ نه ڪڏهن روڪي سگهن ٿا. سچ اچڻ وارو هوندو آهي ته ضرور ايندو آهي، ۽ پوءِ ان جي اچڻ سان اوندهه ازخود گم ٿي ويندي آهي _ ڇو ته اوندهه هوندي ئي گم ٿي وڃڻ لاءِ آهي، ۽ روشنيءَ کي هر ڪو چاهيندو آهي ، ۽ اُنهيءَ ئي معنيٰ ۾ روشنيءَ کي ”خدا يا خدا کي ”روشني“ چيو ويو آهي.
حضرت عيسيٰ مسيح به، نيڪيءَ ۽ انسانيت جي علامت بڻجي، اهڙيءَ ئي هڪ اوندهه ۾ روشني بڻجي آيو هو. هُن ڪُوڙ جي اِهڙي ئي هڪ ڪاري قبيح مُنهن تان پردو هٽايو هو. هُن لاءِ ماڻهن جي دل ۾ گهڻي محبت ۽ عزت هئي. ۽ هو هزارن ۽ لکن ۾ هن جي پٺيان هئا“ (ص_230)·. هن جي دور ۾ ذاتي ۽ محدود مفاد رکندڙ ۽ اُن جا محافظ_ حاڪم ۽ مذهبي پيشوا. ماڻهن جا ’اڳواڻ‘ ۽ سردار_ ”هن جي وڌندڙ اثر ۽ طاقت کي سهي نٿي سگهيا ، ۽ هنن جي دل ۾ حسد جي باهه ٻري رهي هئي. هُنن کيس ڌڪاريوٿي، ڇاڪاڻ ته هن سندن نيڪيءَ ۽ نيڪ هجڻ جي ڍونگ کي سمجهيو ٿي. ۽ ماڻهن کي چيو ٿي ته هو اُنهن جهڙا نه ٿين ۽ اُنهن جي پيروي نه ڪن. نيڪ هجڻ جو ڍونگ ڪرڻ نيڪ هجڻ کان گهڻو گهڻو آسان هو، پر جيڪي حاڪم ۽ سردار هئا اُنهن جو اهو ڍونگ جڏهن ظاهر ٿي ٿيو تڏهن اُهي سخت بي آرام ٿي ٿيا ۽ ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ٿي ويا“ (ص 233). ”هن کي معلوم هو ته اُهي ڏاڍا هٺيلا، خود غرض، ڪوڙا، تنگدل ۽ ڪٺور هئا، ۽ هو سدائين ماڻهن کي جهليندو هو ته هُنن کي پاڻ ڪڏهن به اُنهن عالمن ۽ مفيتن جهڙو ٿيڻ نه گهرجي، ڇو ته اُنهن رڳو نيڪ هجڻ جو ڍونگ ٿي ڪيو. اُنهن پنهنجي نيڪيءَ ۽ نياز منديءَ جو وڏو ڏيکاءُ ٿي ڪيو، پر دعوتن ۾ پهرين ۽ مُکُ جاين والارڻ ۽ خُدا جي گهرُ ۾ پهرينءَ صف ۾ ۽ اوچي کان اوچي منبر تي پهچڻ جو ڪيڏو نه اُنهن کي شوق هو! ۽ ڪيڏو نه حرص هو اُنهن کي ته ماڻهو کين ’سائين‘، ’مولا‘، يا ’حضرت‘ چئي، سندن اڳيان نمن ۽ ٻانهون ٻڌي بيهن !“ (ص_219_220) ”تحقيق هو هڪڙو حيرتناڪ ۽ بي مثل ماڻهو هو_ خدا جي آڏو ۽ سڀني ماڻهن جي آڏو قول ۽ فعل ۾ هڪ عظيم انسان . هن کي ربين [مذهبي پيشوائن] ۽ حاڪمن ڏوهي ڪري، صليب تي چاڙهي، شهيد ڪري ڇڏيو“ (ص 284). هُن لاءِ ”پنهنجي مقصد ۽ پنهنجي ڪمال کي پهچڻ واسطي اُهي سڀ تڪليفون ۽ ڏک سهڻ ضروري هئا.“ ۽ پوءِ ئي هو ”سوڀيا جي ڪڪر سمان اُڀري، مٿي [عظيم انساني تاريخ جي] آسمان تي چڙهي ويو هو“ (ساڳيو صفحو). ”هن ايڏا سور ۽ ڏک سَٺا، پر پنهنجي طاقت ۽ پنهنجو اثر پاڻ کي مدد ڪرڻ ۽ پاڻ کي بچائڻ لاءِ [يعني، پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ] استعمال نه ڪيائين: هو سدائين ٻين کي بچائيندو ۽ ٻين جي مدد ڪندو رهيو“ (ص 281)_ انهيءَ لاءِ ته هن ڌرتيءَ تي جيڪا آخرڪار امن ۽ انصاف جي بادشاهت قائم ٿيڻي هئي. جنهن کي هُن آسماني بادشاهت‘ سڏيو ٿي. اُن لاءِ ماڻهو ڏک ۽ سُور سهن. پنهنجو رت هارين ۽ پنهنجي جان جي قرباني ڏين، ته جيئن اُن جي قائم ٿيڻ لاءِ سماجي حالتون سازگار ٿين ۽ زمين هموار ٿئي.
مسيح انسانن کي پنهنجي لاءِ هيٺ ڌرتيءَ تي اُن آسماني بادشاهت‘ جي قيام لاءِ تيار رهڻ ۽ ڪم ڪرڻ جو رستو ڏسيو:
”هن کي خبر هئي ته نفرت ۽ بي رحمي لڙائيءَ، جهيڙي ۽ موت جا بنيادي سبب هئا. هن کي خبر هئي ته ’يرو شلم‘ جا ماڻهو فقط امن، پيار ۽ سهڪار جو سندس پيغام ٻڌڻ ۽ اُن تي عمل ڪرڻ سان ئي موتمار خطرن کان محفوظ رهي سگهيا ٿي.
”هڪڙي ڏينهن شام جو هُن جي ساٿين عبادتگاهه جي عمارت جي وڏن پٿرن ڏانهن ڏسندي، ڏاڍو عجب ظاهر ڪيو ۽ چيو: ’خدا جي گهر جا هي پٿر اڏول ۽ اَمٽ آهن: سچ پچ به ته اُنهن مان هڪ هڪ پٿر ايڏو وڏو هو، جو اُهو ڪنهن غريب جي ڪٽنب لاءِ پريان ٽڪريءَ جي پاسي تي اَڏيل اڇي رنگ جو سڄو ڪو گهر ٿي معلوم ٿيو!‘ ” هن اُنهن وڏن پٿرن ڏانهن ڏٺو، ۽ ڏاڍي هڪڙي عجيب ڳالهه ڪئي. ”’جلدئي‘، هن چيو، ’اِنهن پٿرن مان ڪو هڪڙو به ٻئي جي مٿان سلامت نه رهندو! اِهي سڀئي ڪري، اچي پٽ پوندا. ڇو ته هر عمارت، جنهن جو ڪم نه رهندو، ساڊهندي.‘
”سائين ، اهو سڀڪجهه ڪڏهن ٿيندو؟‘ هن جي ساٿين عجب ۽ خوف ۾ ڀرجي هن کان پڇيو.
”۽ پوءِ هُن اُنهن سڀني کي ٻڌايو ته ڏاڍو هڪ خطرناڪ وقت ويجهو اچي رهيو هو، جڏهن انساني ڌڪار ۽ ساڙ ’يروشلم‘ کي، ۽ گهڻين قومن کي، ڌڪي جنگ جي کوري ۾ اڇلائي ڇڏيندو.
”’جنگين جون ڳالهيون نڪرنديون ۽ جنگيون ٿينديون‘، هُن چيو. ’۽ قومون هڪٻئي جي خلاف وڙهنديون. زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا ۽ خطرناڪ بيماريون پکڙنديون. اوهين جيڪي منهنجا ساٿي آهيون، منهنجي ڪارڻ تمام گهڻا ڏک ڏسندا ۽ تمام گهڻيون تڪليفون سهندا، ڇاڪاڻ ته هو اوهان کي ماريندا، سزائون ڏيندا، ۽ گهلي حاڪمن ۽ بادشاهن وٽ وٺي ايندا ، ۽ اُڇلي بنديخانن ۾ وجهندا. پر اوهان کي ڊڄڻ نه گهرجي، ڇو ته ائين اوهان کي موقعو ملندو هر ڪنهن کي منهنجي پيغام ۽ منهنجي مقصد بابت ٻڌائڻ جو، ۽ اُن لاءِ اوهان جي زبان تي پورا ۽ صحيح لفظ پاڻيهي تري ايندا.
”’يروشلم پورو ناس ٿيندو.....۽ زمين تي اوندهه ۽ انڌڪار ڇانئجي ويندو. پر هڪ ڏينهن ايندو، جڏهن منهنجي بادشاهت قائم ٿيندي، ۽ منهنجا دوست ڳولي ڳولي لهبا ۽ گڏ ڪيا ويندا. انهيءَ ڪري اوهين چوڪس رهو، جڏهن گهرجو مالڪ[حق جو داعي ۽ اُن لاءِ قرباني گهرندڙ] اُٿندو ۽ اوهان وٽ ايندو_ اُنهيءَ گهڙيءَ لاءِ اوهين تيار رهو ۽ جا ڳندا رهو!“ (ص 222_223)....
ڇاڪاڻ ته ڪهڙي خبر ته اها“ آسماني بادشاهت“ ڪڏهن اچي ۽ هڪڙي ڏينهن قائم ٿئي‘!“ (ص226).
مسيح جو جنم. مسيح جي حياتي، مسيح جي تعليم، مسيح جو موت ۽ هُن جو جي اٿڻ ۽ آسمان ڏانهن عروج ۽ هُن جي (عام عقيدي يا اميد موجب) وري موٽي اچڻ جو ’واعدو‘_ هي سڀ شيون علامتي اهميت جون آهن.هن ڪتاب جي پڙهڻ سان ، جنهن ۾ اهي شيون ڳالهين جي صورت ۾ آيل آهن. انهن جي اها اهميت ظاهر ٿئي ٿي.
مسيح جو جنم هر انساني ٻار جي جنم جي علامت آهي_ خاص طرح مظلوم ۽ محڪوم قوم جي هر ٻار جي جنم جي. اُن جي به هر پورهيت ۽ مسڪين گهرجي ٻار جي جنم جي. جنهن ۾ هُن جي مائٽن، هُن جي طبقي جي سڀني ماڻهن ۽ هُن جي سڄيءَ قوم، بلڪ سڄيءَ انساني برادريءَ جون اميدون ٿين ٿيون يا ٿي سگهن ٿيون ته هو سند ڇوٽڪاري ۽ خوشحاليءَ جو سبب بڻبو ۽ اُڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهندو.(پهرينءَ کان ڇهين ڳالهه ص 33_69). انهيءَ ڪري ئي چيو ويو آهي ته ’ٻار انسان جي پيءُ آهي‘ ۽ پڻ بلڪل صحيح طور تي چئي سگهجي ٿو ته ’ٻارُ ئي آئيندي جو مسيح آهي‘. ٻار جي تربيت صحيح ٿئي. ٻار جي تعليم صحيح ٿئي، ٻار جي آڏو زندگيءَ جو مقصد صحيح ۽ اعليٰ ۽ واضح مقرر ٿئي ته اهو ٻار پنهنجي حياتيءَ جي عمل سان ”غريبن کي خوشحاليءَ جي، قيدين کي آزاديءَ جِي، انڌن کي بينائيءَ جِي ۽ ماريل ۽ پيڙيل انسانن کي سلامتيءَ ۽ ڇوٽڪاري جي خوشبري“· ڏيندو. اُهو ٻار ”پنهنجي طاقت ۽ پنهنجو اثر پاڻ کي مدد ڪرڻ ۽ پاڻ کي بچائڻ لاءِ استعمال نه ڪندو“ (ص281)_ يعني هو غرض ڪار ۽ خودمفادي نه ٿيندو، پر هو ”سدائين ٻين کي بچائيندو ۽ ٻين جي مدد ڪندو رهندو“ (ساڳيو صفحو) يعني هو عام مفاد جو حامي ۽ پر اُپڪاري ٿيندو ۽ اُن لاءِ جيڪي به ڏک ۽ سور، تڪليفون ۽ عذاب غرضڪارن ۽ خودمفادي فردن ۽ گروهن طرفان هن کي ڏنا ويندا، سي هو صبر ۽ همت سان سهندو ، ۽ نيٺ اُن ’مسيحي‘ راهه ۾ هو پنهنجي مٿي تي حقارت ۽ ملامت جي ڪنڊن جو تاج پائي، پنهنجي صليب پنهنجن ڪلهن تي کڻي، کلندي ڪڏندي پنهنجن پراون، سڀني لاءِ من ۾ نيڪ تمنائون کڻي، ضرورت ٿي ته وڃي سوريءَ تي به چڙهندو، ۽ ائين” پنهنجي مقصد ۽ پنهنجي ڪمال “ (ساڳيو صفحو) کي پهچڻ واسطي پنهنجي بهترين املاڪ، يعني پنهنجي املهه حياتي به، قربان ڪري ڇڏيندو_بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن اُن بي مثل شهيد، خدا جي معصوم بندي ۽ پياري ٻالڪ، مسيح عليـﮧ السلام، پاڻ ڪيو ۽ اهڙيءَ شهادت کان پوءِ، جڏهن پيو ڏسبو آهي ته اُن سان گڏ خود مقصد به شڪست کائي ختم ٿئي ويو، تڏهن ٿورا ڏينهن (”ٽي ڏينهن“) ئي نه گذرندا ته قربانيءَ جو اهو مثال سامهون رکي. اُن ئي راهه عمل جا مسافر اُن مقصد اعليٰ کي وري جيئاريندا ۽ اُن جي تعميل ڪندا. ۽ پوءِ جڏهن اُها راهه وڃي ڪٿي کُٽندي ۽ اُن جو وڌيڪ ڪم نه رهندو، تڏهن وري ٻيو ڪو مسيح انسانيت کي ان اوجهڙ مان نڪري. اڳتي وڌڻ لاءِ ٻي ڪا نئين راهه ڏسيندو. ۽ ائين دنيا ۾ هدايت ۽ رهبريءَ جي ضرورتمند مظلومن ۽ محڪومن جي دلين ۾ پنهنجي ئي اولاد مان، پنهنجي ئي آئنده نسل ۾، ڪنهن مسيحا جي امر آس سدا موجود رهي ٿي_ ۽ اُنهيءَ مضبوط ۽ سدا حيات اميد جي بنياد تي ئي انسانيت پنهنجي نجات لاءِ حيوانيت سان پنهنجي جنگ قائم رکيو آئي آهي ۽ اُن کي، سواءِ آخري ۽ ڪامل سوڀ جي، جڏهن انساني سماج ۾ آسماني بادشاهت‘ قائم ٿيندي، هوءَ ڪڏهن به ختم ڪانه ڪندي.
مسيح عليـﮧ السلام جي ٻارن سان ڏاڍي گهڻي دل هوندي هئي_ ڇو ته هن جي نظر ۾ هو ئي سندس ’آسماني بادشاهت‘ يعني سموري انساني شرف ۽ شان، نيڪيءَ فضيلت جا وارث، محافظ ۽ معمار هئا. هو پاڻ به ٻارن جهڙو ٻار هو_ معصوم، بيقرار ۽ شيدائي_ ڄاڻڻ لاءِ ۽ نيڪيءَ جي ڪامل مسرت لاءِ، ڪٿي به هو ڪو ٻار ڏسندو هو ته وڌي اُن جي آجيان ڪندو هو. هو ٻارن کي آکاڻيون ٻڌائيندو هو، ۽ اُهي هنن کي ڏاڍيون وڻنديون هيون. هو هنن سان بيهي ننڍيون ننڍيون رانديون ڪندو هو ۽ هنن کي وندرائيندو هو. هڪڙي ڀيري هن جا ساٿي ٻارن کي ڏانهس ايندي ڏسي، اُنهن ڏانهن وڌي ويا ۽ چوڻ لڳا _ ”هو ماڻهن سان ڳالهائي رهيو آهي. هيءَ ڪا مهل آهي، جو ٻارَ هُن کي ڪڪ ڪن ! هينئر وڃو ؛ ٿورو رکي، پوءِ موٽي اچجو!“ مسيح جڏهن ڏٺو ته سندس ساٿي ٻارن کي وٽس اچڻ کان منع ڪري رهيا آهن، تڏهن اُنهن کي سڏ ڪري چيائين : ”انهن کي مون ڏانهن وٺي اچو! ٻارن کي مون ڏانهن اچڻ کان نه روڪيو. اِهي منهنجي بادشاهت جا واسي آهن. جيئن اوهين آهيو_ ۽ سچ پچ به ته، جيسين اوهان وٽ ٻار جي دل جهڙي ڪشادي ۽ معصوم دل ناهي. تيسين اوهين منهنجي بادشاهت ۾ داخل ٿي نٿا سگهيو !“ (ص206)
اينڊ بلائٽن(Enid Blyton) جو مون جڏهن هيءُ ڪتاب ” ٻارن لاءِ يسوع جي سوانح عمري“ (Children’s life of Christ) پڙهيو، تڏهن هڪدم مون اُن کي سنڌيءَ ۾ آڻي، 1979 جي ٻارن جي عالمي سال جو تحفو ڪري، سنڌي پڙهندڙ ٻارن کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. هيءُ ڪتاب ڪيئي سال منهنجي لئبرريءَ ۾ پيو رهيو. پر اُن کي ٻيهر پڙهڻ جي صورت ائين پيدا ٿي، جو مون کي ”الوحيد“ جي ”سنڌ آزاد نمبر“ جي ٻئي ڇاپي لاءِ پيش لفظ لکڻ جي سلسلي ۾ حضرت عيسيٰ مسيح جي حياتيءَ جي هڪ ٻن ڳالهين ۽ ڪن مشهور قولن جي تصديق لاءِ ڪتاب کي ڏسڻو پيو، ۽ اُن خيال کان هيءُ ڪتاب به پڙهيم، ۽ ائين اُن جي پهرين ڳالهه ۽ ڇٽيهين ڳالهه الوحيد جي ”آزاد نمبر “ جي اُن پنهنجي پيش لفظ ۾ شامل به ڪيم. اُهو پيش لفظ بهرحال پوءِ ”نمبر“ جي اُن ڇاپي ۾، جيڪو پڻ ٻارن جي عالمي سال جي هڪ اشاعت طور تجويز ٿيل هو، ڪن ناموافق حالتن سبب اچي نه سگهيو (آئنده ڪو موقعو مليو ته اُهو مضمون به پنهنجي لائق پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪيو ويندو.)
اڄ اسان وٽ، جيئن دنيا جي گهڻي حصي ۾، اجتماعي مفاد تي محدود مفاد غالب آهي، ۽ نيڪيءَ ۽ صداقت جي سَند زور ۽ طاقت جي وس آهي، ۽ فعل جو خيال بلڪل نه آهي پر قول جو هو ڪو ۽ غوغاءُ عرشين ٻُري رهيو آهي. مسيح چيو ٿي ته ”نيڪيءَ جا ڪم ماڻهن جي سامهون ڏيکاءَ لاءِ نه ڪريو.... ۽ جڏهن خيرات ڪريو ته پنهنجي اڳيان اُن جا توتارا نه وڄارايو...۽ جڏهن بندگي ڪريو ته رياڪارن وانگر بازارين جي چونڪن تي بيهي نه ڪريو....۽ ’غير قومن‘ وانگردعائن گهرڻ مهل بڪ بڪ نه ڪريو_ جئين هو سمجهندا آهن ته هنن جي ڏيکاءَ ڪرڻ سان ماڻهو هنن جي بزرگيءَ جا گيت ڳائيندا، ۽ سندن غوغاءَ ۽ بڪ بڪ سان سندن دعائون [۽ دعوائون] ٻڌيون وينديون ۽ مڃيون وينديون،“ · پر اڄ ته چڱن ڪمن جي ڏيکاءَ ۽ غوغاءَ بدران بُرن ڪمن_ دٻاءَ، ڦرلٽ ۽ ظلم جي ڪمن_ جا توتارا وڄن ٿا۽ ڏيکاءَ ٿين ٿا ۽ اُنهن کي مقدس نالن ۽ اصطلاحن جي پٺيڀرائي ۽ مقبوليت ڏني وڃي ٿي_ ۽ اهوئي سچ پچ ته سدائين غرض ڪاريءَ لاءِ زور ۽ طاقت جي عمل جو حيواني طريقو رهيو آهي.
اهڙن ذاتي ۽ گروهي مفاد بازن ۽ ڪوڙن دعويدارن ۽ ڳلٿيبازن کان خبردار ڪندي، مسيح چيو هو ته ”اِهي اوهان وٽ رڍن جي ويس ۾ اچن ٿا، پر اصل ۾ اِهي وحشي بگهڙ آهن. اُنهن کي اُنهن جي ڪمن مان اوهين سڃاڻي سگهندا. ڇا. اوهان کي ڪنڊن مان انگور ۽ ڪانڊيرن مان انجير ملي سگهن ٿا؟ اِنهيءَ طرح، سڀڪو سٺو وڻ سٺو ميوو ڏئي ٿو ۽ خراب وڻ خراب ميوو ڏئي ٿو. سٺو وڻ ڪڏهن به خراب ميوو نٿو ڏيئي سگهي، نه خراب وڻ ڪڏهن سٺو ميوو ڏيئي ٿو سگهي. جيڪو وڻ سٺو ميوو نٿو ڏئي، اُن کي وڍي باهه ۾ وڌو ويندو آهي. انهيءَ ڪري اُنهن کي [هيمشـﮣ] اوهين اُنهن جي ميوي مان [يعني، اُنهن جي ڪمن مان] سڃاڻو !“1 مسيح اهڙن غرض ڪار مفاد پسندن کي ”غير قومن جا امير ۽ سردار“ سڏيندي، پنهنجن ساٿين کي اُنهن جي مثال کان پري رهڻ لاءِ ٿي چيو، ڇو ته ”اُهي اُنهن تي حڪومت ڪندا آهن ۽ اُنهن تي اختيار هلائيندا آهن...پر اوهان مان ڪنهن کي ائين ٿيڻو ڪونهي. بلڪ جيڪو اوهان ۾ وڏو ٿيڻ چاهي، اُن جو ڪم آهي ته اوهان جو خادم ٿئي، ۽ جو اوهان ۾ اڳواڻ ٿيڻ چاهي، اُهو سڀني جو ٻانهو بڻجي، ڇاڪاڻ ته ابن آدم [يعني، مسيح پاڻ] به انهيءَ لاءِ نه آيو آهي ته خدمت وٺي پر انهيءَ لاءِ آيو آهي ته خدمت ڪري، ۽ پنهنجي جان گهڻن لاءِ قربان ڪري.“2
هڪڙي ڀيري مسيح جي ساٿين ۾ بحث اچي نڪتو ته منجهن وڏو ڪير هو_ هُنن پوءِ مسيح کان پڇيو: ”سائين، آسماني بادشاهت ۾ سڀ کان وڏو ڪير آهي؟“ مسيح هڪڙي ننڍڙي ٻار کي پاڻ وٽ سڏي .اُنهن جي وچ ۾ کڻي بيهاريو، ۽ چيائين: ”آءُ اوهان کي سچ ٿو چوان [هيءُ پياري مسيح جو تڪيوڪلام هو] ته جيسين اوهين ڦري ننڍڙن ٻارن جهڙا نه ٿيندا، تيسين ڪنهن به طرح آسمان جي بادشاهت ۾ داخل ڪين ٿيندا، تنهنڪري [اوهان مان] جيڪو ڪو پاڻ کي هن ٻار وانگر ننڍو ڪري سمجهندو . اُهو ئي آسماني بادشاهت ۾ سڀ کان وڏو ليکبو“1
هيءُ ڪتاب ”ٻارن جو مسيح“، سنڌيءَ ۾ اهڙن ئي ٻارن لاءِ ٻارن جي عالمي سال 1979ع جو هڪ تحفو آهي ۽ ان کي سنڌي ٻار ضرور پڙهندا، پر ٻارن کان وڌيڪ اهو اسان وڏن کي پڙهڻ گهرجي_ ڇو ته ٻار پنهنجي مسيح کي سمجهن، تنهن کان اڳ اُنهن جي وڏن لاءِ ضروري آهي ته اُهي مسيح کي سمجهن. مسيح جي حياتيءَ ۽ مسيح جي تعليم مان اسين زندگيءَ جون ڪي بنيادي ڳالهيون ۽ بنيادي حقيقتون سکون ٿا ۽ انساني تهذيب جي سڀ کان وڌ بنيادي ڳالهه هيءَ آهي ته ٻارن جي پرورش ۽ تربيت وڏن کي ڪرڻي آهي_ ۽ ان لاءِ مسيح جو چوڻ آهي ته ”هي ننڍڙا ٻار _ جن جو مون ۾ ايمان آهي [ڇاڪاڻ ته اِهي معصوم آهن، ۽ شيدائي آهن نيڪيءَ جي ڄاڻڻ ۾ ماڻڻ جا]_ تن مان ڪنهن هڪڙي کي به جيڪو گمراهه ڪندو. اُن لاءِ چڱو ائين ٿيندو ته هڪڙو وڏو جنڊ جو پڙ سندس ڳچيءَ ۾ لٽڪائي کيس اونهي سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏجي.“2 انهيءَ ڪر ي، هن ڪتاب کي اسان جا وڏا به ايترو ئي پڙهن جيتري اسان کي اميد آهي ته اسان جا ننڍا اُن کي پڙهندا، تنهن لاءِ اُن جو هيءُ پيش لفظ ڪجهه تفصيل سان ۽ ڪجهه ڏکيريءَ ٻوليءَ ۾ ۽ پڻ ڪجهه ڳوڙهي نموني لکيو ويو آهي. زندگيءَ جون بنيادي حقيقتون ۽ ڳالهيون، جيڪي هن ڪتاب جي پڙهڻ سان، مسيح جي مثالي ۽ اعليٰ ڪردار جي صورت ۾ ٻارن جي سامهون اچڻيون آهن_ مثلاَ انسانيت ۽ اُن جا مخصوص قدر ۽ نشان _ اُنهن ڏانهن خصوصي طور هن پيش لفظ ۾ ڪجهه کولي ۽ ڪجهه اشارن ۾ پڙهندڙن جو ڏيان ڇڪايو ويو آهي_ اُنهيءَ لاءِ ته اسين وڏا، جيڪي پاڻ کي وڏو ۽ پنهنجن ٻارن کي پاڻ کان ننڍو ٿا سمجهون، سي نه رڳو هنِ ڪتاب جي پڙهڻ لاءِ سڀ کان اول پاڻ آماده ٿيون، پر پنهنجن اُنهن پاڻان ننڍن کي انسانيت جي اُن خلق عظيم جي راهه تي هلائڻ جي صلاحيت پرائي سگهون، هلائڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ هلايون.
مون فلسفي جي تاريخ پڙهي آهي، مون سائنس جي تاريخ پڙهي آهي ، ۽ مون مذهب جي تاريخ به پڙهي آهي. فيلسوف ۽ سائنسدان ڪڏهن به پنهنجي ڪنهن بيان يا خيال جي هڪ کان وڌيڪ معنيٰ يا تفسير يا تعبير ڪونه ڪندا آهن_ جيئن مذهبي عالم پنهنجي هر خيال يا بيان جو تقريباَ هر حالت ۾ ڪن ٿا ۽ پنهنجيءَ سڄيءَ علميت جو مانڊاڻ اُن معنيٰ ۽ تعبير جي ڪثرت تي بيهارين ٿا. ۽ ٻيو ته فيلسوفن ۽ سائنسدانن ۾ اختلاف ته ٿين ٿا. پر دشمنيءَ جي حد تائين نه، جو ڳالهه وڃي جنگ ۾ جدل تائين پهچي! هو مذهب جي عالمن وانگر هڪٻئي کي ڪنهن به صورت ۾ واجب القتل ڪونه سمجهندا آهن ۽ نه ڪڏهن برادريءَ مان خارج ڪندا آهن، ۽ نه ائين ڪرڻ لاءِ ڪڏهن هڪٻئي جي ڳالهين کي ٽوڙي مروڙي، اصليت کان بگاڙي، ٻئي کي گهٽ ۽ فقط پاڻ کي ئي مٿي ڪندا آهن. مذهب ۾ ائين ڇو هوندو آهي ۽ مذهب جا عالم ائين ڇو ڪندا آهن ۽ فيلسوف ۽ سائنسدان ائين ڇو نه ڪندا آهن_ اِهو هڪڙو بيحد اهم سوال آهي، ۽ جواب به اُن جا ڪيئي ۽ ڪيترين ئي صورت ۾ ڏيئي سگهجن ٿا. پر هڪڙو سبب اِن جو ، جيڪو ٻين سڀني سببن تي حاوي آهي، سو هيءُ آهي ته فلسفو ۽ سائنس پاڻ کي سياست ۽ سياسي اقتدار جي ڪشمڪش کان پري رکن ٿا، ۽ خود پنهنجي برتريءَ ۽ بچاءَ لاءِ به ڪڏهن زور ۽ طاقت کان ڪم ڪونه ٿا وٺن، ۽ انهيءَ ڪري اُنهن جي ڪوشش جو دائرو سدائين سچ ۽ سچ جي ڳولا تائين محدود رهي ٿو ؛ پر مذهب جا عالم سياست ۽ سياسي اقتدار جي ڪشش ۽ حرص· ۾ اچي سچ جي اُن دائري کان ٻاهر نڪري وڃن ٿا. ۽ ائين پنهنجي ايمان ۾ به ردبدل ڪن ٿا ۽ پڻ پنهنجي پاڻ ۾ توڙي پنهنجن مخالفن سان فقط سياسي (رياستي) اقتدار جي رسه ڪشيءَ ۾ ”تون تون ۽ مان مان“ جي فرق ۽ فساد ۾ وٺجي وڃن ٿا.
۽ اهڙيءَ ئي ايماني ردبدل ۽ خالص ’فرق ۽ فساد‘ جي ذهنيت حضرت مسيح جي تعليم سان پڻ، ٻين ڪيترين عجيب غريب ڳالهين سان گڏ، هڪهڙي ڳالهه هيءُ به آڻي وابسته ڪئي آهي ته ان ۾ خدا کي پيءُ ۽ مسيح کي خدا جو پٽ مڃيل آهي_ بلڪل ائين جيئن جاندار شين ۾ هوندو آهي (حالانڪ وحدانيت جي تصور وارو خدا ڄمڻ ۽ ڄڻڻ جي تعليم ۾ ائين هرگز مڃيل نه آهي، جتي انجيل مقدس ۾ مسيح پاڻ کي خدا جو پٽ ۽ خدا کي پنهنجو پيءُ چيو آهي، اُتي ان ئي ڪتاب مقدس ۾ سوين ڀيرا هُن پاڻ کي ”ابن آدم“ يا ”آدمزاد“ (Son of man) به چيو آهي، ۽ خدا کي هر انسان جو ، بلڪ سڀني انسانن جو پيءُ ۽ اُنهن کي خدا جا پُٽَ يا ٻالڪ (Children of God) سڏيو آهي 1 ظاهر آهي ته ”پٽ“ ۽ ”پيءُ“ هتي تشبيهه يا استعاري جي لفظن طور ڪم آيل آهن، جن مان مراد هڪ پاسي ”مخلوق“، ”بندو“ وغيره ۽ ٻئي پاسي ” اپائڻهار“ (خالق)، ”پالڻهار) (ب)، ”ٻاجهارو“ (رحمان) ۽ ”مهربان“ (رحيم) ئي آهي، جيئن پيءُ پنهنجي پٽ لاءِ ٿيندو آهي_ ۽ ٻي ڪابه ڪانهي اِهي لفظ به ائين مسيح پنهنجي تعليم ۾ انهيءَ ڪري استعمال ٿي ڪيا، جو اُنهن ڏينهن ۾ اُتي، خاص طرح يهودين ۾ جن وٽ ئي هن کي پنهنجي دعوت پيش ٿي ڪرڻي پيئي، اُهي لفظ مذهبي اصطلاح طور، اُنهيءَ ئي معنيٰ ۾ رائج هئا_ مثلاَ يهودين جا پادري پاڻ ئي سڄيءَ پنهنجي اسرائيلي قوم لاءِ چوندا هئا ته ”اسان جو هڪ ئي پيءُ آهي ۽ اهو خود خدا آهي“.2 انجيل ۾ ٻئي هنڌ خود مسيح پنهنجي ساٿين کي هدايت ڪندي چيو آهي:“ ۽ زمين تي ڪنهن کي به پنهنجو پيءَ ته چئو ڇاڪاڻ ته اوهان جو پيءُ هڪ ئي آهي، جو آسمان تي آهي.“· مسيح اهي لفظ فقط تشبيهي ۽ استعاري لفظن طور استعمال ٿي ڪيا، اُن جو پڌرو مثال انجيل جي ٻئي هڪ بيان ۾ به ملي ٿو.
[صليب تي چڙهڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن مسيح آخري بار يروشلم ۾ آيو هو، ۽ ماڻهن جا انبوهه هن وٽ اچي رهيا هئا، ۽ هن کي شهيد ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون هيون، تڏهن ڪن ماڻهن جن ۾ يوناني به هئا، هن سان ملڻ جي خواهش ڏيکاري: هن جي ساٿين جڏهن اها ڳالهه هن سان ڪئي، تڏهن] ”يسوع جواب ۾ اُنهن کي چيو اُهو وقت اچي ويو آهي جڏهن ابن آدم جلال حاصل ڪندو آءُ اوهان کي سچ ٿو چوان ته جيستائين ڪڻڪ جو داڻو زمين تي ڪري مري نٿو وڃي. تيستائين اهو اڪيلو ٿو رهي. پر جڏهن مري ٿو وڃي تڏهن اُهو گهڻو ڦل ٿو ڏئي، جيڪو پنهنجو ساهه پيارو ڪندو. اُهو اُن کي وڃائيندو. ۽ جيڪو دنيا ۾ پنهنجو ساهه ڪڙو ڪندو. اُهو اُن کي هميشه لاءِ بچائيندو. جيڪڏهن ڪو شخص منهنجي خدمت ڪرڻ گهري ٿو ته منهنجي پيروي ڪري : پوءِ جتي مان آهيان اُتي اُهو به هوندو. جيڪو منهنجي خدمت ڪندو، [منهنجو سڀني جو] پيءُ اُن جو مانُ مٿي ڪندو. هاڻي منهنجو ساهه ڪنبي ٿو، ته پوءِ مان ڇا چوان؟_ اي بابا! مون کي انهيءَ گهڙيءَ کان بچاءِ،؟ پر مان انهيءَ ئي لاءِ ته ان گهڙيءَ کي پهتو آهيان! [انهيءَ ڪري] آءُ چوان ٿو ’اي بابا! پنهنجي نالي کي جلال ڏي [يعني، پنهنجيءَ ڳالهه کي اوچو ڪر، ڪامياب ڪر] پوءِ آسمان مان آواز آيو_ مون [هميشه]ان کي جلال ڏنو آهي ۽ وري به ڏيندس‘. جيڪي ماڻهو بيٺا هئا ۽ ٻڌي رهيا هئيا، اُنهن چيو هيءَ ڪڪرن مان ڪهڙو آواز آيو! ٻين چيو ته فرشتو هن سان هم ڪلام ٿيو.‘ يسوع جواب ۾ چيو هيءُ آواز مون لاءِ نه هو، بلڪ اوهان لاءِ هو. هاڻي دنيا جي عدالت جو فيصلو ٿيڻو آهي. ۽ دنيا جي سردار کي ڪڍيو ويندو. ۽ مون کي جيڪڏهن زمين کان مٿي واري هنڌ تي چاڙهيو ويندو. ته سڀيئي ماڻهو مون ڏانهن ڇڪجي ايندا.‘ [هُن انهيءَ ڳالهه سان اشارو ڪيو ٿي ته هُن جو موت ڪيئن ٿيڻو هو.] ماڻهن هن کي جواب ڏنو ته اسان شريعت جي ڳالهه ٻڌي آهي ته مسيح ابد تائين رهندو_ پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين ته ابن آدم جو مٿي چڙهڻ ضروري آهي؟ هيءُ ابن آدم ڪير آهي؟ پوءِ يسوع اُنهن کي چيو ته اڃا ڪجهه وقت نور اوهان جي وچ ۾ آهي. جيستائين نور اوهان وٽ آهي[اُن جي روشنيءَ ۾] هلندا هلو. ائين نه ٿئي، جو اوندهه اچي اوهان کي گهيرو ڪري. [يعني، جيڪو اوندهه ۾ هلندو آهي، اُن کي خبر نه پوندي آهي ته ڪيڏانهن ٿو وڃي.] جيستائين نور اوهان وٽ آهي. نور تي ڀروسو رکو، ته جيئن اوهين نور جا فرزند بڻجو.
_مطلب ته ڪڏهن ڪڏهن جڏهن مسيح پنهنجي تبيليغي مهم ۾ پاڻ کي خدا جو پٽ ۽ خدا کي پنهنجو پيءُ ٿي چيو، ته اُهو هن تشبيهي، استعاري ۽ علامتي انداز ۾ ٿي چيو_ هن جي مراد اُنهن اصطلاحن جي لفظي معنيٰ سان هرگز ڪانه هئي.
ساڳئي طرح غير مسيح عالمن توڙي مسيحي شريعت جي ڪن فرقن ۾ ٻي هڪ اهڙي ئي غلط فهمي مسيحي تعليم بابت هيءَ پکڙيل يا پکيڙيل آهي ته اُن ۾ مسيحي مومن کي گناهه ڪرڻ جي شهه بلڪ ترغيب مليل آهي. ڇاڪاڻ ته مسيحي خلق جي اجتماعي توڙي انفرادي گناهن جو بار حضرت مسيح پاڻ تي کنيو آهي ۽ اُنهن جو سڄي سزا پنهنجي پاڻ تي هموار مسيحي تعليم ۾ اِهو عقيدو ائين هرگز ڪونهي_ بلڪ اُن جي بلڪل ابتڙ آهي. ڏسجي ٿو ته هِن تهمت جو بنياد انجيل مقدس جي هيٺين ٻن آيتن جي غلط مطلب تي بيهاريو ويو آهي:
(1) [بيبي مريم جي مڱيندي، يوسف بن دائود، کي مسيح جي جنم جي بشارت ڏيندي، خدا جي فرشتي چيو:]”....تون اُن جو نالو يسوع رکج، ڇاڪاڻ ته اهو پنهنجن ماڻهن کي سندن گناهن کان نجات ڏيندو“.1
(2)”ٻئي ڏينهن هُن [يوحنا بپستمي واري، جنهن مسيح جي اچڻ جي مُنادي ٿي ڪئي] يسوع کي پنهنجي طرف ايندي ڏسي چيو _ هُو ڏسو، اهو خدا جو گهيٽڙو آهي، جو دنيا جا گناهه کنيو پيو وڃي!2
”ماڻهن کي گناهن کان نجات ڏيڻ“ يا ”دنيا جا گناهه کڻي وڃڻ“ جي معنيٰ سنئين سڌي هيءَ آهي ته ماڻهن کي (يا دنيا کي) براين کان پاڪ ڪرڻ_ انهن اصطلاحن جي ٻي ڪنهن به صورت ۾ ڪا معنيٰ ڪانهي_ جيئن ماڻهن هن کي ڏسي چيو ٿي ”هن اسان جون بيماريون لاٿيون ۽ اگهايون دور ڪيون“3. ”خدا جو گهيٽڙو“ اصطلاح ۾ به مسيح جي هيڻائي ۽ معصوميت ۽ هُن جي بيگناهه شهادت جو مفهوم موجود آهي، جنهن جو پسمنظر توڙي مقصد انجيل مقدس مختصر لفظن ۾ هيٺينءَ طرح بيان ٿيل آهي:
[جڏهن يسوع جي ڳالهين ۽ ڪمن کان متاثر ٿي، عام ماڻهن جا ٽولن پٺيان ٽولا هن وٽ اچڻ لڳا، تڏهن يهودين جي] ”وڏن فقيهن ۽ شرعي عالمن پنهنجي ’صدر مجلس ‘ گڏ ڪئي ۽ اُن جي اڳيان دانهون ڪيو ته ”هي اسين ڇا پيا ڪريون ؟ هيءُ ماڻهو ته معجزا پيو ڏيکاري ! جيڪڏهن اسين ڳالهه کي ائين ڇڏي ڏينداسين ته سڀيئي ماڻهو هن جي پٺيان لڳي پوندا، ۽ رومي حاڪم اسان جي وڏي عبادتخاني ۽ پڻ سڄيءَ اسان جي قوم کي اچي وٺندا.‘ ۽ اُنهن ۾ ڪائفا نالي هڪڙو شخص هو، جيڪو اُنهيءَ سال جو سندن سردار ربي [مذهبي پيشوا] هو، تنهن اُنهن کي چيو ’اوهان کي ڪا خبر ڪانه ٿي پوي، ۽ نه اوهين ڪجهه سوچيوئي ٿا. اوهان لاءِ بهتر آهي ته هڪڙو ماڻهو قوم لاءِ مري، پر سڄي قوم نه مري.‘ هُن اِها ڳالهه شخصي طرح پنهنجي پاران ڪانه ٿي ڪئي، پر اُن سال جي سردار ربيءَ جي حيثيت سان، پيش بيني ڪندي، هُن ائين ٿي چيو ته ’يسوع کي قوم لاءِ مرڻو آهي_ ۽ نه رڳو اُن [يعني يهودي] قوم لاءِ پر اِن لاءِ به ته هو [پنهنجي شهادت سان] سڀني ٽڙيل پکڙيل خدا جي فرزندن کي گڏي هڪ ڪري.‘ پوءِ هو اُنهيءَ ڏينهن کان هُن کي قتل ڪرڻ جون سٽون سٽڻ لڳا“·
هيءُ يهودين جو سردار ربي، ڪائفا، مثال آهي تاريخ جي هڪ اُنهيءَ ڪردار جو، جيڪو اجتماعي مفاد جي نالي ۾ خالص گروهي مفاد جي محافظ طور مذهبُ سياست سان گڏ جي ادا ڪندو آهي. اُن مرحلي تي اُهو عام نجات يا عام مفاد جي پنهنجي ابتدائي عمل جي صلاحيت وڃائي، رڳو گروهي مفاد ۽ غرض ڪاريءَ جو هٿيو بڻيل هوندو آهي، ۽ اُن گروهي مفاد جي بچاءَ واسطي عوام کي سندن نجات جي هر انقلابي تعليم ۽ عمل ۽ اُن تعليم ۽ عمل جي هر مبلغ ۽ اڳواڻ کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ۽ اُن لاءِ پنهنجي هر پروپيگنڊائي حربي_ سڌي اڻ سڌي، جائز ناجائز _ کي ڪم آڻيندو آهي: حقيقتن کي . هر صداقت کي ۽ خود پنهنجيءَ تعليم جي اصليت کي موڙڻ مروڙڻ ۽ بگيڙڻ اُن غرض ڪار پروپيگنڊا جو سڀ کان وڌ اثرائتو ۽ چالو طريقي ڪار هوندو آهي. يهودي عوام کي مسيح جي اڳواڻيءَ ۽ مسيح جي انقلابي تعليم جي اثر کان پري رکڻ لاءِ ڪائفابه اُهوئي طريقو ڪم آندو ۽ اڳتي هلي خود مسيحي شريعت جي عالمن توڙي اُن جي مخالف مذهبي عالمن به پنهنجي گروهي غرض ڪاريءَ لاءِ اِهو ئي پروپيگنڊائي حربو استعمال ڪيو. مسيح لاءِ ائين چوڻ ته هو پنهنجي امت جا گناهه کڻي ويو ۽ اُن جي عيوض پاڻ صليب تي چڙهي سڄيءَ امت جي گناهن جي سزا به هُن پاڻ تي هموار ڪئي_ ۽ اها ڳالهه اُن جي عام پسند ۽ ظاهري معنيٰ ۾ ائين چوڻ_ محض هڪ اهڙي ئي شاطرانه يا پروپيگنڊائي ڳالهه آهي_ ۽ اُن کان وڌيڪ اُن جو ٻيو ڪو وزن يا اهميت نٿي ٿي سگهي.
برخلاف اِن جي مسيح جي سون جهڙي صاف ۽ موتين جهڙي اوجل ۽ املهه تعليم، جيڪا عمل ۾ انقلاب جي تعليم آهي، جنهن جو بنياد سنئون سڌو انسان جي پنهنجي ڪرڻيءَ ۽ اُن جي ڦل تي رکيل آهي، ۽ جنهن جو هِن ڌرتيءَ تي انسان جي روشن کان روشن مستقبل ۾ يقين آهي_ اُهو مستقبل جنهن ۾ انسان کي پاڻ لاءِ نيڪيءَ ۽ پيار، ڪهل ۽ انصاف جي آسماني بادشاهت اڏڻي آهي_ اُن پنهنجي تعليم لاءِ مسيح جو پنهنجو چوڻ هي آهي:
•[گناهن کان] توبهه ڪيو ته ان مطابق عمل ڪيو.....پنهنجي دلين ۾ هي چوڻ جوخيال نه ڪريو ته ابراهيم اسان جو پيءُ آهي_ ڇاڪاڻ ته آءُ اوهان کي سچ ٿو چوان ته خدا هنن پٿرن مان ابراهيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگهي ٿو_ ۽ هاڻي وڻن تي ڪهاڙو رکيو آهي. پوءِ جيڪو وڻ سٺو ميوو نه ڏيندو.اُهو ڪاٽبو ۽ باهه ۾ وڌو ويندو (متي _3/7_10).
•آءُ اوهان کي سچ ٿو چوان ته خدا جي بادشاهي اوهان کان کسي ويندي ۽ اُن قوم کي ڏني ويندي. جيڪا اُن مان ڦل پيدا ڪندي (متي_21/43).
•حرامڪاري، ناپاڪي، شهوت پرستي، بت پرستي، جادوگري، عداوتون، جهڳڙا، حسد، غصو، تفرقو، جدايون، بدعتون، بغض، نشه بازي، ناچ رنگ، ۽ ٻيون اهڙيون بُرايون _اِنهن بابت اوهان کي پهرين چئي ٿو ڇڏيان _ جيئن اڳي به چتائي چڪو آهيان _ ته اهڙن ڪمن ڪرڻ وارا خدا جي بادشاهيءَ جا وارث نه ٿيندا (گلتيون _5/19_21).
• [ياد رکو] هر هڪ کي اُن جي ڪمن مطابق بدلو ملندو (متي _15/27).
•اوهين ڇاٿا سمجهيو؟ هڪڙو ماڻهوءَ جا ٻه پٽ هئا. اُن پهرئين وٽ وڃي چيو ته ’وڃ، اڄ تاڪستان [انگورن جي باغ] ۾ وڃي ڪم ڪر،‘ اُن جواب ۾ چيو ’مان نه ويندس_‘ مگر پوءِ پڇتايائين ۽ [ڪم ڪرڻ لاءِ اوڏانهن] هليو ويو. پوءِ ٻئي پٽ وٽ وڃي هُڻ اهڙيءَ ئي طرح چيو، جنهن جواب ڏنس ’حاضر بابا!‘ پر هو ڪم تي نه ويو. اُنهن ٻنهي پٽن مان ڪهڙي پٽ پنهنجي پيءُ جي مرضي پوري ڪئي ؟ اُنهن چيو’ پهرئين‘ (متي 21/28_31).
•جيڪڏهن اوهين اِهي ڳالهيون ڄاڻو ٿا ته مبارڪ آهيون، بشرطيڪ اوهين اُنهن تي عمل ڪريو (يوحنا_13/17).
•اي رياڪارفقيهو ۽ فريسيـؤ [طريقت جا صاحبـؤ]. اوهان تي افسوس جو آسماني بادشاهيءَ جا دروازا ماڻهن تي بند ٿا ڪريو_ نه اوهين پاڻ اُن ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نه داخل ٿيڻ وارن کي اُن ۾ داخل ٿيڻ ٿا ڏيو (متي_ 23/12).
•[ياد رکو]’سبت‘ ماڻهوءَ لاءِ اهي نه ماڻهو ’سبت‘ لاءِ _ابن آدم ’سبت‘ * جو مالڪ آهي (مرقس 3/ 37).
•....اڄ تائين آسمان جي بادشاهيءَ تي زور [جهيڙو]ٿيندو پئي رهيو آهي ۽ زوراور اُها کسيندا ۽ پنهنجي حوالي ڪندا پئي رهيا آهن (متي 11/12).
•پوءِ اوهين....اُنهن کي هيءَ تعليم ڏيو ته اُنهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن، جن جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي.(متي27/20).
•نئون شراب پراڻين مشڪن ۾ نه ڀريو آهي، ڇو ته ائين اُهي ڦاٽي پون ٿيون ۽ شراب هارجي ٿو وڃي ۽ مشڪون برباد ٿي وڃن ٿيون. نئون شراب نين مشڪن ۾ ڀريو آهي، ۽ ائين شراب ۽ مشڪون ٻيئي بچنديون آهن [۽ ڪم اينديون آهن.]. (متي 9/17).
•ڪوبه نئين پوشاڪ مان ڦاڙي پراڻيءَ پوشاڪ کي اڳڙي ڪانه ٿو هڻي_ ائين نئين به ڦاٽندي ۽ اُن جي اڳڙي پراڻيءَ سان ميل به ڪانه کائيندي (لوقا 5/37/38).
•آءُ اوهان کي سچ ٿو چوان ته جيڪو مون تي ايمان ٿو رکي. هي ڪم جيڪي آءُ ڪريان ٿو، سي به ڪندو. پر اُنهن کان به وڏا ڪم ڪندو (يوحنا 14/12).
مسيح 33 سال ۽ 9 ميهنن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ صليب تي چڙهي شهيد ٿيو. ٽيهن سالن جي عمر کان پوءِ ئي هُن پنهنجي پيغام، پنهنجي تعليم يا هن ڌرتيءَ تي پنهنجي ’آسماني بادشاهت‘ اڏڻ جي ماڻهن کي دعوت ڏيڻ شروع ڪئي. هن کي فقط پـؤڻا چار ورهيه پنهنجي دعوت جي عام ڪرڻ لاءِ مليا. هن ٿورڙي وقت ۾ هُن جي دعوت جو اثر ۽ نتيجو هر لحاظ کان بي مثل ۽ حيرتناڪ ثابت ٿيو. اڄ به مذهبي سڃاڻپ جي خيال کان. مسيحي دنيا، مقدار توڙي ماهيت ۾، باقي سڄيءَ دنيا ۾ اڳڀري ۽ پڻ مٿڀري ڏسجي رهي آهي. لامذهب دنيا کي ڇڏي. ٻي سڄي دنيا. صيهوني ۽ اسلامي دنيا سميت، اڄ هر طرح مسيحي دنيا جي ئي آڌار ۽ اڳواڻيءَ هيٺ آهي.
اڄ اسان جي اها سڄي مذهبي دنيا پنهنجي ’بچاءُ‘ ۾ ديوانه وار هٿ پير هڻي رهي آهي. پر افسوس، هيءَ اسان جي اڄوڪي دنيا ، ٻه هزار سال اڳ واريءَ صيهوني دنيا وانگر، پنهنجن انبيائن سڳورن جي نالن ۾، جيڪي ڪجهه بچائڻ گهري ٿي. سو اُهو نه آهي. جنهن کي اُنهن قائم ڪرڻ گهريو ٿي بلڪ اهو ئي آهي جنهن کي اُنهن پاڻ ختم ڪرڻ ٿي گهريو. مسيح پنهنجي دؤر جي اُنهيءَ ئي دنيا جي سردار رَبيُن ۽ قومي بزرگن کي مخاطب ٿيندي اهائي ڳالهه چئي هئي ۽ اڄ اسين به پنهنجي عالمن، بزرگن ۽ مشائخن کي بلڪل اُنهن ئي لفظن ۾ اها ڳالهه چئي ٿا سگهون ته_
•اي رياڪار فقيهو ۽ فريسيو، اوهين ڦودني، سونفن ۽ جيري جي ته ڏهين پتي ڪڍو ٿا، پر شريعت جي وڏين ڳالهين يعني انصاف، رحم ۽ ايمان کي اوهان ڇڏي ڏنو آهي....اي انڌا اڳواڻـؤ، مڇر ته ڇاڻي ٿا ڪڍو پر اُٺ ڳهيو ٿا وڃو!
•اي رياڪار فقيهو ۽ فريسيو، اوهان پيالن ۽ رڪبين کي باهران ته ملي صاف ڪريو ٿا، پر اُهي اندران ڦرلٽ ۽ ظلم سان ڀريل آهن: اي انڌؤ، پهرين اُنهن جو اندريون پاسو صاف ڪريو......
•اي رياڪار فقيهو ۽ فريسيو، اوهين سفيد پوچيءَ لڳل قبرن وانگر آهيو، جيڪي ٻاهران ته سهڻيون لڳن ٿيون، پر اُنهن ۾ اندر مئلن جا هڏا ۽ هر طرح جو ڪچرو ڀريل آهي.
•اي ريا ڪار فقيهو ۽ فريسيو، اوهين نبين جا روضا ته اڏيو ٿا ۽ صاف رکو ٿا ۽ متقين ۽ صالحن جون قبرون ته سينگاريون ٿا ۽ چئو ٿا ته اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جي زمانن ۾ هجو ها ته اُنهن نبين ۽ متقين جي مارڻ ۾ شريڪ نه ٿيو ها....اي نانگـؤ، ناگن جا ٻچـؤ....
•اي ريا ڪار فقيهو ۽ فريسيو، اوهين آسمان جي بادشاهيءَ جا دروازا بند ٿا ڪريو...نه پاڻ ٿا اُن ۾ داخل ٿيو ۽ نه ٻين کي اُن ۾ داخل ٿيڻ ٿا ڏيو.
•اي احمقـؤ، اي اکين کان انڌؤ، سونُ وڏي شيءِ آهي يا ’خدا جو گهر‘....خبردار پنهنجي لاءِ زمين تي مال گڏ نه ڪريو.....ڇالاءِ جو جتي مال هوندو اُتي اوهان جي دل به هوندي، بدن جو ڏيئو اک آهي، ۽ جيڪڏهن اوهان جي اک ٺيڪ هوندي، ته اوهان جو سڄو بدن روشنيءَ سان ڀريل هوندو ۽ جيڪڏهن اوهان جي اک بڇڙي هوندي، ته اوهان جو سڄو بدن اوندهه سان ڀريل هوندو، ۽ اوهان ۾ جيڪا روشني آهي، سا ئي جي اوندهه ٿي پيئي، ته اُها ڪيڏي نه وڏي اوندهه چئبي !(متي 23/13، 16، 23/24، 6/19_23)
مسيح پنهنجي دؤر جي اُن زر پردست ۽ جاه پرست دنيا جي اِها اوندهه ختم ڪرڻ گهري ٿي_ مال ۽ ملڪيت ۽ ڦرلٽ جي اوندهه، ڏاڍ ۽ ظلم جي اوندهه، مالدارن ۽ ڏاڍن جي حيوانيت جي اوندهه؛ ۽ اِها روشني قائم ڪرڻ گهري ٿي_ انصاف، رحم ۽ ايمان جي روشني، پيار ۽ ڪهل ۽ زندگيءَ جي احترام جي روشني، انسانيت جي روشني_ ۽ اُنهيءَ ئي کي هن ”آسماني بادشاهت“ سڏيو ٿي.
مسيح جي اِن دعوت عظيم جي تياريءَ ۽ تعميل جي ڳالهه ڏاڍي هڪ عجيب ۽ عبرت آموز ڳالهه آهي. هيءُ ڪتاب ”ٻارن جو مسيح“ اُها ڳالهه ڏاڍن سهڻن ۽ سادن لفظن ۾ ۽ گهڻي قدر سڄي ۽ سربرستي اسان کي ٻڌائي ٿو. مسيح جي اُن اَسماني بادشاهت‘ جي اڏاوت جو ڪم، جيئن جُڳن جا جُگ مسيح کان اڳ تيئن انساني سماج ۾ کانئس ٻه هزار ورهيه پوءِ اڄ به جاري آهي. اُن لاءِ مسيح پنهنجي دور ۾ ڇا سٺو ۽ ڇا ڪيو. مسيح جي عمل جي اُن رستي جي واقفيت اُنهن لاءِ جيڪي ڌرتيءَ تي انسانن لاءِ اُن ’اَسماني بادشاهت‘ جي تعمير ۾ حصو وٺڻ گهرن ٿا، بيحد ضروري آهي.
ڏاڍو افسوس جو مقام آهي. جو اڄ جو عام انسان رڳو پنهنجي مذهب جي ڳالهه سا به رڳو خالص پروپيگنڊائي نوع جي ، ٻڌيو خوش خوش پيو هلي ۽ ٻين مذهبن جون ڳالهيون ٻڌڻ کان سواءِ يا رڳو تبرائي نوع تي ٻڌيو. اُنهن لاءِ نفرت يا ڪم از ڪم ٻيائيءَ ۽ ويڇي وارا ۽ هتڪ آميز خيال ۽ جذبا کنيو فارغ ۽ بي خطر گهمندو ٿو رهي_ ڄڻ اُن عقيدي ۽ محبت ۽ اُن خيال ۽ نفرت سان هن جون پنهنجي پاڻ ڏانهن ۽ پنهنجي سماج ڏانهن سڀ ذميواريون پوريون ٿيون، ۽ وڌيڪ رڳو کيس پنهنجي پيٽ جي پوڄا ۽ وڌ ۾ وڌ ته پنهنجن يونگڙن جي بيت جي پورت ڪرڻي آهي، جيڪي به سندس پنهنجي ئي غرضڪاريءَ جي نتيجي ۾ . ضمني طور، پيدا ٿي پيا_ ۽ اُن لاءِ هو چپ چاپ ، بي سرتيو ۽ بي ساڃاهو هو، چوويهه ئي ڪلاڪ مک وانگر مٿو پٽيندو رهي ! هيءَ هڪ خالص حيواني طرز زندگي آهي، جا اسان جي عام تي مڙهي ويئي آهي. ته جيئن اسان جا خواص زندگيءَ جي سڄي سهولت ۽ سمورو سک ماڻي سگهن ۽ اوباري به سگهن. پر اِن صورتحال ۾ اُهي اسان جا خواص پاڻ به حيوان ئي رهن ٿا. ۽ اُها سندن هڪ _ پاسائين مال ۽ اقتدار جي سڄي دنيا ائين حيوانيت جي اوندهه ۾ ٻُڏي وڃي ٿي ۽ اُن ۾ انسانيت جو ساهه گُهٽجي ٿو ۽ اُها روشنيءَ لاءِ واجهائي ٿي_ پيار، ڪَهَلَ ۽ انساني احترام جي روشنيءَ لاءِ _ بلڪل ائين جيئن چيو وڃي ٿو ته شروعات ۾ پيدائش وقت هو. جڏهن ”زمين بي تربيت ۽ ويران هئي. ۽ خلا ۾ اوندهه هئي.... ۽ خدا چيو ته’روشني ٿئي!‘ ۽ روشني ٿي ۽ خدا روشني ڏٺي ته روشني چڱي هئي ! ۽ خدا روشنيءَ کي اوندهه کان جدا ڪيو...“·
مسيح هڪ ڀيرو جڏهن انساني ڌرتيءَ کي ازل کان گهربل ’روشنيءَ کي اوندهه کان ڌار ڪرڻ جي هيءُ تعليم يروشلم‘ ۾ وڏي ’خدا جي گهر‘ ۾ ڏيئي رهيو هو، ته سردار رَبيُن، فقيهن ، ۽ قوم جي بزرگن وڌي کانئس پڇيو ته ’تون اِهو ڪم ڪنهن جي اختيار سان ڪري رهيو آهين ۽ اها اختياري توکي ڪنهن ڏني آهي؟‘ مسيح جواب ۾ هنن کي چيو ته ’مان به اوهان کان هڪڙي ڳالهه ٿو پڇان_ جيڪڏهن اُها مون کي ٻڌائيندا ته مان به توهان کي ٻڌائيندس ته هي ڪم ڪنهن جي اختيار سان ڪريان ٿو. (اوهين مون کي ٻڌايو ته) يوحنا جو بپتسمو (آسماني بادشاهت لاءِ تيار ٿيڻ جو سڏ) ڪنهن جو هو؟ آسمان جو يا انسانن جو‘ هو پنهنجي پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته ’جيڪڏهن ٿا اسين چئون آسمان جو هو‘ ته هو اسان کي چوندو ته پوءِ اوهان ڇو اُن تي يقين نه ڪيو؟ ۽ جيڪڏهن چئون ٿا ته انسانن جو، ته اسين ڄڻ عوام کان ڊڄون ٿا، ڇو ته سڄو عوام يوحنا کي نبي مڃي ٿو! پوءِ هُنن جواب ۾ مسيح کي چيو ته ’اسان کي خبر ناهي.‘ هُن به اُنهن کي چيو ته ’پوءِ اوهان کي مان به نٿو ٻڌايان ته هي ڳالهيون ڪنهن جي اختياريءَ سان ڪريان ٿو. پر اوهين ڇاٿا سمجهو؟....(ڀلا) هيءُ ٻيو مثال ٻڌو. هڪڙو گهر جو مالڪ هو، جنهن انگورن جو باغ لڳايو ۽ اُن جي چوڌاري ڀت ڏياري ۽ اُن ۾ رس ڪڍڻ لاءِ حوض جوڙايو، ۽ پيهو اڏايو، ۽ اُهو آبادگارن کي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ پرڏيهه هليو ويو. جڏهن فصل جي موسم ويجهي آئي، تڏهن هن پنهنجا ماڻهو آباد گارن ڏانهن فصل کڻڻ لاءِ موڪليا. آبادگارن هن جي ماڻهن کي جهلي. هڪڙي کي مار ڏئي. ٻئي کي ماري ڇڏيو ۽ ٽئين کي پٿر اڇلائي هنيا. پوءِ هُن ٻيا اڳين کان گهڻا پنهنجا ماڻهو موڪليا، پر هُنن اُنهن سان به اُهائي ڪار ڪئي. نيٺ هُن ائين چئي، پنهنجو پٽ هنن ڏانهن موڪليو ته ”هو منهنجي پٽ جو ته لحاظ ڪندا.“ جڏهن آبادگارن هن جي پٽ کي ڏٺو تڏهن هڪٻئي کي چيائون ته ”هيءُ ئي واث آهي، اچو ته هن کي ماري هن جي ميراث تي قبضو ڪري وٺون.“ ۽ هن کي جهلي. باغ مان ٻاهر نيئي. ماري ڇڏيائون....هاڻي، ڀلا جڏهن باغ جو مالڪ پاڻ ايندو ته اُنهن آبادگارن سان ڪهڙي ڪار ڪندو؟‘ اُنهن جو اب ڏنو ته ”اُنهن بدڪارن کي هو صفا ختم ڪري ڇڏيندو ۽ باغ جو ٺيڪو ٻين آبادگارن کي ڏيندو. جيڪي مند تي فصل جو حساب ڏين.“ پوءِ مسيح هنن کي چيو ته ’ڪتاب مقدس ۾ اوهان هي به پڙهيو آهي ته ”جيڪو پٿر رازن ڇڏي ڏنو، اُهو ئي آخر ۾ عمارت جو مُهڙ جو پٿر بڻيو_ خدا جي مرضيءَ سان ائين ٿيو ۽ اُهو ڏاڍو بهتر ٿيو.“‘ انهيءَ ڪري آءُ اوهان کي ٻڌايان ٿو ته ”خدا جي بادشاهي اوهان کان کسي ويندي ۽ اُنهيءَ قوم کي [يعني، اُنهن کي] ڏني ويندي، جيڪي اُن جي فصل جو حساب ڏيندا، جيڪو هِن پٿر سان پاڻ ٽڪرجندو سو پرزا پرزا ٿي ويندوءِ جنهن تي اُهو ڪرندو سو پيسجي ويندو.“‘ جڏهن ربين ، ۽ فقيهن ۽ فريسين مسيح جا هي مثال ٻڌا، تڏهن سهي ڪيائون ته ’هي اسان بابت ٿو چوي.‘“·
ڇا. اسين پنهنجي هن موجوده دنيا جا عالم ، فقيهه ۽ مشائخ ۽ قومن جا بزرگ، جيڪا دنيا صيهوني ۽ اسلامي دنيا سان گڏ، مسيحي دنيا جي اڳواڻيءَ ۾، پنهنجن انبيائن جي نالي ۾ ديوانه وار اڄ پنهنجي بچاءَ ۾ مصروف آهي، اِنهن مسيحي ڳالهين ۽ مثالن سان سهي نٿا ڪري سگهون ته اِهي مثال ۽ اِهي ڳالهيون سڀ اسان بابت ئي آهن! يعني اسين اڄ اُنهن رياڪار فقيهن ۽ فريسين وانگر پنهنجن نبين ۽ متقين ۽ متقدمين جي تعليم جو رڳو نالو ڪيو ويٺا آهيون _ نه انهن جي ڪردارن ۽ مثالن مان رهنمائي وٺون ٿا، نه اُنهن جي دعوت جي فعال اصولن کي سمجهون ٿا. انهن کي قبولڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ ته پري رهيو، نه پنهنجي دور جي مسئلن کي ديانتداريءَ سان حل ڪرڻ گهرو ٿا، ڇو ته اهي مسئلا اسان جي پنهنجي سنئالي ۽ سڻڀي وجود جا ئي نتيجا آهن ۽ اُنهن جي حل يا خاتمي ۾ اسان جي پنهنجي اُن سنئالي ۽ سڻڀي وجود جوَ موت آهي ، ۽ انهيءَ ڪري ئي اسين پنهنجو اڄوڪن ’نبين‘، ’متقين‘ ۽ ’صالحن‘ کي به، جيڪي اُهي مسئلا حل ڪرڻ گهرن ٿا ۽ انهيءَ ڪري اسان جا زندهه مسيح آهن، رد ڪيون ٿا، اذيتون ۽ عذاب ڏيون ٿا. جيلن ۾ وجهون ٿا. ماريون ٿا ۽ قتل ڪريون ٿا. فرعون پنهنجي ’موسيٰ‘ جي پيدا ٿيڻ جي امڪان کي ختم ڪرڻ لاءِ مصر جي يهودين جي سڀني پٽن کي ڄمڻ سان ئي مارايو ٿي، ۽ يهوديه جي رومن حاڪم هيروڊ به ’مسيح‘ جي پيدا ٿيڻ جي امڪان کي روڪڻ لاءِ ٻن سالن کان گهٽ عمر جي سڀني معصومن کي مارايو هو. اسان جي اڄ جي دنيا جا فرعون ۽ هيروڊ ائين سو ڪونه ٿا ڪن_ ڪم از ڪم سڌيءَ طرح ۽ پڌري پَٽ ائين ڪونه ٿا ڪن_ باقي ’مسيح‘ کان اُهي ۽ اُن قديم دور جي يهودي سردار ربيءَ ڪائقا جهڙا اڄ جا عالم ۽ فقيهه، صاحب شريعت جا ۽ صاحب طريقت جا ، مفتي ۽ مشائخ به اُهڙائي خائف ۽ باغي آهن، ۽ هڪ ته اُن کي ذهني طور اُسرڻ نٿا ڏين. ۽ جي ڪنهن طرح هو سندن درسگاهن ۽ تربيت گاهن ۽ سندن ’سماج‘ ۾ اسري به ٿو ته اُن سان هو اهائي ڪار ٿا ڪن جيڪا اسرائيلين جي سردار ربين قومي بزرگن ۽ رومي حاڪمن ان بي مثل باغي ۽ انقلابي نوجوان. مسيح عليـﮣ السلام. سان ڪئي هئي_ فقط سندن ڏاڍ ۽ ظلم جا روپ بدليل آهن ۽ سندن اذيتون ۽ عذاب، ۽ سندن صليبڻ جا طريقا ٻيا ٻيا آهن.
پر جيسين فرعون موجود آهن تيسين اُنهن لاءِ موسيٰ به پيدا ٿيندا ئي رهندا ۽ جڏهن ٻه هزار ورهيه اڳي رومنُ هيروڊُ ٻالڪ مسيح کي ماري نه سگهبو ته اڄ ويهين صديءَ جي آخر ۾ ڪو چنگيز، ڪو هلاڪو، ڪو نادر به ڪٿي ڪنهن ٻالڪ جو وار ونگو ڪري نٿو سگهي؛ ۽ ڪهڙي خبر ڪنهن ملڪ جو ڪهڙو ٻالڪ اُن ملڪ جي آئيندي جو مسيح بنجڻو آهي ، ۽ ان لاءِ ڪهڙي خوش نصيب ماءُ پيءُ کي مريم ۽ يوسف ٿيڻو آهي ۽ اُن جي ولادت ۽ تربيت جو شرف لهڻو آهي_ ڪيئن چئجي. اُهي اسان جي آسپاس. آسمان سان بَرُ ميڃيندڙ ڪنهن محل جي اوٽ ۾ بيٺل ڪنهن جهوپڙي يا ڪنهن مال جي واڙي جا ئي ڪي ڏتڙيل رهواسي هجن!
هن ڪتاب تي ڪم ڪندي، مون کي محسوس ٿيو ته منهنجا ساٿي ۽ واقفڪار جيڪي منهنجا خيال ڄاڻن ٿا، تن جي دل ۾ هن جي پڙهڻ سان ضرور اِهو سوال ايندو ته مذهب ۽ مذهب سان لازم ان جي”غيب“ ۽ ”فطرت کان اوچين“ ڳالھين بابت ڇا ٿو چئي سگهجي. مذھب جو ڪرشمو منھنجو نظر ۾ ھڪ عظيم ڪرشمو آھي، ۽ اُھو ڪرشمو انساني زندگيءَ جي تمام ڊگهيءَ مدت، بلڪ ان جي لکن سالن مدت، سان واڳيل رھيو آھي. ۽ اُن ڪرشمي جو اظھار جُڳن جا جُڳ ’مذھبي انقلابن‘جي صورت ۾ ٿيندو پئي آيو آھي ۽ ڪافي ايامن کان پوءِ انساني تاريخ جي ھڪ منزل تي پھچڻ کان پوءِ مذھبي انقلابن جو ھي عبرتناڪ سلسلو ختم ٿيو ۽ اُن خاتمي جي دعويٰ ۽ اعلان نبي آخرالزمان حضرت محمد مصطفيٰﷺ جن پاڻ ڪرڻ فرمايو. اُن جي معنيٰ اِھا به ناھي ته نزول وحيءَ جي خاتمي سان خود انقلابن جو سلسلو ئي ختم ٿيو. حقيقت ھيءَ آھي ته انقلابن جي مذھبي سلسلي جي خاتمي کان پوءِ، دنيا ۾ ڪيئي سماجي انقلاب آيا، جن دنَيوي يا دنيائي (Worldly/Secular)، ارضي يا ارضياتي Secular)/(Earthly، انقلاب چئجي ٿو. ۽ جيسين ھيءَ ڌرتي ۽ ڌرتيءَ تي حضرت انسان جو قيام آھي. تيسين انسانيت جي ترتيب ۽ ارتقا جا انقلاب ايندا رھندا.
· ”ڪتاب مقدس، نئون عهدنامون“، متي_ 7/12، 22/39، 5/7 ۽ 5/9.
· اِن طرح، هن ڪتاب جا صفحا حوالي طور، هِن پيش لفظ ۾ ڄاڻايل آهن.
· ڪتاب مقدس، نئون عهدنامون، لوقا، 4/18
· ڪتاب مقدس، متي، 6/1-7
1 ڪتاب مقدس، متي، 6/15-19
2 ڪتاب مقدس _ مرقس، 1/42-45
1 ڪتاب مقدس، متي، 18/1-6
2 ڪتاب مقدس، متي، 18/6
· ڏسجي ائين ٿو، ڪن از ڪم تاريخ ائين ڏسي ٿي، ته هر مذهبي نظرياتي دعوت (سواءِ ڪن محدود ۽ غير واضح استشنائن جي)، پنهنجي ابتدائي امنگ ۾ به، صرف پنهنجي مخاطب قوم جو اتحاد، طاقت ۽ غلبو چاهيو ۽ گهربو آهي، ۽ ان لاءِ هُن ٻيءَ هر قوم کي پنهنجي جارحانه پيشقدميءَ ۽ استحصال جو نشانو بڻايو آهي. اُن مان جيڪڏهن اُن جي ڪنهن محڪوم ۽ تابع قوم جو پوءِ ڪو ذهني ۽ سماجي، سياسي ۽ اقتصادي ڀلو ٿيو به آهي ته اهو محض نالي ماتر ۽ ضمني طور ۽ هڪ زبردست ۽ ضميمائي قوم جي حيثيت ۾، ۽ اُن صورتحال جو تصفيو يا حل هر حالت ۾ پوءِ فقط ائين ٿيو آهي، جو اُها ضميمائي قوم يا پوريءَ طرح علمبردار قوم ۾ ضم ٿي ويئي آهي، يا موقعو وٺي، وڏي جدوجهد کان پوءِ، غلاميءَ مان نجات حاصل ڪئي اٿس ۽ پاڻ ڀري ٿي، دنيا جي آزاد، خودمختيار ۽ باوقار قومن جي صف ۾ وري پنهنجي جاءِ والاري سگهي آهي.
1 اَلخلقُ عيالُ الله و اَحب الخلقِ الي الله مَن اَحسنَ اِليٰ عيالـﮣ _ مخلوق الله جو ڪٽنب آهي ۽ خلق مان الله وٽ سڀ کان وڌيڪ محبوب اُهو آهي، جو هن جي ڪٽنب لاءِ سڀ کان بهتر ثابت ٿئي.(حديث شريف)
2 ڪتاب مقدس_ يوحنا، 18/41
· ڪتاب مقدس، متي، 23/9
1 ڪتاب مقدس_ متي، 1/21
2 ڪتاب مقدس_ يوحنا، 1/29
3 ڪتاب مقدس_ متي، 8/17
· ڪتاب مقدس_ يوحنا، 11/47-53
· ڪتاب مقدس، پراڻو عهدنامو، پيدائش- ½، 3 ۽ 4.
· ڪتاب مقدس، لوقا 20/1-19

مذھب جي ”غيب“ ۽ ”معجزي“ جي ڳالھه يا ڳالھيون. انساني زندگيءَ جي مطلقاَ بنيادي ۽ اصلوڪي ٻه _ تُڪي مسئلي. يعني ”مقاصد ۽ ذرائع“ (Ends and Means) جي دائري ۾ ايندڙ ڳالھيون آھن: ھڪ راسخ العقيده مسيحي وڏي عالم، مائيڪل _ ڊي اُنمُونو، جي لفظن م ”خدا جي ھئڻ کي مڃڻ معنيٰ ته خدا جي ھئڻ جي خواھش رکڻ، ۽ تنھن کان وڌيڪ اِھا ته عمل ائين ڪرڻ ڄڻ ھو آھي.“ ٻئي ھڪڙي اھڙي ئي راسخ مسيحي عالم.لِي ڪامٽي ڊُونُو وي. جنھن ئي اِھا مٿين ڳالھه پنھنجي ڪتاب ”ماڻھوءَ جي منزل “ (Human Destiny)· ۾ لکي آھي. جو چوڻ آھي ته ”جيڪو تصور خدا جو اسين تخليق ڪريون ٿا، اُھو خدا جي ھئڻ جو ثبوت ڪونھي، پر جيڪا ڪوشش اُن تصور جي تخليق ڪرڻ ۾ اسين صرف ڪريون ٿا، اُھا اُن جو ثبوت آھي. ”اسان جي دنيا جي صوفي درويشن مان جڏھن ڪو ’ڪل انسان‘ جي صورت ۾ پنھنجي سڃاڻپ ڪرائيندي،يا پاڻ کي ’ڪل انسان‘ جو مثال سمجھي، چوي ٿو ته ”اَلھه آدمي بن آيااِ“ يا ”آھيان پاڻ الله، عشقؤن کڻي عبد سڏايم“ _ ته اُھو به اِھا ساڳي ڳالھه ٿو ڪري. ٻئي پاسي. سماج ۾ رھندڙ انسان جي ازلي اُمنگن يا قدرن، يعني ”امن، اتحاد ۽ ترقي“. يا ”پيار، سُٻَنڌُ ۽ سُکَ“،يا ”حسن، نيڪي ۽ خير“ جي ھر آدرش جي ھئڻ جي ڳالھه به ائين آھي _ يعني، اسان جي خواھش اِھا آھي ته اُھي ھجن ۽ تنھن کان وڌيڪ ھي ته اسان جي عمل جو اظھار ائين ٿئي ڄڻ اُھي واقعي آھن، ۽ ٻيوته اُنھن جي ھئڻ جو ثبوت به اِھو ڪونھي ته اسان اُنھن جو ڪو تصور ڪيوآھي، پر اُھا ڪوشش اُن جو ثبوت آھي جيڪا اُنھن جي تصور تائين پھچڻ يا اُن کي حقيقت جي روپ ڏيڻ لاءِ اسين ڪريون ٿا. اِنھيءَ طرح، دراصل ، آدرش به ھڪ غيب آھي، جيئن غيب به ھڪ آدرش آھي، ۽ ائين غيب ۾ ايمان ۽ آدرش ۾ ايمان جو فرق رڳو سمجھڻ لائق (Academic) يا رڳو لفظي يا اصطلاحي قسم جو وڃي ٿو بيھي _ ۽ پوءِ ڳالھه وڃي اُتي ٿي ڇيھه ڪري ته ڪھڙيءَ صورتحال ۾ ڪھڙي اصطلاح جي لباس وارو تصور يا فڪر حقيقت جي دنيا ۾ وڌيڪ صورت پذير يا بارآور ثابت ٿي رھيو آھي. ۽ اِھو خالص ذرائع (Means )جي مقابلي ۾ مقاصد (Ends) جو، علم(Theory) جي مقابلي ۾ عمل (Practice) جو، ۽ قول (Words) جي مقابلي ۾ فعل (Deeds) جو سوال بڻجي ٿو بيھي ! ۽ اِن ۾ سمجھڻ جي ڳالھه ھيءَ نڪري ٿي اچي ته بدلجندڙ (وڌندڙ، سڌرندڙ) سماج ۾ رھندڙ انسان جي ازلي مقاصد _ پيار، سٻنڌ ۽ سک جا، امن، اتحاد ۽ ترقيءَ جا، حسن، نيڪيءَ ۽ خير جا _ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ عميق ۽ وڌيڪ وسيع ٿيندا رھن ٿا. ۽ انھيءَ ڪري اُنھن جي حاصل ڪرڻ جا يا اُنھن کي حقيقت جي روپ ڏيڻ جا ذريعا به مٽبا، بدلجندا، بلڪل نوان نه ته به، مختلف، گهڻ _ پاساوان ۽ مشڪل ضرور بڻجنداٿا رھن. ۽ اُن صورت ۾، خصوصاَ جڏھن غيب جي واسطي سان مذھبي انقلاب جو سلسلو به بلڪل ختم ٿيل آھي، ته اُن جي حمايت يا وساطت جو اُن کان اڳ يعني اُن جي پنھنجي دور ۾ عقلي طور ڪھڙو به جوازيا تعبير ھو يا نه ھو، اُن کي ھاڻي غير ضروري نه ته به ناممڪن سمجھي (ڇو ته نزول وحيءَ جي اِلقاء کان قطعاَ محروم آھيون)، اسان لاءِ سواءِ پنھنجي عقل جي راھه تي ھلڻ جي باقي ٻيو رستو رھيو به ڪھڙو آھي، جو اُھو وٺي ھلون! ھاڻي، البت، اُن رستي سان ويندي ويندي، اسين اڳين رستن جا پراڻا آثار ڏسي، جانچي، نشانن کي سڃاڻپ، اُنھن جي تورتڪ ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري سگهون ٿا _ ته ڪھڙين ڪھڙين حالتن ۾ ، ڪھڙيءَ منزل ۽ ڪھڙي درجي جي مقصدن لاءِ ڪھڙا ذريعا_ نظري ۽ علمي، ڊيڄاريندڙ ۽ ھر کائيندڙ، عقلي ۽ معجزائي، معلوماتي ۽ پروپيگنڊائي وغيره وغيره_ ڪم آندا ويا ۽ اُنھن مان ڪھڙن ڪھڙن، ڪٿي ۽ ڪيئن پنھنجو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، ۽ اسين، ھاڻي ، جيڪا ڪجھه سمجھه، جو ڪجھه فڪرُ، وسيلي طور، پنھنجي عقل جي رستي سان اڳتي وڌڻ لاءِ، ساڻ کڻي سگهون، سو ڪھڙو ۽ ڪيترو؟ ڇو ته اسين اُن سلسلي نزول وحيءَ جي قطع ٿيڻ کان پوءِ به ڪافي اڳتي وڌي آيا آھيون، ۽ اسان کي ائين اڳتي وڌندي رھڻوئي آھي _ جيئن اسين ۽ ٻيا جيڪي اُن سلسلي جي ھر قدم کي اھم سمجھون ٿا ۽ اُن ھرقدم لاءِ پنھنجي وقت جي ڌڻيل اڳواڻ يا اڳوڻن کي مڃون ٿا، تن کي مسيح جا ھي لفظ اھڙيءَ ريت اڳتي ۽ نت اڳتي وڌڻ لاءِ اُڀاريندا ۽ للڪاريندا رھن ٿا، جيڪي ھُن آخر ۾ پنھنجن ساٿين کي چيا ھئا: ”آءُ اوھان کي سچ ٿو چوان ته اوھين ھي ڪم جيڪي آءُ ڪريان ٿو [انساني عقل جا، ۽ پڻ عقل کي عاجز ڪرڻ جا يعني ’معجزا‘_] سي به ڪندا، پر اُنھن کان به وڏا ڪم ڪندا!“·
۽ اُن عظمت جي وڌ کان وڌ بلندين تائين پھچندي رھڻ لاءِ، ذريعي طور، ھُن اسان کي سڀ کان اول پنھنجي ’اکين کان ڪم وٺڻ‘لاءِ يعني پنھنجي مشاھدي، پنھنجي تجربي ۽ پنھنجي ڄاڻ (ٻين لفظن ۾، پنھنجي عقل) کي استعمال ڪرڻ ۽ ان سان پنھنجي راھه کي روشن رکڻ لاءِ چيو آھي _ ”اوھان جون اکيون اوھان لاءِ سوجھري جا ڏيا آھن. ائين ھر گز نه ٿيندو آھي ته ڪو ڏيا ٻاري، اُنھن کي مٽ ھيٺان لڪائي رکي ڇڏي! ڏين کي ٻاري پاڻ مٿي رکبو آھي ته جيڪي اندر اچن سي اُنھن جي سوجھري ۾ سڀڪجھه ڏسن. اوھان جون اکيون درست آھن [۽ ڏسن ٿيون]، ته اوھين سوجھري ۾ آھيو. پر جڏھن اوھان جون اکيون ناقص آھن [۽ نٿيون ڏسن]، ته اوھين سڄا اونداھيءَ ۾ آھيو. انھيءَ ڪري، پوري سعيي سان سدائين پاڻ وٽ اونداھه بدران سوجھري کي موجود رکو. جيڪڏھن اوھين پوري سوجھري ۾ ھوندا ۽ ڪابه اونداھه اوھان وٽ نه ھوندي، ته اوھين سڄو ڏيک چٽو ڏسندا. ڄڻ اوھين پاڻ ڏيا آھيو [۽ اوھان جي پنھنجي روشنيءَ سان اوھان جو رستو روشن آھي].·
”مقاصد“ (Ends) جي سلسلي ۾ ھيئن ٿو چئي سگهجي ( ۽ اِن تي سماوي ۽ ارضي طرز فڪر ٻنھي جو اتفاق آھي) ته مقصدن جو مقصد انسان پاڻ آھي _ ھر ڪوشش، ھر ڀلائي ۽ ھر ترتيب ۽ ھر تنظيم انسان جي پنھنجي نجات ۽ پنھنجي عروج لاءِ آھي _ انفرادي طور به ۽ اجتماعي طور به؛ بلڪ جڏھن کان انسان سماجي طرز زندگيءَ ۾ پير رکيو ۽ مٿس، يعني انسانن مان ڪنھن ھڪ انسان تي به، اِھا حقيقت روشن ٿي ته ٻن جي باھمي تعاون سان ئي ٻنھي جي مشڪل ڪشائي ۽ احتياج رسائي آسان ٿي سگهي ٿي، تڏھن کان سماجي زندگيءَ جي ھر صحيح نظام ۽ ھر صالح انقلاب جي پھچ جو نشان يعني اُن جو مقصد فقط ۽ فقط انسان جي گڏيل نجات ۽ انسان جو مشترڪ عروج يا ترقي ئي مقرر ٿيو _ نجات پنھنجي ڳاڻيٽي کان ٻاھر جُڳن جي حيوانيت ۽ اُن جي گڏ ٿيل ۽ گڏ ٿيندڙ اثرن ۽ آثارن کان ۽ عروج پنھنجي لاحد، ترقي پذير، اعليٰ کان اعليٰ تر انسانيت ڏانھن. ۽ مسيحي تعليم جو ان سلسلي ۾ ڏنل سبق ڪُلي طور فصليه ڪن حيثيت رکي ٿو_
”۽ يوحنا جا پوئلڳ ۽ فريسي [يھودي عالم ۽ فقيھه] روزا رکندا ھئا [جيڪو اُنھن جي شريعت جو ھڪ دستور ھو]. ڪي ماڻھو يسوع وٽ آيا ۽ پڇيائون ته ڇو سندس پوئلڳن به روزا نٿي رکيا! يسوع جواب ڏنو، ’ڇا، ڄاڃي، جيڪي گهوٽ جا دوست ھوندا آھن شاديءِ جي ڀت کائڻ کان انڪار ڪندا آھن؟ ۽ جڏھن گهوٽ ساڻن ھوندو آھي تڏھن ھو ڏک ڪندا آھن؟ پر جڏھن گهوٽ کانئن وڇڙندو تڏھن ھو ڏک ڪندا. [تنھن کان سواءِ، بک ڪڍڻ عمل جو پراڻو طريقو آھي.] اِھا ڳالھه ائين آھي جيئن پراڻي ڪپڙي کي نئين ڪپڙي جي چَتي ھڻڻ. پوءِ ڇا ٿيندو آھي؟[نئين] چَتي سوس کائي ويندي آھي، ۽ [پراڻي ڪپڙي جو] ٽُڪُ يا ڦاڙُ اڳي کان به ويڪرو ٿي ويندو آھي. اوھان کي ڄاڻ آھي ته انگورن جو تازو رس پراڻين مَشڪن ۾ ڪونه وجھبو آھي، ڇو ته اُھي ڦاٽي پونديون. انگورن جو تازو رس به ھارجي ويندو ۽ مشڪون به بيڪار ٿي پونديون. انگورن جو تازو رس نئين مشڪن ۾ وجھبو آھي!‘
”ٻئي ڀيري. ھڪڙي سبت جي ڏينھن، يسوع جا ساٿي. يسوع سان گڏجي، [پنھنجن] کيتن ۾ ويا ۽ ڪڻڪ لڻڻ ۽ سنگن مان اَن ڪڍي کائڻ لڳا. [تنھن تي] فريسين [وڌي ،] يسوع کي چيو، ’ھِنن کي ائين نه ڪرڻ کپي . سبت جي ڏينھن لاباري[ يا ٻئي ڪنھن ڪم] ڪرڻ جي شريعت ۾ جھل آھي،‘يسوع جواب ڏنو، ’ڇا، اوھان کي خبر ڪانھي ته دائود ڇا ڪيو ھو، جڏھن ھن کي ۽ ھن جي ساٿين کي ضرورت ھئي ۽ ھو بکايل ھئا؟ ھو، سردار ربيءَ اِبياترَ جي ڏينھن ۾، ڇو خدا جي گهر ۾ گهڙي ويو ھو ۽ ڇو اُتي نذر ۾ آيل روٽ پاڻ به کاڌائين ۽ پنھنجن ساٿين کي به کارايائين. جڏھن اھي روٽ پاڻ کائڻ فقط ربين ۽ ڪاھنن لاءِ جائز ھئا؟ ائين ڪرڻ جي به ته شريعت ۾ جھل ھئي! پر[آءُ اوھان کي سچ ٿو چوان] ”سبت“ [مذھب، نظريو، اُن جو ڪو رڪن يا ڳالھه _ ھر چيز ۽ ھر عمل] ماڻھوءَ لاءِ آھي، نه ماڻھو ”سبت“ لاءِ _ ابن آدم ”سبت“ جو مالڪ آھي‘“ ·
انساني زندگيءَ جي ”مقاصد ۽ ذرائع “ جي بنيادي ٻه _ تُڪي مسئلي جي سلسلي ۾ ”مقاصد“ جي برتريءَ مقصدن ۾ انساني خير ۽ خلق جي اوليت جي ترغيب ۽ بيان، مسيح جي انھيءَ تعليم کان وڌيڪ اثرائتن ۽ پڌرن لفظن ۾ ٿي ئي نٿو سگهي.
۽ اھا تعليم. اِھا ترغيب، اھو بيان، اِنھن لفظن ۾ ۽ انھيءَ انداز سان، دکي ۽ مجبور انسانن کي فقط ”مسيح“ ئي ڏيئي سگهيو ٿي. جيڪو انساني پيار، انساني ڪھل ۽ زندگيءَ جي احترام جو پيغمبر ھو.
ھن جا آخري لفظ ھئا: ”ڌرتيءَ ۽ آسمان جي طاقت منھنجي [ابن آدم جي ] آھي!“ ·
پنھنجي آخري دم تائين، ھو ڪمزور، معصوم، مظلوم ۽ محروم انسانن کي، پنھنجو ”رڍون“ ۽ پنھنجا ”گهيٽڙا“ سڏيندي، پنھنجي پوئلڳن کي اُنھن جي ”چارڻ ۽ پيارڻ“ جي پارت ڪندو ويو _ ته جيئن بني نوح انسان، پِنھنجي حيوانيت جي بگهڙ کان پاڻ بچائيندو، پنھنجي انسانيت جي خيرَ ڪبيرَ ۽ خُلقَ عظيمَ جي اعليٰ تر آدرش ڏانھن وڌندو رھي.
انسانيت جو ھيءُ ارتقائي سفر لاحد لاءِ اکٽ آھي _ ڪٿان جو ڪٿان ٿيندو، ايامن جا ايام گذاريندو، جِيوَ جي صورت وٺڻ کان پوءِ به لکن جا لک سال سڪندو، سَھڪندو ۽ سھندو، انسان وحشيپڻي مان اُڀري، تھذيب جي اڄوڪي ڏاڪي تي پھتو آھي. ھيءَ ته ھن جي تھذيبي ترقيءَ ۽ اخلاقي اوسر، يعني پنھنجي حيواني اوصافن جي ضبط ۽ ضابطي، جي اڃان ابتدا پيئي معلوم ٿئي. اڄ بني نوع انسان جي تھذيب ۽ اخلاقيات جو عَمَل دَخَل قوميت جي مَحَوَرَ (دائري) اندر ئي محدود آھي _ خود قومي محور جي اندر به گروھه آھن. ۽ گروھن ۾ فرد آھن، جيڪي سچ ۽ نيڪيءَ جو فيصلو گروھي يا شخصي طور پنھنجي فائدي ۾ ڪرڻ لاءِ، حيواني وسائل ، يعني طاقت جا ذريعا _ تعداد، دولت، علم، عقل ۽ سياسي اقتدار جي فوقيت ۽ سڀرائيءَ جا _ ڪم ۾ آڻڻ کان پوئتي ڪونه ٿا ھٽن. مذھب (يا، مذھبن) جي معلوم تاريخ (ڪم از ڪم. عملي طور) رڳو پنھنجي پنھنجي خاص قوم جي تھذيبي ۽ اخلاقي تربيت جي ڪوشش جي تاريخ آھي _ اسرائيلي (سامي) سلسلي جا مذھبي اڳواڻ سڀ جا سڀ، ۽ ائين اريائي سلسلي جا پڻ سڀ _ مسيح ۽ گوتم ٻڌ جي استثنيٰ (Exception) سان _ اِھي ٻيئي سلسلا تاريخ جا قريب قريب ھمعصر سلسلا ئي آھن)، تاريخ جي مطالعي مان ائين پيو ڏسجي ته ڄڻ پنھنجي پنھنجي قوم جا جنگي سالار ھئا، جن امن، اتحاد ۽ ترقيءَ جي دعوت عملي طور فقط پنھنجيءَ قوم تائين محدود رکي ٿي ۽ ٻي ھر ڪا غير قوم ۽ ان جي خاص ڌڻيءَ جي وعدي ڪيل رعيت، وعدي ڪيل زمين ۽ مال غنيمت ھئي! اڄ به آسانيءَ سان ڏسي سگهجي ٿو ته قومن ۾ فردَ ۽ گروھَه، ۽ جدا جدا قومون. ٻين (پاڻان ھيڻن) کي زير ڪرڻ ۽ ڳرڪائڻ ۾ ڪيتري قدر پنھنجن حيواني اوصافن تي ضبط رکن ٿيو ۽ اُنھن کي ڪم آڻڻ کان پرھيز ڪن ٿيون! اِنھيءَ ڪري، انساني اوصافن_ پيار، ڪھل ۽ زندگيءَ جي احترام _ جي ترتيب ڪرڻ. فردن ۾، گروھن ۾ ۽ قومي سطح تي _ ۽ حيوانيت جي ھر اظھار۽ عمل جي سامھون ٿي بيھڻ _ ۽ انسانيت جي ارتقائي راھه ۾ ائين پيرُ پيرَ ۾ ڏيئي اڳتي وڌڻُ، ڪيتري نه اھم ۽ ضروري ڳالھه آھي!_ تان ته انساني نجات لاءِ ھتي ھيٺ، اسان وٽ، ”آسماني بادشاھت“ جي قائم ٿيڻ جي زمين ھموار ٿئي_ جنھن لاءِ خدا جي نماڻي يسوعَ، انسانيت جي مسيحَ مٿي تي ڪنڊن جو تاج پاتو ۽ ڪلھي تي پنھنجي صليبَ پاڻ کنئي. ۽ ھو ماڻھن جي وچ ۾ ۽ ماڻھن سان گڏجي پنھنجي مقتل ڏانھن وڌيو، ته جيئن پنھنجي قتل جو پاڻ تماشو ڏسي سگهي.
مسيح کان اڳ ۾ ۽ ھُن کان پوءِ پڻ اڳتي _ ھيءَ راھه _ انساني تھذيب ۽ اخلاق جي ارتقا جي راھه _ ڪنڊن جي تاج جي ۽ صليب تي ٽنگجڻ جي راھه_ مسيحن جي راھه آھي، ۽ ھِن راھه تي ھلڻ لاءِ خدا جو ھر ٻالڪ، انسان جو ھر ھمعصر ٻار آئيندي جو مسيح آھي _ شرط آھي ته اُن ٻالڪ جي ڄڻڻ ۽ نپائڻ جي سعادت ڪھڙي ماءُ پيءُ کي ٿي ملي، ۽ مسيحيت جو اُھو عظيم انساني درجو، اُھو اعليٰ خدائي رتبو ۽ شانُ ڪھڙي خوش نصيب ٻالڪ کي ٿو نصيب ٿئي : ۽ ٻي وڏي ڳالھه ته اسين، جيڪي مظلوم ۽ محروم، عام ماڻھو آھيون، سي، پنھنجي نجات لاءِ، اھڙيءَ ڪنھن مسيحي راھه جي سلسلي ۾ ڪھڙو ٿا ڪردار ادا ڪريون _ ڪنھن يھوداه جو، ڪائفا جو، پلاطس جو يا ھُن جي پيسن ڳڌل ڀاڙيتو سپاھين ۽ جلادن جو، _ يا پاڻ جھڙن ھيڻن، ايذايلن ۽ ڏکويلن سان ساٿ ڏيڻ ۽ نباھڻ جو ۽ اُن لاءِ ڏک سھڻ ۽ سر جي سَٽ ڏيڻ جو! حيوان ۽ ماڻھوءَ جي ۽ پڻ ماڻھوءَ ماڻھوءَ جي پرک، سچ پچ، جي آھي ته اِھا آھي، ۽ اِتي آھي _
ٻَري ته ٻيلي گهڻا، سائي پُڇي سُکَ
رفاقت رُڃن ۾، ڏونگرُ ڪاري ڏکَ
اَريءَ جا اَھُکَ، مون رھُنما راھهَ ٿيا.(شاھه)
حيدرآباد سنڌ _ محمد ابراھيم جويو
ڊسمبر 12، 1979ع



عورتازاد
غلاميءَ کان وڌ ماڻھوءَ جي ٻي بدبختي ڪا ٿي ئي نٿي سگهي. پر پيچ در پيچ غلامي ھُن لاءِ جيئري موتُ آھي. سڌيءَ غلاميءَ جي ماڻھوءَ کي ڄاڻ رھي ٿي، احساس رھي ٿو، ۽ اُن کان نجات جا امڪان ھُو پنھنجي جدوجھد ۽ قربانيءَ ۾ ڏسي سگهي ٿو. پيچ در پيچ غلامي ماڻھن جا سنڌ چَٽي ٿي، ھانءُ کائي ٿي ۽ ھُن کي ھوش کان بيھوش ڪريو ٿي ڇڏي.
اڄ جو سنڌي سماج _ جاگيردار سماج، تاريخ جو ڌَڪيل ۽ دسيون پوئتي ڇڏجي ويل سماج _ پيچ در پيچ غلاميءَ ۾ ورتل آھي. ۽ اُن جي سڀ کان اونھي پيچ ۾ ڦاٿلَ سنڌي عورت آھي ۽ اُتي ھوءَ نه ماءُ آھي، نه ڀيڻ آھي ۽ نه ڌيءُ، نه ھُن جو ڪو جيون ساٿي آھي، نه ھوءَ ڪنھن جي جيون ساٿياڻي. ھوءَ پنھنجي وجود جي اھميت ۽ تقدس کان ڪُلي اَڄاڻ آھي. پڙھيل توڙي اڻ پڙھيل، شاھوڪار توڙي غريب، ٻھراڙيءَ توڙي شھري گهر ۾ اسان وٽ ھوءَ بي قدرائين وٿُ آھي. ۽ اُن پنھنجي ھلڪائپ ۽ دک ۾ جيڪو نئون نسل ھوءَ اُپائي ٿي ۽ نپائي ٿي. اڪثر اُھو پنھنجي ذھن توڙي ارادي ۾ غلام ئي ھجي ٿو، ۽ نه نه ته به خود کيس، يعني پنھنجي ماءُ کي ، ڀيڻ کي ۽ پنھنجي ئي ٻچن جي ماءُ کي، ساڳئي غلاميءُ جي پيچ ۾ سوگهي رکڻ جي مھارت ته ھُو ضرور ڄاڻي ٿو.
سماج جي ھر ترقيءَ سُک ۽ فضليت وانگر، آزادي به ھڪَ ڪُل _ پاسائينءَ پاکر مثل آھي _ اُن ۾ سماج جي جسم جو ڪوبه انگُ اڻ ڍڪيل رھيو ته اُھو سماج نه انساني سماج رھي سگهي ٿو ۽ نه سڏجي سگهي ٿو. سماجي عافيت ۽ آزادي، جي بي مثل نعمتون آھن ته به سڀ لاءِ ۽ جي بي بھا انعام آھن ته به سڀ لاءِ. اُھي کَٽبا ۽ حاصل ڪبا ته به گڏجي ۽ ماڻبا ته به گڏجي. سڄو سماج سجاڳ ٿيندو. ان جون عورتون، مرد، هاري، مزدور، شاگرد سڀ اٿندا. تحرڪ ۾ ايندا ۽ جدوجهد ڪندا، ته سڄي سماج جي غلاميءَ جو سڄو ڄار ٽُٽندو. _ جاگيردار سماج بدلبو ۽ اُن جي پيچ در پيچ غلاميءَ جون هٿڪڙيون کلنديون ۽ پيرن جا زنجير ٽُٽندا _ اسان جون مائرون آزاد ٿينديون. ڀينرون آزاد ٿينديون، معصوم ڌيئرون ۽ پُٽ آزاد ٿيندا، ۽ اسان جون محبوبائون، جيون ساٿياڻيون، آزاد ٿينديون _ اسان جا پڙھيل ۽ اڻ پڙھيل، ٻھراڙيون ۽ شھر، مسجديون ۽ مندر، مڪتب، مدرسا، اسڪول ۽ ڪاليج آزاد ٿيندا، ۽ اسان جي سڄي انساني دنيا آزاد ٿيندي، _ ۽ پوءِ ئي وچ جا فرق ۽ مفاصلا مٽبا، ۽ شڪ، وسوسا، ھوس ۽ حسد ختم ٿيندا، ۽ ماڻھوءَ جي بي اعتمادي ٽُٽندي، ۽ محبت جي باغ ۾ بھار ايندو ۽ بھار جا گل ٽڙندا ۽ اُنھن جي حُسن جو وستار ۽ خوشبوءِ جو واس چـؤڏس پکڙندو. ۽ اسين اُن سڄي پنھنجي پُربھار مستقبل جا جيئن اڄ سرچشما آھيون ۽ مقصد به، تيئن وڌي اُن جا مالڪ به ٿينداسين. ۽ اسان جا نسل ۽ اُنھن جا ايندڙ نسل اُنھن جا وارث به اوس بڻبا.
انھيءَ يقين ۽ انھيءَ اُتساھه سَان ھيءُ ڪتابڙو، جنھن کي اسان ”عورتا زاد“ يعني ”عورتن جي تحريڪ آزاديءَ “ جي ننڍي ڪيل لفظ جو عنوان ڏنو آھي. ”سنڌي عورت ڪانفرنس _ 1982ع“ جي نالي سان خاص طرح منسوب ڪندي، شايع ڪري رھيا آھيون، ۽ اُن جي نتيجي ۾ جيڪا ”سنڌي عورت تحريڪ“ جُنَمي آھي، اُن جي لائق ڪارڪنن جو ڌيان ان ڏانھن ڇڪائيندي، اُميد ٿا ڪريون ته ھو اِن ۾ پيش ڪيل مواد جو بغور مطالعو ڪنديون، ۽ پڻ سنڌي سماج جا سڀ گهڻگهرا ۽ خذمتگذار، اسان جا نوجوان دوست، ساٿي ۽ بزرگ ان کي پڙھندا ۽ اِن مان کين سندن جدوجھد جي راھه ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ ٿورو ڪو سڏُ ضرور ٻُڌبو، ٿوري ڪا روشني ضرور ملندي _ ڇو ته ماڻھوءَ کان ماڻھوءَ جي دوري. مالڪ ۽ غلام جو ويڇو، غريب ۽ امير، ظلم ۽ مظلوم جو تضاد، عورت ۽ مرد جو ڀيد ۽ مفاصلو، جن جو ھتي، ھِن ڪتابچي ۾، ڪجھه ڪجھه بيان ٿيل آھي، اسان کي سڏي سڏي چئي رھيا آھن_

مين فاصله ھون مجھي مِڻا دو،
ڪ مِيري مِٽني سي دل ملين گي_

حيدرآبادسنڌ _محمد ابراھيم جويو
8_6_1983ع


(جڏھن پائٿا گورس اول اول پاڻ کي ’فيلسوف‘ سڏيو ھو، تڏھن چون ٿا ته کانئس اُن جو سبب پڇيو ويو ھو. ھن جو جواب ھو ته ”ھيءَ دنيا ائين آھي جيئن اولمپيائي راندين جو ميدان، جتي آيل ماڻھو ٽن قسمن جا ھجن ٿا_ ھڪڙا رانديگر، ٻيا تاجر ۽ ٽيان، جيڪي ڏاھا آھن، مشاھدي سان پنھنجو من شانت ڪن ٿا: زندگي به ائين آھي _ اُن ۾ ڪي شھرت لاءِ ڄاوا آھن ۽ ڪي دولت جي ھَوس لاءِ، ۽ ٻيا، جيڪي ڏاھا آھن، سي سچ جي تلاش ڪن ٿا.“ ته ھِن پھرئين ‘فليسوف‘، پائٿا گورس، جي نظر ۾، سچ جي تلاش ئي ھئي؟ جيڪو ’انساني‘ ڏاھپ جو، يعني فلسفي جو، اصل ڪم ھو.)

فلسفي جو ابتدائي ڪورس
ھيءُ ھڪ فلسفي جو ڪتاب آھي: ۽ ترجمي جو ترجمو آھي: ڪٿي ڏاڍو سادو ۽ سولو ۽ ڪٿي ڪٿي ڪافي ڏکيو ۽ ڳوڙھو: بھرحال، سڄو پوري ڌيان سان پڙھڻ لائق آھي: اِن سڄي کي مڃڻ يا اِن سان پورو اتفاق به لازمي نه آھي _ ڇو ته فلسفو علم ئي اِن قسم جو آھي، جنھن ۾ ماڻھوءَ کي نيٺ پنھنجي تجربي ۽ پنھنجي عقل تي ڀاڙڻو پوي ٿو، ۽ نه ڪٿان ڪنھن مليل يا نصيب ٿيل خبر يا چمتڪار تي. فلسفي جي ٻولي، ٻيءَ ھر سائنسي ٻوليءَ وانگر، گهڙيل ٺھيل، تَڻيل ۽ تُرُ ھجي ٿي: اُن جو لڳ ڀڳ ھر لفظ، اُن جي جملن جي ترڪيب ۽ اُن جا دم ۽ وقفا سڀ اھم ۽ بامعنيٰ ھجن ٿا. اِئين به ڪونھي ته اُن ۾ لفظ لفظ يا جملي جملي تي بيھي معنائن جا موتي تلاش ڪجن يا لھجن: بلڪ ٿيڻ ائين کپي ته ڪٿي ڪا ڳالھه سمجھه ۾ نه اچي ته منجھي نه بيھجي، _ يا پوئتي وڃي ڳالھه جو پَرو اُتان کڻجي جتان کڄي سگهي، يا اڳتي وڌي وڃجي، ڇو ته ممڪن آھي ته اڳتي وڌڻ سان اُھا ڳالھه پاڻ ئي کلي پوي ۽ واضح ٿي وڃي. فلسفي ۾ البت ھڪ شيءِ ڄاڻ جا ۽ ڄاڻ جي سند يا صداقت جا وسيلا فقط انسان جو پنھنجو تجربو ۽ انسان جو پنھنجو عقل آھن، ۽ ھُن لاءِ ڄاڻ جا سرچشما به فقط ٻه ئي آھن، يعني فطرت ۽ تاريخ، جن جو مشاھدو، مطالعو ۽ چڪاس ئي سندس سڄو تجربو ۽ جن تي تنقيدي ويچارئي سندس سڄي عقل جو عمل شمار ٿين ٿا.
لفظ ’فلسفو‘ (Philosophy) اصل ۾ يونان ٻوليءَ جي ٻن لفظن جو مرڪب آھي: ’فلو‘ (= ذوق، پسند) ۽ ’سوفيا‘ (= ڏاھپ)، يعني ’ڏاھپ جو ذوق‘ يا ’ڏاھپ پسندي‘. چيو وڃي ٿو ته لفظ ’ڏاھپ پسند‘ يا ’فيلسوف‘ پھريون ڀيرون پائٿاگورس (ق.م 500 _ 580 )پاڻ لاءِ ڪم آندو ھو، ۽ ھڪ خاص علم جي نالي طور ’فلسفو‘ تقريباَ ڏيڍ سو سال پوءِ، استاد افلاطون (ق.م 347_428) استعمال ڪيو ھو.
اوائلي يونانين جو سڄو سماجي شعور (فطرت ۽ تاريخ جو) ديو وارتائي قسم جو (Mythological ) ھو. مثلاً ڪھڪشان (جنھن کي اسين اڄ به ’آڪاس ندي‘ يا اُن تان تري ويندڙ ’نوح نبي جي ٻيڙيءَ جو ليڪو‘ چئون ٿا،) اُن لاءِ ھُنن جي ’ڄاڻ‘ ھئي ته اُھو سندن سورج ديوتا، اَپالو، جي پٽ زيئس، جي ساھيڙيءَ، ھيرا ديويءَ، جي ٿڻن مان اُڌمجي وھيل ٿَڃ جو پٽو ھو (جنھن تان ئي، شايد، انگريزيءَ ۾ اُن جو عام نالو اڃا تائين به The milky way کير جو پٽو_ ھليو اچي ٿو). نيٺ جڏھن ڊيموڪريٽس (ق،م 375_460) کين ٻڌايو ته اُھو ته رڳو تارن جو ھڪڙو اَننت ميڙ ھو، ته ماڻھن وٺي گوڙ ڪيو ته ’اِئين چوڻ ته ڪفر ھو!‘ ۽ اُنھن جي ھڪ ٻئي فيلسوف، افاڪساگورس (ق،م.428_500) جڏھن سج لاءِ کين چيو ته اُھو سندن ’خلق ۽ مالڪ‘ اَپالو ديوتا نه پر باھه ۾ ويڙھيل پٿر جي اننت ڇِپ ھو، ته ماڻھو ھن تي مڇرجي پيا ۽ طرحين طرحين ھن کي عذاب ڏنائون_ چي ’ماڻھوءَ‘ جي ڳالھه ’خدا‘ جي ڳالھه کان مٿي ڪيئن ٿِي!
اِنھن ئي ڳالھين سبب، ۽ اُنھن قديم يونانين يا اُھڙن ٻين قديم ماڻھن کي خيال ۾ رکندي، جيڪي ائين ’انساني‘ ڳالھه يا ’انساني‘ ڏاھپ کي ڪجھه نه سمجھندا ھئا ۽ ’فوق انساني‘ ڳالھه يا ڏاھپ ئي اُنھن لاءِ سڀڪجھه ھئي، نامور انگريزي فيلسوف ۽ مضمون نويس فرئنسز بيڪ (A.D 1620_1561) کي چوڻو پيو ھو ته ”اوائلي ماڻھو سچ پچ ته ٻار ھئا: اسين نئين دور جا ماڻھو آھيون ۽ بلوغت ۾ قدم رکي رھيا آھيون ..... پر سچ پچ ڳالھه ڪجھه ائين به نه آھي _ ڇو ته انساني تجربي ۽ عقل جي سلسلي ۾، بلوغت جو رتبو خاص ڪنھن دور جي انساني نسل لاءِ مخصوص ھجي، اھو سوال اڃا جواب طلب آھي _ ڇو ته ’انساني‘ ڏاھپ لاءِ، جيڪا ’فوق انساني‘ ڏاھپ جي تنقيد بلڪ انڪار جي حق جي دعوا ڪري سگهجي ٿِي، ”انسان لاءِ سڀ ڪجھه اڃا اڳتي، ھُن جي اَڪٿ مستقبل ۾ آھي.“
جڏھن پائٿاگورس اول اول پاڻ کي ’فيلسوف‘ سڏيو ھو، تڏھن چون ٿا ته کانئس اُن جو سبب پڇيو ويو ھو. ھن جو جواب ھو ته ”ھيءَ دنيا ائين آھي جيئن اولمپيائي راندين جو ميدان، جتي آيل ماڻھو ٽن قسمن جا ھجن ٿا_ ھڪڙا رانديگر،ٻيا تاجر ۽ ٽيان، جيڪي ڏاھا آھن، مشاھدي سان پنھنجو من شانت ڪن ٿا: زندگي به ائين آھي _ اُن ۾ ڪي شھرت لاءِ ڄاوا آھن ۽ ڪي دولت جي ھَوس لاءِ، ۽ ٻيا، جيـــڪي ڏاھا آھن، سي سچ جــــي تلاش ڪن ٿا.“ ته ھِن پھرئين ’فيلسوف‘، پائٿاگورس، جي نظر ۾، سچ جي تلاش ئي ھئي، جيڪو ’انساني‘ ڏاھپ جو، يعني فلسفي جو، اصل ڪم ھو.
سچ لاءِ مڃيل آھي ته اُھو روشني آھي، ۽ روشنيءَ جي اچڻ سان اونداھه گم ٿي وڃي ٿي_ جيئن قرآن شريف ۾ به آيل آھي: جاءَ الحق و زھق الباطل اِن الباطل ڪان زھوقا: ’سچ جي آمد سان باطل گم ٿي وڃي ٿو، تحقيق باطل گم ٿي وڃڻ لاءِ آھي.‘ ھاڻي، مثبت (Positive) ۽ تُز (Exact) سائنسن ۾ ته واقعي ائين ٿيندو آيو آھي ته اُنھن جو سچ تاريخ جي رڳو ھڪ وقفي جي گذرڻ لاءِ ترسيل ھجي ٿو_ جو موقوف به ان ئي سچ تي ھوندو آھي _ ۽ جيئن ئي اھو دريافت ٿئي ٿو، قبولجي ٿو، چڪاسجي ٿو، ثابت ٿئي ٿو، تيئن اُھو، جو سائنسي اڻ _ سچ ھو، فوراَ ئي ختم ٿيو وڃي، پر فلسفي جو سچ _ جيڪو سائنسن جي انھيءَ روءِ پڌر پوندڙ سچ تي ئي آڌاري ھجڻ گهرجي _ فلسفي جي ڪوڙ تي اِن طرح ھڪدم حاوي نٿو ٿئي، بلڪ صدين گذرڻ کان پوءِ به ويسھه ۽ تعصب جي لوھي تھن مان اُن جي روشنيءَ جو گذر نٿو ٿئي. ۽ اُھو اِنھيءَ ڪري، جو سماجي_ اقتصادي نظام آھن، جن جا نظرياتي بنياد اُھي فلسفي اَڻ _ سچ بنيل ھجن ٿا، ۽ اُھي نظام اُنھن کي ”فوق انساني“ ڏاھپ جو پاکرون (= زرھون) پيرن سوڌيون پھرائي، ايڏو ته بانورائي بيھن ٿا، جو ’انساني‘ ڏاھپ جو ڪانُ اُنھن تي اثر ئي نٿو ڪري. اِنھيءَ طرح، فلسفي جي سچ کي پنھنجي تسليميءَ لاءِ سائنسي سچ وانگر رڳو پنھنجي اظھار لاءِ، پنھنجي وجودجڻ لاءِ، ئي ترسڻو ڪونه ٿو پوي، پر اُن کان پوءِ به طويل مدت اُن دور لاءِ ترسڻو پوي ٿو، جيڪو اُن جي سامُھڻي سماجي _ اقتصادي نظام جي زير تنقيد اچڻ، بلڪ اُن جي ڊھڻ ۽ بدلجڻ جو دور ھجي. ”ماڻھو ڪي خيال بيھي پيش ڪري، اِھا پنھنجي سِر ڪا وڏي ڳالھه ڪانھي ۽ نه ڪنھن شمار ۾ اچي ٿي، اُن لاءِ ضروري آھي ته اُھي خيال سمجھي به سگهجن ۽ سمجھيا به وڃن؛ اِنھيءَ طرح، خيال جي قبول ڪرڻ ۽ پڻ خيالن جي مُرتب ڪرڻ جا به خاص دور ھوندا آھن.“ (ھن ڪتاب جو صفحو 229)
جيڪڏھن سچ جي تلاش ئي انساني ڏاھپ جو اصل ڪم آھي ته ھِي به واجب آھي ته ڏسجي ته انساني ڏاھپ ڇا آھي ۽ انساني زندگيءَ ۾ اُن جو اظھار ۽ اثر ڪيئن ٿو ٿئي ۽ ڪھڙو ٿو ٿئي. ڊيموڪريٽس، جيڪو افلاطون جو ھمعصر ھو، ۽ جنھن ڪھڪشان بابت ماڻھن جو قبوليل ’ديو _ وارتائي‘ شعور رد ڪندي کين ’انساني‘ مشاھدي ۽ ويچار جي ڳالھه ٻڌائي ھئي ته اُھو ديوي ھيرا جي ٿڻن مان وھيل کير نه پر تارن جو ھڪ اننت ميڙ ھو، تنھن جي چوڻ موجب: ”ڏاھپ مان ٽي صلاحيتون اڀرن ٿيون_ بھترين فيصلن جي صلاحيت، اُنھن جي صحيح بيان جي صلاحيت ۽ جو ضروري ھجي ائين ڪرڻ جي صلاحيت.“ ڏاھپ جي ڳالھه اٿڻ سان ائين به عام چيو ويندو آھي ته ماڻھو ’ھرڪو ڏاھو آھي _ پاءُ اٽي جو سڀڪو کائي ٿو!‘ يعني پنھنجي پاءُ اٽي لاءِ، پنھنجي ذات لاءِ، ھرڪو ڏاھو آھي. جي ڏاھپ اِھا آھي، يعني پاڻ لاءِ ھرڪو ڏاھو آھي، ته اِھا حيواني ڏاھپ ٿي، انساني ڏاھپ نه ٿي_ ايتري تائين ته حيوان به ڏاھا آھن. ڏاھپ جي اِنھيءَ عام قسم کي ننديندي، فرئنسز بيڪن پنھنجي ھڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته ”ڏاھپ، پنھنجي ذات لاءِ _ اڪثر صورتن ۾، ھڪ ذليل شيءِ آھي: اھا ڪوئن واري ڏاھپ آھي،جيڪي جڏھن گهر ڪِرڻ وارو ھوندو آھي. سڀ کان اڳ ئي پڪ ئي پڪ اُتان ڀڄي ويندا آھن؛ اُھا لومڙ واري ڏاھپ آھي، جيڪو پاڻان ھيڻي جانور جي کوٽيل ڏر ۾ گهڙي. مالڪ کي ٻاھر ڪڍي ڇڏيندو آھي؛ اُھا واڳونءَ واري ڏاھپ آھي، جيڪو ڪنھن کي ڳڙڪائيندو آھي ته ڳوڙھا به پيو ڳاڙيندو آھي.“ ڏاھپ اِھا ناھي. ان کان وڌيڪ ٻي به ڏاھپ آھي، جيڪا انساني ڏاھپ آھي. صحيح فيصلو، اُن جو صحيح بيان ۽ اُن تي اھڙو ئي صحيح عمل _ پنھنجي ذات جي پاءُ اٽي لاءِ نه، انسانَ حيوان لاءِ نه، پر حيوان انسان لاءِ، اُن انسانَ لاءِ جيڪو سماج ۾ رھي ٿو، ’انساني زندگيءَ جو گڏيل ڀلائيءَ لاءِ سھڪار‘ ڄاڻي ٿو، ۽ اِنھيءَ ڪري انسان سڏجي ٿو، ۽ انسانُ آھي_ انساني ڏاھپ اِھا آھي، جنھن کي بيڪن. اِنھيءَ ئي ’اجتماع انسان‘ جي حوالي سان، ”فطري فلسفو“ سڏي ٿو.
فلسفي جي دنيا ۾ ماديت ۽ تصوريت جي دوئي موجود آھي. جيتوڻيڪ اڄ اُنھن جي نظري بنيادن جي دوئي، يعني مادي (Matter) ۽ ذھن (Mind)جِي، سائنسن جي جديد ترقيءَ ۽ اُن سان لاڳاپيل فلسفيانه فڪر جي اڳتي وڌيل روشنيءَ جي آڏو باقي نه رھي آھي _ ڪم از ڪم اُنھيءَ ڪنھن سطح تي، جن تي اُھا شروع جي جاھلي دؤر، يورپ جي وچ واري ’اونداھي‘ دؤر ۽ ماضي قريب جي ’سُلجھيل‘ دؤرن ۾ موجود ھئي. سماجي _ اقتصادي نظام سي دنيا ۾ ائين آھن، جيڪي، وقت گذرڻ سبب، پنھنجي عام انساني خير ۽ منفعت کي ڪُلي طور ضايع ڪري، پنھنجن فائده گير گروھن/طبقن Exploiting/classes)) جي برتريءَ ۽ پيٽ ڀرائيءَ خاطر، پنھنجي بقا چاھين ٿا_ ۽ اُن لاءِ اُھي ھِن نظرياتي دوئيءَ کي نه رڳو قائم رکڻ پر وڌائي شديد کان شديد تر ڪرڻُ چاھين ٿا. ۽ ڇاڪاڻ ته اُن ڪوشش ۾ ھنن جي آڏو عام انساني ڀلائي نه، پر خاص گروھي ڀلائي آھي، کين جنھن ڏاھپ کان ڪم وٺڻو پوي ٿو، سا انساني ڏاھپ نه آھي بلڪ حيواني ڏاھپ آھي_ ڏاھپ، سندن ذات لاءِ _ ۽ اِنھيءَ ڪري ھو غلط فيصلا ڪن ٿا. اُنھن فيصلن جا غلط بيان ڪن ٿا ۽ سندن سڀ عمل به اُھڙا ئي غلط ھجن ٿا_ ۽ اُن سڀ جي پرده پوشيءَ ۽ رنگ آميزيءَ خاطر، ھو ڪوڙ ۽ منافقت کان ڪم وٺن ٿا_ ( فرئنسر بيڪن جي لفظن ۾) ”واڳونءَ وانگر ڳڙڪائين به ٿا ۽ ڳوڙھا به ڳاڙين ٿا.“
ھيءُ ڪتاب، جيئن اُن جي نالي مان ظاھر آھي، فلسفي جي ابتدائي ڪورس جو ڪتاب آھي_ فلسفو، جنھن کي فرئنسز بيڪن فطري فلسفو (” Natural Philosophy“) ٿي سڏيو _ فلسفو، انساني ۽ انسان لاءِ ڏاھپ پسندي، انسان جي ۽ انسان لاءِ، جنھن کي ڪنھن به ڳالھه جي لڪائڻ ۾، وڌائڻ ۾ يا ٺاھڻ ۾ ڪابه دلچسپي ڪانھي؛ جنھن کي نه ڪنھن سائنسي سچ کان ۽ نه ڪنھن فلسفي سچ کان ڪو ڊپ آھي؛ ۽ جيڪو ھر ڳالھه کي کولڻ ۽ سمجھڻ گهري ٿو _ انساني عقل جي مدد سان، جيڪو انسان وٽ فطرت جي سدا روشن شمع آھي.
ھيءُ ڪتاب اصل فرينچ ٻوليءَ ۾ لکيل ھو، جنھن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو 1950ع ۾، سڊني، آسٽريليا، مان شايع ٿيو، جنھن تان اُن جو ھيءُ سنڌي ترجمو ڪيو ويو آھي. اِن جو اصلي رُوي سخن فرينچ پڙھندڙ ڏانھن آھي _ جنھن جا آثار، ڪن جاين تي، ھن سنڌي ترجمي جي پڙھندڙن جي ڌيان تي به ضرور ايندا، پر اميد ته ترجمي جي اِھا ۽ ٻيون اھڙيون فني حدبنديون، جن کان ڪُلي طور بچڻ مشڪل ٿئي ٿو، پڙھندڙن لاءِ ڪتاب جي اصل ڳالھه جي سمجھڻ ۾ رڪاوٽ ثابت نه ٿينديون.
گهڻي ڌيان کان پوءِ به ڪتاب ۾ ڇپائيءَ جون ڪي چڪون رھجي ويل آھن. لائق پڙھندڙن کان معافي گهرندي، کين گذارش ڪرڻ لازم آھي ته پڇاڙيءَ ۾ ڏنل ڀلنامي تان ٿي سگهي ته اُھي درست ڪري، پوءِ ڪتاب پڙھڻ شروع ڪن _ اھا سندن عين نوازش ٿيندي.

حيدرآباد، سنڌ _ محمد ابراھيم جويو
ڊسمبر 27، 1983ع

علم تدريس مظلومن لاءِ
ھيءُ ڪتاب، جيئن اُن جي نالي مان ظاھر آھي، ھڪ تعليمي ڪتاب آھي _ ۽ اِنھيءَ ڪري غور سان، ۽ ڪوشش سان، پڙھڻو آھي، نه ھڪ آکاڻيءَ يا ناول وانگر.
سطحي يا مٿاڇرائي ويچار ۽ اونھي ويچار، ھلڪيءَ يا بي وزن ڳالھه ۽ وزندار ڳالھه. جي ڪرڻَ، ٻڌڻ ۽ سمجھڻ ۾ فرق ٿئي ٿو. ھلڪا ويچار۽ توائي ڳالھيون ڪٿي به بيھي نٿيون سگهن _ خود ماڻھوءَ جي پنھنجي مغز ۾ به. اُھي. اُتي به ۽ ٻاھر به، فقط غبارآلود ۽ واچوڙائي ماحول ئي پيدا ڪري ٿيون سگهن.
جيتري قدر ٻولين جو نثر ۽ نظم، فڪر ۽ معنيٰ جي خيال کان، ڳنڀير ۽ مايه دار ھجي ٿو اوتري قدر اھي ٻوليون ۽ اُنھن جون ڳالھائيندڙ،لکندڙ ۽ پڙھندڙ قومون انساني دنيا ۾ مانُ ۽ مرتبو پائين ٿيون ۽ قبوليون وڃن ٿيون، ۽ امن ۽ خير ۾ رھن ٿيون ۽ اڳتي وڌن ٿيون.۽ اُن سڀ لاءِ اُنھن کي وڏي جاکوڙ ۽ جيءَ _ جھنجھوڙ ڪرڻي پوي ٿي.
ھر انسان مسئلي. ھر تاريخي ھرڪائناتي ڳالھه لاءِ رڳو ائين چون ته قدرت جو اُھو عمل آھي ۽ قدرت ئي پنھنجي مصلحت ڄاڻي ٿي. يا ھن يا ھنن ڪنھن ڪتاب ۾ ھر اُنھيءَ ڳالھه يا مسئلي جي سمجھاڻي يا ڏس موجود آھي، ۽ قدرت جي حوالي سان اُن جي اُھا سمجھاڻي ۽ اُھو ڏس حرف آخر سمجھي، خوشپسند ۽ خوشدل ٿي ويھڻُ _ ان کان وڌيڪ غبارآلود، واچوڙائي ۽ ھولناڪ شيءِ انساني دنيا لاءِ ٻي ٿي نٿي سگهي. ڇو ته اھا سوچ ۽ سوچ جي اھا تعليم، سماجي طور، ”موجود _ سدا موجود“ (Status quo) جي پرستاريءَ ۽ پاسداريءَ جي ئي تعليم آھي. ۽ اُن جي ئي غبارڻ ، غِلافڻ ۽ پنھنجي پر ۾ جيئن جــــو تيئن بچائي رکـــڻ جو ڪــــم ڏئي ٿي: اُن تعليم کي ھـــــن ڪتاب جي مصنف، پائلو فريري، ’بئنڪاري‘ تعليم، ’فرماني‘ تعليم، ’ڳالھه _ ٻولھه وروڌي‘ تعليم سڏيو آھي. يعني، جيئن بئنڪ ۾ ڪو پئسا وجھندو آھي ۽ اُنھن تي پنھنجو فرمان ھلائيندو آھي ۽ اُنھن بابت ٻئي جي ڪابه نه يا بنھه ڪا گهٽ ڳالھه ٻڌندو آھي، تيئن موجود ۽ بيٺل سماجي نظام جا مفادي ۽ مفادباز گروھه به پنھنجي فائدي جي ’ڄاڻ پونجي‘ ماڻھن جي مغز ۾ وجھن ٿا _ موجود ۽ بيٺل سماجي نظام جي ضربخاني ۾ گهڙيل ٺھيل ۽ ٺپي لڳل ڄاڻ _ ته جيئن اُھو سندن نظامُ قائم ۽ دائم رھي ۽ اُن جي ڪنھن تبديل جا امڪان پيدا نه ٿين ۽ پيدا ٿين ته وڌي اُن جي بنيادن ۾ ڪو خلم نه ٻارين ۽ اُن جي ديوارين کي ڪٿي لوڏي يا ڪيرائي نه وجھن. اُن پنھنجي ٺيٺ ۽ بنھه وڏيءَ ڄاڻ _ مايا کي ھو پنھنجو نظريو يا ’مذھب‘ سڏين ٿا.
جڏھن ڪو ’مذھب‘ يا ’نظريو‘مظلوم ۽ محروم خلق جي ترجمانيءَ ۽ طرفداريءَ کي ڇڏي. جنھن سان اُن جي ڪڏھن ابتدا ٿي ھئي، سڄي سماج جي پيار ۽ پوڄا پاٺ جو بُت بنجي وڃي ٿو (مطلب ته اُن کي ائين بنايو وڃي ٿو)_ يعني ظالم خلق جو به اُھو مذھب ته مظلوم خلق جو به اُھو مذھب _ تڏھن اُھو مذھب يا نظريو طاقتور ۽ ظالم خلق جي ئي تصرف ۽ تحفظ ۾ ھئڻ سبب، صرف اُن ئي ظالم خلق جي ھٿ جي ھٿيار جو ڪم ڏئي ٿو. ۽ اُن جي سڄي تعليم ۽ تدريس پوءِ پائلو فريري جي بيان ڪيل اُنھيءَ ’بئنڪاري‘، ’فرماني‘، ڳالھه ٻولھه وروڌي‘ تعليم جي صورت ۽ رخ وٺي بيھندي آھي _ سڄي انساني فڪر۽ فلسفي جي تاريخ اِن حقيقت جي شاھد آھي. ۽ اُھو نظريو يا مذھب پوءِ ظالمن کان مظلوم خلق جي آزادگيءَ يا ڇوٽڪاري جو وسيلو ھرگز بنجي نٿو سگهي _ پوءِ ڪيتريون به اُھو پنھنجي ازلي ۽ ابدي، اصلي يا آخري ھجڻ جون دعوائون ڪري_ اُن جون خود اُھي سڀ دعوائون به اُھڙيون ظلم _ پسند ۽ ظلم مائل، بئنڪاري، فرماني ۽ ڳالھه _ ٻولھه وروڌي دعوائون ھجن ٿيون.
اِن سڀ جي ابتڙ، پائلو فريري جو خيال آھي ته تعليم آزاديءَ ۽ سماجي تبديليءَ جو ھڪ رستو آھي_ ائين اُھا رھي آھي ۽ اُن کي ائين رھڻ گهرجي _ اُھو ھڪ ھٿيار، جنھن سان انسان پنھنجي چـؤڦير دنيا کي ڏسي سگهن ٿا، سمجھي سگهن ٿا، ۽ اُن جي تورتڪ ڪري ۽ اُن کي بدلائي سگهن ٿا. بشرطيڪ اُھا تعليم بئنڪاري نه پر ’مسئلن کي کولي آڏو رکندڙ‘ تعليم، فرماني نه پر ’آزاد ۽ جمھوري‘ (يعني پاڻ پاتل آزاد مرضيءَ سان قبوليل) تعليم، ۽ ڳالھه _ ٻولھه وروڌي، نه پر’ڳالھه _ ٻولھه پسند‘ تعليم ھجي.
فريي بئنڪاري تعليم کي ظلم پسند ۽ ظلم مائل ۽ ڏاڍ يا بالادستيءَ جي ’مڙھيل‘ تعليم سڏيندي، سماج ۾ اُن جي پيدا ڪيل عام تھذيبي فضا کي اکيون، ڪن ۽ چپ بند ڪري ڇڏيندڙ. گگدام، ماٺ جي تھذيب (Culture of Silence) سڏيو آھي، جيڪا مظلوم ۽ غريب، ’پڙھيل‘ توڙي اڻ پڙھيل، ۽ ھمت ھاريل خلق جي وسيع تعداد تي ڇانيل رھي ٿي. سندس چوڻ موجب ھيءَ ’ماٺ جي تھذيب‘ اڄ پوئتي پيل ۽ محتاج ۽ ماريل ملڪن کان علاوه خود اڳتي وڌيل سرمايه دار ۽ سامراجي ملڪن لاءِ به وڏي خطرو بڻيل آھي، جيڪو ھرھنڌ اُتان جي حد کان زياده فضوليات ۽ کپتڪاريءَ جي حرص ۾ اڙيل ۽ حد کان زياده ھيسيل ۽ انتظاميل ماڻھن جي وڏي حصي تي اڄ غالب آھي. فريري پنھنجي ’ڳالھه _ ٻولھه پسند‘، ’مسئلن کي کولي آڏو رکندڙ‘، ’آزاد ۽ جمھوري‘ تعليم جي تصور کي اُھو ھڪ طاقتور ۽ زندگي بخش ھٿيار سمجھي ٿو. جيڪو ماڻھن کي، مظلومن ۽ محرومن کي، پنھنجي سماجي حقيقت سان تخليقي ۽ انقلابي انداز سان نبرڻ ۽ اُن کي بدلائڻ جي صلاحيت ڏئي ٿو، جنھن سان انسان آزاد ٿين ٿا. بھتر کان بھتر انسان بنجن ٿا. ۽ ائين ھو وقت سان اڳتي ويندڙ تاريخي سلسلي جا حصا بنجن ٿا ۽ اُن جي عمل ۾ شريڪ ٿين ٿا.
لغوي معنيٰ جي خيالن کان، فريري جي ھِن انقلابي تعليمي ڪتاب جو نالو (Pedagogy of the oppressed) ڪجھه سمجھاڻي گهري ٿو. ”علم تدريس، مظلومن لاءِ“، اُن جي اِن انگريزي نالي جو ترجمو آھي. راقم جي ھڪ محترم دوست. جيڪو تعليم جو ماھر ۽ لائق استاد آھي. خيال ظاھر ڪيو ته ڪتاب جي نالي جو اِھو پورو ترجمو نه ھو. اُن لاءِ ھُن وٽ پڌرو ھڪ دليل ھو. لفظ ”پيڊاگاگي“ (Padagogy) يوناني ٻوليءَ جي مرڪب Paedagogos مان ورتل ھو، جنھن جي مُولُ لفظي معنيٰ ھئي“ اُھو غلام (agagos) جيڪو، قديم غلام دار يوناني سڀيتا جي زماني ۾، ٻارن (Paed, Ped, Paedo) کي پوئتان لائي، اسڪول وٺي ويندو ھو، ۽ پوءِ اصطلاحي طور اُن جي معنيٰ ڦِري ٿي ”ٻارن جو اڳواڻ، سُونھون، اُستاد“، ۽ اُن کان به اڳتي وڌندي، ڦِري ٿي فقط ”استاد“ (پر وري به. ٻارن جو!) ائين جيئن ته ”پيڊاگاگيءَ“ جي لفظي معنيٰ ھئي ”ٻارن جي تدريس، مظلومن لاءِ“ _ جيڪو ظاھر”آھي ته ڪجھه ناموزون ئي ٿي لڳو. ۽ حقيقتن به اُھو ائين صحيح نه ھو، ڇو ته لائق مصنف ھن ڪتاب ۾ جيڪو علمُ تدريس بحث ھيٺ آندو آھي، سو ٻارن جي تعليم لاءِ نه پر بالغن جي تعليم لاءِ ھو، پر ”پيڊاگاگي“ لفظ جي لغت ۾ اِن مُول لفظي معنيٰ کان سواءِ، اصطلاحي معنيٰ به ڏنل ھئي، ۽ اُھا ھئي: ”تدريس يا سکيا (Teaching) جو فن، علم يا پيشو“، ۽ اِنھيءَ اصطلاحي لحاظ کان ڪتاب جو اصل انگريزي نالو توڙي اُن جي سنڌي ترجمي وارو نالو ”علم تدريس، مظلومن لاءِ“ صحيح ھو، ۽ پڻ اُن جي مضمون سان عين مطابقت ۾ ۽ پورو ٺھڪيل ھو.
ھِن ڪتاب ۾ سمجھايل ’تدريس جو علم‘ خاص بالغن جي تعليم لاءِ پوئتي پيل قومن جي عام خلق جي ڪثير حصي، اُن جي مظلوم ۽ محروم حصي، جي تعليم لاءِ ھجڻ سبب اُنھيءَ عواميءَ خدمت جي دائري ۾ ڪم ڪندڙ استادن، تعليمڪارن، ۽ سماجي، تھذيبي ۽ سياسي ڪارڪنن لاءِ، جيڪي اِن ڏِس ۾ ”انقلابي اڳواڻپ“ جو رول ادا ڪن ٿا، بيحد ھڪ مفيد ۽ ڪارائتو رھنما ڪتاب ثابت ٿي سگهي ٿو. ڇوته ”علم تدريس، مظلومن لاءِ “ اُنھن کي به فقط ٻڌائي ٿو ته ڪثير مظلوم خلق کي ڪيئن پاڙھجي، پر اِھو به ٻڌائي ٿو ۽ سمجھائي ٿو ته اُنھن کي ڇا پاڙھجي! يعنيٰ ڪھڙي تعليم ڏجي ۽ اُن تعليم لاءِ کين ڪيئن تيارڪجي ۽ منظم ڪجي _ ته جيئن ھو خود _ خوابيءَ جي موت مان اٿي خود _ شناسيءَ جي زندگيءَ ڏانھن وڌن ۽ غلاميءَ جي پناھه گاھه کي ڇڏي آزاديءَ جي آماجگاھه ۾ اچن ۽ اُن لاءِ جدوجھد ڪن.
اميد آھي ته لائق پڙھندڙ ھيءَ ڪتاب غور سان پڙھندا_ ڪتاب جي ترجمي بابت ساڻن ڪھڙي ڪا خاص ڳالھه ڪجي _ ھو راقم جي اڳين ترجمن جي انداز ۽ اطوار کان واقف آھن: ترجمي کي سھل ۽ سڦل بنائي پيش ڪرڻ ۾ وسان ڪونه ٿو گهٽائجي. پر پوءِ به ڪافي ڪن ھنڌن تي، مضمون جي ڳوڙھائيءَ ۽ غيررواجي ھئڻ سبب ٻولي به ڪافي مشڪل ۽ پيچيده ٿي وڃي ٿي، پر پڙھندڙن (يا ٻڌندڙ) کان ڳالھه جو پيرائتو ڏس اوجھل نه ٿئي، ته پڪ آھي ته اُھا پنھنجو اثر ۽ سلسلو بحال رکي سگهي ٿي_ ڇو ته صحيح ۽ مفيد ڳالھه کي پنھنجي اٽل ڪشش ۽ طاقت ھجي ٿي. اميد ته جتي جتي بيان يا پيشڪشن جي ڪوتاھي يا ڪمزوري واقع ٿيل ھوندي، اُتي مھربان پڙھندڙ جي پنھنجي سوچ ۽ ساڌنا ھُن کي ڳالھه جي تھه تائين پھچڻ ۾ ساھه جو ڪم ڏيندي.

حيدرآبادسنڌ _ محمد ابراھيم جويو
17 _ نومبر، 1984ع

(ھڪڙو وڏو وھم، جنھن اسان جي ذھنن کي، اسان جي پنھنجين زندگين ۾ ، دنيا جي اسان جي پنھنجي حصي ۾، چـؤکنڀو ٻڌي ۽ چڪرائي رکيو آھي. اُھو ’نظريي جو وھم‘آھي _ پاڻ کي اُھو ’نظريو‘ چوارائي ٿو ۽ جيتوڻيڪ، پاڻ کي نظريو سڏيندي، اُن لاءِ پاڻُ ثابت ڪرڻ به پھرين ضروري ھو، ته جيئن اُھو اصولي طور قبوليو يا رد ڪيو وڃي _ ۽ اِئين ڪنھن به ريت يا نِيت سان اُھو اڃا تائين ڪري به نه سگهيو آھي _ اِھو پوءِ به اسان سان چنبڙيو پيو آھي ۽ اسان تي مڙھجي ويو آھي. توڻي جو پنھنجي ڪارج، يعني برصغير جي سياسي تقسيم جي ڪارج، ادا ڪرڻ کان پوءِ اُھو. ٻئي ڪنھن ڪم جي شيءِ نه ھجڻ سبب، ڇڏي ڏيڻو ھو_ جيئن وقت سر قائداعظم جھڙي ذميدار ماڻھو پاڻ اُن کي ڇڏي ڏيڻ جو واضع، پرعز ۽ بي ڌڙڪ اعلان ڪيو. (ملاخطو ٿئي سندن تقرير، آگسٽ 13، 1947ع جو متن).
· Lecomte Du Nouy: “HUMAN DESTINY”, The New American Library, 4th printing, 1956, P.99
· يوحنا_ 14/12
· ڪتاب مقدس_ لوقا 11/32 _ 37
· ڪتاب مقدس، مرقص 2/18-28
· ڪتاب مقدس، 28/18

 

مھڪريءَ جا مضمون
محترم عزيز ڊاڪٽر جي .ايم. محڪريءَ جو سنڌ سان تعارف پاڪستان کان ڪجھه اڳ جو آھي. مون کي بھرحال سندن واقفيت جو شرف پاڪستان کان پوءِ نصيب ٿيو، ۽ اُن لاءِ آءُ پنھنجي بزرگ دوست _ ڳڻَ، ڳتِ ۽ ڌنَ جي ڳولائوءَ محمد عثمان ڏيپلائي مرحوم، جو شڪر گذار آھيان. غالباَ، پنجاھه جي ڏھاڪي جي شروع ۾ ھڪ موقعي تي آءُ اُن لائق صد احترام پنھنجي ساٿيءَ، ڏيپلائي مرحوم، سان گڏجي، ڊاڪٽر صاحب جي جاءِ تي، پاڪستان گورنمينٽ آفيسرس ڪوارٽرس، گارڊن نارٿ، ڪراچيءَ، ۾ ويو ھوس، ۽ سندن ڪمال محبت ۽ اخلاص جي ورتاءَ سان گڏ سندن وسيع علم ۽ آزاد خياليءَ کان بيحد متاثر ٿي موٽيو ھوس، ۽ اُن کان پوءِ اڄ تائين منھنجو ساڻن نيازمنديءَ ۽ عقيدت جو سٻنڌ جيئن پوءِ تيئن وڌندو ۽ پختو ٿيندو پئي آيو آھي. پاڻ اصل بئنگلور، انڊيا، جا آھن، ۽ اِنھيءَ ڪري بعضي پنھنجو ادبي نالو ’بئنگلور‘ به لکندا رھيا آھن.
سندن مضمونن جي ھِن سنڌي مجموعي لاءِ ٻن اکرن لکڻ لاءِ نياپو موڪليو مانِ، ته موٽ ۾ ھيءُ ھڪڙو پُر لطف مختصر خط ڏياري موڪليائون:
”منھنجا پيارا جويو جِي،
”دوست مظھر يوسف کان ٻُڌي، دل ڏاڍي خوش ٿي ته اوھين منھنجي چاليھارون کن’ٽڪرن ٽوٽن‘ جو پنھنجو مُلھائتو ترجمو پريس ۾ ڪتابي اشاعت لاءِ موڪلي رھيا آھيو. ڇا، منھنجا لفظ ’اوھان جي ڏاڍي مھرباني!‘ منھنجي احسانمنديءَ جي جذبي جو پورو اظھار ڪري سگهندا! سچ ته ھيءَ مون لاءِ ۽ مظھر لاءِ حيرت جي ڳالھه آھي ته سڀ کان وڌيڪ جويو منھنجي اِنھن ’روڙيل رَنڊن‘ جو ايترو قدر ڪري! پنھنجي فوٽي جي نِگيٽِو، ھِن گڏ موڪليان ٿو، ۽ ڏاڍي خوشي ٿينديم ته ڪتاب ۾ ھيءَ منھنجي تصوير به ڇپجي، ته سنڌي، منھنجا ھم وطن ۽ ھم قوم ڀينرون، ڏسن ته ڏسڻ ۾ آءُ ڪھڙو ھوس! منھنجي پڇڻ کان سواءِ منھنجن مائٽن مون تي ’غلام محي الدين مِھڪري‘ نالو رکيو ھو. اُن کي مون ننڍو ڪري، پاڻ کي ’جي .ايم. مِھڪري‘ سڏيو. پر اُن مان منھنجو ھاڻي مطلب پنھنجو ادبي نالو ’گلاب _ موتيا مِھڪ‘ آھي! اميد اٿم ته اِھو منھنجو نالو اوھان کي پورو دنيوي نالو لڳندو! مون پوريءَ طرح معلوم ڪيو آھي ته ڪنھن به عرب پنھنجي نالي کي ڪڏھن به ’غلام‘ جِي اڳياڙي ڪانه ٿي ڏني، جيتوڻيڪ لفظ ’غلام‘ خالص عربي لفظ آھي، ۽ وٽن خريديل ٻانھي ۽ .... لاءِ مخصوص آھي. آءُ سمجھان ٿو ته لفظ ’غلام‘ اُنھن ماڻھن جي ذھنيت جي ئي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪي پنھنجن اڀاڳن ۽ بيوس معصومن جي پيشانيءَ تي ڳولي ڳولي اِھا مُھر داغي ٿا ڇڏين _ توڻي جو وٽن ڄمي، اُنھن ڪو سندن ايڏو وڏو ڏوھه به ڪونه ٿي ڪيو! ڪنھن به عرب کي پاڻ تي پنھنجي اولاد تي اِن نالي رکڻ لاءِ چئبو، ته اوھان کي اُنھن جو غضبانڪ رد عمل اُنھيءَ ئي مھل معلوم ٿي ويندو. اِنھيءَ سبب کان ڏسجي ٿو ته عرب پاڪستان ۽ انڊيا جي مسلمانن کي ’رفيق‘به سڏين ٿا، پر اوھين جواب ۾ اُنھن کي ’رفيق‘ سڏيو ته اوھان کي اُتي ئي ھوندو ڪچو کائي ڇڏين! ’رفيق‘ مان، مون ٻڌو آھي ته سندن مطلب .ماڻھو‘ نه پر .... ھوندو آھي.‘ (ھن ۾ ، اصل لفظن جي جاءِ تي، خالَ راقم جا ڇڏيل آھن.)
ڊاڪٽر محترم جي نالي جي صفاتي حصي _ Mehkri جي ڳالھه به ھڪ سمجھاڻي گهري ٿي. سندن مضمونن جي سنڌي ترجمن جي اخباري اشاعت ۾، سڄو وقت مون پاڻ اِن سندن ادبي نالي ’گلاب _موتيا مِھڪ‘ (مِھڪ بمعنيٰ ’سُرھاڻ‘) جي نسبت سان سندن نالو ’مھڪري‘ پئي ڪئي ڪم آندو ۽ ڇپايو آھي. پر سندن مضمونن جي ھِن مجموعي ۾ سندن دستوري آزاد فڪر ۽ اُن جي بي خوف اظھار جِي نسبت ’مَحَڪ/مِحَڪ‘(بمعنيٰ ’ڪسوٽي‘، ’پئمانو‘) سان ڪندي، سندن سڃاڻپ ’محَڪري‘ جي نالي سان ڪرائڻ جي جرئت ڪئي اٿم_ سندن عالي ظرف ۽ ڪشاده دليءَ ۾ اميد رکندي، ته ھيءَ حُجت پاڻ مون کي معاف ڪندا.
ڊاڪٽر مَحڪري واقعي پاڻ وٽ ھڪ ڪسوٽي، ھڪ سڃاڻپ، ھڪُ پيمانو رکن ٿا_ کري ۽ کوٽي جو، روشنيءَ ۽ تاريڪيءَ جو، سچ ۽ ڪوڙ جو؛ ۽ اِن خيال کان پاڻ اسان لاءِ ھڪ ٻھڪندڙ روشن مشعل آھن. نه رڳو روشني ڏيڻ ۽ روشني پکيڙڻ پنھنجي زندگيءَ جو پاڻ مقصد سمجھن ٿا، پر اُھو مقصد ھو پورو ڪندا رھيا آھن، ڪندا رھن ٿا ۽ ڪندا رھندا _ اوستائين جيستائين، چـؤڦير پنھنجي انساني دنيا ۾، پاڻ تاريڪي ۽ جھالت ڏسندا، اونداھه ڏسندا_ ’اوھان من ۾ مڃتا‘ جي اوندھه.
ھڪڙو وڏو وھم، جنھن اسان جي ذھنن کي، اسان جي پنھنجين زندگين ۾ ، دنيا جي اسان پنھنجي حصي ۾، چـؤکنڀو ٻڌي ۽ چڪرائي رکيو آھي، اُھو ’نظريي جو وھم‘آھي _ پاڻ کي اُھو ’نظريو‘ چوارائي ٿو ۽ جيتوڻيڪ، پاڻ کي نظريو سڏيندي، اُن لاءِ پاڻُ ثابت ڪرڻ به پھرين ضروري ھو، ته جيئن اُھو اصولي طور قبوليو يا رد ڪيو وڃي _ ۽ ائين ڪنھن به ريت يا نِيتِ سان اُھو اڃا تائين ڪري به نه سگهيو آھي_ اِھو پوءِ به اسان سان چنبڙيو پيو آھي ۽ اسان تي مڙھجي ويو آھي، توڻي جو پنھنجي ڪارج، يعني برصغير جي سياسي تقسيم جي ڪارج، ادا ڪرڻ کان پوءِ اُھو، ٻئي ڪنھن ڪم جي شيءِ نه ھجڻ سبب، ڇڏي ڏيڻو ھو_ جيئن وقت سر قائداعظم جھڙي ذميدار ماڻھوءَ پاڻ اُن کي ڇڏي ڏيڻ جو واضح، پرعزم ۽ ٻي ڌڙڪ اعلان ڪيو_ (ملاحظو ٿئي سندن تقرير، آگسٽ 13، 1947ع جو متن)
اُن کان پوءِ اُن نظريي جي وڌيڪ پاڻ وٽ سياسي پذيرائي ۽ پرورش نه رڳو ھڪ وھم پرستي ھئي_ خالص ۽ محض _ ڇو ته اُن وٽ باقي اسان لاءِ ڪوبه انسان دوست افادي ڪارج ادا ڪرڻ لاءِ رھيل نه ھو؛ وڌيڪ اُن جي پذيرائيءَ اُن کي اسان لاءِ ھڪ بت ئي بنائي ڇڏيو، بلڪ فقط اسان جي عقل ۽ ماڻھپي کي توائي ڪرڻ لاءِ اُن کي ھڪ ڀينڪر راڪاس جي صورت ملي ويئي _ بي حس ۽ مبھم راڪاس جِي _ جنھن اسان کان، قومن ۽ ماڻھن طور، اسان جي بندگيءَ، اسان جي رت ۽ اسان جي غيرت جو، اُٿندي ويھندي، بَکُ ٿي گهريو، ۽ فوراً ئي اُھو ڦِري ھڪ دليلُ يا جھَلو بڻجي پيو_ ھڪ سڀَ زوري اندوني پرمار مفاد ۽ ٻيو سڀَ زوري بيروني پرمار مفاد جي ھٿن ۾ پاڪستان جي ماڻھن ۽ قومن جي قطعي غلاميءَ جو _ اندروني طور بيٺڪي مفاد جي غلاميءَ جو، جنھن کي Colonialism ٿو چئجي، ۽ بيروني طور گهڻ قومي نـؤ بيٺڪي مفاد جي غلاميءَ جو، جنھن کي Neocolonialism ٿو چئجي.
۽ اسين اُن ھولناڪ وھم جي، اُن وڏي بت جي، بي حس ۽ رٿيل ٺھيل ’خدائيءَ‘ جي پيرن ۾ چِپجي ۽ چيڀاٽجي، ڇا مان ڇا ٿي وياسون، اُن جڳ ھڪ تُز بيان مون فريڊرڪ نٽشي (Nietzsche)جي مقالن ۾ تازو پڙھيو_ جيڪو پڻ منھنجي معزز دوست، ڊاڪٽر محَڪريءَ، وانگر پنھنجي زندگيءَ جي پوين ڏينھن ۾ پنهنجي ملڪ جرمنيءَ تي ڇانيل تاريڪيءَ جي خلاف _ سماجي، روحاني ۽ ھرقسم جي تاريڪيءَ جي خلاف_ گفتن ۽ مثالن جي صورت ۾ پنھنجي حڪيمانه ٻوليءَ ۾ بي ڌڙڪ ڳالھائيندو ۽ لکندو رھندو ھو.
ھِن موقعي تي، جڏھن ڊاڪٽر مَحڪريءَ جي ھِنن مضمونن کي پيش ڪرڻ جي خوشي ۽ اعزاز حاصل ڪري رھيو آھيان_ جن مان ھر ھڪ مضمون کي آءُ پنھنجي چـؤگرد ڇانيل تاريڪيءَ ۾ روشنيءَ جي شعاع مثل سمجھان ٿو_ فريڊرڪ نٽشي جو اُھو مقالو، بعنوان ’رياست _ مھڪ نئون بت‘ اميد ته لائق پڙھندڙن کي موزون ۽ مناسب نظر ايندو. ۽ آءُ پنھنجي طرفان اُن مقالي کي ھِن موقعي تي، خود محترم بزرگ ڊاڪٽر محَڪريءَ جي خدمت ۾ پنھنجي دلي عقيدت جي ھڪ ڳڻائتي پيشڪش سمجھان ٿو. ۽ مون کي پڪ آھي ته، ھِتي پيش ٿيندڙ ڳالھه جي حوالي سان، سڀني کان ۽ سڀ کان بھتر، اِئين ھِن منھنجي اُڌاريءَ آندل پيشڪش جو قدر سڃاڻي، پاڻ اُن کي قبوليت جو مانُ ڏيندا_ ڇو ته پاڻ ئي سمورو وقت، يڪسمانو ۽ پوريءَ ھمت سان، ھِن وھمن جي وھم، سرد روح مبھم وھم، بي ترس لُوءَ، ڪِني سُوڻل بُت، سان ھيءَ سڄي ساري طويل مدت، پوري پنھنجي فھم ۽ دليل سان، جھيڙيندا رھيا آھن _ جنھن وھمن جي وھم سڄي پنھنجي آھني چنبي ۾ _ رڳو”ڏينھَن جي انڌن چٻرن، زبان بندين، فرمانن، قيد وبند جي ڌپ، سنترين جي مَٽ سَٽ، ھٺ ڌرميءَ ۽ بنھه کِٿل سمجھه“ سان_ ھيلتائين رڳو ئي پئي اسان کي چاپوٽيو ۽ نپوڙيو آھي. نٽشي جي ھن مقالي ۾ مون رڳو ھڪ لفظ کي تبديل ڪيو آھي_ اُن جي بلڪل آخر ۾، پنھنجي روان مراد ۽ حوالي جي خيال کان، لفظ ’فوق البشر‘ جي جاءِ تي مون ’آزاد بشر‘ (’آزاد انسان‘) رکيو آھي _ اِنھيءَ لاءِ ته آزاد بشر کان وڌيڪ ٻيو ڪو فرق البشر ٿي ئي نٿو سگهي _ در حقيقت آزاد بشر ئي فوق البشر ھجي ٿو.

نئون بُت
”ڪٿي ڪنھن ھنڌ اڃا قومون ۽ ماڻھو آھن، پر اسان وٽ نه آھن، منھنجا ڀائرو: ھِتي اسان وٽ رياستون آھن. رياست؟ اِھا ڇا آھي؟ چڱو، ھاڻي پنھنجي ڪن کي کولي منھنجي ڳالھه ٻڌو، ڇاڪاڻ ته آءُ اوھان کي ھاڻي قومن جي موت متعلق پنھنجو فيصلو ٻڌايان ٿو.
”رياست نالو آھي بي حس راڪاسن مان ھڪ سڀ کان زياده بي حس راڪاس جو. ھو ڪوڙُ به بي حسيءَ سان ڳالھائي ٿو؛ ۽ اُھو ڪوڙُ، سُرندو، اُن جي وات مان ٻاھر نڪري ٿو: ’آءُ، رياستَ، قومَ آھيان!‘
”اِھو ھڪ ڪوڙ آھي! تخليق ڪارھئا اُھي جن قومون تخليق ڪيون، ۽ اُنھن کي ايمان ۽ محبت جي چادر ڍڪايائون: ۽ اِئين اُنھن زندگيءَ جي خدمت ڪئي.
”تباھه ڪار آھن ھِي، جيڪي گهڻن لاءِ ڄار پکيڙين ٿا، ۽ اُن کي رياست سڏين ٿا: اُنھن جي مٿان ھو تلوار لٽڪائين ٿا ۽ آڏو سوين لالچون پکيڙين ٿا.
”جتي اڃا ماڻھو آھن، قومون آھن، اُتي رياست جي اِھا معنيٰ ڪانھي، بلڪ ’نظربند‘ وانگر اُن کان نفرت ڪئي وڃي ٿي، ۽ اُن کي پنھنجي قانونن ۽ رواجن خلاف گناھه سمجھيو وڃي ٿو.
”آءُ اوھان کي ھڪ نُڪتو ٻڌايان ٿو: ھرقوم پنھنجي ڀَلي جِي ۽ بُري جي ٻولي ڳالھائي ٿي: اُھا اُن جي پاڙيسري قوم نٿي سمجھي. ڇو ته اُن پنھنجي ٻولي، پنھنجي لاءِ، پنھنجي قانونن ۽ رواجن ۾ رھي ايجاد ڪئي آھي.
”پر رياست ڀَلي ۽ بُري جي سڀني ٻولين ۾ ڪوڙ ڳالھائي ٿي؛ ۽ جيڪي ڪجھه اُھا ڳالھائي ٿي، اُھو ڪُوڙ ڳالھائي ٿي؛ ۽ جو ڪجھه به وٽس آھي سو چوريءَ جو مال آھي.
”اُن جي ھر شيءِ کوٽي آھي، فريب آھي؛ چڪُ ھڻي ٿي، ته چوريءَ جي ڏندن سان، لِڪي. خود سندن پيٽ جا آنڊا به دوکي جا آھن.
”ڀَلي ۽ بُري جي ٻوليءَ جو مونجھارو: اِھو نُڪتو آءُ اوھان کي رياست جي سڃاڻپ جي نشانيءَ طور ٻڌايان ٿو. سچ پچ اِھا نشاني ’موت جي مبلغن‘ کي اڳتي وڌي اچڻ لاءِ سڏي ٿي.
”گهڻا، تمام گهڻا، ماڻھو ڄمن ٿا: ۽ بي ضرورت ۽ زائد ماڻھن لاءِ ئي رياست ايجاد ٿِي.
”ڏسو، ھيءَ اُنھن کي، گهڻن_ تمام_ گهڻن کي، ڪيئن ڌتاري ۽ لالچائي پنھنجي طرف سڏي ٿي! ڪيئن اِھا اُنھن کي ڳڙڪائي ٿي، چٻاڙي ٿي ۽ اوڳاري وري چٻاڙي ٿي!
”’ڌرتيءَ تي مون کان وڏو ٻيو ڪوبه نه آھي: مان ئي آھيان، جيڪا خدا جي منتظم آڱر آھيان‘_ ھيءُ راڪازس اِئين ٿو گجڪاري، ۽ اُن گجڪار جي آڏو رڳو ڪي ڪوتاھه نظر ۽ دراز گوش ماڻھو ئي سربسجود نه ٿا ٿين!
”افسوس، اي عالي دماغـؤ، خود اوھان جي ڪَنن ۾ اِھا پنھنجا ڪارا ڪُوڙ ڀري ٿي! اِھا اُھي وزني دليون به ڳولي ھٿ ڪري ٿي، جيڪي اُن جي چائنٺ تي پنھنجي رضا خوشيءَ سان سڀ ڪجھه لٽائي ڇڏين ٿيون.
”ھائو، اِھا اوھان کي به ڳولي لھي ٿي، جن پراڻي ’خدا‘کي جيتيو ھو! اوھين اُن معرڪي ۾ وڙھندي، ٿڪجي پيا آھيو، ۽ ھاڻي اُھا اوھان جي نِستائي ھِن نئين بت کي ڪم اچي ٿي ۽ اوھين اُن جي ٻانھپ ۾ لڳي ويا آھيو!
”ھيءُ نئون بت وڏن وڏن سورمن ۽ عزت مابن کي ميڙي پنھنجي چـؤڌاري گڏ ڪرڻ جو ڏيک ڏئي ٿو! ۽ تمام گهڻي اطمينان سان نيڪ ضمير جي اُس ۾ ويھي پاڻُ سيڪي ٿو_ ھيءُ سرد راڪاس!
”ھر شيءِ، ھيءُ نئون بت اوھان کي ڏيندو، بشرطيڪ اوھين ھِن جي پوڄا ڪريو: اِئين ھيءُ اوھان جي نيڪيءَ جي رونق ۽ اوھان جي پروقار اکين جي چمڪ اوھان کان خريدي ٿو.
”اِھو اوھان جي وسيلي گهڻن_ تمام _ گهڻن کي ڀنڀلائي پنھنجي پاسي ڪرڻ ۾ لڳو رھي ٿو! اِھو ھڪُ جھنمي سَنجَٽ انھيءَ ريت اڏيو ويو آھي _ ھڪُ موت _جو_ گهوڙو، اِلاھي اعزازن جي وڄندڙ گهنگهروئن سان جھنجھيل!
”ھائو، عام خلق لاءِ، گهڻن_ تمام _ گهڻن لاءِ، اِئين نسورو ھيءُ ھڪ موت ايجاد ڪيو ويو آھي، پر پاڻ کي زندگي سڏي، اِھو پاڻُ واکاڻي ٿو ۽ چـؤڦير جَسُ وٺي ٿو: تحقيق وڏي ھڪ دعوت آھي ھيءَ ’موت جي مبلغن ‘لاءِ!
”آءُ اِن کي اسٽيٽ (State)[بمعنيٰ، مَسنَدَ، ڪُرسي] سڏيان ٿو، جتي سڀيئي، ڀلا ۽ بُرا، زھر جو پيالو پيئن ٿا: جتي سڀيئي، ڀلا ۽ بُرا، پاڻُ وڃائين ٿا: جتي سڀ کان ڍرو خودڪشيءَ جو عمل ’زندگي‘ سڏجي ٿو.
”ڏسو، ھِنن غير ضروري، زائد ماڻھن کي ڏسو! ھي ڏاھن جا خزانا ۽ ايجاد ڪندڙن جون ايجادون چورائين ٿا. پنھنجي اُن چوريءَ کي ثقافت سڏين ٿا_ ۽ ھر شيءِ اُنھن جي ھٿ ۾ بدلجي محض بيماري ۽ بدبختي بڻجيو پوي!
”ڏسو، ھِنن غير ضروري، زائد ماڻھن کي ڏسو! بيمار روح آھن اِھي سدائين؛ پنھنجو پِتُ قيءِ ڪري ڪڍن ٿا، ۽ اُن کي ھو ’اخبار‘ سڏين ٿا. ھڪٻين کي ھو ھڙپ ڪن ٿا، ۽ ھڪٻين کي ھو ھضم به نٿا ڪري سگهن!
”ڏسو، ھِنن غير ضروري، زائد ماڻھن کي ڏسو! دولت ھو حاصل ڪن ٿا، ۽ اُن سان ھو وڌيڪ غريب ٿا بڻجن. ھي بي _ سَتا، طاقت ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا_ اُن کان به وڌ، ھو طاقت جي ڪُنجيءَ پٺيان _ پئسي پٺيان، وڌيڪ پئسي پٺيان _ ڊوڙون پائين ٿال
”اِنھن تيز باندرن کي مٿي چڙھندي ڏسو! ھڪٻين کي لتاڙيندا، ھڪٻين تي ليٿڙندا، پاڻ ۾ وڙھندا، سڌا گپ ۽ ڪِن جي کَڏن ۾ ڪرندا ٿا رھن.
”سڀيئي مَسنَدَ ڏانھن وڌڻ جي جاکوڙ ۾ لڳل آھن: ڇا نه ديوانگي آھي اِنھن جي! ڄڻ خوشي ۽ سک مَسنَدَ تي ھُنن لاءِ آتا ويٺا آھن! پر مَسنَدَ تي، گهڻو ڪري، ته گندئي ويٺل ھجي ٿو_ ۽ گهڻو ڪري ته مَسنَدَ خود به گند تي ويٺل ھوندي آھي!
”مون کي اِھي سڀ پاڳل نظر ٿا اچن، بازوليون ڏيندڙ باندر ٿا ڏيکارجن_ بيحد بي صبر ۽ بدحواس. مون کي اِن سندن بت مان، اِنھيءَ سرد راڪاس مان، بدبوءِ ٿي اچي: اِھي سڀيئي اِن جا پرستار پاڻ به فقط بدبوءِ ئي ڦھلائين ٿا.
”منھنجا ڀائرو، اوھين اِنھن جي پيٽن جي بدبودار بخارن ۽ بُک جي ولوڙن ۾ گهُٽجي مري ويندا. چڱو آھي ته بدبوءِ جي اِنھيءَ چـؤديواريءَ جون دريون ڀڃي، ٽپو ڏيئي، ٻاھر کُليءَ ھوا ۾ نڪري اچو!
”ان بدبوءِ جي سڄيءَ پھچ کان ٻاھر نڪري اچو! چوان ٿو ته اِنھن غير ضروري، زائد، ڪچري ۽ ڪِن جي گُندن جي پوڄا ڇڏي ڏيو!
”اِن بدبوءِ جي سڄيءَ پھچ کان ٻاھر نڪري اچو! انساني ٻَليُن جي اِنھيءَ زھريلي دونھانٽ کان بچو ۽ نڪري ٻاھر ٿيو!
”اعليٰ دلين لاءِ زمين جون وسعتون اڃا به کليل آھن تنھا دل توڙي ساٿي دلين لاءِ ، زمين جا ڪيترائي گوشا اڃا خالي پيا آھن، جتي سانتيڪن سمونڊن جون ھُٻڪار ڀريل ھيرون گهُلي رھيون آھن.
”اعليٰ دلين لاءِ اڃا به آزاد زندگيءَ جا دڳ کليل آھن. سچ ته جنھن وٽ جيترو گهٽ اوترو وڌو اُھو آزاد. جيترو ڪو گهٽ قابض اوترو گهٽ اُھو مقبوض: مبارڪ آھي وچٿري غريبي!
”جتي رياست ختم ٿئي ٿي، فقط اُتان ئي اُن انسان جي وجود جي ابتدا ٿئي ٿي، جو زائد نه آھي، غير ضروري نه آھي. اُتان ئي ضروري انسانن جو، اصلي انسانن جو، گيت شروع ٿئي ٿو، واحد ۽ بي بدل نغمو!
”منھنجا ڀائرو، اُتي، اُن هنڌ تي، نظر رکو، جتي رياست ختم ٿئي ٿي! دور، افق تي، اوھان کي اِنڊلٺ جا رنگ ۽ آزاد بشر جون پُليون ڏسڻ ۾ نٿيون اچن؟“_
”فريڊرڪ نٽشي:”بقول زردشت“، ص 64_66)
آءُ راقم ھاڻي اِن کان وڌيڪ اوھان مھربان پڙھندڙن ۽ محترم عزيز ڊاڪٽر مَحڪريءَ جي حڪمت ڀريل مضمونن جي وچ ۾ روڪ بڻجي بيھڻ نٿو گهران، ۽ اِن اميد ۽ اعتماد سان ته اوھين سندن ھِن ”مَحَڪِ زرين“ بلڪ ”مَحَڪِ زرِ ايمان“ کي توجھه سان پڙھندا ۽ اُن مان پورو افادو ڪندا، ۽ وڌيڪ سنڌ ۽ ھند جي عظيم بلڪ بي دل فارسي شاعر، حضرت ابوالفيض”فيضي“ جي ھيٺين سُونَ ۾ تُرڻ جھڙي ڳالھه اوھان جي گوش گذارش ڪرڻ سان، اوھان کان اجازت ٿو وٺان_ يار زندھه صحبت باقي!
مرد بايد ڪ زبان آئينه ء دل سازد،
خواه ڪافر بود وخواھه مسلمان گردد.

مڪنش باور اگر باتو فلاطون گويد،
آنچه بر عقلِ تو ثابت نه ببرھان گردد.

سر بزانو بنھه و دل بتگاپوي در آر،
گوي شرطست ڪ در عرصه بچو گان گردد.
_ اِھا ئي ڳالھه، ۽ بلڪل اِئين ئي، ڊاڪٽر مَحڪري ھِنن پنھنجن مضمونن ۾ اسان کي ٻڌائي ٿو.

حيدرآباد سنڌ _ محمد ابراھيم جويو
16_ جون، 1985ع

فرينچ انقلاب
ھيءُ ڪتاب، جيئن اُن جي نالي مان پڌرو آھي، فرينچ انقلاب جي ڪھاڻي آھي، جيڪا فرانس جي ھڪ ’ھاريءَ‘ جي واتان ٻڌايل آھي .... مچيل بئسٽيان (Michel Bastien) جي واتان، جيڪو ھاريءَ جو پُٽ ھو. ۽ جيڪو سڄيءَ ڪھاڻيءَ جو ھڪ ھِيرو ۽ مرڪزي ڪردار پڻ آھي.
اصل ۾ فرينچ ٻوليءَ جو ھيءُ ڪتاب ”L`Histoire d`un Paysan “ جيڪو پھريون ڀيرو 1868ع ۾ شايع ٿيو، يعني فرينچ انقلاب (1789ع) کان لڳ ڀڳ 80 ورھيه پوءِ، ٻن مصنفن جو گڏجي تصنيف ڪيل ڪتاب آھي (اُھي پاڻ به سڄي اُن دور جا اکئين ڏٺا شاھد ھئا)، جن مان ھڪڙي جو نالو ايمِل ايرِڪمَن (Emile Erckmann) ھو، جو اُستاد ھو، ۽ ٻئي جو نالو اليگزاندر چيتريان (Alexander Chatrian) ھو، جيڪو ھُن جو شاگرد ھو.
ٻنھي، اُستاد ۽ شاگرد، گڏجي، قومي تاريخ، سوانح، ڊراما وغيره جي موضوعن تي ٽيھارو کن ٻين اعليٰ ڪتابن کان علاوه، ’قومي داستان‘ (Contes Nationaux) جي ھڪڙي خاص تصنيفي سلسلي جا الڳ الڳ نالن وارا، سَت ٻيا به ڪتاب لکيا، جن ۾ انقلاب کان پوءِ فرانس ۾ قائم ٿيل لوڪ راڄ (Republic) ۽ 1804ع کان 1815ع تائين نيپولئن بوناپارٽ (Napoleon Bona Parte) جي شھنشاھت (Empire) جي واقعن جا احوال بيان ٿيل آھن. زير نظر ڪتاب تاريخي طور ستن ڪتابن جي اُن خاص سلسلي جي آخر ۾ عمل ۾ آئي.
’قومي داستانن‘ جي ھِن ڪم ۾ ٻنھي مصنفن، استاد ۽ شاگرد،جي دل جو محرڪ جذبو ھڪ ئي ھو_ ”وطن جي حُب جو جذبو، اُجھل ۽ نبار، جيڪو جيتوڻيڪ جنگ کي جنگ طور ته رد ٿو ڪري ،بلڪ ڌڪاري ٿو، پر جڏھن آزادي، انصاف ۽ بنيادي (بلڪ، ابتدائي) انساني حقَ يلغار ھيٺ آيل ھجن، ته اُھو ئي جذبو انسان کي مياڻ مان تلوار ڪڍي، سِر تان آھو کڻي، پنھنجي مقدس فرض طور،ميدان ۾ نڪري بيھڻ تي مجبور ڪري ٿو.“
’قومي داستان‘ جي ھِنن ستن ڪتابن جي سلسلي، توڙي سڄيءَ عمر جي ٻيءَ ٽيھارو ڪتابن جي تصنيف ۽ تحقيق ۽ ادبي تخليق جي ايڏي وسيع ۽ طويل ڪاوش ۽ سچ پچ اُن ھڪ بي مثال شراڪتَ عملَ ۾، ٻنھي، استاد ۽ شاگرد، مان ڪھڙي ھڪڙي جو وڌيڪ ھٿ يا حصو ھو، اُن ڏانھن اشارو ڪندي، زير نظر ”ڪھاڻيءَ“ جي انگريزي مترجم، سي. جي . ھوگارٿ (C.J.Hogarth) ڪنھن فيصلي ڏيڻ کان حذر ڪيو آھي، ۽ فقط ايترو چوڻ ضرور سمجھيو آھي ته ”راءِ، بھرحال، اِن سوال جي سلسلي ۾، ھِن ويساھه ڏانھن مائل ڪري ٿي ته:
”Erichmann! Conceived the plots and Chatrian worked the details.
يعني، ”ايرڪمن [داستانن، ڪھاڻين وغيره جي] سِٽاءَ يا ڊؤل جي ٻَڌڻ يا ترتيبڻ جو ڪم ڪيو، ۽ [اُنھن تي] تفصيلي ڪم چيتريان جو ٿيل آھي.“
اصل ڪتاب ”L`Historie d`un Paysan“ جو انگريزي ترجمو، اُن جي مترجم ”ھڪ ھاريءَ جي ڪھاڻي.“ (The Story of a Peasant)“)جي نالي سان ٻن جلدن ۾ ڪيو، ۽ اُھو ڪم ھُن پھرينءَ مھاڀاري لڙائيءَ (1918_1914ع)واري عرصي ۾، يعني اصل ڪتاب جي اشاعت کان تقريباَ اڌ صدي پوءِ، ڪيو ٿو ڀانئجي، جيئن پنھنجن تعارفي جملن ۾ ھُن اُن جو واضح اشارو به آھي:
Could Erchmann and Chatrian come to life again and behold the war which is raging at the present day’ they would be moved to an enthusiasm even greater than that which Inspired Michel Bastian, the hero of the ”Story“, to brave horrors and privations of campaigning in Vendee and on the Rhine in order that the yoke of clerical and aristocratic oppression might be lifted from the neck of the French people.”
(جي اِئين ٿي سگهي، جو ايرِڪمَن ۽ چيتريان وري جيئرا ٿي پون ۽ ڏسن ته اڄ به جنگ آھي، جا ڪيڏي متل آھي ۽ خونخوار آھي، ته ھو اُنھيءَ کان به وڌ ھوندو جولان ۾ ڀرجي وڃن، جنھن سندن ’ڪھاڻيءَ‘ جي ھِيري، مچيل بئسٽيان، کي گرمايو ھو ته ھو وينڊيئي جي ميدان ۽ رائين نديءَ جي گَپُن چِڪُن ۾ بکيو ۽ اُڃيو، مُنھانوان گهاءِ سھندو، ڪِرندو اُٿندو، اُٿندو ڪرندو، ۽ وڙھندو رھيو _ ته جيئن فرينچ قوم جو گردن مذھبيت ۽ آمريت جي ظلم جي پاڃاريءَ کان آجو ٿي سگهي.“)
انگريزي ترجمي ”The Story of a Peasant“ جي ٻن جلدن مان مون کي فقط پھريون جلد 18 مارچ 1949ع تي حيدرآباد ۾ پراڻن ڪتابن جي گاڏي مان مليو (جڏھن مان ٽريننگ ڪاليج فارمين، حيدرآباد، ۾ استاد ھوس)، ۽ اُھو مون چئن ڏينھن ۾ پڙھي پورو ڪيو _ _ پُورن چار سـؤ صفحن جو آھي، ۽ ٻه ڀاڱا اٿس. پھريون ڀاڱو اُن جو 204 صفحن جو آھي _ ”The States General“ عنوان اٿس _ جنھن ڀاڱي جو ھي سنڌي ترجمو، ٽي ڌريون، ٽي نظام“ جو عنوان سان، منھنجي ھِن مختصر پيش لفظ سميت، 374 صفحن تي پکڙيل“، لائق پڙھندڙن جي آڏو آھي. جلد جو 196ع صفحن وارو رھيل ڀاڱو جنھن جو عنوان ’The Country in Danger‘ (’وطن خطري ۾‘) آھي، اميد ته ھِن ئي سال 1990ع اندر پيش ڪيو ويندو _ جي صحت رِھي، ۽ ٻئي ڪنھن اَڻٽر جھنجھٽ ڪا رڪاوٽ پيدا نه ڪئي. اصل انگريزي ترجمي جي ٻئي جلد جي ڳولا جاري رھندي؛ مشھور انگريزي ڪتابن جي اشاعتي سلسلي، ’Everyman,s Library‘(’ھرماڻھوءَ جي پنھنجي لئبرريءَ)جي ياداشت تي ٻيئي جلد اشاعت نمبر 7_706 طور، ادب جي مصنف Fiction ھيٺ درج ٿيل آھن. ممڪن آھي ته پھرئين جلد جي پھرئين ڀاڱي جي ترجمي جي ھيءَ اشاعت ٻئي جلد جي دريافت لاءِ ترت ڪنھن سَبيل جو ڪم ڏئي _ _ اھا دريافت تحقيق منھنجي ذاتي طور ڪافي گهڻين خوشين ۾ وڌيڪ ھڪ خوشيءِ جي اضافي جو ڪم ڏيندي.
فرينچ انقلاب ارڙھين صديءَ جو ئي نه، تاريخ يورپ جو ئي نه، پر تاريخ انساني جو ھڪ تمام اھم واقعو ھو _ انساني قدرت جو ھڪ عظيم ڪرشمو، اھڙو ڪرشمو جنھن ۾ بني نوع انسان جي سوچ، ارادي ۽ حوصلي جا جملي ڪرشما سمايل ھئا. اِھو فرينچ انقلاب جي واقع ٿيڻ سبب ئي ھو، جو علمَ سياستَ جي تاريخ ۾ فرانس کي، سڄيءَ اوڻيھين صديءَ لاءِ ”دنيا جي سياسي تحريڪن جو ملڪ“ سڏيو ويو آھي. آليڪ وِڊلر، پنھنجي ڪتاب، “The Church In an age of Revolutio (1961)“ (”ھڪ انقلابي جُڳ ۾ مسيحي مذھب“) ۾ فرينچ انقلاب کي ”ھڪ قسم جو اَئٽم بم“ سڏيو آھي، جنھن جا جوھري ’وسڪارا‘ اڃا تائين دنيا ۾ پنھنجا اثر ڏيکاري رھيا آھن .... اُن سان ھڪ ابتدا ٿي ۽ ھڪ انتھا به ٿي، اِبتدا نئينءَ کان نئينءَ تعمير لاءِ ڪوششن جي ھڪ سلسلي جي، جيڪو اڃا جاري آھي _ _ اُن نظام جي جاءِ ڀرڻ لاءِ جيڪو پنھنجي انتھا تي پھچي، ۽ ڊھي، اچي پَٽ پيو ..... اُھو ھڪ انقلاب جيڪو شايد سڀني انقلابن کان وڌ تاريخ ساز ھو، ۽ جنھن جي پيٽ مان انقلابن جي ڪيترن ٻين سلسلن کي وجود مليو.“
فرينچ انقلابُ يورپ جي بيداريءَ (1500_1300ع)، احتجاج (1700_1500ع) ۽ روشنيءَ (1800_1700ع) جي تحريڪن جو ڏنل دنيا لاءِ ھڪ تحفو ھو. يورپ جي اُن روشنيءَ جي تحريڪ جي حوالي سان ارڙھين صديءَ کي روشنيءَ جو دؤر (Age of Enlightenment). ”عقل جي صدي“، ”جذبي جي صدي“، ”انقلاب ۽ جوش جي صدي“ وغيره نالن سان ياد ڪيو ويو آھي. ھن ئي صديءَ جيئن انگلنڊ کي آئزڪ نيوٽن، ڊئوڊ ھيئوم، ائڊم سمٿ، ايڊورڊ گبن ڏنا، جرمنيءَ کي اُن جو سڀ کان وڏيءَ ڏيا ۽ ڏات وارو ۽ عظيم عارف گوئٽي ۽ پڻ اُھڙو ئي جڳ مشھور فيلسوف امئنيوئل ڪانٽ ڏنو، تيئن فرانس کي فڪر، جذبي ۽ آمر آواز جي حوالي سان سندس عظيم انقلاب جا داعي ۽ مفڪر مانٽيسڪيو، والٽيئر،روسو ۽ ٻيا ڪيئي امل ملوڪ لافاني انسان عطا ڪيا.
يورپ جي ’روشنيءَ‘ جو اُھو دور خاص ڪھڙيءَ تاريخ کان شروع ٿيو. اُن لاءِ سڀ کان وڌيڪ تُز ۽ منطقي طور مناسب اُھا تاريخ شمار ڪئي وڃي ٿي جڏھن انگلنڊ جي آئزڪ نيوٽن (Isaac Newton) جڳ مشھور ڪتاب ”قدرتي فلسفي جا رياضي اُصول“ (Mathematical Principles of Natural Philosophy”)جي نالي سان پڌرو ڪيو. عجب اتفاق ھو، جو نيوٽن جو جنم 1642ع ۾ ٿيو _ _ جنھن سال يورپ جي ”تحريڪَ احتجاج“ جي مجاھد ۽ جديد سائنس جي ھڪ عظيم بانيءَ، گَلِيلو، وفات ڪئي! نِيوٽن پنھنجي دؤر ۾ انساني علم جي تاريخ ۾ پنھنجي ڏات جا جيڪي امٽ نشان ڇڏيا، اُنھن جي تسليميءَ طور انگريزي شاعر، اليگزانڊر پوپ (1744_1688ع) جو ھڪ لافاني شعر اڪثر ياد ڪيو ويندو آھي:
“Nature and nature’s laws lay hid in Night_
“God said, let Newton be! And ali was light.”
(”قدرت ۽ قدرت جا قانون رات جي اونداھه ۾ اُڄاتل لڪا پيا ھئا.
”خداوند چيو، ’نيوٽن پيدا ٿئي!‘ ۽ جت ڪٿ روشني ٿي ويئي.“)
”روشني جي دور“ جا سڀئي مفڪر ۽ فيلسفوف ھٺ ڌرميءَ جي ھر قسم تي تنقيدي نگاھه رکڻ جا قائل ھئا_ خاص طرح مذھب جي ھٺ ڌرميءَ تي. ھُنن جو ڪرامتن ۾ ويساھه ڪونه ھو، ۽ ”جي خدا ۾ ھُنن جو ويساھه ھو به ته اُن کي ڪائنات جو واحد استاد ڪاريگر ئي سمجھيائون_ ھڪ طرح جو آفاقي واچ_ ميڪر“، جنھن ڪائنات جي سُپر_ مشين ٺاھي ھئي، اُن جي ھلڻ جا قانون جوڙيا ھئائين، ۽ اُن کي اُنھن تي چالو ڪري، ھلائي، پاسي ٿي بيھي رھيو ھو.“ اِن طرح ھُنن جي طرفان اِھو عام ويساھه ڏنو ٿي ويو ته خدا جي رٿائن جي ڀروسي جوڳي علم جو واحد رستو سائنس ھئي، نه مذھب؛ مشاھدي سان ۽ تجربي ذريعي، ۽ نه عقيدي يا بشارت ذريعي. ھو منظم مسيحي مذھب جا مخالف ھئا، ۽ اِئين ٿي سوچيائون ته زندگيءَ کي، ڌرتيءَ کي، مرڪز بڻائي، اُن تي، پاڻ تي، ۽ ٻاھر ڏور مفاصلن تي نگاھه وجھڻي ھئي، _ اِئين نه، جو ڌريائين ٻاھر بيھي، ’ويساھي‘ نگاھن سان غيبائن، ھُيولائن کي تڪبو رھجي. ۽ پاڻُ ڳاربو رھجي.
ارڙھين صديءَ ۾، سڄو فرانس سياسي اقتدار جي سوال تي اونھي ھڪڙي اختلاف ۾ ورتل ھو. ڪن ماڻھن بادشاھه ۽ ھُن جي وزيرن جو پاسو ٿي کنيو، جن جي دعويٰ ھئي ته بادشاھه ئي قانون ٺاھي ٿي سگهيو، ۽ ھُن جي ارادي جي آڏو ڪابه طاقت رڪاوٽ بڻجي نٿي سگهي. ڪن وري ان سوال ۾ ملڪ جي ’پارليامينٽن‘ (Parliaments) يعني فرانس جي قانوني عدالتگاھن (Law Courts) جو پاسو ٿي ورتو، جن تي اڪثر ڪري ۽ خاص طرح علائقائي عدالتگاھن تي اميرن جو غلبو ھو. اُنھن جي دعويٰ ھئي ته ’پارليامينٽن‘کي قانونن جي چڪاسڻ ۽ اھڙن قانونن کي رد ڪرڻ جو يا بحال رکڻ جو اختيار ھو. ٻنھي پاسن جا پنھنجا پنھنجا ڪيئي دليل ھئا، جن جي اڪثريت جي اختلافن جي سڄي ترجماني فرينچ سماج جي ٽن وڏن مفڪرن _ _ مانٽيسڪيو، والٽيئر ۽ روسو _ جي خيالن ۾ موجود ڏٺي ٿي ويئي.
مانٽيسڪيو (جنم:1689ع) خود ھڪ امير ماڻھو ھو، والٽيئر (جنم:1694ع) بُورجوا (شھري ملڪيتدار) طبقي منجھان ھو. ۽ رُوسو (جنم:1712ع) شھري ھنرمند ۽ پيشه ور طبقي سان وابسته ھو.
مانٽيسڪيو (Montesquieu) تاريخ، مذھبيات، قانون، سيرَ سفر جي دائرن وغيره ۾ پنھنجي سالن جي تحقيق ۽ تجربي جي روشنيءَ ۾ پنھنجا خيالَ ۽ رايا پنھنجي وفات کان اڳ (1748ع)۾ وڏي ھڪ شاھڪار”The Spirit of Laws“ (”قانونن جو روح“) جي صورت ۾ قلمبند ڪيا. مانٽيسڪو حڪومتن جي بنياد ۾ ھڪ”روح“ جي دريافت پيش ڪئي. ۽ ھن جو چوڻ ھو ته اُھوئي حڪومتن کي قائم ٿي رکي سگهيو. سلطاني يا ملوڪيتي طرز جي حڪومتن جي حالت ۾ اُھو روح ”عزت ۽ شان“ (Honour) ھو _ _ درجي ۽ ذميداريءَ جو روح (يا ’غيرت‘) جيڪو ڪار گذار اشرافيه جي ارادي ۽ عمل ۾ ڪار فرما ٿي رھيو. لوڪ راڄن جي بنياد ۾ اُھو روح ھو ”نيڪي ۽ سداچار“ (Virtue)_ شھريت جو احساس ۽ شعور. ۽ آپيشاھي راڄن يا استبدادي حڪومتن جي بنياد ۾ اُھو روح ھو”خوف، ھيبت“ (Fear). جڏھن به اِھي سھڪاري يا پُشتيبان اصول جتي ڪمزور ٿي ٿيا، اُتي اُھا حڪومت به لوڏن ۾ ٿي آئي ۽ ڊھي وڃي پَٽ ٿي پيئي.
اُن سان گڏ، مانٽيسڪيو ائين به چيو ته حڪومتون طبعي حالتن جي مطابقت ۾ به صورت پذير ٿي ٿيون. آب ھوا انساني ھلت چلت تي اُونھو اثر ڪري ٿي، ۽ سماج جا رنگ ۽ رخ اُن ڪري به ٺھن ٿا ۽ پختا ٿين ٿا.
قانونن جي روح جو مقصد، بھرصورت انسانن کي آزاد رکڻ جو ھجي ٿو. مانٽيسڪيو جو چوڻ ھو ته آپيشاھي ۽ استبداد ھر طرح خراب شيءِ ھئي، ۽ ماڻھن کي اُن کان بچڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ اُن جي واڌ کي روڪڻ گهرجي. ھُن جو خيال ھو ته اُن مقصد جي حاصلات لاءِ ھُن ھڪڙو ڀروسي جھڙو رستو دريافت ڪيو ھو، ۽ اُھو اُن دؤر جي برطانوي پارليامينٽ (Parliament) جو رستو ھو. مانٽيسڪيو جو چوڻ ھو ته برطانوي شھريءَ جي آزاديءَ جو احساس ۽ ھن جي اطمينان ۽ سلامتيءَ جا پَراءَ حڪومتي اختيارن جي ٽن حصن ۾ تقسيم تي بيٺل ھئا. بادشاھه جي ھٿ ۾ عامله جا اختيار ھئا؛ قانون فقط پارليامينٽ ٺاھي ٿي سگهي؛ ۽ عدليه اُنھن ٻنھي جي اثر کان فارغ، پنھنجي رُءِ سُوءِ ڪم ٿي ڪيو. باعزت روايت طور سلطاني شاھيءَ جي اختيارن تي اُنھن سياسي _ سماجي قوتن روڪ جو ڪم ٿي ڏنو جيڪي بادشاھه ۽ سندس عام رعيت جي وچ ۾ موجود ھيون، خاص طرح عامل (ڪارگذار) اشرافيه يا امير طبقو. مانٽيسڪيو پاڻ امير شاھيءَ جي نظريي جو ترجمان يا حامي ڪونه ھو. ھن جي پرجوش تبليغ سڀني ماڻھن جي آزاديءَ لاءِ ھئي، نه رڳو اميرن جي آزاديءَ لاءِ، اُن سلسلي ۾ ھُن غداريءَ جي عملن کي (جن جي سزا قانون جي دائري ۾ آئي ٿي)، غداريءَ جي خيالن (جيڪي اُن دائري ۾ نٿي آيا)، ۽ پڻ غداريءَ جي لفظي يا زباني اظھار کان اڳ ٿي سمجھيو (جيڪو غداريءَ جي دفعي ۾ رڳو تڏھن ٿي اچي سگهيو جڏھن اُن غداريءَ جي عمل يا عملن جي صورت اختيار ٿي ڪئي).
اِن طرح ”انقلابي صديءَ“ جا سڀيئي سياسي مفڪرَ مانٽيسڪيو جي سمجھايل قانونن جي روح ۾ موجود شريفانه، انسان دوست ۽ قانون پسند فلسفي تي متفق ٿي سگهيا ٿي_ ۽ ھئا به، جيئن اڳتي ھلي، انقلاب جي ابتدائي صورتحال جي مختصر وضاحت ۾ ڏسنداسين.
بھرحال، والٽيئر (Voltaire)، فڪري طور، مانٽيسڪيو جي اُن ڪشاده خياليءَ (Liberalism) کي تسليم ڪندي به امير شاھيءَ جي شرافتَ نفس ۾ ھُن جي مضبوط اعتقاد کان مطمئن نه ھو، بلڪ اُن جو سخت مخالف ھو. والٽيئر، جيتوڻيڪ پاڻ وچ واري طبقي، بُورجوا، مان ھو، بلڪ گهڻي قدر اُن ڪري به، سلطان شاھيءَ جو حامي ھو. ھُن جو پڪو عقيدو ھو ته جيڪي به سڌارا فرانس کي گهربل ھئا، جن جي امير ميمبرن پنھنجي ذاتي ۽ گروھي مفادن کي ئي سدائين حڪومت جا مفاد ٿي سمجھيو. سماج ۾ گهربل سڌارا يا تبديليون، ھُن جي خيال ۾ فقط بادشاھه جي معرفت ئي حاصل ٿي ٿي سگهيون. جيڪڏھن ڄاڻو وزير بادشاھه کي سٺيون صلاحون ڏين ۽ پوريءَ طرح باخبر رکن، ته بادشاھه ذاتي پسند نا پسند کان مٿي اُڀري، جو ڪجھه رياست جي ڀلي لاءِ آھي ان جا احڪام صادر ڪري سگهيو ٿي. والٽيئر ھروڀرو ڪو ”روشن خيال آپيشاھيءَ“ جو_ _ ڪنھن ڇڙواڳ پر رحمدل فرمانروا _جو حامي ڪونه ھو: ھو ’سياسي ڪارج _ پسنديءَ (Political Pragmatism) جو حامي ھو. ھُن جودليل ھو ته سڀيتا يا تھذيب ۽ تاريخي حالتون ھر ملڪ جون الڳ الڳ ھيون. ۽ اُھي آراڌيون يا نرالپ واريون ڳالھيون حساب ۾ آڻڻ ضروري ھيون. ھو آزاد تقرير، آزاد پريس ۽ شھري آزادين جو روادار بلڪ جوشيلو طرفدار ھو، ۽ ھُن ائين ٿي سمجھيو ته فرانس ۾ تنگ نظر ۽ خود _مفادي پارليامينٽن بدران، اُنھن جو ھڪ سگهاري ۽ نيڪ صلاح بادشاھه جي ھٿان حاصل ٿيڻ وڌيڪ ممڪن ھو.
جيتوڻيڪ والٽيئر آزاديءَ جي انفرادي محرومين ۽ اختيار ۽ اقتدار ھٿان اُنھن جي ڀڃڪڙين جي آڏو سِرُ تريءَ تي رکي. پُرجوش ۽ بي خوف، مرد ميدان ٿي بيھندو ھو، پر ھڪڙي ڳالھه ھئي جنھن ۾ ھو _ ۽ ٻيا سڀ مفڪر _ لڏي ويندا ھئا ۽ ٻڏتر ۾ رھندا ھئا: عام خلق سان ورتاءَ يا اُن بابت جي پڙھيل ھئا ته به پنھنجو رڳو نالو به مس لکي سگهندا ھئا. ھو پنھنجين بنيادي گهرجن ۾ ۽ اڻ ھُوند جي انتھا ۾ ورتل ھئا، ڏاڍيءَ گندگيءَ ۾ رھيا ٿي ۽ بيحد نراس ھئا، ھو مالي ڦرلٽ جي گهڻائي ۾ پيڙيا ٿي رھيا، ۽ سندن جسم بيمارين جا گهر ھئا. ايترا ھو بي سمجھه ۽ سادا ھئا، جو پاڻ تي ضابطو مشڪل ھُئن، پنھنجن اُتساھن ۽ ڇرڪن آڏو ايترا بيوس ھئا. جو ذميدار ۽ چڱا شھري نٿي رھي سگهيا، جنھنڪري ”خوف“ جي وسيلي اُنھن کي ضابطي ۽ اطاعت ۾ رکڻو ٿي پيو. ۽ اِن نقطي تي سياست ۽ مذھب جون دلچسپيون ۽ مفاد پاڻ ۾ اچي ٿي گڏيا. مذھبي خوف _ دوزخ جو ۽ ابدي عذاب جو _ مفڪرن جو چوڻ ھو ته اھي سماجي اطاعت ۽ ضابطي لاءِ ھڪ وسيلي طور استعمال ڪيا ٿي ويا. اِھو ڪجھه ڏسندي، پر وري به ائين سوچيندي ته عام خلق، زالن توڙي مردن، کان سماجي انصاف (= سماجي ضمير) جي اميد رکڻ به اجائي ھئي _ ڇو ته ھو ذاتي انصاف (=انفرادي ضمير) کان ڪم وٺڻ جھڙائي نه ھئا _ اڪثر مفڪر ماٺ ٿي ٿي ويا، ۽ قديم روم جي شھنشاھي دور بابت جو ڪجھه سندن ئي ھمعصر ايڊورڊ گِبن (1794_1737ع)چيو ھو، اُن کي ھو پنھنجي دور سان لاڳو ڪري، سڄي مسئلي کان اگوندرا بڻجي ويھي ٿي رھيا:
”رومن دنيا ۾ عبادت جا مختلف طريقا جيڪي ھلندڙ ھئا،“ گِبَن لکيو ھو، ”ماڻھن اُھي سڀيئي ھڪجھڙائي صحيح ٿي سمجھيا؛ فيلسوفن اُنھن کي اُھڙو ئي ھڪجھڙو غلط ٿي سمجھيو ، ۽ حاڪمن لاءِ اُھي اُھڙائي ھڪجھڙا فائديمند ھئا. پر سڀئي اُھي اوترائي پُراميد به ھئا ته ڪنھن ڏينھن عقل جي انڌ وشواس (عقيدي) تي، ۽ علم جي جھالت تي، ۽ سچ جي ڪوڙ تي ضرور سوڀ ٿيندي.“
۽ اُنھيءَ ئي ترنگ ۾ والٽيئر لکيو: [وري به] سڀڪجھه ويو ناھي، [پر تڏھن] جڏھن ماڻھن کي اھڙيءَ حالت ۾ آڻجي، جو ڏسي سگهجي ته اُھي سڄاڻ آھن. اُن جي ابتڙ ته. سڀڪجھه ئي وڃائي ڇڏبو، جڏھن اوھين ماڻھن سان ائين ورتاءُ ڪندا ڄڻ اُھي ڍور آھن؛ ڇو ته ترت يا دير سان اُھي پوءِ پنھنجن سڱن سان اوھان جو پيٽ ڦاڙي ڇڏيندا!“
رُوسو (Rousseau) اُنھن مفڪرن مان ھو جن جي نظر ۾ ماڻھن جي اُن سُڄاڻپ جي چاٻي ”تعليم ۽ تدريس“ ۾ ھئي؛ سڀني انسانن ۾، فطرت مطابق، سوچ جي صلاحيت ھئي، پر بادشاھن ۽ پادرين سندن اُن صلاحيت کي گهُٽي ۽ بگاڙي، ڪم مان ڪڍي ڇڏيو ھو؛ ۽ ھاڻي ھو جھالت جي لوھي سلاخن ۾ بند ھئا، تعليم انسانن کي اُن جھالت جي سلاخن مان آزاد ڪندي. ھِن نُڪتي ۾ اِھا ڳالھه موجود آھي ته خود سماج ئي عام جي اُن پست حالت لاءِ ذميوار آھي. روسو اِن سلسلي ۾ سماج جي نقادن جي بنھه سرواڻن مان ھڪ ھو. پنھنجي دؤر جي مصنوعيت تي، ظاھريت تي، سطحي پيار تي ۽ ٺلھي تڪلف تي ھن جا تکا ۽ تُند حملن تي حملا ٿيندا ٿي رھيا. پر اِن سلسلي ۾ نه روسو ۽ نه ھُن جا ساٿي مفڪر، خود سماج کان نراس نه ٿيا ھئا _ ھو ناراض ۽ بيزاريل ھئا، پرسڀيتا ۽ تھذيب کان نه، اُن جي فضوليات ۽ اڍنگائين کان؛ قانون کان نه. پر بدقانون کان؛ سھج سڀاءَ ۽ قربائتيءَ ھلت چلت کان نه، پر اُن جي ھٿراڌو ڏيکاءَ ۽ مٿاڇريءَ کان. ھُنن لاءِ انساني سماج، پوءِ اُن جي صورت ڪيتري قدر به اوائلي يا ڄٽائي ڏانءَ جي ھجي. ھڪ انساني اداري جي حيثيت ۾. دنيا جو ھڪ زنده معجزو ھو، ۽ اُھو ائين رھڻو ھو.
سماج جي نڪتچينيءَ ۽ نقص شناسيءَ جي ھِن فضا ۾ روسو بھتر کان بھتر سماج متعلق پنھنجن خيالن کي ظاھر ڪندو، وڌائيندو ۽ وڌ کان وڌ معتبر بڻائيندو رھيو. تان جو سطحي ۽ پڻ مفادي سوچ جي ماڻھن ھُن لاءِ ائين ھُلائڻ شروع ڪيو ته ھو خوابن جي دنيا ۾ رھڻ وارو ھو، منظم سماج کي ختم ڪرڻ ٿي گهريائين، ماڻھن کي شروع واريءَ فطري ڪيفيت ڏانھن موٽائڻ ۽ ”معتبر وحشيءَ“ جي درجي تائين وٺي وڃڻ ٿي چاھيائين. پر حقيقت ۾ اُھي ۽ اھڙا ٻيا اصطلاح روسي جا استعمال ڪيل ئي نه ھئا. ھُن ته وري وري پئي چيو ته ھڪ ڀيرو انسانَ سماج جي ايوان ۾ قدم رکيو، ته اُن کان پوئتي ھٽڻ ھن لاءِ نه ڪڏھن ممڪن ھو ۽ نه مفيد. انساني فطرت جھنگلي درجي ڏانھن موٽ نه کائي ٿي نه کائڻ چاھي ٿي. پنھنجن ڪتابن “Social Contract” (”سماجي معاھدو“) ۽ “Emile or Education” (”ايملي عرف تعليم“) ۾ بار بار ھن اھڙي وضاحت ڪئي آھي ۽ اُن تي زور ڏنو آھي. جڏھن انسان فطرت جي اوائلي حالت کي ڇڏي ٿو. روسي لکيو، تڏھن ھن ۾ ھڪ بيحد اھم تبديلي اچي ٿي: سندس اندر۾ ”جبلت“ جي بدران ”ويچار“ جاءِ وٺي اچي ويھي ٿو، ”اَلڇڻي“ مان بدلجي ھو ”سلڇڻائيءَ“ جي سوچ ڏانھن مائل ٿئي ٿو. ائين ٿيڻ سان ھو ”اصلوڪيءَ فطري حالت جون ڪي سھولتون“ به حاصل ڪري ٿو، جو جيڪڏھن رڳو سماج جي خرابين جي ڳالھه نه ھجي ھا، ته ھو ابد تائين اُن ڏينھن کي دعائون ڪندو رھي ھا، ڇو ته اُن ئي ڏينھن ھو ھڪ ”ڪند فھم ۽ بي خيالي حيوان“ مان ڦري، ”ھڪ بيدار ۽ ڄاڻڻھار ھستي يعني ھڪ انسان“ بڻجي پيو ھو. اِن طرح، روسي جي ته اڃان ئي اِھا مرضي ھئي ته اھڙو ڪو بھتر سماج تخليق ڪجي جيڪو انسان جي لائق ھجي، ۽ اھڙا ڪي بھتر انسان پلجن ۽ تربيت پائين، جي اُن بھتر سماج جي لائق ھجن!
ارڙھين صديءَ جي پوئين اڌ ۾، فرينچ انقلاب کان اڳ ئي، فرانس جا ھي ٽي اعليٰ مفڪر ۽ عظيم انسان، سياست جي دنيا ۾ قومي آزاديءَ، جمھوريت ۽ انسان دوستيءَ جا سگهارا علمبردار، رڳي پنھنجا چند ڪتاب ۽ ڪيئي امولڪ خيال ئي پويان ڇڏي، انتقال ڪري ويا _ _ مانٽيسڪيو 1755ع ۾، ۽ والٽيئر ۽ روسو ھڪٻئي پويان. ھڪ ئي سال 1778ع ۾.
پر اُنھن کان پوءِ، ترت ئي، ارڙھين صديءَ ئي جي آخر ۾، فرانس جي انسانَ ۽ فرانس جي انساني سماج جو صلاحي عمل ، ھڪ ئي وک سان ”انقلاب“ بڻجي، تاريخ جي عين تقاضا طور، ڏاڍي ھڪ منفرد ۽ سحر آفرين انداز ۾ وڌي، دنيا جي آڏو اچي بيٺو. جين جئڪس روسي ته پنھنجي عمر جي پوين ڏينھن ۾ ھيئن چئي اُن جي اڳڪٿي به ڪئي ھئي: ”ھو ڏسو، منھنجي اکين سان ڏسو! انقلابن جو دؤر اسان ڏانھن وڌي رھيو آھي!“
جرمن مفڪر، ڪانٽ (1804_1724ع)، کي پنھنجي سماجي دؤر تي تنقيدي نظر وجھندي، ھڪ موقعي تي چوڻو پيو ھو ته توڻي جو سندس دؤر ”روشنيءَ جو دؤر“ ھو، پر”روشن دؤر“ نه ھو؛ اُھو اھڙو دﺂر ھو، جو ان جي ڄاڻن ۽ تعلمدانن، عقل ۽ ايمان ۽ پنھنجن انساني ڀائرن لاءِ حسن سلوڪ جي تبليغ ته ڪئي ٿي، پر اُھو اھڙو دؤر ڪونه ھو جنھن اِھي نيڪيون حاصل به ڪيو ھيون. آلفريڊ رامبو (Alfred Rambaud) اُن ئي ارڙھين صديءَ جي، خاص طور، فرينچ سماج، بابت گهڻو پوءِ لکندي. ائين چيو ته ”سڀ رڳو ٺلھو ڏيکاءُ ھو؛ زندگي اميرن لاءِ رؤنشو ۽ غريبن لاءِ عذاب ھئي .... مذھب سڄو رڳو ھڪ زباني واعظ گوئي وڃي رھيو ھو _ معنيٰ کان خالي، خشڪ ۽ بي اثر.“ اھڙي ھانءُ نپوڙيندڙ، مايوس ماحول ۾ انقلاب جي آمد تي ۽ ان جي اوائلي ڳالھين تي. اميرن مان به ڪن روشن خيال ۽ ڪشاده دل شخصن سميت فرينچ ڪليسا جي عام پادرين کي به ڪا پريشاني يا خطري جي ڳالھه ڏسڻ ۾ ڪانه آئي ھئي: بلڪ آرليانس جي ديول جي ھڪ بزرگ پادريءَ ته، پُراميد آھه ۽ نئون ساھه کڻي ائين لکيو، ”آءُ ٿورن ڏينھن ۾ 98سالن جو ٿيندس: پنھنجي حياتيءَ جو ڪو ڏينھن اھڙو خوشيءَ ڀريو ڪونه ٿو سنڀران جھڙو ھيءُ ڏينھن جنھن جي پرھه ڦٽندي ڏسي رھيو آھيان! او، نعمتون آڻيندڙ اڄ جا سج، جنھن سان ھيتريون ساريون نيڪيون اسان جي ملڪ جي زمين تي جِي اُٿيون آھن!“
فرينچ انقلاب جو، اُن جي شروع ۾، خود انگلنڊ جي گهڻن ڄاڻو حلقن ۾ به آدرڀاءُ ٿيو ھو: ۽ ائين چوندي ته ”اُن سان فِيوڊل (جاگيرداري) آپيشاھيءَ جو خاتمو ٿيوھو .... ۽ ائين ته گهڻو اڳي ٿيڻ گهربو ھو“، اُن جو پوري مرحبا ڪئي ويئي ھئي، ۽ وڏيءَ خوشيءَ سان اُن اميد جو به اظھار ڪيو ويو ھو ته ”فرينچ لوڪن کي به اُنھن آئيني آزادين جي ماڻڻ جو وجھه ته ملڻو ھو، جن تي انگلنڊ جي ماڻھن فخر ٿي ڪيو!“ البت، ڪجھه اڳتي وڌي، ”فرانس جي انقلاب جي اصل مطلب“ بابت يورپ لاءِ خطري جو گهنڊ، پھريون ڀيرو ايڊمند بَرڪَ، پنھنجو ڪتاب “Reflections on French Revolution” (”فرينچ انقلاب بابت ويچارَ“) لکي، وڄايو، جيڪو ڪتاب به ھُن انگلنڊ جي ھڪ وڏي ۽ محترم عالم، ڊاڪٽر پرائيس، کان چِڙي ۽ خار کائي، لکيو ھو، جنھن فرينچ قوم کي کليءَ دل سان ائين چئي، مبارڪباد ڏني ھئي ته اُن انقلاب سان ھُنن رڳو انگلنڊ جي 1677ع واري ”مانائتي انقلاب“ (Glorious Revolution)جي اصولن کي ئي اڳتي وڌايو! برڪ جو، بھرحال موقف ھو ته انگريز قوم جو سياست بابت فھم ۽ رويو فرينچن جي سياسي فھم ۽ رويي کان بلڪل الڳ ھو: انگلنڊ جا ماڻھو روايت پسند، معقول ۽ وچٿريءَ طبيعت جا ماڻھو ھئا، پر فرينچ لوڪ جذباتي ۽ خطرناڪ حد تائين نظريي پرست ۽ آدرشي ھئا. فرينچ انقلاب جي ”اصل حقيقت“ (جنھن کان برڪُ ائين اڳواٽ ڊنو ٿي) اڳتي ھلي جيڪا خوني صورت ورتي ھئي. سا به دراصل انگلنڊ جي اُن ”مانائتي انقلاب“ جي ئي راھه ھئي. جنھن پنھنجي دؤر جي مسترد ۽ منفي قوتن جي اڳراين کان ئي مجبور ٿي، بچاءَ ۾ پنھنجي بادشاھه چارلس پھرئين جو سر قلم ڪيو ھو. اِن ئي مجبور امڪان جي اِن طرح پيدا ٿيڻ جي صورت ڏانھن زير نظر ”ڪھاڻيءَ“ جي ھڪ مرڪزي ڪردار، استاد جين، انقلاب جي اوائلي پُر امن ڪاميابين جي خبرن ٻڌڻ تي، ھيٺين لفظن ۾ اشارو ڪيو آھي:
”خدا ڪري ته اسان جي راڻي ۽ [سندن حمايتي ] ڪائونٽ ڊي _ آرٽائس ھاڻي ڪنھن دغا جي ڪوشش نه ڪن![کين خبر ھجي ته ] جن وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجھه نه ھوندو آھي، سڀ ڪجھه تن جي کُٽڻ لاءِ ھوندو آھي، ۽ [ھاڻي] جيڪڏھن جنگ ڇڙي ٿي پوي، ته ڪوبه ماڻھو اُن جو خاتمو شايد ڏسي نه سگهي ....“ جنھن تي ”ڪھاڻيءَ“ جي ٻڌائيندڙ، مچيل بئسٽيان، پنھنجي راءِ ظاھر ڪندي لکيو:
”۽ ھو[استاد جين] صحيح ھو، ڇاڪاڻ ته ڪنھن به حال حيات ماڻھوءَ_ اميرن، بُورجوا يا ھارين مان _ انقلاب کي اڃان پڄاڻيءَ تي رسندي نه ڏٺو آھي : نه ..... اُھو اڃا جاري آھي؛ انقلاب پڄاڻيءَ تي فقط تڏھن رسندو جڏھن فضيلت، نيڪ سوچ ۽ انصاف اسان وٽ موٽي ايندا ۽ سدائينءَ لاءِ اسان سان گڏ اسان وٽ رھندا!“
1774ع کان پوءِ فرينچ قوم کي، انقلاب جي راھه تي، وڏيءَ آزمائش مان گذرڻو پيو. اُن سال فرانس جو بادشاھه، لوئي پندرھون (”لوئي“معنيٰ ”شينھن“) 59 سالن جي راڄ کان پوءِ فوت ٿيو. ھو پنجن سالن جي ڄمار ۾ تخت تي ويٺو ھو، ۽ سڄي سندس طويل راڄ ۾، ملڪ جو ڪو سڌارو ته سڌاري جي ماڳ پر بگاڙو سو گهڻو ٿيو ھو. سڌاري جي ڪا ڪوشش به ھُن ضرور ڪئي ھئي _ وزيرن جي چوڻ تي ھُن پادري برداريءَ تي ٽئڪس لڳائڻ ۽ فرينچ اميرن تي به ڪي پابنديون ۽ ضابطا رکڻ ھُن گهريا ھئا _ پر اُنھن ارادن ۾ ھو ناڪام ٿيو ھو. ھن جي جائنشين، نوجوان لوئي سورھين، اچڻ سان، بھرحال، ائين ڏيکاءَ ڏنا ته ھو واقعي به ڪي سڌارا آڻن وارو ھو.
ھن نئين لوئيءَ (شينھَن) پھريون جيڪي نيون مقرريون ڪيون، تن ۾ ھڪڙي رابرٽ جئڪس تَرگٽ جي به ھئي، جنھن کي ھُن پنھنجو بحري معاملن جو وزير بڻايو، ۽ پوءِ، ھڪ مھينو رکي، پنھنجو مالياتي ڪنٽرولر_ جنرل ڪيائين. ترگٽ ھڪڙو پڙھيل ڳڙھيل ۽ تمام ھڪ ذھين ماڻھو ھو، ويھارو سالن جي عمر ۾ ھُن انساني ذھن جي تاريخي اوسر“ جي موضوع تي مضمون لکيو ھو. جنھن عالمن ۽ مفڪرن وٽ ھُن کي ڪافي شھرت ۽ مقبوليت ڏني ھئي. پوءِ ھُن سرڪاري ملازمت اختيار ڪئي، ۽ اُتي به ھُن پنھنجي ڪم جو ڏاڍو سٺو رڪارڊ قائم ڪيو ھو. ھو ھڪ علمي ماڻھو به ھو، دنياداريءَ جي ڳالھين کان واقف ھو، ۽ رڳو خواب جي دنيا جو واسي ڪونه ھو.
وزارت جي ڪرسيِءَ تي ويھڻ کان پوءِ، ترگٽ مالياتي سڌارن جو ھڪڙو پروگرام تيار ڪيو. جنھن ڪري سماج جي ڄاڻو حلقن جو ھن جو اعتماد پختو ٿيو، پر مفادپرست گروھن ۾ ھُن جي مخالفت ٿيڻ لڳي. وصوليءَ ۽ پڻ ڪاريگريءَ جي گروه بندين (Trade Guilds) کي بند ڪرڻ جون تجويزون ھٿ ۾ کنيون، ڇو ته ھنڌ ھنڌ چونگين جي ادائگيءَ سان اناج وغيره جي ڏي وٺ ۾ ، ۽ پيشن جي گروه بندين سان ھنر ۽ ڪاريگريءَ جي ڪمن جي وڌاري ۾ رڪاوٽون پيدا ٿي ٿيون. پنھنجي لاءِ وڌيڪ ھُن مشڪلاتون پيدا ڪيون، جڏھن ھُن عام محصولن تي نظرثاني ڪرڻ گهري ته جيئن اُنھن جو بار سماج جي سڀني طبقن جي ماڻھن تي ھڪ جيترو پئجي سگهي، ۽ ھُن پروٽيسٽنٽ فرقي وارن لاءِ به برابريءَ جي بنياد تي شھري حقن جي رٿ پيش ڪئي. اِنھن ڳالھين جي ڪري ھو پنھنجي عھدي تي گهڻو جٽاءُ نه ڪري سگهيو. آگسٽ 1774ع ۾ ھُن جي مقرري ٿي ھئي، ۽ مئي 1776ع ۾ ھن کي ڪڍي ٻاھر ڪڍيو ويو. ”سماج جي ھيٺ مٿانھين کي مٽائڻ ۽ سڀني کي گڏو وِچڙ ڪري ڇڏڻ جو منھنجو ارادو ڪونھي _ جيئن ترگٽ گهري ٿو!“ بادشاھه اعلان ڪيو. ترگٽ جي بيدخليءَ، بھرحال، ڄاڻو حلقن ۾ گهڻي نراسائي پيدا ڪئي . ھنن جي نظر ۾ ترگٽ جي بيدخلي صورتحال لاءِ وڏي ھڪ خطري ۽ آزمائش جو معاملو ھو. ھو پوري اڌ صدي سماج ۾ سڌارن آڻڻ جي ڪوششن ۾ لڳل رھيا ھئا، ۽ ناڪام ٿيندا پئي آيا، ۽ وقت جي مھلت سندن نظر ۾ ھٿن مان نڪرندي پئي ويئي.جيڪڏھن ترگٽ جھڙو تجربيڪار ۽ اعتبار جوڳو عملدار به حڪومت ۾ اندر موجود خود غرض ۽ ھٺ ڌرم مخالفت کان بچي نٿي سگهيو. ته پوءِ سماجي سڌارن جي ڪابه ڳالھه ڪيئن ٿي ڪامياب ٿي سگهي!

”ھن عظيم ۽ نيڪ شخص جي اِن طرح جي بيدخليءَ“، والٽيئر لکيو. ”مون کي چڪرائي، بنھه ڪيرائي ڇڏيو آھي ... اِن منحوس ڏينھن کان پوءِ آءُ ڪجھه سوچي ئي نه سگهيو آھيان. ڪنھن ماڻھوءَ سان ڪجھه ڪُڇي ئي ته نه سگهيو آھيان ۽ چپ چاپ حيرت ۾ ورتو ويٺو آھيان _ ڀل ته ڪو اچي منھنجي گلي تي ڇُري ئي ڦيري ڇڏي!“ ۽ فرينچ قوم جي ٻين عام سمجھه وارن ماڻھن به ڳالھه کي ائين ئي ڪري ورتو ھو. ۽ ھُنن کي اُن تي عجب کائڻ ۽ رنجيده ٿيڻ جو حق به ھو. 1770ع ۽ 1780ع جي ڏھاڪن ۾ ائين ئي ثابت ٿيڻ لڳو ھو ته فرينچ سرڪار سياسي ۽ اقتصادي ڏيوالي ۾ وڃي رھي ھئي. يورپ جي بئنڪرن کان اُھا ڳاٽي ڀڳا قرض وٺي رھي ھئي، ۽ سڄي اُن ماليات جي گهوٽالي کي لڪائڻ لاءِ جُڙتو ۽ ڪوڙن حسابن جا ڪتاب ٺاھي رھي ھئي! تنھن سان گڏ پادري برادريءَ جي اعليٰ درجن تي فضول خرچين جون ڳالھيون. مھاراڻي ميري آئنٽونئيٽ جي ذاتي زندگيءَ جون بدناموسيون (ھُن تي الزام ھو ته ھوءَ ھڪڙي مھا پادريءَ سان، جيڪو وڏو ڪارڊينل ھو، ھيرن جي ھڪ ھار جي عوض محبت جا پيچ لڙائي رھي ھئي)؛ ۽ سڀ کان اھم ۽ ھاڃيڪار ڳالھه ته عام اناج جي فصلن ۽ فرينچ شراب جي پيداوار ۾ لاڳيتو ٻن سالن کان گهاٽي ۽ ناڪاميءَ جا افواھه ھُلي رھيا ھئا _ سڀني انھن ڳالھين گڏجي سڄيءَ فضا کي ڊيڄاري ۽ بي چين بڻائي ڇڏيو ھو.
لوئيءَ سورھين پوءِ صورتحال جي ڪجھه تدارڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. 1787ع ۾ ھُن ملڪ جي مالي گهوٽالي کي مُنھن ڏيڻ لاءِ پاڻ وٽ ملڪ جي مُکَ ماڻھن جي ھڪ ڪائونسل گهرائي. اُن ’قدم‘ جي ناڪاميءَ کان پوءِ، وري، 1789ع ۾ ھُن اسٽيٽس _ جنرل، يعني فرينچ قوم جي ٽن روايتي طبقن _ پادرين، اميرن ۽ باقي عام ماڻھن _ جي عيوضين جي وڏي اسيمبلي سڏائي.
اِسٽيٽس _ جنرل جي اُن اسيمبليءَ ۾ ھڪدم پوءِ ھيءُ تڪراري مسئلو اُٿيو ته اُھا اسيمبلي پنھنجي ڪاروائي ڪيئن ھلائي! ھونئن به اُھا 175 سالن کان پوءِ پھريون ڀيرو گڏ ٿي رھي ھئي، ان جي اختيارن جو به ڪڏھن سنئون سڌو ۽ صاف فيصلو ٿيل نه ھو. امير طبقو ۽ پادري برادريءَ جي ڪوشش ھئي ته ھو پنھنجا پنھنجا روايتي رتبا ۽ خاص ’حق‘ ڪنھن طرح بحال رکن ۽ وڌيڪ مضبوط ڪن؛ ان لاءِ ھُنن گهريو ٿي ته اسيمبلي ءَ ۾ ٽنھي ڌرين مان ھر ڌر، ڇُڙ مُڙھيءَ، الڳ الڳ اِڪائيءَ طور، ووٽ ڪري. اِن طرح اسيمبليءَ تي ضابطو سندن (يعني ٻن مٿين طبقن جو) ئي قائم رھي ٿي سگهيو. عام ماڻھو جيڪي ”ٽِي اسٽيٽ“ سڏيا ٿي ويا _ پھرين اسٽيٽ پادري برداريءَ جي ۽ ٻي اسٽيٽ امير لوڪن جي ھئي _ تن گهريو ٿي ته اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آيل ھر ميمبر، فرد فرد ٿي، ووٽ ڪري، اسيمبليءَ ۾ تازو اُنھن جا عيوضي وڌائي، جملي تعداد جو پنجاھه فيصد ڪيا ويا ھئا، ۽ ھنن کي ٻن اُوچين ڌرين مان ڪن نيڪ خيال ۽ انصاف پسند ماڻھن جي پٺڀرائيءَ جي اميد به ھئي، ۽ اِنھيءَ طرح ھنن جي آڏو اسٽيٽس _ جنرل ۾ تعدادي طور پنھنجي برتري حاصل ٿيڻ جا امڪان موجود ھئا.
ٻاھر عام خلق ۾ ھن سوال تي ڪافي چـؤٻول ۽ ھلچل متل ھئي ۽ ماڻھن ۾ انقلابي جوش ڪافي وڌيل ھو. بھرحال، بادشاھه جڏھن ’ٽيءَ اسٽيٽ‘ (يعني شھري ملڪيت دارن، مزورن ۽ ھارين) جا اُھي مطالبا نه مڃيا، تڏھن،اُھي ٽيءَ اسٽيٽ جا عيوضي اسٽيٽس جنرل کان ڇڄي، جدا پنھنجي ”قومي اسيمبلي“ ٺاھي ويٺا _ ائين چئي ته ”قوم جي اصل اسيمبلي ته ھو ھئا، پادري ۽ امير برادريون ته اُن جون فقط ڪاميٽيون ھيون.“
14 جولاءِ 1789ع تي پئرس جي ڪاوڙ ڀريل انبوھه بئسٽيل قلعي جي شاھي جيل تي چڙھائي ڪئي. بادشاھه وڌيڪ صورتحال کي پنھنجي قبضي ۾ رکي نه سگهيو؛ اُن کان پوءِ، فرينچ قوم جي ٽي اسٽيت يعني فرينچ عوام _ جيڪي پادري برادريءَ ۽ اميرن جي طبقي کان 24ڀيرا گهڻا ھئا، ڇو ته اُھي قوم جو 96فيصد ۽ پادري ۽ امير گڏجي فقط چار فيصد ھئا _ پنھنجي ملڪ ۾ ھڪ جيئري جاڳندي سياسي قوت شمار ٿيڻ لڳا. ساڳئي سال جي آگسٽ جي آخر تائين امير طبقي جا اڪثر روايتي جاگيرداريءَ ”خاص حق، مفاد ۽ مُرتبا“ ٻھارجي وڃي گهٽين جي ڪَسين ۾ پيا، ۽ ھڪ دليرانو ۽ پرجوش اعلان نامو ”انسان جي ۽ شھريءَ جي حقن جو“ اسيمبليءَ ۾ پاس ٿيو ۽ ملڪ جي بنيادي قانون جي صورت وٺي بيٺو.
اعلان نامي ۾ ”روشنيءَ جي تحريڪ“ جا اڪثر مطالبا شامل ڪيا ويا؛ ٻين ڳالھين سان گڏ اھو به اعلان نامي ۾ چيو ويو ته ”فرانس اُن جي بادشاھن جي ذاتي ملڪيت ڪونه ھو، پر ھڪ آزاد ۽ خود مختيار وطن ھو، جيڪو اُن جي ماڻھن جي ملڪيت ھئي. اعلان نامي جي ٻولي گهڻي قدر تعميمي ۽ خيالي ھئي ، جيئن اھڙن دستاويزن جي ٿيڻي ئي ھوندي آھي، پراُن جا جداجدا نڪتا سڀ فرينچ عوام جي تاريخي تجربن جا ترجمان ۽ عڪس ھئا. اُن ۾ ”روشنيءَ جي تحريڪ“ جا آدرش ۽ ”نئينءَ جمھوري سياست“ جا اصول اختصاريل ۽ يڪجا ٿيل ھئا.
پر 1789ع ۾ به، بھرحال، دورانديش شخص ڏسي سگهيا ٿي ته، اعلان نامو، پنھنجي سچيءَ سچائيءَ ۽ حق گوئيءَ سان به، پراڻي مضبوط بيٺل نظام کي ايتريءَ آسانيءَ سان اُکوڙي نٿي سگهيو. فرينچ سماج سچ پچ پاڻ کي بدلائي سگهي. تنھن کان اڳ ان کي سياستڪارن جي حرفتبازين کان، جاڳيل ۽ اُٿي بيٺل پر ناتجربيڪار ۽ غير تربيت يافته شھري ماڻھن جي مطالبن جي زور کان، ۽ موجود حڪومت ۽ قائم_ مفاد رکندڙ ضدي ۽ مضبوط بيٺل گروھن جي مخالفت ۽ مقابلي کان پاڻ وٽ ايترا مضبوط جھليو ويٺي ھئي، سا ڪنھن مقابلي يا ٽَڪرَ کان سواءِ پنھنجي شڪست قبول ڪري ۽ آڻ مڃي وڃي. اِھا به اڻٿيڻي پئي لڳي ته تخت ۽ تاج تي قابض فرينچ سلطان شاھي جنھن پنھنجي ڇڙواڳ ۽ غير محدود حاڪميت لاءِ صديون ويڙھه پئي کاڌي ھئي. اُھا آئيني سلطاني نظام اندر پنھنجن اختيارن جي محدود ٿيڻ جي صورت ۾ اُنھن تي اُن نظام جون بندشون ۽ ضابطا چپ چاپ تسيلم ڪري ويھي رھي. ۽ آخر ۾، پادريت جي نظام کان اِھا اميد رکڻ ته اُھو محصولن کان آزاد پنھنجي حيثيت تان ھٿ کڻي، آسانيءَ سان لوڪ راڄ جي ضابطي ھيٺ فقط ھڪ پگهاردار دفتري نظام طور رھڻ ۽ ڪم ڪرڻ قبولي سگهي!
۽ سڀ کان آخر ۾ ۽ سڀ کان وڌ، ائين به ڪو آسانيءَ سان ممڪن ڪونه ٿي لڳو ته فرانس کان ٻاھر سڄي يورپ جا سمورا سلطان شاھي نظام ائين ھٿ ھٿ رکي ويھي رھن ۽ پنھنجن مفادن ۽ پنھنجي وجود جي دشمن خيالن ۽ اصولن جي فتح ۽ سوڀياري پيشرفت کي خاموش تماشبين بڻجي، بيھي ڏسن، جڏھن خود سندن پنھنجن ملڪن جي اندر جدت پسند، ڪشاده خيال ۽ پادريت جا پرجوش ۽ سرگرم مخالف موجود ھئا، جن فرينچ انقلاب کي پنھنجن ملڪن ۾ ساڳئي اھڙي انقلاب جي فقط ھڪ تمھيد ٿي سمجھيو!
عين اِنھيءَ طرح فرانس ۾ ۽ سڄي يورپ ۾ ”روشنيءَ جو دؤر“ بدلجي ”انقلاب ۽ جنگ جو دؤر“ بڻجي ويو. ارڙھين صديءَ جي خاتمي وارن سالن جي ڏھاڪي جي مختصر مدت ۾، فرانس، ”بادشاھت“ مان ڦري ھڪ ”عام رعيتي راڄ“ جي صورت ۾ بدلجي ويو، ۽ ھڪ ئي جولان ۾ اُن پنھنجي بادشاھه جو سرقلم ڪري ڇڏيو، ھڪ بي خوف ۽ جفاڪش پراندروني طور گروھه بندين ۾ آيل انقلابي حڪومتي نظام قائم ڪري ورتو، ۽ اُتان کان به اڳيتي مَٽي، ڪافي ڪجھه منجھيل فضا ۾ ورتل ھنگامي دؤر مان لنگهندي، ھڪ اَجھل ”راڄ _ مَٽَ جي ھلان“ جو شڪار بڻجي، 1799ع ۾ نئپوليني اقتدار جي سرواڻيءَ ۾ اچي ويو، ۽ سڄو اُھو عرصو فرينچ قوم باقي يورپ سان وڙھندي ۽ لڳاتار جنگين ۾ مصروف به رھي.
نئين صديءَ جي صبح ٿيندي ٿيندي، فرانس کي ڪن حاصل ڪيل فائدن تان ھٿ کڻڻو پيو ۽ ڪافي ڪي ٻيا بچايا به ويا ۽ مضبوط ڪيا ويا. پر ٻه ڳالھيون واضح ٿيون؛ پراڻو يورپ باقي نه رھيو، ۽ فرانس ۾ روشن خيالي، بھرحال بچي ويئي ۽ محفوظ رھي. جڏھن انقلاب اڃان جوان ھو، ھڪڙو باخبر ۽ ڊگهي نگاه رکندڙ شخص اُنھن ٻنھي نتيجن جي پيش بيني ڪري سگهيو. 1792ع جي اونھاري جي پوين ڏينھن ۾ جرمن شاعر، گوئٽي، جرمنيءَ جي ويمار علائقي جي فوجين جي ھڪ دستي سان وابسته ھو، جيڪي اُنھن ڏينھن ۾ فرانس تي ڪاھي ويل پَرشيا _ آسٽريا جي فوج سان گڏ جنگ جي محاذ تي وڙھي رھيا ھئا. گوئٽي، پنھنجي روحانيت جي ترنگ ۽ پنھنجيءَ پوريءَ غير جانبداريءَ جي ڪيفيت ۾، انقلابي مقصد سان نه مواقف ھو نه مخالف. ھُن پوريءَ طرح انقلابين جي شڪست ۽ پئرس تي جرمن فوج جو قبضو ممڪن ٿي ڄاتو. پر ٿيو اِن جي مختلف. سيپٽمبر مھيني جي ويھين تاريخ تي فرينچن انقلاب دشمن”اتحادي فوجن“ کي والمي جي ميدان تي شڪست ڏني، ۽ انقلاب جي فتح ٿي. گوئٽي لڙائيءَ جي خاتمي کان پوءِ پنھنجن خاموش ۽ دلگير ساٿين سان گڏ دائري ۾ ويٺي ويٺي، اُن ڏينھن جي واقعن جي معنيٰ ۽ اھميت کي ھيٺين لفظن ۾ سھيڙڻ مناسب سمجھيو:
”ھِتي ۽ اڄ،“ گوئٽي چيو، ”دنيا جي تاريخ جو ھڪ نئون جُڳُ شروع ٿيو آھي. ڪنھن ڏينھن اوھين سڀ ائين چئي سگهندا _ ’آءُ اُن جي ڄمڻ مھل اُتي موجود ھوس!‘“
”فرينچ انقلاب جي ڪھاڻيءَ “ جي ھِن پھرئين ڀاڱي _ ٽي ڌريون، ٽي نظام _ جي پڄاڻي، ٽيءَ اسٽيٽ (عوام جي ڌر) جي ھڪ عيوضيءَ، مئٿورين شاويل، جي جولاءِ 1789ع جي پھرينءَ تاريخ تي، پنھنجي سياسي تڪ جي ووٽرن ڏانھن، لکيا ھڪ ڊگهي خط (ص 356_297) تي ٿئي ٿي: جنھن ۾ ھُن، جو ڪجھه اسٽيٽس _ جنرل (پادرين، اميرن ۽ عوام جي گڏيل اسيمبليءَ) ۾ وھيو واپريو پئي، ۽ اُن ۾ پاڻ پنھنجو ذميداريون ڪيتري قدر ٿي نباھيون، اُن جا تفصيلي احوال، موٽَ _ اطلاح طور، پنھنجو فرض ڄاڻي، ھُنن ڏانھن لکي موڪليا ھئا: اُھا اسٽيٽس _ جنرل، جيڪا 5مئي 1789ع تي، فرانس جي خاص شاھاڻي شھر، ورسائيلز، ۾ لڳ ڀڳ ٻن صدين کان پوءِ گڏ ٿي ھئي: ۽ پوءِ جنھن جي عوامي ڌر، پادرين ۽ اميرن تي حاوي ٿي، پھرين اُن کي ”قومي اسيمبلي“ ۽ پوءِ ”قومي آئين ساز اسيمبلي“ سڏيو، ۽ چيو ته اِن طرح اُھا، يعني اُن ۾ ھو پاڻ، پنھنجي ملڪ جو آئين ٺاھيندا _ ھڪ آزاد ۽ خودمختيار قوم جو آئين _ جنھن ھيٺ فرينچ قوم پنھنجي ”ھزار سالن جي خواب(Millennium) جو تعبير حاصل ڪندي“، ۽ اوترائي سال (مطلب ته ھميشه لاءِ) خوب اُھو ماڻيندي: ”انصاف، امن ۽ محبت جو آسماني راڄ“. عام ماڻھن جي خوشحاليءَ ۽ اعليٰ خوشيءَ جي زندگيِءَ جو ”ڌرتيءَ تي قائم ڪيل راڄ“، جنھن جو ساڻن ”واعدو“ ٿيل ھو، ۽ سندن امير ۽ پادري کين جنھن کان سدائين محروم رکندا ٿي پئي آيا. اِن ئي سندن قومي آئين ساز اسيمبليءَ پوءِ ٻئي مھيني، يعني آگسٽ، 1789ع جي ڇويھن تاريخ تي، اُنھن لاءِ، اُن خواب جي پھروٺيءَ ساڀيان طور، ”انسان ۽ شھريءَ جي حقن جو اعلان نامو“ بحال ڪيو _ اُھو اعلان نامو به ”ڪھاڻيءَ“ جي ھِن پھرئين ڀاڱي جي آّخر ۾ پيش ٿيل آھي.
”ڪھاڻيءَ“ جي ھِن ڀاڱي ۾ بيان ٿيل سماجي خود _ اصلاح لاءِ انساني جدوجھد جي اِن منزل تي پھچڻ ۾، فرينچ قوم، اُن جي پورھيتن، اديبن، عالمن، سماجي خادمن، انسان دوست سياستدانن، مطلب ته اُن جي مظلوم ۽ محروم سڄي ھيڻي ۽ دکي عوام، جو ڪجھه ڏٺو، جو ڪجھه سَٺو ۽ جو ڪجھه ڪيو، اِھو اسان جي پنھنجي دکي عوام لاءِ ۽ اسان پڙھيلن ڪڙھيلن لاءِ ۽ سڄيءَ اسان جي آفت زده قوم لاءِ به وڏو ھڪ عبرت جو داستان آھي، ۽ اسان لاءِ وڏيءَ ھڪ قوت بلڪ پوري ھڪ نئين جياپي جو علاج به ثابت ٿي سگهي ٿو _ جيڪڏھن اُن مان اسين پنھنجي اڄ جي سماجي ۽ سياسي حقيقتن کي ڄاڻڻ ۽ انھن جي تَھَه ۾ موجود پنھنجي صدين جي روڳ کي سڄاڻڻ جو ڪم وٺون، ۽ پڻ اُڻ مان آجائيءَ لاءِ ڪنھن ذھني سوجھري ۽ ڪنھن ڍنگ جي پيچري سان، پنھنجي پاڻ تي اعتماد رکي، اُٿي اڳتي وڌون.
بنيادي ڳالھه آھي ته ڌرتيءَ تي اڄ جي دنيا ۾ جن ماڻھن جو اڳرو قدم آھي، يعني يورپ جون قومون، ۽ ٻيا جيڪي به ننڍا وڏا ملڪ اُنھن سان برادريءَ ۾ اڳتي وڌندڙ آھن، اُنھن سڀني گذريل ڏھاڪو صدين ۾ جن تبديلين جو پاڻ وٽ سواگت ڪيو آھي _ بيداريءَ، احتجاج، روشنيءَ ۽ جمھوري عمل وسيلي_ ڇا، اُھي تبديليون، اُھي فڪر ۽ عمل جا وسيلا اسان لاءِ ڪا معنيٰ ڪانه ٿا رکن؟ڇا، اُھي اسان لاءِ به اوترائي بلڪ اُن کان به وڌ، ضروري نه آھن؟ ڇو نه اسين به بيدار ٿيون؟ ڇو نه اسين به احتجاج ڪريون؟ ڇو نه اسين به پست خياليءَ جي تاريڪيءَ مان نڪري بلند خياليءَ جي روشنيءَ ۾ گذاريون ۽ اڳتي وڌون؟ ڇو اسين اِھي ڏھاڪو صديون نارَ ۾ وھندڙ ڍڳن جيان، اجتماعي طور خصوصاَ، آزاد سوچ ۽ فيصلي کان محروم ۽ تبديليءَ جي عمل کان محفوظ رھيا آھيون؟ ڇو اسين فڪر ۽ عمل ۾، کوپن سان اکيون ٻڌلَ، ھڪ ئي پِڙَ ۾ ڦرندا ۽ ڀنوانٽيون کائيندا رھيا آھيون؟ ڪنھن اسان کي ايتريون صديون ”واڳ ڌڻيءَ وس، آءُ ڪا پاڻ _ وھيڻي!“ جي ذھني اَوائپَ ۾ بند رکيو آھي؟ اِنھيءَ ھڪ سوال جو جواب ئي آھي، جو اسان کي فرينچ انقلاب جي ھِن داستان جي ھڪ ھڪ سٽ، ھڪ ھڪ واقعي ۽ ھڪ ھڪ ڪردار ۾ موجود ملندو. فرينچ عوام کي به سڀ کان اول ان سوال جي جواب جي تلاش ھئي، ۽ اُن کان پوءِ ئي ھو پنھنجو تقدير جا ڌڻي بڻجي اُٿيا ھئا، ۽ ھيءَ ڌرتي ۽ ھو آسمان جيڪي سندن اميرن ۽ سندن پادري حضرات جي ھٿ ۾ ھئا _ ڇو ته حڪومت ۽ مذھب ٻئي سندن ظالم ۽ اڏول محلن جا محافظ بڻيل ھئا_ فرينچ عوام، اڳتي وڌي، اُنھن کان اُھي کسي، پنھنجي ھٿ وس ڪيا ھئا: اِئين ھُنن پنھنجا جسم ۽ پنھنجا روح ٻيئي اُنھن پنھنجن ’ماس خور‘ ۽ ’رت پياڪ‘ دشمنن کان، ھڪ ئي وارِ ۽ ھميشه لاءِ کسي، ‏آزاد ڪري ورتا ھئا.ڇا، اُھي جن جي پيرن ھيٺان زمين نڪتل ھجي ۽ جي آسمان جي سايي کان محروم ھجن، اُنھن جي آڏو جيئڻ لاءِ ٻيو ڪو رستو به ھو، سواءِ ھڪ رستي جي: ته جن سندن جيئڻ ائين حرام ٿي ڪيو، اِنھن کان ھو بغاوت ڪن ۽ آزاد جيئڻ جي حق ۽ فرض ادائيءَ لاءِ، سِرَ تريءَ تي رکي، ميدان تي نڪري اچن؟
ھيءَ ڪنڌَ _ ڪڪوريل آزادي،
ماڻھوءَ ۾ موريَلَ آزادي،
ٿِي پرکي پاڻَ _ وَھيڻن کي،
جا ھانءُ ڏئي ٿي ھيڻن کي.
(اياز)
*
نَوَ نيئَرَ، ڏھه ڏانوڻيون، پندرھن پَيدَ پياس،
جڏھن سڄڻَ ياد پاس، ڇرڪَ ڇنائين ھيڪڙي!
(شاھه)
تصويرون
ڪَوَرَ تي ٻه تصويرون ۽ پھريائين اندرئين ورق جي ٻئي پاسي تي تصويرَ، ڪتاب ۾ فرانس جي بيان ٿيل تاريخي دور جي سماجي حالتن جي تصويري عڪاسي ڪن ٿيون، جيئن اندرئين ٽائيٽل پيچ تي ڏنل اختصاري صفتي جملو اُن جي لفظي ترجماني ڪري ٿو:”سڀ رڳو ٺلھو ڏيک؛ زندگي اميرن لاءِ رونشو ۽ غريبن لاءِ عذاب ھئي!
رنگين اُڪرَ (1776ع)، ’جِين _ مچيل موريولِي جُون‘ جي ”رات جي ماني“ _ عيشي جيئڙن جي چونڪڙي، رات جي مانيءَ کان پوءِ، اوڀاريُن لھواريُن مان لطف اندوز ٿي رھي آھي. چونڪڙيءَ جو ھڪڙو جوڙو ھڪڙو محبت نامو ڏاڍيان پڙھي، روشني ۾ اُڦرڪي رھيو آھي.
مس قلم جي اُڪر (1721ع)، ’واليمَ ھوگارٿ‘جِي: ”بحر جنوبيءَ جو ڦوڪڻو“_ اِن نالي سان وڏي ھڪ واپاري گهوٽالي تي (جنھن ۾ گهڻن جا جھُڳا جھَڻ ٿي ويا ھئا) مصور ھِن خاڪي ۾ ھڪ ڳوڙھي تمثيل ڏيکاري آھي. سڄي گوڙ جي ڏيکاءَ ۾ کاٻي پاسي شيطان بيٺل آھي، جو ’بخت‘جي بگڙيل جسم مان ماس جا ٽڪرا ڪپي پنھنجي ھٻڇي پرستارن ڏانھن اُڇلي رھيوآھي، جن مان ھڪڙي جو، وچ تي، کيسو پيو ڪترجي. شيطان جي دوڪان جي ڀت سان ڪليسا جا پادري آھن، جي پنھنجن جماعتين کي ڇڏي، جُوئا کيڏڻ ۾ پاڻ وندرائي رھيا آھن، ۽ ’ايمانداري‘ چڪري سان زنجيرن ۾ جڪڙيل، ۽ ’عزت‘ڪلي سان ٻڌلَ، ’خود غرضيءَ‘ ۽ ’ڪميڻپ‘ جي ھٿا ڪوڙا کائي رھيون آھن. وچ تي ’چـؤڏول کي ڏنڊي کان جھلي ھڪڙا ڦيرائڻ ۾ ۽ ٻيا ڏاڪڻ تي چڙھي، مٿي اُن تي ويھي، ڦيراٽيون پائڻ لاءِ ڌِڪ ڌڪان ۾ لڳل آھن.(شيطان ۽ چـؤڏولُ خاڪي جي ڇپائيءَ ۾ سڄا ڏيکارجي نه سگهيا آھن.)
مس قلم جي اُڪر(1720ع)، ’ھِيٿ گرويسٽ نافريل‘جِي: ”حماقت جو آئينو“، تفصيلي ٽُڪرو_”بومبارئو“):”مسِسپي درياءَ جو ڦوڪڻُ“ نالي سان ناٽڪ ۾، پئرس جي ھڪ پينوءَ عجيب ھڪڙو ڪردار ادا ڪيو ھو: ھونئن ھو سَٽي مارڪيٽ جي گهٽيءَ ۾ ڪجھه ڏوڪڙ پني گذارو ڪندو ھو. اُن لاءِ ھو سٽيبازن جي آڏو پني، پنھنجي گُڪ اُنھن کي ميز طور ڪم آڻڻ لاءِ ڏيندو ھو، جن تي پَنا رکي، پنھنجا بل ۽ رسيدون لکندا ھئا!
آخر ۾ لائق پڙھندڙن جي خدمت ۾ ھن سنڌي ترجمي بابت ٻه اکر: پنھنجي وس ۾ ھر ڪوشش ڪئي اٿم ته ترجمو سھڻو، صاف ۽ مائيدار ٿئي _ ھيءُ جون 1989ع جي آخر کان نومبر 1989ع جي شروع تائين، ڏينھن رات جي پورھئي جو ثمر آھي. اُن جي ڇپائيءَ ۾ وقت ڪجھه وڌيڪ لڳي ويو،نه ته ته، جيئن خيال ھو، نئين سال جي شروع ٿيڻ کان اڳي ئي ڪتاب پڌرو ٿي وڃي ھا. ڏاڍي گهڻي ڌيان کان پوءِ به ان جي ڀلنامي جي شامل ڪرڻ جي صورت محسوس ٿي _ سو گذارش آھي ته پڙھندڙ سڀ کان پھرين ڪتاب ۾ اِھي درستيون ڪري ڇڏڻ جي تڪليف وٺن؛ ننڍيون ۽ رواجي ٻيون به غلطيون کين پڙھندي نظر اينديون، پرخاطري اٿم ته پڙھڻ ۾ اُھي رڪاوٽ ثابت نه ٿينديون.
ادب ۾ اعليٰ قدر واري نثر توڙي نظم جي تخليق ۾ ذوق ۽ ھڪمَنائيءَ جي جيتري ضرورت آھي، اوتري ئي اُنھن جي مطالعي ۾ به لازم آھي. لکڻ توڙي پڙھڻ ۾ جيڪا تڪڙ ۽ بي صبريءَ سان اڳتي وڌڻ ۾، مقصد، جي فوت نه، ته ھٿ مان نڪري ۽ وڃائجي ضرور وڃي ٿو. پڙھڻ لکڻ ۽ دمن جون نشانيون جيئرن جاڳندن لفظن جو ڪم ڏين ٿيون ۽ معنيٰ رکن ٿيون. اِن ڪري، لکڻ ۽ پڙھڻ ٻنھي ۾ دمن جون نشانيون به پنھنجي حصي جو ڌيان گهرن ٿيون، جو اُنھن کي ضرور ملڻ کپي.
ٻيءَ ٻوليءَ جا ڪي اصطلاح ۽ حوالا ترجمي ۾ جيئن جا تيئن آڻڻا پون ٿا، ۽ اُنھن جي سمجھاڻي جيڪڏھن جملي ۾ اُتي ئي ڪجھه نٿي ڏجي، ته ڳالھه کي اڳتي سمجھڻ ۾ پڙھندڙن کي ڏکيائي ٿئي ٿي.ترجمي ۾ ان ڳالھه جو خيال رکيو اٿم، سواءِ خاص ٽن حوالن جي، جن جي مختصر سمجھاڻي ھِن ريت آھي:
1.”آگسبرگ جي بيعت“ (Augsburg Confession)، صفحي 29 تي: رومن ڪليسائي شريعت جي خلاف احتجاجي (Protestant) تحريڪ، جيڪا اصلاحي (Reformation) تحريڪ جي نالي سان به مشھور ٿي، اُن جي مکيه پوئلڳن آگسبرگ (جرمنيءَ ) جي ميڙ (1530ع) ۾ پنھنجن عقيدن جو اعلان ڪيو ھو، جنھن سندن اعلان کي پوءِ تاريخ ۾ ”آگسبرگ جي بيعت“ سڏيو ويو.
مارٽن ليوٿرَ (1546_1483ع)، تحريڪ جي بانيءَ، اُن جي شروعات جرمن ٻوليءَ ۾ بائيل جي (پھرئين) ترجمي سان ڪئي ؛ ھُن جو خيال ھو ته مذھب کي رياست جي ماتحتيءَ ۾ ھجڻ کپي ۽ اِن طرح پوءِ مذھب جي قومي رنگ تي زور وڌيو؛ ۽ اِھو به سڄو ھن جي تحريڪ جو اثر ھو، جو يورپ ۾ سياست کان مذھب جي علحدگيءَ جي شروعات ٿي، جنھن کي پوءِ (Secularism) (دنوِيَتَ، دنياپڻو يا دنيائپ)سڏيو ويو. ھُن لاءِ چيل آھي ته ھُن ”پوپ جي ’تاج‘ تي ۽ سندس مھاپادرين جي ’پيٽ‘ تي مُڪ ھنئي ھئي“_ ڇو ته ھن جي اصلاحي عقيدن مان ھڪ بنيادي عقيدو ھيءُ ھو ته ”قانونَ _ فطري، اخلاقي يا شھري _ سڀ بائيبل جي ڏھن حڪمن (Ten Commandments) ۾ اچي ٿي ويا، ۽ ٻي جيڪا به ڳالھه ھئي، رياست توڙي ڪليسا جِي، فقط انتظامي ڳالھه آھي“، تنھنڪري بدلجي سگهي ٿي.
2.”ستن سالن جي جنگ“ (Seven Years War)، صفحي 30 تي آسٽريا ۽ فرانس جي پِرشيا ۽ انگلنڊ جي خلاف 1756ع ۾ شروع ٿي. اُن ۾ آسٽريا ۽ فرانس ھارايو ۽ ٻيءَ ڌر کٽيو؛ نتيجي ۾ فرانس کي تڏھوڪيون سمنڊ پار پنھنجون بيٺڪون وڃائڻيون پيون ۽ يورپ ۾ پرشيا جو ملڪ وڌي ھڪ وڏي طاقت بڻجي پيو.
3. ”ٽَئنٽِيز جو حڪمنامو“ (Edict of Nantes)، صفحي 83 تي _ بادشاھه، ھينري چوٿين ، طرفان 1598ع ۾ شايع ٿيو ھو، جنھن ھيٺ پروٽسٽنٽ فرقي وارن کي پنھنجي سڃاڻپ ۽ عقيدي تي قائم رھندي، فرانس ۾ رھڻ جو حق ڏنو ويو. رواداريءَ ۽ سھپ جو ھيءُ حڪمنامو پوءِ 1685ع ۾ فرانس جي بادشاھه لُوئي چوڏھين، رد ڪري ڇڏيو.
ڪتاب ۾ جڳھه جڳھه تي فرينچ ٻوليءَ جا خطابي لفظ به ڪم آيل آھن. اُنھن جي ٿوري سمجھاڻي به ضروري آھي. لفظ ”مونسيور“ (Monsieur) فرينچ ٻوليءَ ۾ انگريزي لفظ ”مِسٽر“ (Mr.) جي جاءِ تي ۽ اُن جي جمع جي صيغي ”ميسرس“ (Messer’s) لاءِ فرينچ ٻوليءَ ۾ ”ميسيور“ (Messieurs) لفظ آھي. اميرن لاءِ، جيئن زميندارن، جاگيردارن ۽ لاردن لاءِ ”سينيور“ (Seigneur/Seignior)، ۽ اُنھن کان به وڏن ماڻھن، خاص طرح شھزادن ۽ مھاپادرين لاءِ ”مانسينور“ (Monsignor) جا خطاب ڪم آيا ٿي ۽، شايد اڄ به اچن ٿا!
بھرحال، ھيءُ ڪتاب ھاڻي عزيز پڙھندڙن جي ھٿ ۾ آھي _ وڌيڪ ھو فيصلو ڪندا ته اُن تي ٿيل محنت ڪامياب آھي يا نه، ۽ ڪيتري قدر اُھا سجائي ٿي سگهي آھي،_
حسابِ ما در دلِ دوستانِ ما.

حيدرآباد سنڌ _ محمد ابراھيم جويو
22اپريل، 1990ع

’ماضيءِ جو مرسل‘ جنھن کي تاريخ چئون ٿا، سا شاھدي ڏئي ٿي ته اڍائي ھزار سال کن اڳ يونان جي شھر اٿينس ۾ تنھن زماني جو گامو سچار رھندو ھو. سندس نالو سقراط چون ٿا. ھيءُ حق گو انسان پنھنجي محدود ماحول ۽ لامحدود ڪائنات متعلق سچ جا ٻول ۽ احترام آدميت جي صداقت جي اذان، عوام خاص طرح نوجوانن ۾ بلند ڪندو رھندو ھو،جيڪا ڳالھه عِنانَ جي اَنا جي شريعت ۾ نه ھئي. بس پوءِ جبر، ڏمر ۽ قھر جا نيش ۽ نُنھن سچ جي چَم ۽ ماس کي چيرڻ ۽ ڦاڙڻ لاءِ تکا ۽ تيز ڪيا ويا، سقراط ته زھر جو پيالو پي، جند ۽ جان جدا ۽ فدا ڪري ويو، پر ھڪ طرف ھو آزاديءَ جي اظھار ۽ سچ جي اُڏام کي تاريخ ۾ دائمي مقام ڏيئي ويو، ته ٻئي طرف زھر ۽ پيالي کي رياستي دھشت جو نشان ڏيئي ويو. خدا ڄاڻي ته ھي وقت جا حاڪم جتي ڪٿي عقل جا انڌا ۽ اونڌا ڇو ھوندا آھن، جو ائين سمجھندا آھن ته ماڻھوءَ جو ساھه قبض ڪرڻ سان سندس خيالن کي به قيد ڪري سگهبو. سقراط ته اڄ به زنده آھي، آباد آھي، آزاد آھي، پر بادشاھه ديماس ڪٿي آھي؟ اِھا تاريخ آھي. ماضيءَ جو مرسل آھي، ۽ مرسل ڪڏھن به ڪوڙ نه ڳالھائيندا آھن.

پيار ڪڻا
ھڪڙي ڏينھن جي ڳالھه آھي ته استاد محترم محمد ابراھيم جويي ڳالھين ڳالھين ۾ چيو ته منھنجي زندگيءَ جي ھڪڙي حسرت اھا به آھي ته ھڪ اھڙي اخبار يا رسالو شروع ڪجي، جيڪو ”اٽو ۽ تُھه “ جدا ڪري عوام تائين پھچائي . ان کي اتفاق چئجي، جو لڳ ڀڳ ساڳئي وقت ڪجھه اھل دل سَرند دوستن خيال ظاھر ڪيو ته سنڌي عوام کي وڌيڪ پختو سياسي شعور ۽ سکيا ڏيڻ لاءِ ڪو اشاعتي سلسلو شروع ڪجي. ھي دور ھو ضيا شاھيءَ جو جڏھن ايم آر ڊيءَ جي جڏيءَ ۽ ڦڏيءَ ھلچل جي رد عمل ۾ سنڌ جي وَسين ۽ واسين، مال ۽ مڏين تي فضا ۾ ڳجھن جا لامارا ۽ زمين تي مِرن جا وَڄَ وارو وار لايو ويٺا ھئا. ۽ جڏھن زياده تر اخبارون ۽ رسالا ۽ ريڊيو ۽ ٽيليويزن مڪمل طور انسان دشمن ڪردار ادا ڪري رھيا ھئا. ان وقت جو ذڪر ھيءُ مثال ڏيئي ڪجي ته شايد حقيقت کي قريب ٿي وڃجي. سمجھيو ته ھڪ دھشتگرد ھٿيارن جي زور تي زبردستيءَ گهر ۾ گهڙي آيو آھي. داخل ٿيڻ کان پوءِ ھو گهر ڀاتين کي پنھنجي مدح ۽ ساراھه لاءِ مجبور ٿو ڪري. ھو گهر ڌڻيءَ ۽ ڌڃاڻيءَ کي ڏھڪائي ماني ٿو طلب ڪري. ماني کائي ڍؤ ڪري، ٽِڪڻ جو ارادو ٿو ڏيکاري ۽ پوءِ سڄي رات گهر جي سڀني ڀاتين کي پنھنجي جنوني ۽ خوني ارادن سان خوفزده ٿو ڪري. بس اھا ھئي حالت سنڌ جِي ۽ سنڌين جِي.
سو اھڙي دور ۾ رسالو شروع ڪرڻ ھو ته نانگ جي ٻر ۾ ھٿ وجھڻ برابر، ۽ ان کان علاوه ڊڪليريشن وٺڻ، رسالي ڇپائڻ لاءِ پريس واري جو تعاون حاصل ڪرڻ ۽ رسالي کي وڪڻڻ لاءِ ايجنٽن کي آماده ڪرڻ وغيره مشڪل مرحلا ۽ حل طلب مسئلا ھئا. پر نيٺ ھڪڙي ڪامريڊ کي پڳڙي (Goodwill) ڏيئي، ڊڪليريشن اُڌارو ورتوسين. پريس واري صاحب وٽ پھتس . ماجرا بيان ڪيم، ٺڙ ٺپ جواب مليو ته ”ڪا مون کي پنھنجي پريس بند ڪرائڻي آھي، جو توھان جو رسالو ڇپيان! جويي صاحب ۽ تو مان ھڪ جو نالو ئي پريس بند ڪرائڻ لاءِ ڪافي آھي، باقي جي ٻَئي گڏ آھيو ته پريس سان گڏ مون کي به بند ڪرائيندا.“پريس واري جي جواب کان پوءِ ڊڪليريشن واري به اسان کي سي. آءِ ڊيءَ جي نالي ۾ بلئڪ ميل ڪرڻ شروع ڪيو، ته ٻين پريسن وارن لڪ ڇپ ۾ رسالي ڇپڻ جا معمول کان وڌيڪ پئسا طلب ڪيا، ۽ ايجنٽن اضافي ڪميشن گهُري. پر اسان جو فيصلو اھو ھو ته رسالو نڪرندو. اڃا اھي مرحلا وڃي مس پار ڪياسين ته آءُ بيمارٿي وڃي بستري ڀيڙو ٿيس. ۽ محترم جويو صاحب اڪيلي سِر صبح شام ”ھدايت“ رسالي جي اشاعت کي عبادت سمجھي سَھَو ۽ قضا کان ان کي بچائيندو رھيو.
پوءِ ھڪڙو ڏينھن اھڙو به آيو، جو ھڪ ڦُل وارو پوليس عملدار ڌرتي پھتو ۽ مون کي چيائين ته ”توکي ميجر صاحب مارڪيٽ ٿاڻي تي گهرايو آھي ۽ ھاڻي جو ھاڻي مون سان گڏ ھلو!“ ٻڌايو مانس ته ”بيمار آھيان.“ جواب مليو ته ”سرڪار کي توھان جي اگهائي سگهائيءَ سان ڪوبه غرض ڪونھي. حڪم، حڪم آھي.“ رڙھي سڙھي ٿاڻي تي پھتس، ھڪدم رعب سان نالو پڇيو ويو ۽ چيو ويو ته ”رسالو بند ڪر، نه ته رسالو ته ٺھيو توکي بند ڪنداسين.“ جواب ۾ چيم ته ”علم ۽ قلم جا ويري ٻيو ڪري به ڇاٿا سگهن!“ گستاخيءَ تي تنبيھه ٿي ۽ اصلاح جي ھدايت ڪئي ويئي. شايد مون جويي صاحب سان ان جو ذڪر نه ڪيو.
اڳ عرض ڪيم ته پريس ۽ ايجنٽن اسان کي زيربار ڪرڻ جا ڪيترا حربا ھلايا ھئا، پر سڀ کان وڌيڪ ڪرتب ايجنٽن ڏيکاريو، جڏھن ھنن رسالي جي ”قيمت ڪاٽُو ڪميشن“ مان ھڪ روپيو به واپس نه ڪيو. پنڌ ڪري، جُتيون گسي ويون، پر مجال آھي، جو ڪپتيا ڪوڙ کان بس ڪن! اسان جا وسيلا محدود ھئا، سو ڪپتين جي سٽ جھلي نه سگهياسين ۽ رسالو بند ڪرڻو پيو. جيڪو ڪم ورديءَ وارا نه ڪري سگهيا سو ڪپتين ايجنٽن ۽ لالچي پريس وارن ڪري ڏيکاريو.
رسالي جو بند ٿيڻ ڏکوئيندڙ ڳالھه ھئي پر مون کي ان دور ۾ جويي صاحب کي وڌيڪ ويجھڙائيءَ کان ڏسڻ جو موقعو مليو.
اُڀرندڙ ۽ اُسرندڙ اديبن، شاعرن، استادن ۽ شاگردن جِي سندن تحريري، تحقيقي ۽ علمي صحتمند سرگرمين ۾ دلچسپي وٺي، ھمت افزائي ۽ رھنمائي ائين ڪرڻ جيئن والدين پنھنجي ٻارن جي ڪندا آھن،جويي صاحب جي مِشن آھي. ڏات ۽ ڏاھپ جي ورکا ۽ ورھاست ڪرڻ ۾ استاد محترم کي خوشي ٿيندي آھي.
حالانڪ جويو صاحب پنھنجي سوچ، نظريي ۽ عقيدي جي حوالي سان تمام سخت گير آھي ۽ انھن ۾ لچڪ محال آھي، پر سنڌي ٻوليءَ جي خدمت، علمي ۽ تحقيقي ميدانن ۾ سندس رھنمائيءَ جي طلبگار، باوجود مختلف ۽ متضاد سوچن جي، ڪڏھين به مايوس نه ٿيندا. جويو صاحب پنھنجي علم ۽ قلم جي دولت سان مالامال آھي، پر افسوس ته دوستن جي سلسلي ۾ غريب آھي، جن سندس ڄاڻ مان کنيو ۽ کسيو ضرور آھي پر نه موٽايو آھي ۽ نه مڃيو آھي. پر استاد صاحب جي وسيع القلبي اھا آھي ته سدائين يڪطرفي دوستي ملھائيندو ٿو اچي. ڪيڏو نه اعليٰ ظرف آھي اسان جو ھي دانشور، ڪيترو نه شفاف شيشي وانگر اندر جو اُجرو آھي ھي اسان جو استاد محترم. جذبات جي افراط ۾ ”موتين“ بدران وينجھار لاءِ لکي ويٺو آھيان. اِن لاءِ ”مُٺ مُٺ موتين جي“ پڙھندڙن کان معافي ضرور وٺندس پر افسوس نه ڪندس.
اخبارون ۽ رسالا قوم لاءِ روشني آڻيندڙ درين ۽ دروازن مثل آھن.اِھي قومي باغيچي وانگر آھن. جن ۾ طرح طرح جي ساوڪ ۽ خوشبوءِ، گَل ۽ ڦل ھوندا آھن ، ۽ جيڪي سچ جو نياپو آڻيندا آھن. پر اھي خوبيون صرف مھذب ۽ منصف معاشري جون نشانيون آھن. ان جي برعڪس، جنھن معاشري ۾ ٻڪر ٻوساٽ، رياستي ڏھڪاءُ ۽ ڏاڍُ قانون جو لبادو ڍڪي معاشري جو تاڃي پيٽو تار تار ڪن، ته اتي ته اخبارون پھرئين ڌڪ ۾ ”ميان مٺو“ ٿي اُھو ئي ٻولين جيڪو سرڪار آکي. ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي رامجي وارن ٺڳن جي ٻيگهي متل ھوندي آھي. اِھي سڀ گڏجي رياءَ جي رسم پوري ڪندا رھندا آھن. صحافي سچ کي قيمتي شيءِ سمجھي لڪائي رکندا آھن ۽ ان جو استعمال ڪفايت سان ڪندا آھن؛ صحافت کي فائدي جو سودو، سٽي جو ڇڪو ، مصلحت ۽ مطلب جي حرفت سمجھندا آھن. پر ڪڏھين ڪڏھين ائين به ٿيندو آھي ته ’رڃ مان مورن جي رڙ‘ ايندي رھندي آھي.
’ماضيءَ جو مرسل‘ جنھن کي اسين تاريخ چئون ٿا، سا شاھدي ڏئي ٿي ته اڍائي هزار سال کن اڳ يونان جي شھر اٿينس ۾ تنھن زماني جو گامو سچار رھندو ھو. سندس نالو سقراط چون ٿا. ھيءُ حق گو انسان پنھنجي محدود ماحول ۽ لامحدود ڪائنات متعلق سچ جا ٻول ۽ احترام آدميت جي صداقت جي اذانِ، عوام خاص طرح نوجوانن ۾ بلند ڪندو رھندو ھو، جيڪا ڳالھه عِنانَ جي اَنا جي شريعت ۾ نه ھئي. بس پوءِ جبر، ڏمر ۽ قھر جا نيش ۽ نُنھن سچ جي چم ۾ ماس کي چيرڻ ۽ ڦارڻ لاءِ تکا ۽ تيز ڪيا ويا. سقراط ته زھر جو پيالو پي، جند ۽ جان جدا ۽ فدا ڪري ويو، پر ھڪ طرف ھو آزاديءَ جي اظھار ۽ سوچ جي اُڏام کي تاريخ ۾ دائمي مقام ڏيئي ويو، ته ٻئي طرف زھر ۽ پيالي کي رياستي دھشت جو نشان ڏيئي ويو. خدا ڄاڻي ته ھي وقت جا حاڪم جتي ڪٿي عقل جا انڌا ۽ اونڌا ڇو ھوندا آھن، جو ائين سمجھندا آھن ته ماڻھوءَ جو ساھه قبض ڪرڻ سان سندس خيالن کي به قيد ڪري سگهبو. سقراط ته اڄ به زنده آھي ، آباد آھي، آزاد آھي، پر بادشاھه ديماس ڪٿي آھي؟ اِھا تاريخ آھي، ماضيءَ جو مرسل آھي، ۽ مرسل ڪڏھن به ڪوڙ نه ڳالھائيندا آھن.
ھا، البت اُھو ڏينھن ۽ اڄوڪو. نيڪي ۽ بدي، سچ ۽ ڪوڙ، پرجا ۽ راجا متصادم رخن ۽ روين جِا راھي آھن. سو پاڪستان ۾ ائين ٿيندو رھيو آھي ته روشن خيال مست ۽ ملنگَ، مبلغ ۽ مصلح سقراط جي سنت تي ھلندا ٿا رھن، ۽ راجا ۽ راڻيون به پنھنجي بدعت کان بس نٿا ڪن.
جڳ مشھور فيلسوف روسو جو قول آھي ته ”آزاديءَ تان ھٿ کڻڻ انسانيت تان دست بردار ٿيڻ جي برابر آھي. راءِ جي آزادي کسڻ معنيٰ ماڻھوءَ جي عملن مان اخلاق کي نيڪالي ڏيڻ. آزادي ماڻھن ۽ قومن لاءِ قدرت جو تاحيات تحفو آھي، اھا فطرت جو مروج سڪو آھي، جيڪو جاري ۽ ساري رھڻ گهرجي.“
”مُٺ مُٺ موتين جي“ جناب جويي صاحب طرفان سقراط ۽ روسي جي شريعت لاءِ نذارانو آھي.
”ھي پيار ڪڻا ٿورا به گهڻا،
ڪَئي پِني آ پورت مون لوڪو!“ (اياز)

حيدرآباد سنڌ
مئي 2، 1992ع
جيئي سنڌ
پروفيسر عمر ميمڻ

 مُٺ مُٺ موتين جي

انساني معاشرو (يا سماج) جيڪو مھذب نظام کان خالي آھي، ۽ جتي قانون جي حڪمراني ڪانھي، اُھي نِراجيتَ (Anarchy) جي حالت ۾ ورتل معاشرو ھجي ٿو. اھڙي معاشري ۾ ڪو به قانون، سواءِ جھنگلي قانون (Law of Jungle) جي ڪونه ٿو ھلي. اُھو ھڪ وحشي معاشرو آھي . دراصل اُھو انساني معاشرو ئي ڪونھي. اُن کي وڌ ۾ وڌ ته به انساني درجي کان ھيٺ وارو (Sub_human)معاشرو چئي سگهجي ٿو.
اڄ پنھنجي ملڪ ۾ جنھن معاشري ۾ رھڻ تي اسين مجبور ڪيا ويا آھيون (ڇاڪاڻ ته اسان جا حڪمران آپيشاھه آھن ۽ پاڻ کي زور وارا، ۽ اسان کي ھيڻو ۽ ھِيچ سمجھن ٿا)، اُھو. اِن ئي طرح جو، انساني درجي کان ڪِريل، نراجيت جي حالت ۾ ورتل، ھڪ حيواني معاشرو آھي.
وحشي حيوانَ، زمين سان واڳيل يا پاڻيءَ ۾ وھندڙَ، پنھنجي جياپي لاءِ، نيم_ ڪُٽَنبِي درجي تي بيٺلَ، رڳو ھيڪاندي ڄم تي زور رکندي، ڪافي ڪجھه وَلَرن، ڌڻن ۽ ڪَٽَڪَن جي صورت ۾ ته رھن ٿا، پر مخالفَ يا مخالفن لاءِ، مُنھان مُنھِن ھجڻ طور، ھُنن وٽ وري به پنھنجي (گهٽ يا وڌ) حيواني زور کان سواءِ ٻي ڪا صلاحيت يا ٻيو ڪو مھذب ۽ معقول دليل ڪونه ھوندو آھي. ۽ اِن ڪري سندن سڄي دنيا سڏبِي ئي آھي ”نيشَن ۽ نُنھنِ“ (Tooth and nails)واري دنيا، ” چُھنبُن ۽ چَنبنِ“ (Beak and Claws) واري دنيا!
اسان جي ئي ھن ملڪ ۾، عيسوي سَنَ کان سَتَ سـؤ کن ورھيه اڳ واري ھڪ دور جي اھڙي ھڪ سماج کي تاريخ ۾ ”مڇيائون سماج“ (”Matsyanyaya“)سڏيو ويو آھي _ جتي، بنھه اسان جي اڄوڪي سماج وانگر، ڇڙواڳ مقابلي بازيءَ (Unbridled Competition)جو ھڪ ئي ”جھنگلي قانون“ ھلندڙ ھو، ۽ زور وارا چند ماڻھو ۽ سندن جوڙيوال ، خلق خدا جي عام اڪثريت کي، بنان ڪنھن جھلَ پلَ جي چَڪيندا، پٽيندا ۽ کائيندا رھندا ھئا _ تڏھوڪين لکيتن ۾ آيل ٻوليءَ ۾ : ”جتي وڏيون مڇيون ننڍين مڇين کي کائينديون ۽ ڳڙڪائينديون رھنديون ھيون!“
نراجيت جي اھا صورتحال ھميشه وڏين مڇين لاءِ _ وڏي پيٽ ۽ وڏيءَ طاقت وارن ”مانگر مڇن“ لاءِ سازگار رھي ٿي. ھو سدائين اُن صورتحال کي پوري پنھنجي زورسان قائم رکڻ جي ڪوشش ۾ رھندا آھن، ڪي به ماڻھپي جا قدر، ڪي به اُنھن جي بنياد تي آڌاريل ادارا _ سياست، مذھب يا تھذيب جي دائرن جا (اِلاھيات، روحانيت، اخلاق، عدل ۽ انصاف، ادب، فن، تعليم، ابلاغ وغيره جا)_ سڀ سندن اوڙھيل پاکرون ۽ بيس لِبيس ھُنن جي اُن انسان دشمن ڪوشش جي آڏو رڪاوٽ بڻجي نه سگهندا آھن. ھو پاڻ پنھنجي حيوانيت ۾ بيھوش بڻيا، آپيشاھي مفادن لاءِ، رڳو پنھنجي ھَٿِيَن طور، استعمال ڪندا رھندا آھن. تان جو اُن بي اصول، ھر قدر کان خالي، ڇڙواڳ حاڪمشاھيءَ جي نَرغي ۾ آيل صورتحال ۾، ڪا انساني شعورُ ۽ انسانيت جو درد رکندڙَ، اھل دل ۽ اھل وفا مَھندارپ (Leadership)اُٿندي آھي، ۽ خلق خدا جي عام اڪثريت جي راءِ جي ترجمان ھجڻ طور ۽ اُن جي اعتماد جي اَڌار تي، طاقت جي انڌ ۾ ورتلن اُنھن ظالمن کي ائين ليڪا لتاڙيندي ڏسي . سِرن پنھنجن تان اُھو کڻي، آڏو ايندي آھي، ۽ للڪاري چوندي آھي:
متا آھيو مَڇَ، ٿُلھا ٿا ڦونا ھڻو!
جيڪا ڀانيوَ آڇَ، تَنھن پاڻيءَ پُنَوَ ڏيھڙا!
انساني تاريخ ۾ انقلابن جون راھون ھميشه ائين کليون آھن، رت ۾ وھنتل انقلاب سدائين ائين آيا آھن_ پھرين به اُھي اِئين آيا، ۽ اڳتي به اُھي اِئين ايندا _ ڪو مڃي نه مڃي. ڏاڍُ ۽ ظلم قائم آھي، ته مظلوم ۽ محروم انسانَ پنھنجي آجپي لاءِ، ٻيو نه ته پنھنجين ’سراپائن‘جون ئي مشعالون جلائي، پاڻ پنھنجو تماشو ڏسڻ لاءِ ئي سھي، وڌي ميدان تي ايندا آھن، ۽ انقلابُ جو اچڻو ھوندو آھي، اُن جي سواگت ۾، ٻرندڙ شمعون بڻجي، قربانيءَ جو ناچ نچندا آھن ۽ پنھنجن امر شاعرن جا امر گيت ڳائيندا آھن._
پُري پتنگ آئيا، سِرِي سُھائي جَلَ،
ڪندا ڪنڌ اُڇَلَ، مٿو ڏيندا مچَ کي.
*
پُري پتنگ آئيا، سِرِي سُھائي ھيٺَ،
ٿيندا ڏيٺاريءَ ڏيٺِ، مٿو ڏيندا مچَ کي.
*
چڙھيو چڪاسِن چاءِ، آڳ ٻرندي آئيا،
وِھسنَ واڙيءَ ڦُلَ جئن، محبتي مچ لاءِ.
آڻـــــي پــــاڻَ آڙاءِ، کڻِــي کــــــوري وچ ۾. (شاھه)
نراجيت جي حالت ۾ ورتل معاشري جي رياست کي فريڊرڪ نِٽشي ”بُتُ“ سڏيو آھي، بلڪ ”نئون بُتُ“ _ ڇو ته ھڪ ته نراجيت جي موجودگيءَ ۾ رياستَ، ڪنھن به رياستَ، جو قانونن ڪو جواز ڪونه ھوندو آھي، ۽ وڌيڪ ھيءُ ته اُھا ھڪ کان وڌيڪ معاشرن تي قابض ھئڻ سبب پنھنجي جواز جي تلاش ۾ سڄي پنھنجي دائري تسلُطَ ۾ نراجيت جي سرپرستي ڪرڻ تي مجبور ھوندي آھي. اِن ڪري نِٽشي اھڙيءَ رياست ۽ نراجيت کي لازم ملزوم قرار ڏنو آھي. اسان جو معاشرو اھڙي ئي نوع جي ھڪ رياست جي ور چڙھيلُ آھي. اِنھيءَ ڪري اِن بابت نٽشي جو شھره آفاق مقالو ”نئون بُتُ“ اسان لاءِ پڙھڻ، غور سان پڙھڻ، ۽ سمجھڻ تمام ضروري آھي_ ۽ اُھو اِنھيءَ ڪري به، جو نٽشي اُن جي نه رڳو ھڪڙي ابلاغي اداري ، ”اخبار“، کي اُن جو غليظ باطن جو ”پِت ۽ قيءِ“ سڏي ٿو، پر سموري اُن جي ابلاغي نظام کي سڄيءَ اُن جي صحافت سميت، اُھو ڪوڙُ سڏيو آھي، جيڪو ھڪ زھرناڪ بلا وانگر ”سُرندو، اُن جي وات مان ٻاھر نڪري ٿو!“

”نئون بت“
”ڪٿي ڪنھن ھنڌ اڃا قومون ۽ ماڻھو آھن، پراسان وٽ نه آھن، منھنجا ڀائرو: ھتي اسان وٽ رياستون آھن.
”رياستون؟ رياستون ڇا آھن؟ چڱو، ھاڻي پنھنجا ڪن کولي، منھنجي ڳالھه ٻڌو، ڇاڪاڻ ته آءُ اوھان کي ھاڻي قومن جي موت متعلق پنھنجو فيصلو ٻڌايان ٿو.
”رياست نالو آھي بي حس راڪاسن مان ھڪ سڀ کان زياده بي حس راڪاس جو. ھو ڪوڙ به بي حسيءَ سان ڳالھائي ٿو؛ ۾ اُھو ڪوڙُ سُرندو اُن جي وات مان ٻاھر نڪري ٿو: ’مان، رياست، قوم آھيان!‘
”اِھو ھڪ ڪوڙ آھي! تخليق ڪارَ ھئا اُھي جن قومون تخليق ڪيون، ۽ انھن کي ايمان ۽ محبت جي چادر ڍڪايائون: ۽ ائين اُنھن زندگيءَ جي خدمت ڪئي.
”تباھڪارَ آھن ھِي، جيڪي گهڻن لاءِ ڄارَ پکيڙين ٿا، ۽ اُن کي ’رياست‘سڏين ٿا: اُنھن جي مٿان تلوار لٽڪائين ٿا ۽ آڏو سوين لالچون پکيڙين ٿا.
”جتي اڃا ماڻھو آھن، قومون آھن، اُتي رياست جي اِھا معنيٰ ڪانھي، بلڪ نظريي وانگر اُن کان نفرت ڪئي وڃي ٿي، ۽ اُن کي پنھنجن قانونن ۽ رواجن خلاف گناھه سمجھيو وڃي ٿو.
”آءُ اوھان کي ھڪ نُڪتو ٻڌايان ٿو: ھر قوم پنھنجي ڀَلي جي ۽ بُري جي ٻولي ڳالھائي ٿي: اُھا اُن جِي پاڙيسري قوم نٿي سمجھي، اُن پنھنجي ٻولي، پنھنجي لاءِ، پنھنجي قانونن ۽ رواجن ۾ رھي ايجاد ڪئي آھي. ”پر رياست ڀلي ۽ بري جي سڀني ٻولين ۾ ڪوڙ ڳالھائي ٿي؛ ۽ جو ڪجھه به وٽس آھي سو چوريءَ جو مال آھي.
”اُن جي ھر شيءَ کوٽي آھي، فريب آھي: چڪُ ھڻي ٿي، ته چوريءَ جي ڏندن سان، لِڪي؛ خود سندس پيٽ جا آنڊا به دوکي جا آھن.
”’ڀُلي ۽ بُري جي ٻوليءَ ۾ مونجھارو‘: اِھو نُڪتو آءُ اوھان کي رياست جي سڃاڻپ جي نشانيءَ طور ٻڌايان ٿو. سچ پچ، اھا نشاني موت جي خواھش ۽ موت جي ارادي جو دليل آھي! سچ پچ اِھا نشاني موت جي مبلغن کي اڳتي وڌي اچڻ لاءِ سڏي ٿي.
”گهڻا، تمام گهڻا، ماڻھو ڄمن ٿا: ۽ بي ضرورت ۽ زائد ماڻھن لاءِ رياست ايجاد ٿي.
”ڏسو، ھيءَ انھن کي، گهڻن _ تمام _گهڻن کي، ڪيئن ڌتاري ۽ لالچائي پنھنجي طرف سڏي ٿي! ڪيئن اِھا اُنھن کي ڳرڪائي ٿي، چٻاڙي ٿي ۽ اوڳاري وري چٻاڙي ٿي!
”ڌرتيءَ تي موت کان وڏو ٻيو ڪوبه نه آھي: مان ئي آھيان، جيڪا خدا جي منتظم آڱر آھيان‘ _ ھيءَ راڪاس ائين ٿو گجڪاري. ۽ اُن گجڪار جي آڏو رڳو ڪي ڪوتاھه نظر ۽ دراز گوش ماڻھو ئي سر بسجود ڪونه ٿا ٿين!
”افسوس! اي عالي دماغـؤ، خود اوھان جي ڪنن ۾ اِھا پنھنجا ڪارا ڪوڙ ڀري ٿي! اِھا اُھي وزني دليون به ڳولي ھٿ ڪري ٿي، جيڪي اُن جي چائنٺ ٿي پنھنجي رضا خوشيءَ سان سڀڪجھه لُٽائي ڇڏين ٿيون.
”ھائو، اِھا اوھان کي به ڳولي لھي ٿي، جن پُراڻي خدا کي جيتيو! اوھين، اُن معرڪي ۾ وڙھندي، ٿڪجي پيا، ۽ ھاڻي اُھا اوھان جِي نستائي ھِن نئين بُت کي ڪم اچي ٿي ۽ اوھين اُن جي ٻانھپ ۾ لڳي ويا آھيو!
”ھيءَ نئون بت وڏن وڏن سورمن ۽ عزت مابن کي ميڙي پنھنجي چوڌاري گڏ ڪرڻ جو ڏيک ڏئي ٿو! ۽ تمام گهڻيءَ نيڪ ضميرن جي اُس ۾ ويھي پاڻُ سيڪي ٿو _ اطمينان سان ھي سرد راڪاس!
”ھر شيءِ، ھيءُ نئون بت، اوھان کي ڏيندو، بشرطيڪ اوھين اُن جي پوڄا ڪريو: ائين ھيءُ اوھان جي نيڪيءَ جي رونق ۽ اوھان جي پُروقار اکين جي چمڪ اوھان کان خريدي ٿو.
”اھو اوھان جي وسيلي گهڻو _تمام _ گهڻن کي ڀنڀلائي پنھنجي پاسي ڪرڻ ۾ لڳو رھي ٿو. اِھو ھڪ جھنمي سَنجَٽُ انھيءَ ريت اڏيو ويو آھي _ ھڪ موت _ جو _ گهوڙو، الاھي اعزازن جي وڄندڙ گهُگهروئن سان جھنجھيل!
”ھائو، عام خلق لاءِ، گهڻن _تمام_ گهڻن لاءِ ائين نسورو ھيءُ ھڪ موت ايجاد ڪيو ويو آھي، پر پاڻ کي زندگي سڏي، اِھو پاڻُ واکاڻي ٿو ۽ چـؤڦير جس وٺي ٿو: تحقيق وڏي دعوت آھي ھيءَ، موت جي مبلغن لاءِ!
”آءُ اِن کي اسٽيٽ (State) [يعني مَسندَ، گادي] سڏيان ٿو، جتي، سڀيئي، ڀلا ۽ برا، زھر جو پيالو پيئن ٿا: جتي سڀيئي، ڀلا ۽ برا، پاڻُ وڃائين ٿا: جتي سڀ کان ڍرو خودڪشيءَ جو عمل ”زندگي“ سڏجي ٿو.
”ڏسو، ھنن غير ضروري، زائد ماڻھن کي سڏيو! ھي ڏاھن جا خزانا ۽ ايجاد ڪندڙن جون ايجادون چورائين ٿا. پنھنجي اُن چوريءَ کي ثقافت سڏين ٿا_ ۽ ھر شيءِ اُنھن جي ھٿ ۾ بدلجي، محض بيماري ۽ بدبختي بڻجيو پوي.
”ڏسو، ھِن غير ضروري، زائد ماڻھن کي ڏسو! بيمار روح آھن اِھي سدائين ؛ پنھنجو پِت قيءِ ڪري ڪڍن ٿا، ۽ اُن کي ھو ’اخبار‘ سڏين ٿا. ھڪٻين کي ھو ھڙپ ڪن ٿا، ۽ ھڪٻين کي ھو ھضم به نٿا ڪري سگهن!
”ڏسو، ھِن غير ضروري، زائد ماڻھن کي ڏسو! دولت ھو حاصل ڪن ٿا؛ ۽ اُن سان ھو وڌيڪ غريب ٿا بڻجن. ھي بي _ سَتا طاقت ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا _ اُن کان به وڌ، ھو طاقت جي ڪُنجيءَ پٺيان _ پئسي پٺيان، وڌيڪ پئسي پٺيان _ ڊوڙون پائين ٿا.
”اِنھن تيز باندرن کي مٿي چڙھندي ڏسو! ھڪٻين کي لتاڙيندا، ھڪٻين تي ليٿڙندا، پاڻ ۾ وڙھندا، سِڌا گپ ۽ ڪِن جي کَڏَن ۾ ڪرندا ٿا رھن.
”سڀيئي مَسندَ ڏانھن وڌڻ جي جاکوڙ ۾ لڳل آھن: ڇا نه ديوانگي آھي اِنھن جي! ڄڻ خوشي ۽ سک مَسندَ تي ھُنن لاءِ آتا ويٺا آھن!
”پر مَسندَ تي، گهڻو ڪري، ته گندئي ويٺل ھجي ٿو_ ۽ گهڻو ڪري مَسندَ خود به گند تي ويٺل ھوندي آھي!
”مون کي اِھي سڀ پاڳل نظر ٿا اچن، بازوليون ڏيندڙ باندر ٿا ڏيکارجن _ بيحد بي صبر ۽ بدحواس، مون کي اِن سندن بت مان، اِنھيءَ سرد راڪاس مان، بدبوءِ ٿي اچي: اِھي سڀيئي اِن جا پرستار پاڻ به فقط بدبوءِ ئي ڦھلائين ٿا.
”منھنجا ڀائرو، اوھين اِنھن جي پيٽن جي بدبودار بخارن ۽ بک جي ولوڙن ۾ گهُٽجي مري ويندا. چڱو آھي ته بدبوءِ جي اِنھيءَ چـؤديواريءَ جون دريون ڀڃي، ٽپو ڏيئي، ٻاھر کليءَ ھوا ۾ نڪري اچو!
”اِن بدبوءِ جي سڄيءَ پھچ کان ٻاھر نڪري اچو! آءُ چوان ٿو ته، اِنھن غير ضروري، زائد، ڪچري ۽ ڪِن جي گندن جي پوڄا ڇڏي ڏيو!
”اِن بدبوءِ جي سڄي پھچ کان ٻاھر نڪري اچو! انساني ٻَليُن جي اِنھيءَ زھريلي دونھانٽ کان بچو ۽ نڪري ٻاھر ٿيو.
”اعليٰ دلين لاءِ پنھنجيءَ زمين جون وسعتون اڃا به کليل آھن. تنھا _ دل جا ڪيترائي گوشا اڃا خالي پيا آھن، جتي سانتيڪن سمونڊن جون ھٻڪار ڀريل ھيرون گهُلي رھيون آھن.
”اعليٰ دلين لاءِ اڃا به آزادگيءَ جا دڳ کِليل آھن. سچ ته جنھن وٽ جيترو گهٽ اوترو وڌ اُھو آزاد، جيترو ڪو گهٽ قابض اوترو گهٽ ھو مقبوض: مبارڪ آھي وچٿري غريبي!
”جتي رياست ختم ٿئي ٿي، فقط اُتان ئي اُن انسان جو وجود جي اتدا ٿئي ٿي، جو زائد نه آھي، غير ضروري نه آھي. اُتان ئي ضروري انسانن جو. اصلي انسانن جو، گيتُ شروع ٿئي ٿو، واحد ۽ بي بدل نغمو!
”منھنجا ڀائرو، اُتي، اُن ھنڌ تي نظر رکو، جتي رياست ختم ٿئي ٿي! اوھان کي اِنڊلٺ جا رنگ ۽ فوق البشرَ، آزاد انسانن، جون پُليون ڏسڻ ۾ نٿيون اچن؟“_
اَسِيءَ جي ڏھاڪي تائين ايندي ايندي، ڪن دوستن جي اندازي مطابق اِئين پئي ڏٺو ويو، ته اسان جي تاريخي قوم، اسان جو اشراف پُرامن معاشرو، اسان وٽ نٽشي جي اُن ”نئين بُت “_ ”اُن بي حس راڪاسن مان ھڪ سڀ کان زياده بي حس راڪاس، جيڪو ڪوڙ به بي حسيءَ سان ڳالھائي ٿو“_ جي زھريلي نيشن جي پھچ تائين رَسي ويو ھو يا رسڻ وارو ھو. پوءِ اُنھن اِھو ارادو ڪيو ته پنھنجي قومي وجود جي بچاءَ لاءِ اسان جي باخبر ۽ ڄاڻو حلقن _ باشعور اديبن، استادن، صحافين، وڪيلن، ڊاڪٽرن ۽ ٻين حساس ۽ دردمند حلقن جي ھٿان جيڪي گهڻ_ طرفيون ڪوششون ٿِي رھيون آھن، اُنھن ۾ وڌيڪ ھڪ ننڍيءَ نماڻيءَ ڪوشش جو به اضافو ڪيو وڃي. ۽ اھڙيءَ طرح، جُون 1984ع جي 21 تاريخ تي ھفتيوار ”ھدايت“ کي جاري ڪيو ويو. اُن جي اشاعت پوءِ نومبر 29، 1984ع تائين ھلي سگهي، ۽ پوءِ ڪافي ڪن اڻ ٽر ۽ حل ٿي نه سگهندڙ مجبورين سبب اُن کي بند ٿيڻو پيو.
ھيءُ اسان جي لائق پڙھندڙن جي خدمت ۾ اُن ھفتيوار ”ھدايت“ جي پنجن مھينن جي لاڳيتي ءَ اشاعت ۾ آيل مواد جي چونڊ لِکيتُن جو ھڪ نذرانو آھي، جيڪو پيش ٿي رھيو آھي. ھِن چونڊ مواد ۾ ڪي ڳالھيون اھڙيون ضرورآھن، جيڪي بار بار پڙھڻ ۽ سوچڻ جھڙيون آھن. اسان جي مظلوم ۽ محروم قوم جي غلاميءَ ۽ بيچارگيءَ جي حالت تحقيق ويرؤن وير وڌ آھي. عين ممڪن آھي ته قومي نجات جي چند ڳالھين جي ھِن مجموعي ۾، جنھن کي وڏي سڪ ۽ دل جي پاٻوھه سان ”مُٺ مُٺ موتين جي “ نالو ڏنو ويو آھي، ڪا ھڪ ڳالھه اھڙي ھجي، جا اسان جي ڪنھن ھڪ ئي مھربان پڙھندڙ کي ايترو ڪجھه متاثر ڪري، جو ھو پنھنجو وطن ۽ قوم لاءِ نٽشي جي تصور وارو ’فوق البشر‘ ثابت ٿئي! تحقيق اسان کي اڄ ڪنھن اھڙي، ڪن اھڙن، فوق البشر (يعني ماڻھوءَ کان ڪجھه مٿڀرو)، آزاد مردن جي ضرورت آھي، جيڪا قوم سان ساڻ رھي، قوم کي ساڻ وٺي اڳتي وڌي، ۽ قوم جي پُنَرجنم (حيات نـؤ) جي ضمانت بڻجي سگهي. تحقيق اسان مان ھر ھڪ کي اڄ پنھنجي قومي شاعر شيخ اياز جي امر لفظن ۾ جيڪي اسان لاءِ اسان جي تقدير جي چتاءَ جا ئي لفظ آھن، اٿندي ويھندي، ستي جاڳندي، ائين ئي سوچڻو آھي ته پنھنجي قوم ۾ وطن لاءِ پاڻ کي ڪجھه ڪرڻو آھي. يا مرڻو آھي _ ڇو ته
ھيءُ جو منھنجو مچ آ
اڄ جي اُجھاڻو
صديون رھندو سيءَ ۾
گهرُ گهرُ گهراڻو!(اياز)
متان ائين ٿئي، جو وقتَ وِئي؛ پڇتاءُ ۾ ، اسان مان ڪنھن کي ائين پاڻ کي ملامت ڪرڻي پوي:
ڪجِي جئن ڪيچين لئه، تئن تان ڪِينَ ڪيوءِ
وڃائي وڌوءِ، وک نه کنيئه ھڪڙي!
(شاهه)
حيدرآباد سنڌ. _ محمد ابراھيم جويو
1 مئي 1992ع


ھِن ڪتابچي ۾ ”اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم“ جي عنوان ھيٺ، پنھنجن خيرطلب ۽ دانشمند بزرگن ۽ سڄڻن جِي پختي راءِ ۽ نيڪ صلاح پيش ڪئي ويئي آھي، ته اسان کي پنھنجي اِھا ٻين جي سڻڀي گراھه بڻجي وڃڻ جي قسمت قبول ڪانھي، ۽ اِن انڪار ۾ اسين دين، سياست تعليم ۽ ھر علمي ۽ صالح نظرياتي صداقت سان پوريءَ طرح سچا آھيون ۽ سچا رھنداسين.


اسان جي ٻولي اسان جي تعليم
معاشري ۾ فرد جي ڳالھه ھجي يا قومن جي برداريءَ ۾ ڪنھن قوم جِي، ھيڪلي ۽ ننڍي ھستي ھميشه پيارُ چاھي ٿي. ڀروسو چاھي ٿي ۽ مانُ چاھي ٿي _ ڇو ته اُن کي پنھنجو جيئڻ عزيز آھي. پر جڏھن اُن تي پڌرو ٿي وڃي ٿو ته اُن سان پيار نه پر ڳَلٿو ٿئي ٿو، اُن تي ڀروسو نه پرشڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ اُن جو مانُ نه پر اُن سان ڌﺂنسَ روا رکي وڃي ٿي _ ۽ اُھو سمــــورو وقت، اُن جي اُپت ۽ اِثاثــــي، وسائـــــل ۽ ورثــــي ۾ ئي ڏاڍي پکَ جـــــي ھَوَسناڪ اک کُتـــــل آھــــــــي _ تڏھـــــن اُھا ’معاشري‘ کان ’برداريءَ‘کان، مُنھن موڙڻ تي مجبور ٿئي ٿي، ۽ پنھنجي جيئاپي لاءِ آراڌا ۽ الڳ جتن ڪري ٿي. اھڙيءَ ڪيفيت جو آخري ۽ واحد عنوان ھيءُ بڻجي ٿو ته اُن جي ڪابه ڳالھه نٿي ٻُڌجي، اَڌ ٻُڌجي ٿي، ۽ غلط ٻُڌجي ٿي، ۽ ڪڏھن به نٿي مڃجي _ ايتري قدر، جو اُن کي يقين ٿي وڃي ٿو ته سواءِ زور جي معاشري يا برداريءَ کان اُن کي حق ملڻو نه آھي. ان حالت ۾ معاشري يا برداريءَ ۽ اُن ننڍيءَ ھستيءَ جي وچ ۾ ويڇي ۽ ڌاريائپ جي فولادي ڀت اُڀي ٿي وڃي ٿي، ۽ پوءِ اُھا آراڌي انساني ھستي، فرد جِي يا قوم جي، پنھنجي ذات ۾ پاڻ ئي جدا ھڪ ’معاشرو‘، جدا ھڪ ’برداريءَ‘، بڻجي پوي ٿي: ۽ پوءِ موٽ ۾ زور جي عمل سان اُھا انفراديت ۽ اُھا قوميت وري ڪڏھن مات نٿي ٿئي _ سواءِ اِن صورت جي، جو مِٽجي وڃي يا پاڻُ ميٽي ڇڏي. اھڙي خودشناس ۽ باشعور انفراديت يا قوميت (جيسين پاڻُ نٿي ميٽي، تيسين) پنھنجي ذات ۾ ھڪُ پاڻ زورو ڪرشمو، ھڪ پاڻ_ پوري قدرت بڻجي جيئي ٿي، يعني فقط خود_ اراديت جي شرط تي، ۽ اُن جي وجود جو ڪُل انساني برادريءَ جي وجود ۾ پوءِ مستقل ۽ مساوي حصو قائم رھي ٿو.
سنڌي معاشري ۽ سنڌي قوم کي به تاريخ ۾، ڪافي ڪجھه وقت، دنيا جي ٻين اڪثر معاشرن ۽ قومن وانگر، ڌارين جي تسلط ھيٺ، اِن طرح جي ڳلٿي، تشڪيڪ ۽ ڌؤنس جو نشانو بڻجي رھڻو پيو آھي. اڄ به اُن جي ڪنھن حقي ڳالھه کي ٻُڌو نه ٿو وڃي، اَڌورو ٻُڌو ٿو وڃي، ٻجھي غلط ٻڌو ٿو وڃي، ۽ ھرگز مڃيو نٿو وڃي. اڄ به اُن جي اَنيڪ جائز قومي تمنائن سان گڏ، جيڪي اُن جي وجود جي بقا لاءِ لازمي آھن، اُن جي پنھنجي قومي ٻوليءَ جي جائز امنگن ۽ حقن کي، ڏٺن وائٺن ڳلٿي ۽ ڌؤنس جي اقدامن سان دٻائڻ جي ساڳيءَ اُنھيءَ جارحانه ۽ قابضانه پاليسيءَ تي عمل ٿي رھيو آھي. سنڌي اديبن ۽ فنڪارن کي حرصائي، ’علائقي‘بي آب و گياھه پَٽَن مان ڪڍي، ’قومي‘ سرسبز چراڳاھن ڏانھن نيو وڃي ٿو؛ سگهارن ابلاغي ذريعن _ پريس ريڊئي، ٽيليويزن_ کان، ’علاقائي‘ ٻوليءَ کي پرڀائي ۽ ڌتاري رکڻ ۽ ’قومي‘ ٻوليءَ کي آڍي مکي، وڏو ڪري، مُلڪن ۽ ماڻھن مٿان مڙھڻ جو ڪم ورتو وڃي ٿو؛ مملڪتي سھولتن ۽ موقعن کي _ ادارائي، تنظيمي، تعليمي، ۽ پڻ تعليمي دائرن ۾ _ ’قومي‘ ٻوليءَ جي سلطاني رتبي کي وڌائڻ ۽ مڃائڻ لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو ته ڀل ته اُھا پنھنجي مُنھن مِٽيءَ ۾ ليٿڙندي رھي؛ ھٿراڌو نظرياتي تبرڪات ۽ تعقيدات جي آڙ وٺي، ھڪ ساھيءَ ۾ مذھب کي قوم جو واحد اِساس چئي، ’علاقائي‘ ٻوليءَ جي نظراندازيءَ جو جواز، ۽ ٻيءَ ساھيءَ ۾ ٻوليءَ کي قوم جو ٻيو اِساس چئي، قومي ٻوليءَ جي تقديس جو جواز موجود ڪيو وڃي ٿو، ۽ اِئين اسين جيڪي پنھنجي مادري ٻوليءَ کي قومي ٻولي مڃون ٿا تن کي خلاف _ مذھب ۽ ملڪ _ دشمن، قوم _ دشمن، چئي، تشڪيڪ ۽ ڌؤنس جي نشاني ھيٺ رکيو وڃي ٿو، ته جيئن اسين خاموش رھون. پيش پئون، ۽ پنھنجي انفراديت، پنھنجي قوميت، پنھنجي انسانيت تان ھٿ کڻون، ۽ معاشري ۾ ، قومن جي برداريءَ ۾، ڏاڍن جي شڪم _ پُري لاءِ نرم نرم ۽ سڻڀو گراھه بڻجون.
ھن ڪتابچي ۾ ”اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم“ جي عنوان ھيٺ، پنھنجن خير طلب ۽ دانشمند بزرگن ۽ سڄڻن جِي پختي راءِ ۽ نيڪ صلاح پيش ڪئي ويئي آھي، ته اسان کي پنھنجي اِھا ٻين جي سڻڀي گراھه بڻجي وڃڻ جي قسمت قبول ڪانھي، ۽ اِن انڪار ۾ اسين دين، سياست، تعليم ۽ ھر علمي ۽ صالح نظرياتي صداقت سان پوريءَ طرح سچا آھيون ۽ سچا رھنداسين.
اُميد ته خيالن جي ھيءَ ياداشت، جيڪا خاص طرح سنڌي ٻارن ۽ نوجوانن جي مائٽن ۽ استادن، ۽ سنڌ جي تعليم دانن ۽ تعليم ڪارن، ۽ تعليمي عملدارن ۽ اعليٰ حڪومتي اختيار جي صاحبن جي توجهه لاءِ شايع ڪئي ويئي آهي _ اُهي اسان جا عزيز، دوست ۽ ڪرم فرما سڀ ڌيان سان پڙهندا، ويچاريندا ، ۽ جي اُن سان متفق ٿين ته اُن کي، پنهنجي پنهنجي دائري ۾، عمل ۾ آڻڻ جا پورا جتن ڪندا_ اهوئي اسان لاءِ اسان جي هِن نماڻي محنت جو لائق صدتحسين عوض ٿيندو.
حيدرآباد _محمد ابراهيم جويو
24_آگسٽ،1985ع