"> ڳالهيون ڪتابن جون


ماڻهوءَ جو ڀاڳ

محمد ابراهيم جويو

پبلشر پاران

سائين جي. ايم. سيد. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، شيخ اياز ۽ محترم ابراهيم جويو صاحب سنڌ جي سياست، تاريخ ۽ ادب جا چار وڏا چمڪندڙ روشن ستارا آهن. جن جي روشنيءَ جي شعائن ويهين صديءَ کي هر لحاظ کان روشن ۽ منور ڪيو آهي. دراصل، اهي چارئي عظيم شخصيتون سنڌ جي شناخت، آزاديءَ ۽ بيداريءَ جا روشن مينار آهن، جن پنهنجي اڻ ٿڪ ڪوششن ۽ محنتن سان سنڌ جي ماڻهن ۾ جيڪا جاڳرتا ۽ ساڃاهه پيدا ڪئي آهي، اها صدين تائين يادگار رهندي. انهن چئني قدآور شخصيتن مان محترم ابراهيم جويو صاحب پڻ هڪ گهڻ رخ عالم، اديب ۽ تعليمي ماهر آهي. جنهن سنڌ جي ماڻهن ۾ تعليم جي روشنيءَ سان گڏ سنڌي زبان ۽ ادب جي لاءِ پڻ تمام گهڻي جاکوڙ ۽ محنت ڪئي آهي.
محترم جويي صاحب جي علمي ۽ ادبي پورهيي جو ڪو ڪاٿوئي ڪونهي. پاڻ پنهنجي زندگيءَ کي سجايو ۽ سڦلو بنائڻ لاءَ هر وقت سنڌي زبان جي خدمت ۾ رڌل رهيو آهي. سندس ڇپيل مواد کان سواءِ مختلف موضوعن تي ٻيون ڪيتريون ئي تخليقي شيون اڃا به قلمي صورت ۾ وٽس موجود آهن. جنهن کي سنڌي قوم جو وڏو قيمتي اثاثو سمجهي ڇپرائڻ گهرجي.
آءٌ سائين جويي صاحب جو بيحد شڪر گذار آهيان، جنهن پنهنجي ڪهاڻين/ آکاڻين (طبعزاد/ ترجمو ٿيل) مضمونن ۽ شاعريءَ جو مجموعو ”ماڻهو جو ڀاڳ“ ٻئي اشاعت لاءِ اداري جي حوالي ڪيو.
هن کان اڳ هي ڪتاب سن 1980ع ۾ سسئي پبليڪيشن، سلطان آباد طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو هو. هن نئين ايڊيشن ۾ محترم جويي صاحب جي خواهش مطابق سندس ڪجهه ٻيا مضمون به شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي وڏي اهميت جوڳا آهن، ان کان سواءِ سندس هڪ ڪهاڻي ”ٽنڊڻي جو روح“ (سائنسي نوعيت جي ڪهاڻي) به ڪتاب ۾ شامل ڪئي ويئي آهي.
اميد ته هن ڪتاب ۾ آيل سمورو مواد پڙهندڙن کي پسند ايندو. اهڙيءَ طرح سان اسان جي آئينده به اهائي ڪوشش رهندي ته اوهان کي معياري ادب سان روشناس ڪرايون.

سڪندر ملاح
مارئي اڪيڊمي
سڪرنڊ/ حيدرآباد، سنڌ
 

مهاڳ

1. ڪتاب ۽ ڪڻڪ جي رکي ماني:
مان نه ٿو سمجهان ته پڙهندڙ هڪدم قبول ڪندا ته ڪنهن به ڪتاب جو رکيءَ مانيءَ سان به ڪو لاڳاپو هوندو آهي. پر مان ڪتاب ”ماڻهوءَ جو ڀاڱ“ تي پنهنجو مهاڳ هن لاڳاپي سان جي شروع ڪريان ته چڱو.
ڏاڪڻيون چڙهي چڙهي، جڏهن هڪ ڪمري ۾ بنهه حيدرآباد جي مٿان، تلڪ چاڙهيءَ جي چوٽيءَ تي، پهچبو هو، تڏهن هڪڙو شخص سرخ چهرو ۽ اڇا وار وٺي اسان کي بي تڪلفيءَ سان کيڪاريندو هو ۽ پوءِ يڪدم سنجيدو ٿي ويندو هو. هر شخص هن لاءِ هر روز نئون هوندو هو. ان ڪري پهريائين ته هو سوچيندو هو ته اڄ هن جو پرابلم (Problem) ڪهڙو هوندو، يا هن سان اڄ ڪهڙو طريقو اختيار ڪجي، يا اڄ هو منهنجي باري ۾ ڇا ٿو سوچي.
چوڻ لڳو: ”ماني به تيار آهي، اڳ ۾ تون به ٻه گرهه وجهه، ته پوءِ ٿا ڪريون ڳالهه ٻولهه“. مان بس ڪري ويهي رهيس، ماني آئي، انتهائي انڪساريءَ سان پاڻ پاڻي به کڻي آيو ۽ اسان ان ڏينهن پهريون ڀيرو گڏجي کاڌو. مان گرهه ڀڃي، ٻوڙ مان ٻوڙي کائڻ شروع ڪيو، ۽ هن ”همراهه“ گرهه ڀڃي، رکوئي وات ۾ وڌو. ساڳيءَ ريت جڏهن هن ٻيو گرهه به وات ۾ وڌو ۽ ٻوڙ کي ڏٺائين به ڪونه، تڏهن مان به چپ چوريا: ”توهان رکي ماني ٿا کائو ڇا!“ ”هائو، پوءِ ڇا ٿي پيو! ڪڻڪ جي رکي ماني ۽ تازي ۽ اٽو سٺو ۽ وري ان کي گهڻو چٻاڙي رکو ئي کائجي، ته سچ پچ ته ڏاڍو لطف ٿو اچي، توهان منهنجو خيال ئي نه ڪريو، کائيندا رهو. آءٌ به توهان سان ويٺو ٿو کاوان.“ مون ٿورو کٽاڻ به کاڌي ۽ پٽاٽن جا ٻٽي ڳترا به کائي ويس. تڏهن چوڻ لڳو: ”مان توهان کي تڪليف ڏيڻ لاءِ به سوچي رهيو آهيان. منهنجون ڪي لکڻيون آهن جيڪي گهڻو ڪري ڇپيل آهن، پر سنگت جو خيال آهي، ته انهن کي يڪجاءِ ڪري ڇپايان. توهان جو خيال ڇا آهي. ڀا!“ ”ڪم ته چڱو ٿيندو پر توهان ايترن ڪمن ۾ هٿ ڪيئن ٿا وجهو!“ چوڻ لڳو: ”انسان جي ڀاڳ جو سوال آهي، آءٌ رکي ماني جو مزو به وٺندو رهيو آهيان ۽ سڄي عمر اڄ تائين ڪم به ڪندو رهيو آهيان.“ رخ بدلائي چوڻ لڳو: ”خير، پر هاڻي توهان جي صحت گهڻي سڌريل ٿي ڏيکارجي. خيال پوءِ به ڪندا رهجو.“ ”منهنجي لاءِ ڪو حڪم آهي ڇا؟“ ”وري به صلاح ڪبي، پر شايد اهڙي ڪنهن مجموعي تي توهان کي لکڻو پوي.“ دل ۾ چيم ڪٿي ٿيو ڪوهيار، ڪٿي ٿي هٿڙا هڻي! لڳ ڀڳ ٻن سالن کان پوءِ هاڻي ڇپيل ڪتاب جي ڊمي مون ڏي موڪلي، لکيو اٿن ته ”هن ڪتاب جو نالو ڪو ٻيو به رکي ٿو سگهين.“
پر مان هن ڪتاب جي نالي جي باري ۾ مصنف جي حق کي افضل ۽ پنهنجي پهچ کان مٿي سمجهي، اهوئي چئي ٿو سگهان ته ماڻهوءَ ۽ ان جي مستقبل جي سوال کان وڌيڪ وڏو سوال ڪوبه منهنجي سامهون نه آهي، ان ڪري به هيءُ نالو رهي. البت لفظ ”ڀاڳ“ جي باري ۾ خدشا پيدا ٿي سگهن ٿا، جو ڀاڳ مان مراد قسمت به ورتي ويندي آهي. رنڊا روڙيندي، مان هن سوال سان پاڻ به دلچسپي جو اظهار ڪندس، پر اسان هن سوال جو موزون جواب ڏيئي سگهنداسون به يا نه، اهو سوال هڪ کليل سوال ۽ اهم ترين سوال آهي. ۽ جويو صاحب پاڻ هن سوال کي هر شخص لاءِ کليل ٿو سمجهي. قابل مصنف پاڻ به هن سوال جو جواب ڏيئي ٿوسگهي، ۽ هو پهريائين آزاديءَ کي انسان جو مستقبل، مقدر ۽ ”ڀاڳ“ ٿو سمجهي. ۽ چوي ٿو ”آزاد آ انسان!“ پر ڇا، انسان جي تاريخ هن جواب جي حمايت ڪري ٿي ته انسان جو مقدر ۽ انتها آزادي آهي ۽ انسان آزاد هستي آهي؟
وجوديت، ماحوليت ۽ جبريت (Determinism) جهڙا فلسفا قابل احترام مصنف جي خيال سان اتفاق ڪونه ٿا ڪن. اهڙيءَ ريت روسو جهڙا دانشور به انسان کي هر هنڌ غلام ٿا سمجهن. والٽيئر، جيڪو آزاديءَ کي هر شيءِ کان مٿي ۽ مقدم ٿو سمجهي. اهو آزاديءَ کي آفيم جي گوليءَ جيان خواب خياليءَ ۽ عيش ڪوشيءَ جي خيالي تصوير ٿو ڏئي ۽ ان جي حصول جي راهه ۾ ڪا مدد ڪانه ٿو ڪري. فقط متنبي ۽ امراءَ القيس، خوشحال خان خٽڪ ۽ هيمنگوي ۽ ٿوريو (Thoreu) جهڙا لڙاڪو اهو ادبي فيصلو ڪري ٿا سگهن ته آزادي ڇا آهي ۽ ڪيئن ٿي حاصل ٿئي. شاهه عنايت صوفي، دولهه دريا خان، شهيد اعظم هوش محمد ۽ مخدوم بلاول هن ڏيهه ۾ آزاديءَ جي ڪنهن نه ڪنهن تصور سان ٻڌل هئا: پر هيءُ ڪتاب اهڙيءَ ڪنهن به ڪوشش ڏانهن توهان جو ڌيان ڪونه ٿو ڇڪائي. جو هو اديب نه هئا ۽ هنن ان سوال جو جواب اکرن ۾ اسان لاءِ ڪونه ڇڏيو آهي.

2. مواد:


هيءُ ڪتاب جويي صاحب جي ڪن آڳاٽين تحريرن جو مجموعو آهي، جن ۾ ٻه ناٽڪ، پنج ”هڪ ڏينهن جون ڳالهيون“ ۽ وڌيڪ لوڪ ڪهاڻيون آهن جيڪي ملڪ جي عام ماڻهوءَ ۽ ٿوري پڙهيل ماڻهوءَ لاءِ افسانن جي انداز ۾ لکيون ويئون آهن. هڪڙي آکاڻي ”ماڻهو ۽ ماڻهوءَ جو ڀاڳ“ به هنن ۾ شامل آهي.
3. ماڻهوءَ جو ڀاڳ:
سو هيءَ آهي اها تحرير، جنهن تي لکڻ لاءِ تمام آڳاٽو ئي مون کي خبردار ڪيو ويو هو. ڪتاب جو نالو ”ماڻهوءَ جو ڀاڳ“ آهي، مون هن کان اڳ ۾ هڪڙو ڪتاب ”هيومن ڊيسٽني“ (Human Destiny) به پڙهيو آهي پر هيءَ ٻي شيءِ آهي. خبر نه آهي ته لائق مصنف ان ڪتاب تي ڪٿي نظر وڌي آهي به يا نه. پر ان ڪتاب جي ڪاڳرن تي انسان جو وڏو ۾ وڏو سوال اهوئي آهي ته ”انسان جي مقدر ۾ ڇاهي يا انسان جي انتها ۽ انجام ڪهڙو ٿيندو؟“ هر ڪو ڄاڻي ٿو ته هن سوال جا جواب هڪ کان وڌيڪ ٿين ٿا. بهشت، دوزخ، ڏک، موت، مفلسي، محتاج، تابعداري، شاهوڪاري، عيش، سڪون، ۽ عذاب هي سڀ جواب آهن. ۽ ڏنا ويا آهن. پوءِ آخر مٿاڪٽ ڇاجي آهي؟ رڳڙو رڳو اهو آهي ته انهيءَ لائق مصنف سوال کي پنهنجي تجربي ۽ دنيا جي ادبي معيارن ۾ اضافي سان گڏ سمجهائڻ ٿي گهريو. ته جيئن اهڙي وڏي سوال جو ڪو جواب به تلاش ڪري سگهجي. سائين جويو ”ڪوزه گر“ ناهي ۽ نه ئي ”بت تراش“ آهي، هو ”انسان تراش انسان“ بڻيو رهيو آهي ۽ هن طرح هن سڄو پورهيو جنهن ۾
ڦٽيا پير فقير جا، چڙهندي چاڙهاڪا،
هين جيءَ اندر جا ڪا، ويا پڄائي پنهنجي (شاهه)
ڪيوئي انهيءَ لاءِ آهي ته ههڙي وڏي سوال جو جواب ڪو عام ماڻهو به ڏئي، پاڻ هن سوال سان وچڙيو ئي ناهي.
دنيا جي عالمن جهڙوڪ ولي برانٽ، ٽئائن بي، گبن ۽ راڌا ڪرشنن وٽ توڙي برٽرائڊ رسيل وٽ هي سوال خاصو اهم هو، پر ڪنهن به عالم هن سوال جو جواب سڌو سنئون ڪونه ڏنو. توڙي جو هيءُ سوال علوم عمرانيءَ جي بنيادن تي آڻڻ گهربو هو. انهن وٽ به هي سوال انهيءَ صورت ۾ اچي نه سگهيو جيڪا انسان ذات جي لاءِ ڪم نصيبيءَ جي ڳالهه آهي. گبن انسان جي تاريخ نه پر روم جي بادشاهن جي تاريخ لکي ۽ اها به اصل ۾ پنهنجو موضوع زوال کي ٿي بڻائي. جنهن سان سڄي انسان ذات جي مستقبل جي باري ۾ راءِ قائم ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي. وري اها به حقيقت آهي ته ملڪن ۽ قومن جي آزاديءَ جو سوال سياسي آهي. جنهن جي پويان انسان جون عجيب ۽ غريب اٽڪلون آهن. ان ڪري هن سوال کي به انسان جي آزاديءَ جي سوال سان ڳنڍي نه ٿو سگهجي. پاڻ ان خيال کان. يعني سياسي طور، آزاد ملڪ وڌيڪ پرماري ۽ وڌيڪ ايذائيندڙ ٿيندا ٿا وڃن.
هن پس منظر ۾، اها ڳالهه ڏاڍي ڇرڪائيندڙ آهي ته سائين جويو صاحب انسان جي آزاديءَ جو تصور ڏئي ۽ ان کي ئي انسان جو مقدر سمجهي ۽ اهو به نه ٻڌائي ته آخر انسان جي تاريخ جو اهو ڪهڙو دور هو جنهن ۾ ”ماڻهوءَ جو ڀاڳ“ آزادي هو ۽ انسان آزاد هو! بروبر انسان آزاد ڄائو آهي. پر اها آزادي فقط ڊارون ئي سمجهي سگهيو آهي. ماڻهو اگهاڙو هو صدين جون صديون، ماڻهو هڪ کان وڌيڪ عورتون رکي سگهندو هو ۽ صدين جون صديون عورتون به هڪڙو مرد يا گهڻا مرد رکي سگهنديون هيون. عورت کي انسان جو ڀاڳ به سمجهيو ويو آهي ۽ مرد جو نڀاڳ به. قانون قبيلي جي سردار جو بڻايل هوندو هو ۽ غذا توڙي رهائش جي باري ۾ وڏو ڊگهو انسان بانبڙا ڏيندو هو. ارتقا جي عمل سان گڏوگڏ هڪڙو ٻيو ”ڀاڳ“ جو عمل به چالو رهيو ۽ اڄوڪو انسان ان عمل جي درميان پيسجي رهيو آهي. برنارڊشا کان پڇو ته هو قانون لاءِ ڇا ٿو چوي! هو وڏو ڏاهو ماڻهو هو ۽ جويو صاحب ان کي سڃاڻي ٿو.
جويي صاحب کي خوب معلوم آهي ته اينٽن چيخوف ”ٽي ڀينرون“ (Three Sisters) جوالميو (Tragedy) لکي جڏهن اسٽيج تائين آيو ۽ سندس ناٽڪن جي ڊائريڪٽر هيءُ ناٽڪ اداڪارن کي پڙهي ٻڌايو. تڏهن اسٽيج تي ويٺل ماڻهن ۾ روڄ پئجي ويو. پر چيخوف چيو ته ”هي ناٽڪ توهان شايد نه سمجهيو آهي. هيءُ اصل ۾ الميو ناهي، پر هي ناٽڪ انسان جي حالات جي چڪر ۾ انسان جي کلائيندڙ صورتحال ڏيکارڻ لاءِ لکيو اٿم.“ خود ڊائريڪٽر جيڪو ناٽڪ پيش به ڪري رهيو هو، سو به اها ڳالهه سمجهي نه سگهيو پر اڄ اسان سمجهون ٿا ته ”الميا“ سڀ روئارڻ جي لاءِ نه ٿا لکيا وڃن. ۽ ڪي، مثال طور ”آڊيپس“ جيڪو سوفو ڪلس جو ناٽڪ آهي ۽ الميو آهي، ۽ افلاطون جو سمپوزيم (Symposium) جيڪو ارسطو عظيم به ڏٺو هو، سي انسان جي مقدر لاءِ اهوئي چوڻ گهرن ٿا ته اهو ايترو ته المناڪ آهي، جو ان تي کلڻ گهرجي انهيءَ خيال کان ته هيءُ مخلوق ڪيترو نه غلط فهميءَ ۾ مبتلا آهي ۽ ڪيتريءَ نه خوش فهميءَ ۾ گم آهي. ”سمپوزيم“ پاڻ ارسطوء به ڏٺو هو. پر جڏهن هزارين ماڻهو روئندا ٻاهر نڪتا، تڏهن ارسطو ٽهڪن ۾ گم هو ۽ يارن سان کل ڀوڳ ڪري رهيو هو.
”ماڻهوءَ جو ڀاڳ“ به ايتروئي ويڪرو ۽ وڏو سوال هو. پر فاضل مصنف هن سوال کي ان جي فلسفيانه سلسلي کان ڇني ڌار ڪيو آهي. هو انهيءَ سوال تي ڪجهه به چوڻ نه ٿو گهري ته انسان جي ڀاڳ جو اصل سوال ڪهڙو ۽ ڪيترو آهي.
فاضل مصنف لکي ٿو عام ماڻهوءَ لاءِ پر اهو نه ٿو باسڻ گهري ته عام ماڻهو به روئي ۽ کلي سگهي ٿو. اهو عام ماڻهو، جيڪو چيخوف جي ماحوليت(Phenomenology) جي اندر يا سوفو ڪلس جي (Pathos) جي اندر يا سارتر جي ”وجوديت“ جي اندر ڪم ڪري ٿو، سو اهو ماڻهو آهي، جيڪو جويي صاحب جو سماجي ڪردار به آهي، پر پاڻ ان کي هڪ سڌو سنئون، سنڌي ٻوليءَ جو مشاق ڄاڻو، سنڌي رواداريءَ جو حصو ۽ خود پنهنجي ڳوٺ جو ماڻهو ٿا سمجهن، جنهن جي زبان تي ۽ دماغ ۾ ظلم، ظالم ۽ مظلوم ڪردار آهن، ۽ ان کي اکيون ڦوٽاري، چهبڪ هٿ ۾ کڻي، ظالم، هڪ ڪردار بڻجي، ڊيڄاري ٿو، ۽ آخر ۾ اهو عام ماڻهو ئي اهو ثابت ٿو ڪري ته ظالم، ظالم ۽ مظلوم رڳو ماسڪ (Masks) يا پردا آهن، جيڪي انسان پاڻ کي ويڙهيا آهن يا پنهنجي مٿان چاڙهيا آهن، يا هڪ انسان ٻئي انسان کي ويڙهيا آهن. يا ان جي مٿان چاڙهيا آهن باقي اصل انسان، فرد توڙي جماعت جي خيال کان. اجرو ۽ آزاد آهي يا اجرو ۽ آزاد ٿيڻ گهري ٿو.
ظالم ڳاٽ اوچو ڪري ٿو چوي: ”آءٌ آهيان ڪير؟ خبر اٿو! منهنجي پوشاڪ، منهنجا طريقا، منهنجا مهانڊا، منهنجا هٿيار، منهنجا ڪارنامان ڏسو، غور سان ڏسو، مون کي سڃاڻو ۽ ٻڌايو ته آءٌ ڪير آهيان؟“ ۽ وري جواب به پاڻ ٿو ڏئي ۽ چوي ٿو: ”آءٌ ظالم آهيان!“
ناٽڪ جي صورتحال مان پنهنجو پاڻ به اهوئي جواب ٿو ملي ته آءٌ ظالم آهيان، يا ظلم آهيان، ظالم ڪا ڳجهي ڳالهه ناهي، ڳجهي ڳالهه يا لڪل صورتحال اها آهي ته انهيءَ ظلم يا ظالم جي چنبي ۾ رهي. انسان جي حالت ڪهڙي ته کل جهڙي ٿي ٿئي! هن سوال تي وري به برنارڊشا جو نالو ياد اچي ٿو، جيڪو انسان جي ظاهري صورت شڪل تي ڳوڙها نه ٿو ڳاڙي پر کلي ٿو ۽ چٿرون ٿو ڪري.
ظالم ٿو چوي: ”غلاميءَ جو هي زهريلو فصل آءٌ جهالت ۽ افلاس جي زمين تي پوکيندو آهيان ۽ ان کي اوهان جي ئي هٿان بزدليءَ ۽ خوف جو پاڻي ڏيندو آهيان. اوهان جي دل ۽ اوهان جي دماغ کي بيسود ۽ بيڪار خيالن ۾ رکي، ٺلهن آسرن ۽ اميدن ۾ مدهوش ڪري، آءٌ اوهان جي روح کي بي حس ۽ بي خبر ڪري ڇڏيندو آهيان.
هيءَ تحرير مصنف جي آهي ۽ هتان ئي اهو معلوم ٿو ٿئي ته ناٽڪ ”آزاديءَ ڏانهن“ جنهن ۾ آزاديءَ کي انسان جو ڀاڳ ڏسيو ويو آهي. ڪنهن جو لکيل آهي، ظاهر آهي ته (1) هيءُ ناٽڪ سنڌ جي ماڻهوءَ لاءِ لکيو ويو هو ۽ نه انسان ذات جي وڏي سوال کي منهن ڏيڻ لاءِ: (2) هيءُ ناٽڪ هڪ استاد جي قلم جو نتيجو آهي ۽ نه هڪ رڌل کاڌل چيخوف جهڙي اوچي آرٽسٽ ۽ اديب جي قلم جو. (چيخوف کلندي کلندي، ادب ۽ آرٽ کي ئي ڳاهيندي، 45 سالن جي عمر ۾ فوت ٿي ويو.)
مظلوم، جت ڪٿ ۽ هر وقت، اهو اقرار کلئي وات ڪندو رهيو آهي ته ظالم هڪ حقيقت آهي، ظلم به هڪ حقيقت آهي ۽ مظلوم به هڪ حقيقت آهي. اها ڳالهه ڪوبه آرٽسٽ هڪ عام ماڻهوءَ کي سمجهائڻ لاءِ ڪوبه ناٽڪ رچائي نه ٿو سگهي، پر جويي صاحب جن شايد انهيءَ صورتحال کي غير حقيقي، تصوراتي ۽ ڍونگ ٿا سمجهن، ان ڪري ناٽڪ جي آخر ۾ اهو ڏيکارين ٿا ته آزاد مرد اچي، اهي ڪوڙا لباس غلامن جا لاهين ٿا، ۽ پوءِ اهو ثابت ٿو ٿئي ته ”انسان آ آزاد“ آ پر خبر ناهي آزاد مردن جو پنهنجو لباس ڪهڙو هو، يعني اهي پاڻ به آزاد هئا يا آزاديءَ لاءِ اڃا سڪي ۽ سهي رهيا هئا.
هڪڙي ڳالهه هيءَ به آهي ته بين الااقوامي يا ڪل قومي صورتحال کي مقامي حقيقتن سان گڏائي ملائي بيان ڪري نه ٿو سگهجي. انسان ذات وڏي شيءِ آهي ۽ هڪ ڪل (Universal) مثال آهي ۽ اسان جو سماج هڪ جز (Particular) آهي. ڪل حقيقتون جزي حقيقتن جهڙيون ناهن، نه ته متفرق ۽ متنوع سماج جو تصور به ڪري نه سگهجي ها. شايد ان ڪري جويي صاحب رڳو جز تي لکيو.
هن بنياد کان قابل احترام مصنف پنهنجن ماڻهن ۽ پنهنجن قدرن جو خيال رکي اڄ کان ڪي ٽيهه سال اڳ هيءُ چٽڪو لکيو آهي. ان وقت جون تاريخي ۽ عصري ڳالهيون ۽ حالتون اهڙيون ئي هيون، هو بهو اهڙيون جهڙيون قابل مصنف بيان ٿو ڪري. هن لاءِ اهو ضروري هو ته مصنف محترم ظلم، ظالم ۽ مظلوم کي جيئرو جاڳندو ڏيکاري. آءٌ ته جيڪر چوان ته هي به ”الميو“ (Tragedy) آهي، جو اکين واري انسان لاءِ وڌيڪ اکيون ٿيون گهرجن. انسان جي هيءَ حالت به اهڙي آهي، جو ان تي هڪ آرٽسٽ کي کلڻ گهرجي، پر جويو صاحب ”نجات“ جي سوال تي سنجيده آهي. هو ڇوٽڪاري کي ”پهرين وڏي ڳالهه“ ٿو سمجهي. ان ڪري هو فڪري ۽ فلسفيائي ڳالهه ڇڏي، سڌوسنئون هڪ عام ماڻهوءَ جي سطح تي اچي ٿو بيهي. سندس سماج چيخوف ۽ افلاطون وارو نه هو. هن جو تعلق ڪنهن ”ليئر“ (King lear) سان به نه هو. هو اصل ۾ ماريل هو پنهنجن ماڻهن جو انهن پنهنجن جو. جن مان هر هڪ ٻه پٿر سندس مٿي تي هنيا. ۽ ڪنهن کي به ياد نه آيو ته سر هر انسان جو ٿئي ٿو ۽ منجهانئن به جيڪڏهن ڪنهن کي مٿي تي پٿر لڳندو ته رت به نڪري ايندو ۽ ايذاءُ الڳ محسوس ٿيندو. هنن بنيادن تي چئي ٿو سگهجي ته هي ننڍڙو ناٽڪ فڪري طرز عمل جي مدد سان عام ماڻهوءَ جي سمجهڻ لاءِ لکيو ويو هو ۽ ان جا ڪردار شايد پهريون دفعو اسٽيج تي آيل ڪردار آهن (”هيومن ڪاميڊي“ کان پوءِ“).
4. تڪينڪ:
هن ڪتاب جي تحرير بنيادي طور تي ”بياني“ آهي ۽ جويو صاحب نثر جو استاد ۽ لافاني سنڌي نثر جو خالق آهي. اسان وٽ اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته نثر لکڻ ۾، فارم ۽ ٻوليءَ جي خيال کان، جويو صاحب انهن چند عالمن مان آهي. جن کي سند طور قبول ڪري ٿو سگهجي. هر نثر جو ماهر استاد (Technocrat) آهي، هن اسان مان تمام گهڻن کي سنڌي نثر لکڻ ۾ مدد ڪئي آهي.
پر اها به حقيقت آهي ته ناٽڪن ۾ هن قسم جي تحرير کي فني طور تي قبول نه ٿو ڪري سگهجي. ناٽڪ جي صنف کان جويو صاحب خوب واقف آهي پر سندس پنهنجا ٻيئي ناٽڪ نثري تقاضائون شايد پوريون ڪري نه ٿا سگهن. جو هو هڪ استاد جي قلم جو نتيجو آهن جيڪو پيشي جو پابند آهي ۽ نه ادبي تقاضائن جو. پر هيءَ ڳالهه به اڄ کان ڪي 25_30 سال اڳ جي سندن نثر جي باري ۾ چئي ٿي سگهجي.
5. هڪ اهم نثري تحرير جو مثال:
هن ڪتاب ۾ هڪ اهم ڪهاڻي، جنهن جو تعلق ان جي خاص نالي سان به آهي ”ماڻهوءَ ۽ ماڻهوءَ جو ڀاڳ“ هن ڪهاڻيءَ جو هيرو هڪ بدنصيب پورهيت آهي. صاحب قلم جو لکي ٿو: ”لڙيءَ منجهند جو مجيريءَ جي گهران هن لاءِ ماني آئي جوئر جا ٻه ڍوڍا، بصر جي ڳنڍ (اسان وٽ ”ڳنڍ“ نه پر ”ڳنڍو“ ٿا چون)، ٽڀو لسيءَ جو ۽ ڍڪڻيءَ تي لوڻ جي چپٽي.“ ڪل ٿانو ٿيا ڍڪڻي، ٽڀو ۽ پنڊي يا دٻڪي، هيءُ آهي دولت پر بدنصيب پورهيت هن دولت کي هٿ ڪري، مالڪ تائين موٽائڻ لاءِ ڇرڪ ڀري ننڊ مان جاڳي ٿو پوي ۽ پوءِ ”چوندا هو ته ڪو آورٿو ٻيلي بيهاريو اٿئون، ماني کايو ٿانو اتي ئي واڙيءَ ۾ اونڌا اڇلايو ڇڏي ته ڀل جهنگ جا نجس (پليت) مرون انهن کي لڪين ۽ چٽين!“
هن کان پوءِ هن پورهيت ٻيلپي ڏيڻ واري ماڻهوءَ جو تعلق وري به روايتي ۽ غيبي ڪردار سان ٿو پوي. ۽ هتان هڪ ڏند ڪٿا پيدا ٿئي ٿي. جا ڪهاڻيءَ کي ڀاڳ (بخت) جي سوال تي اڳتي وڌائي ٿي، ۽ ان کان پوءِ ”ستن سمنڊن جي وچ ۾ مڙس ستو پيو آهي سو وڃان ٿو ان کي ڳولڻ. حياتي هوندي ته هن کي ورائي پاڻ سان وٺي ٿو اچان، ۽ پاڻ به موٽي ملنداسين ۽ پوءِ ٿينديون پنهنجون عيدون! نه ته پرتينءَ ڌڻيءَ کي.“
ڦيلهي يا پاٽوڙ ڀت جو جڏهن همراهه کي مليو، تڏهن ”وڏ ڌڻيءَ“ حال اهو ٻڌايو ته ”ٻيو ڏنو خدا جو گهڻو آهي، راڄ ڀاڳ، کير پٽ، سڀڪي آهي، پر باهه آهي جا اندر پيئي کائي.“ ان کان پوءِ واريءَ منزل تي وري هن جو ڪردار آهي: صوفڻ ٻيرچي ”ڀاڳ جو ڳولو آهين ته ڀاڳ تنهنجي هٿن ۾ آهي، ڀاڳ توکي ملندو!“
هاڻي جنهن ماڻهوءَ جو ڀاڳ سندس ئي هٿ ۾ آهي سو ماڻهو پنهنجي ڀاڳ کي ڳولڻ ويو آهي “ست سمنڊ پار“ ۽ اهو به مڇيءَ جي مهربانيءَ سان ٿو اتي پهچي ۽ ڪهاڻي آهي سنڌ جي لوڪ ڪهاڻي جون 1980ع جي لکيل يا نئين سر لکيل، ۽ ليکڪ آهي هڪ ”سڌاتوري، سڀاڳي هاريءَ جو پٽ جويو. جنهن کي خبر آهي ته سنڌ جي غريب جو ڀاڳ هن جي هٿ ۾ هوندي به هن جو ڪونهي.
خير، ڀاڳ ورائي همراهه موٽيو سنڌ جي طرف ۽ جواب ڏيندو آيو سماج ۽ انساني سوالن جا، پر مڇيءَ کي ۽ ِٻير کي، ۽ آخر ٽوڙ اچي ڪيائين ”وڏ ڌڻيءَ“ وٽ جنهن جي سوال جو جواب سماجي مسئلن ۽ انساني مامرن تي جويي صاحب جي فڪر کي پيش ٿو ڪري. پر ڀاڳ کي ڌونڌاڙي اٿارڻ کان اڳ هڪ ڀيرو وري به تصديق ٿو ڪري ته ”ڀاڳ ورائڻ ڪو ڏکيو به آهي ڇا مڙد جو ڀاڳ هن جي هٿن ۾ ئي ته هوندو آهي!“ ڀاڳ ٿو چوي. ”مان توسان ڪونه هلندس! تون اهوئي آهين نه، جنهن مون کي لتون هڻي، پاڻ وٽان لوڌي ڪڍيو هو!”ڀاڳ جي رسي وڃڻ جو سبب به جويو صاحب ٻڌائي ٿو، جو هو به آهي انتريامي ۽ دلين جو حال به ڪو سمجهي ٿو وٺي. لکي ٿو“ ياد ڪر! روئڻو، منهن سوڻو ۽ ڇنل کٽولي تي سمهڻو! سو ميان جيسين تون اهو آهين تيسين توسان اسان جي ياراڻي ڪانه ٿيندي اسان يار هت سمنڊن جي وچ تي ستل ئي ٺيڪ آهيون! ”آخر ميڙ منٿ ۽ قول قرار تي ”سهمتي“ يا ”پڪ پڪاڻي“ ٿي ۽ ان کان پوءِ هلندو هلندو هي جويي صاحب جو ”آديسي“ اچي ٿيو مکاميل دعوت باز وڏيري سان، جنهن جو کانئس سوال ڪيل هو ۽ هن جي“ ڳالهه ايڏي ته وڏي ۽ ڪم واري هئي. جو سندس پنهنجي ڀاڳ ۽ ٻين سندس سڀني هٿ پورهيت ۽ هاري ڀائرن جي ڀاڳ جو آڌار به ان ڳالهه تي هو.“
سو سائينءَ کي چوان ته تنهنجي سوال جو جواب هي آهي ته تون جئين ٿو ٻين جي ڪمائيءَ تي ۽ اوبارين ٿو گهڻو. پوءِ نه پيٽ ٿو ڀرجئي ۽ نه ان جي سدائين ان نموني ڀرجڻ جي پڪ ٿي بيهئي. ائين تنهنجي اندر ۾ هٻڇ جي باهه آهي... ۽ ڊپ ان جو ٻارڻ آهي... تنهنجو من به توهان ڪونه ٿو ريجهي... ”۽“ علاج” زمين. جيڪا هوا، پاڻيءَ ۽ اس وانگر ڪنهن جي به ڪانهي (ڪنهن به هڪ جي ملڪيت ناهي) ۽ سڀني جي آهي... تنهن جي دعويٰ ڇڏ...“ پوءِ ”ماڻهو هئا. جي گلن وانگر ٽڙي پيا.“... ”هاڻي تون ڄاڻ، تنهنجا هي ماڻهو ڄاڻن. هوندن ڀاڳ سجاڳ ته پنهنجي ڌرتيءَ جو ٽڪر هٿ ڪري وجهندا.“
هيءُ ڪهاڻي هن فڪري نڪتي تي اچي پوري ٿي. انهيءَ فڪر جي باري ۾ اختلاف موجود آهن ۽ انهي طرح هيءَ ڪهاڻي فڪري اعتبار کان سخت تنقيد جي هيٺ ايندي. پر ”هت منهنجا پر سڙندا.“ سو آءُ گهران ٿو معافي صاحب قلم ۽ پڙهندڙن کان. جو پهريائين ته ڪرڻو آهي مون کي به ڀاڳ سجاڳ، جيڪڏهن آءُ معزز مصنف جي فڪر جو انڪار نه ڪندس ۽ جي ڪندس اقرار ته اچي ڳالهه ڳچيءَ ۾ پوندي. سو رڳو اهو عرض ٿو ڪريان ته جويي صاحب جو فڪر جيڪو اسان ۽ عام فهم آهي. اهو ڀاڳ جي ڳولا ۾ نڪري ئي نه ها ته چڱو هو. جو ڀاڳ انسان جي هٿن ۾ آهي. باقي ماڻهو رڳي ڳالهه ٻڌي گلن وانگر ٽڙي پيا... ته اها خوش فهمي آهي.
5. سدائين گڏ:
هاڻي آءُ پڙهندڙن کان اجازت وٺان ته چڱو. پر پهريائين وضاحت ڪريان ته مون ڪتاب جي تمام ٿوري حصي تي لکيو آهي. منهنجي آڏو نه ته مقدر جو سوال آهي ۽ نه ڀاڳ بخت جو. انهن مامرن کي صاحب قلم ڄاڻي ته ان جا پارکو ۽ پڙهندڙ حضرات ڄاڻن.
صاحب قلم، جو عظيم رهنما، دوست، مخلص، محنتي استاد، گورڪيءَ جي ٽڪر جو نه ته اهڙي ادب جو شيدائي ۽ ڳولائو ۽ اديب، منفرد فڪر جو حامي ۽ پاڻ مفڪر آهي. آءُ سندس لکڻين تي ويهي ادبي تنقيد ڪريان اها ٿي پوندي هوڙهيائپ. آءُ سڏبس پاڻ هرتڙو، هلڪو، جويي صاحب کي جڳ سڃاڻي ٿو.
هن ڳالهيون لکيون آهن ۽ ڳالهيون به من اندر جون. ماڻهو موڙهو ويٺو آهي ته اهي پاڻ پڙهي يا پڙهائي ٻڌي. ”گهنگهريا گهڻ ڄاڻ ۽ موڙهي مت مهائين“ ته به جويو صاحب ڀاڳ جاڳائڻ جو ڪم ڪندو رهيو، ڪري پيو ۽ اڳتي به ڪندو.
آءٌ صاحب قلم ۽ قارئين حضرات جي وچ ۾ نه اچان ها ته چڱو هو. هاڻي سدائين گڏ. موڪلاڻي ڪانهي سلام سنگت کي گهڻي کون گهڻا.
الهداد ٻوهيو، خيرپور
12 آگسٽ 1980

ٻه ناٽڪ


آزاديءَ ڏانهن
منظر پهريون
(ڀيانڪ شڪل وڏو پيٽ هڪ هٿ ۾ چهبڪ چيلهه سان هڪ ڪٽيل ڪنجي ۽ هڪ جرڪندڙ تلوار ٻڌل ٻئي هٿ ۾ مضبوط رسو جهليل، جيڪو هڪ زبون حال انسان جي چيلهه سان ٻڌل آهي، جنهن جي اکين تي پٽي ويڙهيل آهي ۽ هٿن ۾ هٿڪڙيون جڙيل آهن. پردو هٽي ٿو ۽ ”ظلم“ پنهنجي انهيءَ سموري ساز سامان سان، انتهائي غرور ۽ فرعوني ڪيفيت جو مظاهرو ڪندو، وڏيون وڏيون ٻرانگهون ڀريندو. دنجندو، پنهنجي ڪمال نفرت ۽ انسان دشمنيءَ جو گويا عام اعلان ڪندو، اسٽيج تي نمودار ٿو ٿئي. ۽ مظلوم غلام کي رسيءَ سان جهٽڪو ڏيئي، پاسي ڀر ڪيرائي، چهبڪ وهائي ٿو ڪڍي غلام ٿورو ڪنڌ ٿو کڻي يا ڪنجهڪارو ٿو ڪري، ته جهٽ ”ظلم“ جو هٿ تلوار ڏانهن کڄي وڃي ڪنجي ٻاهر ڪڍي، غلام جي هٿڪڙين کي لوڏي، خاطريءَ سان ڏسڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ته هن جون هٿڪڙيون مضبوط جڙيل آهن يا نه! ٻڌندڙن ڏانهن مخاطب ٿي نهايت ڪڙي ۽ ڊڄاريندڙ آواز ۾ ڳالهائي ٿو...)
”آءٌ ڪير آهيان؟ منهنجي شڪل ۽ صورت ڏسو، منهنجا مهانڊا. منهنجا هٿيار، منهنجا طريقا ۽ منهنجا ڪارناما ڏسو غور سان ڏسو، ۽ جانچيو،. مون کي سڃاڻو ۽ ٻڌايو ته آءٌ ڪير آهيان؟... آءُ ”ظلم“ آهيان غلامي منهنجو فصل آهي. جسماني غلامي جسماني غلاميءَ کان وڌيڪ ذهني غلامي پيدا ڪرڻ ۽ پيدا ڪري هميشه قائم رکڻ منهنجو مقصد آهي...
”غلاميءَ جو هيءَ زهريلو فصل، آءٌ جهالت ۽ افلاس جي زمين تي پوکيندو آهيان. ۽ ان کي اوهان جي ئي هٿان بزدليءَ ۽ خوف جا پاڻي پياريندو آهيان: اوهان جي دل ۽ اوهان جي دماغ کي. بيسود ۽ بيڪار خيال پرستين ۾ محو رکي، ٺلهن ۽ غير ممڪن آسرن ۽ اميدن جي نشي ۾ مدهوش ڪري. آءٌ اوهان جي روح کي پنهنجي بيرحم پيرن هيٺان لتاڙي، چيچلائي ۽ چيڀاٽي. بي حسن ۽ بي خبر بنائي ڇڏيندو آهيان... پوءِ اوهان کي اها به خبر نه رهندي آهي ته آءٌ اوهان جو دشمن آهيان. منهنجا پگهاردار ڇاڙتا، ۽ اهي جن جا غرض ۽ مفاد منهنجي وجود سان وابسته هوندا آهن.، سي منهنجا مبلغ آهن. پوءِ اوهين انهن جي پيچ در پيچ ڳالهين ۾ منجهي، جهالت، خوف ۽ نااميديءَ جي شڪنجن ۾ ايترو ته جڪڙجي ويندا آهيون: جو پنهنجي غلاميءَ کان نفرت ڪرڻ بدران اوهين ان سان محبت ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آهيو: ۽ پوءِ اوهين مون کي پنهنجو آقا، سردار، سائين، رئيس، ڀوتار ۽ عالم پناهه ڪري سمجهندا ۽ پڪاريندا آهيو: منهنجي حضور ۾ هٿ ٻڌي هميشه حاضر رهندا آهيو: مون کي پيرين پوندا آهيو ۽ پاڻ کي منهنجي دروازي جا ڪتا، ٽڪريل. خاڪپا ۽ ٻانهيءَ جا ٻار سمجهي، منهنجي عزت ڪندا آهيو مون سان محبت ڪندا آهيو، ۽ مون کان خوف کائيندا آهيو. پر.....ايتري ساري اٽالي ۽ اهتمام هوندي به آءٌ اوهان کان ڊڄندو ۽ ڪنبندو آهيان. ۽ پاڻ وٽ چهبڪ، تلوار، بندوق، بندي خانا، جاسوس ۽ هٿياربندو چوڪيدار هر وقت موجود رکندو آهيان. ڇا ڪاڻ ته اوهان جي زندگي ۽ منهنجي زندگي هڪ اٽل ۽ لازمي ضد ۾ آهن: منهنجي موت ۾ اوهان جي زندگي آهي، ۽ اوهان جي موت ۾ منهنجي زندگي آهي. آءٌ زنده فقط تيستائين آهيان جيستائين اوهين انڌا، ٻوڙا، بزدل، هڪٻئي جا دشمن، غفلت جي اگهورننڊ ۾ ستل، لاپرواهه، غافل ۽ جاهل آهيو ۽ مون کي زنده رهڻ ڇڏيو ٿا!
”آءٌ ڪير آهيان؟ منهنجي شڪل ۽ صورت ڏسو، منهنجا مهانڊا منهنجا هٿيار، منهنجي پوشاڪ، منهنجا طريقا ۽ منهنجا ڪارناما ڏسو، ۽ جانچيو. مون کي سڃاڻو سڃاڻو ۽ ٻڌايو ته آ۽ ڪير آهيان؟...
”آءٌ آهيان اوهان جو دشمن ازلي ۽ ابدي دشمن!“
”اوهان جي دل ۽ دماغ مٿان بي عمليءَ ۽ جهالت وسيلي ۽ اوهان جي جسم مٿان ڏنڊي ۽ ڏاڍ وسيلي، آءٌ حڪومت هلائيندو آهيان. منهنجو وجود اوهان کي هڪ کلمکلي چيلنج آهي. هڪ کلمکلي دعوت آهي ته اٿو اي مظلوم ۽ غلام انسانو! اٿو. همت ڪيو، ڊوڙو! اچو، اچي مون کي ختم ڪيو!... ڇا ڪاڻ ته منهنجو وجود آهي ئي ختم ڪرڻ لاءِ يا ختم ٿيڻ لاءِ!“
(غلام کي چهبڪ هڻي، رسو ڇڪي، اٿاري، گهلي پاڻ سان وٺي ٿو وڃي پردو آهستي آهستي ڪري ٿو.)

منظر ٻيو
(صاف، سنجيده ۽ پاڪيزه چهرو هڪ هٿ ۾ وڏي ٿالهي، جنهن ۾ مس، قلم، نوٽبوڪ، اخبار ۽ ڪتاب: ۽ وچ ۾ هڪ روشن شمع، جنهن جي ڀرسان هڪ ڪنجي رکيل آهي. پردو کڄي ٿو. اسٽيج تي اڳئين منظر وارو ”غلام“ پنهنجي اصلوڪيءَ صورت ۾ اداس ۽ بيوس. هڪ ڪنڊ ۾ ويٺل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ”علم“ نهايت محبت ڀرين نظرن سان ڏانهس نهاري ٿو. ۽ نهايت اطمينان ۽ سنجيدگيءَ سان اڳتي وڌي. سندس ويجهو وڃي ٿو. ۽ نوڙي، کيس هڪ هڪ ڪري ۽ چپ چاپ علم جي سمورين نعمتن سان روشناس ٿو ڪري نهايت ادب ۽ احترام سان اٿي. ”غلام“ جي اکين تان پٽي لاهي ٿو. ۽ هٿڪڙي کي ڪنجيءَ سان کولي ٿو ”غلام“ علم ”ڏانهن ڪجهه حيرت ۽ خوف وچان نهاري، وري دلگداز نراساين ۾ گويا دفن ٿي ٿو وڃي ”علم“ نهايت همدرديءَ واري لهجي ۾ کيس مخاطب ٿي چوي ٿو...)
”اي محترم انسان! ڪنڌ مٿي کڻ، هيڏانهن نهار، مون کي سڃاڻ! مون تولاءِ روشني جو پيغام ۽ آزاديءَ جو سنبهو آندو آهي. تون پنهنجي ذهن جا دروازا کول ۽ منهنجي روشنيءَ کي اندر اچڻ ڏي! منهنجي نور کي پنهنجي تاريڪ روح ۾ جاءِ ڏي! جهالت جا سمورا پردا، اوندهه جا غلافن مٿان غلاف. آءٌ ئي هٽائي پري ڪندو آهيان. غلاميءَ جون سموريون زنجيرون، افلاس ۽ غربت جون سموريون پابنديون، حيوانيت جا سمورا اٽڪاءَ ۽ حدبنديون، بيوسي، ضعف ۽ بيچارگيءَ جون سموريون رڪاوٽون، اهي سڀ جون سڀ منهنجي ئي دم سان دور ٿينديون آهن! توکي تنهنجي عظمت، شرافت ۽ انسانيت جو احساس منهنجي ئي هٿان ٿيندو. مون وٽ همت، مردانگيءَ، خود شناسيءَ، خوداعتماديءَ ۽ خودداريءَ جا بي بها زيور آهن، جن سان آءٌ تنهنجي ويران زندگيءَ کي سينگاريندس. مون وٽ اميد جا اڻ کٽ خزانا آهن، جن سان آءٌ تنهنجي سکڻيءَ زندگيءَ کي سڦلو بنائيندس. آءٌ توکي اها سمجهه ۽ اها طاقت بخشيندس جنهن سان تون پنهنجي لڪل توڙي ظاهر، پنهنجي توڙي پروان دشمنن کي خوب سڃاڻي سگهندين، ۽ انهن سان مقابلي لاءِ همٿ ساري سگهندين ۽ مٿن پنهنجي تنظيم، اتحاد ۽ بهادريءَ سان غالب پئجي سگهندين، ۽ پنهنجي وڃايل متاع زندگي نئين سر حاصل ڪري سگهندين...
”اي معصوم انسان! آءٌ علم آهيان ڄاڻ آهيان، خبر آهيان! ائين هرگز وسهي ويهي نه رهج ته جيڪڏهن تو لکڻ، پڙهڻ ۽ حسابن جي جوڙڪٽ سکي ورتي ته تون ڪو ڄاڻو. باخبر يا با علم ٿي چڪين. اهي انگ اکر ته فقط ٻوليءَ جي تحريري صورت آهن: ٻولي ته توکي هونئن به اچي ٿي انگ اکر ته فقط هڪ قسم جا وسيلا آهن. جن جي مدد سان تون ”مون“ تائين پهچي سگهين ٿو. ائين به هميشه ٿيندو آهي ته انهن ئي وسيلن معرفت، انهن ئي انگن اکرن ۾ اڙائي تنهنجا دشمن توکي مون علم کان محروم، ڄاڻ کان اڻڄاڻ ۽ خبر کان بي خبر رکندا آهن. تنهنڪري ياد رک، اي سمجهدار انسان! ته اها هر ڪا چيز جيڪا تنهنجي جسماني توڙي ذهني غلاميءَ جي زنجيرن کي ٽوڙي ٿي، جيڪا توکي تنهنجي آزاديءَ جون واٽون ڏيکاري ٿي. جيڪا تنهنجي زندگي موٽائي توکي هٿ ۾ ڏئي ٿي ۽ جيڪا تنهنجي زبون حال زندگيءَ جي بهتريءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ هن ئي دنيا کي جنت ۾ تبديل ڪرڻ جون خوشخبريون توکي ڏسي ٿي اها ئي چيز ”علم“ آهي.
”اي معزز انسان! ڪنڌ مٿي کڻ، هيڏانهن نهار. مون کي سڃاڻ آءٌ علم آهيان! مون تولاءِ روشنيءَ جو پيغام ۽ آزاديءَ جو سنيهو آندو آهي! تون پنهنجي ذهن جا دروازا کول، ۽ منهنجي روشنيءَ کي اندر اچڻ ڏي. منهنجي نور کي پنهنجي تاريڪ روح ۾ جاءِ ڏي!“
”ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين مون کي ڳوليندو رهه. جتي به ۽ جنهن به ٻوليءَ ۾ آءٌ توکي هٿ اچان توڙي جو تون مون کي چين ۾ ڏسين مون کي هڪدم حاصل ڪر، پنهنجو بناء.......! ڇاڪاڻ ته تنهنجي زندگيءَ جو راز آءٌ آهيان. آءٌ ئي تنهنجي زندگي آهيان!“
(”علم“ پنهنجا ساز سامان ”غلام“ جي حوالي ڪري ٻاهر هليو ٿو وڃي. ”غلام“ ڪنڌ مٿي ڪري منهن تي هڪ ضعيف مرڪ آڻي، کيس ڊگهين ۽ پائدار نظرن سان پٺيان ڏسي ٿو... ”علم“ جي ڇڏيل نعمتن کي پوري ادب، شوق ۽ محبت سان ڇهي ٿو. ۽ سندس منهن تي هڪ عجيب. معجزي جهڙي چمڪ ۽ تازگيءَ جا آثار نمودار ٿين ٿا... پردو آهستي آهستي ڪري ٿو.)

منظر ٽيون
(پردو هٽي ٿو تهن مٿان تهن ۾ ويڙهيل هڪ ٻيو ”غلام“ اسٽيج تي هڪ ٺلهه مثل بڻيو ويٺو آهي. انهن غلافن مان ڳچي ٻاهر ڪڍڻ جي ائين ڪوشش ڪري رهيو آهي. گويا هومنجهن ٻوساٽجيءِ گهٽجي رهيو آهي، غلافن تي هڪٻئي پٺيان هي وڏا وڏا لفظ نقش آهن: ”ظلم“، ”جهالت“، ”بک“، ”بيماري“ ، ”رشوت“ ”خوف“
وغيره، جنهن ڳالهه جي تماشبين صاحبن کي پوءِ ٿي خبر پوي تنهن کان اڳ ٻه نوجوان، تيز ۽ چست، جن مان هڪ اهوئي اڳيون ”غلام“ آهي ۽ جن ٻنهي جي هٿن ۾ جهنڊا آهن. ”آزاد انسان. آزاد انسان!“ ترانو ڳائيندا. قدم سان قدم ملائيندا، بي خوف ۽ بي خطر اسٽيج تي اچن ٿا ۽ سندن اک هڪدم غلافن ۾ ويڙهيل مجبور انسان تي ٿي وڃي پوي ۽ ائين چئي. هو ٻيئي ڊوڙي ويجهو وڃن ٿا، ۽ هڪڙو هڪڙي پاسي کان ۽ ٻيو ٻئي پاسي کان بيهي غلافن ۾ چئو کنڀي ويڙهيل ”غلام“ جا غلاف هڪٻئي پٺيان لاهڻ شروع ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح. جو هر هڪ غلاف حاضرين چڱيءَ طرح ڏسن ٿا. اهڙيءَ طرح سمورا غلاف هٽن ٿا، تڏهن هو ٻيئي آزاد نوجوان پاڻ جهڙي غلام جوان کي نهايت محبت ۽ خبرداريءَ سان اٿارين ٿا. سندس اکين تان پٽي لاهين ٿا، هٿڪڙيون کولين ٿا. ۽ کيس پنهنجي وچ ۾ بيهاري ”آزاد آ انسان آزاد آ انسان!“ ترانو ڳائيندا، قدم سان قدم ملائيندا، اسٽيج تان هليا وڃن ٿا انهيءَ رستي سان جنهن رستي تي هيءُ نشان. هٿ جي اشاري سميت، وڏن حرفن ۾ لکيل آهي ”انصاف، برابريءَ ۽ برادريءَ ڏانهن ويندڙ شاهراهه“... پردو آهستي آهستي ڪري ٿو.)
(سال 1950ع ۾ ٽريننگ ڪاليج فار مين. حيدرآباد، جي سالياني جلسي ۾ ڪاليج جي ناٽڪ هال ۾، اسٽيج تي آيل.)



هاري ۽ تعليم

منظر پهريون
(شام جو وقت آهي. وڏيرو چٽو خان اڃا گهوڙي تان لهي مس ٿو، ته ڪمدار کوسو خان بسم الله! بسم الله ڪندو اچي گهوڙي وٺيس ٿو.)
وڏيرو - ڪمدار! گهوڙو ڏاڍو هلاڪ ٿيو آهي. واهي کي ڏينس ته چڱيءَ طرح گهمائي، کرکرو هڻيس ۽ وهنجاريس، جيئن ٿڪ لهيس، سڀاڻي تون مکڻ جي سير اڌ کي ڪنهن مردار هاريءَ کان جهٽي هڻ، ته ڪميت کي ڪو ڍو ڪرايون.
ڪمدار: حاضر سائين، صبح ٿيڻ ڏيو، گهوڙي جي هستي ئي اور ڏسندؤ. پر جنهن ڪم سان ميرپور ويا هئا، سو به فتح ڪري آيا نه؟ پاڻ وري صوبيدار صاحب کي ته ڪيس مان ڇڏائي آيو نه؟ ٿيو ڪو هن نمڪ حرام ٻٻر ماڇيءَ جو ڪارو منهن. رن پٽ جو مٿو ڦريو آهي. ڪميڻي ڪم اهڙو ڪيو آهي. جو جيئري گڏهه جي کل ۾ سبائي ڇڏجيس. رهي ٿو درياءَ جي ڪنڌيءَ تي ۽ وجهي ٿو واڳن سان وير!
وڏيرو - ڪمدار، ڪم اهڙو ٿيو، جو نه ڪڏهن ٿيو نه ٿيندو. صوبيدار صاحب کي بنهه پئسين ڳنهي آيو آهيان. شاهدن کي دٻائي، منجهائي، ڪجهه لٺ سان ڪجهه چٺ سان پنهنجي پاسي ڪري. سڄو ڪيس ئي ڊانواڊول ڪري ڇڏيومانس. هيءُ ماڇياڻيءَ جو پٽ به هليو هو اسان جي فيصلي کي اورانگهڻ. پر ڪمدار، اڄ چڱائيءَ جو وقت ڪونهي. ويچاري صوبيدار صاحب اسان جي چوڻ تي هن ڪمذات کي کڻي ڇڏيو، نه ته ڇڏيونس ها ته حال ته وڃي وڏي گهر ۾ ڇهه ٻارهن مهينا بي دريافتو چڪيون چڪي ها بدمعاش، هليو هو صوبيدار تي رشوت جو ڪيس ڪرڻ... هاڻي مورڳو ٿو ڪيس ڳچيءَ کان وٺيس. مان به صوبيدار کي چئي آيو آهيان ته ڪر انهيءَ حرامزادي ٻٻر جي پٽ تي بدناموسيءَ جو ڪيس. ڀلي ته ڪريس اڳتي ۽ ٿئيس الهه تلهه چٽ، پوءِ ڄٽ کي خبر پوي ته گهڻين ويهين سئو آهي.
ڪمدار: واهه سائين واهه! اڄ ته توهان جا پير ڌوئي هوند کڻي پيان. هن ماڇياڻيءَ جي پٽ جو به مٿو ويو هو ڦري... جي آءُ بي گناهه ٿي ٻڌو ويس. پڇينس ته ڪميڻا هتي گناهه بي گناهه جي ڪهڙي ڳالهه هئي، وڃي پوين ها جيل ۾ ته ڪتو به ڪونه ڀونڪئي ها. روپيا 100 ڏيئي پنهنجي جند ڇڏايئه. اسان جو ٿورو ٿوري جي ماڳ، الٽو هليو آهين صوبيدار کي جهلائڻ! بادشاهي پنهنجي پيءُ جي ڏٺي هئائين.
ويرو - پر، ڪمدار. هاڻي ڏسجانءِ سيکت ته اهڙي ملنديس، جو هڪ سهندو لک سکندا. ٻيو وري ماءُ کان پڇي پوءِ اهڙي سڌ ڪندو. اڃا ته مر دود پنجين ڪوهين تي پنڌ ۾ هوندو. اسان کي ارمان رڳو منهنجي ڪميت جو آهي. اوٽ موٽ ڏهه ڪوهه هڻي آيو آهي. وارو ڪر واهي کي ڏس. ڪو گاهه داڻو گهوڙي کي ڏنائين يا وڃي جوءَ جي ڪڇ ۾ ساجهر ئي ستو؟
(ڪمدار گهوڙي جي ٽهل ۾ لڳي وڃي ٿو. ۽ وڏيرو گهر وڃي ٿو آرامي ٿئي.)

منظر ٻيو
(صبح جو وقت آهي. وڏيرو ڇٽو خان اوطاق ۾ کٽ تي ليٽيو پيو آهي. ڪمدار کوسو خان پاسي ۾ ڪانڀ ڪڍيو، منجيءَ تي ويٺو آهي ۽ رکي رکي مڇون مروٽي ۽ کنگهڪارون پيو ڪري.)
وڏيرو - ڪمدار وڏا، ملڪ ويو مزي مان نڪري!
ڪمدار: سو وري ڪيئن؟
وڏيرو - اڙي ڪيئن وري ڪيئن! ڪالهه ميرپور ۾ اسڪولن جو صاحب گڏيم... چي، وڏيرا زوري تعليم شروع ٿي ويئي آهي اوهين پنهنجي هارين کي سمجهايو، پنهنجا ٻار اسڪول ۾ ڇڏين. نه ته مٿن ڏنڊ وجهندس. جيل ۾ اماڻيندس. بس ڪٿان پيو اچي ڪٿان پيو وڃي!
ڪمدار: پر سائين صوبيدار صاحب ته پنهنجو آهي. هن اسڪول جي لنگور صاحب کي ڪهڙي طاقت آهي، جو اوهان جي هارين کي جهلائي سگهي! هي هارين جا ٻار پڙهندا ته پوءِ اوهان کي سائين سائين ڪير ڪندو؟ ساري حڪومت ۽ دٻدٻو ئي ختم ٿي ويندو. هو نوري واڍي جو پٽ ئي کڻي ڏسو: چار ڪتابڙيون پڙهيو آهي ته بس سمجهي ٿو ته ملڪ جو والي ئي مان آهيان. ڄٽ پڙهيو الله اڙيو. تنهن ڏينهن اوهان کي رستي تي مليو. ته نوڙي پيرين به ڪين پيو! وري ٻئي ڏينهن اوطاق ۾ آيو ته ڪنڌ ۾ ڇوري کي ور. اچي مون سان منجيءَ تي ويهي رهيو. ائين ته سائين منهنجا هر ڪو آپي شاهه ٿي پوندو پوءِ ته ٻٻر ماڇيءَ جهڙا سو نڪري پوندا. منهنجو خيال آهي ته هن ماڇياڻيءَ جي پٽ کي به انهيءَ ڇوري ئي وٺي کڻي آڀاري آڀاري چوٽ تي چاڙهيو آهي.
وڏيرو_ڪمدار وڏا، اهو ته ٺهيو، پر توکي خبر آهي ته هاڻي اسڪول جي صاحبن کي به ڪورٽ هلائڻ جو اختياريون مليون آهن! هو پاڻ ڪيس هلائي. ڏنڊ وجهندا ۽ سزا ڏيندا. اسان جي صوبيدار کان اها ڳالهه پري آهي. هاڻي ٻيو ڪو رستو ڳولڻو پوندو.
ڪمدار: سائين، اوهين ڇٽا پيا آهيو. آءٌ ٿو پاڻيهي انهيءَ ڪم کي منهن ڏيان، اوهين رڳو ويٺا مزا ڏسو هارين جا پٽ به ٿا پڙهن، ڏاهري به هليا هئا اڀ کي تراريون هڻڻ.
وڏيرو: ته ٻيلي ڪر ڪو بلو! سڀاڻي اهو اسڪولن جو سانڊو آهي هتي اچڻو. چيائين پئي ته اوهان جي اوطاق ۾ هارين کي سڏائي، انهن کي ڪا سمجهاڻي ڏيندس، ڏسج متان هاري اچي وڃن سندس مٺين مٺين ڳالهين ۾!
ڪمدار: سائين، تنهن جو اوهين ڪوبه خيال نه ڪريو. پر مون کي هڪڙي ڳالهه ته سمجهايو، هي جيڪي وڏا وڏا زميندار ميمبر ۽ وزير ٿيا ويٺا آهن، انهن کي ڪهڙي لنڊيءَ کاڌو آهي. جو پيا ٿا اهڙا پنهنجن پيرن تي پاڻ ڪهاڙا هڻن.؟
وڏيرو: ڪمدار توکي خبر ته آهي اسان جي ڀائرن زميندارن جو ڏوهه ڪونهي. اهي سڀ ووٽ جا معجزا اٿيئي. سچ پڇين، جي هنن بي عقل هارين کي نه اها خبر پئجي وڃي ته هيءَ جيڪا ووٽ جي لٺ وٽن آهي. تنهن سان هوند گهڻن جا ڪنڌ ڀڃي وجهن! اهو نه سربستو پتو پئجي وڃين. ته هوند ڏسين ته اسين ۽ تون سڀ سندن هڪ ئي ڌڪ سان وڃي ڪياڙي کوڙيون. بس هڙئي هنن جي حوالي ٿي وڃي! ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪي به ميمبر چونڊجي ويا آهن. سي هڙئي انهيءَ فڪر ۾ اٿئي ته ڪنهن طرح پنهنجا کيسا گرم ڪريون. ۽ ٻيو آئيندي ووٽ هٿ ڪريون، وڙهيل ته پاڻ ۾ اڳيئي آهن. بس پوءِ پاڻ وڻائڻ لاءِ پيا هڪٻئي جون ڇنڇريون لاهين. جي وزير هينئن نٿا ڪن، هونئن نٿا ڪن! ڪجهه ته ڳالهائڻ لاءِ گهرجين نه. ٻيو وري شهرن مان ٻه چار ميمبر چونڊجي آيا آهن. اهي به ٿا اسان جي زميندار ميمبرن ۽ وزيرن کي پاڻ ۾ ويڙهائين ۽ اخبارن ۾ بدنام ڪرائين. پوءِ اهي اسان جا وزير ڪجهه پاڻ بچائڻ لاءِ ڪجهه پاڻ وڻائڻ لاءِ مڙيئي پيا ٿا ڪڏهن ڪڏهن هارين غريبن ۽ مزورن جا نالا وٺن، باقي مون سان پاڻ اسان جي ميمبر، وڏيري ڪيهر خان، ڪن ۾ ڳالهه ڪئي آهي ته اهي زوري تعليم جا، بالغن جي تعليم جا. ۽ اهڙا ٻيا سوال رڳا هڪڙا ڍونگ آهن ماڻهن کي الو بنائڻ جا.
ڪمدار: اڙي سائين، شل خدا تنهنجو ڀلو ڪندو. ڳالهه اهڙي پتي جي منهنجي مغز ۾ ويهاري اٿئي، جو بس دل خوش ٿي ويم. آءٌ به چوان ته هي جو جاگيرداري ختم ڪرڻ جا سوال، هي هارين جي حقن جون ڳالهيون، هي بٽئيءَ جا فيصلا سڀ اسان جا پنهنجا زميندار ميمبر ۽ وزير ٿا هر هر ڇيڙين، سوهاڻي سمجهيم ته هو ويچارا رضا خوشيءَ سان ائين ڪين ٿا ڪن. ها سائين، هنن کي به ضرور حڪومت هلائڻي آهي. ڏسو نه اسين پاڻ ئي هتي ڪهڙا نه رنگ برنگي منتر شنتر ۽ اڙتيون ڦڙتيون ٿا ويٺا هڻون، تڏهن ٿو مس مس ڪارخانو هلي سگهي.
وڏيرو: ته پوءِ هاڻي جي ڪم جو مڙيئي ڪو بندوبست ڪري ڇڏجانءِ.
ڪمدار: سائين رک الله تي. ڪم ته نازڪ آهي. پر ڏسون ته آخر ڇا ٿو ٿئي. لڳي من اسان کي به ڪو وارو، سڀ سڻائي ٿي پوندي. رکو اوهان ڪم ڪريم تي.
(ڪمدار ٻاهر نڪري وڃي ٿو. وڏيرو سنئون نئون ٿي، چادر تاڻي، سمهي ٿو رهي.)

منظر ٽيون
(ٻنپهرن جو وقت آهي، ڪمدار گهوڙي تي چڙهي ٻنين ۾ گهمري تي ٿو نڪري. هڪ ٻنيءَ ۾ لابارو چالو آهي. پنج ست همراهه ۽ ٻه چار زالون ڪڙٻ لڻڻ ۾ مشغول آهن. ڪمدار کي پري کان ايندو ڏسي، پاڻ ۾ ڪمدار جي باري ۾ ڳالهيون ٿا ڪن.)
حمزو: اچيو ٿو بي غيرت بدمعاش، الائي ڪهڙي ٿو مصيبت کنيو اچي پاڻ سان!
الهورايو: ٻيلي، هي زميندار ته ڪمدار ڳولي اهڙا ٿا پاڻ وٽ رکن، جيڪي ڏيهان راڄان تڙيل، جن کي نه پنهنجن جي نه پراون جي. پنهنجي پيءَ کي به هوند ڪين ڇڏين!
علي دوست: اهڙا جي ڪمدار نه رکن ته پوءِ سندن ها ۾ ها ڪير ملائي، چوريون ڪير ڪرائي، خون ۽ ڌاڙا ڪير هڻائي. اسان ۽ توهان جو رت ڪير چوسي، سندن ڀڙوت ڪير ڪري، حرامخورن جي وات ۾ حرام جي هڏي ڪير وجهي؟ چوندا ڪين آهن ته چورن جا ڀائر ڳنڍيڇوڙ!
بختاور: انهي مارئي ڏاڙهيءَ ڪوڙئي کي ڪهڙي ٻين جي لڄن جي ڪهل، ڪهڙي ٻين جي نياڻين سياڻين جي ساڃهه، جنهن پنهنجي زال کي ئي کڻي ڦٽو ڪيو، جنهن پنهنجي معصوم نياڻيءَ کي کڻي ٽڪين وڪڻي ڇڏيو. جنهن پنهنجي سڳي چاچي جو ڌاڙو هڻائي، جيل ۾ اماڻائي ڇڏيو، تنهن ۾ وري ڪهڙي چڱ مڙسيءَ جي اميد رکبي؟ پرائي مال تي ڪمدار بنيو، وتي ٿو پنهنجن مٿان چوڪسيون ڪندو! لائي چائي چغلي چوري ته انهيءَ نانگن کاڌي جو ڌنڌو آهي.
ڀاڳل: ادي، ماريو نيٺ ته پنهنجا ڪيتا ڏيندو، شل ڪيئان ڳاڙي مرندو. مون رن زال جو ڇيلڙو ڪاهي وڃي ڪار منهين وڏيري جو ڀڀ ڀريائين. (ڪمدار ويجهو اچي کڙڪي سان سلام ٿو ورائي. هڪڙو هاري وڌي گهوڙو ٿو وٺيس.)
حمزو: ڪمدار وڏا، ڏيو خير جا حال احوال، خوش ته آهيو؟
ڪمدار: يار، ويٺا خير جي الله الله ڪريون. وڏيرو صاحب ڪالهه ويوهو ميرپور. ڏاڍي هڪڙي ڳري ڳالهه ٻڌي آيو آهي. چيم ته اوهان کي چتائي ڇڏيان، متان وري مياري ڪري وجهو.
علي دوست: ڪمدار صاحب ٻيو آهي ته خير؟ اڄ ڏاڍي اچي اسان جي ساهه سان لڳي اٿئي، اسين ته ادا اڳي ئي مئا پيا آهيون. هن کان وڌيڪ اسان تي ٻي وري ڪهڙي آفت اچي نازل ٿيندي؟
ڪمدار: ادا علي دوست، ڪهڙي ڳالهه ٿو پڇين! سرڪار زوري تعليم شروع ڪئي آهي. چون ٿا ته جيڪڏهن هاري پنهنجا ٻار اسڪول ۾ نه ڏيندا ته مٿن ڏنڊ وڌا ويندا. کين جيل ۾ اماڻيو ويندو!
علي دوست: ڪمدار، بس ڳالهه به اها! تعليم ۾ سرڪار زوري ڇو ٿي ڪري! اسين ته يار پاڻهي ٻار پڙهائڻ لاءِ تيار ويٺا آهيون. علم نيٺ علم آهي. ٻڌو ڪين اٿئي ته علم بادشاهه آهي. علم ڪو خراب آهي ڇا؟ ڪيئن ٿو ڀانئين ادا الله اوڀايا!!
الله اوڀايو: هائو ادا، جيڪي پڙهيا سي پار پيا، علم کان سواءِ انسان آهي حيوان جي آچار.
علي دوست: ڪمدار صاحب، ٻڌئي، هي سڀيئي چوندا آهن ته اسان هارين کي علم لاءِ چاهه ڪونهي ۽ اچي ڊگها واعظ ڪندا آهن ته علم ههڙو، علم ههڙو. سي ته ٻيلي يا ته ٺڳ ٿا معلوم ٿين يا چريا ۽ ڳهيلا ٿا ڏسجن. علم کي ڪير نه چاهيندو؟ اسين ته ٻيلي ٿڌا شوڪارا ڀري ڀري پنهنجي قسمت تي پيا روئون. پر من اسان جي ٻچن جو ڪو ڀاڳ وري، ڪي چار اکر پڙهي پون، ڪمدار صاحب، سرڪار کي وڃي چئو ته زوريءَ جي هتي ڪا ڳالهه ئي ڪانهي. ڪڏهن طبيب به بيمار جو ڪو زوريءَ علاج ڪندو آهي! حلوي کائيندي اسان جا ڏند ڪونه ڏکندا.
حمزو: ٻيلي ڳالهه ته علي دوست تنهنجي بنهه لک لهي. پر ڇوڪرا ڏيون اسڪول ۾، پوءِ اسان جي ماني ڪير کڻي ايندو. گاڏيءَ تي ڪير ويهندو. ڍور ڪير هڪليندو، ڪم ڪار ۾ اسان سان ڪير ٻانهن ٻيلي ٿي بيهندو؟ ٻئي ٽئين ڏينهن وڏيري جي ڪاٺين جي، کاٽيءَ جي، گاهه جي، شڪار جي، هن جي، هن جي بيگر به ائين ئي بيٺي آهي، ٻيلي اسين پورهيت ماڻهو ڪم ۾ ڳهي ڳهي عمر به ڳري ويئي اٿئون. تڏهن به پاندي پوري ڪانهي. ڇوڪرا جيڪا سا ونڊي اڌ ونڊي ڪمايو پيا اسان کي ڏين، ڪيئن قصو ٿيندو. ٻيلي ڪا خبر ته پويئي ڪا نه ٿي!
علي دوست: ادا حمزا، ڳالهه ته آهي ئي اها نه! تنهن ڏينهن ”هاري حقدار“ وارو هڪڙو جوان گڏيم، تنهن ته ڳالهه ئي اها ٻڌائي ته جيسين زمينداري قائم آهي. جسين اوهان جي پگهر جي پورهئي جي ڪمائيءَ جون پيون بٽيون ٿينديون تيسين اوهان اهڙائي پيٽ بکيا ۽ انگ اگهاڙا پيا رهندو! تسين نه اوهان جي پيٽ جي پورت ٿيندي نه اوهان جا ٻچا ڪو علم پڙهي سگهندا، پوءِ ڀلي کڻي ڪو زوري تعليم شروع ڪري يا کڻي اوهان سڀني کي جيلن ۾ بند ڪري اوهان کي پڙهائي.
الله اوڀايو: اوهه واهه! اڙي هاري حقدار نوجوان، شل خوش هجين! ڪٿي نه وڃي مرض جي نبض تي هٿ رکيو اٿئي! سچ ته اسان کي پنڻ کان پڙهڻ ڪٿي ٿو ياد اچي. مون کي ياد آهي ته پر سال هڪڙي ٻئي هاري حقدار جوان ميرپور ۾ پئي تقرير ڪئي ته روس ملڪ ۾ جتي هارين زمينداريءَ کي ختم ڪري پنهنجي سرڪار ٺاهي آهي. اتي ڏهن سالن جي ٿورڙي ئي ويرم ۾ سڀ ماڻهو، ننڍا وڏا، زالين مڙسين، جهٽ پڙهي پيا ۽ هاڻ اتي اڻ پڙهيل آهي ئي ڪونه!
ڪمدار: اڙي گمراهه هاريو! اسين به ڏسي رهنداسون. اوهان کي اهي هاري حقدار وارا جوان ڪٿي ٿا عرشين اڪارين، اڙي بيوقوفو! اهي اوهان کي جهنم جي تري ۾ وڃي ڦٽو ڪندا.
(ڪمدار گهوڙي تي لانگ ورائي، ککو وکو ٿي، تکو تکو هليو وڃي ٿو.)
علي دوست: اڙي ازلي دشمن، تنهنجي ۽ تنهنجي ڪڌاتوري وڏيري جي بهشت کان اهو اسان کي پنهنجو دوزخ به ڀلو.

منظر چوٿون
(ڳوٺ جي اسڪول ۾ اسڪولن جو وڏو صاحب ميز آڏو ڪيو، ڪرسيءَ تي ويٺو آهي، اسڪول جو ماستر صاحب اٿي 17 هارين جا نالا پڪاري ٿو. جن جا ڇوڪرا اسڪول ۾ غير حاضر رهيا آهن. 17 هاري جن تي اڳئي سمنون تعميل ٿيل آهن. اچي ٿا حاضر ٿين. وڏيرو ڇٽو خان، ڪمدار کوسي خان سميت، هارين سان گڏ اندر اچي ڪرسيءَ تي هڪ پاسي ويهي ٿو رهي، ڪورٽ شروع ٿئي ٿي.)
ماستر صاحب: حضور هي 6 هاري اڳئين دفعي به حاضر ٿيا هئا ۽ مٿن اوهان 2_2 روپيا ڏنڊ وڌو هو، هي ماڻهو ٻيهر انهيءَ ڏوهه ۾ اوهان وٽ پيش ٿيا آهن.
صاحب: بابا اوهان کي ڇا چوڻو آهي؟ اهوئي نه ته اوهين غريب آهيو. اوهان جا ڇوڪرا اوهان کي ڪم اچن ٿا. وغيره، وغيره. بابا، هاڻي اوهين خيال ڏيئي ٻڌو! ڇا به هجي، اوهان کي پنهنجا ڇوڪرا اسڪول ۾ هر روز موڪلڻا آهن ان ۾ اوهان جوئي فائدو آهي، جي نه، ته اوهان تي سرڪار ڳرا ڏنڊ وجهندي، ۽ جي پوءِ به ٻار نه آيا ته اوهان کي شايد جيل ۾ به اماڻيو وڃي. هاڻي اوهان مان جن ڇهن تي اڳئين دفعي ٻه ٻه روپيا ڏنڊ پيو هو. تن تي هن دفعي ڏهه ڏهه روپيا ڏنڊ آهي. ۽ اوهان مان باقي ٻين يارهن ڄڻن تي پنج پنج روپيا ڏنڊ آهي، جلد ڏنڊ جا پئسا پياريو ۽ اڳتي اسڪول ۾ پنهنجا ڇوڪرا باقاعدي موڪليو.
وڏيرو: صاحب، هي وٺو 115 روپيا هنن اسان جي هارين جو ڏنڊ، ڇڏيو ويچارن غريبن جي جند.
صاحب: وڏيرا صاحب، هيءَ ڪهڙي ماجرا آهي؟ اڳي به اوهان ئي هنن ڇهن هارين طرفان ٻارنهن روپيا ڀري ڏنا هئا. ۽ هاڻي به هڪدم 115 روپيا ڇوڙي ٿا ڏيو. مون کي ته ميان ان ۾ اوهان جي وڏي ڪا خطرناڪ چال ٿي ڏسڻ ۾ اچي.
وڏيرو: سائين انهيءَ ۾ چال وري ڪهڙي آهي؟ هي ويچارا اسان جا ٻچا آهن. اسان جا هاري آهن، اسين ئي انهن کي نه بچائينداسون ته ٻيو وري ڪير هنن جي ويجهو ايندو؟
هاري: (پنهنجي منهن) بٽئيءَ مهل ته تون ئي ترپٽ ٻهاري، هڙئي هارين جي کنيو وڃين. هارين کي اهوئي بوڇڻ ڪلهي تي. پر هتي ته وڏو سخي مرد ٿي ويٺو آهين هارين پاران ٻڪ روپين جا ڀري ڏيڻ! اهو تيل به ضرور انهن ئي ترن مان نڪرندو...

منظر پنجون
(وڏيرو چٽو خان ۽ ڪمدار کوسو خان اوطاق ڏانهن خوش خوش وڃي رهيا آهن. پاڻ ۾ ڳالهيون ٻولهيون ڪندا ٿا پيا وڃن.)
وڏيرو: ڪمدار وڏا، ٻيلي تون ته هوند سرڪار جو وڏو وزير سونهين. رستو اهڙو ڳولي ڪڍيو اٿئي. جو بس نانگ به پيو مري ۽ لٺ به بچي پيئي آهي.
ڪمدار: سائين، بس رکيو ويٺا هجو الله تي، هاڻي هڪڙو ٻيو ڪم ڪريو، بس پوءِ سمجهو ته سڀ سڻائي.
وڏيرو: ڪمدار وڏا، سو وري ڪهڙو؟
ڪمدار: سائين منهنجا، هاڻي ٻه چار تڏا وٺي. هو جيڪو نه بُهار وارو منهن خالي پيو آهي. تنهن ۾ کڻي رکايو. منهنجي ملان کي کڻي اتي ويهاريو. کوليو کڻي مڪتب. پيا ڄٽن جا ٻار سيپارا پڙهندا، سمجهندا ڌوڙ، پيا جهولندا ۽ مٽيءَ جا مٽ ڀريندا ۽ ڪاٺيون ميڙيندا. چري ڀونڊي ۾ خوش. پوءِ ڏسون ته ڪيئن ٿو اهو زوري تعليم جو اسڪول هلي.
وڏيرو: ڪمدار وڏا، ڳالهه ته اهڙي ڪئي اٿئي، جو بادشاهه هجان ته منهن موتين سان هوند ڀري ڇڏيانءِ.
ڪمدار: سائين، بس هڪڙي ڳالهه اها ڪريو. هوڏانهن وري اها بيگر جي وٺ وٺان هڪ نه ٻئي ڏانهن لايو اچو. باقي اهي ڏنڊ جا سئو ٻه سئو روپيا ڇهين ٻارهين مهيني پيا ڀرينداسون. سي به بٽئيءَ مهل ٻيڻا ٿيو پيا وصول ٿيندا. جوڌيجن جي ڌوڙ جوڌيجن جي منهن ۾. اهي ڄٽن جا ٻار پڙهندا، جو اسين سڀئي مري ويا آهيون. الله اوهان کي نيڪي ڏئي، اڃا سنڌ انهن هاري حقدار وارن گدڙن ڪانه کاڌي آهي. پاڻ انهن جا هڻي لاهه...
آواز: ياد رکو: ٻن گدڙن شينهن ماريو هو. ٻئي ڪندي اوهين ته پاڻ رڳو زهريلا مڇر آهيو، جو ستل شينهن کي پيا ٿا کائو ۽ سندس رت چوسيو ستل شينهن اجهو جاڳيو ڪي جاڳيو. پوءِ اوهين موسمي مڇر رڳو ڀون ڀون ڪندا، منهن مٿو پٽيندا رهجي ويندا. اڃا ڀلي ٿورو ترسو، اڃا ڀلي ٿورو وقت وڌيڪ انتظار ڪريو.
”زميندار شاهي عرف ڪمدار جا ڪارناما“ 1953ع ۾ ڇپيل ڪتاب ۾ آيل.

پنج هڪ ڏينهن جون ڳالهيون

اڻاسو
ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ ماستر هوس. رسيس ۾ اڪثر ٻاهر بندر روڊ تي هوٽل ۾ چانهه پيئڻ ويندو هوس. هڪ ڏينهن جيئن چانهه ڪوپ پي، هوٽل مان ٻاهر نڪتس، ته ڏٺم ته هڪڙو چڱو موچارو ٿلهو ماڻهو، سوٽيل بوٽيل، ٽوپلو مٿي تي، ڪڇ ۾ ٻه چار فائيل، هڪڙي هٿ ۾ ڪيلن جو ڇڳو کنيو، ٻئي هٿ سان ڪيلي جون کلون لاهيندو، بي پرواهيءَ سان اڳيان اڇليندو به وڃي ۽ ڪيلو کائيندو به وڃي. پنج ڏهه وکون اڳيان پئي ويو. اوچتوئي اوچتوئي، همراهه جو پير پنهنجي ئي اڇلايل ڪيلي جي کل تي اچي پيو ۽ وٺي ٿو مڙس ترڪي بس. ڌو پٽ تي! ڪيڏانهن ويو ٽوپلو، ڪيڏانهن ويا فائيل! ٿڙي ٿڦڙي اٿيو. فائيل ميڙيائين، ٽوپلو هٿ ڪيائين. ڪيلا ته هٿ ۾ هئس ئي. ۽ اوچتو نظر ٿي پويس پاسي ۾ فٽ پاٿ تي ويٺل هڪ ويچاري گهورڙئي تي، جنهن خالي لفافا، رٻڙ، پينسلون وغيره پئي وڪيون! بس سائين پوءِ ته صاحب نه ڪئي هم نه تم. ويچاري گهورڙئي تي رڙ ڪري الرجي ويو. چي، ههڙا تهڙا شرم، نٿو اچيئي. فٽ پاٿ تي رستو روڪيو ويٺو آهين. ماڻهو کي هلڻ به ڪين ڏيندين ڇا؟ ويچارو گهورڙيو اچي ڦاٿو. جي ٿو جواب ڏئي ته ٿو گوڙ وڌي ۽ پوليس وارو. اجهوڪي اجهو. اچي ٿو اٿاريس! مڙئي جيئن تيئن ڪري جند ڇڏايائين! هيڏانهن هيءَ سنئون سيبتو سوٽيل بوٽيل همراهه غريب تي ڪاوڙ ڇنڊڻ کان پوءِ اٿي اڳتي هليو. مون پنهنجي اکين سان اهو لقاءُ ڏٺو. صاحب بهادر کي اهوئي مٿي ۾ ٽوپلو. ڪڇ ۾ اهي ئي فائيل ۽ هٿ ۾ اهوئي ڪيلن جو ڇڳو. اٿي هليو. خالي هٿ سان ڪيلي جون کلون ڇليندو، بيپرواهيءَ سان اڳيان اڇلائيندو. ڪيلي کي چڪيندو، منهنجي اڳيان ئي اڳيان، سڌوئي سڌو، بندر روڊ جو فٽ پاٿ وٺيو. اڳتي ويندو رهيو. ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو.

(”مهراڻ“ بهار 2_ 1955ع)

اسپرنگ ٽٽي پوندا...
حيدرآباد وڃڻو هوم، گاڏي پلئٽفارم تي بيٺي هئي. ٽڪيٽ وٺي اندر ويس ته پهريون ئي سيڪنڊ ڪلاس گاڏو جيڪو منهن پيم، سو خالي ڏٺم. منجهس فقط هڪڙو صاحب ويٺل ڏٺم. گاڏي ۾ چار گاديلا هئا ٻه هيٺ ۽ ٻه مٿي، سامهون وري هيٺئين گاديلي تي هيءُ صاحب بوٽ سميت ڄنگهون ڊگهيون ڪيو، سگريٽ ڇڪڻ ۽ اخبار پڙهڻ ۾ مشغول، بالم ٿيو پيو هو. گرمي البت غير معمولي هئي، سو گاڏيءَ ۾ جيڪي ٻه بجليءَ جا پکا هئا، تن ٻنهي جو منهن هن صاحب پاڻ ڏانهن ڪري ڇڏيو هو ۽ پنهنجي مٿان واري گديلي کي مٿي کڻي ڇڏيو هئانين ته جيئن ٻنهي پکن جي سموري هوا سڌي سنئين کيس ملي سگهي. ٻئي مٿئين گاديلي تي صاحب جو سامان سٿيو پيو هو ٻه وڏيون لوهيون پيتيون، چمڙي جي بئگ نيٽ جي وڏي ڇلي. ٻه ڪاٺ جا کوکا، ميوي جو ٽوڪرو، هڪ انتهائي ڦوڪيل بسترو! مون وٽ سامان خير ڪو هو فقط هڪڙي ننڍڙي بئگ هٿ ۾ هيم. سا لاچار کڻي هيٺ رکيم. ايندي ايندي، آمريڪي هفتيوار رسالو ”ٽائيم“ ورتو هوم تنهن کي پڙهڻ ۾ لڳي ويس. گهڙيءَ کن کان پوءِ هڪڙو ٻيو صاحب پنهنجي بيگم صاحبه سميت گاڏيءُ ۾ اچي چڙهيو. ڪافي سامان هو هن صاحب کي به ٻه مزور ساڻس هئا سو ڏٺائين جو ته ڪهڙو مٿيون گاديلو اڳي ئي سامان سان ڏٽيو پيو آهي ۽ ٻيو وري خالي مٿي کڄيو پيو آهي. تڏهن لڳو ان ٻئي گاديلي کي هيٺ لاهڻ، ۽ مزور وڌيا ان تي سامان رکڻ لاءِ هڪدم اڳواٽ ويٺل صاحب رڙ ڪئي. ”جناب، اهي سيڪنڊ ڪلاس جا گاديلا سامان رکڻ لاءِ نه بلڪ مسافرن جي سمهڻ لاءِ هوندا آهن. انهيءَ گاديلي تي سامان نه رکو: ان جا اسپرنگ ٽٽي پوندا.“ ويچارو نئون صاحب لڳو ٻئي مٿئين گاديلي ڏانهن نهارڻ ۽ مون ڏانهن نهارڻ مون هڪدم کيس تسلي ڏني ته اهو سامان منهنجو نه پر هن ٻئي صاحب جو هو! ان صاحب اهڙي ڪن ٽار ڪئي. جو ڄڻ اهو منهنجو گفتو ٻڌوئي ڪونه! نئين صاحب ٻيو ڪو چارو نه ڏسي نيٺ پنهنجو سامان هيٺ رکائي ڇڏيو.
جنگشاهي اسٽيشن تي لهي، آءٌ پاسي ۾ انٽر ڪلاس گاڏي ۾ هڪ دوست وٽ وڃي ويٺس ۽ ڪوٽڙيءَ تائين اتي ويٺو رهيس. ڪوٽڙيءَ تي ٻئي دوست هيٺ لٿاسين، جهٽ رکي پنهنجي گاڏي ۾ جهاتي پاتيم ته ٻيو صاحب ۽ سندس بيگم صاحبه لهي ويا هئا: ۽ هو پهريون صاحب منهنجي رسالي ”ٽائيم“ جي ورق گرداني ڪري رهيو هو. گاڏي ڇٽي ۽ آءٌ وري به وڃي دوست سان انٽر ڪلاس ۾ ويٺس. حيدرآباد جي اسٽيشن آئي بئگ کڻڻ لاءِ جو پنهنجي گاڏي ۾ آيس ته ڏٺم ته منهنجو همسفر صاحب به لهڻ جون تياريون ڪري رهيو هو. آءٌ بئگ هٿ ۾ کڻي، لڳس رسالو ”ٽائيم“ ڳولڻ. هيڏانهن هوڏانهن ڏٺم ڪٿي نظر نه آيو. آخر هن صاحب کان پڇيم، ”جناب، هتي منهنجو رسالو هو؟“ جواب مليو، ”هو صاحب ڪوٽڙيءَ تي لهي ويو. تنهن جي بيگم جي هٿ ۾ هو پڙهيائين پئي: شايد پاڻ سان کڻي ويئي، کڻي جو صاحب جي هٿ ڏانهن نهاريان ته سندس اخبار جي وچ ۾ منهنجو رسالو ظاهر ظهور ويڙهيو پيو آهي! ڏسي، اهڙي ته تپرس ۾ پئجي ويس، جو حرف وات مان نه اڪليم. هو صاحب مزورن کان سامان کڻائي، چپ چاپ گاڏي مان لهي ويو: ۽ آءٌ ڏانهس ڏسندو ئي رهجي ويس.!
(”مهراڻ“ اونهارو. 3. 1955ع)

ير، پڇانس ها ته واه واه!
حيدرآباد کان ڪراچيءَ وڃي رهيو هوس. رواجي طرح، گاڏي شام جو سوائين ڇهين بجي ڇٽڻي هئي. ۽ ڪراچيءَ تي پهچڻ جو وقت تقريبن يارهين بجي هوس. يارهين بجي تائين به ڪير ٿو سمهي؟ سو هن گاڏي ۾ ڪوبه مسافر سمهڻ جي جڳهه محفوظ ڪين ڪرائيندو آهي. پر هن موقعي تي پنجاب جي ٻوڏن ۽ مينهن سبب گاڏي ڏيڍ ڪلاڪ ليٽ هئي: تنهنڪري جيڪي مسافر ننڊ جا زياده شيدائي هئا، تن پنهنجي لاءِ برٿ رزرو ڪرائي ڇڏڻ وڌيڪ مناسب سمجهيو هو. مون کي گاڏيءَ ۾ ليٽ هئڻ جي اڳواٽ خبر نه هئي: تنهنڪري ڊنو ڊپ ڪري اصلوڪي وقت پٽاندر جڏهن ساڍي پنجين بجي کن اسٽيشن تي پهتس، تڏهن ٽڪيٽن واري بابوءَ کان معلوم ٿيو ته ڏيڍ ڪلاڪ ليٽ مان پورو ڪلاڪ ته گاڏي اڳواٽ ڪڍي چڪي هئي. ۽ هاڻي فقط اڌ ڪلاڪ ليٽ پئي آئي سو به ڪراچيءَ پهچندي پهچندي شايد ڪڍي ويندي: تنهنڪري سمهڻ جي وقت کان اڳ ئي ڪراچيءَ پهچي وڃبو برٿ محفوظ ڪرائڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي! هيءَ گاڏي هونئن ايندي ته لاهور کان آهي. پر هڪڙوسيڪنڊ ۽ فرسٽ ڪلاس جو پورو گاڏو حيدرآباد کان ساڻس ڳنڍيو ويندو آهي. مون به ٽڪيٽ وٺي سڌو وڃي سيڪنڊ ڪلاس گاڏي جو هڪڙو چئن گاديلن وارو ڪمرو وسايو. مٿيان ٻه گاديلا ۽ هڪڙو هيٺيون گاديلو ته اڳ ئي والاريا پيا هئا. باقي بچيل هيٺئين گاديلي تي آءٌ به بالم ٿي دريءَ لڳ ويهي رهيس.
گهڙي نه گذري ته هڪڙو بنهه ناسي رنگ جو ديسي صاحب لوڪ اچي در تي بيٺو پنهنجي رزرويشن چٽڪيءَ کي ڏسي. گاديلي جي نمبر ڏانهن ڏسي: گاديلي جي نمبر ڏانهن ڏسي مون ڏانهن ڏسي تپرس ۾ اچي ويو ته ههڙي ويڌن ساڻس آخر ڪيئن ٿي ٿي! هڪدم خاطري ڏياريمانس ته گاديلو سندس ئي جاگير هئي پر اجهي ٿي يارهين بجي ڪراچيءَ پهتاسون، پوءِ سڄي رات هر ڪو وڃي گهر آرامي ٿيندو! صاحب بهادر آخر خطا بخش ڪئي ۽ ترت ئي موڊ ۾ اچي اوڀارين لهوارين ڳالهين ۾ ريجهي ويو.
ايتري ۾ هڪڙو اسان جي سنڌ ديس جو وڏيرو بت ۾ البت زياده ڀريل، قد جو مڙيو ئي لاٺيرو، ڪپڙين لٽين ضرورت کان وڌيڪ ڍڪيل، گولين سان جهنجهيل پٽي سميت پستول ڪلهي ۾ لٽڪائيندو ٻئي هڪڙي پاڻ جهڙي همراهه سان گڏ، پريان پلئٽفارم تان اهڙيءَ ته ارڏائي ۽ البيلائي سان ايندو ڏٺم، ڄڻ آسپاس جي ڪا شيءِ هن جهنگ جي بادشاهه جي نگاهن ۾ بنهه موجود ئي ڪانه هئي! رئيس جو رخ هو اسان جي گاڏي ڏانهن دل ۾ چيم، ”ياخدا خير!“ گاڏي جو در مزور کان کولرائي، ورانڊي کان ڦري، نيٺ اچي ڀوتار اسان جي ڪمري ۾ منهن وڌو. هن جو منهن وجهڻ ۽ ڀرسان منهنجي ويٺل صاحب جي کيس هڪل ڏيڻ ”هي رزرو آهي. اڳتي هلو!“ وڏيرو صاحب گهڙي پلڪ هٻڪي، ائين بيهي رهيو، جيئن ڪو مدت کان نسي ويل جانور پنهنجي مالڪ کي سڃاڻي، بيهي رهندو آهي. پر صاحب به اکيون ڍڪي، وٺي جو ڏنيس ٻي اڇل ته وڏيرو صاحب جيئن هو تئين ٻٽجي هڪدم ٻاهر هليو ويو. نيٺ گاڏي ڇٽي، گهڙيءَ بعد ٻاهر جو نڪران ته ڏسان ته وڏيرو صاحب ۽ سندس همراهه گاڏي جي ٻاهران ورانڊي ۾ بيت الخلا جي ڀرسان، سامان سميت براجمان ٿي ويٺا آهن.
گاڏي هلندي رهي، صاحب بهادر ۽ منهنجي ڪچهريءَ ۾ ڳالهين پٺيان ڳالهيون نڪرنديون رهيون تان جو ويٺي ويٺي گاڏي اچي ڪراچيءَ جي صدر اسٽيشن تي بيٺي. صاحب لهي پيو ”مزور! مزور!“ پر گاڏو هو بنهه پويون. سو مزورن جو پتو ئي ڪونه لڀي. ايتري ۾ اسان جي سنڌ ديس جي وڏي شان ۽ مان وري وڏيرو وڏ ڌڻي ڊوڙي اچي صاحب جي حضور ۾ حاضر ٿيو”سائينءَ جن هتي لهندا؟ سائينءَ جن جو سامان؟ اڙي رحيمداد. ڦري گاڏي مان صاحب جو سامان ته ٻاهر ڏي!“ بس پوءِ ته وڏيري جو همراهه رحيمداد اندر. وڏيرو صاحب ٻاهر جو ميدان خالي، سو ٽيڪ ڏيئي اتي گاڏي ۾ اندر ئي ويهي رهيو. وڏيرو صاحب پوءِ لڳو مزور جي ڳولا ۾، مڙس ڏسو ته کٿي نه پيو ماپي! ذري هيڏانهن لوهي، ذري هوڏانهن ، سڏن پٺيان سڏ ”مزور، او مزور، اڙي او...“ نيٺ ڏٺوسون ته مزور اڳيان، وڏيرو پويان: مزور سهڪندو، وڏيرو رڦندو تکا تکا ٻيئي اچي صاحب جي سامان مٿان بيٺا. مزور سامان سٿي ڪيو بس، ته لڳو هيڏانهن هوڏانهن واجهائڻ ته ڪو هٿ وجهائيس پر ڪنهن جي بخت سان ريس ڪانهي: اها سعادت ته وڏيري صاحب کي ئي حاصل ٿي. سامان کڻائي صاحب ته ٿيو اڳتي روانو: پر وڏيري کي ڄڻ ڪيميا ڏيئي ويو مڙس ڏسو ته بهار بهار پيو ٿئي: خوشي ڏسوس ته بس اڦرڪي منهان پيئي نڪريس. اڇلجي اچي پنهنجي همراهه ڀيڙو ٿيو ”رحيمداد، ڪلٽر هوئي! منهنجو شڪريو پيو مڃي! ٻه ڀيرا هٿ ڏنائين! مان ته پهريائين سڃاتومانس پر ادا مون کي به ٿڏي تي ئي سڃاڻي ويو هوئي! جڏهن نه پنهنجي ضلعي تي هو، تڏهن دعوت ڪئي هئي مانس! هاڻ الائي ڪهڙي ضلعي تي هوندو؟ ير پڇانس ها ته واه واه!...“
مون کي لهڻو ته هونئن سٽي اسٽيشن تي هو پر ڪنڌ هيٺ ڪري، بئگڙي ۾ هٿ وجهي.، اتي صدر تي ئي لهي پيس.
(”مهراڻ“ سرءُ 4. 1955ع)

روزي جي ماني
زندگيءَ جي بي ترس جانڊهه ۾ پيسجي پيسجي. شام جي ٻاجهاريءَ فضا ۾، ڪراچيءَ جي برنس گارڊن جو سير سو به بهار جي موسم ۾! بس زندگيءَ ۾ انسان جو ايمان تازو ٿيو وڃي! سارو ڏينهن چئن داڻن لاءِ پرڙا سٽي سٽي. ڌرتيءَ کان دور ڀڄندو، ڀانت ڀانت جا، پيارا پيارا پکي، ولرن جا ولر ڪيو، وڻ وڻ مٿان اچيو ڳاهٽ ٿين: رات جا چار پهر هر ڪنهن کي. ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن ڏار تي. ڪنهن لام تي. ڪنهن پن جي اوٽ ۾ آرام لاءِ اجهو ملي ئي ويندا! اداس ڌرتيءَ لاءِ ڏکن ڀرئي ڏينهن جي پڄاڻيءَ جي هيءَ پوئين گهڙي به ڪيتري نه اثر آفرين ٿي ٿئي! ڪنهن الميه افساني جو پڙهندي پڙهندي ڄڻ ڪنهن پنو اٿلائي ڇڏيو هجي!
برنس گارڊن جي اترئين دروازي وٽان الهندي طرف ڏانهن ويندڙ، اٽڪل چاليهارو قدم ڊگهي هڪ فٽ پائري وڇايل آهي، جنهن تي خانه بدوش گيدڙين جا ڪي نه ڪي ٻه چار ڪٽنب هميشه پيا ئي رهندا آهن. هيءَ فٽ پائري الهندي واريءَ ڪنڊ کان مڙي. ٻيا چاليهارو کن قدم سڌو ڏکڻ ڏانهن ويندا، سنڌي مسلم لا ڪاليج جي دروازي وٽان ٿورو اوڀر ڏانهن ڦري، پاسي ۾ هڪ نئين ٺهيل مسجد شريف جي چائنٺ وٽ وڃي ٿي ختم ٿئي. سامهون پنج ماڙ بلڊنگ جون ٽي قطارون اڀيون. چپ چاپ هڪٻئي کي گهورينديون. وڃيو ٻئي پاسي مئڪلوڊ روڊ سان مليو بيهن. هنن بلڊنگن ۾ اصل ته ٻيا رهندا هئا، پر پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ اهي هندستان هليا ويا ۽ هندستان مان اهڙائي ٻيا خدا جا بندا ڪجهه لوڌجي، ڪجهه چاهه پئي، اچي هنن بلڊنگن ۾ آباد ٿيا آهن، لا ڪاليج جي ڀر واري مسجد شريف به هنن ئي ايمان وارن جي جذبه بندگيءَ جو نتيجو آهي: نه ته هونئن ان جاءِ تي اصل برنس گارڊن جي گلن ٻوٽن جي هڪ نرسري رکيل هئي.
گذريل روزن وارو مهينو بهار جي موسم ۾ وارد ٿيو هو: هن برڪتن ڀرئي مهيني جي بنهه پوين تاريخن ۾، هڪڙي ڏينهن شام جو برنس گارڊن منجهان ڦري گهري، جيئن ٻاهر نڪتس، تيئن فٽ پائريءَ تي سامهون خانه بدوش گيدڙين جو هڪڙو اٺن ڏهن سالن جو معصوم ٻالڪ پٺن اگهاڙو، وارن منجهيل، مٽي ۽ مر ۾ لتل، ابداڻي کان رانن تائين لتاڙيل گاڏڙي ۾ پنهنجي ڪنهن پنگلي مائٽ کي وجهيو. ٿيلهيندو. اڳتي هلندو پئي ويو. نما شام جي هن ننڊ اکريءَ فضا ۾ گاڏي ۾ پيل پنگلي جي دل نپوڙيندڙ دانهن اڄ به منهنجي ڪنن ۾ پيئي گونجي.....”آءٌ بکيو لاچار.....بابل! ڏئي وڃ نالي الله جي...! آءٌ بکيو لاچار... بابل...“
الهندي واريءَ ڪنڊ کان مڙي جيئن ئي پنج ڏهه قدم اڳتي ٿيس، تيئن سامهون وارين بلڊنگن جي ڪنهن ديندار گهر جو هڪڙو هر طرح سان صاف سٿرو. ٻارنهن چوڏهن ورهين جو سٻاجهو نينگر، ٻنهي هٿن ۾ ڍڪيل ٺهيل، شانائتي ماني کنيو، آڏو ايندو ڏٺم. هيءُ ماني شايد خوش بخت روزيدارن جي ئي نذر ٿيڻي هئي: پر روزي کلئي وقت ٿي چڪو هو. ۽ نمازي سڳورا مسجد مان نڪرڻ وارا ئي هئا. ٻه وکون ڀري ڇوڪرو مانيءُ سوڌو اچي پنگلي وٽ بيٺو. غريب ٻالڪ پنهنجا ٻيئي هٿ ڊگهيريا. ڇوڪري چيس. ”ائين نه، ٿانءُ ڪڍ ته ڏيان!“
”ٿانءُ“ جو نالو ٻڌڻ ۽ گاڏي کي اتي ئي ڦٽي ڪري وٺي ٻالڪ پوئتي ڊوڙ پاتي خوشيءَ ۾ اهڙو وٺي ڀڳو. جو کڙيون ڪياڙيءَ سان لڳنديون ويس بس واءُ ٿي ويو! پنگلي جي دانهن بند ٿي ويئي.
اوچتو سامهون ڪنڊ کان رڙ ٿي: ”طفيل، او طفيل! ماني ڪنهن مسلمان فقير کي ته ڏي. بدبخت!“ طفيل جو مسلمان پيءُ مسجد مان روزو کولي، نماز پڙهي ٻاهر نڪتو هو. ۽ گهر ڏانهن ويندي. طفيل کي هن اجوڳ ڪم ڪندي پڪڙي ورتو هئائين!
پرڀرو هڪڙي مسلمان پوڙهي فقيرياڻي بيٺي هئي تنهن پاڻ کي وڌيڪ حقدار سمجهي. آسرو پختو ڪري. رڙهي اچي پاسو ڏنو. هوڏانهن گيدڙي ٻالڪ به جمن هٿ ۾ کنيو. يڪ ساهيءَ ڊوڙ موٽي پئي آيو. ايتري ۾ طفيل جو پيءُ تکو تکو وڌي اچي جاءِ واردات تي پهتو، ۽ پٽ جي هٿن مان ماني ڊوهي، اتي جو اتي سڀ کڻي مائيءَ جي ڪشتي ۾ وڌائين. گيدڙي ٻالڪ خالي جمن کي سامهون ڪيو: ”سائين ٿوري مون کي!“ پيرن ۾ جو پنگلو پيو هوس، تنهن کن رکي، دانهن ڪئي: ”هي بکيو لاچار... باب! ڏي ڪجهه نالي الله جي...!“
طفيل ۽ طفيل جو پيءُ ته هليا ويا... پر هنن جي پٺ ڏيڻ سان ئي، پوڙهيءَ فقيرياڻيءَ ڪشتي ۾ هٿ وجهي، جيڪي ڪجهه مليو هوس ٻه ڊڳڙ، مٺ خشڪا. ڏوئي بوڙ جي، قيمي جي هڪ ٽڪي ۽ مٺائيءَ جو هڪڙو لڏون تنهن سڀ مان اڌ ڪڍي، گيدڙي ٻالڪ جي جمن ۾ کڻي وڌو... ۽ ٻار جي مٿي تي مهر جو هٿ ڦيري پنهنجي راهه وٺي ويندي رهي!
نئين سر انسان ۾ منهنجون اميدون، جاڳي اٿيون ۽ وساڻل زندگي. بهار جا نوان ويس ڍڪي. هڪ ڀيرو ٻيهر منهنجي اڳيان اچي بيٺي.
(”مهراڻ“ 1_2. 1957ع)

قرباني ۽ بک
حيدرآباد جا منگهه ۽ ڪني پاڻيءَ جون ڪسيون مشهور آهن. اونهاري ۾ صبح جي پهر ۽ سانجهيءَ کان وٺي ساري رات حيدرآباد مٿان بهشت جون دريون کلنديون آهن، ۽ حيدرآباد جا منگهه هنن بهشتي هوائن جا جهول ڀري گهر گهر ۾ اوتيندا آهن.
هن شهر جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ کليل ڪني پاڻيءَ جون ڪسيون به ڪنين تار وهنديون آهن. جن مان هر هنڌ ساهه کي مروٽيندڙ اوٻر اٿندا رهندا آهن ڄڻ دوزخ جو تاءُ ڪي ماس جا دوڳ سجائي ۽ ساڙي رهيو هجي. هي اوٻر ۽ هي هوائون موت ۽ حياتيءَ جا سدا موجود روح اوهان کي حيدرآباد جي گهر گهر ۽ گهٽي گهٽيءَ ۾ هڪٻئي سان زور آزمائيءَ ۾ مصروف نظر ايندا. پر ميدان سرءُ ۾ پوريءَ طرح ۽ سياري ۾ گهڻي قدر موت جي حوالي هوندي آهي. ۽ اونهاري ۾ ان جو قبضو حياتيءَ جي هٿن ۾ هوندو آهي. بهار جي موسم ته حيدرآباد جي چئي ڇا چئجي! ٿئي سا بنهه ٿوري ٿي. پر جن حيدرآباد جي بهار نه ڏٺي سي چئبو ڄڻ مورئون ڪونه ڄاوا.
پر حيدرآباد جو حشر ۽ ڪوس واري عيد ٻين موسمن ۾ ته ٺهيو. پر بهار ۽ اونهاري ۾ به شل ڪڏهن نه اچن. پوءِ ته موت جي منحوس ديو سان نه منگهه ئي هٿ ڳنڍين ۽ نه ان کي بهشتي هوائون ئي رسن. الامان والحفيظ! چوڌاري رت ۽ پونء جا اوٻر هوندا. جيڪي ساهه کي مٺ ۾ جهليو، نپوڙيو، سوگهو ڪيو بيٺا هوندا. حيدرآباد جي شهر تي انهن ڏينهين ڪني پاڻيءَ جي ڪسين جو راڄ هوندو آهي. ۽ حيدرآباد جا منگهه ائين بيڪار بنيا. وائڙا ٿيا، شهر جي مٿان سڪل وڻ جي ڇانڀن جيان بيٺا هوندا آهن، ڄڻ ڪنهن اوچتيءَ آيل آفت جي آڏو، پڪي فصل جا هاري. ٻاهر ميدان ۾ آسمان ۾ اکيون وجهيو. پنهنجيءَ قمست کي پٽڻ لاءِ، هٿين خالي اڀا بيٺا هجن.
هن سال قربانيءَ جي عيد اونهاري ۾ ئي آئي. جنهن گهٽيءَ ۾ ۽ جيڏانهن وڃ. تيڏانهن رت جا اڌ ڄميل اڌ پٽڙا پڙد ۽ ڦاٽل، سوڻل اوجهريون. ۽ اڌڪچي، اڌ پڪي ڇيڻي ۽ اوجهه ۾ لتل آنڊن جون ويڙهيون اڇليون پيون هجن. جن تي سرڻين جا اوچتا لامارا مکين جا ڍير ۽ ڪتن جي ڊوهه ڊوهان لڳي پيئي هجي. ٻه قدم کڻ ته پير رت ڇيڻي ۾ لپجيو وڃي. هوا ۾ اٻس ۽ ڌپ ايتري، جو ساهه کڻڻ ته روڙيون پيون اچن. گندي پاڻيءَ جون ڪسيون اوجهرين جي داڦن ۽ آنڊن جي ويڙهين سان هنڌين هنڌين ڏٽيون. رستن ۽ گهٽين ۾ ٻوڙ ٻوڙان لايو بيٺيون هجن.
اونهاري جي موسم ۾ به ڪي ڏينهن مئي ۽ جون جي مهينن ۾ اهڙا يندا آهن. جڏهن ملڪ تي گرميءَ جي خاص لهر ڇانيل هوندي آهي. ۽ لڪ منهن کي باهه جي ڄراٽ وانگر ساڙيندي ويندي آهي. پر هن موسم جا اهي ڏينهن سڀ کان بڇڙا، جيڪي بنهه گهٽ جا هوندا آهن هوا بلڪل بند، پتو به نه چري ۽ ساهه جي ايتري مونجهه، جو ڀانئجي ته اها منهن ساڙيندڙ لڪ ئي چڱي. جنهن ۾ ساهه ته کڄي سگهي! حيدرآباد جي هيءَ ڪوس جي عيد اونهاري جي هڪڙي اهڙي ٻوٽيل، ترم جهڙي گهٽيل ڏينهن تي آيل هئي. ۽ اچي اسان کي ته وري به پنهنجي سڄي خير ۽ برڪت سان نوازي ويئي. پر اسان کان هيڻن، هزارن لکن گگدامن لاءِ، جيئن ٻين هنڌ تئين هتي حيدرآباد ۾ به، اجائي موت جو پيغام بڻجي، قيامت برپا ڪري، انهن جا آنڊا ۽ اوجهريون رستن ۽ گهٽين ۾ رولي ۽ کلون کلن. کائو جانورن جي حوالي ڪري، آسماني وڄ وانگر اوچتي ڌرتيءَ تي ڪري وري چڙهي ويئي.
عيد جي ٻئي ڏينهن آءٌ صبح جو سج اڀرئي، ٽريننگ ڪاليج جي اترين ڀت سان لاڳو گهٽي ڏيو، مارڪيٽ کان ٿيندو، واپس ڪاليج طرف پئي آيس، جيڏانهن منهنجو گهر هو. ساڄي هٿ تي نور محمد هاءِ اسڪول جي ڀت آهي. ۽ کاٻي هٿ تي هندن جي رهڻ جون پراڻي نوع جون ٺهيل پڪ سريون جايون آهن، جن ۾ هاڻي قربانيءَ جي عيد تي قربان ٿيندڙ اسان جهڙن مومن مسلمانن جا ٻه خاندان آباد ٿي اچي ويٺا آهن. جاين جي پاسي کان ڀت سان لڳو لڳ هڪڙي چڱي موچاري ۽ موڪري پر اگهاڙي ڪسي وهندڙ آهي. جنهن تي انهن گهرن مان اچڻ وڃڻ لاءِ ٻن ٽن ڏاڪن جون ٺهيل دڪيون اڏيل آهن. انهن مان ٻيءَ دڪيءَ جي ڀت واريءَ هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ ڏٺم ته ٻن ٻارن سان هڪ فقيرياڻيءَ مٿڀرئي گهر جي در ۾ اکيون وجهيو ويٺي آهي. ۽ صدائن مٿان صدائون پيئي هڻي: ”مائي سڳوري! منهنجا ٻار بکيا! مان بکي! نالي الله جي ڪو لولو! حاجياڻيءَ سڳوري، نالي رسول جي ڪو ڳڀو...“ هڪڙو ٻار ٿڻن تي سندس هنج ۾ هو ۽ ٻيو ڀت جي ڪر سان ڪسيءَ جي بنهه ڪپ تي سنئون نئون پيو هو. جنهن کي ڪسيءَ ۾ ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ هن پنهنجي هڪ ڄنگهه آڏ طور ڪسيءَ ڏانهن لاڙي ڇڏي هئي. فقيرياڻيءَ جي هيڻي حال جو ڇا ذڪر ڪجي! ڪپڙا ليڙون ليڙ، منهن ۽ هٿ ميرا جهڙا گپ، وارن جون چڳون اهڙيون منجهيل ۽ گهريون. جهڙيون ڏاس جون پراڻيون وٽيل نوڙيون. ٻيئي هن جا ٻار الف اگهاڙا هئا. ۽ مکين جا ڪٽڪ انهن تي پئي اڏاڻا ۽ مچا ڪيو پئي انهن کي پٽيائون، فقيرياڻيءَ جي رکي رکي اهائي صدا پئي اٿي“ مائي سڳوري نالي الله جي! بيبي، منهنجا ٻار بکيا... حاجياڻي ڪو لولو! خبر ناهي هن جون اهي صدائون ڪيتري مهل چوڌاري ٻرنديون رهيون هيون ۽ ڪسيءَ مٿان دڪيءَ واي در سان ٽڪرنديون پوئتي سٽبيون، هوا ۾ ائين گم ٿينديون پئي رهيون. ڄڻ اهي انساني آواز نه، پر ڪتي جا ڀونڪاٽ هئا، يا ڪنيءَ ڪسيءَ جي ڪني پاڻيءَ سان وهندڙ ڪن جا ڪي ذرا هئا، جي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ لاءِ نه پر ائين ئي ٻرندي رهڻ ۽ وهندي وڃڻ لاءِ هوندا آهن.
پر نه! ڪيڏيءَ مهل در کليو ۽ مائي سڳوري درمان منهن ڪڍيو. ٻنهي هٿن ۾ ڪجهه هوس.
”هان، جهولي پٿار! هي ڳني وٺ!“ مائي سڳوري ڪڇ جي ميمنياڻي هئي.
فقيرياڻيءَ هڪدم وٺڻ جي تياري ڪئي. تڪڙ ۾ مرڳو ڪسيءَ تي پيل ٻار سرڪي هيٺ ڪني پاڻيءَ ۾ ٿي ويس. جيئن تيئن هن کي جهلي ورتائين.، ان گسر ڦسر ۾ گهڙي پلڪ لڳي ويس، مٿان مائي سڳوريءَ ڪجهه تاءُ ڪيو. فقيرياڻي سري پري، ٻن ٻارن لاءِ پاڻ سوئي سڪوئي، جاءَ ڪري، ٻيو ته جهٽ پلڪ ۾ ڪجهه ڪري نه سگهي. سو ٻيئي خالي هٿ جهلي، کڻي مٿي ڪيائين. هوڏانهن مائي سڳوري جا پاڻ جهلي جهلي، ڪجهه ٿڪي هئي سو بسم الله ڪري ٻنهي هٿن جي چنبي کي هڪدم کڻي ڍرو ڪيائين. فقيرياڻيءَ، جو عين انهيءَ گهڙيءَ اکيون مٿي کنيون ته سندس نظر وڃي قربانيءَ جي ماس جي ٻن اڍائن سيرن جي ٻوٽن تي پيئي، ۽ هن به هڪدم پنهنجا ڊگها ڪيل هٿ کڻي پوئتي ڪيا. برڪت ڀريءَ قربانيءَ جي گوشت سڳوري لاءِ ٻي جاءِ ته باقي ڪانه رهي سواءَ وهندڙ ڪني پاڻي جي ڪسيءَ جي، سو ڌوڪري، سڌو وڃي ان ۾ چڀڙاٽ ڪيائين. ۽ هئو به، جو ڪجهه وڏي مقدار ۾، سو حالي ته ڪسيءَ جو پاڻي جهلي بيهي رهيو. فقيرياڻيءَ جي ٻارن مٿان. جي مکين جا ڪٽڪ ڀوڻاٽ ڪيو پئي ڦريا ۽ انهن جا مچا، سندن منهن تي ۽ بدن تي هنڌ هنڌ ميڙا لايو ويٺا هئا. انهن ۾ گوشت جي ان چڀڙاٽ ۽ ڪني پاڻيءَ جي اٿندڙ ڦڻنگن تي ڪجهه ٽاهه پيو، ۽ انهن جو اڌ کن لشڪر ٻارن تان هٽي فورن وڃي ڪسيءَ ۾ پيل ان ڪني ٿيل ڪوس جي گوشت تي ويٺو.
فقيرياڻيءَ، جو پاڻ سنڀاليو ۽ ڏٺو ته ڪني پاڻيءَ جي وهندڙ ڪسي ائين بند ٿي ويئي، سو اهو ويچار ڪي ته ڪنو پاڻي ڪٺو ٿي، ڪسيءَ جي وٽ تي پيل سندس ٻار جي مٿان نه وري وڃي، سو اٿي کڙي ٿي: هڪڙي ٻار کي ٻانهن جي ٻيڪڙ ۾ رکيائين، انهيءَ ئي هٿ ۾ پنهنجي سڄيءَ هوند سوند جي ڳنڍ جهليائين. ۽ ٻئي ٻار کي هڪڙيءَ کنڀڙاٽيءَ مان وٺي کڻي مٿي کنيائين، ۽ جهٽ جهٽ گهٽيءَ جي ٻيءَ وٽ سان سامهون اس ۾ وڃي ويٺي. جتي صبح جي ڪجهه هلڪي هلڪي هير پئي لڳي، ۽ جتي ڪني ڪسي به ڪانه هئي ۽ آسپاس ڪوس جو ڪنو گوشت به ڪو پيل ڪونه هو.....۽ اتي ويهي راهه ويندڙن کي لولي مانيءَ لاءِ پيسي پيسي جون صدائون ڏيڻ لڳي.
(آگسٽ. 1953ع ۾ لکيل ”سنگت“ 1980ع ۾ شايع ٿيل)

اٺ لوڪ ڪهاڻيون


پاڻ وهيڻي پري
ڳالهه ٿا ڪن ته هڪڙو ڪو غريب شخص هو، تنهن کي گذران جي تنگيءَ اهڙو ته اچي ورايو. جو لاچار ٻي ڪا واهه نه ڏسي. گهر واريءَ کي چيائين ته ”اٽي لپ ڪا پلاند ۾ ٻڌي ڏينم ته پرديس ۾ وڃي ڪٿي قسمت آزمايان. باقي هتي ته ويٺي ويٺي ويلا ٿا پئجي وڃنسون!“ جوڻس تنهن تي اندر اٿي وڃي ٿانو ٿپا اٿلايا پٿلايا: پر تس ۾ هٿ گهمائي کڻي جو ڏسي ته اٽي جي ان ۾ چپٽي به ڪانه لڀي! دل ڏاڍي ڪري چلهه مان ڇار جون ٻه چار مٺيون ڀري. اجرڪ جي پلو۾ ٻڌي، آڻي مڙس کي هٿ ۾ ڏنائين. ۽ چيائين ته ”هي اٿئي مانيءَ ٻن جو اٽو پرتين الله کي! پٺيان جي توکان لڪل ڪانهي، ورجانءِ مڙيوئي سيگهڀرو!
مڙس ويچارو پٽڪي جو ابتو سبتو ور ڏيئي. اجرڪڙي ڪلهي تي رکي، اٿي کڙو ٿيو. نه سوچيائين، نه ويچاريائين، جيڪو رستو منهن سامهون آيس، الله توهار ڪري، اهو وٺي ٿيو اڳتي روانو، هلندي هلندي، همراهه کي سج لهي ويو. سٽ اڌ پنڌ جي ٻي ڪري، نيٺ اچي هڪڙي ڳوٺ ڀيڙو ٿيو. ڳوٺ پرايو، نه ڄاڻ نه سڄاڻ، ڪيڏانهن وڃي ڪيڏانهن وڃي! اڃا انهيءَ ڀڃ گهڙ ۾ ئي بيٺو هو. ته پري کان ملي جي ٻانگ جو آواز ڪن تي پيس. سو نهاريندو نهاريندو، اچي الله جي گهر جي دروازي وٽ بيٺو: همت ٻڌي، وضو ساري، ٻين گناهن جون دل ئي دل ۾ معافيون پنندو. لنگهي ٿيو اندر، ملو به بس مسجد مان نڪرڻ تي هو: سو، جو اوپري ماڻهوءَ کي ايندو ڏٺائين، ته دهلجي بيهي رهيو، حالي احوال ٿيڻ کان پوءِ وڃي دلجاءِ ٿيس، نيٺ هٿ کان جهلي، پاڻ سان وٺي، آڻي ٻاهر حجري ۾ ويهاريائينس. ۽ واٽ الله جون مليل ٿوٻيءَ جهڙيون ٻه مانيون آڻي آڏو رکيائينس. هيءُ مولائي به هو سڄي ڏينهن جو بکايل، ويتر جو ڪيو هئائين صبح کان وٺي ايڏو سارو پنڌ سو، لاڳاپو لاهي. گوڏو ڀڃي، ويٺو ماني تي...نه ڇڏيائين جو هڪڙو ڀور! پوءِ ته ملي کي پنهنجي اجرڪ جي پارت ڪري اتي جو اتي ڪنڌ هيٺان سروٽو ڏيئي. بُک تي سنئون نئون ٿي سمهي رهيو. ۽ سمهڻ سان اهڙن ته کونگهرن ۾ پئجي ويو، ڄڻ ڏس ته پيهي تي چڙهيو مڙس جهار بيٺو هڪلي!
ملي جي دل ۾ اچي آئڙي ته ”هي الله جو بندو ايڏي سفر تي نڪتو آهي. سو ثمر ته پاڻ سان ايترو کنيو ئي ڪونه اٿس ڏسجي ته انهيءَ اجرڪ جي پلو ۾ ڇا ٻڌو اٿس. جو سمهڻ مهل به ان جون پارتون پيو ڪري!“ کولي جو کڻي ڏسي ته چلهه جي سڙيل ڇار کان سواءِ ٻيو ته ان ۾ ڪي به ڪينهي! قادر جي قدرت تي حيران ٿي، چپ چاپ، جيئن ڳنڍ ڇوڙي هئائين، تيئن ئي ان کي موٽائي ٻڌي، اتي جو اتي اجرڪ کي هڪ پاسي ڪري رکي ڇڏيائين.
صبح جو جڏهن ڪڪڙن دس ڏنا ۽ ملي ٻانگ چئي، تڏهن هو غريب شخص ننڊ مان اکيون مهٽي اٿيو، ۽ ملي کان موڪلائي، اها ساڳي پنهنجي ڦاٽل اجرڪڙي ڪلهي تي رکي، ٿيو اڳتي راهي، پنڌ ڪندي ڪندي، جڏهن پورا ٻه پهر ٿيا، ۽ سج بنهه ڪاپار تي اچي بيٺو. تڏهن هن جون ڄنگهون اڳتي هلڻ کان بنهه جواب ڪڍي بيهي رهيون. اڇل کائي، سامهون وري هڪڙي گهاٽي چهچ سائي وڻ هيٺان ساڻو ٿي ڪري پيو، ڏسندي ڏسندي، ڪجهه ٿڪ کان، ڪجهه هيڻائيءَ سببان هڪدم ننڊ کڄي ويس.
مڄاڻ ڪو انهيءَ وڻ تي هڪڙا ٻه طوطا مامو ڀاڻج رهندا هئا ۽ بنهه اوڏي مهل ٻاهران سفر ڪري واپس موٽي مٿان لام تي اچي ويٺا هئا. ويهڻ سان ڀاڻج چيو مامي کي. ”ماما، ڙي ما، ڪا آکاڻي ٻڌاءِ!“ تنهن تي وڏي طوطي ورندي ڏني. ”ڙي بابا! آکاڻيون اسان پوڙهن جون ڪهڙيون! پر ضد ٿو ڪرين ته ڀلا ڪن ڏيئي ٻڌ!“
”هيءُ جيڪو غريب شخص ساڻو ٿيو ستو پيو آهي تنهن جي اجرڪ جي پلاند ۾ چلهه جي سڙيل ڇار ٻڌي پيئي آهي، جيڪا جوڻس هن کي اٽو ڪري ڏني آهي، پر هن اٻوجهه کي اصل جي خبر ئي ڪانهي. خالي پيٽ، ننڊ مان جاڳندو ته اٽي جي بدران رک ڏسي، هن جو الائي ڇا حال ٿيندو!“ اها ڳالهه ٻڌي، ننڍڙي طوطي کي قياس اچي ويو، ۽ وڏي طوطي کي ليلائي چيائين. ”ماما ڙي ماما! پوءِ ته هن واٽ ويندي مسافر جي ڪا واهر ڪرڻ کپي، نه ته پرديس ۾ غريب جو ڪفن ئي رلي ويندو!“ تنهن تي وڏو طوطو ڀڙڪو ڏيئي اڏاڻو ۽ انهيءَ ئي گهڙيءَ هڪڙي چنبي ۾ مٽي جو ذرو، ٻئي چنبي ۾ ڪڻڪ جو داڻو ۽ چهنب ۾ پاڻيءَ جو ڦڙو کڻي موٽي آيو. ۽ اچڻ سان ننڍي طوطي کي چيائين ”سيگهه ڪر، اجرڪ جي ڳنڍ کول ۽ ڄار هاري. پري ڦٽي ڪر!“ پوءِ هن ڇا ڪيو، جو مٽي، پاڻيءَ ڦڙو ۽ داڻو ٽيئي اجرڪ جي پلو ۾ وجهي، جيئن ڳنڍ اڳي هئي، وري تيئن ٻڌي ڇڏيائين، ۽ کنڀ ڇنڊي، خوش ٿي، ننڍي طوطي کي چيائين. ”هاڻي ويهي ڏس رنگ الله جا!“
ايتري ۾، هو سڀاڳو شخص به پاسا ورائيندي اٿيو، ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهاري، دل ۾ سوچيائين ته “ڪا باهڙي دکائي مانيءَ جو لولو پچائي وٺان پيٽ ۾ گرنهه هوندو ته ڊوڙي ڪنهن وسنهن ڌاري به وڃي رسبو، نه ته جهنگ ۾ رات پيئي ته محشر ئي چٽ!“ سو جهٽ پٽ ڪري، ڪاٺڙيون ميڙيائين، ڪک گڏ ڪيائين، چڻنگ ڪڍي باهه مچايائين، ۽ پوءِ اجرڪ کي ڇڪي لڳو ڳنڍ کولڻ ته اٽو پسائي، ڪو ڪچو ڦڪو مانيءَ جو ڍوڍو گهڙي وٺجي، تڙ تڪڙ ۾ ڳنڍ جو کڻي کوليائين... ته سڄو وڻ خوشبوءَ سان واسجي ويو... ۽ اکيون ڦاٽي ويس! اعتبار ئي نه پيو اچيس. ڇا ڏسي ته گيهه ۾ ڀڳل، ڪوسي ڪوسي ڪڻڪ جي ڪٽي پلاند ۾ ٻڌي پيئي آهي! دانهن نڪري ويس ۽ ڊڄندي ڊڄندي، ٻن آڱرين سان چپٽي ڀري، کڻي جو وات ۾ وڌائين ته تاڪ لڳي ويس! ڪا لذت ۽ ميٺاج هو ڪٽيءَ ۾! پڪ ٿيس ته ”خواب ۾ ڪو بهشتي کاڌو پيو کان. هن ڌرتيءَ تي اهڙو کاڌو بادشاهن کان سواءِ اسان جهڙن هٿ پورهيتن جي نصيب ۾ ڪٿي!“ بس، پوءِ ته جهڙي هيس بک، تهڙو اونڌو ٿي ڪٽيءَ تي ڪري پيو اچي بيمانيءَ واريس ته ”شل پوري پوي: ڪو ڦري نه وڃيم.“ کائيندو به وڃي ۽ جاچيندو به وڃي ته ڪيتري کٽي ۽ ڪيتري بچي! بک اهڙو ته بي سرتيو ڪري وڌو هوس، جو پهريائين ته پتوئي ڪونه ٿي پيس پر آهستي آهستي جڏهن ٿوري ڪک ساڄي ڪيائين ۽ ڪجهه هانءَ ٻل ٿيس. تڏهن ڏٺائين ته ”ڪٽي ته ڳنڍ ۾ اوتري جي اوتري پئي آهي! جيتري ٿو کان اوتري ٿي وڌي! چوندا آهن ته کاڌي کوهه کٽي ويندا آهن: پر اهي کوهه ڪي ٻيا! هيءَ ته قدرت جي بر جر وانگر اناج جي اڻکٽ امانت ٿي ڏسجي، جنهن کي جيترو لڻجي اوترو ان تي اڳي ئي پڪو بيٺو آهي!“ بس، ائين ويچاريندي ۽ کائيندي، کائيندي ۽ وري ويچاريندي جڏهن ڏٺائين ته هاڻي ڪٽي بنهه منهان ٻاهر ٿي نڪري تڏهن هٿ ڇنڊي، اوگرائي ڏيئي، ڇڪي کڻي ڳنڍ کي ٻڌائين! ۽ اجرڪ کي ڊوهي ڪلهي تي رکي، پنهنجي ستل بخت جي بيدار ٿيڻ تي بهار بهار ٿيندو، هڪدم اٿي پوئتي هلڻ لڳو.
مڙس کي ڪا خوشي هئي، هوا جي جهوٽن سان گڏ جهومندو پکين جي مٺن مٺن نغمن سان گڏ ڳائيندو ۽ جهونگاريندو، وڻن جي لڏندڙ لامن ۽ ڦڙڪندڙ پنن سان گڏ نچندو ٽپندو، بنهه ننڍڙن معصوم ٻارڙن وانگر ٻٽيون ٻٽيون ٻرانگهون ڀريندو سج بيٺي ئي موٽي اچي انهيءَ ڳوٺ ۾ پهتو جتي ويندي ويندي رات جا چار پهر گذاريا هئائين. سڌو وڃي ملي سڳوري کي حجري ۾ سلام ورايائين ۽ ساڻس دير دير تائين خوش خيرعافيت ڪندي ڪندي آخر ۾ وري به کيس پنهنجي اجرڪ جي پارت ڪري، اتي جو اتي هيٺ تڏي تي ڊگهو ٿي سمهي رهيو. ملي دل ۾ سوچيو، ”اڃا ڪالهه ڪالهوڻي هي خدا جو بندو ويو پئي پرديس ڪمائڻ اڄ پيو موٽي وڃي پنهنجي ملڪ: چي، پنهنجي قمست پاڻ سان کنيو پيو وڃان! ٻيو ته وٽس ڪي به ڪين ٿو ڏسجي اجرڪ جو پلو سو اهو ساڳيو ئي ٻڌو پيو اٿس...!“ ائين ويچاريندي ويچاريندي، هن جي دل ۾ قاضيءَ هن سان احوال اوريو ته ”جيڪڏهن قدرت جو ڪو ڪرشمو آهي، ته اجرڪ جي انهيءَ ئي ڳنڍ ۾ آهي. جنهن ۾ ڪالهه رات ڇار ٻڌل هئي!“ سو وجهه وٺي، هن اٿي اجرڪ جي اها ڳنڍ کولي، ڳنڍ کلڻ سان، ڪٽيءَ جي خوشبوءِ وڃي ملي سڳوري جي مغز ۾ جايون ورتيون پوءِ ته خطا جي گهر انسان کان پنهنجي پرائي جو خيال ڇڏائي ويو ۽ نفس پليت جي چوڻ تي لڳي، اکيون بند ڪري، اچي ڪٽيءَ تي ڪڙڪيو. جوش ۾ يڪساهيءَ جڏهن پندرنهن ويهه لنبڙ هڻي لاٿائين، تڏهن وڃي هوش جاڳيس چي: ”هي ڇا! امانت ۾ خيانت! مولا پاڪ ڪيئن مرهيندو؟ وڏي ڳالهه ته هن شخص کان ڪيئن جان ڇٽندي؟“ بس، ملي سڳوري جو هٿ ۽ وات اهي ئي چرندا رهيا! اتي اکيون کولي، جڏهن ڪٽيءَ ۾ هن چتائي ڏٺو، تڏهن تپرس وٺي ويس: ڏٺائين ته ڪٽي ته اوتري جي اوتري ئي پيئي هئي! هيءُ اسرار الاهي ڪهڙو؟ پوءِ ته هن ڇيهه ڪري ڇڏيا! کائڻ ته کائڻ جي ماڳ. پر جيڪي ٿانو برتن، مٽ ديڳڙا وٽس موجود هئا. اهي سڀ ڪٽيءَ سان چوٽيارا ڀري، لڪائي پاسيرا رکي، ٻانهن سيراندي ڏيئي، زير زمين جيتامڙن کي به کاڌي پهچائيندڙ رازق رب رحيم جا لکين احسان ۽ ڪروڙين ڪرم ڳڻيندي، ۽ شيطان لعين تي لاتعداد لعنتون موڪليندي، ملو سڳورو مزي سان سمهي رهيو.
صبح جو سوير جڏهن ڪڪڙن پهريان دس ڏنا، ۽ ملو اڃا ننڊ ۾ پيو هو، تڏهن هو شخص جاڳيو، ۽ هٿ منهن ڌوئي، ملي کي ٻانگ صلوات لاءِ ڌونڌاڙي اٿاريائين، پاڻ اجرڪ چيلهه سان ٻڌي. ٿيو انهن ئي پيرن تي واپس پنهنجي ڳوٺ روانو، ڀلا جنهن ماڻهوءَ وٽ اهڙي املهه نعمت هجي، تنهن کي ڏينهن اڌ جو پنڌ ڪهڙي شيءِ آهي! واٽ تي هڪڙي واهه جي ڪپ تي ويهي، ڪٽيءَ مان هڪڙو چڙهه به ڪيائين، ۽ اڃا سج لڙيو ئي مس هو ته اچي پنهنجي گهر ٺڪاءُ ڪيائين. جوڻس کيس ڏسي وائڙي ٿي ويئي، چيائينس: ؟ ”هيءَ وري ڪهڙي مسخري؟ جهڙو وئين اهڙو ورئين!“ مڙ س جواب ڏنس، چري، ڌيرج ڪر! هٿين خالي ڪونه موٽيو آهيان. ها هي وٺ! ”پنهنجي قسمت انهيءَ ڳنڍ ۾ اٿئي!“ مائي تنهن تي تپي باهه ٿي ويئي، چي، ”ڇائي ۽ ڇار تنهنجي قسمت ۾ هوندي ته هوندي منهنجي قسمت ۾ ڪانهي!“ مڙس وراڻيس. ”موڳي، پاڻيءَ کان اڳي ڪپڙا نه لاهه! تون وڏي دل ڪري، اندر وڃي ڳنڍ کولي ته ڏس!“ جوڻس تنهن تي مٽون ڦوڪي، ڏنڊ ڪرٽيندي ۽ بت کي موڙا ڏيندي اندر گهڙي ويئي، ۽ چلهه تي بيهي دل ۾ چيائين ته ”ڳنڍ ڇوڙي ڇار ته موٽائي چلهه ۾ اڇلائي ڇڏيان، ته من ٿانون مانڃڻ ۾ ڪم اچيم!“ ائين سوچي، اٻهرائيءَ ۾ ڳنڍ کي جو کڻي کولي، ته هيڪر ته گيهه جي هٻڪار ۽ ڪٽيءَ جي سڳنڌ ۾ بنهه ٻڏي ويئي. بيٺي بيٺي، ڀڙڪو کائي، اکيون جو پٽيائين ته سامهون تازي تازي، ڪوسي ڪوسي ڪٽي ڏسي، اصل نئين سر جي پيئي! گرهه جوڙي وات ۾ وڌائين، ته واڇون ئي ٽڙي ويس. ٻاهران مڙس واڪو ڪري چيس، ”انڌي. سمجهه ته اها پنهنجي ٻني اٿئي! کٽڻ جي ئي ڪانهي! جيترو پيئي ان مان کڻنديئن، يا عمر اوترو ئي پيئي اها توکي ڏيندي!“ پوءِ ٻيئي زال مڙس کلي، خوش ٿي، پلٿي ماري گڏجي، ڪٽي کائڻ ويهي رهيا.
اهڙيءَ ريت جڏهن ٻه چار ڏينهن گذاريائون تڏهن زال مڙس کي صلاح ڏني ته ”وڃ! وڃي بادشاهه کي دعوت ڏيئي وٺي اچ ته ڪٽي کارايونس ان ۾ پنهنجو ئي شان آهي. مٺگهرا ماڻهو پنهنجا ڳوٺ ۾ گهڻائي آهن، جي هونئن ئي پيا پنهنجيءَ قسمت تي جلن پچن، تن جي هانءَ تي به ته مگ ڏريون! هميشه لاءِ انهن جي هوس کان ڇٽي پونداسين. بادشاهه پاڻ وٽ ماني کائڻ ايندو، ته ڄاڻين ٿو، ملڪان ملڪ پنهنجي ڪيتري ناموس ٿي ويندي!“ مڙس ورندي ڏنيس ته ”اياڻي نه ٿيءُ ڳوٺ جا ماڻهو پوءِ به پنهنجا ڀائر آهن انهن کان ڪهڙو ڀئو؟ پاڻ زورن کان ڀڄ پري! سياڻن چيو آهي ته ڏاڍن جي نه اڳيان هججي ۽ نه پويان! پاڻ غريب ماڻهو، ڪن لڪايو ويٺا آهيون پنهنجو ڪهڙو ڪم، جو بادشاهن کي ويٺا دعوتون ڏيون! اٺان مينهان دا ڪيها ميلا، اوچرن جهنگ، او چرن ٻيلا! دعا ويٺي گهر ته اهڙيءَ لور لور کان مولا پاڪ شل پناهه ۾ رکي!“ پر مڙس هڪڙيءَ تي زال ٻيءَ تي آخر ويچارو مجبور ٿي پيو. ۽ هڪڙي ڏينهن ڪنڌ تي ڪاتي، ڊڄندي ڊڄندي، وڃي بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، ۽ پلو پاند وجهي، منٿون ميڙيون ڪري، بادشاهه سلامت کي دعوت ڏيئي پنهنجي گهر وٺي آيو.
بادشاهه آيو ته هن سان گڏ سندس نوڪر چاڪر، ڪاراوا ڪمدار، امير وزير، ڊمبلي جو ڊمبلو اچي مڙيو. نکون وڇائجي ويون: تن تي اڀريون سڀريون رليون ۽ ميريون سيريون ڇنل ڦٽل چادرون پٿر جي ويئون، ٺڪر جا پيالا ۽ پاٽيون ڪت خلق لاءِ ته ٿالهيون ۽ ڍاڪنئان اميرن وزيرن لاءِ اچي ويا. بادشاهه سلامت کي ماڻهن سڀني کان پري، پٿراڻي وڇائي، ان تي ريشم جي لونگي پکيڙي ويهاريو ويو. ۽ هن جي سامهون ڪاشيءَ جا طباخ آڻي رکيائون، پوءِ هٿ منهن ڌوئي، گرڙي ڪري، جڏهن سنڀري تيار ٿي سڀ اچي دستر خوانن تي ويٺا، تڏهن هو غريب شخص ڪنبدو ڪنبدو، پنهنجي اها ڪٽيءَ واري ميري گپ جهڙي، پراڻي ڦاٽل اجرڪ کڻي وڃي بادشاهه جي سامهون هٿ ادب جا ٻڌي، پٿراڻيءَ کان هيٺ، پٽ ۾ گوڏا ڀڃي ويٺو، ۽ عرض ڪيائين. ”حضور آءٌ غريب، ٻانهي جو ٻار، سائينءَ جي جتي. جو ڪجهه اٿم سو هيءُ آهي!“ ائين چئي ڳنڍ جو کڻي کوليائين ته سڀني دعوتين جون ناسون ٽڙي ويون. خود بادشاهه، جيڪو غريب جي بنهه بٺي تي اڇلڻ جهڙي اجرڪ سامهون ڏسي، ڪاوڙ ۾ ڦوڪجي، اصلي ڦاٽڻ تي اچي بيٺو هو، سو پڻ هيتري سرهاڻ ۽ سڳنڌ هوا ۾ پکڙجندي ڏسي، هڪدم ڍرو ٿي ويو! بس پوءِ ته سڀ لڳي ويا ڪٽيءَ کي کائڻ ۽ حيرت ۾ اکيون ڦاڙي لڳا هڪٻئي کي تڪڻ ته هيءُ جادو ڪهڙو. جو جيتري پئي هڙ مان ڪٽي نڪري، اوتري پئي ان ۾ ڀرجي! کائي کائي، جڏهن سڀني بنهه نڪان تار اچي ٿيا. تڏهن بادشاهه پنهنجي ها ۾ ها ملائيندڙ اميرن، وزيرن ڏانهن منهن ڪري چيو، ”هيءَ بهشتي خوراڪ ته بادشاهن وٽ سونهي ٿي هن جهنگ جي جانور وٽ ان جو ڪهڙو قدر؟“ سڀني آواز ۾ آواز ملائي چيو ”برابر جيئندا قبلا! اصل اها آهي ئي اوهان جي ابن ڏاڏن جي خود خدا وٽان آندل! خبر نه آهي ته هن ڄٽ جي هٿ هاڻي ڪيئن چڙهي ويئي آهي؟“ پوءِ بادشاهه هنن ڏانهن نهاري مرڪيو. ۽ پاڻ ڏاڍن سان پڇ اٽڪائڻ واري هن غريب شخص ڏانهن ٽانڊن جهڙيون ٻرندڙ غضب جون اکيون ڪڍي نهاريائين: ۽ نه پڇا نه ڳاڇا ڪٽيءَ جي ڳنڍ هٿ ۾ سوگهي ڪري، پاڻ اڳيان ۽ سندس پڇ لٽڪائو ٽڪريلن جو ٽولو پويان: ٽهڪن مٿان ٽهڪ ڏيندا، اٿي اڳتي هليا.
هيڏانهن ويچارو هيءُ مسڪين شخص انهن ئي پيرن ئي ائين سمجهي سسي بيهي رهيو. ڄڻ سالن کان ڪنهن پيرن ۾ ڪليون ٽنبي، اتي کوڙي سوگهو ڪري ڇڏيو هجيس. وات مان وائي نه اڪليس، اکين اڳيان اونداهه اچي ويس. دير دير تائين وائڙن وانگر بت بنيو ات بيٺو رهيو، تان جو جوڻس روئندي روئندي اچي هٿ کان ورتس، ۽ هو ساڻس بنڊ جو بنڊ بنيو، جيئن هو تيئن، چپ چاپ پٺ ورائي، پير پير ۾ ڏيندو، موٽي گهر هليو ويو.
ٻئي ڏينهن، غريب شخص زال کي چيو، ”پنهنجي ڀاڳ ۾ جيڪو ڀاڱو آيو. سو پاڻ کان زوران زوريءَ کسجي ويو: هاڻي هتي هٿين خالي ويهڻ مان ڪهڙو فائدو؟ وري به ڪا اٽي لپ ٻڌي ڏينم ته وڃي ڪنهن جبل سان ئي مٿو ڦوڙي اچان!“ زال ويچاري به ڇا ڪري، اٽو گهر ۾ هجيس ته ٻڌي ڏئيس! سو وري به چلهه جي ڇار جا ٻه چار ٻڪ ميڙي، پوتڙي ۾ ٻڌي، کڻي هٿ ۾ ڏنائينس. ۽ هو به ڪنڌ هيٺ ڪري ساڳيا اڳوڻا پير وٺي اٿي اڳتي هليو. ويندي ويندي، واٽ تي اڳي وانگر ملي وٽ راتاهو ڪيائين، ۽ سمهڻ تائين هن کان صبر ۽ شڪر جون صلواتون ٻڌندي، ٻئي ڏينهن ٽاڪ منجهند جو وڃي انهيءَ ساڳئي وڻ وٽ دم پٽيائين. ۽ انهيءَ گهڙيءَ ويٺي ويٺي اک لڳي ويس!
الله جي ڪرڻي اهڙي. جو اهي ساڳيا ٻه طوطا مامو ڀاڻج به انهيءَ مهل اتي ويٺا هئا. جڏهن طوطن جي نظر هن غريب شخص تي پيئي، تڏهن وڏي طوطي هن ڏانهن اشارو ڪري ننڍي طوطي کي چيو، ”سچ چيو اٿن هيڻو هر ڪنهن وهيڻو! هٿان راند هارائي! جهڙو هو تهڙو خالي هٿين موٽي آيو آهي. پوتڙيءَ ۾ اهائي ساڳي ڇار ٻڌي پيئي اٿس!“ تنهن تي ننڍي طوطي پڇيو، ”پوءِ ماما، ان جو علاج! وڏي طوطي نه ڪڇيو نه پڇيو هڪدم ڀڙڪو کائي اٿي اڏاڻو. گهڙيءَ ۾ ڪوهه قاف جبل تان پاڻ وهيڻي پريءَ جي نرم نرم پيرن جا ٻه پراڻا پادر کڻي آيو، ۽ انهن کي پويان دٻي جي پاڻيءَ مان پسائي، جهٽ پٽ وڃي پوتڙيءَ جي پلاند کي ڇوڙي، ان جي ڇار هڪ پاسي هاري ڇڏيائين. ۽ ان جي جاءِ تي اهي پاڻ وهيڻي پريءَ جا به ٻنهه آڱر جيڏڙا ننڍڙا پادر ڳنڍ ۾ ٻڌي ڇڏيائين! پوءِ موٽي وڃي پنهنجي ڀاڻج جي ڀر ۾ مٿي وڻ تي ويٺو، ۽ چيائينس. ”هاڻي ويٺي ويٺي، هي تماشو به اڳو پوءِ ڏسي ڇڏج!“
اتي هو شخص به اکيون مهٽي، لڱ ساهي اٿيو، مانيءَ لولي پچائڻ لاءِ ڪاٺيون ميڙي، ۽ باهڙي دکائي جهڙو ٿو اٽي ڳوهڻ لاءِ پوتڙي جي ڳنڍ کولي... ۽ تهڙو پادرن جو ٿو مڙس تي اچي وسڪارو ٿئي! پاڻ وهيڻيءَ پريءَ جا بنهه آڱر جيڏڙا پادر ڦنڊي ڦنڊي اصل پورا ٻه گرانٺيا گيتلا ٿي پيا. ۽ غريب جو جيڪو ٿي هڏ چريو سو ٿي سٽي سوٽ ڪيائون. هن جي هئي، جا دانهن مٿان دانهن پئي پئي چي، ”گهوڙا مون کي ڪهڙيءَ کٽيءَ کنيو؟ مون پاڻ سان پاڻ ئي ڪئي! سچ چيو اٿن. جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي!“ .....اتفاق جي ڳالهه اهڙي ٿي، جو اڃا هن ائين چئي بس ئي ڪين ڪئي ته پادرن سسي وڃي پنهنجي اصلوڪي شڪل ورتي. ۽ نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو موٽي، چپ چاپ پوتڙي جي پلاند ۾ ڇپ هڻي پئجي رهيا! هن کي حيرت وٺي ويئي ته آخر هيءَ ڪهڙي ماجرا ٿي! ڳنڍ کوليم ته موچڙا وسي ويا. ۽ چيم ”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“ ته ڄڻ هٿ ۾ وٺي، انهن کي ڪنهن جهلي، بيهاري ڇڏيو! ائين سوچي، هن پوتڙي جي پلاند کي کڻي ڳنڍ ڏني... ۽ پوءِ دير دير سان پڪ ڪرڻ لاءِ کڻي ٿو جو ان کي وري ڇوڙي، ته اهي ئي ٺونٺ جيڏا ٺوٺ سڪل کرڪڻ وريو ٿا اچيو وٺنس! بس، پوءِ ته الله ڏئي، ٻانهون سهي! وري به جڏهن چيائين، ”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“، تڏهن وڃي جند ڇٽيس! اتي هن کي پنهنجي ملڪ جو بادشاهه سلامت ياد اچي ويو جنهن کائنس الهه تلهه کسي صفا سڃو ڪري ڇڏيو هو، ۽ اهو ڪجهه کسي ورتو هو، جنهن تي هن جو جياپو هو! ۽ پوءِ هو دل ۾ ڪجهه سوچي مرڪيو، ۽ پوتڙي چيلهه سان ٻڌي انهن ئي پيرن تي اٿي پوئتي موٽيو.
رات وري به هو شخص ملي وڃي واٽ تي ملي جو مهمان ٿيو، خير جون خبرون چارون ڏيندي وٺندي، ملي کي چيائين، ”سائين سڳورا، آهي برابر اوهان جي ڳالهه وانگر هيءُ بندو عيبدار گهنگار، پر اوهان نيڪن نمازين جي دعا سان اڄ ويل قسمت واريو پيو وڃان!“ ملو بنهه ماٺ ۾ پئجي ويو، ۽ ڳالهه دل ۾ ڳڻي سمهي رهيو، پر ننڊ جنهن جو نالو سا ملي کي اچيئي نه، پاسن تي پاسا اٿلائيندي، جڏهن ڏٺائين ته هو همراهه ننڊ ۾ بنهه الوٽ آهي. تڏهن پير پير ۾ ڏيئي، وڃي هن جي پوتڙيءَ ۾ هٿ وڌائين: ۽ کڻيس ٿي کٽي، سو آهستي آهستي جهلي کڻي ٿو ان جي ڳنڍ کولي... پوءِ ته ملي سان محشر مچي ويا! سڄو ڳوٺ اچي مڙيو. ڪنهن کي جرئت ڪانه ٿي جو ملي کي کڻي ڇڏائي، هو موچڙن جو ڌڻي ته ملي جي پهرينءَ ئي ڪوڪر تي اٿي ويٺو هو، پر اهو ويچاري ته ملي کي پڪ ئي پڪ ڪٽيءَ جي هير هيءُ ڏينهن ڏيکاريو هو. ڪجهه دم جهلي ويهي رهيو، آخر جڏهن ملي جي بنهه دل تي مرمت ٿي چڪي، تڏهن وڃي ملي جي ڀرسان بيٺو، ۽ چيائينس ته ”حضرت! ڪٽيءَ مٺي، ڪين موچڙا مٺا؟ هاڻي چئو ”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“ ته ڪٿي وڃي ڪا جند ڇٽئي!“ پوءِ جڏهن ملي ائين چيو، تڏهن وڃي ويچاري تان آفت ٽري!
ٻئي ڏينهن پوئين پهر، هو شخص اچي پنهنجي ڳوٺ واپس پهتو، ۽ زال کي پوتڙي هٿ ۾ ڏيئي، چيائين. ”هن کي قابو ڪري رک! خدا گهريو آهي ته ويل ڀاڱ ورائي وجهنداسون!“ پر جوڻس کي به هو ڪو لڱن ۾ سور، سو کنيو ٿي پوتڙي جي ڳنڍ کولي! ڀانيائين ته هن ڀيري اڃا ئي ڪا ٻي سٺي سوغات هن ۾ ٻڌل آهي! پوءِ ته جيڪا هن ويچاريءَ سان ٿي گذري، سا چئي ڇا ٻڌائجي! جسين مڙس هن جون رڙيون ٻڌي، در کان اندر ٿئي ئي ٿئي، تيسين هوءَ ويچاري ڪٽجي، ڍير ٿي، پٽ تي ڪري پيئي، ۽ موچڙا هئا، جن جي مٿانئس سٽ سٽان لڳي پيئي هئي! نيٺ مڙس ڀڄي ڪا واهر ڪيس، نه ته بنهه بج بج ٿي وڃي ها.
ٻئي ڏينهن سوير صبح جو زال مڙس ٻيئي صلاح ڪري گهران نڪتا، ۽ وڃي بادشاهه سلامت جي درٻار ۾، دربارن سان گڏ، پري در تي، هٿ ادب جا ٻڌي ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري، بيهي رهيا: تان جو دير دير کان پوءِ بادشاهه جي نظر مٿن پيئي، ۽ حڪم ٿيو ته هڪدم کين حضور ۾ حاضر ڪيو وڃي. پوءِ اهي ويچارا ڏڪندا ڏڪندا، ٻه قدم اڳتي ته هڪ قدم پوئتي کڻندا، آخر وڃي مالڪ ملڪ جي منهن قابل ٿيا، ۽ عرض ڪيائون: ”حضور! اوهان جي سر بخت جو خير هجي! اسين اوهان جا ابي ڏاڏي پيسين ڳڌل غلام اوهان جي بادشاهيءَ ۾ ويٺا الله الله ڪيون! عرض ڪرڻ جي اجازت ٿا گهرون!“ وزير، تنهن تي ڪڙو منهن ڪري، ڇڙٻ ڏيئي، چين: ”ها اجائي بڪ بند ڪريو جيڪي گهرڻو هجيو سو گهرو!“ غريب شخص وک اڳتي کڻي بادشاهه سلامت ڏانهن ٻنهي هٿن ۾ پنهنجو پوتڙو ڊگهو ڪري چوڻ لڳو، ”اي هيڻن جا حاڪم، اسان مسڪينن جي قسمتن جي مالڪ! سائينءَ جن لاءِ هڪڙي سوکڙي آندي اٿئون قبول پوي ته پيش ڪريون! هونئن ته بادشاهن وٽ موتين جو ڪال ڪونهي پر هيءُ هڪڙي بنهه نرالي چيز آهي! ايامن کان ٻڌندا ٿا اچون ته بادشاهن جون بادشاهتون هلنديون ئي هن چيز تي آهن!“ ائين چئي، هن وڌي پنهنجو پوتڙو بادشاهه سلامت جي پيرن ۾ رکيو، ۽ عرض ڪيائين، ”جي تڪليف نه ٿئي ته حضور جن پنهنجي مبارڪ هٿن سان پوتڙي جي ڳنڍ پاڻ ڇوڙين سائينءَ جن ڏسندا ته تنهن ڏينهن واري ڪٽي به ڪٽي هئي، پر هيءَ شيءِ تنهان ئي ڪا ٻي شيءِ آهي!“ درٻار جي سڀني اميرن وزيرن جا وات ڦاٽي ويا، ۽ سڀني جون پوتڙي جي ڳنڍ ۾ اکيون کپي ويون. ايتري ۾ بادشاهه به هٿ وڌائي ڳنڍ کڻي ڇوڙي! بس پوءِ ڳنڍ جو هو ڇڙڻ ۽ موچڙن جو هو مڇرجڻ مزي سان وٽجي سٽجي، بادشاهه جي ڀريل ڪوري بت تي، ور ور ڪري اچي ٿي ڪريا! چوڌاري هنگامو مچي ويو. بادشاهه جا رانڀاٽن مٿان رانڀاٽ ڪير جو وچ ۾ پوي! جيڪو پيو ويجهو وڃي سو پيو سٽجي! ۽ بادشاهه هو، جو جيئن نه ڪنهن کي چيلاٽا چنبڙي وڃن، ۽ ساري جو سارو پوءِ پٽ کوهه ۾ پئجي وڃي، بلڪل تيئن بادشاهه سلامت تي به موچڙن جي اها ته وٺ وٺان هئي، جو الامان والحفيظ! پادرن جا اهي ته زيپٽ هئا سندس جسم مبارڪ تي، جو سڄو سارو سڄي سڄي بنهه ڊيڻو ٿي پيو! ڪير، جو سندس دانهون ۽ لولڙاٽ ٻڌي چي، ”مون توبهه ڪئي! جهٽ ڪريو... ڪٽي موٽايو، ته ڪا جند ڇٽيم....!“ تنهن تي ڪٽيءَ جي ڳنڍ ته انهيءَ ئي گهڙيءَ کڄي اچي مالڪ کي ملي: پر پاڻ وهيڻيءَ پريءَ جي پادرن کي ڪير جهلي؟ تنهن وچ ۾ آسپاس جا ڪمي ڪاسبي، هاري ناري سڀ اچي مڙيا ۽ بادشاهه جي هيءَ درگتي ڏسي، سڀني جا منهن سرها ٿي ويا، ۽ دل ۾ چيائون ”مٽي، پاڻي مولا جا... اناج اپايون اسين ۽ ڪٽيون کائين ٻيا! اڳتي ائين ڪونه ٿيندو! هاڻي، هٿين خالي اسين به ناهيون!“
(”مهراڻ“ پهريون پرچو، سال 1956ع)

ٽي ڀائر

ڪنهن سمي ملڪ ۾ ڏڪار اهڙو اچي منهن ڪڍيو. جو ماڻهو ته ماڻهو، پر جهنگ جا جانورن جا پيٽ به وڃي پٺيءَ سان لڳا، ساوڪ ۽ سرهاڻ اپائيندڙ ڌرتي سڪي ٺوٺ ٿي ويئي، وڻ ٽڻ ٻنيون ٻارا، گل ڦل ڄڻ ڪڏهن اپجندي، سر سبز ٿيندي، کلندي ٽڙندي ڪنهن ڏٺائي ڪونه هئا. اناج ايترو اڻلڀ، جو ساهه سنئون به نه ملي، ڪير، جو ڪنهن سان حال ڀائي ٿئي! هرڪو پنهنجو منهن مٿو وٺيو. هڏن جي مڙهي بنيو. حياتيءَ جي عذاب جون گهڙيون ڳڻيندو رهيو. موت جي منحوس ڏائڻ وات ڦاڙيو، هر هنڌي نوسيندي رهي، جيت جناور، پکي، پسون، مرون ماڻهو مطلب ته سڀ ساهوارا، جي جتي سي تتي، پنڊپهڻ بنيا، وقت جي ڪٺور نگاهن ۾ گهوريندا رهيا، ائين پئي ڏٺو، ڄڻ زندگي ڪڏهوڪو ملڪ مان موڪلائي، هميشه لاءِ ڪنهن اهڙي منهن گم ٿي ويئي هئي. جو هڏانئن پڃرن ۽ مٽيءَ جي ڍيرن کان سواءِ، پوئتي ان جو ٻيو ڪو نالو نشان باقي رهي، سو ممڪن ئي نه هو.
تنهن سمي، انهي ملڪ ۾ هڪڙا ٽي ڀائر رهندا هئا، تن ويٺي ويٺي پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ائين هٿ تي هٿ رکئي ويٺي رهڻ مان ڪي ڪين ورندو. مٺي ساهه لاءِ ماڻهو کي ڪجهه ڪرڻ ئي کپي! جيئندا آهي، جي جيئرو رهي ڄاڻندا. مانيءَ وگهي ماڻهو ائين اکيون ٺپي ٺپي مري وڃي، حيف آهي اهڙي جيئڻ ۽ مرڻ تي! هونئن به مرڻ کان پوءِ جيڪي سو جيئڻ مشڪل آهي: ۽ جي مرڻو آهي ته پنهنجي پيرين سيرين ٿي مرجي، ته بهتر، جيڪو گهر گهر نه رهي، ۽ ڦري مرڳو کائڻ اچي، تنهن گهر کي گهر سمجهي چنبڙي ويهڻ مان ڪهڙو سود! مردن لاءِ ملڪ ۾ مال اسباب جي کوٽ ئي ڪانهي، گهر ويٺي بخت به ڪنهن سان ڀيڙو ڪونهي، پاڻ لاءِ داڻو پاڻي جيڪڏهن هتي لکيل نه آهي ته ملڪ مولا جو ٻيو به گهڻو ئي پيو آهي، ڏاهن چيو آهي ته پرديس پارس آهي. لوهه مان سون ۽ مٽي مان ماڻڪ ڪنهن کي ڪرڻو آهي ته وڃي پرديس ڪمائي!
ائين سوچيندي سوچيندي، نيٺ پڪو پهه ڪيائون، ۽ همت جو سندرو ٻڌي. ٽيئي ڀائر هڪڙو منهن ڪري اٿي پنڌ پيا. هلندي هلندي ڪونجن جو هڪڙو ولر واٽ تي نظر چڙهي وين. تير ڪمان سڀ ڪنهن کي ساڻ هو: شست ٻڌي ڪشي کڻي پنهنجا تير اڇلايائون قدرت کي ائين منظور هو: ٽن ڪونجن ڪرڪندي، اچي انهي ساعت پٽ تي سندن پيرن وٽ ڦهڪو ڪيو. مئل دلين ۾ ڄڻ نئين سر ساهه پئجي ويو! چي، پهرين وٽي کير ڀري. ٻي به آئي ڪي آئي. اٿندي ئي گنج ٿي ويا اڳتي به پورهئي کي پرواهه ئي ڪانهي! ڪونجن کي ڪهي، حلال ڪري، کڻي اٿيا اڳتي روانا. ويندي ويندي سج به اچي لٿن ۽ پير به اڳتي چرڻ کان جواب ڏيئي بيهي رهين. ويچار ڪيائون ته رات وڳڙو آهي ۽ هن پٽ کان به پاڻ واقف ڪين آهيون: چڱائي هن ۾ آهي ته رات جا چار پهر هتي ئي گذارجن.
ٿورو پرڀرو، هڪڙو چشمو نِظر آين: رڙهي وڃي ان جي ڪپ تي، ڪک پن پاسي ڪري، باهڙي ٻاري، چوڌاري ڪانيون ٻڌي ويهي رهيا. وڏي ڀاءَ چين ته ”پاڻ آهيون سڄي ڏينهن جا ٿڪل ٽٽل، ليٽياسون ته سج اڀري ويندو سار ئي ڪانه ٿينديسون، ننڊ آهي موت جي ننڍي ڀيڻ! ائين نه ٿئي جو هينئر سمهون، ۽ صبح ٿئي ته هجون ئي ڪونه! ويجهڙائي ۾ ڪا وسهن به ڪانهي، جتي ڪو پنهنجو سڏ ئي اونائجي ڪو وقت نه ڪنهن جهڙو، ڪٿي ڪا آفت اچي مٿي کان بيٺي ته سڀاڻي سڪل هڏيون به پنهنجون ڪنهن کي هٿ ڪين اينديون، ههڙي سڃ ۾ جهنگ جي بلائن کان جيڪڏهن بچڻو آهي ته سنوا نوان ٿي اجرڪون تاڻي، ائين بي اونا سڀ سمهي رهون، سا ڳالهه سٺي نه آهي پاڻ مان هڪڙي کي مڙيوئي سجاڳ ويهڻ گهرجي، اوجاڳو برابر بري بلا آهي، پر سر جو جيڪڏهن خير گهرڻو آهي. ته پاڻ مان ڪنهن نه ڪنهن کي جاڳڻو ئي پوندو. رات جي چئن پهرن مان پهريون پهر ته ويٺي ويٺي گذري ويو. باقي ٽي پهر به گذرڻ ۾ ويرم ڪانه ڪندا. پوئين پهر جو پهرو آءٌ پاڻ تي ٿو کڻان باقي ٻن پهرن مان پهريون پهر ننڍي ڀاءُ جي بلي آهي ۽ ٽيون پهر وچون ڀاءُ جاڳي گذاري، هي رات سا ائين خير سان گذري، باقي سڀاڻي جا ڀاڳ سڀاڻي سان ڏينهن شينهن آهي، هلي ڪنهن نه ڪنهن بستيءَ ڀيڙا ٿينداسون.“
اها صلاح بيهاري، ٻه ڀائر پٽڪا ڇوڙي مٿن هيٺان ڏيئي، اجرڪون تاڻي، سڌا ٿي سمهي رهيا: ۽ ننڍو ڀاءُ تير ڪمان پاسي کان رکي، باهه ۾ ٻه سڪيون بنڊيون وجهي، مچ کي جاڳائي، مڳ ٿي ويهي رهيو. دل ۾ چيائين: هيڪلائيءَ جي رات آهي ورهيه برابر: پهر رات جو به وات ۾ ٿو اچي! ائين واندو ويهڻ نه ننڊ به ڪانه ڇڏيندي. الوءِ وانگر اکيون ڦاڙي، ڪيستائين آخر ٺلهو باهه وجهي وجهي ويهڻ سان وقت گذاري سگهبو؟ وقت جو لاڀ آهي وندر، ائين بيڪار اوجهراڻين کائڻ کان ته بهتر آهي ته ڪونج کي پچائي، سيخ ڪري، اڳو پوءِ پيٽ جي تونڻ ئي پوري ڪري وٺان! انهيءَ خيال ايندي ئي مچ جا وڏا وڏا متل ٽانڊا ريڙهي هڪڙي پاسي ڪري، پنهنجي ڪونج کي ڪڍي، کلي ٺاهي، کڻي انهن تي رکيائين. ڪونج به چوي ته اڄ نه پچان ته ڪڏهن پچان! جيئن جيئن پئي ڪونج پڪي تئين تيئن هن همراهه جو ڏسو ته وات پيو بنهه پاڻي ٿئي. آخر جڏهن ڪونج پچي اچي راس ٿيڻ تي بيٺي ۽ پچندڙ گوشت جو ٽڙڪاٽ ۽ ان جا هڳاءُ پري پري هوائن ۾ پکڙجڻ لڳا، تڏهن اوچتو ئي اوچتو پري کان ڪنهن شيءِ جي اچڻ جو آواز ٻڌائين. لوڻو ورائي کڻي جو پويان نهاري، ته ڇا ڏسي ته هڪڙو بنهه آڱر جيڏڙو مڙس آهي. سو ٻليءَ جيڏڙي گهوڙي تي چڙهيو، ٽاپ ٽاپ ڪندو، ڏانهنس ڪاهيندو پيو اچي! ڊپ جي ڳالهه ته هن کي ڌيان ۾ ئي ڪانه آئي: حيرت سا لڳي ويس ته هيءُ ڪهڙو اسرار، جو ماڻهو ته ماڻهن جهڙو، پر قد بت بنهه لڀيس ئي ڪونه! گهوڙا به گهڻئي ٻڌاسون ڏٺاسون پر هيءُ بنهه گرانٺ جيڏو گهوڙو، ڪٿان جو گهوڙو ٿيو! دنيا ته آهي ئي عجائب گهر، پر هيءُ ته بنهه حد ٿي ويئي! گهر کان ٻاهر نڪري، سير سفر ٿو ڪجي ته ڪهڙيون ڪهڙيون ڪرامتون ۽ عجب عجائب ڏسجن ٻڌجن ٿا! سچ آهي ته گهر ۾ ڪئن وانگر منهن لڪائي، ڪنڊ پاسي ويهي رهڻ مان ڪي ڪين ٿو وٽجي، اٽلو انسان کي ٻلين جو کاڄ ٿيڻو ٿو پوي: ٻاهر نڪري ڏسڻ ٻڌڻ سان ئي، ماڻهوءَ کي پتو پوي ٿو ته ڪيڏي دنيا ۽ ڪيڏا ان جا عجيب اسرار آهن!
ايتري ۾ هو حيرت جهڙو همراهه به هڪلي اچي وٽس پهتو، ۽ سلام ورائي بيهي رهيو، چي، ”پري کان پيو ٿو اچان ۽ اڃان به پري وڃڻو اٿم، پري کان باهه جو مچ ڏٺم سو لڙي آيو آهيان، خبرون چارون ڪر ته هڪليان گهوڙي کي ۽ جيئن آيو آهيان تيئن پنهنجي راهه وٺي انهن ئي پيرن تي ٿيان اڳتي روانو.“ ڪونج ڌڻيءَ چيس ته ”ڀلي آئين جيءُ آئين، پر گهوڙي چڙهئي ڪهڙيون خبرون چارون ٿينديون! اول طعام پوءِ ڪلام، گهوڙي تان لهي ٿيءُ هيٺ: گهڙي پلڪ ترسئين ته ڀولو ڪونهي، سڄي رات پيئي اٿئي پنڌ ڪرڻ لاءِ، خدا جو ڏنو جيڪو حاضر آهي، سو جهڙو منهنجو تهڙو تنهنجو، مڙسن جو نصيب مڙس کائين. تڏي آئي خالي پيٽ ڪو موٽي وڃي، اها اڻٿيڻي آهي، مهمان جي ڪهڙي مجال، جو ماني نه کائي! جي آيو آهين. ته دم ساعت ترسي، مون مسافر جو ڪچو پڪو کائي، پاڻيءَ ڍڪ پي، ٿورو ٿڪ لاهي ۽ ساهه پٽ: پوءِ جيڏانهن مرضي پويئي تيڏانهن هليو وڃ!“ ائين چئي، هن کي گهوڙي تان لاهي وٺي اچي پنهنجي اڳيان ويهاريائين. ۽ سچي پڪل ڪونج کڻي سامهون رکيائينس پوءِ ته هو پدمڙو گوڏو کوڙي اچي ڪونج کي لڳو. مڙس بنهه ٺهي ئي ڪونه پر ڪونج کي کائڻ سان حيلا ڪري ڇڏيائين. کائيندي کائيندي، جڏهن باقي ڪل کنڀڙاٽي وڃي ان جي بچايائين، تڏهن اوگرائي ڏيئي اٿي کڙو ٿيو، چي، ”ادا لک لائق تنهنجا: هاڻي الهه واهي، دعا ڪج جيئرا هونداسين ته اوس ملنداسين!“ ائين چئي، لانگ ورائي گهوڙي تي چڙهي، اٿي ٿيو اڳتي روانو. ڏهه ويهه وکون مس کنيائين ته وري موٽي آيو. چي، ”ميان مڙس آهين ٺاهوڪو جنهن پيار ۽ پاٻوهه سان منهنجي مهماني ڪئي اٿئي، تنهن جي مهابي توکي هڪڙي سوکڙي ڏيو ٿو وڃان، پر ٻه شرط هڪڙا توکان وٺندس: هڪڙو ته سج اڀرئي کان اڳي ڪنهن سان ڳالهه نه ڪندين، ۽ ٻيو ته هن منهنجي سوکڙي کي هميشه ساهه سان سانڍيندين.“ ائين چئي، پنهنجي ڪمربند ۾ لڳل هڪ عاج جهڙي اڇي بينسري ڪڍي کڻي هن جي هٿ تي رکيائين: چي، ”هن کي جهڙي تهڙي بينسري ڪري نه ڀانئج. خاص هن جي خوبي هيءَ اٿيئي ته ڪٿي به ويهي هن کي وڄائيندين، ته ان جي آواز تي هڪ ته تنهنجي بت ۾ ڏهن مڙسن جيترو زور پيدا ٿي پوندو. ۽ ٻيو ته جيترا به ماڻهو گهرندين، اوترا هڪدم اچي تنهنجي اڳيان حاضر ٿيندا، پوءِ وڌيڪ تون پاڻ ٿو سمجهين ته پورهئي سان ڇا پيدا نٿو ٿي سگهي!“ پدمڙي جون هي ٻوليون ٻڌي، هي ويچارو هيڪر ته بنهه وسميءَ ۾ پئجي ويو، آخر دل جهلي چيائينس ته منهنجا ڀاءُ، تو ته اصل منهنجو آئيندو اڏي ڇڏيو. هيڏي جبل جيڏو ٿورو جيڪو مون تي ڪيو ٿو وڃين، سو آخر آءٌ ڪيئن لاهي سگهندس! ٻيو نه ته هيترو ئي ٻڌائيندو وڃينم ته تون آهين پاڻ ڪير؟ تنهنجي ڪرت ڪهڙي؟ تون پاڻ هيڏڙو، تنهنجو گهوڙو هي! هيڏي تڙ تڪڙ ۽ هل هلان... آخر ڇا لاءِ؟ پاڻ ته آهيون يار پورهيت مڙس، پورهئي ۽ پيار کان سواءِ ٻي آئي وئي جي پروڙ پاڻ کي مڙيوئي گهٽ اٿيئي. ”تنهن تي هن آڱر جيڏي عجوبڙي جواب ڏنس ته“ پورهئي ۽ پيار کان ٻي ڀلا ڪهڙي دنيا ۾ ڀلي شيءِ آهي؟ مون به توکي پورهئي جو ئي ڏس ڏنو آهي! ٽيئي ڀائر هڪ مڙهيءَ هوندو. ته آئيندو اوهان جو اڏبو پنهنجي پورهئي سان: باقي مون، ڀاءُ منهنجا، توسان اهڙو ڪهڙو وڙ ڪيو آهي، جو ايترا ٿورن مٿان پيو ٿورا منهنجا مڃين! تون پاڻ مون سان ڪو گهٽ پير ڀريو آهي پنهنجي ڳالهه ته توکي ڌيان ۾ ئي ڪانهي! سچ ته پيار وٺي ٿورو، مڃي گهڻو: ڏئي گهڻو، سمجهي ٿورو! هاڻ ائين کڻي سمجهه ته مان پاڻ به پيار، ۽ آهيان به تو جهڙن پيار وارن جو گهوريو. اڄ جڏهن طاقت جو ديو انڌ جي دنير گهوڙي تي چڙهيو ملڪان ملڪ وتي ٿو ”آدم بوءِ آدم بوءِ“ ڪندو، دنجندو ۽ ڊوڙندو تڏهن پيار ئي ته آهي، جيڪو انصاف جي اڀامڙي تي ويهي، جڳهه جڳهه ويران دلين جي ورونهن ۽ ستل سهميل انسانن جو سهارو ٿي سگهي ٿو! ڪم گهڻو، وقت ٿورو. ۽ سيڪڙو ساهه! ڏينهن رات، ويل اويل بس پنهنجو ڪم ادا، جي آهي ته اهوئي آهي. ٻيو ڪونهي. هاڻ محبتي مڙسن جون موڪلاڻيون ڪينهن: حياتي آهي ته هميشه گڏ آهيون!“ ائين چئي، گهوڙي کي هشيار ڪري، هو ائين واءُ ٿي ويو، ڄڻ ڪنهن ڏٺو ئي ڪونه هو.
پويان، هي همراهه ڪا مهل ته اتي جو اتي ڪاٺ بنيو بيٺو رهيو، آخر جڏهن مغز جاءِ تي آيس، تڏهن ڪونج جي بچيل کنڀڙاٽي کڻي، ڪوسي ڪري، کائڻ ويهي رهيو.کائيندو وڃي... کائيندو وڃي کنڀڙاٽي کٽي ئي نه! سڄي ڏينهن جي هيس ڀلا بک، سو کائڻ سان بس روهيون ڪري ڇڏيائين، نيٺ کائي جڏهن چڙهه ڪيائين، تڏهن سندس پهر به اچي پورو ٿيو. سو بينسري ور ۾ وجهي، ويٺي ويٺي پنهنجي وچين ڀاءُ کي هڪل ڪيائين، ۽ سري وڃي هن کي هٿ کان جهلي ڌونڌاڙي، هشيار ڪيائين، ۽ پوءِ پٽڪو لاهي، ڪنڌ هيٺان ڏيئي، پاسو ورائي، هڪ منو ٿي سمهي رهيو، ۽ سمهڻ سان گهڙيءَ ۾ ننڊ کڻي ويس.
وچين ڀاءُ به ڏٺو ته ويٺي ويٺي وقت ڪين گذرندو ۽ بک به مڙس کي بنهه بيحال ڪيو ويٺي هئي. سو هن به پنهنجيءَ ڪونج کي ٺاهي جوڙي، اتي جو اتي کڻي ٽانڊن تي رکيو، پچندي پچندي، آخر ڪونج جڏهن اڳئين وانگر پنهنجا هڳاءُ ڪڍڻ شروع ڪيا، تڏهن ڪيڏيءَ مهل اهو ساڳيو آڱر جيڏڙو ماڻهو پنهنجي ٻليءَ جيڏڙي گهوڙي تي چڙهيو، ٽاپ ٽاپ ڪندو اچي نڪتو: چي، ”ترسڻو مون کي ڪونهي، اڃا دس پنڌ جي اڳتي پيئي اٿم، خير جا حال احوال ڪر ته بيٺي ئي موڪلايون، تنهن تي هن جواب ڏنس ته ”تڪڙ مان هوند نه شڪر: پري کان پنڌ پئي ٿو ڏسجين: خالي پيٽ هوندين: پهرين گرهه ٻه گرهه وجهي، ڪجهه ايمان ۾ اچ: پوءِ هو پنڌ، هو تون!“ ائين چئي، سڄي پڪل ڪونج کڻي سامهون رکيائينس، پوءِ هي هو جيڏڙو همراهه به گهوڙي تان لهي، هيڏانهن هوڏانهن نهاري، اچي ڪونج کي لڳو: نه ڇڏيائينس ڪو هڪڙو سالم ڀنجهر، کائي، هٿ ڇنڊي، ٻيو سلام نه ڪلام، هڪدم ٽپ ڏيئي گهوڙي تي چڙهي ويٺو، ۽ جيئن آيو هو تيئن هڪلي گهوڙي کي ٿيو اڳتي روانو. ڪا گهڙي نه گذري ته وري موٽي آيو. چي، ”حال ٻيو ته ڪي ڪين اٿم، هيءُ ڳوٿري توکي نشاني ڏيو ٿو وڃان، پر صبح ٿيڻ تائين ڳالهه ڪنهن سان نه ڪج ۽ ڪڏهن به پنهنجي هٿ کان هن کي پري نه ڪج! هن ڳوٿري جي ڳالهه هيءُ اٿيئي ته جيترو به ناڻو گهرج ۾ هوندئي، اوترو هن مان هميشه پيو توکي ملندو، ناڻو آهي ملهه پورهئي جو: ناڻو آهي ته هر شيءِ حاضر ناڻي، سان ماڻهو به مريد - پيا تولا پورهيا ڪندا،“ ائين چئي، وٺي جو گهوڙي کي کنيائين ته اک ڇنڀ ۾ نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو بيٺي بيٺي ائين غائب ٿي ويو، ڄڻ اتي آيو ئي ڪونه هو.
اتي رات جو پويون پهر به اچي سهڙيو: وچون ڀاءُ سمهي پيو ۽ وڏو ڀاءُ اٿي پنهنجو وارو سنڀالي ويهي رهيو. ڪا مهل نه گذري ته اهو ساڳيو آڱر جيڏو مڙس پنهنجي ساڳئي ٻليءَ جيڏي گهوڙي تي چڙهيو، ٽاپ ٽاپ ڪندو، اچي اتي نڪتو. هو ته اويلو مهمان، پر هيڏانهن به ويرم ئي ڪانه لڳي، سڄي جي سڄي پڪل ٺهيل ڪونج هڪدم هن جي اڳيان اچي حاضر ٿي، جنهن کي وٺي اتي جو اتي چٻاڙي، ڪرٽي کائي، باقي ڪا ان جي هڏي اڌ بچائي نه ڳالهه نه ٻولهه جهڙو تکو آيو هو اهڙو تکو همراهه پٺي ورائي هڪلي ٿيو اڳتي راهي. سٽ پنڌ جي ئي نه ڪيائين، ته انهن ئي پيرن تي مڙس موٽي آيو. ۽ اچڻ سان پنهنجي ڪلهن جي چادر لاهي کڻي وڏي ڀاءُ کي هٿن ۾ ڏنائين، چي،”هيءَ اٿئي خوشيءَ جي اڏند چادر، خوشيءَ جهڙي دنيا ۾ ڪا شيءِ ڪانهي، ماڻهو ميڙي به ٿو خوشيءَ لاءِ خرچي به ٿو خوشيءَ لاءِ، خوشي آهي ته سڀ ڪجهه آهي، خوشي کان سواءِ پورهيو، ناڻو سڀ بيڪار ماڻهو بنهه موڳي جو موڳو. خوشي اياڻپ جي به ٿئي، سياڻپ جي به ٿئي. هن چادر جي خوبي هيءُ آهي ته جيتر ساڻ هونديئه، تيتر خوشيءَ جي خزانن سان گڏ ڏاهپ جا نت نوان نوان رستا به پيئي توکي ڏيکاريندي، ۽ اها توکي خبر آهي ته ڏاهپ جا پر وجهي، ماڻهو آسمانن تائين اڏامي سگهي ٿو. هونئن به، وڇائي مٿس ويهي رهندين، ته جتي به چوندينس اک ڇنڀ ۾ هيءُ نيئي توکي اتي ڇڏيندي.“ ائين چئي، انصاف جي گهوڙي تي آيل پيار جو هيءُ پدمڙو، ڏسندي ڏسندي، ائين الوپ ٿي ويو، جو وڏي ڀاءُ کي اعتبار ئي نه پيو اچي ته گهڙي ٻه گهڙيون اڳي اهو عجوبڙو بنهه سندس اکين اڳيان اتي بيٺو هو.
پر اکين سان جيڪي ڏٺو هئانين ۽ ڪنن سان جيڪي ٻڌو هئائين تنهن کي به ڪوڙو ڪري ڪين ٿي سگهيو. نيٺ، اهي آچار ويچار ڪندي ڪندي، پهر رات جو اچي پورو ڪيائين، ۽ مٿان اچي ڏينهن ٿيس. ايتري ۾ ٻيا ڀائر به ڪنهن مهل ٽپ ڏيئي، اکيون مهٽي، اٿي ويهي رهيا. اٿڻ سان ڪوڙو ڪري، هڪٻئي سان ويهي راتو ڪا حال احوال ڪيائون ڏاڍا خوش ٿيا، ننڍا ڀائر ته اصل آپي ۾ ئي نه پيا اچن: چي، ”ادا رنگ لڳي ويا: جو ڪجهه اسان کي اڄ هٿ آيو آهي تنهن کان وڌيڪ ماڻهوءَ کي ٻيو ڇا ملي، جو پاڻ کي سڀاڳو سمجهي؟ هاڻي پنهنجن ڪکن ڀيڙا ٿيون. جنهن ڳالهه لاءِ سهي سنبري نڪتا هئاسون پرديس ڪمائڻ سا ڳالهه اسان جي هتي ئي حل ٿي ويئي، باقي پاڻ کي ٻيو ڇا گهرجي، جنهن لاءِ اڃان به اڳتي هلي، ڏني نه ورتي پاڻ کي ڏولاون ۾ وجهون؟“
تنهن تي وڏي ڀاءُ ورندي ڏنين ته ”ميان، ڳالهه ته اوهان جي لک لهي، پر جو ڪجهه هي پاڻ کي مليو آهي، سو ته اسان وٽ اڳيئي موجود هو سوچڻ ويچارڻ لاءِ هيءَ کوپري، هلڻ چلڻ لاءِ پير ۽ پورهئي لاءِ هي ٻه هٿ ته پاڻ وٽ هونئن ئي هئا: باقي رهيو ناڻو، سو ته آهي ئي پيدا پورهئي جي! سو، آءٌ ته ادا سمجهان پيو ته پاڻ کي نئين شيءِ ته ڪا اڄ ملي ئي ڪانهي. جنهن تي پاڻ ايترو پيا ٿا آپي کان نڪرون! منهنجي ويچار، ۾ ڳالهه اصل هيءَ آهي ته هنن سڀني شين کي ڪيئن ٿو ڪو ڪم آڻي انهيءَ تي آهي دارومدار هر چيز جو: خود خوشيءَ جو آڌار به انهيءَ ڳالهه تي آهي. ٺلهو هٿن پيرن ۽ هن هڏي جي کوپريءَ تي ڪو ڪونه ٿو جيئي: جيئڻ لاءَ اول گهرجي ان، پاڻي ۽ هوا هوا ۽ پاڻي ڪته خير اڃا ڪنهن جي ايترو هٿ وس ڪين ٿيا آهن، جو انهن تي هو پنهنجا حڪم هلائين. ۽ مٿن روڪ وجهي ويهي رهن ته ڍلون ڏيئي يا ايريا ڀري پوءِ ماڻهو نڪان هوا نين ۽ واتان پاڻي پين: پر ان پيدا ٿئي ٿو ڌرتيءَ مان ۽ ڌرتيءَ تي هر هنڌ پٽا نڪتا پيا آهن، جن تي ڪاريهر نانگ ڄڀن مرڪائيندڙ ڦڻيون ڪڍيو ۽ وات ۾ زهر ڀريل نيش وجهيو، ڏينهن رات پيا ٿا پهرا ڏين، هاڻي سوال آهي ته ماڻهو هلي ته ڪٿي هلي. پورهئي سان ڌرتيءَ مان اناج اپائي ته ڪيئن اپائي؟ قدرت جي ڏنل ڌرتي ٿي انهن جي. جي ماءُ پيٽان ان جا پروانا ڪڍي پاڻ سان کڻي آيا آهن، تنهنڪري پورهئي سان ان مان جيڪا به اپت ٿئي، تنهن تي هي خدا جا خاص خلقيل هميشه پنهنجا پهريان حق ڄمايو، ڍنڍ بنيا، بيٺا آهن. پورهيت آهي ئي ٽڪر ٽڪر لاءِ محتاج - انگ اگهاڙا، پيٽ بکيا اجهي لٽي کان عاجز، سنجهي صبح پيا ٿا جهرجهنگ جهٽ پٽين - ۽ هوڏانهن هو ڌرتيءَ جا ڌڻي آهن، جيڪي پاڻ ته اوبارين پر سندن ڪتا به اوبارين: آڦرجيو آڦرجيو نڪان پيا الٽيون ڪن: گرنهه کائين، پاٽيون وٽاڙين. مطلب ته کائين ته به ٺهيو. رڳو اولڙ ڪيو بيٺا آهن، هر ڪنهن تي هڏ ڪارون پيون پونن. جتي پورهيت بک ۾ ائين پيو پاهه ٿئي، ۽ سکئي ساهه لاءِ سڪندي سڪندي ، اَڻاسيءَ زندگيءَ جون گهڙيون ائين پيون گذرن، جو سک ۽ سونهن جي ساڃهه ته پري رهي، پر ٺلهي ساهه کڻڻ جي سرت به نه هجيس. اتي پاڻ کي پورهئي مان نيٺ به ڇا پلئه پئجي سگهندو. جو، هيڏن ڪشالن ڪڍڻ کان پوءِ، بنا ڪجهه ڪئي، جيئن آيا هئاسين تيئن هٿين خالي، موٽي اوڏانهن هلون؟ جنهن ملڪ کي پاڻ پوئتي ڇڏي آيا آهيون. اتي اڄ به هر چڱيءَ چيز جي اڻاٺ آهي. اهائي بک، اهوئي ڏک، اهائي بيماري، اهوئي ڏڪار جيڪو اکئين ڏسي آيا هئاسين، سو اڄ به اهڙوئي اتي موجود آهي، جهڙو اڳي هو! ٻئي ڪندي، ملڪ ته هيءُ به اهوئي اسان جو آهي. سو هيترين سارين ڳالهين مقالن کان پوءِ هتان جو موٽي پوئتي هلون، تنهن ۾ نه هوند نه شڪر: تنهن کان ته هلو ته ڪو اهڙو هنڌ هلي وسايون، جتي بيهڻ لاءِ پيرن هيٺان اهڙي ته ڪا جاءِ هجيسون، جنهن تي پس پيش پنهنجو هٿ پير، ٿڙي ٿاٻڙجي، وري به ڪٿي ڦٻي ته سگهي؟ پٽ هاڻي پاڻ کي اهو ڳولڻ گهرجي، جتي هوا، اس ۽ پاڻي وانگر هيءَ ڌرتي پڻ سڀني لاءِ ساڳي هجي. بس جو کيڙي سو ميڙي، جو پوکي سو کائي: جتي پورهيو ڪنهن جو پائبند نه هجي جو ڪجهه ڪمايون، سو پنهنجي لاءِ ڪمايون، سڄي عمر ٻين لاءِ ڪمائي ڪمائي سچ پچ ته هونئن به پنهنجا هڏ ئي ڳري ويا آهن.“
وڏي ڀاءُ جون هي ويچار ڀريون ڳالهيون ٻڌي ننڍن ڀائرن کڻي چپ ڪئي. بس ائين ڪڇن جهڙي ڀت، تنهن تي وڏي ڀاءُ نه ڪئي هم نه تم، امالڪ پاڻ واري اڏندڙ چادر کولي کڻي آڏو پٿاريائين. ۽ ٽيئي ڀائر ٽپ ڏيئي ان تي چڙهي ويهي رهيا، چي، ”هل ڙي اڏند چادر اتي، جتي اسان جي دل ٿي گهري!“ پوءِ ته اڏند چادر وٺي اڏاڻي بس ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن! ڏس ته بنهه هوائن سان ڳالهيون ڪندي پئي وڃي. هڪساريڪي مٿي ائين اڏامندي ٿي ويئي، ڄڻ ڪو ڪڪر هو، جنهن کي وايو ديوتا پاڻ پنهنجن ڪلهن تي کنيو آڪاش جا سير ڪرائي رهيو هو.، پر وڏي ڀاءُ جي اک اهائي ڌرتيءَ تي . ڳوٺن جا ڳوٺ هڪٻئي پٺيان هن جي اکين اڳيان پئي آيا ويا. ڳوٺ ۽ ڳوٺ جا ماڻهو ته هيٺ ڌرتيءَ تي هونئن به هن هيشه پئي ڏٺا، پر هن ڀيري مٿان ويهي هن جو ڪجهه ڏٺو، تنهن ته هن جون ڏندين آڱريون لائي ڇڏيون، ويچار ۾ پئجي ويو ته بنهه گرانٺ اڌ جيترا ماڻهو، جيڪي جيتن جڻين وانگر هيڏانهن هوڏانهن پئي چريا پريا، تن ۾ اها ننڍ وڏائي ته ڏسڻ ۾ ئي ڪانه ٿي آئي. جيڪا هڪڙن کي ٻين جي آڏو هميشه هٿ جوڙ ڪرايو ملهه ڳڌل ٻانهن جيان جهڪايو بيٺي هوندي آهي! البت انهن جي گهرن تي جڏهن نظر ٿي پيس تڏهن منجهي ٿي پيو ته هيءَ ماجرا ڪهڙي، جو سڄن سڄن ڳوٺن ۾ ٻيون ته سڀ ڪکن ۽ ڪانن جون ٺهيل بنهه پکين جي آکيرن جهڙيون جهوپڙيون، جن مان آرپار اڇو الله پيو ڏسجي: باقي ڳوٺ ڳوٺ ۾ ٻه محل آهن. جن جون چوٽيون، کليل پٽ ۾ اڪيلن ٻن اتانهن وڻن وانگر اوچا ڳاٽ کنيو، ڄڻ آسمان سان بر ميچيو بيٺيون آهن! پر پوءِ ستت ئي جڏهن ڳالهه سمجهه ۾ ويٺيس. تڏهن دل جو دل ۾ مرڪي ماٺ ۾ اچي ويو، ۽ ياد پيس ته اهي ٻه محل ته آسمان ۽ ڌرتيءَ جي ڌڻين جا آستان آهن، جيڪي ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيو، هڪٻئي جي آڌار تي سڀني کان الڳ ٿلڳ، ايڏي اڊمنبر سان اڀا ٿيا بيٺا آهن ڄڻ ته پاڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي ملڪ ۾ موجود ئي ڪونه ٿا سمجهن! پوءِ هڪڙي محل جون نيلون ۽ منارا ۽ ٻئي جي ڪوٽ جا ڪنگرا ڏسي، هن اهي سڃاڻي ورتا، ۽ سمجهي ويو ته ٻنهي جي ايتري ويجهڙائي ۽ سٻنڌ جو اصلي گر ڪهڙو هو، مطلب ته ائين مٿان اڏند چادر تي ويهي، گهڻي گهڻي تائين، هو هيٺ ڌرتيءَ تي الله ۽ انسان جا اهي عجيب رنگ اکين سان ڏسندو ۽ دل ۾ وهڃائيندو رهيو ايتري ۾ ڪجهه ڌيان سان جو هيٺ نهاري، ته ڏسي ته هڪڙو وڏو درياءُ آهي. جو بي پرواهه پنهنجي مستيءَ ڀريءَ موج ۾، ٻنهي ڪپن سان همڪنار ٿيو، ڇوليون ماريندو، اڇلون کائيندو، گڙگاٽ ڪندو، مزي سان اڳتي وهندو پيو وڃي، هن ڀرئي ڀاڳئي درياءَ جي هڪڙي پاسي وڏو گهاٽو چهچ سائو ٻيلو، ڪوهن جا ڪوهه ڦهليو بيٺو هو. ۽ سامهون ٻئي پاسي دل کي ڌتاريندڙ، ڀانت ڀانت جي گلن ڦلن سان ڇانيل، سنئين سڌي، سائي ستابي ڌرتي، ديهن جون ديهون، اڪيلي ئي اڪيلي، ائين پکڙي پيئي هئي، ڄڻ برپٽ ۾ ڪا نئين نويلي ڪنوار کهنبا ويس ڍڪيو، هار سينگار ڪيو، ميندي رتڙن هٿن پيرن سان پنهنجي ڪنهن پنهل جي راهه ۾، اوسيڙي ۽ انتظار جون اکيون وڇايو ويٺي هجي،. هيءَ ڀلي ڀٽاري ڌرتي ۽ هو دائمي وهندڙ درياءُ ڏسي، وڏي ڀاءُ جي دل خوشي ۾ ٽمٽار ٿي ويئي ۽ من ۾ آيس ته هتان کان بهتر هنڌ ٻيو هٿ ڪونه ايندو بس توڪل ڪري هتي ئي لهي پئجي. دل ۾ اهو خيال اڃا پورو پيدا ئي ڪونه ٿيو هوس ته اڏند چادر ازخود مڙي ڌرتيءَ ڏانهن منهن ڪري، ڌيري ڌيري هيٺ لهڻ لڳي ويئي، ۽ انهيءَ ئي گهڙي جنهن جاءِ تي وڏي ڀاءُ گهريو ٿي، اتي اچي سواءِ ڪنهن لوڏي لمي جي، سنئين سڌي ٿي پئجي رهي.
ننڍا ڀائر، دل ئي دل ۾ وڏي ڀاءُ جا ٿورا مڃي، چپ چاپ اٿي چادر تان پير پري ڪري، هٽي هڪ پاسي کان ٿي بيهي رهيا، ۽ وڏي ڀاءُ به لهي، اتي جو اتي چادر کي چنڊي ڦوڪي، ويڙهي تهه ڪري، ورائي کڻي پنهنجيءَ چيلهه سان سوگهو ٻڌو ۽ پوءِ هيٺ ڌرتيءَ مٿي آسمان ۽ سامهون درياءَ تان نظر ڦيرائي، وري جو پاڻ ڏانهن ۽ پاسي ۾ بيٺل ڀائرن ڏانهن ڏٺائين... ته ڇا چئجي بس بهار بهار ٿي ويو! جي ”پورهئي جي ويل اويل آهي ئي ڪانه: ڪم آهي ڪرڻ سان: جيترو جڏهن ٿئي، تڏهن چئبو ماڻهوءَ ساري کٽي، بيٺي ڪا شيءِ ڪانه ٿي بڻجي، ڳالهين جا وقت ٻيا به گهڻا: هاڻ وٺو ته ڪم کي وٺون!“ تنهن تي، ننڍي ڀاءُ هڪدم ور مان بينسري ڪڍي، چپن تي رکي، ۽ ان مان اهڙا ته امنگ اٿاريندڙ آلاپ ۽ رس ڀريا سٻاجها سر کڻي ڪڍيائين، جو جنهن ٿي ٻڌا، امالڪ اتان ڊوڙندو انهيءَ گهڙيءَ اچي ٿي وٽن اتي نڪتو، مطلب ته ڏسندي ڏسندي ماڻهن جا ميڙ لڳي ويا. تنهن سان گڏ ڪم جي هيج حالت هيءَ، جو هر ڪو ڏس ته ڏهن ڏهن مڙسن جي ڏيکائي پيو ڏئي! بس پوءِ ته الهه توهار ڪري اچي ڪم کي ورتائون ڇا لڳي ڪم، ڇا لڳن مڙس! کڻي جو نگاهه ڪيو ته جادوگرن وانگر ڏسندي ڏسندي ڇا منجهان ڇا بنائي ڇڏيائون: جهنگ لڳي ويا. لاهه نڪري ويا، ڌرتي سنوارجي ويئي، نار چڙهي ويا ريج اچي ويا، هرن مٿان هر ڏجي ويا، ٻج ڇٽجي ويا، ٻنيون پوکجي ويون مطلب ته منڊل لڳي ويا وڏي ڀاءُ جو وري به هر ڪنهن کي اهوئي چوڻ ته ”ادا، جو کيڙي سو ميڙي جو پوکي سو کائي! هوءَ ڌرتي هي اوهان ڪاهيندي اٿو حال!“
ماڻهن کي ڀلا زمين ملي بنهه نويڪلي ۽ نج پنهنجي نه ڪو چوڻ وارو نه ڪو آکڻ وارو، نه ڪنهن جي غرض نه ڪنهن جي ڪاڻ سو پورهئي ڪرڻ سان بنهه حيلا ڪري ڇڏيائون، هلندي هلندي، ديهن جون ديهون ڪاهي وڃي مٿي چڙهيا بس برپٽ ۾ باغيچا بنائي ڇڏيائون.
تنهن وچ ۾، هڪڙي ڏينهن، وڏي ڀاءُ سڀني کي سامهون ويهاري چيو ته ”ادا اجهي کان سواءِ ماڻهو آهي اگهي جي آچار: ڪوسيءَ ٿڌيءَ، مينهن واچ، ڏک ڏسک ۾ گهر ئي آهي، جتي بکيو اڃو، ٿڪو ماندو ماڻهو ڊوڙيو وڃي چار گهڙيون آرام ۽ آسائش جون گذاري سگهي ٿو، پکي پکڻ جيت جڻئي مطلب ته سڀڪنهن ساهواري کي مٿي لڪائڻ لاءِ مڙيوئي ڪو بچاءُ گهرجي، جتي بر جر جي بلائن کان بي اونو ٿي، اکيون بند ڪري، پهر اڌ پاسائون ٿي، سک سهنج سان هو سمهي سگهي. سو، پاڻ آخر ڪيستائين وڻن جي اوٽ ۾ ائين ئي اوڙڪ اڏيو پيا رهنداسون! ٻنيون به خير سان کيڙي ڍڪيون، اس ڏانهن اکيون کنيو. سايون ستابيون ٿي بيٺيون آهن، جيسين وڃي خير سان ڍڍي چونڪ رسن، تيسين پاڻ کي ٻي ڪا اون ڪانهي ڌرتي ڀٽاري پاڻيهي پئي انهن کي تاتيندي، تنهن وچ ۾ وٺو ته مڙسي ڪري پنهنجيءَ لاءِ ڪي چڱا موچارا اجها اڏي وٺون.“
وڏي ڀاءُ جو ايترو چوڻ، ۽ هوڏانهن ننڍو ڀاءُ وري به پورهئي جي بينسري چپن تي رکي بيهي رهيو، هونئن ته هو پنهنجا پاڻ ۾ به هاڻ ڳچ جيترا همراهه هئا، پر بينسريءَ جي وڄڻ سان ڪٿان ڪٿان جا ڪمي ڪاسبي ۽ ڪاريگر به هڪدم اچي ڪٺا ٿيا، وچون ڀاءُ به ناڻي جي ڳوٿري سنڀالي اچي سڀني سان ڪم ۾ شامل ٿيو. پوءِ ته نقشا ٺهي ويا. بنياد پئجي ويا، ڀتيون کڄي ويون، عمارتن پٺيان عمارتون جڙي ويون، مطلب ته سالن جو ڪم مهينن ۾ ۽ مهينن جو ڪم ڏينهن ۾ پورو ٿي ويو. ۽ جتي اڳي بنهه سنئون سڌو پٽ لڳو پيو هو، اتي ٿيندي ٿيندي ٿورن ئي ڏينهن ۾ هڪڙو عاليشان شهر اڏجي ويو، ۽ شهر وري ڪهڙو؟ ڇا چئي ڇا چئجي! ماڻهن جا صاف سٿرا گهر ۽ اوطاقون وڻج واپار لاءِ گدام ۽ بازاريون، مال وجهه لاءِ وٿاڻ ۽ واڙا، ننڍن وڏن جي راند روند لاءِ ميدان ۽ باغ باغيچا، ٻارن ۽ ٻڍن ۽ بيمارن لاءَ خاص بندوبست، اچ وڃ لاءِ وڏيون ويڪريون گهٽيون، جن جي ٻنهي پاسي رات جو شمعدان پيا ٻرن. درياءُ جي ڪپ سان پاڻيءَ جا تڙ ۽ وهنجڻ جا گهاٽ جتي صبح شام ڏسو ته ماڻهن جا بس مارڪا متا پيا آهن. مطلب ته شهر ته نه هو، جنسي ڪنهن آسماني ولايت جو هڪ ٽڪرو هو، جيڪو هي پورهئي ۽ پيار تي پلجندڙ انسان پنهنجن هٿن سان پاڻ لاهي هيٺ ڌرتيءَ تي کڻي آيا هئا. شهر جي هيءَ ريت رونق هڪ طرف ته شهر واسين جو سٻنڌ ۽ ساءُ سواد ٻئي طرف هر ڪو ڀانئي ته ٻئي جو ڀلو ٿئي، چوري چڪاري، زور زبردستي، هوس حسد ۽ جهيڙا فساد ٿين اتي، جتي هڪڙن جي ڪمائي ٻيا کائين، هتي ته اها ڳالهه ئي ڪانه هئي، وري به آخر هو انسان هئا. سو ڪٿي ڪا ڪمي پيشي ڪڏهن منجهن پيدا ٿي پوندي هئي.، ته وڏو ڀاءُ جهٽ وڃي وچ ۾ پوندو هو. چي، ”ادا اچو ته گهڙي پل ڏاهپ جي چادر ويڙهي رکون: ڏسون ته ڏوهه ڪنهن ڏانهن آهي!“ بس ائين، اتي جو اتي ڀائپيءَ ۽ ڀل مانسائيءَ جا هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي، کير کنڊ ٿي، کلي خوش ٿي، ڌريون اٿي کڙيون ٿينديون هيون. ڀلا جتي هر ڪنهن کي پنهنجي مان ئي پورائي پئي ٿيندي هجي، اتي نيٺ به ڇو ڪير ڪنهن جو مٺگهرو ٿئي؟
ٿورن ئي ڏينهن ۾، شهر جي ههڙي هاڪ ۽ شهر واسين جي هيءَ ناموس هنڌين ماڳين عام ٿي ويئي، ۽ بک ڏک جي ماريل مخلوق جتان ڪٿان پنڌ پئي، اچي اتي انهن وٽ آباد ٿيڻ لڳي، بس ائين کڻي چئجي ته سڄي ملڪ جي ماڻهن لاءِ هي شهر امن امان، خير خوشي جو مرڪز بنجي پيو، ۽ ٿيندي ٿيندي، پسگردائي ته پسگردائي پر پري پري جا ڳوٺ به ڪي لڏي اچي ان جي آسپاس ويٺا. ۽ ٻيا وري جتي هئا اتي پڙ ڪڍي بيهي رهيا چي، ”اسين به ائين ڪنداسين، جيئن هنن ڪيو آهي!“ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳالهيون پکڙجي ويون. ماڻهو اٿي کڙا ٿيا، گهر گهر ۾ اهائي ڳالهه: چي، “جو کيڙي سو ميڙي، جو پوکي سو کائي، ڌرتي ڪنهن جي ملڪيت ڪينهي. جي آهي ته انهن جي جيڪي آن اپائين ٿا، ڌن ۽ خوشي آهن پورهئي جي پيدائش: اسين پورهيت بکيا ۽ ڏکيا گذاريون آئينده ائين ڪين ٿيندو!“
ظاهر آهي ته بادشاهن کان اهڙيون ڳالهيون ڪڏهن به ڳجهيون رهي ڪين ٿيون سگهن، سو ملڪ جي بادشاهه کي جڏهن هن ڳالهه جي خبر پئي، تڏهن تپي باهه ٿي ويو چي، ”هن بغاوت جا باني ڪير آهن؟“ بادشاهه ته بادشاهه، پر بادشاهه جا امير وزير، نواب ۽ سردار ته هيڪاري هل هلان ۾ اچي ويا، ۽ جڏهن ٻاهر نڪري ملڪ جي روئداد ڏٺائون ٻڌائون، تڏهن ڊپ ۾ دم ائين اچي گهٽجڻ لڳن، ڄڻ ڪو سچو پچو عزرائيل ساهه قبض ڪرڻ لاءِ بنهه سيرانديءَ کان اچي بيٺو هون، ڊوڙي اچي بادشاهه کي خبر ڪيائون ته ”جيئندا قبلا، حضور جي سربخت جو خير هجي، هيءُ سڄي حرڪت هڪڙن ٽن ڀائرن جي آهي، جن مان هڪڙي وٽ پورهئي جي بينسري، ٻئي وٽ ناڻي جي ڳوٿري ۽ ٽئين وٽ خوشيءَ ۽ ڏاهپ جي اڏند چادر آهي. انهن جي آڌار تي ملڪ ۾ فساد مچائي ڏنو اٿن، ڪيترن کي برغلائي، ساڻ وٺيو وڃي جدا هڪڙو شهر ٻڌو اٿن جتي سڀ ائين آزاد پيا گهمن ڄڻ ملڪ ئي سندن آهي! ديهن جون ديهون زمين جون ريءَ موڪل کڻي جهليون اٿن، فصلن تي فصل پيا کڻن ته ڍل نه ايريو، ٻيئي مٿا ٻهاريو کنيو وڃن جيڪو ٿو منهن ۾ ملين، تنهن سان اها ئي مقال ته ”پورهئي جي پيدا پورهيت ئي کائيندا! ڌرتيءَ تي ڪنهن جي ملڪيت ڪانهي، بس، جو کيڙي سو ميڙي، جو پوکي سو کائي!“ هاڻي هن ڳالهه جو ڪو ترت بلو ٿيڻ گهرجي، نه ته، حضور جي بادشاهي سلامت، حضور جي بادشاهيءَ کي سخت خطرو آهي!“
بادشاهه هي ڳاليهون ٻڌي غضب ۾ اچي ويو، اکيون ڪرڙيون ڪري، ڏند ڪرٽي، مٺيون ڀيڙي، ڌرتيءَ تي دڙهو هڻي، وٺي جو زور سان دانهن ڪيائين ته ڀانءَ ته ڳچيءَ جون نسون ڦوڪجي ڦوڪجي مرڳو ٿيون ڦاٽنس چي، ”ڪٿي آهي اسان جو لشڪر؟ هينئر جو هينئر چڙهائي ٿئي! انهن بغاوت جي بانين، ٽن ڀائرن کي، ڳچيءَ ۾ رسا ٻڌي گهوڙن کان گهلائي، سڀوڪي سج ۾ هتي اسان وٽ آندو وڃي، سندن باغي شهر کي بنا دير جي ڊهرايو وڃي، ڊهرائي ساڙايو وڃي، ساڙائي ڊهرايو وڃي مطلب ته ان جو نالو نشان نه رهي، ٺلهو دڙي جو دڙو باقي وڃي بچي بلڪ ان تي به هر ڪاهرائي، ڪيڻون گهمرايون وڃن ته جيئن بنهه زمين سنئين زمين ٿي وڃي!“
بادشاهه جو وزير هو ڏاهو ڪانءُ، تنهن سوچيو ته ملڪ بيٺو آهي تتو، تنهن تي تيل جو ڇنڊو ٿيندو ستل باهه کي هٿ وٺي جاڳائڻ، چوڌاري ڀنڀٽ ڀڙڪي اٿندا، ايڏيءَ اٻهرائي مان ڪي ڪين ورندو، مرڳو ڳالهه اچي ڳچيءَ کان وٺندي، تنهن وجهه وٺي. هٿ ادب جا ٻڌي، بادشاهه کي عرض ڪيو ته ”جيئندا قبلا، بندو جان جي امان ٿو گهري، پر ڏاهن چيو آهي ته”جا ننهن سان ڇڄي تنهن کي ڪاتي نه هڻجي.“ پاڻ کي هيءُ ڪم ائين ڪرڻ کپي، جو نانگ به مري ۽ لٺ به نه ڀڄي. آءٌ سمجهان ٿو ته هنن ٽن ڀائرن وٽ اهي جيڪي پورهئي، ڌن ۽ ڏاهپ جون ٽي چيزون آهن، جن تي اڄ هيتري هستي ڪيو بيٺا آهن، سي جيڪڏهن کانئن کسي وٺجن، ته سارو معاملو هوند جيئن آهي تيئن اتي جو اتي هڪدم رفع دفع ٿي وڃي، ترڪيب ان ڪم جي منهنجي ذهن ۾ هيءَ ٿي اچي ته شڪار جي مقصد سان فوراً هتان نڪري اوڏانهن هليا هلون. ۽ سندن شهر جي آمهون سامهون، درياءَ جي ٻئي ڪناري تي جيڪو شاهي ٻيلو آهي، تنهن ۾ هلي منزل ڪيون.، اتي پهچي ڪنهن حيلي بهاني سان ٽنهي ڀائرن کي پاڻ وٽ گهرائي وٺون. هڪ ڀيرو هو پاڻ کي ائين هٿ اچن، پوءِ باقي ڪارروائي ڪا خاص ويرم ڪانه وٺندي مون کي پڪ آهي ته اهي ٽي شيون، جيڪي وٽن ٻڌجن ٿيون. سي هر حالت ۾ ساڻ هوندين!“ بادشاهه وزير جي اها صلاح ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. ۽ هن کي جوڳا انعام اڪرام ڏيئي حڪم ڪيائين ته ”هڪدم شڪار جي تياري ڪئي وڃي“....۽ ٻئي ڏينهن صبح جو سوير، اميرن وزيرن سميت، پنهنجي سموري شاهي اٽالي سان اٿي ٿيو اوڏانهن روانو: ۽ هلندي هلندي، ڪن ڏينهن پڄاڻان نيٺ ٽن ڀائرن واري نئين شهر جي بنهه آمهون سامهون، دريا جي ٻئي ڪپ تي، وڏي شان مان ۽ تاب طولان سان اچي منزل انداز ٿيو.
اتي پهچڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن، وزير کي پاسيرو نيئي، صلاح پختي ڪري، بادشاهه پنهنجا خاص هڪڙا ٻه اعتبار جوڳا ماڻهو ڏياري موڪليا ته ٽن ڀائرن کي دعوت ڏيئي، وڏي عزت آبروءَ سان خاص شاهي ڪشتيءَ ۾ ويهاري، پاڻ سان گڏ وٺي اچن.، هوڏانهن شهر ۾ چوٻول مچي ويو چي، ”بادشاهن جا قدم ڳرا خيري توڙي ناخيري، ٻنهي کان پناهه! هن پٽ ۾ بادشاهه جي هيءَ بي مندائتي منزل لاشڪ ڪا آبدا آڻيندي!“ وري جو پرينءَ ڀر کان شاهي ڪشتيءَ کي پنهنجي پاسي ايندو ڏٺائون، ته هيڪاري هراسجي ويا، ۽ ڊوڙي وڃي وڏي ڀاءُ کي وٺي آيا ته من ڪو معاملي جو سنئون منهن ٿئي. وڏو ڀاءُ اچڻ سان ڪناري تي ٿي بيهي رهيو. ۽ جڏهن شاهي ڪشتي ڪناري ڀيڙي ٿي، تڏهن وڌي ان جو پڳهه ورتائين. ۽ سلام ورائيندي ، آيلن جي آدرڀاءُ لاءِ وک وڌائي وٽن ويو، ۽ ساڻن حالي حوالي ٿي، سڀني کي خير جي خاطري ڏيئي، مهمانن کي سڌو پنهنجي اوطاق تي وٺي آيو.
اوطاق تي پهچڻ سان هنن جي پنهنجن ننڍن ڀائرن سان ملاقات ڪرايائين: پوءِ کين ماني ٽڪر کارائي هنڌ ٽپڙ ڏيئي، آرامي ڪري. ٽيئي ڀائر گوشائتا ٿي پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ ويهي رهيا، ننڍا ته ننڍا، پر وڏو ڀاءُ به منجهي پيو ته هاڻي ڇا ڪجي! دعوت ڀلا بادشاهه جي، سو موٽائڻ به مشڪل! نيٺ، سوچيندي سوچيندي، ڳالهه کي ته هو سمجهي ويا ته ڪا مڙيئي سٽيل آهي، نه ته بادشاهه، ۽ کين ايڏي آب مان ۽ اشتياق مان دعوت ڏياري موڪلي، سا آخر ڇا لاءِ! هاڻي جي انڪار ٿا ڪن، ته مرڳو شهر ئي ٿو اچي وڃي آئيءَ ۾! اتي، وڏي ڀاءُ ڳالهه کي وچ ۾ ڪپيندي، چيو ته ”ادا، هلڻو پاڻ کي ضرور پوندو، پوءِ جيڪا جڙي آئي، سا بر سر مٿي تي. چوندا آهن ته ”پٿر کي پٿر سان ڀڃبو آهي: پاڻ وٽ، جي طاقت نه آهي، ته هوش کي پوءِ به هٿان ڪونه ڇڏينداسين: عقل ۽ اٽڪل سان جن به ماڻهوءَ جا مطيع ٿيو پون. بادشاهه جيڪڏهن پاڻ عقل سان عقل جي کيڏ ٿو ڪري، ته وسان پاڻ به ڪين گهٽائينداسين، پر جي طاقت سان ٿو اسان کي مات ڪرڻ گهري ته هيءُ ڀيرو ته پاڻ به سندس قبضي ۾ اچڻ وارا ڪين آهيون، پوءِ اڳتي جي ڳالهه اڳتي سان. ماڻهن جي اسان کي به کوٽ ڪانهي: نڪي وري ملڪ ۾ بادشاهه ٺلها گل ئي پئي پوکيا آهن!“ ائين چوندي، وڏي ڀاءُ پنهنجي اڏند چادر کي هٿ ۾ جهلي، ڇنڊي، وري کڻي ڪلهي تي رکيو، مطلب ته دير دير کان پوءِ هڪ صلاح بيهاري، پنهنجن ڪن خاص حال ڀائين کي معاملي جي خبر ڏيئي، ٽيئي ڀائر موٽي بادشاهه جي ماڻهن وٽ آيا: چي، ”بادشاهه سلامت جو عين احسان آهي، جو اسان مسڪينن کي ياد فرمايو اٿن اسين ته هوند هونئن به سندن خدمت ۾ اچي حاضر ٿيون ها: اوهين آيا آهيو، ته اسان جي اکين تي: جڏهن ارادو هجي، تڏهن بس حڪم جي دير آهي، اسين هر طرح تيار آهيون“ اها ڳالهه ٻڌي بادشاهه جا ماڻهو اٿي بيهي رهيا: چي، ”دير جي ڳالهه ئي ڪانهي، بادشاهه سلامت اسان جي انتظار ۾ هوندو: سج به اچي لهڻ تي بيٺو آهي: جي هلڻو آهي، ته هينئر ئي هلجي ته بهتر“ قصو ڪوتاهه ته ٽيئي ڀائر بادشاهه جي ماڻهن سان گڏجي، اچي شاهي ڪشتيءَ ۾ سوار ٿيا. واءُ به سڻائو پئي لڳو، سو خير سان درياءُ اڪري، سج اڃان لٿوئي مس ته سڀ اچي بادشاهه جي حضور ۾ حاضر ٿيا.
بادشاهه وٽ دعوت جي اڳيئي تياري ٿي پئي هئي دستر خوان وڇايا پيا هئا. طرح طرح جا طعام تيار رکيا هئا. بادشاهه ۽ بادشاهه جا امير وزير ۽ درٻاري سڀ پنهنجين پنهنجين جاين تي ويٺا هئا مطلب ته باقي مهمانن جوئي انتظار هو. ٽن ڀائرن کي پري کان ايندو ڏسي، وزير اٿي اڳتي وڌي آيو ۽ کين نيئي پهريائين بادشاهه سان ملاقات ڪرايائين. ۽ پوءِ دسترخوان جي هڪڙي پاسي پنهنجين مقرر ٿيل جاين تي بيهاريائين. وڏي ڀاءُ. هيڏانهن هوڏانهن نهاري، چپڙي ڪري، پنهنجي اڏند چادر کولي کڻي سامهون وڇائي، ۽ ٽيئي ڀائر ان تي چڙهي ويهي رهيا. وڏي ڀاءُ جي اها ڏاهپ ڏسي، وزير چپ چاپ بادشاهه کي ڏيڍيءَ اک جو اشارو ڏنو. ۽ پوءِ ٻنهي، منهن ٻئي پاسي ڪري کلي ڏنو. ايتري ۾ قسمين قسمين کاڌا سامهون رکجي ويا، شراب خانه خراب جا دؤر شروع ٿي ويا، رقص ۽ سرود جا رنگ مچي ويا. مدهوش دعوتين جا ٽهڪن مٿان ٽهڪ فضا ۾ گونجي ويا مطلب ته بادشاهي دعوت ۾ جيڪي ڪجهه ٿيڻ گهرجي، هتي هر ڳالهه ان کان اڃا ٻه رتيون ڪسر کنيو بيٺي هئي، هيڏانهن هي ويچارا ٽي ڀائر، حيران ۽ پريشان، هر هر هڪٻئي ڏانهن نهاري، اڌارن انسانن وانگر ڊڄي ڊڄي، گرنهه ٻه گرنهه کڻندا رهيا... ۽ آخر شربت جو گلاس گلاس گهرائي، پي، هٿ ڇنڊي، پنهنجو منهن وٺي، چپڙي ڪري ويهي رهيا هوڏانهن بادشاهه توڙي وزير، اڻ ڄاڻ بنيا، منجهن ائين اکيون وجهيو ويٺا رهيا، جيئن ڪنهن بيٺل پاڻيءَ ۾ ٻگهه پکي مڇين جهلڻ لاءِ ساهه سڪايو، جوهه وجهيو، ويٺا رهندا آهن... تان جو ٽن ڀائرن شربت گلاس پي اڃان پورائي مس ڪيا، ته وزير ۽ بادشاهه ٻئي هڪدم ٽپ ڏيئي اٿي بيهي رهيا گهڙي نه گذري ته ائين ويٺي ويٺي، ٽيئي ڀائر اتي جو اتي ڍرڪي، ساڻا ٿي، ڪري پيا! هوڏانهن سڀ دعوتي حال ته هيبت ۽ هراس ۾ وٺجي ويا! بادشاهه ۽ وزير ائين اڳتي وڌيا، ڄڻ هيءَ هنن لاءِ ڪا نئين ڳالهه ڪانه هئي، پوءِ ٽن ڀائرن جي مٿان بيهي، بادشاهه پنهنجي هٿن سان هڪڙي کان پورهيو کسيو، ٻئي کان ڌن ڦريو، ۽ ٽئين کان خوشي ۽ ڏاهپ چورائي ورتي، ان کان پوءِ بيٺي ئي بيٺي حڪم ڏنائين ته ”هنن کي ٻيڙيءَ ۾ وجهي، رات وچ ۾، پرينءَ پر ڦٽي ڪري اچو: سجاڳ ٿيندا ته پاڻيهي پتو پوندن ته ملڪ ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهي: ڀل ته ٻيا به هنن جي حالت ڏسي عبرت جو سبق سکن!“

وڏي وڏي اسر، جڏهن ڪڪڙن پهريان دس ڏنا، تڏهن هي اسان جا ٽي ڀائر ٿڙي ٿڦڙي سجاڳ ٿيا. ۽ ڊگها ڊگها ساهه کڻي، ڪر ڀڃي، اکيون مهٽي اٿي ويهي رهيا.، وائڙن وانگر هيڏانهن هوڏانهن نهاري کڻي جو پاڻ سنڀالين ته همراهن جا تاڪ لڳي ويا. چي، ”ڇا منجهان ڇا ٿي ويو؟ گهڙيءَ ۾ الهه تلهه وڃائي ويهي رهياسين! باقي پاڻ وٽ ڇا بچيو آهي... جنهن لاءِ اڳتي جيئڻ تي جيءُ وري!“ تنهن تي وڏي ڀاءُ چين ته ”پنهنجي الهه تلهه ڦرڻ وارو، هوڏانهن درياءَ جي ٻيءَ ڀر، جيئرو جاڳندو هينئر به محفلون مچايو ويٺو آهي، ٺڳجڻ ۾ ٿي اچي، ته ڏاهپ به ٻٽنگي ڦاسيو پوي. پاڻ جيڪڏهن ڦرجي سگهون ٿا ته ڦري به سگهون ٿا ايتري ۾ همت هاري، حياتيءَ تان هٿ ڌوئي ويهي رهڻ سان ڪنهن کي ڪهڙي شهه اچي ويندي؟ مڙسن جي هميشه پوئين ملهه ٿيندي آهي چاليهه راتيون چور جون آهن. ته ايڪيتاليهين ساڌ جي اوس اچڻي آهي. جي مرڻ ئي سڀني سورن جو علاج ٿي سگهي ٿو. ته هيتري جگ ۾ هوند ڪو جيئي ئي ڇو؟ پاڻ کي جو ڪجهه هٿ آيو ۽ جهڙيءَ ريت اهو وري پنهنجي هٿان وڃائجي ويو. ٻيو نه ته هاڻي انهيءَ هڪڙي ڳالهه لاءِ ئي پاڻ کي زنده رهڻو آهي. اجائي افسوس مان نه هڙ نه حاصل. هاڻي اٿو ته مڙس ٿي، هلي ڪنهن ڳالهه جي ڳڻ ڪريون!“ پوءِ ٽيئي ڀائر اٿي پيرن ڀر ٿيا، ۽ سج اڀرئي کان اڳ ئي رڙهي وڃي سامهون شهر ۾ پنهنجي گهر رسيا، گهر پهچڻ سان وري به پنهنجن ٻن چئن حال ڀائين کي سڏي، وڏي ڀاءُ سڄيءَ روئداد کان واقف ڪيو، چي، ”بادشاهه جا ماڻهو آيا ڪي آيا. بهتر صلاح آهي ته اسان ٽن ڀائرن کي شهر ڇڏي، ڪيڏانهن ٽري وڃڻ گهرجي، جيسين حالتون وري وڃي سازگار ٿين. اوهين بي ڊپا ٿيا، جيئن آهيو تيئن ويٺا رهجو. مقابلي جي ڳالهه ڪانهي. ملڪ سڄو اڌ مئو ٿيو پيو آهي: هٿين خاليص ۽ ڇڙ مڙهيءَ سامهون ٿبو ته سڄو شهر نابود ٿي ويندو. ڪٿان به ڪا مدد ڪانه ملي سگهندي. هي ڀيرو هيٺانهين وٺي، دشمن جو وار گسائجي ته چڱو. تنهن وچ ۾، اندران ئي اندر، هٿيار پنهوار هٿ ڪجن، ۽ اوري پري جي ماڻهن کي سجاڳ ڪبو رهجي.، ته وري به ويل ڳالهه ڪڏهن نه ڪڏهن ورائي وجهبي.“ ائين چئي، ٽيئي ڀائر، سڀڪجهه اتي ڇڏي، جيئن پهرين پنهنجي ڳوٺان نڪتا هئا، تيئن هاڻي به فقط پنهنجا تير ڪمان ڪلهن ۾ وجهي، سڌو بادشاهه جي راجڌاني جو رخ ڪري، همت جو سندرو ٻڌي، اٿي پنڌ پيا.
مڙس هئا جامڙد، سو پنڌ ۾ جو اچي پيا ته ٿڪجن ئي نه، هلندي هلندي، ڏينهن پئجي وين، هوا جي پکين ۽ جهنگ جر جي ميون مڇين تي گذر بسر ڪندا، واٽ تي ننڍا وڏا ڳوٺڙا جيڪي منهن ۾ ٿي پين، تن جي ماڻهن سان حال احوال اوريندا، ۽ انهن کي ڳالهيون مهاڙيون سمجهائيندا ٻڌائيندا، نيٺ اچي راڄڌاني کان ڏينهن ٻن جي پنڌ تي پهتا، هڪڙي ڏينهن اتفاق اهڙو ٿيو جو سڄو ڏينهن گذري وين. پر ڪوبه شڪار هٿ ڪونه چڙهين، آخر سج اچي لهڻ تي بيٺو، ۽ بک بنهه اهڙو اچي حال ڪين، جو ڀانءُ ته آنڊا ٿي منهان آين، نيٺ اڳتي هلڻ کان بنهه عاجز ٿي، هڪڙي هنڌ ويهي رهيا، ايتري ۾ ڪونجن جو هڪڙو ولر پريان اڏامندو ايندو ڏٺائون، سو پنهنجا تير ڪمان کڻي، تيار ٿي بيهي رهيا: ۽ وجهه ۾ ايندي ئي شست ٻڌي، کڻي پنهنجا تير ڇوڙيائون، ننڍن ڀائر جا نشانا ٺيڪ لڳا، وڏي ڀاءُ جو تير گسي ويو ۽ ٻه ڪونجون گهڙيءَ ۾ اچي هيٺ ڪريون، ڪا مهل نه گذري ته وڏي ڀاءُ کي مٿي هڪڙو ٻيو پکي نظر چڙهي ويو. ۽ اتي جو اتي ڪمان مان تير ڪشي، ان کي ڪيرائي وڌائين، پوءِ انهيءَ ئي مهل ٽنهي ڀائرن ڪاٺيون ميڙي، گڏجي باهه ٻاري، ۽ پکين کي حلال ڪري، کلي صاف ڪري، پچائڻ ويهي رهيا، ننڍن ڀائرن ته ڪئي هم نه تم ٽانڊن تان پنهنجي پنهنجي ڪونج لاهي، ڦوڪي، ٺاري، ڪجهه هٿن سان، ڪجهه چڪن سان ڇني، پٽي، خوب مزي سان ويهي کائڻ لڳا، پر وڏي ڀاءُ خيال ڪيو ته پکي آهي نئين قسم جو: ڪٿي ڪا خرابي نه ڪري وجهي! سو ڊڄي ڊڄي، آخر ان جي هڪڙي تڙ پٽي، وات ۾ کڻي وڌائين... ٿورو چٻاڙيائينس ته سواد آيس جيئن وڌيڪ تيئن گهڻو... پر سواد به ڪهڙو! زندگيءَ ۾ پکي هن به ذات ذات جا کاڌا هئا، پر هن پکيءَ جهڙي سواد جي سانڀر گهٽ ۾ گهٽ اوڏيءَ مهل ته هن کي ڪانه پيئي سگهي، پوءِ ته سڀ دل جا آٺسٺا ڦٽي ڪري، گوڏو ڀڃي. پکيءُ کي کائڻ ويهي رهيو. کائيندو وڃي، کائيندو وڃي، ۽ ڪيڏيءَ مهل منهن ڪجهه سر سر ۽ بار محسوس ڪيائين... پوءِ ٿيندي ٿيندي نيٺ ڇا ٿي ويو بس، ان جو بيان ڪيئن ڪجي! معاملو ئي اهڙو هو. مطلب ته نه ڳالهه نه مهاڙ، نه ٺهي نه جڙي، نه وجهه نه واسطو....ائين ئي کائيندي کائيندي همراهه جي نڪ اٿي وڌڻ شروع ڪيو! پر نڪ وڌي وڌي به آخر ڪيترو ٿي وڌي سگهيو؟ هڪ آڱر ٻه آڱر، گرانٺ ٻه گرانٺ، هٿ ٻه هٿ پر هتي ته ڪا حد ئي ڪانه هئي وڌي وڌي وڃي ملڪ کنيائين! ويچاري وڏي ڀاءُ جا ٻيئي هٿ نڪ ۾، ننڍن ڀائرن اٿي کڻي ڀاڪرن ۾ جهليس: پر نڪ چوي ته مون کي جو وڌڻو آهي، سو وڌندوئي ويندس! ڪنڊن مان ڪرڙن مان، کڏن مان کوٻن مان، ٻنين مان ٻيلن مان مطلب ته نڪ جيئن پوءِ تيئن وڌندو وڃي! اتي وڏو ته وڏو. پر ننڍا ڀائر اچي ششدر ٿيا ته نڪ ته ويو، پر نڪ سان گڏ مڙس به ٿو وڃي! خبر ئي نه پئي پوين ته هي ڇا ٿي ويو. ڇا کان ٿيو، ۽ هاڻ ڪرڻ ڇا گهرجي؟ گهڻوئي هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙيا ڊڪيا، پر ڳالهه جا وسان نڪتل هوندي، تنهن ۾ انسان ڪري به ڇا ٿو سگهي!
ايتري ۾ لنؤڻو ورائي، جو پٺيان نهارين، ته ڏسن ته اهوئي سندن يار آڱر جيڏڙو ماڻهو، پنهنجي ٻليءَ جيڏي گهوڙي تي چڙهيو ٽاپ ٽاپ ڪندو، بنهه مينهن واچ وانگر، ڏانهن ڪاهيندو پيو اچي! هن کي ائين ايندو ڏسي، ڀائرن جي دلين ۾ نئين سر ساهه پئجي ويا چي، ”ٿيڻو هوندو ته ڪو نه ڪو بلو هاڻ ٿي پوندو!“ هن عجوبڙي به اچڻ سان حال احوال کان واقف ٿي، پاسي ۾ بيٺل هڪڙي ٻوٽي جا ٻه چار پن پٽي، پنهنجن پتڪڙن هٿن ۾ انهن کي مهٽي سهٽي، کڻي وڏي ڀاءُ جي وات ۾ وڌا ڄڻ ڪو ڀوڳ ٿي ڪيائين! پر، چوندا آهن ته ”ڪک ۾ ڪرامت ٿي ٿئي.“ سو جيئن ئي وڏي ڀاءُ جي وات ۾ پن پيا. ۽ انهن کي ٿوري هن چٻڙ ڏني، ۽ انهن جي نڪ وٺي سوس کائڻ شروع ڪئي! ڳالهه ته برابر ويسهه ۾ اچڻ جهڙي نه هئي. پر سڀني جي بنهه اکين اڳيان سڀڪجهه پئي ٿيو، سو مڃڻ يا نه مڃڻ جو ته هتي ڪو سوال ئي ڪونه هو، جيئن جيئن پئي وڌيڪ پن هن چٻاڙيا ۽ کاڌا، تيئن تيئن هن جو نڪ انگهيل رٻڙ وانگر، پوئتي هٽيو تان جو ٿيندي ٿيندي، وڏي ڀاءُ جي هن بلا جيڏي نڪ ڪيڏيءَ مهل خير سان اچي پنهنجي اصلوڪي جاءِ ورتي. پنهنجي هن پدمڙي يار جو هيءُ ڪرتب ڏسي، ٽيئي ڀائر بس عبرت ۾ پئجي ويا هوش ئي نه هجين، جو ڪو اکر ڪڇي سگهن. وڏي ڳالهه ته هن جو هيڏو هيءُ ٿورو مڃين ته ڪهڙن لفظن ۾ مڃين: اصل بت بنيا هن ۾ اکيون وجهيو بيٺا رهيا. آخر هن عبرتناڪ اڀامڙي چين ته ”ميان منڌا ڇو آهيو؟ ڳالهه آهي ته ڪي به ڪين! هن وڏي ڀاءُ جيڪو پکي کاڌو، تنهن جو نالو اٿو، ”پرمار“، ۽ هيءُ ٻوٽو جنهن جا پن مون هن کي کارايا، تنهن جو نالو اٿو ”شرم ٻوٽي“، پرمار پکيءَ جو ڪم آهي پرائي ماري کائڻ: ۽ جيڪي پرائي ماري کائين، تن کي بادشاهن وانگر، نه ٿئي ناس نه پتو نڪ ته بنهه ٿئين اٽي جو: سو جيسين هٿ ڏيو نڪ کي لڪايو ويٺا رهن ٿا، تيسين ته خير! پر جيئن ئي سندن وکا ٿا پڌرا ٿين ۽ ڳالهيون ٿيون کلن، تيئن ئي سندن نرلڄا نڪ بنهه بدڙڪ ڏيو اچيو ٻاهر ٺڪاءُ ڪن، ۽ دنيا جهان کي ويٺي ويٺي پتو پئجيو وڃي ته هنن حرام کائن جا نڪ اجهو هيڏا ٿا ٿين. هن اسان جي وڏي ڀاءُ به کاڌو ”پرمار“ سو ان جي ڇڪ ٿي ويس: پر ”شرم ٻوٽي“ کارائي هاڻ سندس نڪ کي مر لڳڻ وڍجڻ کان بچائي ورتو اٿئون. اوهين بنهه بي فڪر ٿي، جيڏانهن وڻيو تيڏانهن هليا وڃو!“ ائين چئي هي ننڍڙو همراهه ائين جو ائين ڀائرن کي ڇڏي، جيئن آيو هو، تيئن هليو ويو. رات به ذري گهٽ وهامڻ تي اچي بيٺي هئي: ننڍا ڀائر بنا ڪڇي پڇئي، اوجهراڻيون کائي کائي، ائين ئي پاسو ڏيئي سمهي رهيا: پر وڏو ڀاءُ چپ چاپ ويٺو رهيو، ۽ ويٺي ويٺي اکين ۾ ئي رات گذاري ڏينهن ڪري ڇڏيائين.
وڏي ڀاءُ پوءِ ڌونڌاڙي ننڍن ڀائرن کي هشيار ڪيو ۽ سج سنوان. ٽيئي ڀائر اٿي پنڌ پيا. ويندي ويندي وڏي ڀاءُ چين ته ”مون پاڻ لاءِ هاڻ هڪڙو نئون ڌنڌو سوچيو آهي!“ پڇيائونس، ”ڪهڙو“؟ چي. ” پاڻ هلون ٿا بادشاهه جي راڄڌانيءَ ڏانهن، اتي پنهنجي يار پدمڙي جي چوڻ وانگر حرام کائو جيڪي سو گهڻا ٿا رهن، جن جو اٿندي ويهندي ڌنڌو ڦرمار جو ته آهي ئي، پر وات جي چسڪي سان مڙيوئي زياده چاهه اٿن! پاڻ به هلي ٿا هنن کي پڪلن پکين جي موج وٺايون، اوهين ٻيئي جوان مڙس آهيو تير اندازيءَ ۾ تيز، سو ڏيهاڙي پکي ماريو اچجو، ۽ آءٌ هلي ٿو دڪان لڳائي ويهان: پر خبردار ڪو پرمار پکي ماريو اٿو! پرمار هونئن به ملڪ ۾ ٿورا ٿا ٿين، سو جڏهن به ڪو نظر چڙهيو ته ان کي اک ۾ رکي، مون کي اچي ڄاڻ ڪجو! بس، پوءِ جيسين راڄڌانيءَ ۾ پهچن، تيسين اهو سارو ڏينهن ٽنهي ڀائرن هلندي هلندي، وٺي کڻي پکين جو شڪار شروع ڪيو، ۽ جيئن ئي ڏينهن لڙئي اچي راڄڌانيءَ جي ويجهو رسيا، تيئن وٽن پکين جا کوڙ لڳي ويا. پوءِ شهر ۾ اندر داخل ٿي، هڪڙو گوشائتو پاسو جهلي، باهه جو مچ کڻي ٻاريائون، ۽ پکين کي کلي ٺاهي، ويهي ٽانڊن تي پچائڻ لڳا. پکي به پچي اچي راس ٿيا ته ماڻهو به اچي مڙيا بس ويٺي ويٺي، سمورا پکي هٿن تي کڄي وين. ٿورا گهڻا ڏينهن ائين گذرين، ته پئسا به ڪجهه اچي وٽن جمع ٿيا سو شهر جي وچ چؤنڪ تي هڪڙو چڱو موچارو دڪان وٺي، ان کي سينگاري ٺاهي، شاهه نانوائي بنجي ويهي رهيا. پوءِ ته اچي سندن دڪان هليو: شام جي وقت ڏسو ته ماڻهن جي ايڏي پيهه لڳيو وڃي، جو وارو ملڻ ئي مشڪل، محنت سان هنن به ڪين گهٽايو هر قسم جا پکي وٽن موجود: تتر، ٻٽيهر، ڀاڙو، پٽ تتر، ڳيرا، پاريهر، وهيا، بدڪون، آڙيون، نيرگيون، تلوريون، هنجهه، ڪونجون. مطلب ته ذات ذات جا پکي ڪي پيا پچن ته ڪي پيا ترجن، ڪي پيا رڌجن ته ڪي پيا ٻاڦجن وڏي ڀاءُ کي به ڪي هنر ياد هئا پکين ٺاهڻ جا! هڪڙا پکي اچن تازا ۽ قسمين قسمين، ٻيو انهن کي اچن گيهه جا مک ۽ ڏنگن مٿان ڏنگا ۽ سنڌ سنڌ ۾ پئجين ڀانت ڀانت جو سرهو سلوڻو مسالو، پوءِ ته تيار ٿي اچي اڳيان رکجن، ته ”جونه کائي سو پڇتائي ۽ جو کائي سو سڄي عمر ياد ڪري“ وارو معاملو بنجيو وڃي.
اتي ڀائرن جي دڪان جي هاڪ وڃي بادشاهه جي ڪنن تائين رسي، ۽ هڪ ٻن پکين کائڻ کان پوءِ، پکي اچي بادشاهه جي ڏاٺ لڳا ۽ اهڙو اچي بادشاهه والا جاه پکين تي هريو، جو جيسين پڪل پکي شام جو دسترخوان تي آڏو نه اچيس، تيسين ٻيون کڻي ڪيتريون به ست رڇيون سامهون هجنس، ته به گرنهه نڙيءَ کان هيٺ نه لهيس. شاهي بورچين ۽ خانسامائن جا مان مٽيءَ ۾ ملي ويا. گهڻيئي پنهنجا هنر هلائين، پر بادشاهه چوي ته پڪل پکيءَ کان سواءِ سڀ بيڪار! ٿيندي ٿيندي بادشاهه جي اصل اها ٺڪ ٻڌجي ويئي ڏيهاڙي سج لهڻ سان ئي شاهي رڪابدار ڏسو ته ڍاڪئون جهليو، دڪان جو در وٺيو بيٺو آهي چي، ”بادشاهه سلامت جن کاڌو آڏو رکيو، هٿ روڪيو ويٺا آهن: ٻين کي ڇڏ، بادشاهه جو پکي تيار ڪر متان اچي نه وڃين ڪنهن ڪمهري ۾!“ هوڏانهن بادشاهه جو وزير باتدبير وري پنهنجي منهن ڀائرن جي پڪل پکيءَ لاءِ ٻاتاڙيو ويٺو رهندو هو. اهڙيءَ طرح ڏينهن جا ڏينهن پئي گذريا، ۽ ڀائرن جي پڪل پکين جا هڳاءُ جيئن پوءِ تيئن زياده هر طرف پئي پکڙيا.
رکي رکي هڪڙي ڏينهن وڏي ڀاءُ ننڍن ڀائرن کان پڇيو ته ”هيترن ڏينهن ۾ ڪو ”پرمار“ به هن جوءِ ۾ اوهان کي نظر چڙهيو؟“ ننڍا ڀائر ته پنهنجي منهن هونئن ئي هنن بي پير پکين جي تاڙ ۾ هئا، سو ٻڌندي ئي جواب ڏنائون ته ”گهڻا ته نه، پر ٻه هڪڙا مڙيوئي ملڪ ۾ موجود آهن. صبح جي پهر ۾ شڪار تي نڪرن ٿا: جي صلاح هجي ته سڀاڻي ئي کڻي سيخ ڪجين!“ وڏي ڀاءُ هيءَ ڳالهه ٻڌي، کلي کڻي چپ ڪئي، پر ننڍا ڀائر سمجهي ويا ته ”پرمار“ جا ڏينهن هاڻ اچي پورا ٿيا آهن نتيجو هيءُ نڪتو جو ٻئي ڏينهن ٻئي پرمار پکي اٿندي ئي ڌڪجي پيا، ۽ سجهندي ئي وڏي ڀاءُ وٽ سيخ ٿيڻ لاءِ پهچي ويا، نيٺ سج لٿو، شام ٿي، ۽ وڏي ڀاءُ جي دڪان به اچي رونق ورتي: ماڻهو اچي مڙيا....بادشاهه ۽ وزير جي رڪابدارن جي اها تڪڙ ته ”ميان اسان کي پهرين هلاءِ! هتي آهن جو هٿ جهليو ويٺا آهن، ۽ تون آهين، جو ڊيگهه لائي ڏني اٿئي ڄڻ ڪنهن ڪوريءَ موچيءَ سان ڪم پيو اٿئي: ڪجهه سر جو به خير گهر جئي ڪين نه!“ وڏي ڀاءُ چين ته ”سائين منهنجا، غريبن تي گرم نه ٿيو: هي وٺو، پهري توهين! اسان مسڪينن جي ڪهڙي مجال، جو ملڪ جي مالڪن کي ناراض ڪيون؟“ ائين چئي ٻن خاص پڪل پکين کي کڻي، نئين سر انهن کي گيهه جو مک ڏيئي، ٽانڊن تي ٻيهر سيڪي گرم ڪري، ٺاهي جوڙي ڍاڪونئن ۾ نهايت شانائتي نموني ۾ رکي، کڻي هنن جي هٿن ۾ ڏنائين، ۽ پوءِ هو ٻين گراهڪن کي منهن ڏيڻ ۾ لڳي ويو. دڪان تي اهائي پيهه پيهان هڪڙا ٿي آيا ٻيا ٿي ويا مطلب ته روزمره وانگر رنگ متو پيو هو.
ائين ئي بيٺي بيٺي، مهل گذري، ته اوچتو اوچتو شهر ۾ رڙ پئجي ويئي... چي، ”بادشاهه جو نڪ وڌي ويو! وزير جو نڪ وڌي ويو!“ ماڻهو حيران، اعتبار ئي نه پيو اچين، چي، ”هيءَ به ڪا ڳالهه نڪ وڌي ويا آهن؟“ پر ايتري ۾ بادشاهه ۽ وزير جا نڪ مبارڪ پنهنجي سر پاڻ بنهه محلاتن جون ڀتيون ڀڃي ۽ دروازا ٽوڙي اڳو پوءِ ٻاهر نڪري آيا. ۽ سڌو شاهي رستو ڏيئي ٻٽو بٽ اڳتي هليا جيسين شهر جو پڪو رستو وٺي وٺي ويا، تيسين ته خبر: پر جڏهن وڃي پڌر ۾ پيا ۽ کڏن کوٻن، ڪنڊن ڪرڙن ۽ دڙن دڪن جون لاهيون چاڙهيون ۽ رهڙون رهنڊون اڳيان آين. بس پوءِ ته الله ڏئي ٻانهو سهي... بادشاهه سلامت هڪڙي پاسي ۽ وزير باتدبير ٻئي پاسي، رڙو رڙ لائي ڏنائون، دانهن مٿان دانهون. اوناڙن مٿان اوناڙ ڪير ٻڌي، ڪير سهي! ڀائرن جي يار پدمڙي جي ڳالهه وانگر بادشاهن جا نڪ ته هونئن به ٿين اٽي جا ڦنڊڪ به نه سهن: سو اچتو جو اچي هنن عقوبتن ۾ پيا، ته بس محشر مچي ويا، وزير ويچاري جي نڪ کي ته پوءِ کڻي پنهنجي حال تي ڇڏيائون: پر بادشاهه سلامت جي نڪ نفيس لاءِ نرم نرم گاديلا وڇائجي ويا. گلم ۽ غاليچا پٿارجي ويا، پاسن کان طول ويهاڻن جون ٽيڪون اچي ويون، پر هيڏانهن هن نرلڄي نڪ جي نه هجي ڪا ڊيگهه ويڪر ۽ انڌي ڪنڌي، ته ڪٿي ڪو بلو ڀيڻي ٿي سگهيس! وري ماڻهن کي جو پئجي ويئي پڪي پختي خبر ته بادشاهه جي نڪ وڌي وڃي ملڪ کنيا آهن. سو ننڍا وڏا زالين مڙسين جتي ڪٿي ميڙا ڪري ٻاهر نڪري آيا، ۽ جيڪي ٿي پڳن سو ٿي غريب نڪ سان ڪري گذريا. اوري پري ملڪ ۾ هل مچي ويو، ويندي ٽن ڀائرن جي شهر تائين به پيغام پهچي ويا چي، ”بادشاهه جو نڪ اچي ويو آهي وجهه ۾ وڍڻو اٿو ته وقت هيءُ اٿو!“ بس، پوءِ ته بادشاهه جي نڪ وڍڻ سان ماڻهن هائيون ڪري ڇڏيون: جنهن کي ڏسو سو ڇا ڪاتي، ڇا ڪوڏر، ڇا ڪهاڙي بادشاهه جي نڪ جا سنڌا لاهيو، رسي ۾ ٻڌيو، گهليندو کنيو پيو وڃي... ”ڇا آهي؟“ چي، ”بادشاهه جو نڪ وڍيو ٿو وڃان!“ گاديلن ۽ طول ويهاڻن جي ڳالهه کان ته معاملو هونئن ئي مٿي چڙهي ويو هو. پر هاڻي ڳالهه اچي هن تي بيٺي ته بادشاهه جي نڪ جو بچاءُ ڪيئن ٿئي! سو، سائينءَ کي چوان، ٻنهي پاسي هٿيارن پنوهارن سان لشڪرن جا لشڪر بيهي ويا ڏينهن رات پهرا پيا اچن پر نڪ ڏسو ته اهو ئي درياءَ جي ٻوڏ وانگر اٿلون کائيندو جيئن پوءِ تيئن اڳتي ڪاهيندو وڃي ڪنهن ڪنٽرول ۾ ئي نه اچي.
آخر صلاح اچي اتي بيٺي ته بادشاهه جي نڪ نامراد کي ٽڪو ڏيئي ورائي جبل ۾ کڻي منهن ڏجيس، نه ته سامهون اٿس سنڌو درياءَ ڪٿي پاڻمرادو پاڻيءَ ۾ نه وڃي ٻڏي مري! آخر اها اٽڪل به اختيار ڪئي ويئي، جنهن جو نتيجو هي نڪتو، جو جبل سان مٿو هڻندي وٽ وڪڙ کائيندي، دڙو ٿي، بادشاهه جو ناشناس نڪ، سٽجي ساڻو ٿي، ڍير بنجي، هڪ هنڌ پئجي رهيو.
تنهن وچ ۾ پڙها گهمي ويا ۽ شاهي اعلان ٿي ويا ته جيڪو بادشاهه سلامت جو نڪ بچائيندو، تنهن کي بادشاهه سلامت جي وڏهر ڌيءُ جو سڱ ۽ اڌ بادشاهيءَ جو انعام ۾ ملندو. بادشاهه جي نڪ بچائڻ لاءَ شاهي حڪيمن طبيبن پنهنجي علم ۽ عقل جا جيڪي ڪرتب ۽ ڪمال ڏيکاريا، تن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! ڦڪيون، لپريون ڪک، ڪاڙها، سيڪ ۽ مالشون مطلب ته طبابت جي طريقن ۽ حڪمت جي حيلن هلائڻ سان ڪنهين ڪين گهٽايو: پر هيڏانهن هي نڪ نؤد هجي، جنهن تي ڪنهن ڳالهه جو ڪو اثر ئي نه ٿئي. ڇپ هنيو، ڍير بڻيو، جتي هو اتي پيو رهيو. اوسي پاسي، ديس پر ديس جا ويڄ ڪويڄ، حڪيم نيم حڪيم به بادشاهه جي وڏهر ڌيءَ ۽ اڌ بادشاهيءَ جي انعام جا اعلان ٻڌي اچي گڏ ٿيا هئا هر ڪو پنهنجي پيو هلائي، ڪو چوي ته ”ڏنڀيوس“، ڪو چوي ته ”وڍيوس!“ مطلب ته بادشاهه جا ڏسو ته رانڀاٽن مٿان رانڀاٽ پيا پون چي، ”انهيءَ کان ته هن نڪ نالائق کي مرڳوئي وڍي ڇڏيو ته جند ڇٽيم!“ ڳالهه ته هونئن ئي وسان ويئي پيئي هئي، پر ويتر جو تتا ڪاڙها ۽ مٿان پيا مينهن، سو ڪهڄر ۽ ڪسمري ۾ بادشاهه ۽ وزير جا هي نامدار نڪ اچي ڪنا ٿيڻ شروع ٿيا، ڪير، جو هنن جي ويجهو وڃي! وٺي جو بدبوءَ نڪتي ته ماڻهن جا ساهه مٺ ۾ اچي ويا. سون ڪوهن تان سرڻيون ۽ ڳجهون ڍونڍ جي ڌپ تي ڍري پيون، ۽ لامارا ڏيئي، لاڳاپا لاهي، مچرڪا ڪري ويهي رهيون،. حڪيم طبيب سڀ هٿ ڪڍي پري ٿي بيهي رهيا چي، ”حاڪمن جا هي نڪ ڪجهه وڍيا آهن، باقي به بنهه پاڙان پٽجي وڃڻ کپن. ٻيو ڪو انهن جو علاج آهي ئي ڪونه: پر ڇا ڪجي. اها به پڪ ڪانه ٿي پوي ته وڍجڻ کان پوءِ بس ڪري اتي بيهي رهندا يا وري نئين سئين اٿي وڌڻ شروع ڪندا: وڏي ڳالهه ته هن معاملي جو ترت ڪو تدارڪ نه ٿيو، ته ويٺي ويٺي سڄو ملڪ وڏيءَ ڪنهن وبا ۾ وٺجي ويندو!“
جڏهن صورتحال بنهه اچي اتي بيٺي، تڏهن وڏي ڀاءُ ويچار ڪيو ته بادشاهه ۽ وزير جي هن نحوست ڀرين نڪن جو ڍونڍ مرڳو ملڪ ئي ٿو نهوڙي نئي. سو وڌيڪ سستي ڪرڻ سٺي ڳالهه نه ٿيندي جي مهل آهي ته هيءَ آهي، هٿان ويئي ته هميشه لاءِ افسوس جا هٿ ملڻا پوندا. اهو ويچار ڪري، پرمار پکين جون چهنبون چنبا ۽ هڏيون جيڪي وٽس بچيون هيون، تن کي ڪڻڇيءَ ۾ اڙي سوڪ ڪري، ڪٽي، پيهين، ڪپڙ ڇاڻ ڪري، ان مان پڙيون جوڙيائين، ۽ شرم ٻوٽيءَ جي ڏانڊين ۽ پنن کي ڇانو ۾ سڪائي، ساڳيءَ طرح پيهين، ڇاڻي انهن مان ڪک ٺاهيائين: ۽ پوءِ ننڍن ڀائرن کي ڪن ۾ ڪا ڳالهه ٻڌائي، ڪيڏانهن انهن کي اماڻي ڇڏيائين، ۽ پاڻ وهنجي سهنجي، سٺا صاف ڪپڙا پائي، سهي سنبري، سڌو وڃي بادشاهه جي روڳي نڪ جي مٿان بيٺو چي، ”هن جو علاج آءٌ ڪندس! عالي سرڪار جو نامدار نڪ هاڻ ليڪا لنگهي، بنهه پري وڃي پيو آهي آئنده جيئن وڍبو، تيئن وڌندو ۽ ڪنو ٿيندو، ۽ هن جي هٻس مرڳو سڄي ملڪ جو ساهه قبض ڪندي، آءٌ نه بادشاهه جي وڏهر ڌيءَ جو گهوريو آهيان، نه سندس اڌ بادشاهيءَ جو منهنجو شرط بس هيءُ آهي ته بادشاهه سلامت مون سان ٻه گهڙيون خلاصيون ڳالهائي...پوءِ جي هن جو نڪ موٽي پنهنجيءَ اصلوڪي جاءِ تي نه اچي بيهي، ته منهنجي سزا ڦاسي!“
هيءُ ڳالهه ٻڌي، بادشاهه سلامت، اٻڙڪو کائي، وات ڦاڙي جيئن ئي ڪو شاهي اعلان ڪرڻ ٿي چاهيو، تيئن وڏي ڀاءُ چپڙي ڪري، شرم ٻوٽيءَ جو ڪک، چپٽيءَ ۾ جهلي، کڻي هن جي نڙيءَ ۾ اڇلايو! شرم ٻوٽيءَ جو بادشاهه جي نڙيءَ سان لڳڻ، ۽ هن جي نڪ جو، منهن ويڙهي، پوئين پير ڀڄڻ پٽا ڏيئي وٺي پوئتي لوهه ڪيائين...لڪڻ جي جاءِ نه لڀيس، ڀانئي ته زمين ڪٿي ڪا جاءِ ڏئي، ته پورجي وڃان! اتي وڏي ڀاءُ کي وري ڪا ٻي ڳالهه سجهي آئي، سو ڇا ڪيائين، جو انهيءَ ئي مهل ورائي کڻي پرمار واري پڙي ڪڍيائين، ۽ پڪو منهن ڪري اتي جو اتي بادشاهه جي اڌ کلئي وات ۾ ان کي ڇنڊي ڇڏيائين، بس پوءِ ته پرمار جي پڙي بادشاهه جي نڙيءَ ۾ اڃا پوري پئي ئي ڪانه، ته هن جو نڪ نامراد اها ئي وٺي کڻي الهه توهار ڪئي گهڙيءَ ۾ وڃي ساڳيا پٽ جهليائين! معاملي جي هيءَ صورت ڏسي، وٺي جو حضور بادشاهه نئين سر اوناڙ ڪيو، ته حال ته پڪيءَ اٻاسي ۾ پئجي ويو، ۽ جيئن ئي ساهه ڪجهه موٽ کاڌيس، تيئن جهلي جو ٻي رڙ ڪيائين، ته ڀانءِ ته ڇت ٿي ڦاٽي چي، ”اڃا بيٺا آهيو! منهنجو نڪ جي بچائڻو اٿو، ته ڀڄي پري ٿيو آءٌ هن حڪيم سان خلاصو ڳالهائيندس!“
بس حڪيم جي دير هئي امير، وزير، ماڻهو ڇيڻهو نوڪر چاڪر هٽي پري ٿي بيهي رهيا، ۽ تخليو ٿي ويو. تنهن تي وڏي ڀاءُ جهڪي، جوهه وجهي بادشاهه جي منهن ۾ نهاريو....۽ ڪو وقت ته هن جي منهن ۾ ائين ئي نهاريندو رهيو....۽ائين هن ۾ نهاريندي نهاريندي، جڏهن بادشاهه جي اکين جا دوڏا ڊپ ۾ بنهه ٺڪاءُ ڏيئي ٻاهر نڪرڻ تي اچي بيٺا، تڏهن ڪڙو آواز ڪري، بادشاهه کي چيائين ته ”بادشاهه سلامت، سڃاڻين ٿو، آءٌ ڪير آهيان؟ آءٌ هتان جو ئي هڪڙو، جهڙو تهڙو، انسان آهيان اهو جنهن کان تو ڪجهه کسي ورتو آهي....مون کان ۽ منهنجن ڀائرن کان تو ڇا کسيو آهي. تنهن جو ڪو ويچار ڪر!“ هيءُ گفتو بادشاهه جي ڪنن تي اڃا پيو ئي مس، ته بادشاهه جي وائي تم... نه ساهه هيٺ نه ساهه مٿي، سڪرات ۾ اچي ويو، هلو پيو لڳيس! هوڏانهن وڏي ڀاءُ ويچار ۾ پئجي ويو ۽ سمجهيائين ته بس شيءِ وڃي ڌڻين کي پهتي! سو ڏاڍو ارمان ٿيس ۽ اهڙو اچي ڊنو، جو بنهه ساهه سڪي ويس، ۽ ماٺڙي ڪري، هٽي، پري ٿي بيهي رهيو.
پر چوندا آهن ته بادشاهن جا ساهه ڏاڍا ڏکيا ويندا آهن ستن دريائن ستن جبلن ۽ ستن سمنڊن کان به پري ديو آهن، جي سندن ساهه سنڀاليو ويٺا آهن، ۽ اتان جڏهن ڪو ڪنهن بادشاهه جو ساهه کڻي، آڻي بنهه هن جي سامهون نپوڙي، تڏهن وڃي سچ پچ هنن جو ساهه نڪري! سو هي بادشاهه به، دير دير کان پوءِ، رڦي رڦي، نيٺ سامت ۾ آيو، ۽ اکيون کولي، وڏي ڀاءُ ڏانهن نهاريائين، ۽ چوڻ لڳو ته ”ميان ڳجهارتن ۾ نه ڳالهاءِ... منهنجو حال ڪونهي... منهنجي نڪ جو ڪو بلو ڪر!“ اتي وڏي ڀاءُ به ڪجهه بود ۾ آيو ۽ مڇن کي تاءُ ڏيئي ۽ ڪنڌ ۾ ور وجهي، چوڻ لڳو ته ”بادشاهه سلامت تنهنجي نڪ جو بلو هاڻ ڳالهين سان ٿيندو جي ٻڌڻيون اٿيئي ته ڌيان ڏيئي ٻڌ!.
اتي هن جا ننڍا ڀائر جيڪي هن کان موڪلائي راتو واهه، ڪنهن پاسي نڪري ويا هئا، سي به اوري پري جا ماڻهو ساڻ ڪري، اچي بادشاهه جي محلات جي چوڌاري گهيرو وجهي، بيهي رهيا چي ”پهرين اسان جون ملڪيتون موٽن، پوءِ بادشاهه جي نڪ جو علاج ٿئي، بس هشام ماڻهن جا اچي مڙيا گڏجي وٺي جو دنبهو هنيائون ته سندن آواز وڃي عرشين لڳو.
بادشاهه جا سپاهي ۽ پهريدار، جيڪي بادشاهه جي نڪ جي رکوالي لاءِ ملڪ ۾ چونڪيون جهليو بيٺا هئا، تن کي جو اصل ڳالهه جو پتو پيو، ته انهن به ڪن ڪيا چي، ”ڳالهه ته برابر آهي: ملڪ جو پورهيو، ملڪ جي دولت ۽ ملڪ جو سک ته سڀ اول کان اسان جا آهن، بادشاهه ۽ بادشاهه جا امير وزير اهي سڀ پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ويٺا آهن، پهرين اهي آزاد ٿين، پوءِ بادشاهه جي نڪ جو علاج ٿئي!“
مطلب ته بادشاهه ويچاري لاءِ هاڻي ٻي ڪا واهه ڪانه رهي، لاچار منهن ڪڙو ڪري، زهر جو ڍڪ ڀرڻو پيس، ۽ هڪ هڪ ڪري ڌڻين جون شيون ڌڻين کي موٽائي ڏنائين...پوءِ بازن کان بچيل کٿل ڳيري وانگر هن جون اکيون پورجي ويون ۽ ٻيئي هٿ پنهنجي نڪ ۾ وجهي چپڙي ڪري، ڪنڊ جهلي ويهي رهيو چي، ”هاڻ ڀلا منهنجي هن نڪ جو ڪو علاج ٿيندو...! ۽ جي ٿي سگهي ته منهنجي وزير جي نڪ جو به علاج ٿئي...!“
نڪن جي علاج جي ته هاڻ ڪا خاص مشڪل ڪانه هئي: وڏو ڀاءُ شرم ٻوٽيءَ جي چپٽي ڀري بادشاهه جي وات ۾ ۽ چپٽي ڀري وزير جي وات ۾ وجهڻ ويهي رهيو....۽ ٿيندي ٿيندي، ٿوري گهڻي ڏينهن بادشاهه والا جاهه ۽ وزير باتدبير جا نسي ويل نڪ نيٺ خير سان موٽي اچي، پنهنجين ساڳين جاين تي سهڙيا: وڏي ڀاءُ پنهنجي وسان ڪين گهٽايو ته هي عالي نسب نڪ ڪنهن طرح پنهنجي بڻائتي شڪل شبيهه وٺي بيهن ۽ منجهن ڪا آڏائي ابتائي رهجي نه وڃي، سو ڏاڍيون انهن جون، بنهه وار کان به سنهيون، ماپون ورڇون ڪيائين ۽ ان لاءِ هن کي ڪيترا ڀيرا پرمار جي پڙين جو به استعمال ڪرڻو پيو، ۽ سچي ڳالهه ته هيءَ آهي ته ان ۾ هو آخر سورهن آنن جا پورا سورهن آنا ڪامياب به ٿيو، ۽ انهن کي ٺپي ٺاهي، گهڙي جوڙي نيٺ اهڙو بيهاريائين، جو ڏسڻ وارا هڪ کان ويهن اکين سان انهن کي ويهي ڏسن، ته به سهي نه ڪري سگهن ته اهي ڪڏهن ڪنهن پاسي بطال ٿي ويا هئا: پر افسوس جو بادشاهه سلامت ۽ وزير نيڪ تدبير کي ويندي پڇاڙيءَ تائين اها ڳالهه ويسهه ۾ ڪانه ويٺي ته سندن نامدار نڪ ايڏي رولڙي کان پوءِ، وري اچي پنهنجين پورين جاين تي براجمان ٿيا هوندا، سو ان ڏينهن کان پوءِ هو پنهنجن نڪن جو ڏاڍو خيال ڪرڻ لڳا...اهي ته اهي، پر کانئن پوءِ سڀ بادشاهه ۽ سڀ وزير، پوءِ اهي ڪهڙا به هجن ۽ ڪٿان جا به هجن، پنهنجن نڪن جي ڏاڍي سنڀال ڪندا آهن ڪو وڍ يا ڪا رهڙ رهنڊ ته پري رهي، پر انهن تي ڪو ڪک به ڪونه سهن: هميشه هنن کي اها ڳڻتي ۽ ڳڻ لڳل هوندي آهي ته پاڻ کڻي سڄا گند ۾ لبجي وڃن، پر ڪنهن طرح سندن نڪن کي ڪا مر نه لڳي: ۽ پڪ ڪرڻ لاءِ سندن نڪ سلامت آهن، هو هميشه اهڙا اعلان ڪندا ۽ ڪرائيندا رهندا آهن ته سندن نڪ امانت سلامت وٽن موجود آهن باقي پرائي ماريءَ کان پرهيز هي بادشاهه ۽ وزير نه سکيا سو نه سکيا....البت هو پنهنجي ڪڙم جا ويري نه آهن، سو پرمار پکي کي حرام ڪري ڇڏيو اٿن ۽ ڊني ڊپ کان ان کي ڪونه کائين!
خير، اها ته ٿي بادشاهن ۽ بادشاهن جي وزيرن جي نڪن جي هڪڙي عام ڳالهه، پر خاص ڳالهه هيءَ آهي ته اسان جا هي ٽي ڀائر بادشاهه ۽ وزير جي هنن نابڪار نڪ جي هيڏيءَ ساري مروڙ ۽ مرامت کان نيٺ واندا ٿيا...۽ ڪم از ڪم هيءُ ڀيرو ته هنن هائن کان ڪنهن طرح پنهنجي پورهئي جي بينسري، ناڻي جي ڳوٿري ۽ خوشي ۽ ڏاهپ جي اڏاند چادر هڻي ڌڻي وڃي هٿ ڪيائون ۽ سچ ڪري پڇو ته هيترين ڳالهين ۾ هنن جو اهو هڪڙو انصاف ئي بس آهي!
پوءِ سڀ ماڻهو جيڪي اتي گڏ ٿيا هئا، تن سان گڏجي، اسان جا هي ٽيئي ڀائر، کلندا ٽهڪ ڏيندا، نچندا ڳائيندا، وڏي شان شوڪت سان اٿي اتان روانا ٿيا، ۽ سڄي واٽ اوسي پاسي جي ماڻهن سان ملندا، حالي احوالي ٿيندا، انهن کي خير خوشيءَ جون خبرون ڏيندا، منزلون ڪندا، نيٺ هڪڙي ڏينهن اچي درياءَ جي ڪپ سان پنهنجي ٻڌايل شهر ۾ پهتا.
اتي جو پهتا، ته بس نئين سر عيدون ٿي ويون، ماڻهو اچي مڙيا، پڙ کڻي ڪڍيائون، دهلن جا ٽاهو ۽ شرنائين جا واڄٽ وڄي ويا، ديڳيون چڙهي ويون، خير خيراتن جي هونگ لڳي ويئي ڏونڪا جهمريون، راڳ روپ، ملاکڙا ۽ قسمين قسمين رانديون مطلب ته چوڌاري سانگ رچي ويا ۽ هر هنڌ مجرا مچي ويا، ۽ ڪي ڏينهن خدا جا ته ماڻهن کي کيل تماش ۽ خوشيءَ کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه ياد ئي ڪانه هئي.
نيٺ هڪڙي ڏينهن وڏي ڀاءُ سڀني کي سڏي، سامهون ويهاري چيو ته ”ادا، خوشيون به آهن پورهئي سان پهرين پورهيو پوءِ خوشيون هاڻ وٺو ته ڪم کي وٺون! هيڏا ٽڪر ٽاڪي ۽ ڪشالا ڪڍي جو هي چيزون نيٺ وڃي هٿ ڪيون اٿئون، سو رڳو ويهي ٺينگ ٺپي ۾ وقت وڃائڻ لاءَ نه، پر پنهنجي آئيندي جي آڏڻ ۽ ڪنهن سکئي ساهه کڻڻ لاءِ وهندڙ اڏ به چڱي ۽ بيٺل سمنڊ به گهوريو سو اچو ته بسم الله ڪري ڪم ۾ هٿ ڳنڍيون، هاڻ ته ٻئي ڪنهن لاءِ پاڻ کي ڪمائڻو ڪونهي، جيڪي ڪنداسون سو پنهنجي لاءِ ويٺي شينهن به بک مرن سو ويهڻو پاڻ کي ڪونهي، بس، هاڻي جو جتان جو آهي، سو اتي وڃي پنهنجي ڪم کي لڳي، جيڪو جيترو ڪمائيندو، اوترو اهو کڻندو سست ۽ ڪم چور جي پاڻ وٽ هاڻي جاءَ ڪانهي، جو کيڙي سو ميڙي، جو پوکي سو کائي هوءَ زمين ۽ هي اوهين وڃي خدا کي سنڀاري وجهوس برڪت جو هٿ، ياد رکو، جيسين زمين اوهان جي آهي، تيسين سڀڪجهه اوهان جو آهي: زمين اوهان جي نه رهي، اوهان جو ڪجهه نه رهيو.“
وڏي ڀاءُ جي هيءَ ڳالهه ٻڌي، انهيءَ ئي مهل سڀ اٿي کڙا ٿيا، ۽ هڪ هڪ ٿي، جيڪو جتان آيو هو، اهو اوڏانهن هليو ويو، ۽ ٻيون سڀ ڳالهيون ڇڏي، هڪ منو ٿي هر ڪو وڃي پنهنجي پنهنجي ڪم کي لڳو، ڀائرن جون هي ڳالهيون هنڌين ماڳين پکڙجي ويون، سڄي ملڪ جا ماڻهو، ڪر موڙي، سجاڳ ٿي، اٿي ويهي رهيا، پنهنجو پاڻ سڃاڻي ڳالهيون ڳڻي، جيترو جنهن کان پنهنجي وس پنيو ٿي. ٿي سگهيو، ان کان به سوايو ڪم هرڪو پنهنجي بلي ڪري بيهي رهيو.
هڪڙو پورهيو آزاد، ٻي زمين پنهنجي ۽ ٽيون وري ڪم جو هيج بس پوءِ ته ڏسندي ڏسندي، ملڪ جي ائين ڪايا پلٽجي ويئي، ڄڻ ڪا ڳالهه ٿي ڪيئي! ڌرتيءَ ڀٽاريءَ ٿورن ئي ڏينهن ۾ ساڳيا پنهنجا ساوڪ ۽ سرهاڻ جا ويس کڻي ڍڪيا، ۽ چوڌاري ڀرين فصلن ۽ گاهن جون گلزاريون ان پاڻي، ڪپڙو لٽو گهر گهاٽ، کير مکڻ مطلب هر شيءِ جا انڇر لڳي ويا، ڪيڏانهن ويئي بک ته ڪيڏانهن ويئي بيماري، ڪيڏانهن ويو ڏڪار ته ڪيڏانهن ويا ڏک. ڏولاوا! ملڪ ۾ هڪ ڀيرو وري سک ۽ سُڪار جو وارو وري ويو. سڪل منهن سرها ٿي ويا، ۽ دلين جا ڪوماڻل گل ٻيهر ٽڙي، اکيون کولي ۽ مرڪندڙ منهن مٿي کڻي بيهي رهيا، ۽ بهار ڀريل زندگيءَ هڪ ڀيرو وري پنهنجي امرت رس سان ملڪ کي نئين سر جياري ڇڏيو.
... پوءِ چون ٿا ته انهيءَ ملڪ جي ماڻهن وٽ جيسين ان پيار جي پدمڙي کان مليل اهي ٽي سوکڙيون يعني پورهئي جي بينسري، ناڻي جي ڳوٿري، ۽ خوشي ۽ ڏاهپ جي اڏند چادر، سلامت رهيون، تيسين سندن ملڪ ۾ سڪار ئي سڪار رهيو، ۽ وري ڪڏهن به ڏک ۽ ڏڪار پيٽ بکي ۽ ڏندن وهاٽيل ڏائڻ موٽي وٽن ڪانه آئي.

گرڙو گابار

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪڙو ڪو ڇورو ڇنو غريب نينگر هوندو هو، جو پنهنجي پوڙهيءَ نانڙيءَ وٽ رهندو هو. ۽ شهر جا گابا وڇون چاري پيو پنهنجو ۽ پنهنجي نانيءَ جو ڏکيو سکيو گذر ڪندو هو. هن جا ڪپڙا هميشه ليڙون ليڙون ۽ ميرا جهڙا گپ، وارن ۾ مڻ مٽيءَ جا لتا پيا هوندا هئس ۽ بت تي ڌوڙ ۽ ڇيڻن جا ڇوڙا چڙهي ويا هئس، هر ڪو هن کي ”گرڙو گابار“ ڪري پيو چيڙائيندو هو.
هڪڙي ڏينهن، جيئن هو شهر جا گابا پهرايو، جهنگ ڏانهن ڪاهيو پئي ويو، ته واٽ تي هن کي هڪڙي جهور پوڙهي مائي گڏي، جنهن کي هن اڳي هن جوءِ ۾ ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو. پوڙهيءَ چيس، ”اڙي بابا، مون کي اکين کان ديد پوي ٿي ڪانه: ڏس مليو اٿم ته هتي ڪو گرڙو گابار آهي، سو جي مون انڌيءَ کي ڪا لٺڙي وڍي، ٽيڪ لاءِ هٿ ۾ ڏيندو، ته منهنجون اکيون ٿي پونديون! تو ڪو اهڙو گرڙو گابار ڪٿي ڏٺو؟
گرڙي گابر جو هيءَ پوڙهيءَ جي ڳالهه ٻڌي، سو ماٺڙي ڪري گابن کي هڪلڻ واري پنهنجي لٺ کڻي هن کي هٿ ۾ ڏنائين... ته خدا جي اهڙي قدرت جو اتي پوڙهيءَ کي به دئو پوڻ لڳو! ۽ هوءَ اهڙي ته خوش ٿي، جو گرڙي گابار کي هٿ کان جهلي، چيائين ته ”مون کي منهنجي ناني ٻڌايو هو، جا مون کان به پوڙهي هئي، ته گرڙو گابار هن ملڪ جي شهزاديءَ سان شادي ڪندو، ۽ وڏو راڄ ڀاڳ ماڻيندو. سو ڙي ابا، اهو گرڙو گابار تڏهن تون آهين!“ ائين چئي، اها پوڙهي مائي پوءِ لٺڙي ٽيڪيندي، پنهنجو منهن وٺي هلي ويئي، ۽ گرڙو گابار به گهڻيءَ گهڻيءَ دير تائين بيهي هن ڏانهن پري پري تائين نهاريندي نهاريندي آخر پٺي ورائي، ڊوڙي وڃي پنهنجن گابن کي رسيو، ۽ پوڙهيءَ کان جيڪي ٻڌو هئائين، تنهن کي سڄو ڏينهن، ۽ پوءِ هر هميشه اٿندي ويهندي دل ۾ ورجائيندو رهيو.
گرڙي گابار جا گابا به ڏسو ته اڄ ڪٿي بيهي هڪ هنڌ چرن ئي نه جيئن پوءِ تيئن سندن اڳتي منهن! آخر هلندي هلندي، گرڙي گابار جا گابا اچي هڪڙي صاف سٺي ۽ شيشي جهڙي اڇي شفاف پاڻيءَ جي واهه تي بيٺا. پوءِ هن ڇا ڪيو، جو جيسين گابا پاڻي پي اڳتي وڌن تيسين واهه مان وهنجي سهنجي ڦول ٿي، وري اچي گابن جي اڳيان بيهي رهيو. گابا وري اٿي اڳتي هليا، ۽ هلندي هلندي کيس هڪ چانديءَ جي واهه تي آڻي ڪڍيائون، ۽ پوءِ هن ان واهه ۾ به گهڙي تڙ ڪيو....اتي سندس منهن هيڪاري ٻهڪڻ لڳو. وري اڳتي هلي گابن هن کي هڪ سوني واهه تي آڻي بيهاريو، پوءِ هن ان ۾ به گهڙي، تڙ ڪيو... ته سندس سڀ وار سونا ٿي پيا! پوءِ ڇا ڪيائين، جو ساڳيا پنهنجا اهي ليڙون ليڙون ٿيل ۽ گپ جهڙا ميرا ڪپڙا ڍڪي، گابن کي هڪلي، گهر جي ٻاهران مٽيءَ ۾ ڇاڦولي کوڙي، اچي ويهي رهيو...
هوڏانهن گرڙي جي ناني، جا هن لاءِ سڄو ڏينهن در ۾ اکيون وجهيو ويٺي هئي، تنهن جو ڏٺو ته هو اڃا نه آيو آهي، سا هن جي ڳولا ۾ نيٺ ٻاهر نڪتي. ٻاهر نڪري ڏسي ته گرڙو گابار در تي مٽيءَ ۾ لتو ويٺو آهي، سو کيس ڏاڍا دڙڪا ڏنائين چي، ”تون اتي ويٺو آهين، ۽ گابا به ملڪن کي پهتا الاجي نه پهتا! اتي مٽيءَ ۾ ڇا وڃايو اٿئي، جو انڌن وانگر ويٺو ان کي اجايو ڦولهارين!“
گرڙي کلي چيس، ”ناني ڇا ڪريان، منهنجي اکين سان الائي ڪهڙو ترڪٽ ٿي ويو آهي جو پورو گهر سونهون به نٿو ٿيان!“ هي ٻڌي ويچاريءَ پوڙهي نانس کان رڙنڪري ويئي، ۽ روئندي روئندي کيس هٿ کان جهلي گهر وٺي آئي.
جڏهن صبح ٿيو، ته نانس، ماڻهن جي گهرن مان گابا پهرائي، چارڻ لاءِ، آڻي کيس ڏنا، ۽ هو گابن کي هڪلي انهن جي پٺيان پٺيان هليو ويو ۽ ائين هو هر روز چپ چاپ گابا پيو چاريندو هو.
هڪڙي ڏينهن جيئن هوگابا ڪاهيو، شهر جي ڪنهن گهٽيءَ کان پئي لنگهيو، ته هن کي شاهي محلات جي دريءَ ۾ هڪڙي چنڊ جهڙي حسين شهزادي ويٺل ڏسڻ ۾ آئي، ۽ ڏسڻ سان هي شهزاديءَ تي ڇڪن ٿي پيو، ۽ دل ۾ خيال ڪيائين ته ڪيئن به ڪري هن شهزاديءَ سان شادي ڪندس.
جڏهن ٻيو ڏينهن ٿيو، تڏهن گرڙي نانيءَ کي چيو ته ”ناني ڙي ناني! مون کي ڪالهه ڏس مليو آهي ته جي شهزاديءَ جي وارن جي ڦڻي اکين تي گهمائيندين ته تنهنجون اکيون اڳي کان اڳريون ٿي پونديون! تنهن ڪري تون وڃ ۽ وڃي شهزاديءَ کان مون کي ڦڻي آڻي ڏي!“
نانس چيس ته ”ابا تون گرڙو غريب، تولاءِ شهزاديءَ ڦڻي ڪيئن ڏيندي؟“ پر لاچار رواني ٿي، ۽ ڏاڍيون وڃي هن کي زاريون نيزاريون ڪيائين، ۽ هن جي ايترين ميڙن منٿن تي شهزاديءَ لاچار، هن پوڙهيءَ تي رحم آڻي، هڪ بيڪار ڦڻي ڏيڻ جو حڪم ڪيو، جا ٻانهيءَ آڻي، کيس ڏني، ۽ هن اها کڻي آڻي گرڙي پنهنجي ڏوهٽي کي ڏني، گرڙو پوءِ سڄو ڏينهن جهنگ ۾ اها ڦڻي ڏيندو رهيو، ۽ شام جو ان ڦڻيءَ ۾ پنهنجا سونا وار وجهي، هڪ سٺي رومال ۾ ويڙهي، اچي نانيءَ کي ڏنائين ته ”هاڻ هيءَ ڦڻي وڃي شهزاديءَ کي موٽائي ڏي!“ نانس چيس ته ”ابا شهزادي هيءَ ڦڻي اسان کان ڪيئن موٽائي وٺندي!“ گرڙي چيس ته ”ناني، تون کيس وڃي چئه ته اسان کي ڏس مليو آهي ته جي شهزادي ڦڻي واپس نه وٺندي، ته اکيون ڇٽڻ بدران بنهه انڌيون ٿي پونديون!“ پر خيال ڪج متان اها ڪنهن ٻئي کي ڏين: ڦڻي بنهه شهزاديءَ کي هٿ ۾ ڏجانءِ!“
”آخر گرڙي جي ناني ڦڻي کڻي، وڃي شهزاديءَ کي ڏني، جنهن چيس ته”مان ڪا سڃي آهيان ڇا، جو ڪين جهڙي ڦڻي توکان واپس وٺان؟“ پوءِ ڪراڙي گرڙي واري سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس، تنهن تي لاچار شهزاديءَ ڦڻي ورتي، ۽ ائين ئي ڪاوڙ ۾ اندر هلي ويئي، پر اندر وڃي، کڻي جو ڦڻي ڏسي ته واهه، هن ۾ ته ٻه سهڻا سونا وار پيا آهن ۽ انهن کي ڏسي، هوءَ ڏاڍي خوش ٿي.“
ٻئي ڏينهن صبح جو ڪراڙي وري ڦڻي وٺڻ آئي... ته شهزاديءَ خوشيءَ سان کيس هڪ نئين ڦڻي کڻي ڏني، انهيءَ ڏينهن وري گرڙي چار سونا وار وجهي موڪليس، ۽ اهڙيءَ طرح ٽئين ڏينهن وري اٺ وار وجهي، شهزاديءَ ڏانهن ڦڻي موڪليائين، اتي شهزادي به سمجهي ويئي ته هي گرڙو نه پر ڪا ٻي شيءِ آهي! ۽ پوءِ شهزاديءَ کي پرپٺ هن جو نينهن لڳي ويو... ۽ ڏسو ته ڏيهاڙي وڃي بدن ۾ لهندي! پڻس سندس ڏاڍا علاج ڪيا مگر هيءُ مرض ئي ڪو ٻيو هو.
آخر هڪڙي ڏينهن پيءُ کي چيائين ته ”بابا سائين، آءٌ شادي ڪنديس پر پنهنجو ڀتار پاڻ پسنديءَ تي ڪنديس.“ تنهن تي بادشاهه پنهنجي ڌيءَ جي مرضي مڃي، پڙهو گهمارايو ته ”شهزاديءَ سڀاڻي پنهنجو ور پاڻ چونڊيندي، تنهنڪري هر ڪو لائق جوان تيار ٿي محلات جي سامهون اچي بيهي.“ بس پوءِ ته سڀ جوان مڇن کي تاءُ ڏيئي، ڏاڍي شوق سان محلات جي سامهون، سينو تاڻي، اچي بيٺا.
اتي گرڙي به نانيءَ کي چيو ته ”ناني اڄ آءٌ به اهو مزو ڏسڻ ويندس نيٺ گرڙو به اتي آيو ۽ سڀ کان پري هڪ گند جي دڙي تي اچي بيهي رهيو. شهزاديءَ به دريءَ کان سڀني کي ڏسي ۽ جانچي، پنهنجي ٻانهيءَ کي حڪم ڪيو ته ”هيءُ هار کڻي، ان گند تي ويٺل گرڙي کي وڃي پاراءِ!“ ٻانهي ڀلا حڪم جي بندي، تنهن لاچار ائين ڪيو، جنهن تي سڀ حيران ٿي ويا. ۽ سڀني چيو ته ”ٻانهي ڀلي آهي، ۽ شهزاديءَ کان ٻيهر پڇيو وڃي!“ آخر ٻيهر ٻانهيءَ وڃي پڇيو ته کيس وري به حڪم مليو ته ”وڃي گرڙي کي هار پاراءِ!“ ٻانهيءَ وري به وڃي گرڙي کي ڳچيءَ ۾ هار وڌو، اتي وري به هر ڪنهن چيو ته ”ٻانهي ڀلي آهي.“ نيٺ جڏهن ٽيون ڀيرو به گرڙي جي ڳچيءَ ۾ اچي ٻانهيءَ هار وڌو تڏهن، سڀ ”ٿو ٿو“ ڪندا، ٽڙي پکڙي ويا... ۽ وڏي ڳالهه ته بادشاهه کي به ڏاڍا خار لڳا.
پر ٻي ڪا واهه نه ڏسي، بادشاهه لاچار هنن جي شادي ڪرائي، پر حڪم ڪيائين ته ”هنن کي نيئي گهوڙن جي ڪڙهه ۾ ڇڏيو، ته ڀلي اتي ئي رهن!“ پوءِ گرڙي ۽ شهزادي لاچار اتي گهوڙن جي ڪڙهه ۾ رهڻ لڳا. پر شهزاديءَ ڏاڍي اتي تنگ ٿي، ۽ نيٺ گرڙي کي چيائين ته ”تون گرڙو ته نه آهين! آخر ڪيترا ڏينهن هتي هن ڪڙهه ۾ پيا ڪنا ٿينداسين! هاڻي پنهنجي اصلي صورت ۾ اچ، ته حياتيءَ جا چار ڏينهن هلي ڪٿي سک سانت جا گذاريون!“ پوءِ گرڙي شهزاديءَ جي چوڻ تي، وٺي جو اهو پنهنجو ليڙون ليڙون ٿيل گپ جهڙو ميرو لباس لاٿو، ته هڪ بنهه سج جهڙو حسين شهزادو ٿي پيو. شهزادي هن کي سندس اصلي صورت ۾ جو هيئن ڏٺو، سو بس نهال نهال ٿي ويئي، ۽ بادشاهه کي اميرن وزيرن سميت گهرائي، پنهنجو سونن وارن وارو سهڻو ور ڏيکاريائين، هوسڀ ڏسي حيران ٿي ويا. ۽ جڏهن کين خبر پيئي ته هيءُ اهڙو ڀاڳ وارو ۽ سوڀيا وان شهزادو آهي. ته ڏاڍا خوش ٿيا. ۽ نئين سر سندن ڌام ڌوم سان شادي ڪرائي، آڻي شاهي محلات ۾ کين رهايائون.
... گرڙي گابر جي پوڙهيءَ نانيءَ ته تنهن ڏينهن نچڻ سان هائيون ڪري ڇڏيون. آءٌ به ان ڏينهن اتي هوس، ۽ جيڪي ٽڪن جا ٿالهه گهوري سرگس ۾ پئي اڇلايائون. تن مان هڪڙو ٽڪو مون به لڌو هو جيڪو آڻي گنجڙي ”ڦلوءَ“ کي ڏنم، پر اهو هن ليڙي ئي کپائي ڇڏيو!
(”گل ڦل“ مارچ 1959)

بادشاهه ۽ ٽرڙو ڪانءُ
هڪڙو هو بادشاهه - بادشاهه پاڻ خدا آهي، پر هيءُ زماني جو بادشاهه هو. هن جو حڪم ماڻهن کان سواءِ پکي پکڻ، جيت جڻئي، ديون پرين ۽ جنن ڀوتن تي پڻ هلندو هو. هڪ ڀيري هن جي ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو. ان جي اڻهوند سبب غريب ماڻهو پاڻ ته پيٽ کي پٽيون ٻڌيو پيا گهمندا هئا، پر پنهنجن ٻارڙن کي به سڪل مانيءَ ڳڀو هٿ ۾ ڏيئي، پرڀائي پرڀائي، راند تي موڪلي ڇڏيندا هئا. مٿان اچي ملڪ ۾ ڪانو ساماڻا، سي لامارا ڏيئي، ٻارڙن کان اهو مانيءَ ڳڀو به کسي هليا ويندا هئا.
ٿورين گهڻين ڏينهين اها خبر وڃي بادشاهه تائين پهتي ته ڪانون اصل ڀينگ ڪري ڇڏي آهي. ننڍڙا ٻارڙا اڃا مانيءَ ٽڪر هٿ ۾ کڻي نڪرن ئي مس ٿا، ته ڪانو اچيو انهن کان اهو ڦريو وڃن! سو بادشاهه حڪم ڪيو ته ”سڀئي ڪانو اچي مون وٽ حاضر ٿين!“ اوهان هيءُ ڪهڙو ظلم ٻاري ڏنو آهي؟“ ڪانو جواب ڏنو ته ”جيئندا قبلا، اسين جيڪي به ڪانو آهيون، سي ٻارن کان ماني ٽڪر ڦري، وڃي پنهنجي جهوني ڪانءُ کي ڏيندا آهيون جيڪو اسان سڀني جو سردار آهي، اهو تمام پوڙهو آهي، ۽ ڪو وقت سنڀري“ بادشاهه حڪم ڪيو ته ”انهيءَ ڪانءَ کي مون وٽ حاضر ڪيو وڃي!“ ڪانو ويا ۽ ان پوڙهي ڪانءَ کي کڻي آيا. بادشاهه ڪانءَ کان پڇيو ته ”ڪيترو وقت سنڀرين؟“ هن جواب ڏنو ته ”بادشاهه سلامت! تنهنجي ناني جي ناني تنهنجي نانيءَ جي ناني ۽ ان جي فقير وارو وقت سنڀران.“ بادشاهه ”ڳالهه ڪر“ ڪانءَ چيو ته ”تنهنجي ناني جو نانو تنهن جي ناني جو نانو هوندو هو. ان جي بادشاهيءَ ۾ هڪڙو فقير پنڻ آيو ۽ اچي سندس محلات جي در تي سين هنيائين. ٻانهي خيرات کڻي آئي، پر فقير وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. چي، ”مون کي خود راڻي اچي خيرات ڏيئي وڃي!“ فقير جو اهو ضد ڏسي، آخر ڪار راڻي پاڻ خيرات کڻي آئي، پوءِ ته ٻنهي جون اکيون اٽڪي ويون ۽ ٻيئي اتي ئي ڄمي بيهي رهيا. ڪو پهر اڌ ته ائين ئي گذري وين. آخر اتان جڏهن ڪو ماڻهو اچي لنگهيو. تڏهن راڻيءَ فقير کي چيو ته ”تون فلاڻي هنڌ وڻ هيٺان هلي ويهه، ته آءٌ به اتي اچان ٿي.“
”فقير ان هنڌ هڪ وڻ هيٺيان وڃي ويٺو، گهڙي کن کان پوءِ راڻي به وڃي اتي پهتي، ۽ وري جو هڪٻئي سان اکيون ملين ته رات لنگهي وين ۽ مٿان اچي ڏينهن ٿيو! هوڏانهن جڏهن بادشاهه کي خبر پيئي ته راڻي ڀڄي وئي آهي، تڏهن ملڪ ۾ هلائي ڇڏيائين ته راڻي مري ويئي آهي.
ٿورن گهڻن ڏينهن کان پوءِ ان ملڪ جو وزير اچي، انهيءَ وڻ هيٺان لنگهيو. ڇا ڏسي ته راڻي ۽ فقير ٻيئي اتي ويٺا آهن، وزير انهن ٻنهي جي وچ ۾ کڻي ڪپڙو ڏنو، ته راڻي سجاڳ ٿي ۽ فقير کي چيائين ته ”فقير، ساهه سڌير! هاڻي بادشاهه جي اچڻ جي مهل ٿي آهي. تنهنڪري آءٌ محلات ڏي ٿي هلان. وزير وري جو کڻي اهو ڪپڙو پري ڪيو ته انهن جو اهوئي ساڳيو حال.
وزير وڃي ساري حقيقت بادشاهه کي ٻڌائي، بادشاهه اچي ڏٺو ته اهي ٻيئي برابر ائين ئي ويٺا هئا. بادشاهه کي جو لڳي خار، سو ڇا ڪيائين جو انهن ٻنهي جيئرن جاڳندن مٿان هڪڙو چوگرد بند قبو جوڙائي ڇڏيائين، جو اڃا بيٺو آهي.
بادشاهه پوڙهي ڪانءَ کي چيو ته ”تون اهو قبو مون کي ڏيکاريندين!“ ڪانءَ چيو ته ”هائو سائين پر مون ۾ اڏامڻ جي طاقت ڪانهي، مون کي محافي ۾ وجهائي، کڻائي هلين، ته پوءِ مان اهو قبو هلي توکي اکين سان ڏيکاريان.“ اهو ٻڌي بادشاهه پنهنجن نوڪرن کي حڪم ڪيو ته اوهين ڪانءَ کي کڻو ۽ جيڏانهن هلڻ لاءِ چئي، اوڏانهن وٺي هلوس.“
آخر اهي سڀ اچي هڪڙي قبي وٽ پهتا، پر قبو هو چوڌاري بند، سو بادشاهه حڪم ڏنو ته ”قبي ۾ سوراخ ڪيو وڃي.“ جڏهن ڪانءَ اها ڳالهه ٻڌي ته تڏهن اچي ڏڪڻيءَ ورتس، نيٺ قبي ۾ سوراخ ڪيو ويو. پر ان ۾ اندر ته ڪي به ڪين هو. تڏهن بادشاهه حڪم ڪيو ته هن ٽرڙڪانءَ کي جهلي، سوراخ مان اندر اڇلائي، ورائي قبو لنبي ڇڏيو. هيءُ رڳو پراوا ٽڪر کائي ڄاڻي، ۽ ڪوڙ گهڙيو ٻٽاڪون ٻڌايو، سڀني کي ڄمايو ويٺو آهي.“ ٻين ڪانون، جو پنهنجي سردار جو هيءُ حال ڏٺو، سو زوريءَ ٻارن کان ٽڪر ڦرڻ جي اڳتي لاءِ توبهه ڪيائون، جڏهن ٻار بي خيالا هوندا آهن، نه ته ٿوروئي دهمان ڪرين ته ڪوهين پري پيا پڄن.
ڌڻيءَ جي قدرت اهڙي ٿي، جو ڪانون کان جو اتان جي ماڻهن جي هيئن جند ڇٽي، سو چوڌاري ملڪ ۾ سڪار ٿي ويا، ۽ سڀ ماڻهو پنهنجي بادشاهه کي ڏينهن رات دعائون ڪرڻ لڳا.
(”سنڌي لوڪ ڪهاڻيون“ جلد ٻيون. 1963ع)

انڌو حلوائي
هڪڙو ٻهراڙيءَ جو ڪو غريب شخص هو، تنهن جو سانگي سان هڪ ڀيري ڪنهن وڏي شهر ۾ وڃڻ ٿيو. گهمندي ڦرندي، هن جي نظر وڃي هڪڙي حلوائيءَ جي دڪان تي پيئي. ڏسي ته مٺائيءَ جا وڏا وڏا ٿالهه ۽ خونچا آهن، سي چوٽيارا ڀريا چوڌاري رکيا آهن، ۽ حلوائي آهي. سو ڦوڪيو شوڪيو چپ چاپ انهن ۾ اکيون وجهيو ويٺو آهي! هيءُ حالت ڏسي هي ويچارو غريب حيرت ۾ پئجي ويو ته هيءَ ڪهڙي ڳالهه، جو هيتريءَ مٺائيءَ هوندي هن همراهه جو رڳو وات به پاڻي ڪين ٿو ٿئي! سو پڪ ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيائين، جو پر ڀرو بيهي ڊڄي ڊڄي، پنهنجي هٿ واي لٺ سڌي ڪري لڳو حلوائيءَ جي اکين کي جاچڻ، اتي حلوائي ڪا گهڙي ته اکيون ڦاڙيو ڪڏهن هن ۾ ته ڪڏهن هن جي لٺ کي ڏسندو رهيو، پر جڏهن ڏٺائين ته لٺ جي چوڪ سان مرڳو ٿي اک نڪريس، تڏهن بل کائي، پري هٽي، وٺي ٻوڪڙ ڪيائين، چي، ”ميان عقل ڪو کٽو اٿئي، ڪين اکين کان انڌو آهين پري ڪر پنهجيءَ لٺ کي مرڳو ٿو منهنجي اک ڪڍين!“ حلوائيءَ جو هيءُ ٽاڪڙ ٻڌي، هي ويچارو غريب هيڪر ته دهلجي ويو. ۽ لٺڙي هٽائي پري بيهي رهيو، ۽ ڪا مهل ته حلوائيءَ جي اکين ۾ اکيون وجهيو بيٺو رهيو... تان جو ڪيڏيءَ مهل دانهن نڪري ويس چي، ”مار آهي ته سنئون سڄو، پر ڏيو انڌن کي به شهه ويٺو آهي!“
(ٻارن جو رسالو ”گل ڦل“، مارچ 1959ع)


گدڙ ۽ ڪڪڙ جي آکاڻي
گدڙ کي هڪڙي ڏينهن دل ۾ اچي خيال ٿيو ته ”ڪڪڙ کائي اڄ ڪو ڍئو ڪجي!“ سو صبح ساڻ سوير مڙس اٿي پنڌ پيو. ۽ هلندي هلندي ڳوٺ جي ٻاهران ڪانگڙ ۾ لڪي وڃي ويهي رهيو. ايتري ۾ ڪڪڙ به ٻانگون ڏيندو. لوڙهو ٽپي، ڪنهن مهل وڃي اتي نڪتو. گدڙ سوچيو ته ”جي ٿو ڪڪڙ کي جهٽ هڻان ته ويندو ڀڄي: ڳوٺ جا ڪتا پيا ٿا آسپاس ڦرن، مرڳو پئجي ويندس آزار ۾!“ سو ماٺڙي ڪري، ڇپ هڻي ويهي رهيو...تان جو ڪڪڙ به لڏندو لمندو، اورڀرو اچي، هن جي ويجهو پهتو، اتي گدڙ هيٺانهين وٺي ڪڪڙ کي چوڻ لڳو ته ”يار ڪڪڙ، جهنگ ۾ ٻير ڪي ڏسي آيو آهيان ڪيئن، بس ڳالهه ئي نه پڇ!اڄ ته ير هل ته هلي ٻير کائي ڪو چڙهه ڪيون!“ ڪڪڙ به نه ٿئي اياڻو، سو گدڙ جي ڳالهه تي لڳي، اٿي هن جي پويان هليو. هلندي هلندي، نيٺ اچي جهنگ ۾ گهڙيا، ۽ گدڙ سڌو وڃي هڪڙيءَ ٻير جي هيٺان بيٺو. ٻير هئي سا ٻيرن ۾ جهنجهي بيٺي هئي، ۽ گدڙ جو ڏسو ته بنهه وات پيو پاڻي ٿئي. پر ٻيرن کان وڌيڪ هن کي ته هو اڄ ڪڪڙ کائڻو، سو پاسو ڏيئي ڪڪڙ کي چوڻ لڳو ته ”ڪڪڙ يار، رات واءُ تي جيڪي ٻير ڇڻيا، سي آءٌ جو آيس توکي وٺڻ. ته پٺيان ٻيا گدڙ چونڊي هڙ کائي ويا! هاڻي ڪر ڪو وارو نه ته جهڙا آياسين تهڙا نه آياسين. توکي ته خبر آهي ته ٻير تي پاڻ چڙهي ڪونه ڄاڻون، سو تون ئي ڪا ڀڙڪي ڪر، مٿي چڙهي تون به ٻير کاءُ ۽ ڪجهه هيٺ موڪل ته کائي ڪا هينيئن جهل اسين به ڪري وٺون!“
گدڙ جي هيءُ سنئين سڌي ڳالهه ٻڌي، ڪڪڙ ٽپ ڏيئي وڃي ٻير جي هڪڙي لام تي ويٺو. ۽ امالڪ چهنب سان ٻه هڪڙا ڳاڙها ڳاڙها پڪا، وڏا، مٺا ٻير پٽي، هيٺ گدڙ کي اڇلائي ڏنائين. جيڪي گدڙ جهٽ هڻي، هڙپ ڪري. اتي جو اتي کائي ڇڏيا. پوءِ ڇا ٿيو، جو هڪڙا ڪچا. چهچ ساوا، کٽا، ڪنا ٻير ڪنهن طرح پٽجي اچي هيٺ پٽ تي ڪريا. ۽ اهي به جهٽ هڻي، هڙپ ڪري، گدڙ کائي ويو. ايتري ۾، ڪڪڙ جو پيٽ ڀلا جهرڪيءَ جيڏو، سو ويو ڀرجي....سو سمجهيائين ته گدڙ جو پيٽ به ڀرجي ويو هوندو. پر هوڏانهن گدڙ به ويٺو هو تاڙ ۾ سو جهڙو ٿو ويچارو ڪڪڙ ٽپڪي ڏيئي هيٺ لهي تهڙو گدڙ دير ئي ڪانه ڪئي ۽ جهٽ هڻي، هڙپ ڪري، ڇڏيئنس.
بس پوءِ ته ڪڪڙ کائي، ڄڻ ڇتو ٿي پيو. اچي جا ڏاٺ هريس ته ڀانئي ته کان ته کان! پيٽ به هجيس ڪا انود ڪاسائيءَ واري کڏ، سو ڀرجيس ئي نه! جهڙيون مڙس کي ڀنواٽيون! وٺي هڪڙي پاسي لوهه ڪيائين! ڀڄندو وڃي، ڀڄندو وڃي، ته ڏسي ته هڪڙي پوڙهي مائي آهي، سا دال ويٺي رڌي، پوڙهيءَ کي چيائين ته ”پوڙهي ڙي پوڙهي توکي کائيندس!“ پوڙهي چيس ته ”مون کي کائيندين؟ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟“ گدڙ چيس ته ”ٻه ڪچا ٻير کاڌم، ٻه پڪا ٻيرکاڌم، ڪڪڙ پنهنجو يار کاڌم، توکي نه کان!“ ائين چئي، جهٽ هڻي، هڙپ ڪري، پوڙهيءَ کي دال سوڌو ڪنيءَ سوڌو کائي ڇڏيئين.
... ۽ وٺي ڀڳو اڳتي. ڀڄندو وڃي، ڀڄندو وڃي، ته ڏسي ته هڪڙي ڇوڪري آهي، سا ڇيڻا ويٺي چونڊي. ڇوڪريءَ کي چيائين ته ڇوڪري ڙي ڇوڪري، توکي کائيندس! ڇوڪريءَ چيس ته ”ڇو مون کي کائيندين؟ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟“ تنهن تي گدڙ چيس ته ”ٻه ڪچا ٻير کاڌم، ٻه پڪا ٻير کاڌم، ڪڪڙ پنهنجو يار کاڌم، دال رڌيندي پوڙهي مائي کاڌيم ائين چئي ڇوڪريءَ کي ڇيڻن سوڌو، کاري سوڌو، کائي ڇڏيئين.
... ۽ وٺي اڳتي ڀڳو، ڀڄندو وڃي، ڀڄندو وڃي، ته ڏسي ته هڪڙو ٻڪرار آهي. سو ٻڪريون بيٺو چاري. ٻڪرار کي چيائين ته ”ٻڪرار ڙي ٻڪرار، توکي کائيندس!“ ٻڪرار چيس ته ”ڇو مون کي کائيندين؟ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟“ چيئين ته ”ٻه ڪچا ٻير کاڌم، ٻه پڪا ٻير کاڌم، ڪڪڙ پنهنجو يار کاڌم، دال رڌيندي پوڙهي مائي کاڌيم، ڇيڻا چونڊيندي ڇوڪري کاڌيم، توکي نه کان!“ ائين چئي، جهٽ هڻي، هڙپ ڪري، ٻڪرار کي ٻڪرين سوڌو، ڇيلن سوڌو، کائي ڇڏيئين.
... ۽ وٺي اڳتي ڀڳو، ڀڄندو وڃي، ڀڄندو وڃي، ڏسي ته هڪڙو ريڍار آهي، سو رڍون بيٺو چاري. ريڍار کي چيائين ته ”ريڍار ڙي ريڍار، توکي کائيندس!“ ريڍار چيس ته ”ڇو مون کي کائنيدين؟ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟“ چيئين ته ”ٻه ڪچا ٻير کاڌم، ٻه پڪا ٻير کاڌم، ڪڪڙ پنهنجو يار کاڌم، دال رڌيندي پوڙهي مائي کاڌيم، ڇيڻا چونڊيندي ڇوڪري کاڌيم، ٻڪرين چاريندي ٻڪرار کاڌم، توکي نه کان!“ ائين چئي، جهٽ هڻي، هڙپ ڪري، ريڍار کي رڍن سوڌو کائي ڇڏيئين.
... ۽ وٺي اڳتي ڀڳو، ڀڄندو وڃي، ڀڄندو وڃي، ته ڏسي ته هڪڙو ڳنوار آهي، سو ڳئون بيٺو چاري. ڳنوار کي چيائين ته ”ڳنوار ڙي ڳنوار، توکي کائيندس!“ ڳنوار چيس ته ”ڇو مون کي کائيندين؟ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟“ چيئين ته ”ٻه ڪچا ٻير کاڌم، ٻه پڪا ٻير کاڌم، دال رڌيندي پوڙهي مائي کاڌيم، ڇيڻا چونڊيندي ڇوڪري کاڌيم، ٻڪرين چاريندي ٻڪرار کاڌم، رڍن چاريندي ريڍار کاڌم، توکي نه کان!“ ائين چئي جهٽ هڻي، هڙپ ڪري، ڳنوار کي، ڳئن سوڌو، گابن سوڌو، کائي ڇڏيئين.
... ۽ وٺي اڳتي ڀڳو، ڀڄندو وڃي، ڀڄندو وڃي، ته ڏسي ته هڪڙو ميهار آهي، سو مينهون بيٺو چاري. ميهار کي چيائين ته ”ميهار ڙي ميهار، توکي کائيندس!“ ميهار چيس ته ”ڇو مون کي کائيندين؟ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟“ چيئين ته ”ٻه ڪچا ٻير کاڌم، ٻه پڪا ٻير کاڌم، ڪڪڙ پنهنجو يار کاڌم، دال رڌيندي پوڙهي مائي کاڌيم، ڇيڻا چونڊيندي ڇوڪري کاڌيم، ٻڪرين چاريندي ٻڪرار کاڌم، رڍن چاريندي ريڍار کاڌم، ڳئن چاريندي ڳنوار کاڌم، توکي نه کان!“ ائين چئي، جهٽ هڻي، هڙپ ڪري، ميهار کي مينهن سوڌو وڇين سوڌو، پاڏن سوڌو کائي ڇڏيئين.
... ۽ وٺي اڳتي ڀڳو، ڀڄندو وڃي، ڀڄندو وڃي، ته ڏسي ته هڪڙو اوٺار آهي، سو اٺيون بيٺو چاري. اوٺار کي چيائين ته ”اوٺار ڙي اوٺار، توکي کائيندس!“ اوٺار چيس ته ”ڇو مون کي کائيندين؟ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟“ چيئين ته ”ٻه ڪچا ٻير کاڌم، ٻه پڪا ٻير کاڌم، ڪڪڙ پنهنجو يار کاڌم، دال رڌيندي پوڙهي مائي کاڌيم، ڇيڻا چونڊيندي ڇوڪري کاڌيم، ٻڪرين چاريندي ٻڪرار کاڌم، رڍن چاريندي ريڍار کاڌم، ڳئن چاريندي ڳنوار کاڌم، مينهن چاريندي ميهار کاڌم، توکي نه کان!“ ائين چئي جهٽ هڻي، هڙپ ڪري، اوٺار کي اٺين سوڌو، گورن ۽ گورين سوڌو، کائي ڇڏيئين.
... ۽ وٺي جو اڳتي ڀڳو، ڀڄندو وڃي، ڀڄندو وڃي، ته ڏسي ته درياءُ آهي سو ٻنهي ڪنڌئين تار ڀريو، ٽمٽار ٿيو، گڙگاٽ ڪندو وهندو پيو وڃي، اتي گدڙ کي به اچي اڃ ورايو، سو سهڪندو سهڪندو، وڃي درياهه جي ڪپ تي بيٺو، ۽ درياءَ کي چيائين ته ”دريا ڙي درياهه آءُ توکي کائيندس!“ درياءَ کلي چيس ته ”ڀلوڙي ميان گدڙ ڀلو، سڃاتو اٿمئين! پر يار هي ته ٻڌاءِ، مون کي پيئندين، ڪين کائيندين؟“ گدڙ اتي گهڻو ئي ککو وکو ٿيو، پر منهن پڪو ڪري، درياءَ کي چوڻ لڳو ته ”دريا ڙي درياهه، ٻه ڪچا ٻير کاڌم، ٻه پڪا ٻير کاڌم، ڪڪڙ پنهنجو يار کاڌم، دال رڌيندي پوڙهي مائي کاڌيم، ڇيڻا چونڊيندي ڇوڪري کاڌيم، ٻڪرين چاريندي ٻڪرار کاڌم، رڍن چاريندي ريڍار کاڌم، ڳئن چاريندي ڳنوار کاڌم، مينهن چاريندي ميهار کاڌم، اٺين چاريندي اوٺار کاڌم، توکي ڪيئن نه کان!“ ائين چئي جهٽ هڻي، لڳو، درياهه کي هڙپ ڪرڻ، ڪيڏانهن درياهه، ڪيڏانهن گدڙ! گدڙ جو ڏسو ته پيٽ ڦوڪجي ويو. دوڏا ٻاهر نڪري آيا، ۽ باقي رڳو وڃي ڪن بچيس، پر تڏهن به بس کڻي ڪري ته به ٺهيو! اهڙي ڪا اُلي هيس جو درياهه ۾ منهن جو وڌائين، سو ٻاهر نه ڪڍي، پيئندو وڃي، پيئندو وڃي، پيٽ وڃيس تيئن ڦوڪبو....درياهه کٽي ئي نه. پيئندي... پيئندي... پيئندي... ۽ ڪيڏيءَ مهل ٺا“...ته ڦوڪڻي وانگر پيٽ ڦاٽي پيس، پيٽ جو ڦاٽي پيس ته پاڻي جيڪو پيتو هئائين سو گڙ گڙ ڪندو، موٽي درياهه ۾ وهي ويو...ٻه ڪچا ٻير به اڇلجي وڃي پري پيا ۽ ٻه پڪا ٻير به اڇلجي وڃي پري پيا ۽ ڪڪڙ هو، سو ڪڪڙو...ڪو....ڪري جهڙو هو تهڙو هڪدم ٻاهر نڪري آيو.
... ڪالهه ڏٺوسون ته پوڙهي مائي هئي تنهن ويٺي دال رڌي، ڇوڪري هئي تنهن ويٺي ڇيڻا چونڊيا، ٻڪرار هو تنهن بيٺي ٻڪريون چاريون ريڍار هو تنهن بيٺي رڍون چاريون، ڳنوار هو تنهن بيٺي ڳئون چاريون، ميهار هو تنهن بيٺي مينهون چاريون اوٺار هوتنهن بيٺي اٺيون چاريون ۽ گدڙ هو جو سڪل ڍنگهر وانگر ٽنگون ٽيڙيو درياهه جي ڪپ تي پيو هو ۽ سرڻيون ۽ ڳجهون هيون سي مٿائنس ولر ڪيو ويٺيون هيون ۽ هوڏانهن درياهه شاهه بادشاهه هو سو اهوئي اڳي وانگر ٻنهي ڪنڌئين تار ڀريو ٽمٽار ٿيو، گڙ گڙ ڪندو اڳتي وهندو پئي ويو.
(ٻارن جو رسالو ”گل ڦل“، جون 1959ع)

ڪانءَ ۽ جهرڪي
هڪڙو هو ڪانءُ ۽ ٻي هئي جهرڪي. هڪڙي ڏينهن ڪانو جي دل ۾ اچي خيال ويٺو ته هيءُ جهرڪي آهي، جا ماڻهن جي گهرن ۾ آکيرا ٺاهيو ويٺي آهي ته به ڪيو هن کي الفان بي به ڪونه ٿو چوي. ۽ هيڏانهن آءٌ آهيان جو ڪنهن کي ڏٺي به ڪين ٿو وڻان! بس آهي ناهي اهو شر انهيءَ جهرڪيءَ ۾ آهي، جا وڃي ٿي منهنجي برخلاف ماڻهن جا ڪن ڀري. بس هاڻي منهنجون ۽ انهيءَ جهرڪيءَ جون خبرون آهن يا اها منهنجي پيٽ ۾ يا آءٌ هن جي پيٽ ۾!
اهو خيال ڪري، ڪانءُ تاڙ رکي ويهي رهيو. گهڙي نه گذري ته جهرڪي به ٻاهران ڀڙڪو کائي، ڀر سان اچي ڪٿي ويهي رهي. اتي وجهه وٺي، ٻه چار ٽپڪيون ڏيئي، ڪانو رڙهي وڃي جهرڪيءَ جو پاسو ورتو. ۽ پنهنجي منهن ٿي، چوڻ لڳس ته ”مائي جهرڪي، تون چوڳي جي ڏاڍي تکي آهين! اڄ پاڻ کڻي ٿا شرط ٻڌون! اهو ڪڻڪ جو ڇڄ جيڪو گهر جي ڌياڻيءَ سڪائڻ لاءِ اس ۾ رکيو آهي، اهو نه جي اڄ کائي وئين، ته مڃڻ مراد آهي، مون هارايو تو کٽيو. ۽ پوءِ جي وڻيئي ته مون کي به کائي ڇڏج. پر جي مون کٽيو ۽ تو هارايو ته پوءِ تون منهنجي وس ٿينديئن. ۽ جي وڻيم ته آءٌ توکي کائيندس.“
مائي جهرڪي بس ائين ويٺي ويٺي، ڪانو جي ڳالهه ۾ اچي ويئي ۽ کڻي هائو ڪيائين... ۽ انهيءَ ئي گهڙيءَ ڀڙڪي ڏيئي وڃي ڇڄ تي ويٺي. پر جهرڪيءَ ويچاري جي ڳچي ئي ڪيڏڙي! تڪڙ تڪڙ ۾ ٻه چار چهنبون ڀريل ڇڄ ۾ مس هنيائين ته ڍاپجي پيئي ۽ منهن ورائي اتي ئي پاسو ڪري ويهي رهي. تنهن تي ڪانو اڳڀرو وڌي چيس ته ”مائي جهرڪي بس! ڪجهه ته مڙسي ڪر!“ جهرڪيءَ ويچاريءَ وري به مڙسي ڪري، ٻه ٽي چهنبون ٻيون به ڇڄ ۾ هڻي ڪڍيون، پر نيٺ به ته جهرڪي هئي، سو بنهه آڦرجي پيئي، ۽ وري به کڻي بس ڪيائين. اهڙيءَ طرح ڪانو جي چوڻ تي ٽيون ڀيرو به جهرڪيءَ همت ڪئي، پر هن ڀيري ته بس هڪ اڌ چهنب ڀري نه ڀريءَ جهڙي، بنهه بان ڪري ڇڄ تان اٿي آئي. ۽ ڳچي لاڙي، اڳو پوءِ پري ويهي رهي، اتي ڪانءُ به ڇڄ لوڏيندي منهن موڙيندي، وڃي جهرڪيءَ جي ويجهو ويٺو چي، ”جهرڪي مائي، تو شرط هارائي، مون کٽي، هاڻي ته آءٌ توکي کائيندس!“ جهرڪيءَ ويچاريءَ جو، موت اکئين ڏسي، هيڪر ساهه لڪيءَ ۾ اچي ويو: پر اتي ئي من جاءِ تي آڻي، ڪانو کي چيائين ته ”کائين ته مون کي ڀلي کاءُ، پر پهريائين پنهنجي اها گند ڀريل چهنب ته ڌوئي اچ! ڇو ته کائڻ ۾ مزو ايندوئي!“
بس ڪانو جو اها ڳالهه ٻڌي، سو خوشيءَ ۾ اٿي اڏاڻو ۽ جهٽ ۾ وڃي درياهه وٽ پهتو، جيڪو ڀرسان پئي وهيو چي، ”درياهه ڙي درياهه، مون کي پاڻي ڏي ته پاڻيءَ سان چهنب ڌوئان ۽ چهنب ڌوئي جهرڪي کان!“ درياهه چيس: پاڻي ته توکي ڏيان پر پاڻي وٺندين ڇا ۾؟ هوءَ مينهن بيٺي اٿيئي تنهن کان وڃي سڱ وٺي آءُ ته ان ۾ توکي پاڻي ڏيان، پوءِ تون چهنب ڌوئي، ڀلي وڃي جهرڪي کاءُ!“
هيءُ ٻڌي، ڪانءُ ويو مينهن وٽ چي، ”مينهن ڙي مينهن مون کي سڱ ڏي، سڱ درياهه کي ڏيان، درياهه پاڻي ڏئي، پاڻيءَ سان چهنب ڌوئان چهنب ڌوئي جهرڪي کان!“ مينهن چيس ته ”سڱ ته توکي ڏيان پر پهريائين گاهيءَ کان گاهه آڻي ڏي ته مان گاهه کائي ڍو ڪريان، پوءِ مان توکي سڱ ڏيان، تون سڱ نيئي درياهه کي ڏي درياهه توکي پاڻي ڏئي، پوءِ پاڻي سان چهنب ڌوئي، تون ڀلي وڃي جهرڪي کاءُ!“
تنهن تي ڪانءُ اڏامي ويو گاهي وٽ: گاهيءَ کي چيائين: گاهي ڙي گاهي مون کي گاهه ڏي. گاهه مينهن کي ڏيان. مينهن سڱ ڏئي، سڱ درياهه کي ڏيان، درياهه پاڻي ڏئي، پاڻيءَ سان چهنب ڌوئان. چهنب ڌوئي جهرڪي کان!“ گاهيءَ جواب ڏنس ته ”پهريائين مون کي لوهار کان ڏاٽو آڻي ڏي، ته ڏاٽي سان آءٌ گاهه لڻي توکي ڏيان، پوءِ تون گاهه نيئي مينهن کي ڏي، مينهن توکي سڱ ڏئي سڱ نيئي درياهه کي ڏي. درياهه توکي پاڻي ڏئي، پوءِ پاڻي سان چهنب ڌوئي، تون ڀلي وڃي جهرڪي کاءُ!“
هيءُ ٻڌي، ڪانءُ ويو لوهار وٽ. لوهار کي چيائين: لوهار ڙي لوهار، مون کي ڏاٽو ڏي، ڏاٽو گاهيءُ کي ڏيان. گاهي گاهه ڏئي، گاهه مينهن کي ڏيان مينهن سڱ ڏئي، سڱ درياهه کي ڏيان درياهه پاڻي ڏئي پاڻيءَ سان چهنب ڌوئان، چهنب ڌوئي جهرڪي کان!“ لوهار چيس: ڏاٽو ته توکي آءٌ واهه جو ڏيان، پر منهنجي بٺي ٿڌي ٿي پئي آهي، تون ڪٿان ٽانڊا کڻي اچ ته بٺي ٻاري، توکي ڏاٽو ٺپي ٺاهي ڏيان. پوءِ تون ڏاٽو نيئي گاهي کي ڏئي، گاهي توکي گاهه ڏئي، گاهه نيئي مينهن کي ڏي، مينهن توکي سڱ ڏئي، سڱ نيئي درياهه کي ڏي، درياهه توکي پاڻي ڏئي، پوءِ پاڻي سان چهنب ڌوئي تون ڀلي وڃي جهرڪي کاءُ.“
تنهن تي ڪانءُ وري وٺي اڏاڻو، اڏامندو وڃي، اڏامندو وڃي، ته ڏسي ته هڪڙي پوڙهي مائي آهي، جا هيٺ پڌر ئي پڌر ۾ باهڙي ٻاريو. ڪني چاڙهيو ويٺي آهي ۽ دال پيئي رڌي، بس پوءِ هيءُ به گولاٽي ڏيئي، هيٺ لهي، پوڙهيءَ جي اڳيان ٿورو پرڀرو وڃي ويهي رهيو. ۽ دل جهلي، پوڙهيءَ کي چيائين ته ”پوڙهي ڙي پوڙهي، مون کي ٽانڊو ڏي. ٽانڊو لوهار کي ڏيان، لوهار ڏاٽو ڏئي، گاهيءَ کي ڏيان، گاهي گاهه ڏئي، گاهه مينهن کي ڏيان مينهن سڱ ڏئي، سڱ درياهه کي ڏيان درياهه پاڻي ڏئي، پاڻيءَ سان چهنب ڌوئان. چهنب ڌوئي جهرڪي کان!“ پوڙهيءَ چيس ته ”ٽانڊو ته توکي ڏيان پر کڻندين ڇا ۾!“ ڪانو کي ڀلا جهرڪيءَ کائڻ جو شوق کنيو بيٺو هو، سو چيائين ته ”پوڙهي، تنهن جو تون خيال نه ڪر، تون ٽانڊو کڻي منهنجي کنڀن جي وچ ۾ منهنجي پٺيءَ تي رک: لوهار جو دکڻ پنڌ ڪونهي. ڀڙڪي ڏيئي اجهو ٿو وڃي اتي رسان!“
پوڙهيءَ به ٻيو ڪو خيال ڪونه ڪيو ۽ چپڙي ڪري، ٻسانگيءَ ڪاٺيءَ ۾ ٽانڊڙو وجهي، کڻي ڪانو جي کنڀن جي وچ ۾ سندس پٺيءَ تي رکيائين. ۽ ڪانءُ وٺي اڏاڻو. پر ڇا لڳي ڪانءُ ڇا لڳن ڪانو جا کنڀ، ۽ ڇا لڳي ٽانڊو! اڃا ڀڙڪي کائي مٿي ويو ئي مس ۽ سنئون ئي ڪين ٿيو ته ڀنڀٽ مچي ويو. ۽ اچي باهه ورايس. ڪانءُ غريب آئيءَ ۾ اچي ويو. وڃي ته ڪيڏانهن وڃي! ايتري ۾ هيٺ وڃي ساڳئي درياهه تي نظر پيس. جو ڀرسان پئي وهيو، بس پوءِ ته ڇوهه مان ٻه ٽي کنڀڙاٽيون هڻي، ڌو وڃي پاڻيءَ ۾ پاڻ ڦٽو ڪيائين. مرندي، ماڻهو ڇا نٿو ڪري! ۽ ڪانءُ ويچارو ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگهيو!
خير، پاڻيءَ ۾ پوڻ سان باهه ته وسامي ويس ۽ سڙڻ کان بچي ويو. پر هاڻي غريب لڳو ٻڏڻ. باهه مان نڪري اچي پاڻيءَ ۾ پيو. درياهه به هو سانوڻيءَ جو سو ٻه ٽي گهوتا به آيس. ۽ بنهه ٻڏڻ تي هو ته ايتري ۾ پريان هڪڙي ميربحر جي وڃي مٿس نظر پيئي، جنهن پنهنجي ڊونڊيءَ تي ويٺي پلا ماريا. ميربحر ڏاڍو ڪو ٻاجهارو ماڻهو هو، تنهن کي ڪانو تي ڪهل اچي ويئي، سو ڇا ڪيائين جو پنهنجي ڊونڊيءَ کي لاڙي. وڃي ڪانو کي ڳيرو ڏنائين ۽ ونجهه ڊگهيري کڻي آڻي ٻيڙيءَ جي آڳيل تي رکيائينس. پوءِ ته هي کنڀن سڙيل پاڻيءَ پسيل ڪانءُ جهڙو هو تهڙو بوندو بنجي اتي ويهي رهيو. نه چري نه پري. جهرڪيءَ جي ڊل ڪرڻ جي ڳالهه ته ڪڏهو ڪو دل تان لهي ويئي هيس نيٺ جڏهن ٿورو تڙڪو لڳس ۽ ڪجهه ڦکرائي ٿيس، تڏهن هيڏي هوڏي هلڻ ڪرڻ جهڙو ته ٿيو. پر نئين سر کنڀن نڪرڻ لاءِ کيس ڏاڍا ڪي ڏينهن ڏسڻا پيا. وري به شابس هجي ويچاري ميربحر کي، جنهن جا هٿ نصيب ٿيس، نه ته ڪانءُ مسڪين وڃڻ کي ويو هو، ۽ آخر جڏهن کنڀ نڪتس، تڏهن اتان اڏري، منهن ڪري. ڪنهن پاسي هليو ويو.
بس، اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن، ڪانو وري ڪڏهن جهرڪيءَ جو نالو ڪونه ورتو. مائي جهرڪي اهائي ماڻهن جي گهرن ۾ آکيرا ٺاهيو. مزا ويٺي ڪري، ۽ ڪانو ڪني جا هن سان ريس ڪئي، تنهن جي حالت اڄ به اهائي آهي، جيڪا اڳي هئي ماڻهن کي اصل ڏٺي نه ڪين وڻي. پري کان هرڪو پيو هڪليس.
(ٻارن جو رسالو ”گل ڦل“، نومبر ڊسمبر1960ع)

ماڻهو ۽ ماڻهوءَ جو ڀاڳ
هڪڙو ڪو غريب شخص هو، تنهن کي ٻنيءَ جو ٻارو پنهنجو هوئي ڪونه ۽ ٻيلپو هن کي ڪٿي مليو ئي ڪونه ٿي. انهيءَ ڪري هو سڄو ڏينهن گهر ۾ ڇنل کٽولي تي ڪرونڊڙو ٿيو ستو پيو هوندو هو. نيٺ زال جي اوڀالن کان تنگ ٿي، هڪڙي ڏينهن جيئن تيئن ڪري هو گهر کان ٻاهر نڪتو، ۽ هيڏانهن هوڏانهن جهوتون پائي، ويلي مانيءَ ۽ ڪاسي ان جي وروتي هڪڙي مجيريءَ جي واڙي تي واهي ٿي وڃي بيٺو.
ٻئي ڏينهن صبح جو زال کي چيائين ته ”ڀاڱن ڀري، مان ته وڃان ٿو مجيريءَ جي واڙيءَ جي واهپ ڪرڻ: منهنجو ڏينهن ته ويلو کائي گذري ويندو، تون به حالي ته پاڙي مان ڪا لپ اٽي جي وٺي. لولو ٿڦي. پيٽ ٻل ڪري ڇڏج. ايندڙ، مجيريءَ کان ورو جي ان مان ٽويو اڌ وٺيو ايندس. پوءِ جون ڳالهيون پوءِ سان.“
ائين چئي نيرانو ئي. منهن به ڌوتو نه ڌوتي جهڙو. هو وڃي مجيريءَ جي واڙيءَ تي نڪتو ۽ اتي ويهي واڙيءَ جي واهپ ڪرڻ لڳو. لڙيءَ منجهند جو مجيريءَ جي گهران هن لاءِ ماني آئي جوئر جا ٻه ڍوڍا بصر جي ڳنڍ، ٽڀو لسيءَ جو ۽ ڍڪڻيءَ تي لوڻ جي چپٽي. ماني کائي ڍو ڪيائين ۽ اوگرائي ڏيئي اتي ئي پيهيءَ جي ڇانو ۾ ٻني تي ڪنڌ رکي، گوڏا سوڙها ڪري پئجي رهيو. ۽ ائين اتي پئي پئي. مٿان اچي سانجهي ٿيس. جيئن ئي سج اولهه جي وڻن ۾ لڙيو، تيئن اٿي سڌو گهر جو منهن ڪيائين. ۽ اچڻ سان پنهنجي ڇنل کٽولي تي پاڻ کڻي ڇڏيائين ۽ زال سان به ڳالهايو نه ڳالهائي جهڙو، اتي ئي ننڊ ۾ آلوٽجي ويو.
ڪا مهل نه گذري ته اوچتي هن جي اک کلي ويئي. ۽ ڪا ڳالهه ياد آيس. ۽ ڇرڪ کائي هو اٿي ويهي رهيو. زال کي چيائين ته ”ڳالهه ٻڌي اٿئي ٻيو ته سڀ ڪم ٿيو ڀلو. پر هڪڙي ڳالهه ڪسي ڪري آيو آهيان. مجيريءَ جي گهران جيڪا ماني آئي هئي، اها کائي، ٿانو اتي ئي اونڌا ڪري، پيهيءَ جي ٻاهران ڇڏي آيو آهيان انهن جو الائي ڇا ٿيندو؟“ زال چيس ته ”سڀ ڪم ڇا ڀلو ٿيو! نه آندئي ورو جو ان، نه موٽايئي مانيءَ جا ٿانو. اچڻ سان منهن سڄائي سمهي پئين، ڄڻ وڏي ڪا دس هڻي آيو هئين! مون کي ته ڊپ آهي ته ڪٿي اتان به نه مليئي جواب. تنهنجا حال ئي جي اهڙا ٿيا! اهي مجيرياڻيءَ جا ٿانو اتي جهنگ جا جانور لٻي ۽ وٽاري ڇڏيندا هاڻي وڃ، پر هينئر وڃ.، ۽ اهي اتان کڻي، مجيريءَ جي گهر پهچائي اچ، نه ته چوندا ته هي ته ڪو اورٿو ٻيلي بيهاريو اٿئون. ماني کايو ٿانو اتي ئي واڙيءَ ۾ اونڌا ڪيو اڇلايو ڇڏي ته ڀل جهنگ جا نجس مرون انهن کي لڪين ۽ چٽين.
زال جون اهي سڌيون ٻڌي. انهيءَ ئي مهل هو اٿي مجيريءَ جي واڙيءَ ڏانهن ڀڳو ۽ اتي پهچندي پهچندي سمهياڻيءَ جي گهُگهه اونداهي ٿي ويٺو. هوڏانهن واڙيءَ جي پهرئين ٻنيءَ تي، اڃا پير ئي ڪين پيس ته ڪنهن جي هڪ ٻڌائين ”ڪير آهين؟“
”اتي بيهه! متان اندر واڙيءَ ۾ پير وڌو اٿئي.“
ههڙي بيگاهه وقت ۾، پري کان هيءَ ڀُلڪار ٻڌي، همراهه جو حال ته ساهه ئي لڱن مان ڇڏائي ويو. سامهون کڻي جو ڏسي ته ڪنن کان مٿي ڊگهيءَ ڏانگهه سان هڪڙو اڇن ڪپڙن ۾ پيرمرد آهي. جيڪو سندس واٽ جهليو، آڏو بيٺو آهي! مجيريءَ جي واڙيءَ ۾ هيءُ اوپرو، اڇن ڪپڙن ۾، ڊگهي ڏانگهه سان آڏو بيٺل پير مرد ڏسي، هيڪر ته هيءُ سڄو ڏڪي ويو، پر دل جهلي، سڪل چپن تي زبان ڦيرائي، اڌ ساهو جواب ڏنائين ته ”اڙي سائين، مان ته مجيريءَ جو ٻيلي آهيان. اڄ ئي ڪم تي چڙهيو هوس، منجهند جو مانيءَ جا ٿانو ڀل کان هتي وسري ويا هئا، سي کڻي مجيريءَ جي گهر پهچائڻ آيو آهيان.“ لٺ تي ٻيئي مٺيون زور سان کپائيندي، پير مرد انهيءَ ئي ڪڙڪي سان چيس: ”ٿانو مجيريءَ جي گهر پهچي ويا، تون وڃي پنهنجي ڪر!“
هيءُ ويچارو هن غيبي مرد جا اهي اگرا اکر ٻڌي، جتي هو اتي بنڊ بڻجي بيهي رهيو. ساهه ئي نه پيو کڄيس. نيٺ گهٽجي گهٽجي. چيائين: ”اڙي سائين، مون کان ٿي! پر رڳو هيترو ٻڌائينم ته تون ڪير آهين، هتي ڪيئن آيو آهين؟“ پيرمرد جواب ڏنس ته ”آءٌ تنهنجي مجيريءَ جو ڀاڳ آهيان. لوڪ ستي هن جي کيت کري ۽ گهر وٿاڻ تي پهرو ڏيندو آهيان.“
پيرمرد جي هيءُ ڳالهه ٻڌي، هن شخص جون وايون بتال ٿي ويون. ڪجهه نه پيو سجهيس. نيٺ رکي رکي، ڪا مت آيس، سو همت ڪري، پيرمرد کان پڇيائين ته ”سائين، تون منهنجي مجيريءَ جو ڀاڳ آهين، هنڌين ماڳين پيو پسارا ڪرين. ڪٿي منهنجو ڀاڳ به ڪنهن واٽ پنڌ توکي گڏيو! ورهيه ٿيا جو هو مون کان رسي ويو آهي. ڪڏهن ڪو اهو مون کي وري ملندو ۽ آءٌ به ڀاڳ وارو سڏبس؟“
اتي پيرمرد کي به ڪا ڳالهه ياد آئي، ۽ هو ڪجهه ڪنئرو ٿيو، ۽ جواب ڏنائينس ته ”اڙي ميان، تون اهو روئڻو، منهن سوڻو، ڇنل کٽولي سمهڻو، ته ڪونه آهين، جنهن پنهنجي ڀاڳ کي لتون هڻي لوڌي ڇڏيو آهي! هائو، هائو، تنهنجو ڀاڳ کي منهنجو ڏٺل آهي. اهو هينئر به ستن سمنڊن جي وچ ۾ ستو پيو آهي. هجين ڪنهن ڳالهه ۾ ۽ اٿيئي ڪا ٿوم، ته ڳولي وڃي هٿ ڪرينس. ڀاڳ ورائڻ اهڙو ڪو ڏکيو آهي ڇا، جو ڪين ورندو! مڙد جو ڀاڳ هن جي هٿن ۾ ئي ته هوندو آهي!“
پيرمرد جي هيءُ للڪار ٻڌي، همراهه اتان واڙيءَ جي ٻاهران ئي ورائي پٺ ۽ سڌو آيو گهر، ۽ اچڻ سان زال کي چيائين ته ”ڀاڳن ڀري، هاڻي هيءَ اٿئي پنهنجي موڪلاڻي. کيت ۾ مجيريءَ جي ڀاڳ سان اوچتو تنهنجي ڀاڳين منهنجي ٿي ويئي ملاقات. تنهن ڏنو آهي مون کي منهنجي ڀاڳ جو ڏس. ستن سمنڊن جي وچ ۾ مڙس ستو پيو آهي. سو وڃان ٿو ان کي ڳولڻ، حياتي هوندي ته هن کي ورائي، پاڻ سان وٺي ٿو اچان. ۽ پاڻ به موٽي ملنداسين ۽ پوءِ ٿينديون پنهنجون عيدون! نه ته پرتينءَ ڌڻيءَ کي. مون کان وڌيڪ مڙداڻي تون پاڻ آهين. پوئتان دعا ڪندي رهج باقي يادگيري منهنجي هانءَ ۾ تنهنجي به ائين کتي رهندي. جيئن مڇي جي ڪلين ۾ ڪنڍي!“
ائين چئي، هٿ ڇنڊي انهن کي مهٽيندو، ڏسندو، انهن ئي پيرن تي گهران نڪري، هو اٿي پنڌ پيو. ۽ هلندي هلندي، اها رات سڄي ۽ ورندو ڏينهن سڄو پنڌ ڪندي ڪندي، اچي هڪڙي ڳوٺ کان مٽيو، ۽ ڏٺائين ته وڏي ڪا جُنگ دعوت آهي. اها اوسي پاسي جا سوين هزارين ماڻهو کايو، وچينءَ وچينءَ جي مهل واپس پنهنجي پنهنجي ڳوٺن ڏانهن موٽيا پيا وڃن! هيءُ به هلندي هلندي هو ٿڪو، ۽ خالي پيٽ سان وڌيڪ هن لاءِ هلڻ به ڏکيو هو. سو ٻه ٽي زورائتيون وکون ڀري، وڃي دعوت جي خالي ڇني تائين پهتو، ۽ پهرين ته جيڪي ڪمي ڪاري اتي بيٺا هئا انهن کان پاڻيءَ جي گهر ڪيائين. هڪڙو همراهه، هن کي پري کان آيل ۽ ايڏو بيحال ڏسي، ڊوڙي مٽ جي تري مان ڪپڙو پاڻيءَ جو ڀري، هن وٽ آيو، چي، ”ادا دير سان آئين، ديڳيون سڀ اوڌجي ويون، ڏسين ٿو ته پاڻي به مٽن جي تري ۾ مس ڪو چڪو وڃي بچيو آهي.“ ڏاڍو ڪو مون وانگر ڀاڳ جو ڀلو ٿو ڏسجين! پر هيءَ پاڻيءَ ڍڪ پي ڪا نڙي ته سائي ڪري وٺ! تيسين وڏيري وڏ ڌڻيءَ کي ڏسون ٿا جنهن جي اڄ هيءَ دعوت هئي، ته من ڪا ڦيلهي ڀت جي اندر گهر ۾ ڪٿي بچي هجيس. ته اها به ٿا آڻي تنهنجي آڏو حاضر ڪيون دل سست نه ڪر، سڀ سڻائي ٿي پوندي!“ تنهن تي، خالي هٿن پنهنجن ڏانهن ڏسندي، ڇني جي ان چرچائي همراهه کي هن جواب ڏنو ته ”يار ڏوهه ڪنهن جو ڪونهي ، مون کان منهنجو ڀاڳ ويو آهي رسي، اهو جي ساڻ هجيم ها، ته نه ديڳيون اوڌجن ها ۽ نه مٽ پاڻيءَ جا سڪن ها. پر سالن کان پوءِ هاڻي مون کي ان جو ڏس مليو آهي همراهه ڪو ستن سمنڊن جي وچ ۾ ستو پيو آهي سو وڃانس ٿو ڳولڻ. جي ملي ٿو وڃيم ته ورائڻ کان آءٌ به ڪونه گهٽائيندوسانس پوءِ ته يار ڳالهه ئي ٻي ڏسندين! موٽندي، هتان اوهان وٽان ٿيندو ويندس ۽ ان پنهنجي رسڻي يار جي اوهان سان به ملاقات ڪرائيندو ويندس. نه ته تيسين ته، يار ڏسين ٿو ته پاڻ ڪجهه ناهيون!“
ايتري ۾ ڇا ٿيو، جو ڳوٺ جو وڏيرو. جو ٻاهر نڪتو، سو هنن کي ائين بيٺي ڏسي، رڙهي سندن ڀريان آيو. ۽ بيهي هن ڀاڳ وڃايل، مٽيءَ ۾ ڀڀوت ۽ پگهر ۾ شل همراهه جي سڄي ساري ڳالهه ٻڌائين، ته ٻڌڻ کان پوءِ هن کي چيائين ته ”مسافر يار، ماني دعوت جي جهجهي. دل ملول نه ڪر، اندر سانئڻ کي تو واري سڄي ڳالهه ٻڌائي، پاٽوڙو ڀت جو اجهو ٿو ڀرايو اچان. پر يار، هڪڙي ڳالهه منهنجي به ٻڌي ڇڏ پوءِ پاڻ مرضيءَ جو مالڪ آهين، زور بار تو تي منهنجو ڪونهي. موٽندي هتان ته هونئن ئي لنگهندين، سو جي توکي تنهنجو ڀاڳ ايترن ڪشٽن ڪاٽڻ ۽ ڪشالن ڪڍڻ کان پوءِ ڪٿي ملي وڃي، ته ٻيو نه ته هڪڙو سوال منهنجو به ته هن کان پڇيو اچج! هي، جيڪي سڀ همراهه هتي بيٺل ڏسين ٿو ۽ ٻيا به اهڙا سوين منهنجا هاري آهن، ۽ زمين جو به مون وٽ ڪو ڪاٿو ڪونهي، هن تر جي سڄي خلق ڄاڻي ٿي ته آءُ ڪيتريون خير خيراتون ڪريان ٿو ۽ صدقا صلواتون ڪڍان ٿو، پر باهه آهي جا منهنجي جند نه ٿي ڇڏي اندر ۾ باهه ٻاهر باهه فصل سڙيو وڃيم،. کرن کي اچيو ڪڏهن ڪڏهن باهه لڳي ته مطلب ته باهه آهي جنهن ۾ رڳو پيو جيءُ پچيءَ لڇي جيئڻ جو مزو ته ڪي سال ٿيا آهن، جو موڪلائي ويو آهي. تون پنهنجي ڀاڳ کان اهو ته پڇيو اچج ته هيءَ مون سان باهه جي ويڌن ڪهڙي آهي ۽ ڇو آهي؟“
وڏيري جو اهو سوال ٻڌي، هن همراهه رکيو پنهنجي دل ۾، ۽ دعوت جو ڀت ڍو تي کائي، رات جا چار پهر اتي آرامي ٿي، صبح جو ڍڪيءَ ۾ ئي اٿي اتان پنڌ پيو.
وري به سڄو ڏينهن واڪيندو ووڙيندو. پنڌ ئي پنڌ. هلندو ڪاهيندو. جڏهن سج لهڻ تي ٿيس. ته هڪڙي ٻير جي وڻ وٽ اچي پهتو. جنهن جي پاسي کان پاڻيءَ جي ندي پئي وهي: ٻير هئي ڪا صوفڻ ٻير. پر هڪڙو ڏار ان جو سڪو پيو هو. ۽ باقي ان جي ٻن ڏارن جون ٽاريون صوفن جيڏن پڪل ڳاڙهن رس ڀريل ٻيرن سان جهنجهيون پيون هيون. ۽ انهن جي بار کان اهي هيٺ نميون بيٺيون هيون. هن همراهه کي به هئي سڄي ڏينهن جي بک. سو ٻه ڍڪ پاڻيءَ جا پي. ڪجهه ويرم رکي. ڀانيائين ته ٻير ڇني ڪجهه پيٽ ٻالنڀ ڪيان. پر جيئن ئي هڪڙي سائي ڏار تي چڙهي. هن ٻيرن ڀريل هڪڙي ٽاريءَ ڏانهن هٿ وڌايو تيئن اها اڀي ٿي. هن جي هٿ کان پري ٿي ويئي. اهڙيءَ ريت جڏهن ڪابه ٽاري هن جي هٿ ۾ اچي نه سگهي تڏهن پنهنجي هٿن ۾ جُوهه وجهي هن ڏٺو ۽ ٿڌو شوڪارو ڀري چيائين ته ”هنن ٽارين جو به ڪهڙو ڏوهه! جڏهن منهنجو ڀاڳ ئي مون کان رسي ويو. ته ٻي ڪهڙي شيءِ مون سان رس ۾ رهندي! پر وري به چڱو. جو سالن کان پوءِ ڳولڻ نڪتو آهيانس، ۽ جي ٿو مليم ۽ ورائي ٿو وجهانس. ته هٿ ڊگهيري اهي ساڳيا ٻير به ڇني وٺندس ۽ ٻيا به سک ٿي پوندا!“
اڃان هن جي وات مان اهي لفظ نڪتا ئي مس. ته هن جي ڪنن تي ڪو آواز آيو ”ٻير توکي ملندا. پر هڪڙي شرط سان!“ هيڏانهن هوڏانهن ڪَن ڏنائين. پر سمجهي ڪونه سگهيو ته آواز ڪٿان ٿي آيو. جڏهن کان هن مجيريءَ جي واڙيءَ ۾ ان غيبي مرد سان ملاقات ڪئي هئي. تڏهن کان هو اهڙن عجائب تي هري ويو هو. سو ان آواز تي هو ڊنو بنهه ڪونه. پاڻ پڪائيءَ سان اهڙو ئي آواز ڪري. جواب ڏنائين ته ”شڙط قبول، پر ٻير ملن!“ هن جو ائين چوڻ ۽ هوا جو زوردار جهوٽو آيو ۽ ٻيرن ڀريل هڪڙي ٽاري جهٽڪو کائي اچي هن جي هٿ سان لڳي. ۽ هن ان مان پڪا پڪا ڳاڙها صوفي ٻير پٽي، کڻي پنهنجي مٺ ڀري ۽ اهي کائي پيٽ قوت ڪيائين، ۽ وڌيڪ به پورو پنهنجو جهول ڀري. کڻي ساڻ ڪيائين. ايتري ۾ اهڙو ئي اڳي جهڙو ڳرو آواز وري هن جي ڪن تي پيو. ۽ هن ڀيري هن ڏٺو ته اهو آواز ان وڻ مان پئي آيو! جي: ”ڀاڳ جو ڳولو آهين ته ڀاڳ تنهنجي هٿن ۾ آهي. ڀاڳ تو کي ملندو! پر موٽندي، پنهنجي ڀاڳ کان هڪڙو جواب وٺيو اچج ۽ هتي ڏيندو وڃج. هي منهنجو هڪڙو ڏار. جو سُڪي ٺوٺ ٿي ويو آهي ۽ ڇو؟ وڻ جو هيءُ سوال ٻڌي ۽ سمجهي. هُن پنهنجيءَ دل ۾ رکيو. ۽ رات جا چار پهر وڻ جي ڀر پاسي ۾ اتي ڪٿي آرامي ٿي، صبح جو سوير، پکي پکڻ جي اٿڻ کان اڳ سجاڳ ٿي. پاڻيءَ ڇنڊو منهن تي هنئين ته هنئين جهڙو. الهه توهار، اٿي پنڌ پيو.
پر هن جي ڀاڳ جو رستو هو، سو کٽڻ جو ئي نه هو! جيئن اڳتي تيئن اوکو! هلڻ سان هن به پوريون ڪري ڇڏيون. جيڏو هو اڳي روڳي ۽ ڪم ڇڏڻو. اوڏوئي هاڻ هو کاهوڙي ٿي پيو هو. هل هلان. هل هلان... ۽ هلندي هلندي. ڏاڍا ڪي ڏاکڙا ڏٺائين ۽ ڪشالا ڪڍيائين. ۽ نيٺ هلندي هلندي هڪڙي ڏينهن هو هڪڙي وڏي سمونڊ جي ڪپ تي اچي بيٺو... ۽ کڻي جو سامهون ڏسي، ته مار! هن جو ته ڪو اٿو مٿو ئي ڪونهي! ۽ هڪدم ايڏو وڏو سمنڊ سامهون ڏسي، هيڪر ته هن جو هانءُ ئي ٻڏي ويو. اکين تي هٿ ڏيئي. جوهه وجهي، پاڻيءَ جي جهاجهه تي جا نگاهه ڪيائين ته پري پري ڪا ننڍي ٻيٽاري ڏٺائين ۽ دل ۾ چيائين ته ”ڇا به هجي، پر اڄ راتهڙو اتي انهيءَ ٻيٽاريءَ تي آهي! ڇا، جي مون وارو ڀاڳ اتي ئي ستل هجي!“ هو به مڙس پنڌ جو ماريل ۽ ٿڪل. پر ڀاڳ به اتي ئي ڪا هن کي ڏک ڏني هئي، سو ڪا جهل ئي نه پيو سهي، سنڊ ته بيو هڪيو ڪونه هوس، پر مڙس هو تارو هاڙهه ۽ ڀاڳ هوس سمنڊن جي وچ ۾ ستل، سو هڪڙي سيڻهه سا هلندي هلندي ڪٿان هٿ ڪري ساڻ ڪئي هئائين. بس، مولهاٽو مٿي سان ٻڌي، سيڻهه کي ڦوڪي. اڇلي کڻي پاڻ سمونڊ ۾ وڌائين. ترندو وڃي، ترندو وڃي ڪڏهن ڳجهڙ، ڪڏهن ٻانهڙ، ڪڏهن دڙها، ڪڏهن ساهه ڀر - مطلب ته ترڻ سان هائيون ڪري ڇڏيائين. ۽ ترندي ترندي، بنهه ساڻو ٿي پيو. ۽ ٻانهون ۽ ڄنگهون ست ڇڏي ويس. پوءِ ته ڪو وقت ترڻ بند ڪري، رڳو سمنڊ ۾ ڦيڦي ڪاٺ وانگر ٽلڪندو رهيو. ائين ڪجهه دير ساهه پٽي، وري ترڻ شروع ڪيائين. ۽ نيٺ تري تري منهن اونداهيءَ مهل وڃي ان ٻيٽاري تي رسيو، ۽ بنهه ڏيئي وٺي، نستي بيجان بنڊ جيان جتي هو اتي پئجي رهيو ۽ انهيءَ پل اتي ننڊ کڄي ويس.
صبح جو سج جي پهرئين پهرئين سوجهري سان هن جي اک کلي ۽ پاڻ کي ائين اجهاڳ سمنڊ جي وچ ۾ اڪيلو اڪيلو ڏسي. دل تي هيبت طاري ٿي ويس. ايتري ۾ هن ڏٺو ته جنهن ٻيٽاريءَ تي هو سڄي رات پيو هو سا ڌڏي رهي هئي! هو اڃان انهيءَ ئي اچرج ۾ هو ته ڏٺائين ته اها ٽلي وانگر پاڻيءَ ۾ اڳتي ترندي پئي ويئي! مڄاڻ جنهن کي هن ٻيٽاري سمجهيو هو. سان ٻيٽاري نه پر ڪا اجگر مڇي هئي ۽ اها هاڻي سمنڊ ۾ ٽٻي هڻي اندر وڃڻ جي تياري ڪري رهي هئي! هيءُ ويچارو ايڏي اجگر مڇيءَ ۽ ايڏي بي انت سمنڊ جي آڏو هڪڙي بنهه هڏن جي مٺ! ائين پنهنجا پويان ڏينهن ڏسي، ساهه هيٺ ساهه مٿي، بيهي اڳيان پويان پنهنجا ڏوهه ڳڻڻ لڳو ۽ پنهنجن ٻنهي هٿن جون مٺيون ڀيڙي. وٺي هڪڙي پوين پساهن واري ڏاريندڙ دانهن ڪيائين ”او منهنجا ڀاڄوڪڙ ڀاڳ! پاڻ کي اچي ستن سمنڊن جي وچ ۾ وڌئي. پر مون کي به پاڻ وٽ سڏي، بي ڪفنو ڪري ماريئي ۽ هت مڇين جو کاڄ بڻايئي!“ مڇي، جا هيءَ دل ڏاريندر رڙ ۽ ڪنهن جي ڀاڳ نڀاڳ جي دانهن ٻڌي، سو ٻي ڪا ڳالهه ته پاڻي جي لڙ ۽ گوڙ ۾ هن ڪانه سمجهي، پر ايترو سو ڄاتائين ته ڪو ماڻهو آهي. جو سندس پٺيءَ سان ڄڪيو ۽ چنبڙيو پيو آهي ۽ دانهون ڪري! پوءِ پنهنجين اکين کي هيڏي هوڏي مچڪائيندي ۽ پڇ کي هت هت وراڪا ڏيندي، پهريائين ته هن پنهنجي پٺيءَ پاڻي مان ڪجهه ٻاهر ڪڍي. ۽ پوءِ پڇيائينس ته ”اي ننڍڙا پتڪڙا، مس ڏسڻ ۾ اچڻ جهڙا، ماڻهو جا ٻچڙا، مان ته رات جا چار پهر هن سمنڊ جي ڏنگي تي هتي اچي پنهنجين ڪلين کي ٺارڻ لاءِ آرامي ٿي هيس. پر تون گاهه کي ڪچڙو مڇين جو کاڄ ماڻهو بنا سنڊ جي هن اير سمنڊ کي هٿن سان کيڙي، ڪيئن اچي هتي رسئين! ڪهڙي توکي لاچاري هئي؟ ڳالهه ڪر!“
تنهن تي مڇيءَ کي هن جواب ڏنو ته ”اي عقلوند سمنڊ جي سچي، دل جي اڇي مڇي، ڪهڙي ٿي ڳالهه پڇين! منهنجو ڀاڳ ويو آهي مون کان ڇڏائي، تنهن کي پيو ٿو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳوليان. ڏس مليم ته ستن سمنڊن جي وچ ۾ هتي ڪٿي هو اچي ستو آهي. تنهن کي موٽائي هٿ ڪرڻ لاءِ هي جهنگ جبل ووڙيندو ۽ هيءُ اجهاڳ سمنڊ جهاڳي هتي آيو آهيان. وڌيڪ تون ئي سمنڊن جي ساهه سڀاڳ کي ڄاڻين ٿي، تون ڪا منهنجي واهر ڪندينءَ ته مون کي منهنجو ڀاڳ ملي ويندو.“
ان تي مڇيءَ جواب ڏنس ته ”ستن سمنڊن جي وچ جي ته مون کي ڄاڻ آهي. اتي ته توکي مان ٿي وٺي هلان. وڌيڪ تون ۽ تنهنجو ڀاڳ ڄاڻو اتي آهي يا ناهي، تنهن جي مون کي ڪل ڪانهي. پر جي توکي اهو اتي ملي ٿو ته منهنجو به هڪڙو سوال آهي، سو هن کان پڇي مون کي جواب ضرور ڏج - توکي وري موٽڻو به ته آهي. آءٌ توکي پوءِ ائين ئي پٺيءَ تي کڻي، موٽائي آڻي جتي چوندين اتي ڇڏينديس! مون سان آزار هيءُ آهي ته سمنڊ ۾ اندر ٽٻي هڻي تران ٿي ته ٿوريءَ دير کان پوءِ منهنجون ڪليون تپي وڃن ٿيون ۽ انهن مان چڻنگيون نڪرڻ لڳن ٿيون. پوءِ جيسين ٻاهر نڪري. ڪلين کي ساهه نٿي کڻايان ۽ ٺاريان نٿي، تيسين وڌيڪ پاڻيءَ ۾ اندر تري نٿي سگهان!“
مڇيءَ جي هيءَ ڳالهه ٻڌي، هن جي ڪوماڻل دل جي مکڙي ٽڙي پيئي، ۽ کلي خوش ٿي مڇيءَ سان هڪدم هائو ڪري، هن جون مهربانيون مڃيائين ۽ ڏاڍا هن جا ٿورا ڳايائين ۽ پوءِ مڇي هئي، تنهن سمنڊ جي پاڻيءَ تي مٿان ئي مٿان، هيڏانهن هوڏانهن ڏسي، هڪڙي پاسي منهن ڪري، وٺي ترڻ شروع ڪيو. ۽ سچ پچ ته پاڻيءَ تي ترڻ آهي ئي مڇيءَ جو ترڻ! بس، سيڙهون ڪندي، اڳتي وڌندي ويئي هيءَ ميان هو. سو رڳو پنهنجو پاڻ سوگهو جهليو يهڻ ۾ ئي پورو هو. مڇيءَ جون ڪليون پاڻيءَ کان مٿي ته ڪوسيون ٿيڻيون ئي ڪين هيون. سو مڇي به چوي ته اڄ نه تران ته ڪڏهن تران! اصل ترڻ سان ڇيهه ڪري ڇڏيائين. ڪٿي به هن جي ڍري ٿيڻ يا بيهڻ جي ته ڳالهه ئي ڪانه هئي، نيٺ سانجهيءَ سانجهي ڌاري هن جو ڇوهه ڪجهه هلڪو ٿيو، ۽ هوءَ مزي مزي سان آهستي آهستي اڳتي وڌڻ لڳي. پري پري کان هڪڙو ٻيٽ هو، جو ڏسڻ ۾ پئي آيو مڇيءَ جو هو سڌو انهيءَ بيٽ ڏانهن منهن ۽ ائين پاڻيءَ کي پنهنجي ارهه جي زور تي چيريندي ۽ ٿيلهيندي. اڳتي وڌندي ويئي، تان جو ڪنهن مهل هوءَ اچي اچي ان ٻيٽ جي ڪناري سان لڳي.، ۽ هيءُ ويچارو، جنهن کي پنهنجو ته ڪو وس ڪو نه هو. سڄو ڏينهن هو مڇيءَ جي وس ٻيو هو هوا جي وس ۽ سمنڊ جي انڇر پاڻيءَ جي وس سو وائڙن وانگر مڇيءَ جي پٺيءَ تان ٽپ ڏيئي لهي پيو ۽ بيهي اتي هيڏي هوڏي لؤڻا هڻڻ لڳو. مڇيءَ ٻيٽ تائين پهچندي پهچندي ايترو سو ڀڻڪو ڪيو هو، جو هن سڻي ورتو هو، ته ”ستن سمنڊن جو وچ جيڪو مان ٿي ڄاڻان اتي هن کي لاهڻ منهنجو ڪم، وڌيڪ هٿ پير ۽ ڪن اکيون ۽ زبان ته هن کي به آهن هوندس ڀاڳ ملڻو ته ملڻ ۾ ديرڪانه لڳنديس من منهنجين ندورين ڪلين جي ڇوٽڪاري جو به ڪو بلو ٿي پوي!“
۽ ٻيٽ تي لهڻ سان هن پنهنجي ڀاڳ لاءِ چئني پاسي لؤڻا ورائي نهارڻ شروع ڪيو، پر سج لهي سانجهي ٿي چڪي هئي. ۽ سڄو ٻيٽ اوندهه ۾ ويڙهجي ويو هو. ۽ هو سڄي ڏينهن جو هو به ٿڪل ۽ ماندو سو مڇيءَ جي ئي ڀرسان ڪنڊ وٺي سڪيءَ جي پاسي ٿورو جاءِ ڪري ليٽي پيو ۽ ننڊ کڄي ويس. رات جا ٻه پک گذريا ته اوچتو هن جي اک کلي پيئي، جڏهن کان ڀاڳ جي ڳولا ۾ نڪتو هو. تڏهن کان کاڌي تان به گهڻو موهه کڄي ويو هوس ۽ ننڊ به هن کي مڙيئي ڪجهه گهٽ ايندي هئي. سو، اک جا کلي پيس ته ڏسي ته چنڊ هو. جو چڙهي آيو هو. ۽ ٻيٽ تي چوڌاري چانڊوڪي جو نور هو. سو ڇانيو پيو هو. اهو ڏسي هو اٿي کڙو ٿيو ۽ اٿي پنهنجي ڀاڳ کي هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو چي: ”هن جي پٺيان هلندي هلندي ستن سمنڊن جو وچ ته اچي ڪيو اٿم: باقي هن ٻيٽ تي مون کان لڪندو به ته ڪٿي لڪندو!“ اکيون هيس . تن هر شيءِ ۾ اهڙي جوهه سان ٿي نهاريو. جو سامهون ڪٿي ڪا ڪيولي ٿي چري ته اها به انهن کان لڪي نٿي سگهي. ۽ ائين نهاريندي نهاريندي ڳوليندي ڳوليندي ، ڏسندي ڏسندي، پري کان ٻيٽ جي پوري وچ تي هن جي نظر هڪڙي همراهه تي وڃي پيئي، جو اڇي چادر تاڻيو. سنئون نئون ٿيو ستو پيو هو....۽ سچ پچ اهوئي هن جو ڀاڳ هو. پر هاڻي ته هيءُ به ان تائين رسي چڪو هو. ۽ کائنس ڀڄڻ جي واٽ ان کي به ڪانه بچي هئي وڌي وڃي هيءُ ان جي ويجهو بيٺو ۽ اتان ئي ان کي سڃاڻي، لڳو ان کي سڏن ڪرڻ... سڏ مٿان سڏ، منٿن مٿان منٿون سيراندي کان سڏ، پيراندي کان سڏ، پاسن کان سڏ. سڏن تي سڏ، منٿن تي منٿون! پر همراهه جو ڀاڳ هو سو ڪو ننڊ ۾ الوٽ، يا مرڳوئي ڪا موت جي ننڊ هيس سو سڏن ۽ واڪن ۽ منٿن ۽ آزين نيزارين جو هن تي ڪو اثر ئي ڪونه ٿي پيو. هيءُ ويچارو جو هيڏا پنڌ ڪري، ڏک ڏسي ۽ جهٽ پٽي، مس مس اتي پهتو هو. تنهن، جو پنهنجي ڀاڳ جي يڪي هيءَ ننڊ ڏٺي، سو دل وسامي ويس ۽ اچي وسوسي ورايس ته سندس ڀاڳ ۾ سندس ڪو ڀاڳ شايد هوئي ڪونه ۽ گهڙي لاءِ من ۾ آيس ته ”بس، هتي ئي هن پنهنجي ستل ڀاڳ جي پاسي ۾ مان به اڳو پوءِ ليٽي ٿو پوان. ننڊ اچي وينديم ۽ جيئاپي جي سڀني جهنجهٽن کان مرڳوئي جند ڇٽي پونديم!“
ايتري ۾ هن کي پنهنجي مجيريءَ جي ڀاڳ جي هڪڙي ڳالهه ياد آئي چي، ”ڀاڳ ورائڻ اهڙو ڪو ڏکيو به آهي ڇا. مڙد جو ڀاڳ هن جي هٿن ۾ ئي ته هوندو آهي!“ اهو هن جو گفتو ياد ڪري، دل ۾ چيائين ته ”پهريائين ته هٿ آهن انهيءَ منهنجي ستل ڀاڳ ۾ جو منهنجو ڀيچي ٿي ڪري، سڏ ٻڌيو به، ائين دت هنيو ستو پيو آهي. ۽ جي مئل آهي. ته به هيڪر ته اٿاري ٿو بيهاريانس!“ بس پوءِ ته نه ڪيائين ڪا گهڙيءَ جي دير، وجهندي پنهنجي ان ستل ڀاڳ جي مٿان پيل چادر جي پلاند ۾ هٿ.، کڻي ڊوهه ڏنائينس ته همراهه جاڳي پيو. اکيون ڏسوس ته ڳاڙهيون جهڙيون رت اها ته هن جي اڃا ڪا ڪچي ننڊ هئي! ۽ پنهنجي هاڙهيءَ کي ڏسي، هو اٿي ڪيڏانهن ڀڄي ئي ڀڄي، تنهن کان اڳ هن کڻي ٻانهن جي ڪرائي کان جهليس ۽ ڇڪ ڏيئي اٿاري اڳيان کڻي بيهاريائينس چي: ”سوگهو آهين پٽ! هاڻي منهنجي هٿن مان تون به جيڪو ڀڳين سو ڀڳين!“ ان کان پوءِ هي ٻيئي، يعني هيءَ کاهوڙي ۽ ان جو ڀاڳ. اکيون اکين ۾ وجهي. ڪا دير ته هڪٻئي کي ڏسندا رهيا. ۽ ائين ڏسي ڏسي هڪدم ڀاڪرين پئجي ويا ورهين جا هئا وڇڙيل سو صبح جي باک ڦٽڻ تائين هڪٻئي سان اوريائون ڏاڍا ڪي پختا وچن هڪٻئي ۾ ڏنائون ورتائون. اسان جي هن همراهه پنهنجي ڀاڳ کان پوءِ دعوت واري وڏيري، صوفڻ ٻير ۽ سمنڊ جي اجگر مڇي جي پنهنجي پنهنجي آزار جا به جواب ورتا - آزار انهن ٽنهي جو هڪڙو ئي باهه جو آزار هو. ۽ اها انهن کي ائين سيڪاٽي ۽ ساڙي رهي هئي! ايتري ۾ ٻيٽ تي اوڀر کان سج به امارا ڪيا. ۽ هي ٻيئي گڏجي هڪ ٿي، ڏور پنهنجي وطن جي وڻن ڏانهن موٽڻ لاءِ تيار ٿي، ٻيٽ جي ڪناري ڏانهن وڌڻ لڳا. چي، سمنڊ جي اجگر مڇي هنن لاءِ تري بيٺي هئي ۽ تيتر سمنڊ جي ڪناري سان پاڻيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ترندي ۽ پسارون ڪندي ٿي رهي.
اتي، اوچتي الائي ڪهڙي ڳالهه ٿي، سو همراهه جو ڀاڳ ٽپ ڏيئي هتي پوئتي ٿي بيهي رهيو چي: ”مان توسان ڪونه هلندس! تون اهوئي ساڳيو آهين نه جنهن مون کي لتون هڻي پاڻ وٽان لوڌي ڪڍيو هو!“
ڀاڳ جو هيءُ نئون راڳ ٻڌي، همراهه جون ٻه به ويون ڇهه به ويون چي: ”ادا ، ڪيترا درد دک سهي تو وٽ آءٌ پهتو آهيان ۽ توکي اچي پرچايو اٿم ۽ هاڻي ٿو چوين ته آءٌ اهو ساڳيو آهيان ۽ تون مون سان موٽي ڪين هلندين! ٻيلي ائين نه ڪر، ڳالهه جيڪا دل ۾ اٿيئي سا کولي ڪر. ڪو پاءُ پاڻيءَ مون ڏانهن اٿيئي ته اهو به ٻڌاءِ يا ڪو شرط شروط هجيئي ته اهو به ڪڍي اڳيان رک!“
ماڻهوءَ جو ڀاڳ به ٿئي ٿو انتريامي، دل جو حال پهريائين ڪو ڄاڻي ئي هو ٿو. سو هن به همراهه کي کتي ٻڌائي چي: ”هٿن واري ڳالهه مجيريءَ جي ڀاڳ جي توکي ياد اچي ويئي، جو چادر کي ڊوهي ۽ ٻانهن کان جهلي. اٿاري کڻي مون کي اڀو ڪيئي، پر هن جي ٻي ڳالهه توکي ياد ڪانه آئي! توکي هن ڇا چيو هو؟ ياد ڪر!“ روئڻو، منهن سوڻو. ڇنل کٽولي سمهڻو! ”سو ميان جيسين تون اهو هوندين تيسين توسان اسان جي ياراني ڪانه ٿيندي. اسين يار، هتي سمنڊن جي وچ تي ستل ئي ٺيڪ آهيون!“
همراهه کي پنهنجي ڀاڳ جي هيءَ ڳالهه اهڙي لڳي جو وڃي ٿيا خير. پر جيئن پنهنجي زال کان موڪلائي، هو ڀاڳ جي ڳولا ۾ نڪتو هو، تيئن هن کي ياد ڪونه هو ته هن ڪٿي ڪا رنجهه ڪنجهه، ڪروڌ يا ڪانئرائي ڪئي هجي، دل ۾ آيس ته ”اڳي ته برابر سدائين بت کان بيزار، منهن چاڙهيو مئن جيان منهن ويڙهيو پيو هوندو هوس. پر هاڻي ته آءٌ اهو ناهيان، ۽ اها ڳالهه منهنجي هن ڀاڳ سڀاڳ کان لڪل به ڪانهي. جو هو منهنجو سڄو حال ڄاڻي ٿو! پر ڇڱائيءَ جي ڳالهه تي اجائي ڪر ڪر به چڱي ڪانهي!“ اها سوچ ڪندي، پنهنجي ڀاڳ کي چيائين ته ”ادا، تون ٺيڪ ٿو چوين، پاڻ کي هاڻي نه روئندو ڏسندين،. نه رنجهندو ڪنجهندي ۽ نه جڳ کان رٺل ڏسندين، تنهنجي ڳولا ۾ پاڻ هاڻ بدلجي بلڪل نوان ٿي پيا آهيون. ان جي خبر هاڻي توکي به آهي. ۽ جتي منهنجا هٿ، منهنجو هوش ۽ همت ۽ منهنجو هيچ هوندو، اتي تون به ته مون سان هوندين، پوءِ ڳڻتي ڇا جي! هاڻ هل ته هلون. ڳالهيون گهڻيون ٿيون، ڪم گهرجي...۽ ڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجي اڳيان کوڙ پيو آهي!“
ائين پنهنجي ڀاڳ کي پاڻ سان سڀ ڳالهه ۾ سهمت ڪري بلڪ هن کي پاڻ سان هڪو هڪ ڪري، ۽ هن سان پڪ پڪاڻي ڪري ته اڳتي جتي پاڻ هوندو اتي ساڻس سندس ڀاڳ به گڏ هوندو. هو وڌي ٻيٽ جي ڪپ تي انهيءَ جاءِ تي آيو. جتي پهريائين مڇيءَ کيس اچي لاٿو هو: ۽ اچڻ سان مڇيءَ کي سلام ورائي. پاڻ ڏانهن سڏيائين چيءَ ”هل ڙي مائي مڇي اتي جتي پهرين پاڻ مليا هئاسون. ڀاڳ منهنجو من کي ملي ويو ۽ هن کي پرچائي پوريءَ ريت پنهنجو ڪيو، پاڻ سان موٽائي ورتيون پيو وڃان. تنهنجي سوال جو جواب به هن کان مون ورتو آهي چوين ته هتي توکي اهو ڏيان. چوين ته جتي پاڻ کي هلي بندر ڪرڻو آهي. اڳوپوءِ اتي هلي توکي ڏيان.“ مڇي جواب ڏنس ته ”ڀاڳ ته پنهنجو لڌئي پر ڀروسو ڀلجي وئين ته جنهن تي هيءَ سڄي دنيا پيئي هلي، هتي مون کي جواب ڏيندين. هتي ڇو نه! پنهنجي سوارٿ لاءِ پل به ڳرو ٿي لڳئي. منهنجي جواب لاءِ هيءُ بندر ڪرڻ جو باب ڇو؟“ مڇيءَ جي ڳالهه ٻڌي، هو ڏاڍو ڦڪو ٿيو. چي: ”مون کان ٿي، هاڻ تون وٺ پنهنجي سوال جو جواب تنهنجي ڪلين ۾ آهن املهه ماڻڪ ڦاٿل اهي جڏهن گسن ٿا ته انهن مان چڻگون اٿن ٿيون ۽ تنهنجي ڪلين کي باهه ٿي لڳي، ۽ توکان وڌيڪ پاڻيءَ ۾ اندر تريو نٿو ٿئي!“ مڇي اهو جواب ٻڌي، وسميءَ ۾ پئجي ويئي چي: ”برابر، هڪ ڀيرو هٻڇ ۽ هوڙهه ۾ سمنڊ جي تري ۾ هيٺ سد ڳڻين سچلين سپين جي بستيءَ ۾ گهڙي ويئي هيس ۽ انهن کي وڃي ڀڳو ڀوريو هوم، مڄاڻ انهن جا املهه ماڻڪ ڪلين ۾ ڦاسي پيا اٿم،. هاڻي منهنجي ان آزار کي سڃاتو به تو آهي. ۽ اهي پراوا املهه ماڻڪ منهنجي ڪلين مان ڪڍي به تون ئي سگهدين. ۽ ڪم ۾ به انهن کي تون ئي آڻي ٿو سگهين، سو اهي هاڻي سڀ ٿيا تنهنجا. ”ائين هٿ وڌائي، چار املهه ماڻڪ مڇيءَ جي ڪلين مان هن ڪڍي ورتا. ۽ پوءِ هو مڇيءَ جي پٺيءَ تي چڙهي ويٺو ۽ مڇي وٺي سيڙهه ڪئي، ۽ سج بيٺي ئي اچي اتي رسي. جتي هو پهريائين هن کي مليو هو. اتان ته ڪناري تي آڻي هن کي ڇڏڻ ۾ سانڀاري سمونڊ جي هن مڇيءَ مهوڙ کي پوريون ٻه گهڙيون به مس لڳيون!
هن همراهه پوءِ ڪناري تي بيهي، موٽي ويندڙ ان اجگر مڇيءَ کي سلام ڪيو. ۽ ان کي ڏسندو رهيو. ۽ هوءَ به ڪي گهڙيون ته سمنڊ جي ڇولين کي چيريندي، مٿان ئي مٿان ڪاهيندي ۽ ڌوڪيندي، اڳتي ويندي رهي. ۽ پوءِ پري پري وڃي. ڦيرو کائي. هن ڏانهن پويون ڀيرو ڏٺائين. ۽ پوءِ ٽٻي هڻي، سمنڊ جي بي انت گجگاهه ۾ گم ٿي ويئي.
اها رات پوءِ هو اتي سمنڊ ۾ اک وجهي، ڪناري تي ئي سمهي رهيو. ۽ صبح جو وڏي اسر ساڳيائي پيرا وٺي وري اٿي پنڌ پيو. ۽ تکو تکو، هلندو هلندو، ڊاٻا ڪندو ڪندو نيٺ نماشام مهل هڪڙي ڏينهن اچي ان ساڳئي صوفڻ ٻير جي وڻ وٽ پهتو. جنهن جي پاسي کان پاڻي جي نهر پئي وهي ۽ جتي ويندي ويندي، هو رات جا چار پهر ستو هو. ۽ جنهن هن کي پنهنجا پڪا پڪا، ڳاڙها ڳاڙها، رس ڀريل صوفي ٻير کارايا هئا. ۽ کائنس هڪڙو سوال به ڪيو هو. صوفڻ ٻير کي ڏسڻ سان هو وڏي هيج مان وڌي، ان جي هڪڙي ڏار هيٺان وڃي بيٺو، ۽ هٿ وڌائي هيٺ نميل ان جي هڪڙي ٽاري مان صوف پٽڻ لڳو. پر انهيءَ ئي گهڙيءَ هن کي ڪو ويچار آيو. ۽ اتي ئي هٿ رڪجي ويس. ۽ ٿڙ ڏانهن منهن ڪري، ٻير سان ڳالهائڻ لڳو ڇو ته ان سان ائين ته هو اڳي ئي هيمڙ هو! چي: ”ٻير ڙي ٻير اصيلڻ، مائي نماڻي صوفڻ ٻير! تنهنجي سوال جو جواب به مان پنهنجي ڀاڳ کان وٺي آيو آهيان، پهرين ته مون کان وٺ اهو جواب، تنهنجا ٻير مون کان ڪو کنيو ڪونه ٿو وڃي، تنهنجي پاڙ ۾، سڪيءَ جي پاسي، هن تر جي هڪڙي ڪنهن پاکنڊي پر مار ۽ حرصي حرامخور ماڻهن جي ڪمائيءَ مان سون جون سرون جوڙائي، وڏي هڪڙي انهن جي ديڳ ڀرائي، تنهنجي سرڄڻ کان اڳ هتي هيٺ زمين ۾ اها پورائي ڇڏي هئي، ۽ ائين هن سڄي تر جا ماڻهو ڦر جي فقير ٿي ويا ۽ نه رهين پيٽ جي تؤڻ پوري ۽ نه تن ڍڪڻ لاءِ سڄو ڪپڙو، تنهنجي پاڙن کي هاڻي اها ديڳ ڌرتيءَ مان هيٺان پورو پاڻي پيئڻ ئي نٿي ڏئي. انهيءَ ڪري تنهنجو هڪڙو ڏار سڪي ويو آهي ۽ ٻئي کي به اچي سو ڪهڙي روتو آهي. ۽ جي اهو حال رهيو ته پاسي کان انهيءَ سدا وهندڙ نرمل نديءَ هوندي به نه تو ۾ ٻير ٿيندا ۽ نه ڪو سائو پن ئي رهندو.“
اها هن جي ڳالهه ٻڌي، ٻير سڄي ڪنبي ويئي، ۽ ڏاڍيءَ هر ٻر ۾ پئجي ويئي چي: ”انهيءَ آزار کان آجائي به تنهنجي هٿان ٿيندي ۽ هيءُ سڄو پٽ وري سائو ۽ سٻر به تون ئي ڪندين.“
سدگن سچليءَ صوفڻ ٻير جي اها ڳالهه ٻڌي، هن ڇا ڪيو جو اهو سڄو ڏينهن اتي رهي پيو. ۽ تر جا سڀ ماڻهو، جيڪي ائين هيڻا ۽ هٿين خالي بڻيا پئي ڦريا ۽ ان ڏينهن تائين اتي ائين ئي ڦربا ۽ ماربا پئي رهيا. تن کي سڄي سربستي ڳالهه ٻڌائي، ٻير جي آڏو وٺي آيو ۽ انهن سان اتي بيهي، اها ديڳ سونين سرن جي کوٽائي ڪڍي ٻاهر ڪيائين. ۽ ائين ٻير جي پاڙن کي انهن جي برٿيءَ ۽ باهه کان آجو ڪيائين. ۽ سڀ سون ۽ انهن جا ٽڪر ذريائتا ڪري سڀني ۾ پوري طرح ورهائي ۽ پاڻ به پنهنجي ڀاڳ جو انهن مان هڪڙو ٽوٽو کڻي، ٻئي ڏينهن صبح جو سڀني کي پنهنجي سک سلابت ۾ ستل ڇڏي، وڏي وڏي اسر اٿي اتان پنڌ پيو جو ڀاڳ جي پرچاءَ کان پوءِ پوئتان جي الڪي ۽ اون ۾ واڻي هن کي هڪ گهڙي به اجايو ڪٿي ويهڻ ڪونه ٿي وڻيو.
واٽ تي هن کي اڃا دعوت باز وڏيري سان مکاميل ٿيڻو هو، جو ان جي سوال جو جواب به هن پنهنجي ڀاڳ کان وٺي ڇڏيو هو. ۽ سچ پچ ته ان جواب جي ڳالهه ايڏي ته وڏي ۽ ڪم واري ڳالهه هئي، جو سندس پنهنجي ڀاڳ ۽ ٻين سندس سڀني هٿ پورهيت ۽ هرهاري ڀائرن جي ڀاڳ جو آڌار به ان ڳالهه تي هو. انهيءَ ڪري ان وڏيري وڏڌڻيءَ سان ملڻ لاءِ هو ڏاڍو آتو هو. ۽ سڄي ڏينهن جي پنڌ کان پوءِ سانجهيءَ ڌاري جڏهن هو ان ڳوٺ ۾ پهتو. ۽ وڏيري سان مليو تڏهن وڏيري کي چيائين ته ”وڏيرا، هاڻي رڳو تنهنجي جواب جو بار مون تي رهيو آهي. سو تون به پنهنجي سوال جو جواب مون کان وٺي ڇڏ، ته انهن سوالن جوابن کان آءٌ به ٿيان آجو. ۽ وڃي لڳان پنهنجي اصلي ڪم کي - منهنجو ڀاڳ سالن کان پوءِ آهي مون سان پرتو. ۽ پوئتي ڳوٺ ۾ ڪيئي ڪم آهن، جو ڪرڻ لاءِ پيا آهن. ۽ منهنجو من هاڻي سڄو انهن ڪمن ڏانهن تڻيو بيٺو آهي. صبح جو سوير، لوڪ ستي، پنهنجي هتان الهه واهي آهي. پر پهرين تون پنهنجا هاري ناري ۽ ٻيا ماڻهو گڏ ڪري وٺ ته تنهنجي سوال جو جواب انهن جي اڳيان مان توکي ڏيان ته مر اهي به ٻڌن، ڇو ته ان جواب سان انهن جو به لاڳاپو آهي ۽ سچ ته اهو گهڻو تڻو آهي ئي انهن جي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاءِ.“
وڏيري کي هو پنهنجي سوال جي جواب ٻڌڻ جو شوق، سو ماڻهو ڊوڙايائين، جيڪي ويا ۽ جهٽ ۾ وڏيري جي هارين نارين ۽ ڳوٺ جي ڪمين ڪاسبين ۽ ٻين عام ماڻهن کي آڻي وڏيري جي اوطاق ۾ حاضر ڪيائون. ماڻهن جي ائين اچي گڏ ٿيڻ کان پوءِ وڏيرو وڌيڪ دير سهي نه سگهيو، ۽ هڪدم هن کان جواب جي گهر ڪيائين. هيڏانهن هيءُ همراهه تيار ئي انهيءَ گهڙيءَ لاءِ ٿيو ويٺو هو. سو وڏيري ڏانهن ڏسندي چوڻ لڳو ته ”وڏيرا، تنهنجو سوال هو ته تون ڏاڍيون خير خيراتون ۽ صدقا صلواتون ڪڍين ٿو پر باهه آهي، جا تنهنجي جند ئي نٿي ڇڏي. اندر باهه ٻاهر باهه، ۽ رڳو باهه ئي باهه آ، جنهن ۾ تنهنجو جيءُ پيو ۽ لڇي، ۽ جيئڻ جو مزو ئي توکان ڇڏائي ويو آهي: سو سائين کي چوان، تنهنجي سوال جو جواب هيءُ آهي ته تون جين ٿو ٻين جي ڪمائيءَ تي، ۽ اوب
ارين ٿو گهڻو پوءِ نه پيٽ ٿو ڀرجئي ۽ نه ان جي سدائين ان نموني ڀرجڻ جي پڪ ٿي بيهئي. ائين تنهنجي اندر ۾ هٻچ جي باهه ۽ ڊپ جو ٻارڻ آڻهي پيا ئي پيا آهن. ۽ باهه آهي، جا توکي ڏينهن رات پيئي ساڙي ۽ ٻاري، ان باهه کي وسائڻ لاءِ تون خير خيراتون ۽ صدقا دعوتون به گهڻيون ئي ڪرين ٿو. پر انهن سان ٻيا ته ٺهيو پر رڳو تنهنجو پنهنجو من به توسان ڪونه ٿو ريجهي ڇو ته اهي به ته تون ٻين جي ڪمائيءَ تي ڪرين ٿو، انهن ۾ به تنهنجي پنهنجي پورهئي جو پگهر جو ڦڙو به شامل ڪونهي!“
هن جي هيءَ سڌي سچي ڳالهه ٻڌي، وڏيرو ماٺ ۾ اچي ويو ۽ ڪيتري دير ته هن ۾ اکيون کپايو ويٺي هن کي ڏٺائين. ۽ ڏسندي ڏسندي، نيٺ جڏهن ڪجهه ڳالهائڻ جهڙو ٿيو، تڏهن هن کان پڇيائين ته ”انهيءَ ڳالهه جو ڀلا ڪو علاج؟“ هن جواب ڏنس ته ”هائو، ان جو علاج به آهي، ۽ اهو به مون کي منهنجي ڀاڳ ٻڌايو آهي. ۽ ائين ٿيڻو به اوس آهي ۽ اهوهيءُ آهي ته زمين، جيڪا هوا، پاڻي ۽ اس وانگر ڪنهن جي ڪانهي ۽ سڀني جي آهي، پر جنهن کي پنهنجي ٿو سمجهين ۽ پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ويٺو آهين، تنهن جي دعوا ڇڏ. ۽ ان مان ٻين جي پورهئي سان اپايل ميوي تي نه، پر پاڻ اها کيڙ ۽ پاڻ ان مان ان اپاء تنهن تي گذارو ڪر. ۽ ان مان وڻنئي ته دل کولي خير خيراتون ۽ صدقا دعوتون به ڪر ته پوءِ تنهنجي اندر مان اهو باهه جو آزار لهندو ۽ تنهنجو من سانت ٿيندو...“
هن جواب جو وڏيري تي جيڪو اثر ٿيو. سو ٻڌائڻ جو نه آهي، سمجهڻ جو آهي بس ائين چئجي ته وڏيرو تمجي ويو ۽ اکيون ائين ڦري ويس ڄڻ مٿس تڪبير وهي ويئي هئي، پر ماڻهو هئا، جي ڳالهه جي ڳنڍ ائين کلندي ڏسي، جي جتي سي تتي گلن وانگر ٽڙي پيا ۽ چوڌاري منجهن چؤٻول مچي ويو...
هيڏانهن هن همراهه تان، جو ائين جوابن جو بار لٿو هو، ۽ ويتر جو وڏيري کي ٻڌائي هئائين کتي، سو ڏاڍو سرهو ٿي لڳو، ۽ وڏيري کي اهڙو بنهه حال کان نڪتل ڏسي چوڻ لڳو ته ”وڏيرا، جيڪڏهن سوال جو جواب بنهه ايڏو ڏکيو هو، ته اهو مون کان ڪري نه ڀائنج، حقي واجبي جواب ڪنهن جا منهن ڪونه ٿا ڏسن. مون کي جيڪو جواب مليو هو اهو مون توکي جيئن جو تئين پهچايو هاڻي تون ڄاڻي تنهنجا هي ماڻهو ڄاڻن، هوندن ڀاڳ سجاڳ ته پنهنجي پنهنجي ڌرتيءَ جو ٽڪر تو کان وٺي وجهندا ڇو ته ماڻهو آهي ئي ڌرتيءَ سان ۽ ڌرتي بنا ماڻهو جو ڀاڳ ڪهڙو؟“
جڏهن ڳالهه جو اتي وڃي ڇيهه ٿيو، ته سڀ ماڻهو دنبهو هڻي، اٿي کڙا ٿيا. ۽ هيءٌ همراهه به وڏيري جي اوطاق ڇڏي، راتو واهه اٿي پنڌ پيو. ۽ سڌو رخ رکيائين پنهنجي ڳوٺ ڏانهن. رات جي پوئين پک جو چنڊ به اڀري مٿي آيو هو. ۽ هيءُ ان کي اکئين ڪيو اڳتي وڌندو رهيو،. تان جو اوڀر کان سج به پنهنجون باکون ڪڍيون، ۽ هو ان پنهنجي سدوري صبح جا پهريان ديدار ڪندو. هلندو، پنڌ ڪندو، اڳتي ۽ تيئن اڳتي وڌندو رهيو. ۽ هلندي هلندي، پوئين پهر جڏهن ڏينهن ٺرندو آهي ۽ ماڻهن جو مال ۽ اڀ جا پرندا سڄي ڏينهن جي پٽ کوهه کان پوءِ پنهنجي پنهنجي وٿاڻ ۽ وانهيري ڏانهن ورڻ جي ڪندا آهن، تڏهن پري پري کان هن کي به پنهنجي ڳوٺ جا وڻ ڏسڻ ۾ آيا، ۽ انهن کي ڏسي، هن جي دل خوشيءَ ۾ ٽمٽار ٿي ويئي، ۽ گهڻي گهڻيءَ دير اتي ان جاءِ تي ويهي، هو انهن کي اتان ڏسڻ ۽ پنهنجين آسائتين ابوريل اکين کي ٺارڻ لڳو، پوءِ جڏهن ويٺي ويٺي اتي هن کي دير ٿي ۽ سج لهڻ تي آيو. تڏهن هو اتان اٿي، تکيون تکيون وکون کڻندو، منهن سوجهري ۾ ئي اچي پنهنجي گهر جي کڙهه تي پهتو، ۽ پري کان پنهنجي ڀاڳ ڀري زال کي ڏسي، اتان ئي هن کي سڏ ڪيائين.
”او سوڳڻي سڀاڳڻ، منهنجي ساهه جي سانئڻ! ائين سمجهه ته ڀاڳ مان به پنهنجو ورايو پيو اچان!“
اتي هن جي زال به هن کي ڏٺو، ۽ وٺي ڏانهس ڊوڙ پاتائين، ۽ هو گهر جي اڱڻ ۾ جتي سندن ٻڪري ٻڌل هئي، پاڻ ۾ اچي گڏيا ۽ ڀاڪرين پئجي ويا. ۽ نئين سر ڄڻ منجهن سڪ ۽ سنيهه جا ساهه اپجي ويا، پهريائين ته زال کي هن پنهنجي پٽڪي جي ڳنڍ مان پڪا مٺا ڳاڙها صوفي ٻير ڇوڙي کارايا. ۽ هن ڀاڳ ڀريءَ وري پنهنجيءَ ٻڪريءَ کي ڏهي، ان جي ڪوسي ڪوسي سڄر کير جو وٽو هن کي پياريو، ۽ پوءِ هو ٻيئي ويٺا حال احوال ڪرڻ ۽ اڳتي لاءِ پنهنجي ڪم ۽ ڪرت جون صلاحون بيهارڻ ۽ رٿون رٿڻ.
۽ ائين ڳالهين ڪندي ڪندي، چار املهه ماڻڪ، جيڪي هن سمنڊ جي اجگر مڇيءَ جي ڪلين مان ڪڍيا هئا. ۽ سون جو ٽوٽو جيڪو هن صوفڻ ٻير جي پاڙن ۾ پوريل سونين سرن واريءَ ديڳ مان پنهنجي ڀاڳ جو ڀاڳ ڪري کنيو هو، سي هن ڀاڳن ڀريءَ پنهنجي زال کي هٿيڪا ڪري رکڻ لاءِ ڏنا، ۽ ائين گهڻيءَ گهڻيءَ رات تائين هو هڪٻئي سان من اندر جون ڳاليهون ڪندا، ۽ دل جا حال ونڊيندا ۽ ورهائيندا رهيا، تان جو ليٽئي ليٽئي ٻيئي پنهنجي خير خوشيءَ، پنهنجي سائي ستابي ٻني ٻاري، پنهنجن ڀاڳن سدورن پٽن کيرن، پنهنجي ڀلان ڀلي وهٽ هلٽ ـ پت سپت جا خواب ڏسندي ڏسندي، سمهي رهيا ۽ ٻنهي کي اسر اسر جو ٿڌيءَ مٺي هير تي، پهر اڌ لاءِ ننڊ کڻي ويئي.

متفرق مواد



ٽنڊڻيءَ جو روح
”سچل جي سوچ بلڪل سنئين سڌي سوچ آهي“ سرمد چيو ”هو ذي حيات جيوت کي هڪ پيچيده قسم جي مشين سمجهي ٿو. ”اهو ٻڌي، هوءَ ڇرڪي پئي، پر پڪو منهن ڪري چوڻ لڳي، ”آئون ماڻهون جي پيچيده ساخت تي حيران ته ٿي سگهان ٿي، پر سچل جو ”اهو مشين وارو فلسفو“ منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي.“ ”تون انهيءَ تي ڪجهه سوچ،“ سرمد، صلاح ڏنيس، ”تون ڄاڻن ٿي ته ارتقا جي سائنسي نظريئي موجب حيواني جسم مڪمل مشيني لقاءُ ئي ته آهي، بلڪه هر جسم جو هڪ هڪ جيو گهرڙو به خوردبيني تي ڏسي سگهجندڙ هڪ مشين ئي آهي، ظاهري اک سان ڏسڻ ۾ نه ايندڙ هڪ پتڪڙو ”جز“ به، پنهنجيءَ جاءِ تي پاڻ هڪ وڏو ۽ جامع ڪل آهي،“ ڪنول پنهنجو ڪنڌ لوڏيو.
”ها، پر انساني ۽ پڻ حيواني جسم ڪنهن مشين کان وري به گهڻو مختلف آهي. سندن پيداواري عمل، مطلب ته سندن ڄم، خود انهن کي مشينن کان مختلف بڻائي ٿو.“
”ڇو؟“ سرمد سوال ڪيو، ”اها ڳالهه ڇو خاص اچرج جهڙي چئجي، جو هڪ ”ذي حيات“ مشين ٻي ”ذي حيات“ مشين کي پيدا ڪري؟ بيجان به بيجان کي پيدا ڪن ٿا، جيو گهرڙا جيو گهرڙن کي، هڪ جين ٻئي جين کي، بلڪه هڪ وائرس پاڻ جهڙن ٻين وائرسن کي پيدا ڪري ٿو، شين ٺاهڻ جي هڪ خودڪار ڪارخاني کي ٻي مشين جي پيدا ڪرڻ مان ڪڍي ٻاهر ڪرڻ لاءِ ڪنهن خاص تخليقي سوچ يا خيال جي ضرورت ڇو ٿيڻ کپي، جڏهن خود ڪنهن کير ڌارائيندڙ حيوان جي مادي کي به ٻار جي پيداواري عمل ۾ اهڙي ڪنهن سوچ يا خيال جي ڪابه ضرورت درپيش ڪانه هوندي آهي.“
ڪنول اکيون ڦوٽاري سرمد کي ڏسڻ لڳي، ”ڇا، تون ائين سمجهين ٿو ته ڪو خودڪار ڪارخانو جڏهن ڪا شيءِ تيار ڪري ٿو ته ائين محسوس ڪري ٿو، جيئن ڪا ماءُ ٻار ڄڻڻ وقت محسوس ڪندي آهي؟“
هن للڪار ڪندي چيس، ”ڌاتو ته ان جو گهڻو گسجي پيسجي ٿو ۽ اڳتي هلي ٿڪجي ٽٽجي بيهي ۽ بيڪار به ٿي وڃي ٿو!“
”آئون نه ٿي سمجهان ته تنهنجي انهيءَ جواب مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي، جنهن کي آئون ”محسوس ڪرڻ“ چوان ٿي،“ ڪنول وراڻيو.
”نه ئي آئون ائين ٿو سمجهان.“ سرمد سندس ڳالهه سان سهمت ٿيندي چيو. پر ”اهو ڄاڻڻ به ته ڪا سولي ڳالهه ڪانهي ته جذبا يا احساس ڇا ۽ ڪيئن هوندا آهن! ٻنيءَ جي جنهن فارم تي آئون وڌي وڏو ٿيو آهيان اتي اسان وٽ هڪ مادي سوئر پاليل هوندي هئي، جيڪا پنهنجن ٻچن کي چيڀاٽي ماري ڇڏيندي هئي اتفاق سان ئي سهي، پهرين آئون ائين ئي سمجهندو هئس پر اها پوءِ پنهنجن ٻچن جا لاش کائي به ڇڏيندي هئي،. ڇا، تون چئي سگهندئين ته ان وٽ يا ان جا اهي ممتا ڀريا جذبا يا خيال هئا.“
”آئون سوئرن جي ڳالهه نه ٿي ڪريان.“
”پر ائين ئي اسين انسانن بابت به چئي سگهون ٿا، ڇا تون اندازو لڳائي سگهندينءَ ته وهنجڻ يا وهنجارڻ دوران ڪيترا ٻار ٽٻ ۾ ٻڏي يا هونئن به گهٽجي مري ٿا وڃن! ٻاهر بٺن تي يا گٽرن ۾ به اڇليل ٻار لڀجندا ٿا رهن.“ ڪنول دهلجي، لاجواب ٿي وئي. ڪجهه ساهي کان پوءِ سرمد وري ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”تون جو سچل کي مشينن ۾ سدائين مصروف يا انهن سان واڳيل جو ڏسين ٿي، تنهن جو ٿورڙو ئي پس منظر ڪو الڳ آهي، مشينون هن جي نظر ۾ ”جيوت“ جو هڪ ٻيو روپ آهن. هڪ اهڙو روپ، جنهن کي هو پلاسٽڪ يا ڪنهن ڌاتوءَ يا ڌاتن سان پاڻ ٺاهي ٿو، تخليق ڪري ٿو، ڪن کي اڇلائي ڦٽو به ڪري ٿو ڇڏي، هو پاڻ ته وري ايترو شريف طبع يا ڀورڙو به آهي. جو پنهنجي پاڻ کي به هڪ مشين ئي سمجهي ٿو.“
”تنهنجو مطلب آهي ته هڪ اهڙي مشين، جيڪا پاڻ جهڙيون ٻيون مشينون ڄڻيندي آهي!“ ڪنول ٽوڪ واري انداز ۾ چيس، ”ٿوري دير کان پوءِ تون کيس ساءُ به سڏيندين!“
”نه،“ سرمد چيو. ”هو ته هڪ انجنيئر آهي. ۽ جيتري قدر ڪنهن هٿراڌو ٺاهيل مشين جي ڪنهن انساني جيوت سان ڀيٽ جو سوال آهي، اها ڳالهه ڪنهن سادي ذي حيات پيداوار جي عمل کان گهڻي مٿيري ئي ٿيندي! ڇو ته مشين وري به گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن خيال، ڪنهن رٿا، ڪنهن ترڪيب ۽ عمل جي نتيجي ۾ ته ٺهي تيار ٿئي ٿي!“
”آئون ڪنهن وڪيل سان بحث ڪرڻ بدران کائنس فقط ڪجهه ڄاڻڻ ئي مناسب سجهان ٿي،“ ان پنهنجي بيچيني جو اقرار ڪندي چيو، ”لٿي پٿي به آئون پاڻ کي مشينن سان ڪانه ٿي ڀيٽي سگهان!“ هن جوش سان ڳالهائيندي چيو. ”جهڙيءَ ريت اسين جانورن سان ورتاءَ ٿا ڪريون ۽ جهڙي ريت مشينن سان ورتاءُ ٿا ڪريون، ٻنهي ۾ فرق آهي، جيڪو خالص منطق کان مٿڀرو ٿئي ٿو. آئون ڪنهن مشين کي ٽوڙي سگهان ٿي، پرزا پرزا ڪري سگهان ٿي ۽ اهو عمل سچ پچ ته مون کي ڪابه تڪليف يا ايذاءُ نه پهچائيندو پر آئون ڪنهن حيوان يا جانور کي ائين ماري نه ٿي سگهان!“
”ڇا، تو ڪڏهن ائين ڪري ڏٺو آهي؟“
”ڪجهه هڙيوئي،“ ڪنول ياد ڪندي چيو. ”ڪاليج ۾ پڙهائي دوران جنهن ڪمري ۾ آئون رهندي هيس تنهن ۾ ڪوئن جو ڏاڍو آواز هوندو هو، پوءِ مون اتي ڪوئن ڦاسائڻ واري مشين رکي ڇڏي، نيٺ هڪڙو ڪوئو ان ۾ ڦاٿو، پر آئون انهيءَ کي مشين مان ڪڍي ئي نه سگهيس. ويچاري مئل شيءِ مون کي تمام ايذائل ۽ بي ضرور لڳي. تنهنڪري مون انهيءَ کي مشين سوڌو ئي ڪوٽ جي ٻاهران نيئي پوري ڇڏيو، پوءِ فيصلو ڪيم ته ڪوئن کي مارڻ کان بهتر آهي ته انهن سان گڏ رهجي.“
”ان هوندي به تون اڃا تائين گوشت کائيندي آهين؟“ سرمد کائنس سوال ڪيو. ”تنهنجي ان ريت لرزجڻ يا بڇا کائڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته توکي ڪنهن جيو يا ساهه واري کي مارڻ ڏکيو ٿو لڳي. سمجهين ٿي، چوين ٿي، ڄڻ اهو تون ڪو پاپ يا گناهه ٿي ڪرين.“
”ڏس!“ هو چڙي پئي. ”تنهنجو اهو دليل ”زندگي لاءِ احترام،“ ”حياتي لاءِ تڪريم،“ واري بنيادي نڪتي کي نظرانداز ڪري ٿو. اسان وٽ ڪي ڳالهيون انسانن لاءِ ۽ حيوانن لاءِ مشترڪ آهن. تون اهي ڏسي سگهين ٿي، ڇا تو روزمره جي زندگي ۾ ائين ڏٺو آهي؟ سچل وٽ هڪ نظريو آهي. جيڪو توکي پڪ سان عجيب لڳندو.“ سرمد زور ڏيندي چيو. ”هو چوندو آهي ته حياتي عزازت يا مٽي مائٽيءَ، دوستي، دشمني پوءِ اها سڳي هجي يا ويڳي، ڪوڙي هجي يا سچي، تن جو تنهنجي انهيءَ ”زندگي جي احترام“ يا ”حياتي جي تڪريم“ واري فلسفي سان اهڙو ڪوبه گهڻو گهاٽو واسطو ڪونهي، اصل ڳالهه اها آهي ته توکي ڪنهن ڪنهن جي ”جيو هتيا“ پسند ڪانهي، ڇو ته ساهه واريون شيون موت جي خلاف مزاحمت ڪن ٿيون، جنهن جيو يا ساهواري کي تون مارڻ ٿي گهرين سو رڙيون ٿو ڪري، ڦٿڪي ٿو، يا ويچارو لڳي ٿو. ڄڻ توکي ايلاز ڪري چوي ٿو ته ”مون کي نه مار!“ ائين کڻي چئجي ته اهو تنهنجو ئي دماغ آهي، تنهنجو ”ذي حيات“ آهي، جنهن اها دانهن ٻڌي، جنهن اهي دانهون ۽ ايلاز ٻڌا ۽ ڏٺا!“
ڪنول اها ڊگهي ڳالهه نه سمجهندي سرمد ڏانهن چپ ڀيڙيندي ۽ ڪجهه ڏند ڪرٽيندي ڏٺو. سرمد چانهه جي ڪپ مان آخري سرڪ ڀريندي. کيسي مان ڪجهه پيسا ڪڍي هوٽل جي بيري لاءِ ميز تي رکيا ۽ ڪرسي کي پٺ تي ڌڪيندي هو اٿيو، ”ڪنول بيبي اچ مون سان گڏ هل!“
اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ڪنول سرمد سان گڏ سچل جي گهر ۾ پاڻ کي داخل ٿيندي ڏٺو. سچل جي گهر جو وڏو دروازو خودڪار هو، جيڪو سندن ڪار لاءِ پاڻ ئي کلي پيو، ۽ پوءِ اندريون دروازو، جيڪو به چاٻي کان سواءِ کلندڙ هو، ٻيو فقط هٿ لڳائڻ سان جهٽ پٽ کلي پيو.
هوءَ سرمد جي پويان هلندي هلندي پٽ کان هيٺئين منزل تي واقع هڪ تجريبگاهه ۾ پهتي، جتي پيل کوڙ سارن ڪٻٽن مان هڪ کي سرمد کوليو ۽ ان مان هڪ شيءِ کي ٻاهر ڪڍيائين. جيڪا ڌاتوءَ مان ٺهيل ڪنهن وڏي ٽنڊڻيءَ جهڙي لڳي رهي هئي،ان ۾ ننڍيون رنگين بتيون لڳل هيون ۽ ان جي لسي مٿاڇري تي ٿورا اڳيان نڪتل مشيني حصا هئا. هن انهن کي اٿلائي پٿلائي ڏٺو ۽ ڪنول کي ان جي هيٺين پاسي لڳل ٽي ڦيٿا ڏيکاريا، پيٽ تي ان جي اکر اڪريل هئا، ”ٽنڊڻي نمبر 3“ سرمد انهي ٽنڊڻيءَ کي فرش تي رکيو. ساڳئي وقت ان جي پيٽ جي هيٺيان لڳل هڪ ننڍڙي بٽڻ کي ڇوهيو. ائين ڇوهڻ سان ٽنڊڻي هڪدم فرش تي ”ڀون ڀون“ جو آواز ڪندي، هيڏانهن هوڏانهن ائين ڦرڻ لڳي، ڄڻ ڪنهن شيءِ کي ڳوليندي هجي. پوءِ هوءَ گهڙيءَ کن لاءِ هڪ هنڌ بيٺي ۽ اتي ٺهي هڪ چوپاسي نقش تي لڳل بجلي جي ساڪيٽ ڏانهن منهن ڪيائين ۽ ساڪيٽ جي اڳيان، هڪ سوراخ مان ڪانٽن جو جوڙو ٻاهر نڪتو. ڀر پاسي کي چڱيءَ ريت جانچي جونچي، ڪانٽن جو جو اهڙو جوڙو ساڪيٽ ۾ فٽ ٿي ويو ۽ ائين فٽ ٿيڻ سان ئي ٽنڊڻيءَ جي جسم تي ٻرندڙ بتين جو رنگ، بدلجي سائو ٿي ويو ۽ منجهانئس ٻلي جي ”ميائون ميائون“ ڪرڻ جهڙو آواز نڪرڻ لڳو.
اهو سڀ ڪجهه ڏسندي ڪنول ان ٽول کي دلچسپي سان سمجهڻ لڳي. ”جهڙو ڪو مشيني جيٽ! ڪيڏو ذهين آهي! پر ان سڀ جو ڇا مطلب آهي؟“
سرمد ڀر واري بينچ تي پيل هڪ مترڪو کنيو ۽ ڪنول کي ڏنو ۽ چيائينس: ”آئون چاهيان ٿو ته تون انهي کي مار!“
”تون ڇا چئي رهيو آهين؟“ ڪنول، ڪجهه دهڪجي، ”مون پاڻ ڪجهه سال اڳ سچل جي حڪم تي ائين ڪيو هو، ۽ اها ڳالهه منهنجي لاءِ ڏاڍي فائديمند ثابت ٿي هئي!“
”ڪيئن؟ تو انهي مان ڇا پرايو؟“
”زندگي ۽ موت جي معنيٰ بابت ڪجهه ڄاتم.“ ڪنول شڪي نگاهن سان سرمد کي ڏسندي رهي. ”انهيءَ حيوان نما مشين کي پنهنجي بچاءُ جو ڪوبه واهه وسيلو ڪونهي. جيڪو توکي ڪو ايذاءُ يا اهنج رسائي.“ هن کيس پڪ ڏياري.
”رڳو جڏهن تون انهي جي پٺيان ڀڄين، ته اهو ڌيان ڪج ته ڪمري ۾ ٻي ڪنهن شيءِ سان ٽڪرجي نه پوين!“ائين چئي هن ڪنول کي هٿ ۾ مترڪو ڏنو.
مترڪو جهليندي، آزمودي خاطر هوءَ اڳتي وڌي. ٻانهن مٿي کنيائين ۽ هڪ پاسي پاسيرو بيهي انهي ”ميائون ميائون“ ڪندڙ عجيب مشين کي ڏسڻ لڳي. پوءِ هوءَ انهي ڏانهن وڌي ۽ ان تي مترڪوا لاريائين... ”پر... هي ته کائڻ پئي اچي“. ان سرمد ڏانهن مڙندي چيو.
هو کليو، ڪنول کي کار آئي، سو ٻنهي هٿن سان مترڪو جهلي، ۽ تڪي ٽنڊڻيءَ کي ڏاڍي زور سان وهائي ڪڍيائين. ٽنڊڻي، منهن کولي ڊپ ڀريل تيز رڙ ڪئي ۽ هڪدم پٺتي هٽي وئي، مترڪو وڃي فرش جي ٽائل جي هڪ حصي کي لڳو ۽ ان تي ڌڪ جو نشان جڙي پيو! ڪنول ڏسندي رهي، سرمد کلي رهيو هو. مشين ٻه ميٽر کن اڳتي وڃي بيهي رهي ۽ اک ٽيٽ ڪري ڪنول کي ڏسڻ لڳي. ”نه!“ ڪنول جي دل ۾ آيو، ”ها مون کي ڪانه ٿي تڪي!“ ڪنول پنهنجي پاڻ تي چڙ کائيندي مترڪو مضبوط سان جهليو ۽ پير پير ۾ ڏئي، خبرداريءَ سان ٽنڊڻيءَ ڏانهن اڳتي وڌڻ لڳي. ٽنڊڻي پوئتي هٽي، ان جي منهڙائين حصي تي لڳل ٻه ڳاڙهيون بتيون لڳل ڀڳ انساني دماغ جي الفا لهرن جهڙي تيزيءَ سان ڪڏهن تيز روشن ته ڪڏهن جهڪيون ٿي ٽمڪڻ لڳيون، ڪنول جهٽ هڻي مٿس مترڪو الاريو، پر ڌڪ وري به گسي ويو.
ڏهن منٽن کان پوءِ هوءَ سرمد تي ڦونڊجندي ۽ سهڪندي واپس وري. سندس جسم جا ڪپڙا ڪيترن هنڌن تان رهنڊيل، رهڙيل ۽ واڳيل هئا. ڇو ته هن ڪڏهن هت، ڪڏهن هت، ڪڏهن هڪ بينچ، ڪڏهن ٻيءَ بينچ هيٺان لڪل ۽ ڪڏهن ٻاهر نڪري آيل مشيني ٽنڊڻيءَ کي ٿي هنيا ۽ پاڻ ٿاٻا کاڌا ۽ ڪپڙا ٿي ڦاڙايا! کيس مٿي ۾ سور پئجي ويو هو. سهڪندي چيائين، ”هي ته بلڪل ائين آهي، ڄڻ ڪو وڏو ڪوئو هجي، جنهن کي ڊوڙائي جهلجي! هن جون بيٽريون ڪڏهن ختم به ٿينديون آهن يا نه؟“
سرمد پنهنجي گهڙيءَ تي نظر وڌي ۽ چيو، ”منهنجو خيال آهي ته اها اڃا به اڌ ڪلاڪ کن ائين ئي رهندي، پر شرط اهو آهي ته تون کيس ائين ئي مصروف رکندي اچين.“ هن بينچ هيٺان اشارو ڪندي چيو، جتي انهي ”حيوان“ جي ٻچيءَ بجلي جو هڪ ٻيو ساڪٽ کولي ورتو هو، ”پر انهي کي ماٺ ڪرائڻ جو هڪ آسان طريقو به آهي.“
”آئون اهو ڄاڻڻ ٿي گهران!“
”مترڪو هيٺ رک ۽ وڌي هن کي هٿ ۾ کڻي وٺ!“
”ڇا...! بس، ائين ئي ان کي کڻي وٺان؟“
”ها، اها فقط پنهنجي ڪنهن هم جنس کان ئي خطرو محسوس ڪري ٿي، جيئن، هاڻي تون هن تي لوهه جو مترڪو الارين ٿي ته اها ان لوهه مان خطرو محسوس ڪري ٿي، هن ۾ اهڙي سٽاءَ رکيل آهي، جو اها فقط لوهي هٿيار کان خالي هٿين گوشت پوست واريءَ ٻي شيءِ تي اعتبار ڪري ٿي.“
ڪنول مترڪو بينچ تي رکيو ۽ آهستي آهستي ان ڏانهن هلڻ لڳي. لوهه جي ٺهيل ٽنڊڻيءَ ڪابه چرپر نه ڪئي. ان جو ميائون ميائون جو آواز اچڻ به بند ٿي ويو. ان جون جهڪيون ٿيل بتيون ڌيري ڌيري جهڪيون ٿيڻ لڳيون.
ڪنول هيٺ جهڪي، ڏڪندي ، ٽنڊڻي کي هٿ لاٿو، ٽنڊڻيءَ جي ڪوسي بت جي ڪومل ڏڪڻي محسوس ٿيس. هري هري ڪري ان کي ٻنهي هٿن سان کنيائين. ان جون بتيون هاڻي بلڪل صاف سائي رنگ ۾ بدلجي ويون هيون. ڪنول ان جي ڌاتو جي کل جي هڪ فرحت بخش گرمائش محسوس ڪرڻ لڳي، ان جي موٽرن جي هلڪي سرسر ٻڌڻ ۾ پئي آئي، ”هاڻ آئون هن بيوقوف شيءِ کي ڪيڏانهن ڪريان؟“ هن چڙندي چيو.
سرمد صلاح ڏيندي چيس، ”هاڻي تون انهيءَ کي بينچ تي پٺي ڀر ليٽائي ڇڏ، انهيءَ حالت ۾ اها بلڪل بيوس ٿي پوندي ۽ تون سولائي سان ڦيهي سگهندينءَ.“
”هاڻي، خالي هٿين هن سان آئون سڀ ڪجهه ڪري سگهان ٿي.“ ڪنول چپن ۾ ڀڻڪندي چيو ۽ سرمد جي صلاح تي عمل ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري اڳتي وڌي، پوءِ ان جيئن ئي ان کي ليٽائي اونڌو ڪري، هيٺ فرش تي رکيو، ته ان جون بتيون ڳاڙهيون ٿي ويون ۽ ان جا ڦيٿا آهستي آهستي ڦري ڦري بيهي رهيا. هن کي پوءِ ٻيهر مترڪو ٺهڪايائين، اڌو گابري ڌڪ سان ان جو هڪ ڦيٿو ضايع ٿي ويو ۽ هوءَءِ اٿلي ٻيهر سنئين ٿي پئي، نقصان پهتل ڦيٿي واري هنڌان ڌاتوءَ جي پرزي مان آواز نڪتو ۽ هوءَ گول دائري ۾ ڦيراٽيون پائڻ لڳي، ان جي پيٽ هيٺيان ٽڙڪاٽ جا آواز نڪتا، مشين هئي سا بيهي رهي ۽ بتيون آخرڪار اجهامڻ تي اچي بيٺيس. ڪنول پنهنجا چپ ڀيڙيا ۽ آخري وار ڪرڻ لاءِ مترڪو مٿي کنيائين، پر جيئن ئي هن ائين ڪيو، ته ان اڌ مئي شيءِ مان هڪ آواز نڪتو، هڪ ڪومل رڙ جا ڪنهن ٻار وانگر ڪنجهڪڻ جيان لڳي رهي هئي. ڪنول حيرت ۾ وٺجي مترڪو ڦٽو ڪيو ۽ پٺتي هٽي بيٺي. سندس اکيون ميز تي ٽميل تيل جي ٻڙي تي کپي ويون، کيس ائين لڳو، ڄڻ ان مخلوق مان ڪو رت وهي نڪتو هجي، هن سرمد کي هيبت وچان ڏٺو.
”اها ته... اها ته...“ ”فقط هڪ مشين آهي،“ سرمد هاڻي سنجيدگي سان چيس، ”انهي وانگر ان جا ٻيا ڪيترائي ارتقايل ”ابا ڏاڏا“ به موجود آهن. هن ورڪشاپ ۾ سندس چوڌاري پيل بي زبان ۽ هيسيل نظر ايندڙ ”مشين“ جي قطار ڏانهن اشارو ڪيو.
”پر انهن جي ابتڙ هيءَ پنهنجو موت محسوس ڪري سگهي ٿي ۽ اڃا به واهر لاءِ پئي دانهين! انهيءَ کي بند ڪر!“ هن چيو، سرمد ميز ڏانهن وڌيو، ۽ توانائي مهيا ڪندڙ ننڍڙي بٽڻ کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين.
”لڳي ٿو تو ان کي ٻٽي ڇڏيو آهي.“ هن پٽ تي ڪريل مترڪو کنيو، ”پڇاڙي ۾ ان کي هڪڙو ئي موتمار ڌڪ هڻي پوري ڪري ڇڏڻ گهرنديئنءَ!“ جيئن ئي سرمد مترڪو مٿي کنيو، ته ڪنول ڪنڌ سان نهڪر ڪندي، پٺتي هٽي بيٺي.
”تون ئي ان کي ٺيڪ ڪر...؟“ انهي ئي دم هڪ مختصر ٽڙڪاٽ ٿيو، ڪنول ڇرڪي ڪنڌ ورائي ڇڏيو، روڄ راڙو بند ٿيو، هو ٻئي خاموشيءَ سان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڏاڪا چڙهڻ لڳا.
(انگريزيءَ تان ترجمون ٿيل)

پرستش مردن جي ۽ زندن جي
عام طور ائين چيو ٿو وڃي ته اسان جو سنڌي سماج مرده پرست آهي. ان مان هيءُ به مطلب ٿو نڪري ته اهو زنده پرست هجي ته چڱو، يا زنده پرست به هجي ته چڱو! هونئن پرستش پنهنجيءَ جاءِ تي اهڙي ڪا چڱي شيءِ به ڪانهي، جو ان لاءِ افسوس ڪجي ته اها مردن لاءِ، يا زندن لاءِ، يا ٻنهي لاءِ، ڇو نه آهي! ڇو ته پرستش يا پوڄا نه فقط غلاميءَ جي نشاني آهي، پر خود غلامي آهي ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته اڄ اسين، يعني اسان جو سنڌي سماج، غلام ئي آهي نه رڳو مردن جو پر مردن کان وڌيڪ زندن جو. در حقيقت، جي اسان جو سنڌي سماج مرده پرست به آهي، ته اهو رڳو انهيءَ لاءِ ته ان سان اسان وٽ زنده پرستيءَ جو جواز يا سبب موجود رهي. تيئن بتن جي پوڄا ۾ ڪنهن پنڊت، پروهت يا ان جي ڪنهن جيئري مهاٻلي ان داتا جو مفاد لڪل هوندو آهي، تئين هر غيب يا غالب عجوبي جي پرستش ۾ پڻ ڪنهن حاضر اقتدار ۽ آقائيت جي پرستش ۽ غلاميءَ جو بنياد يا راز موجود هوندو آهي.
ائين هر پرستش، پوءِ اها بتن جي هجي، مردن جي هجي، ماضيءَ جي يا ڪنهن غيب يا غائب شيءِ جي هجي ڇو ته مردا ۽ ماضي به غائب آهن ۽ غيب جي ئي صورت ۾ آهن. مطلب ته هر پرستش پنهنجي نتيجي ۽ اثر ۾ زندن جي پرستش آهي. حاضر زندن جي، يعني جيئرن شخصن جي، وس وارن ۽ وسيلن جي صاحبن جي، صاحب اقتدار شخصن جي، ۽ انهيءَ ڪري اسين، جو مرده پرست مشهور آهيون، سو اسان جي مرده پرستي يا خود زنده پرستي، خالص شخص پرستي آهي. ۽ اسان جو سماج درحقيقت شخص پرست سماج آهي ڇو ته ان ۾ هر هنڌ رڳو شخص جي ثنا ٿئي ٿي، شخص کي ٻڌائجي ٿو، شخص جي بندگي، ان جي ذات جي بندگي ٿئي ٿي. ۽ ان جي ٺلهي نالي جي مالها جپجي ٿي ۽ ان جي خيالن، عادتن ۽ عملن جو ان ۾ دخل نٿو رهي. اسان وٽ هٿ ٻڌجن ٿا. سائين سائين ڪجي ٿو. ليلائجي ٿو ۽ ائين جيڪي ماڻهن کان مٿڀرا ماڻهو آهن انهن کان سڀڪجهه گهرجي ٿو. بلڪ انهن جو ماڻهو ٿيڻو پوي ٿو. انهن کان ڊڄجي ۽ ڪنبجي ٿو وڏيري کان ۽ سردار کان، شيخ ۽ ڀوپي کان ۽ پير، فقير، درويش کان، حاڪم کان، ۽ حاڪم کان وڌيڪ حاڪم جي پٺي يعني ان جي عام مختار کان، ۽ انهن جي سڄي سماجي ۽ سياسي مانڊاڻ کان، جيڪو هنن پنهنجي بچاءَ لاءِ ۽ پنهنجي عمل ۽ اختيار جي بساط طور پنهنجي چوڌاري اڏيو آهي. ۽ اسان مان جيڪي به ”صاحب“ يا ڪامورا يعني ”ڪم“ وارا، عملدار، سڏجن ٿا، اهي به انهن جي ان مانڊاڻ جا ئي هٿ ٻڌا نوڪر آهن، انهن جي ان بساط جا ئي مهرا آهن. هونئن اهي پاڻ به پنهنجي هر ”زيردست“ جا ”بالاست“ ئي آهن. انهيءَ طرح انساني مساوات، خوداعتماديءَ ۽ بي خوفائي اسان ۾ ڪانهي، اسين پاڻ کي هيڻو ۽ هيچ ٿا سمجهون ۽ چئون ٿا، ”اسان ۾ رکيو ئي ڇاهي!“ ۽ سڀ ڪجهه واقعي هو ٻيا آهن، جيڪي اسان کان مٿڀرا آهن: هو جيڪي ائين آهن تن کي اسين پڄي به نٿا سگهون، تن جي آڏو اسان جا چپ سبيل رهن ٿا ۽ اسين ڪڇي به نٿا سگهون، هو اسان تي آڪڙجن ٿا، اسان تي آڪڙبا آهن، ۽ رڳو پاڻ ڀرڻ ۽ پاڻ سکي رکڻ ۾ پورا آهن. ۽ ان لاءِ رڳو غيب وٽ جوابدار آهن يا قبول پيل پهرئين درجي جي غلامي وانگر پنهنجن انهن مهاٻلي آقائن وٽ جيڪي اسان وٽ هتي پنهنجي اندروني بيٺڪيت قائم ڪيو ويٺا آهن. ائين اسان جو سنڌي سماج سچ پچ ته اڄ غلامن جي غلامن جو هڪ غلام سماج آهي.
۽ هيڏانهن اسين اديب ۽ شاعر ۽ عالم، جن جو فرض هو ته اسين انهن پنهنجين مرده پرستن ۽ زنده پرستن جي بنيادن کي اکوڙيون ۽ انهن جي تهه ۾ جيڪو ڪوڙ لڪل هو تنهن کي پڌرو ڪيون، ۽ انهن جي سماجي ۽ سياسي مانڊاڻن جو اونهو مطالعو ڪيون. ۽ انهن جي اصل فريب کان پنهنجي ويساهه وسوڙيل، ڏتڙيل ۽ ڏکويل سماج کي واقف ڪريون ته جيئن هو پاڻ کي سڃاڻي، ۽ پاڻ ۾ ڀروسو پيدا ڪري، ۽ پنهنجي قسمت جو پاڻ ڌڻي ٿئي... ان سڀ جي بدران اسين آهيون. جو نون نون درگاهن، آستانن ۽ مرده پرستن جي پيدا ڪرڻ ۾ پورا آهيون ۽ انهيءَ ارمان ۾ ڳري رهيا آهيون ته افسوس، جو اسين فقط مرده پرست آهيون. زنده پرست ڇو نه آهيون!
اصل ۾، هيءَ اسان لاءِ مرده يا زنده پرستي جي وچ ۾ مقابلي جي ڳالهه ڪانهي، هيءَ ڳالهه اسان لاءِ پنهنجي غلاميءَ کي سڃاڻڻ ۽ ان مان پنهنجي جان ڇڏائڻ جي آهي. برابر اسين نه مردن مان نه زندن مان، نه ماضيءَ جي ”قبول پيلن،“ ”رحمت ڪيلن“ ۽ ”سلام پاتلن“ مان، ۽ نه حال جي ”مولانائن“ ۽ ”مرشدن“ ۽ ”مالڪن“ مان ترت جان ڇڏائي ٿا سگهون پر اسين انهن جي پرستش ۽ پوڄا مان، انهن جي بت پرستيءَ مان، جان ڇڏائي سگهون ٿا، اسين انهن کي انهن جي اصليت ۾ سڃاڻي سگهون ٿا. ڇو ته پوڄا ۽ پيار، پرستش ۽ پيرويءَ، بت پرستيء ۽ قدردانيءَ ۾ به فرق ٿئي ٿو. ڪنهن خيال ڪنهن شيءِ. ڪنهن ماڻهوءَ جي گڻ اوگڻ، ڪمائيءَ نڪمائيءَ ۽ چڱائيءَ مٺائيءَ کي، يعني ان جي افاديت کي، ان جي وٿ کي، خيال ۾ نه آڻيندي، ان جي پرک نه رکندي ۽ ان جي ڪنهن موهوم يا غير موهوم چڱائيءَ جي حاصلات لاءِ خود جاکوڙنه ڪندي، رڳو ان جي نالي جو ويهي جپ ڪرڻ، ۽ ان جي چوڌاري بيهي ڦيريون پائڻ يا آڏو ويهي چپٽيون وڄائڻ ۽ مٿا ٽيڪ ڪرڻ ۽ ائين سمجهڻ ته ائين اسان جي هر حاجت روائي ٿي ويندي ۽ ان جي هر اها مرهوم يا غير مرهوم چڱائي ۽ فضيلت اسان کي حاصل آهي يا حاصل ٿي ويندي،. اها بت پرستي آهي. اها ان خيال، ان شيءِ، ان ماڻهوءَ جي پوڄا آهي، اهو ان جو پيار، اها ان جي پيروي يا قدرداني ڪانهي چاهي اهو ماڻهو، اها شيءِ، اهو خيال ڪير به هجي ڇا به هجي ۽ ڪهڙو به هجي.
سنڌي سماج، جو ڪجهه به اهو اڄ آهي.، ان مان اسين مطمئن نه آهيون، اسين ان ۾ تبديلي ڏسڻ چاهيون ٿا، اسين چاهيون ٿا ته ان ۾ آزادي هجي.، جهموريت هجي ۽ سماجي انصاف هجي.
ان لاءِ اسين ڇا ٿا ڪري سگهون؟
برابر، دعائون به گهري سگهون ٿا، سرڪار کي منٿون به ڪري سگهون ٿا، سرڪار ۽ سماج جي ٿلهن ٿنڀرن ملن، پيرن ۽ ”وڏيرن“ کان بيک به پني سگهون ٿا. ۽ هيستائين اسان ائين ئي پئي ڪيو آهي. پوءِ ڇا آزاد ٿيا آهيون. اسان جي عزت وڌي آهي، اسين سکيا ٿيا آهيون؟ جي نه، ته هاڻي اسان کي ڳالهه کي سمجهڻ گهرجي. دعائن سان، منٿن سان، بيک گهرڻ سان ڪجهه نٿو ٿئي ۽ نه ڪجهه ٿيڻو آهي ڇو ته سڀني ڏاهن جو، سڀني ڪتابن جو ۽ سڄيءَ تاريخ جو چوڻ آهي ته ”انسان کي ڪوشش کان سواءِ ڪجهه نٿو ملي.“ ۽ ”قومون جيسين پنهنجي حالت کي بدلائڻ جي پاڻ ڪوشش نٿيون ڪن تيسين سندن حالت نٿي بدلجي.“
دراصل دنيا جو انسان سان واسطو آهي ۽ دنيا انسان جو ذمو آهي، اقتدار جو اصل مالڪ خدا آهي ”ائين چوڻ سان انسان، يعني اسين، پنهنجي ذميداريءَ کان آجا ٿي ڪونه ٿا وڃون. اهي جيڪي ائين چئي اقتدار جا مالڪ بڻجي ويهن ٿا، اهي رڳو ڌرتيءَ تي خدائون بڻجي ويهڻ گهرن ٿا ۽ کين ايتري پڌري ڳالهه به مغز ۾ نٿي ويهي ته جيڪڏهن خدائي اقتدار جا پاڻ دارا بڻجي سگهن ٿا، ته ٻيا انسان به ڇو نه ان جي دارائيءَ جي دعوا ڪن... ڇو ته خدا جي وحداني نظريي ۾ ڪوبه مخصوص انسان، ۽ ڪي به مخصوص انسان، خدا جا ڌريان ئي ڌڻيل يا پيشگي منتخب ٿيل ڪونهن. ۽ اهو ئي اصل ۾ ناقابل ترديد تاريخي بنياد اڏيل آهي آقائيت جي خلاف بغاوت جو جهموريت جو، مساوات ۽ آزاديءَ جو، يعني اقتدار جي انساني منتقليءَ يا ڏي وٺ جو ۽ پڻ ان جي انساني استعمال جو، ”شورائيت“ يا ”سوراڪرسي“ يا ”شوريگ“ ۾ اقتدار جي انساني منتقلي جو اصول يا ڏس موجود ڪونهي محض شورا يا شورائيت آمريت ڏانهن اقتدار جي غاصبيت ڏانهن ئي نيئي سگهي ٿي. محض ”شورائيت“ ارضي اقائيت جي پيڙهه جو پٿر به ٿي سگهي ٿي ۽ ان جي حفاظت لاءِ هڪ مضبوط قلعو به: ان جي برخلاف، جهموريت هر صورت ۾ ۽ هر طرح ارضي اقائيت جو ضد آهي. هر غاصب اقتدار غصب ڪرڻ لاءِ پنهنجي رفيقن سان مشورت ڪري ٿو ۽ اهي ان جي شورا آهن ۽ ان کان پوءِ هو پنهنجي پسند جي اهڙي ئي شورا قائم ڪري پنهنجي اقتدار جو تاحيات بچاءُ به ڪري سگهي ٿو. شورو ڪرسي ائين آهي، ڊيموڪرسي ائين نه آهي. ڊيموڪرسي، ڊيموڪرسيءَ ڏانهن نئي ٿي، جهموريت جهموريت ڏانهن نئي ٿي ڇو ته ان ۾ اصل ۽ صحيح شورا به آهي ۽ شورا جي شوران سان تبديل جي انساني يعني اجتماعي رضا تي مبني واٽ به آهي ڇو ته ان ۾ پرستش ڪانهي. مردن جي توڙي زندن جي، يعني ان ۾ شخص پرستي ڪانهي، ان ۾ شخص يا شخصن جي غلامي يعني ان ۾ ارضي آقائيت جي گنجائش ڪانهي.
جهموريت کان محروم پنهنجي مجبور ملڪ لبنان کي اهڙيءَ ئي اڌينتا ۾ ورتل حالت ۾ ڏسندي، خليل جبران چيو هو.
هو مون کي چون ٿا
”جي تون غلام ستل ڏسين، ته ان کي نه جاڳاءِ،
”ممڪن آهي ته هو آزاديءَ جو خواب ڏسندو هجي!“
آءٌ انهن کي چوان ٿو:
”جي اوهين ڪو غلام ستل ڏسو ته ان کي جاڳايو.“
”۽ هن کي آزاديءَ جي ڳالهه ٻڌايو!“
خليل جبران پنهنجي هموطنين کي، اسان وانگر، پنهنجن ۽ پراون، مردن ۽ زندن، جي پوڄا پاٺ ۽ پرستش ۾ محو ڏسندي ۽ انهن جي پوئلڳي ۽ ٻانهپ ۾ هڪٻين سان مقابلي بازيون ۽ شرطون پڄائيندي ڏسي، انهن کي چيو هو_
”اي منهنجا هموطون!
”مون کان اوهين ڇا ٿا گهرو؟
”اوهين چاهيو ٿا ته آءٌ اوهان سان
”لفظن جي عظيم محل اڏڻ جو ڪوڙو واعدو ڪريان!
”۽ پڻ پوڄا گهرن جي اڏڻ جو، جن تي خوابن جون ڇتيون وڌل هجن!
”پر عزيزو!
”زندگي زندگي آهي
”جوانيءَ جو ارادو
”ڦوهه وهيءَ جي جاکوڙ
”۽ پيرسنيءَ جي ڏاهپ!
”پر توهين منهنجا ساده دل معصوم هموطنو!
”پوڙها ۽ ڪمزور ڄاوا_
”وڏي مغز ۽ گهنج گهنج ٿيل چمڙيءَ سان.
”اوهين وڌي ٻار ٿي پيا آهيو
”۽ هڪٻين تي پٿرن اڇلائڻ ۾ پورا آهيو!“
ڪاش، ڪوئي خليل جبران هجي، جو اڳتي وڌي، اسان پرستارن کي اڄ انهن ئي لفظن ۾ مخاطب ٿئي اسين جيڪي پرستش تي ناز ٿا ڪريون ۽ پراون لاءِ هٿن ۾ گل جهلي ٿا بيهون ۽ پنهنجي لاءِ پٿر!
(1984ع)

انسان شين جي دنيا ۾
وڌندڙ ضرورتون ڄڻ ته هڪ چڙهندڙ ڏاڪڻ مثل آهن. ان ڏاڪڻ جي هيٺين ڏاڪن تي بنيادي يا حياتياتي ضرورتون آهن، جيڪي ماڻهوءَ جي طبعياتي فطرت جي ڪري پيدا ٿينديون آهن. انهن کان مٿي جا ڏاڪا سٺي ڪپڙي لٽي، سٺي کاڌي پيتي، گهرو آسائش ۽ صحت جي سارسنڀال جا هوندا آهن. انهن کان به مٿانهان ڏاڪا اعليٰ ضرورتن، جهڙوڪ ذهني خوراڪ، تخليقي ڪمن، انساني عظمت جي تسليميءَ سان لاڳاپيل فرد جي هر طرفيءَ تهذيبي اوسر ۽ سماجي انصاف ۽ اخلاق جي سلسلي جا هوندا آهن.
ضرورتن جي اهڙيءَ ريت ئي اوسر ٿي آهي، پر ان جو سلسلو ڏاڍو منجهيل ۽ متضاد آهي.
دستور آهي ته ماڻهو ننڍي هوندي جيڪي قدر قبولي ٿو، انهن مطابق ئي سندس هلت چلت ٺهي ٿي ۽ رهي ٿي. هو پوءِ اهي ئي بيٺل ۽ قائم ٿيل رسمون يا رهت سهت جا نمونا پنهنجي نئين نسل لاءِ ڇڏي ويندو آهي، ۽ ائين هڪ نسل نه پر ڪيترن نسلن کان پوءِ اهڙين عادتن ۾ ڪنهن قدر ٿورو يا ڪڏهن ڪو بنيادي ڦيرو ٿيڻ ممڪن ٿي سگهندو آهي، مثال طور، کاڌي جي عادت کي ڏسو، صديون اڳ صورت هيءَ هئي ته روايت، مذهب ۽ مجبوري جي اثر هيٺ ڪافي ڪي ڏينهن کاڌي کان پرهيز ٿيندي هئي ۽ ٿورائي ٻيا ڪي ڏينهن دعوتن، جشنن ۽ خوب کاڌن پيتن ۾ گذرندا هئا. ٻيو ته سڀ خلق جي وڏي اڪثريت صبح کان شام تائين جسماني پورهئي ۾ رڌل رهندي پئي آئي مطلب ته گهڻو کاڌو يا وڌيڪ کائڻ هڪ سماجي مسئلو نه هو. اڄ جي ان نئين اصلاح ”گهڻو کاڌو،“ ”وڌيڪ کاڌو“ جو تصور به ڪونه هوندو هو. ضروت کان وڌيڪ کائڻ جي ڪري جيڪي خوفناڪ ۽ هاڃيڪار نتيجا نڪرن ٿا. اهي هن زماني ۾ ئي ظاهر ٿيا آهن.
اڄ سخت ۽ گهڻي جسماني پورهئي جي گهاڻي کان جيئن پوءِ تيئن انسان آجو ٿيندو ٿو وڃي. ۽ هر هنڌ دنيا ۾، ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته هن تان اهو ڳهه ڳهان جو بار وڌ ۾ وڌ هلڪو ٿئي ۽ وڌ ۾ وڌ هن کي فرصت جو موقعو ملي ته جيئن هو سوچي سگهي. پڙهي لکي سگهي،. زندگيءَ جو سچو لطف ماڻي سگهي ۽ پنهنجي انسانيت جا قدر سڃاڻي ۽ وڌيڪ اوچا ڪري سگهي.
اسان وٽ به شهرن توڙي ٻهراڙيءَ ۾ ڪي سکيا ستابا ۽ شاهوڪار ماڻهو گهڻو وقت واندو ويهي گذارين ٿا، ۽ نکمڻائيءَ ۾ بسترن، ڪرسين ۽ ڪوچن تي ليٽي ليٽي ۽ پاسا ورائي فضول وقت ڪاٽين ٿا. پر اها مفت جي فرصت، ائين بيڪار ۽ بيسود وڃائي ڇڏڻ هڪ غير فطري ڳالهه آهي. انهن مان تمام ٿورا ڪي ماڻهو آهن جيڪي رڳو پنڌ ڪري، ڊوڙون پائي رانديون روندين ڪري به بت جي ان سستيءَ مان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، ۽ ساڳئي وقت اهي ئي ماڻهو ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا صبح، ٻپهر ۽ شام ۽ پڻ وچ وچ ۾ ايترو ته کائي پيٽ کي ڏيندا آهن. جو پيا اوڳرايون ۽ ڏڪارون ڏيندا آهن. پوءِ اهڙن ماڻهن ۾ ٿولهه به وڌي ويندي آهي ۽ پنهنجو ڳرو بت پاڻ سان کڻي هلڻ به هنن لاءِ مشڪل بڻجي ويندو آهي.
دنيا ۾ هيءُ ٿولهه جو پهريون حملو آباديءَ جي ويهين حصي تي (جيئن اسان وٽ ۽ ٻين غريب ۽ پوئتي پيل ملڪن ۾). ۽ پوءِ (جيئن اسان جي خاص طرح وڏن شهرن يا ٻين شاهوڪار ملڪن ۽ سماجن ۾) ڏهين حصي تي، پنجين حصي تي ۽ پوءِ سڄي ساري چوٿين يا ان کان به وڌيڪ حصي تي ٿئي ٿو جنهن جو دارومدار گهڻيءَ هوند تي ۽ گهٽ ڪم يا بلڪل نکمڻائيءَ ۾ ويهي گهڻي کائڻ تي هوندو آهي. ان حصي ۽ حساب سان، مالدارن جي ٻارن کي به گهرن ۾ سندن جسماني ضرورت کان وڌيڪ کاڌو ملي ٿو. ڇو ته هو جيئن ٻين ڳالهين ۾ تيئن کاڌي کائڻ ۾ به، پنهنجن گهڻ کائو ۽ ٽوٽي وڏن جي مثال تي هلن ٿا. گهڻي کاڌي ۽ گهٽ ڪم ڪري اها ٿولهه وچينءَ عمر ۽ خاص ڪري وڏيءَ عمر جي ماڻهن ۾ خوفناڪ بيمارين جو ڪارڻ ٿئي ٿي. جن جي ڪري اهي پنهنجي وقت کان اڳ گذاريو وڃن. ٻي ڳالهه ته اها ٿولهه پوءِ موروثي آزار به بڻجي ٿي.
هاڻي وري هڪ ٻئي رسمي طريقي کي وٺو. اهو هيءُ ته ماڻهوءَ لاءِ هڪ وقت هڪ وڳي کان وڌيڪ وڳا پائڻ واقعي هڪ ڏکيو ڪم آهي! ساڳيءَ طرح هڪ وقت ماڻهوءَ لاءِ هڪ جوڙي جتيءَ کان وڌيڪ پائڻ ته بلڪل اڻٿيڻي ڳالهه آهي! انهيءَ هوندي به ماڻهن ۾ ضرورت کان وڌيڪ ڪپڙن ۽ بوٽن جي جوڙن جي وڏي تانگهه ۽ وڏو قدر پئي رهيو آهي. هن گهڻ پوشاڪيءَ ۽ خوشپوشاڪيءَ جي اوسر ۾ به صدين جو عرصو گذريو آهي ۽ اها عادت انسانن جي خود پسند حصي ۾ ۽ خاص طرح وري به هوند وارن ماڻهن ۾، ائين هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين. پهچندي ۽ وڌندي رهي آهي. ۽ اڄ انهن مان شايد ئي ڪو فرد هجي، جو هر هفتي ان طرح جي پهرڻ ۽ واپرائڻ لاءِ ڪا نئين شيءِ خريد نه ڪندو هجي! ائين هو هڪٻئي پٺيان پنهنجا ڪٻٽ، پيتيون ۽ وارڊروب شين سان ڀريندا ۽ سٿيندا ويندا آهن، هن قسم جي ماڻهن وٽ رڳو سندن بوٽن جا جوڙا، ڳچيءَ ۾ ٻڌڻ لاءِ ٽائيون ۽ ڪن وٽ رڳو هلڻ مهل هٿ ۾ کڻڻ لاءِ لڪڻ گڏ ٿيل، سون جي تعداد ۾، ڏسبا آهن ته حيرت وٺي ويندي آهي ته واري سان ڪنهن وڳي پهرڻ، ڪنهن جوڙي بوٽن کي پائڻ، ڪنهن ٽاءِ ٻڌڻ يا ڪنهن هڪ لڪڻ کي هٿ ۾ کڻڻ جو وجهه گهڻن ڏينهن، هفتن يا مهينن کان پوءِ هنن کي ملندو هوندو!
وري شهرن ۾ گهرن (فلئٽن ۽ بنگلن) کي جهڙيءَ طرح ماڻهو ٺاهين ۽ سينگارين ٿا ۽ سامان سان ڀرين ٿا، ان کي ڏسي، لڳندو آهي ته اهي گهر ٺاهيا ئي سامان لاءِ ويا هئا. يعني ان لاءِ ته ماڻهو اتي نه رهن. پر سندن سامان ئي فقط اتي رهي ۽ سامان جا ئي اهي گدام هجن! ڳالهه رڳي نماءُ يا ڏيکاءَ يا گهرن سينگارڻ کان به مٿي چڙهي وڃي ٿي. ٻين جي ريس تي، بلڪ هڪٻئي جي سلسلي ۾، عام سهپ کان، گهرن ۾ غير ضروري ۽ اجاين شين جا ائين ڍيرن تي ڍير ڪيا وڃن ٿا ۽ ائين سمجهيو وڃي ٿو ته انهن مان سندن ترقيءَ، ڪاميابيءَ ۽ وڏ ماڻهپ جي خبر پوي ٿي.
پڪ آهي ته وقت گذرڻ سان جيڪا انسان پسند سوچ پيدا ٿيندي ۽ جيڪي اجتماعي سک ۽ سهوليت ڏيندڙ سماجي تبديليون اينديون، انهن جي اثر هيٺ غير ضروري گهرجون (جن کي ٺلهو حرص ۽ ٽرڙائپ ئي چئجي ته چڱو) آهستي آهستي گهٽبيون وينديون ۽ ٿورن نسلن کان پوءِ مهذب سماج ۽ مهذب گهرن ۾ انهن جو نالو نشان به باقي نه هوندو. مهانگي ۽ جهجهي کاڌي ۽ هڪ ئي وقت قسمن قسمن جي کاڌي ۽ نئين پوشاڪ ۽ پوشاڪن مٿان پوشاڪ، فضول کان فضول قيمتي سينگاريل ۽ سامانن مٿان سامان سان ڀريل گهر وغيره کي پوءِ ڪا خاص ڳالهه نه سمجهيو ويندو، بلڪ اهي ڳالهيون سکڻن ماڻهن، تنگدل ۽ حرص سان ڀريل ماڻهن ۽ خسيس ۽ خالي ماڻهن جون ئي فقط نشانيون شمار ٿينديون ۽ ان جي بدران ماڻهو عام صحت تي ڌيان ڏيندا، ماڻهن سان ماڻهو ٿي هلندا ۽ هڪٻئي کان مٿڀرائي ۽ هڪٻئي سان سينه ڪشيءَ کي غير انساني روش سمجهندا، پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ خوشي ۽ فخر محسوس ڪندا، موڪلون ماڻيندا، پاڻ وندرائيندا، پنهنجي انسانيت کي اڀاريندڙ ڳالهين ٻڌڻ ٻڌائڻ ۾، خوشي محسوس ڪندا، پاڻ سڃاڻندا، ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي انسانيت جو شرف ۽ منصب سمجهي، سڀني کي ۽ سڀني جي انسانيت جي شرف ۽ شان کي سڃاڻندا ۽ ان جو ئي احترام ڪندا.
دراصل گهڻ خرچائو مالدار ۽ خوشحال گهرن ۾ ڏٺو ويو آهي ته اهي رڳو خريداريءَ جي شوق ۾ ئي هڄندا رهن ٿا ايتري قدر، جو هو پنهنجي زندگيءَ جي عام گهرجن ۽ اصلي ضرورتن کي به اڪثر وساري ويهن ٿا. ان مان ته بيوقوفيءَ جي حد تائين سندن شين جي چاهت ئي ظاهر ٿئي ٿي، ۽ معلوم ٿئي ٿو ته هو شين کي ئي زندگي سمجهن ٿا! خريداريءَ جي هن غير معقول شوق جي تهه ۾ ٺلهي فيشن جي رڃ جي ڪشش ئي موجود ڏسجي ٿي. سرمائيداري سماج، جنهن ۾ دولت جا انبار آباديءَ جي اڻڪمائيندڙ حصي وٽ ئي وڃي جمع ٿين ٿا ۽ ان ڪري ئي، انهيءَ ئي دولت کي ”اڻ ڪمايل دولت“ سڏجي ٿو. فيشن جي ان واڃ کي ئي شين جي لاڳيتي ۽ اڻ کٽ گهرج جو هڪ ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي ڇو ته آباديءَ جو اهو حصو محض کپتڪار حصو آهي ۽ ان جو سواءِ کپتڪاريءَ جي ٻيو سماج ۾ ڪو مثبت ڪارج يا رول ڪونهي. آباديءَ جو اپتڪار حصو، ڪمائيندڙ حصو، پنهنجي ”ڪمايل دولت“ کان محروم ڪيو وڃي ٿو ۽ ان جي اها ”ڪمايل دولت“ ئي آباديءَ جي کپتڪار حصي جي ”اڻڪمايل دولت“ بڻجي ٿي. جيڪا ئي هو پوءِ خريداريءَ جو فيشن قائم ڪرڻ ۾ صرف ڪن ٿا، ۽ ان سان ئي سرمائيداري سماج ۾ پوءِ شين جي دائمي گهرج، رڃ مثل ماڻهوءَ يا ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي ۽ ڊوڙائيندي رهي ٿي. ۽ ائين سڄو سماج کپتڪاريت جي اڻ ڀرجندڙ خلا ۾، جيڪا هڪ ڌٻڻ به آهي، پهچندو ۽ غار ٿيندو وڃي ٿو. حرص هوس ۽ لامحدود بک جي خلا ۾، حيوانيت جي ڌٻڻ ۾.
بنيادي، حياتياتي، فطري انساني گهرجن جي ڀيٽ ۾، ٺلهي شين جي چاهت، محض خريداريءَ جو شوق، ڪڏهن به پورو ٿي نٿو سگهي. جيئن جيئن شيون حاصل ڪبيون تيئن تيئن نين فيشني، ۽ حد کان وڌيڪ فيشني، شين حاصل ڪرڻ خاطر، ”اڻڪمايل دولت“ کي پاڻ ڏانهن ريڙهڻ خاطر، کپتڪاريت جو ڀوت کاپي لاءِ اڀاريندو رهندو. مارڪيٽ ۾ هڪٻئي پٺيان سامان پيو ايندو. نيون موٽر ڪارون، ٽي ويون، ريفريجريٽر، بجليءَ جون جوجائون، ڪپڙن ڌوئڻ جون مشينون، فرش صفا ڪرڻ جا پائوڊر ۽ پالشون، کاڌي جا ۽ پيتي جا قسمين قسمين نمونا ۽ چسڪولا وغيره وغيره، آخر ايتري ساري سامان کي، ايترين سارين شين کي، خريد ڪري گڏ ڪري، اکين آڏو رکي، بلڪ اڄ خريد ڪري سڀاڻي اڇلائي، اسٽورن ۾، گهرن جي ڇتين تي، بالڪنين ۾، سيڙهين جي هيٺيان خالي جاين ۾ ڦٽي ڪري ڇڏڻ مان ڇا ورڻو آهي؟
غير سرمائيدار سماج ۾، سٺي سماج ۾، انساني سماج ۾، گهڻيءَ اپت جي ڪري اهي پاڻ ڀرائيءَ جا غير معقول مظاهرا رونما نه ٿيندا آهن. ڇو ته اتي فيشن کي، ٺلهيءَ کپتڪاريت کي، اقتصادي ترقيءَ جي عوض طور استعمال ڪونه ڪيو ويندو آهي. ان جو مطلب اهو ڪونهي ته اتي ماڻهو کائڻ پائڻ، رهڻ ۽ پنهنجي فرصت ۽ واندڪائيءَ کي سڦلي بنائڻ ۾ دلچسپي ڪانه ٿا رکن. يا انهن لاءِ ڪن مڙهيل اصولن تي يا ڪن عائد ڪيل احڪامن ۽ فرمانن تي، مجبور ٿي، عمل ڪندا آهن. فطري ڳالهه آهي ته اتي به رڌ پچاءَ جي سٺن طريقن، دسترخوان جي سينگارڻ، فضليت وارين ۽ وڻندڙ پوشاڪن پائڻ، گهرو آسائش ۽ سونهن صفائيءَ وغيره کي خاص اهميت ڏني وڃي ٿي. انسان دوست سماجن ۾ وڏي ڳالهه هيءَ هجي ٿي ته اتي نري خريداريءَ جي چاهه کي، کپتڪاريت جي حيواني شوق کي، هرگز زندگيءَ جو مقصد ڪري نٿو ليکيو وڃي ۽ نه ڪڏهن ليکيو ويندو. آءٌ جيڪو فلسفي ماديت کي مڃيندڙ آهيان ۽ روحانيت وارن جي طرفان مون تي الزام آهي ته رڳو کائڻ پيئڻ ۽ چوڙڻ ماڙڻ ئي مون لاءِ زندگيءَ جو مقصد آهي اهي ڳالهيون ڪري دنيا کي ترڪ ڪرڻ جي صلاح ڪونه ٿو ڏيان. آءٌ رڳو ان هڪ نقطي تي زور ٿو ڏيڻ گهران ته اڄ جي هڪ مهذب انسان جو اعليٰ تصور اهو آهي ته هن جي انساني شخصيت جو اظهار ٿئي هن جي خالص ۽ خاص اها خواهش هوندي آهي ته عقل جي قانونن مطابق سڀ جي فائدي ۾ زندگي ڪارائتي، صالح، صحيح ۽ سادي بسر ٿئي.
هڪ شخص جيڪو پنهنجي سموري ڄمار فيشن جي پٺيان ڊوڙندي وڃائي ڇڏي ٿو. جيڪو ڌيان جي ڇڪائيندڙ پوشاڪ جي ذريعي خودنمائيءَ جي ڪوشش ڪري ٿو، اهو اصل ۾ کل جهڙو ۽ رحم جوڳو شخص هوندو آهي.
خريداريءَ جي چاهت، محض کپتڪاري، سماجي اخلاقي اصولن جو ضد هوندو آهي. ان جي ڪري انيڪ خرابيون ۽ حيواني بدعتون پيدا ٿينديون آهن. ان سان انسان بدعمل، بي نفسو ۽ امنش بڻجي ٿو، ان کي ڪهڙيءَ طرح ٻنجو ڏيئي سگهجي ٿو؟
روشن خياليءَ سان، ڪشاده دليءَ ۽ خنده پيشانيءَ سان، ڏيکاءَ، ڪوڙ ۽ منافقت جي پردي، کول سان، شين جي معقول استعمال ۽ مناسب کاپي کان همٿائڻ سان، اجاين ضرورتن جي ڀيٽ ۾ معياريءَ ۽ فضيلت ڀرين ضرورتن جي ماپن ۽ ماڻڻ قائم ڪرڻ سان.
اڄ جي پنهنجي سماج جي حالتن جي ڇنڊ ڇاڻ مان پڌرو ٿئي ٿو ته اهڙيون اجايون ضرورتون جهڙوڪ تماڪ ڇڪڻ، بوتلون پيئڻ، گهڻو کاڌو کائڻ، گهرج کان وڌيڪ ڪپڙا ۽ جتيون ۽ ٻيون شيون خريد ڪرڻ، گهرن جي گهڻي ٺاهه ٺوهه ڪرڻ ۽ انهن جي نامعقول نوع سان سينگارڻ فطري نه پر غير فطري ضرورتون آهن. ۽ اهي ضرورتون فقط بي انصافيءَ تي بيٺل ۽ بي انصافيءَ سان هلندڙ سماج ۾ پيدا ٿين ٿيون ۽ موجود رهن ٿيون. بي انصاف سماج کي بقا ۽ دائميت جو پروانو انساني تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ ميسر نه رهيو آهي. اهو بدلجندو آيو آهي. بدلجڻ لاءِ آهي، ۽ بدلجڻو ئي آهي. بيماري رهي پر بيماريءَ جي علامتن کان آجائي ٿئي ائين نه ٿيندو آهي ۽ نه ئي ٿي سگهي ٿو.

انمول وچن
ٻوليءَ جا ۽ فڪر جا انمول وچن، جي سنڌي هفته وار، ”هدايت“
(جون، نومبر 1984ع) ۾ آيا، جي ڪنهن جا ڪينهن، جي سڀني جا آهن.
”جڏهن به تون مايوس ٿين، تڏهن پاڻ کان فقط هڪڙو سوال پڇندو ڪر: ڇا، تنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙي ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ جو به دخل رهيو آهي، جنهن جي رهڻيءَ ڪرڻيءَ جو طريقو تو لاءِ مثال بنيو هجي، مثال تنهنجي جريت ۽ همت وڌائڻ لاءِ، مثال تنهنجي پنهنجي پاڻ سان ۽ پنهنجي ڪم سان سچي رهڻ لاءِ، ۽ جنهن جي ڪردار ۽ عالمي نظر تولاءِ جذبي جو ۽ اتساهه جو ڪم ڏنو، ۽ جنهن جي عقيدن توکي ماڻهن لاءِ عزت جو ۽ خود پنهنجي عزت نفس جو سبق سيکاريو؟“
”هن دنيا ۾ ڪابه شيءِ ايڏي قيمتي ڪانهي، جيڏو ڪو هڪ نيڪ ڪم، پوءِ اهو ڪيترو به کڻي ننڍو هجي ڪنهن کي همٿائڻ جو هڪ اکر. ڪنهن جي ڳري هانءُ کي هلڪي ڪرڻ لاءِ ڪو خوشيءَ جو هڪ ٻول. ڪا هڪ پنهنجائپ جي ڳالهه. ڪا دوستاڻي مرڪ.“
”گوئٽي چوندو هو ته ڪوبه اثر جيڪو هڪڙو ماڻهو ٻئي تي وجهي ٿو، سو پنهنجي شخصيت معرفت وجهي ٿو. ان جي معنيٰ ته جيڪا ڪا نيڪي اسان جي اندر ۾ آهي، اها اسان کي ماڻهن کان ملي آهي. بهترين خيال هوا ۾ ڪونه ٿا وجود رکن، اهي سدائين هن يا هن ماڻهوءَ جي مثالن سان ئي اسان تائين پهچن ٿا، ۽ انهن کي اسين ڏسي ۽ محسوس به ائين ٿا ڪري سگهون.“
”ماڻهوءَ جي سچي وزن جي ثابت ڪرڻ لاءِ دعوائن جي ضرورت ڪانهي. خاص حالات جي ضرورت ڪانهي. ۽ نه بهانن جي ضرورت آهي. اهو هر حالت ۾ اڏول رهي ٿو. مجموعي طور، ماڻهوءَ جو وزن ثابت ٿئي ٿو ۽ ماڻهو ملهائتو بنجي ٿو پنهنجي اخلاقي ذميداريءَ سان - ان سلسلي ۾ ڪي وڏا سوال يا ننڍا سوال به ڪونه هوندا آهن. ڇو ته سڀ سوال وڏا سوال هجن ٿا.“
”ڪنهن به خيال، رٿا يا نقشي جي جائزگيءَ جو اظهار ان جي عملي صورت، يعني ان جي افاديت يا محدم افاديت، مان ٿئي ٿو. پوءِ اهو خيال، رٿا يا نقشو زمان، مڪان ۽ اوڪاشي دنيا سان واسطيدار هجي يا ان کان ٻاهر جي دنيا سان جيڪا انهن وسعتن کان خالي يا بالاتر هجي يا مڃي وڃي.“
”اسان مائٽن، استادن ۽ وڏن کي سدا اها سوچ هجڻ گهرجي ته اسين ڪهڙي قسم جا ماڻهو پالي ۽ اڀاري رهيا آهيون؟ برابر ڪڏهن ان ۾ اسين سڦل ٿينداسين. ڪڏهن ان ۾ اسان کان اوڻايون رهجي وينديون. پر اسان کي وري به ماڻهو ئي اڀارڻا آهن، جيڪي پيار ڪري سگهن. جيڪي ڏک جهيلي سگهن، جيڪي سرجڻهار ٿي سگهن ۽ جيڪي سور ونڊي سگهن، ۽ اهي جيڪي زندگيءَ جي هڪ چڱي رچناتمڪ ۽ نياءَ ڀرئي جوڙجڪ لاءِ وڙهي سگهن. انهن سان جيڪي روحاني طور خالي ۽ سڃا آهن پر آپي ۽ ايمان ۾ ڀريل آهن ۽ متل مانگر مڇن وانگر ٿونهيندا ۽ هر شيءِ کي ڳڙڪائيندا وتن ٿا. ۽ پاڻ کي ماڻهن کان برتر ماڻهو سمجهن ٿا ۽ سڏائين ٿا. اسان کي اهي ماڻهو پالڻا ۽ سپاري وڏا ڪرڻا آهن. جيڪي ماڻهن جي حق ۾ انهن منڪرن کي، ابليسن، قارونن ۽ فرعونن کي اٿي منهن ڏين ۽ انهن جي سڄي مانڊاڻ کي مات ڪن.“
”انسان هميشه مستقبل جا خواب لڌا آهن. انهيءَ ئي ڪري سماجي مسئلا ۽ سياسي تضاد جيڪي حل نه ٿيا آهن، ۽ علم، تهذيب ۽ اقتصادي عمل جي سلسلن جا وڌندڙ دائرا ۽ انهيءَ آهر انهن تي قابض پوڻ جون وڌندڙ مشڪلاتون ۽ صنعتي، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي ترقيءَ جا اڀرندڙ ناپسنديده نتيجا ماڻهن کي مستقبل جي امڪانن تي سوچڻ لاءِ آماده ڪندا رهن ٿا ۽ اهڙن نون نون ۽ بنيادي قسم جي طريقن کي دريافت ڪرڻ لاءِ اتساهيندا رهن ٿا، جن سان موجود توڙي اڀرندڙ مشڪلاتن کي جيتي سگهجي ٿو ۽ اهائي حال جي اٽل تقاضا آهي. جيڪا وري وري ۽ سدائين اسان کي پنهنجو توجهه مستقبل ڏانهن نيڻ تي مجبور ڪري ٿي.“
”انسان جيڪو انسان ڏانهن ذميدار آهي، تنهن جو آدرش، اٽل مقصد ۽ سدا جيئري اون اڄ هيءَ آهي ته ماڻهن جي وچ ۾ امن، دوستي ۽ قومن جي وچ ۾ برابري ۽ سهڪار هجي.“
”انسان سائنس ۽ صنعتڪاريءَ کي وڌائي ٿو، پر ادب ۽ فن خود انسان کي سڌاري ٿو. ٻي ڪابه شيءِ ڪانهي، جا انهن جي جاءِ وٺي سگهي، ۽ ان ۾ ئي ادب ۽ فن جي اڻ گهٽجندڙ اهميت موجود رهي ٿي ۽ اها ڳالهه انهن تي هڪ وڏي ذميداري پڻ عائد ڪري ٿي.“
”اي جوان، تون جو پنهنجي نوخيز وهيءَ مان نڪري، کهريءَ، تڪليفن ڀريءَ جوانيءَ ۾ قدم رکي رهيو آهين. سفر ۾ پاڻ سان ڪجهه کڻ: تون سڀ انساني اتساهه ۽ امنگ کڻي نڪر، رستي ۾ انهن کي ڇڏي نه ڏي. ڇو ته پوءِ اهي تون ڪڏهن ميڙي نه سگهندين.“
”اخلاق جو، اخلاقيت جو، اخلاقيات جو ويجهي کان ويجهو سٻنڌ ۽ وڌ کان وڌ تعلق وقت جي سڀ کان وڌ صالح ۽ ترقي پسند خيالن سان آهي.“
”عزيز دوست، هن دنيا ۾ اسين آندا ويا آهيون انهيءَ لاءِ نه ته تباهه ڪريون، ناس ڪريون: پر انهيءَ لاءِ ته هر شيءِ کي چڱائيءَ ڏانهن وٺي وڃون. خود ان شيءِ کي به جيڪا ماڻهن برائيءَ ۾ بدلائي نابود ڪري ڇڏي آهي.“
”روح جي قرابت خون جي قرابت کان وڌيڪ اهم آهي ۽ دک جي آواز ۽ پيار جي سڏ جو جواب سڀني انساني وصفن ۾ هڪ اعليٰ ترين وصف آهي.“
”پڪيءَ وهيءَ جي ڏاڪي تي رسيل ڪو جوان مرد ائين ڏسجي ڄڻ هو سڀڪجهه وڃائي ويٺو آهي - مائٽ، دوست، زندگيءَ جو ذوق ۽ چاهه ۽ هن جي اکين مان هن جي فقط بي خيالي ۽ بيزاري بکي رهي هجي. پنهنجي جسماني سالميت ۾ ئي هن کي ڪو ڀروسو نه رهيو هجي ۽ هن جي وجود مان اندروني هڪ بي وقتي ٿڪاوٽ پئي ڏسجي. ڄڻ پرانهين ڪنهن دس تان ايندي روح جي ڪنهن سفيد پيريءَ ۾ هو داخل ٿي ويو هجي ڪا تازگي، ڪا پختگي هن ڄڻ ڏٺي ئي نه هئي. ائين ۽ اهو سڀ هن سان خاص ٻئي ڪنهن سبب ٿيو هجي يا نه، پر هن جي پنهنجي اخلاقي زوال ۽ من جي سچائيءَ سبب ته پڪ ئي پڪ هن سان ائين ٿيل هوندو آهي.“
”ماڻهوءَ جي اندر جي دنيا جي کوکلائپ ۽ خسيس پڻي کان وڌيڪ زندگيءَ جي سانحن ۾ ٻيو ڪو سانحو ڪونهي.“
”ماڻهوءَ جي عظيم سگهه آهي سڪي ٺوٺ ٿيڻ کان هن جو انڪار، يا ڦري هن جو ڪو بيجان قالب يا سانچو نه ٿي وڃڻ، ته جيئن دنيا جي حماقتن ۽ سکڻاين جي پتلن ٺاهڻ تي ئي پاڻ کي وڃائيندو نه رهي. هر انسان ڄمندي خالق آهي ۽ هر ڪنهن کي پنهنجي ميدان ۾ تخليقي طور ڪم ڪرڻ کپي، ته جيئن جو ڪجهه بهترين هن ۾ هو، اهو هن جي وڃڻ کان پوءِ به باقي رهي.“
”ڇا، انسان ئي سياست جو موضوع ۽ مقصد نه آهي؟ جڏهن اسين نوجوانن کي اتساهيون ٿا ته زندگيءَ ڏانهن هو تعميري رويو رکن. ته اهوئي ته اعليٰ سياست جو سچو موضوع آهي، انهن کي سياسي عمل ۾ شامل ڪرڻ جي اهائي ته هڪ ڪوشش آهي.“
”جيڪو شخص ماضيءَ کي ياد نٿو رکي، اهو نه فقط ذهن کان محروم پر احسان جي شعور کان پڻ خالي آهي.“
”اسين نه ته ٻيو ڀلا ڪير سياسي مسئلا کولي نوجوانن جي آڏو رکندو انهيءَ لاءِ ته هو ڪره ارض جي ۽ پنهنجي ديس جي تقدير تي ڪجهه سوچين.“
”اسين پڙهندڙن کي سڀ کان اول، ڇا ٿا ڏيڻ گهرون؟
سڀ کان اول ڄاڻ، معلومات، سچي ڄاڻ، رکندڙ ماڻهو وڌيڪ ٻوڙو ۽ نابين نٿو رهي. هن جو ميڄالو ڪم ڪري ٿو، انهيءَ ڪري ئي اسين سندن ۽ دستاويزن جي تلاش کي ايتري اهميت ڏيون ٿا.“
”اسين پڙهندڙن سان احوال ڪرڻ گهرون ٿا خاص طرح نوجوانن سان: ڇو ته هو سٻاجها آهن. ذهين آهن. پنهنجي ڳالهه ڄاڻن ٿا. خوش مزاج آهن. انساني عيب ثواب جي ڪمين بيشين کي تسليم ڪن ٿا: ويساهه گهاتي، بزدلي، بي ايماني ۽ دولاب جهڙين بڇڙائين کان پري ڀڄن ٿا، اسين سندن انهن خصلتن جو قدر ڪريون ٿا. ڇاڪاڻ ته دنيا کي، اسان جي سماج کي، فضليت ۽ سٻاجهائپ جي ضرورت آهي. انهن خصلتن سان هٿياربند ٿي، اسان جا نوجوان بديءَ جي خلاف جنگ ۾ پهرينءَ صف ۾ بيهي وڙهن ٿا، ههڙا نيڪيءَ، اعتماد ۽ سچائيءَ جا پتلا ئي اسان جي ماڻهن کي شيهي جيئن ملائي هڪ ڪري بيهاريندا - ۽ جي ائين ٿيو، ته اسان جي ڪوشش ۽ اسان جي محنت ڄڻ ساب پيئي ۽ ڪامياب ٿي.“
”سچ کان مٿي ڪابه شيءِ ڪانهي. ۽ ماڻهوءَ ۾ چڱائيءَ جي ايڏي وڏي جا طاقت آهي، هر ٻيءَ طاقت کان وڏي طاقت. انهيءَ ڪري سچ وڌي ٿو ۽ پچي راس ٿئي ٿو. ماڻهوءَ جي بريءَ دل ۾ به. بشرطيڪ ان جي ڇار ۾ سچ جي چڻنگ اجهامي نه ويئي هجي.“
”آءٌ محسوس ٿو ڪريان ته اسان جي دور ۾ سياسي جدوجهد کان هٽي پري ٿي بيهڻ هڪ وڏو انساني ڏوهه آهي.“
”ادب جو اعصابي مرڪز ماڻهوءَ جي اخلاقي اصولن جي تلاش آهي. هن جي آجيت روح جي تلاش، اندر جي تنگيءَ خلاف هن جي بغاوت جي تلاش، چڱائيءَ جي اٽل ڪاميابيءَ ۾ هن جي ايمان جي تلاش.“
”جڏهن سڀ اخلاقي قوتون ماڻهوءَ ۾ جاڳن ٿيون، تڏهن هن جو ذهن اڳتي وڌي ٿو، ۽ پيار ۽ ڪهل وڌي هن جون سڀ کان املهه انساني صلاحيتون بنجي پون ٿيون.“
”انساني زندگيءَ ۾ پيار کان اوچي ڪا شيءِ ڪانهي. ”پيار“ جو لفظ سنڀي ٻولين ۾ سڀ کان زياده سڳورو، سڀ کان زياده دلپسند لفظ سمجهيو وڃي ٿو. پيار انساني لاڳاپن جو نچوڙ آهي، سنگ آهي، روح آهي. اهو ماڻهوءَ کي جادوءَ جهڙو اتساهه ڏئي ٿو. سڀ کان پهرين ۽ سڀ کان اڳ، اهو نئين زندگيءَ کي ابتدا بخشي ٿو.“
”انسانن جو هڪ نسل گذري ٿو وڃي ۽ ٻيو نسل اچي ٿو. پر پيار هڪ سدا جيئرو سٻنڌ آهي، ۽ اهو انسان ذات جي مڙني نسلن کي ڳنڍي هڪ ڪري ڇڏي ٿو.“
”هر شيءِ ۾ ۽ هر هنڌ اسان کي صاف گوئيءَ ۽ پوريءَ ديانتداريءَ سان پنهنجي جوان نسل کي هڪ خيال سان، هڪ خبر کان، واقف رکڻو آهي: اوهان جي آڏو وڏي هڪ جاکوڙ، وڏو هڪ ڪشالو موجود آهي.“
”روشنيءَ جي مشعل، جيڪا اڄ اسان جي هٿ ۾ آهي. اسان کي انقلابين، عالمن ۽ سائنسدانن ۽ شاعرن وڌي هٿ ۾ ڏني آهي. جيڪي ڏاها ماڻهو هئا ۽ چڱا ماڻهو هئا ۽ هو انهيءَ ڪري کاهوڙي بڻيا هئا، جو کين عقل جا ۽ نيڪيءَ جا آدرش بچائڻا هئا. هو ٺلها کاهوڙي نه هئا: پر هو ماڻهوءَ جي سک ۽ ماڻهوءَ جي خوشيءَ ۽ خبر جا جاکوڙي ۽ جهونجهار هئا.“
”نرملتا، ڪهل ۽ چيتنتا (حسيت) کي ڪڏهن ارادي جي هيڻائي نٿو چئي سگهجي. اڄ جي گهڻ روپي ۽ چنچل دنيا ۾، جيڪا سدا بدلجندي رهي ٿي. اسان کي اهڙن ماڻهن جي ضرورت آهي، جيڪي سٺا، کرا ۽ سپهتا اسريل هجن - جن ۾ خيال جي پختگي ۽ اخلاقي جرئت هجي، ۽ جن جون دليون دک ڄاڻندڙ ۽ سڏ اونائيندڙ هجن اهڙيون دردمند ۽ ڀڄي پوندڙ جهڙيون انساني دليون شايد اڳ ڪڏهن نه هيون.“
”اسان جو زمانو دنيا جي هڪ سچيءَ پچيءَ ۽ سڀ تي محيط انقلابي ڪايا پلٽ جو زمانو آهي اهو هڪ زمانو جڏهن ماڻهو هڪ اصلي ۽ لازمي نئين عالمي نظريي ۽ زندگيءَ جي هڪ نئين فهم ۽ نئين ادارڪ جو اعلان ڪري رهيو آهي.“
”انعام ڪمن لاءِ آهن، پر ڪم انعامن لاءِ نه آهن. سڀ سنجيده ڪم، جن سان يا جن جي ڪري دنيا هلندي رهي ٿي، انهيءَ لاءِ ڪونه ٿا ڪيا وڃن ته وڏائي ٿئي، واکاڻ ٿئي يا پوڄا ٿئي، وڏائي پوءِ ٿي ٿئي ۽ تسليميءَ ۽ احسانمنديءَ جي موٽ به پوءِ ٿي اچي - انهيءَ لاءِ جيڪو حوصلي ۽ همت ڀريءَ انسانيت جو مثال قائم ٿو ڪري.“
”ڪي ماڻهو چوندا آهن: مون کي ڪو ڀانئين يا نه ڀانئين، پر مون کان هنن کي ڊڄڻ گهرجي - بس!“
”جيڪي ماڻهو انهيءَ سادي ۽ ٺوٺ نسخي ۾ اعتقاد رکن ٿا تن کان تحقيق ماڻهو ڊڄن به ٿا، پر اهي سڀ ڌڪاريا به وڃن ٿا. ڪٺورتا جي جواب ۾ ڪڏهن به عزت يا پريم ڪونه ٿو ملي. ۽ ڊپ جيڪو ڪٺورتا جاڳائي ٿي سو به سدائين نٿو رهي، اهو گذريو وڃي: ڇاڪاڻ ته ماڻهو ڊپ ڪندي ڪندي ٿڪجي پون ٿا. پر ڪنهن جي مڃتا کان، ڪنهن کي ڀانئڻ کان، ڪنهن جي عزت ڪرڻ کان ڪوبه ڪڏهن ڪونه ٿو ٿڪجي.“
”هڪ سچو استاد، ڪاريگر يا ماهر پنهنجي برتريءَ سان ڪنهن کي به ڪڏهن گهٽ ڪونه ٿو ڪري. ان جي بدران هو ٻين ۾ کانئس گوءِ کڻڻ جي خواهش اڀاري ٿو. رواجي سطح کان مٿي اڀرڻ جي، پاڻ ۾ نون ممڪنات جي دريافت ڪرڻ جي.“
”دنيا ۾ خودپسنديءَ جهڙي، خودخوابيءَ جهڙي هولناڪ شيءِ ٻي ڪانهي. سنجيده زندگيءَ، حيرتناڪ زندگيءَ جو سڄو جوهر انهن لفظن ۾ چڪيل آهي. پنهنجي پاڻ کان ناراضگي ئي اڪيلي شيءِ آهي، جا روحن کي ڌونڌاڙي ٿي جيڪي فطرت جا با ڪمال عطيا آهن. ۽ انسان جي ترقيءَ ۾ روح جون ڪي حدون ۽ ڪي ڇيهه ئي ڪونه آهن.“
”ڪنهن ماڻهوءَ جي اصل وٿ ان مان ڪانه ٿي مقرر ٿئي ته هن ۾ ڪيترو انگ چڱن گڻن جو آهي پر هن جي ڪم مان مقرر ٿئي ٿي: ان ۾ هن جي مهارت مان، ان ۾ هو ڪيترو اتساهه وٺي ٿو تنهن مان، آءٌ سمجهان ٿو ته هر زبان ۾ سڀ کان وڌيڪ عزت ڀريا جيڪي لفظ آهن تن مان هڪڙو لفظ آهي ”استاد“ ، ”ڪاريگر“ ، ”ماهر“ جيڪو ئي عزت ۽ قدر جي علامت به ليکجي ٿو.“
”ڊپ جي بنياد تي ڪوبه اختيار يا ڪابه حاڪمي قائم نٿي ٿئي. ماڻهن جي وچ ۾ ڊپ جو تعلق سڀ کان وڌيڪ غير فطري شيءِ آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ مشڪل به. ٻن استادن جي وچ ۾ جن مان هڪ کان شاگرد رڳو ڊڄن ٿا ۽ ٻئي کان ڊڄن ٿا ته ناراض نه ٿي پوي. ٻئي نمبر وارو استاد بهتر ماڻهو ليکي سگهبو.“
”جيئن خيال ماڻهن کان ٻاهر وجود نٿا رکن تيئن ماڻهو به خيالن جي ٻاهر وجود ڪونه ٿا رکن.“
”ماڻهوءَ لاءِ لازمي آهي ته اڳتي وڌڻ لاءِ هن جي آڏو ڪو آدرش هجي. ڪو اعلي مقصد هجي يعني هر ان ماڻهوءَ لاءِ جيڪو هوا جي رخ سان ڌڪبو اڳتي ٿو وڃي. پر شعوري طور پنهنجي وجود کي وس ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، دراصل ڪو به وجود ثابت قدميءَ کان سواءِ ناممڪن آهي، ۽ ماڻهوءَ لاءِ سڀ کان وڏي ثابت قدمي ڪنهن اعلي مثال جي قوت سان ئي هجي سگهي ٿي، جنهن جي پيروي هو پوري يقين سان ڪري ۽ نه محض ڪنهن حڪم يا فرمان هيٺ.“
”منهنجو عقيدو آهي ته نراسائي، بي همتي ۽ البيلائي ماڻهوءَ تي حاوي تڏهن ٿين ٿيون، جڏهن اخلاقي مثال هن جي ذهن مان اوجهل ٿين ٿا. ڪو فڪري جهلو هن وٽ نٿو رهي. جڏهن ڪنهن ۾ هن جو ايمان نٿو رهي: ۽ پنهنجي عملن جي هو ٻين جي عملن سان تورتڪ نٿو ڪري.“
”اوچو سڪون، جيڪو خوشيءَ جي بدل آهي، اهو شعور آهي، اهو احساس آهي، ته تون اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ ويٺل آهين جن جي عملن ۽ راين مان تون زندگيءَ جي جدوجد لاءِ سرت ۽ سگهه حاصل ڪري سگهين ٿو.“
”اسان جا امنگ ۽ اڌما ۽ اسان جي سڄي جاکوڙ اسان کي اسان جي وڏن کان ورثي ۾ مليا آهن.“

او سنڌ...!
او سنڌ،
منهنجي پنهنجي سنڌ!
اڄ ٿو آءٌ توکان پڇان_
ٻڌاءِ!
تون مون کان ڇا ٿي گهرين؟
تون مون کان ڇا ٿي طلبين؟
آءُ ڪير آهيان؟
تون ٿي مون کان پڇين‘
....ماءُ!
آءٌ....تنهنجو اولاد!
تنهنجي مامتا جي گهراين،
تنهنجي شادابين، سبزين،
تنهنجي مٽيءَ، تنهنجي پاڻيءَ تنهنجيءَ هوا،
۽ تنهنجي وسعت مان اٿيل هڪ ٻالڪ!
تنهنجو اولاد....!
تنهنجو آنڊو، تنهنجو هڏ، تنهنجو رت!
منهنجو جسم تون، منهنجو جياپو تون،
تو مون کي ڄڻيو،
تو مون کي پاليو، نپايو، وڏو ڪيو،
تنهنجي ئي هنج ۾ مون توکي ڏٺو:
تنهنجو سدا حيات سنڌو، درياهه،
تنهنجيون ٻنيون، تنهنجا ٻيلا،
تنهنجون ماٿريون ۽ ميدان،
تنهنجا جبل ۽ پهاڙ،
تنهنجون جهوپڙيون، تنهنجا واهڻ ۽ ڳوٺ
هي تنهنجا هاري، ڪمي، ڪاسبي ۽ پورهيت -
منهنجا ڀائر،
هي تنهنجي آسمان جا قسمين قسمين پکي،
هي تنهنجن تلائن، ڍنڍن ڍورن ۾
ڀانت ڀانت جون مڇيون، ۽ ننڍڙا ننڍڙا جيت،
هي تنهنجي ٻيلن ۽ جبلن ۾
گهمندڙ ڦرندڙ طرح طرح جا جانور ۽ حيوان:
هي اسان جا رنگ، اسان جا آواز، هي اسان جون نگاهون،
....تنهنجا ئي رنگ، تنهنجا ئي آواز، تنهنجون ئي نگاهون ته آهن!
....هي سڀيئي!
هي ۽ آءٌ.....اسين سڀيئي تنهنجو ئي ته اولاد آهيون!
اسان سڀني جو ساهه، تنهنجي ساهه سان ئي ته ڳنڍيل آهي!
اسان سڀني جو جسم، تنهنجي جسم سان ئي ته جڪڙيل آهي!
اسان مان هرڪوئي، پنهنجيءَ پر ۾، تو سان ئي ڳالهائي ٿو،
... توکان ئي ڪجهه گهري ٿو، توکان ئي ڪجهه طلبي ٿو:
۽ تون،
جيڪي ڪجهه تو وٽ آهي،
سو سڀ اسان سڀني کي،
اڻ گهريو، ۽ اڻ ميو، پئي ٿي هميشہ ڏين!
۽ آءٌ...
انهيءَ جي عيوض ڪجهه ڏيان،
ڪجهه ڏيڻ چاهيان ٿو،
- ۽ ڪجهه ڏيندس -
اهو ڪجهه! جو توکان،
تنهنجي وسعتن مان،
تنهنجي شادابين مان،
چورائجي ويو...
پڌري پٽ، ۽ ڏٺو وائٺو!
۽ تون هڪ سوال بڻجي وئين،
منهنجي لاءِ، منهنجن ڀائرن لاءِ،
ڪمين، ڪا سبين ۽ پورهيتن لاءِ!
جيجل...!
اهو ئي سوال...
تڏهن اڄ ٿو آءٌ تو کان پڇان!
سنڌ! منهنجي پنهنجي سنڌ!
منهنجي مهربان مٺڙي ماءُ!
ٻڌاءِ...
تون مون کان ڇا ٿي گهرين؟
تون مون کان ڇا ٿي طلبين؟
(”مهراڻ“ بهار، 1955ع)

خالي آهي جهول، آهي ڪو جو دان ڏئي!
ٻيجل جو آ ٻول، آهي ڪو جو مان ڏئي!

پيءُ پهرين پوءِ جيءُ، مرڻ جيئڻ جو مام اهو،
موکيءَ جو آ قول آهي ڪو جو جان ڏئي!

تن من ڌن جي راند، جيتي سو جو پاڻ ڇڏي،
آهي ڪو ڏاتار، جيڪو ههڙو ڏان ڏئي!

حق ناحق جي ڳالهه، ڳالهين سان حل ڪيئن ٿئي!
ناحق کي آ زور، حق لئي ڪو ٻلدان ڏئي!

اُٿ اُٿ اکيون کول، ستلن کي ٿو ساٿ سڏي!
اچ اچ مرد آموٽ، منزل پئي اعلان ڏئي!

سر سان ئي سٽ جوڙ، سر ري ڪونهي ڪو به بلو!
آزادي انمول، توکي ڪو ايمان ڏئي!

(اپريل، 1967ع)


پرستش جنهن کي پنهنجي آهه، سو انسان ئي ناهي،
وطن جي حب جنهن کي ناهي، سو انسان ئي ناهي.

پراون جي اڳيان پوڇ لوڏ، هر هر ۽ تکي تڪڙي،
۽ پنهنجن تي ئي باهو باهه، سو انسان ئي ناهي.

رکي روزا، نمارون ٿو پڙهي، ۽ حج پڻ هر هر،
بندن سان ناهه جنهن جو ٺاهه، سو انسان ئي ناهي.

ڪري منهن تي خوشامد ۽ اٿس پرپٺ گلا غيبت،
تنهين بزدل سان ڪنهن جو ڇاهه؟ سو انسان ئي ناهي.

ڏسي، پنهنجي مخالف جو ڪو سهڻو شعر، هو ان ۾،
ڪري ٿو طنز سان ڀڃ ڊاهه، سو انسان ئي ناهي.

اديبن تي اٿي ويٺي، هڻي جو ڪوڙ ۽ چغليون،
انهيءَ ڊوهيءَ جو ڍينگو ڊاهه، سو انسان ئي ناهي.

ٿيڻ چاهي ٿو جو سمنک، وطن دشمن سان اي همدم،
سگهو ان جي تون پڳڙي لاهه، سوانسان ئي ناهي.

سجاڳيءَ جي علمبردار جي سڏ تي ٿو چڙ کائي،
ٿو روڪي رهنما جي راهه، سو انسان ئي ناهي.

هٿين پيرين ڪري ٿو پاڻ ڏاڍن جي غلامي، پر
اٿس هيڻن تي ڪاهو ڪاهه، سو انسان ئي ناهي.

ڏٽا ڏيئي ڦري ٿو ۽ ڦري ٿو پنهنجي ساٿين کان،
ڪري ٿو گهات جو ويساهه، سو انسان ئي ناهي.

سڀاڳيءَ سنڌ جي ئي آب داڻي تي پيو پلجي،
نه ڏئي تنهن ماءُ تي ٿو ساهه، سو انسان ئي ناهي.

ٻري هت باهه نمرودي، وٽم گلزار ”ابراهيم“،
چوي گلزار کي جو باهه، سو انسان ئي ناهي.

(”روح رهاڻ“ ، آگسٽ 1967ع)

پورهيو ڪر تون پورهيو يار!
پورهئي ۾ هن عجب اسرار!

”پورهيو“ ، ”ناڻو“ ، ”سک“ ٿيا ڀائر،
”سرت ۽ ڏاهپ“ تن سينگار.

”جيڪو پوکي سوئي کائي“،
حق جي، حق هيءَ آ للڪار.

نياز ۽ نيڪي، امن ۽ راحت،
پيار جا هي سڀ ٿيا اپڪار.

پورهيو، پيار ۽ عدل جي گڏجن،
ٿين سڀن جا ٻيڙا پار.

اچو ته سڀئي گڏجي ڳايون،
”پورهئي جي جئه جئه جئڪار!“

پورهيو ڪر تون پورهيو يار!
پورهئي ۾ هن عجب اسرار!
م. ا . ج.

(”مهراڻ“ 1959ع)