"> شاهه جو رسالو


شاهه جو رسالوShah Jo Risalo

By Allama I. I. Qazi علامہ امداد علي امام علي قاضي

 پيشڪش

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي شريف جو هي نسخو، جيڪو شاهه صاحب جي وڏي ڄاڻو ۽ پارکو، حضرت علامہ آءِ. آءِ. قاضي صاحب جي ڊگهي عرصي جي جاکوڙ جو نتيجو آهي. ”سنڌي ادبي بورڊ“، اول 1961ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو، جنهن جو ٻيو ڇاپو وري 1986ع ۾ ڇپيو هو. رسالي جي هن متن جي منفرد سهيڙ ۽ افاديت جي ڪري، عام پڙهندڙن، طالبن توڙي تحقيق ڪرڻ وارن پاران، ان جي وقت بوقت طلب ٿيندي ٿي رهي. ان ڪري هي ٽيون ڇاپو، شاهه سائينءَ جي ٻه سؤ اُڻونجاهين سالگرهه جي موقعي تي پڌرو ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيا آهيون. اُميد ته اسان جي اها پيشڪش قبول پوندي.

29- 7- 1993ع

شمشير الحيدري

مهاڳ

سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف رحه جون ورسيون 1940ع کان پوءِ ذوق شوق سان ملهائڻ شروع ٿيون. پاڪستان جي قائم ٿيڻ بعد، شاهه جا اهي سالگره جشن ويتر وڏي پيماني تي ملهايا ويا آهن، جن ۾ ملڪ جي صدر ۽ ٻين اعليٰ ڪارڪنن، ٻاهرين سفارتخانن جي نمائندن توڙي سفيرن، ۽ ملڪ جي مختلف ڀاڱن جي اديبن ۽ شاعرن شموليت پئي ڪئي آهي. انهيءَ ڪري وقت بوقت شاهه جي سوانح توڙي شاعريءَ بابت موزون ڪتابن جي طلب ٿيندي رهي آهي، ۽ خصوصاً شاهه جي رسالي جي هڪ مستند متن بابت تقاضا وڌندي رهي آهي.



ملڪي اديبن توڙي ٻاهرين عالمن جي عام مطالعي واري انهيءَ ضرورت کي محسوس ڪندي، سنڌي ادبي بورڊ سنه 1960ع ۾ شاهه جي شاعرانه پرواز ۽ فڪر بابت هڪ جامع ڪتاب توڙي شاهه جي ڪلام جي هڪ معياري متن تيار ڪرڻ جو ڪم علامہ امداد علي قاضي صاحب جن جي حوالي ڪيو، جن مان ڪلام جو متن هينئر شايع ٿي رهيو آهي.

هت انهيءَ ڳالهه کي جتائڻ جي ضرورت ڪانهي ته شاهه جي ڪلام جو مرتب ٿيل هيءُ متن، شاهه جي وڏي ۾ وڏي عالم ۽ ڄاڻو جي گهَري غور ۽ فڪر جو نتيجو آهي. علامہ قاضي صاحب جن گذريل سٺ سالن کان وٺي شاهه جي ڪلام جو مطالعو پئي ڪيو آهي، ۽ انهيءَ ڪري شاهه جي ڪلام جي متن جي هيءَ تاليف ۽ ترتيب ڄڻ هڪ روشن دماغ مفڪر جي سٺ سالن جي گهَري غور ۽ ويچار جو ثمر آهي. صرف ڪلام جي صحيح متن قائم ڪرڻ ۽ ان کي صحيح طور سان ڇاپائي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ پڻ داناء مؤلف هڪ سال کان وڌيڪ مسلسل ڪوشش ۽ توجهه کان ڪم ورتو آهي.



متن جي هن اشاعت جي خاص خوبي اها آهي جو هن ۾ شاهه جي ڪلام جو، نفس مضمون توڙي معنيٰ ۽ مقصد جي لحاظ سان، گهَرو مطالعو ڪيو ويو آهي ۽ ان کي انهيءَ فطري ترتيب موجب پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، جنهن جو شاهه جي زندگيءَ جي جدا جدا منزلن سان مناسبت ۽ مطابقت جو امڪان آهي. انهيءَ لحاظ سان هيءَ اشاعت اڳين مڙني ڇاپن کان اُتم ۽ اعليٰ آهي. رسالي جا اڳيان ڇاپا يا ته محض بيتن جا ’مجموعا‘ آهن، جن ۾ شاهه جي بيتن سان گڏ ٻين ڪن شاعرن جا بيت پڻ شامل آهن، ۽ يا ته وري اهڙن ’مجموعن‘ جي زياده صاف صورت آهن، جن ۾ فقط شاهه جي بيتن کي ڀيٽي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. هن اشاعت ۾ شاهه جي مستند ڪلام جي سلسليوار سٽاءَ ۽ ترتيب کي خاص طرح مدِنظر رکيو ويو آهي، ۽ انهيءَ لحاظ سان شاهه جي ڪلام جو هيءُ پهريون مرتب ڪيل نسخو آهي، جنهن ۾ شاعر جي ذهن ۽ فڪر جي تدريجي ارتقا جو خاڪو نسبتاً صاف نظر اچي ٿو. شاعر جي زندگي ۽ فڪر جي درجيوار مرحلن مطابق، ڪلام جي هيءَ ترتيب خود شاعر جي سوانح حيات جي مطالعي لاءِ پڻ مفيد ثابت ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته ٻاهرين ٻُڌل زباني روايتن جي برعڪس، خود شاعر جي پنهنجي ڪلام جي تسلسل ۾ سندس زندگيءَ جي مختلف مرحلن جا اهڃاڻ موجود آهن. هيءُ هڪ عجب اتفاق آهي جو روشن دماغ ۽ داناءَ مولف جي گهَري غور ۽ ويچار بعد هن اشاعت ۾، شاهه جي ڪلام جي جيڪا داستانن ۽ سُرن وار ترتيب وجود ۾ آئي آهي، ان ۾ انسان جي ذهني ۽ روحاني ارتقاء جي اعليٰ مرحلن جو عڪس موجود آهي، ۽ انهيءَ لحاظ سان پڙهندڙن لاءِ هن اشاعت جو مطالعو اڻ سڌيءَ طرح پڻ فائدي کان خالي نه آهي.



متن ۾ بيتن جون پڙهڻيون موجوده عام رائج اچارن مطابق ڏنيون ويون آهن. انهيءَ ڪري، شروع کان پراڻي صورتخطيءَ جي استعمال سببان پوين ڇاپن ۾ جيڪي لفظن جي پڙهڻين جون غلطيون هلنديون پئي آيون، تن جي تصحيح ڪئي وئي آهي. جيتوڻيڪ هيءُ متن رسالي جي مختلف ڇاپن توڙي قلمي نسخن جي پڙهڻين تي غور بعد قائم ڪيو ويو آهي، ته به رسمي طور هيٺ حاشين ۾ جدا جدا پڙهڻيون ڪين ڏنيون ويون آهن؛ انهيءَ لاءِ ته هيءُ جلد اجايو ضخيم نه ٿي پئي ۽ پڻ پڙهندڙن جو ڌيان متن ۾ ڪلام جي حسن ۽ ڪمال کان هٽي حاشين طرف نه ٿئي. البته عام فائدي خاطر متن جي آخر ۾ ڏکين لفظن جي پٽي ڏني وئي آهي، جا اُميد ته پڙهندڙن لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندي.



پريس لاءِ صاف ڪاپي لکڻ، پهرين پروفن پڙهڻ ۽ آخر ۾ ڏکين لفظن جي پٽي تيار ڪرڻ ۾ مير محمد نظاماڻي، ليڪچرر شعبہ سنڌي، سنڌ يونيورسٽي، مؤلف جي مدد ڪئي، ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي پريس جي عملي هن کي ٿوري عرصي ۾ ڇاپڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن لاءِ اهي سڀيئي صاحب شڪريي جا لائق آهن.



حيدرآباد

1- مئي 1961ع

نبي بخش بلوچ

ڊين فيڪلٽي آف آرٽس

سنڌ يونيورسٽي

 

سُر ڪلياڻ



داستان پهريون



(1)

اَولِ اَللهِ، عَليم، اَعليٰ، عالَمَ جو ڌڻِي،

قادر پنهنجي قدرت سين، قائم آه قديم،

والِي، واحد، وحده، رازق، ربُّ، رحيم،

سو ساراهِ سچو ڌڻِي، چئي حمد، حڪيم،

ڪري پاڻَ ڪريم، جوڙؤن جوڙَ جَهانَ جِي.



(2)

وَحده لاشَريڪَ لَہ، جڏهن چيو جَن،

تَن مڃيو محمّد ڪارَڻِي، هيجان ساڻ هِنيَن،

تڏهن منجهان تَنّ، اَوتَڙَ ڪونه اولِيو.



(3)

وَحده لاشريڪَ لَہُ، ٻُڌءِ نه ٻوڙا،

ڪِ تو ڪَنين نه سُئا، جي گهَٽ اَندر گهوڙا،

ڳاڙِيندين ڳوڙها، جِت شاهدَ ٿيندءِ سامهان.



(4)

وَحدَه لاشريڪَ لَہ، ايءُ وِهائج ويءُ،

کَٽين جي هارائپين، هنڌ تنهنجو هيءُ،

پاڻان چُوندَءِ پيءُ، ڀَري جامُ جَنَتَ جو.



(5)

وَحدَه لاشرِيڪَ لَہ، اِيءُ هيڪَڙائيءَ حَقُ،

ٻِيائيءَ کي ٻَکُ، جَن وڌو سِي وِرَسيا.



(6)

وَحدَهُ جي وَڍيا، اِلاّاللهَ اَڌَ ڪِيا،

مُحمّد رَّسُولَ چئي، مسلمانَ ٿِيا،

عاشق عبداللطيف چئي، اِنهِين پِهه پيا،

تِيلان ڌڻِيءَ ڌُئا، جيلان ويا وحدتَ گڏجي.



(7)

وَحدَهُ جي وڍيا، اِلاّاللهَ سين اورِينِ،

هِينئون حقيقت گڏيو، طريقت تورِينِ،

معرفتَ جي ماٺِ سين، ڏيساندرَ ڏورِينِ،

سُکِ نه سُتا ڪڏهين، ويهِي نه ووڙِينِ،

ڪُلهِنئُون ڪورينِ، عاشقَ عبداللّطيف چئي.



(8)

وَحدَهُ لاشريڪَ لَہُ، جان ٿو چئين اِيئن،

تان مَڃ مُحمّد ڪارَڻِي، نِرتَئُون منجهان نِينَهن،

سو تون وڃيو ڪِيئن، نايئين ڪنڌ ٻين کي.



(9)

وَحدَهُ لاَشريڪ لَہُ، جَن اُتو سين اِيمانَ،

تَن مڃيو مُحمّد ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻ لِسانَ،

اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوتَڙ ڪنهن نه اولِيا.



(10)

اَوتَڙَ ڪنهن نه اولِيا، سُتَڙِ ويا سالِمَ،

هيڪائِي هيڪُ ٿِيا، اَحَد سين عالمَ،

بي بَها بالِمَس، آگي ڪِيا آڳهِين.



(11)

آگي ڪيا اڳهَين، نِسوروئِي نُورُ،

لاخوفُ عَليهِم ولاهُم يَحزنُونَ، سچنِ ڪونهي سُورُ،

مَوليٰ ڪِيو مَعُمورُ، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.



(12)

سِرُ ڍونڍيان، ڌَڙ نه لَهان، ڌَڙُ ڍونڍيان، سِرُ ناه،

هَٿَ، ڪرايون، آڱريون، ويا ڪپجِي ڪانہ،

وَحدتَ جي وِهانءِ، جي ويا سي وڍيا.



(13)

وَحدَهُ جي وڍيا، ڪِيا اِلاّالله اَڌُ،

سِي ڌَڙَ پَسِي سَڌَ، ڪنهن اَڀاڳِيءَ نه ٿئي.



(14)

وَحدَتا ڪَثرتَ ٿِئي، ڪثرتَ وحدتَ ڪُلُّ،

حَقُّ حقيقي هيڪَڙو، ٻولِي ٻِي مَ ڀُلَّ،

هِيءُ هلاچو هُلَّ، بالله سندو سڄڻيِن.



(15)

چئو تُون اَلله هيڪَڙو، وَائِي ٻِي وسارِ،

تَنَ ۾ تَندُ تنوارِ، سدا سُپيرِينِ جي.



(16)

چئو تون اَلله هيڪَڙو، ٻِي وائِي وساري ڇَڏِ،

اُو تان تو سين گَڏِ، سڄڻُ ساهَ پساهَ ۾.



(17)

پاڻئِي جلُّ جلالَہُ، پاڻئي جاَنِ جمالُ،

پاڻِئي صورتَ پِرّ جي، پاڻِئي حُسن ڪمالُ،

پاڻِئي پِيرُ مُريدُ ٿِئي، پاڻِئي پاڻ خيالُ،

سو سڀوئِي حالُ، مَنجهان ئِي معلوم ٿئي.



(18)

پاڻِئي پسي پاڻ کي، پاڻئي محبوبُ،

پاڻِئي خلقي خوبُ، پاڻئي طالب تَن جو.



(19)

سو هِيءُ، سو هو، سو اَجَلُ، سو اَلله،

سو پِرين، سو پَساهُ، سو ويري سو واهَرُو.



(20)

سو هيڏانهن، سو هوڏانهن، سوئي مَنِ وسي،

سوئِي سو پَسي، تَهِين سندي سوجهري.



(21)

پڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جي لهين،

هُئا اڳِهين گَڏُ، ٻُڌڻَ ۾ ٻه ٿيا.



(22)

ايڪ قَصَرَ، دَرَ لَکَ، ڪوڙين ڪَڻس ڳِڙکيون،

جيڏانهن ڪريان پَرکَ، تيڏانهن صاحبُ سامُهُون.



(23)

ڪوڙين ڪايائون تنهنجيون، لِکن لُکَ هزارَ،

جِيءُ سڀ ڪنهن جِيءَ سين، درسن ڌارو ڌارَ،

پرينم تنهنجا پارَ، ڪهڙا چِئي ڪيئن چُؤان!



وائي

سڀڪا پِريان ڪُون پُوڄي،

نِينهُن نيڻين، ڳُڻ ڳالهه، وو.

جا چِتايم چِتَ ۾، سڄڻُ سا ٿو ٻُجھي،

نِينهُن نيڻين، ڳُڻ ڳالهه، وو.

لاتِ جا لطيف جِي، سَڏُ تنهن جو سُڄي،

نِينهُن نيڻين، ڳڻُ ڳالهه، وو.





داستان ٻيو



(1)

آگهي اُگهائِي، رنج پِريان کي رسيو،

چکَيم چڱائِي، سورانگهي سوريءَ تان.



(2)

اَنڌا اُونڌا ويڄ، کَلَ ڪُڄا لئي کانئيين،

آسان ڏُکي ڏيلَ ۾، تون پياريين پيڄ،

سوري جَنين سيڄَ، مَرڻُ تن مُشاهدو.



(3)

سوريءَ سَڏَ ٿيو، ڪا هلندي جيڏِيُون؟

وڃڻُ تَن پيو، نالو نِينهَن ڳِنهَن جي.



(4)

سوري سڏُ ڪري، اُڀِي عاشقن کي،

جي اَٿئِي سَڌَ سِڪَڻ ۾، ته ڪَوُ مَ پيرُ پري،

سِسِي ڌارَ ڌري، پڇج پوءِ پِريتڻون.



(5)

سوري آه سينگارُ، آڳهين عاشقن جو،

مُڙڻ، موٽڻ مِهڻون، ٿيا نظاري نِروارُ،

ڪُسڻ جو قرارُ، اَصل عاشقن جو.



(6)

سوري سينگاري، اَصل عاشقن کي،

لُڏيا ڪِينَ لطيفُ چئي، ٿيا نيزي نظاري،

ڪوٺيو ڪناري، آڻيو چاڙهي اُنِ کي.



(7)

سوريءَ مٿي سيڻَ، ڪهڙي ليکي سَنَرا،

جيلَہُ لڳا نيڻَ، تي سُوريائِي سيڄَ ٿِي.



(8)

سورِيءَ چڙهڻ، سيڄَ پَسڻَ، اِيءُ ڪم عاشقنِ،

پاهُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو هلن سامُهان.



(9)

سوريءَ جي سؤ وارَ، ڏيهاڙئو چَنگِ چَڙهيين،

جِمَ وِرچي ڇڏيين، سِڪڻ جي پچارَ،

پِرت نه پَسين پارَ، نينهُن جِئائِين نڱيو.



(10)

پِهرين ڪاتِي پاءِ، پُڇج پوءِ پِريتُڻون،

ڏک پِريان جو ڏيلَ ۾، واڄٽ جِيئن وَڄاءِ،

سِيخُنِ ماهُ پچاءِ، جي نالو ڳِيڙَءِ نِينهن جو.



(11)

ڪاتِيءَ ڪونهي ڏوهُ، ڳن وڍيندڙ هٿَ ۾،

پَسيو پَرِ عجيب جِي، لِچيو وڃي لوهُ،

عاشقن اَندوهُ، سدا معشوقن جو.



(12)

ڪاتِي تکِي مَ ٿئي، مَرُ مُنيائِي هوءِ،

مانَ وُرَمنِ توءِ، مون پِريان جا هٿڙا.



(13)

جي تون سِڪَڻُ سِکيو، ته ڪاتِيءَ پئِي مَ ڪَنجههُ،

سُپيريان جي سُورَ جو، ماڙهُن ڏِجي نه مَنجههُ،

اَندر اِيءُ اَهنجُ، سانڍج سکائون ڪري.



(14)

جان وڍئين تان ويههُ، نه ته وٺيو واٽ وانءُ تون،

هِيءُ تَنين جو ڏيههُ، ڪاتِي جَنِين هٿَ ۾.



(15)

ڪاتِي جن ڳري، مان لنئون لڳي تنَ سين،

محبت جي ميدان ۾، وڃان پير ڀري،

اَڏِيءَ سِرُ ڌري، مانَ ڪُهِنَهون سُپرِين.



(16)

اَڳيان اَڏُينِ وَٽِ، پوينِ سِرَ سنباهيا،

ڪاٽِ ته پَوين قبولَ ۾، مَڇَڻ ڀايين گهَٽِ،

مَٿا مَهايَنِ جا، پيا نه ڏِسين پَٽِ،

ڪلَاڙَڪي هَٽِ، ڪُسڻ جو ڪوپُ وَهي.



(17)

جي اَٿئِي سِڪَ سُرڪَ جي، ته ونءَ ڪَلاڙَڪي ڪاٽي،

لاهي رک لطيف چئي، مَٿو وَٽِ ماٽي،

تِڪَ ڏيئِي پِڪَ پيءُ تون، گهوٽ منجهان گهاٽي،

جو وَرنہ وِهاٽي، سو سِرَ وٽ سَرو ساهَنگو.



(18)

جي اَٿئِي سَڌ سُرڪ جي، ته وَنءُ ڪَلاڙَڪي هَٽِ،

لاهي رک لطيفُ چئي، مَٿو ماٽي وَٽِ،

سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، پِيج ڪي پِياليون.



(19)

جي اَٿئِي سِڪُ سُرڪَ جي، ته وَنءُ ڪَلاڙَڪي ڪُوءِ،

مَهيسَرَ جِي مَدَ جي، هُتِ هڏهين هُوءِ،

جان رمز پروڙيين روُءِ، تان سِرَ وٽِ سُرڪِي سَڳُڻِي.

جي اَٿئي سِڪَ سُرڪَ جِي، ته وَنءُ ڪَلاڙڪي گهَرِ،

(20)

جي اَٿئي سِڪَ سُرڪَ جِي، ته وَنءُ ڪَلاڙڪي گهَرِ،

وَڍڻُ، چيرڻُ، چِچرڻُ، پَهتِ اُنِهين جِي پَر،

جي وَٽي پَويئِي وَرِ، ته سَهَنگِي آه سيّد چئي.



(21)

ناڻي ناه ڪَڪُوه، ڪِين مُلهه مهانَگو مَنڌُ،

سَنباهِج سيّدُ چئي، ڪاٽڻ ڪارڻ ڪنڌُ،

هيءُ تَنِين جو هَنڌُ، مَٽَن پاس مَرنِ جي.



(22)

عاشقَ زهرَ پياڪَ، وِهُ پسيو وِهسَنِ گهڻو،

ڪڙي ۽ قاتل جا، هميشہ هيراڪَ،

لَڳَينِ لَنئُون لطيفُ چئي، فنا ڪيا فراقَ،

توڻي چِڪنِنِ چاڪَ، ته به آهَ نه سَلِن عامَ کي.



(23)

مَ ڪر سَڌَ شرابَ جِي، جي تون ٽاريين ٽُوهُ،

پِيتي جنهن پاسي ٿِئي، منجهان رڳُنِ روحُ،

ڪاٽي چَکُ ڪَڪُوهُ، لاهي سِرُ لطيفَ چئي.



(24)

سَڌڙيا شرِابَ جون، ڪوهُ پچارون ڪَن،

جُہ ڪات ڪلالنِ ڪڍيا، ته موٽيو پوءِ وڃنِ،

پِڪون سي پِينَ، سِرَ جنهين جا سَٽَ ۾.



(25)

سرَ جُدا، ڌَڙ ڌارَ، دوڳَ جَنِين جا ديڳِ ۾،

سي مَرُ ڪَنُ پچارَ، هَڪِيا جن جي هٿ ۾.



(26)

ديڳيين دوڳَ ڪَڙهَنّ، جِت ڪڙيين ڪڙَڪو نه لهي،

تِتي طبيبنّ، چاڪَ چِڪندا ڇڏيا.



(27)

سِسي سي گهُرَنِ، جي واٽِيندَڙَ وچ ۾،

اُوءِ ڪِين ٻيو پُڇُنِ، سرو جن سنباهيو.



(28)

اَصل عاشقَ پانهنجِي، سسِي نه سانڍينِ،

لاهيو سِرُ لطيفُ چئي، ساهُ سَلاڙيو ڏِين،

ڪَلَهِنُئون ڪاٽِينِ، پُڇنَ پوءِ پِريتَڻون.



(29)

اَصل عاشقن جو، سِرُ نه سانڍڻ ڪَمُ،

سؤ سِسنِئان اَڳرَو، سَندو دوسان دَمَ،

هيءُ هَڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِريان جِيءَ نه پَڙي.



(30)

جي مَٿي وَٽِ مِڙَنِ، ته سڀ ڪنهين سَڌ ٿئي،

سِر ڏني سَٽِ جُڙي، ته عاشقَ اِيئن اَچَنِ،

لِڌا تي لَڀَنَ، مُلهه مهانگا سُپرين.



(31)

مُلهه مهانگو قَطَرو، سِڪَڻَ شهادتَ،

اَسان عِبادتَ، نظَرَ نازَ پِرينِ جا.



وائي

مَنڌُ پِينَدي مون، ساڄنُ سهِي سڃاتو.

پي پيالو عشقُ جو، سَڀُڪي سمجهوسون،

ساڄَنُ سهِي سڃاتو.

پِريان سندي پار جي، اَندر آڳِ اَٿئون،

ساڄَنُ سهِي سڃاتو.

جيئڻ ناهي جَڳُ ۾، ڏينهَن مڙيئي ڏُون،

ساڄَنُ سهِي سڃاتو.

اَلا! عبداللّطيف چئي، آهين تُونهِين تون،

ساڄَنُ سهِي سڃاتو.





داستان ٽيون



(1)

اُٿياري اُٿِي ويا، منجهان مون آزارَ،

حبيب ئِي هڻِي ويا، پِيڙا جِي پچار،

طبيبنِ تنوارَ، هَڏِ نه وڻي هاڻِ مون.



(2)

هَڏِ نه وڻي هاڻِ مون، ويڄن جو وصال،

هِن منهنجي حالَ، حبيب ئِي هادي ٿيو.



(3)

حبيبُ ئِي هادي ٿيو، رهنُما راحَتَ،

پِيڙا نِيائين پاڻ سين، لائي ڏيئِي لَتَ،

سُپيريان صِحَتَ، ڏِنِيمَ منجهان ڏکندي.



(4)

اورِ ڏُکندو او ٿئي، هادي جنهن حبيبُ،

تِرَ تفاوت نه ڪري، تنهن کي ڪو طبيبُ،

رهنُسما رقيبُ، ساٿَر صِحت سُپرِين.



(5)

ساٿَر صِحَتَ سُپرِين، آهي نه آزارُ،

مجلس ويرَ مِٺو ٿئي، ڪوٺيندي قهارُ،

خنجر تنهن خوب هڻي، جنهن سين ٿئي يارُ،

صاحِبُ ربُّ ستّارُ، سُوجهي رڳون ساهَ جِيُون.



(6)

رڳُون ٿيون رَبابُ، وڄن ويلَ سڀڪهِين،

لُڇَڻ، ڪُڇڻَ نه ٿيو، جانب ري جبابُ،

سوئِي سَنڌيندم سُپرِين، ڪِيس جنهن ڪبابُ،

سوئِي عَينَ عذابُ، سوئِي راحتَ روحَ جِي.



(7)

سوئِي راهُ رَدّ ڪري، سوئِي رهنُما،

’وَ تُعِزُّ مَنۡ تَشَاءُ وَ تُذِلُّ مَن تَشاء‘.



(8)

ڄاڻِي ٻُجهي جَنِ، تو سين سُورَ سَڃَ ڪِي،

تون ڪيئن سَنديون تَنِ، پَرَسين پَچاروُن ڪرين؟



(9)

پَر ۾ پُڇيائُو، عشقَ جي اَسباب کي،

دارون هِن دردَ جو، ڏاڍو ڏَسائُون،

آخِرُ وَالعَصَر جو، اِينهين اُتائون،

تِهان پوءِ آئوُن، سِڪان ٿِي سلامُ کي.



(10)

سِڪين ڪُہ سلامَ کي، ڪرين ڪُہ نه سلامُ،

ٻيا دَرَ تن حَرامُ، اِيءُ دَرُ جَنين ديکيو.



(11)

مِٺايان مِٺو گَهڻو، ڪڙو ناه ڪلامُ،

سُڪوت ئي سلامُ، پريانِ سندي پارَ جو.



(12)

پِريان سندي پارَ جي، مڙئي مٺائي،

ڪانهي ڪَڙائي، چَکِين جي چيتُ ڪري.



(13)

تو جَنين جِي تاتِ، تَن پُڻ آهي تنهِنجي،

’فَاذ ڪُرُونِي اَذڪُر ڪُم‘، اِيءُ پروڙج باتِ،

هَٿِ ڪاتِي ڳُڙُ واتِ، پُڇڻ پَرِ پِريَنِ جِي.



(14)

حبيبنِ هيڪارَ، مَنجهان مِهرَ سَڏ ڪيو،

سو مُون سڀ ڄَمار، اورڻ اُهوئِي ٿيو.



(15)

پاٻوهي هيڪارَ، مُونهان پُڇيو سَڄڻين،

’السَتَ بِرَبڪُم‘، چيائون جنهن وارَ،

سندي سُورَ ڪِنارَ، تَنَ تڏاهڪُون نه لهي.



(16)

پاٻوهِيو پُڇَنِ، ’ڪٿي هَٿُ حَبيبُ جو‘،

نيزي هيٺان نِينهن جي، پاسي پاڻُ نه ڪَنِ،

عاشقَ اَجل سامُهان، اُونچي ڳاٽِ اَچنِ،

ڪسڻ قربُ جَنِ، مَرڻ تَنِ مشاهِدو.



(17)

ڪوٺي ڪُهي سُپرين، ڪوٺي ڪُهَڻَ ساڻُ،

نيزي هيٺان نِينهن جي، پاسي ڪر مَ پاڻُ،

ڄُلُ، وِڃائي ڄاڻُ، عاشقَ اَجل سامُهون.



(18)

ڪوٺَڻ قريبن جو، عَينُ تَڙڻ آهِ،

اِيءَ اُلٽِي ڳالهِڙي، سِڪُ وَرندِي ساهِ،

آسَرَ هَڏ مَ لاهِ، ڇِنڻ ڳَنڍڻ اُنِ جو.



(19)

ڪُهَنِ تان ڪَرَ لَهَنِ، ڪَرَ لَهَنِ تان ڪُهَنَ،

سي ئِي ماءِ مُهَنَ، سي ئِي راحتَ روحَ جِي.



(20)

ڪُهي سو ڪَرَ لهي، ڪوٺي سو قَريب،

اِها عادت سِکيو، هر زمانِ حبيب،

تِڇي سو طَبِيبُ، سوئِي راحت روح جِي.



(21)

ڪُهَنِ ۽ ڪوٺِينِ، اِيءَ پَرِ سَندِي سڄڻين،

سُورِيءَ چاڙهيو سُپرِين، ڏنڀَ ڏِيهاڻِي ڏِينِ،

ويٺا وِرهُ وَٽِينِ، آءُ واڍوڙيا وِهاءِ تُون.



وائي

ٿيندو تَنَ طبيبُ، داروُن منهنجي درد جو.

ٻُڪِي ڏيندُمِ ٻاجهه جي، اَچِي شال عَجيبُ،

دارون منهنجي درد جو.

پِريَن اَچِي پاڻ ڪِيو، سندو غور غريبُ،

دارون منهنجي درد جو.

ڏُکَندو سڀوئي ڏورِ ڪِيو، مَنجهؤُن تَن طبيبُ،

دارون منهنجي درد جو.

اَديون عبداللّطيف چئي، هاتِڪُ آهِ حبيبُ،

دارون منهنجي درد جو.



¯سُر يمن ڪلياڻ



داستان پهريون



(1)

تُون حبيبُ، تون طبيبُ، تون درد جي دواء،

جانبُ مُنهنجي جيءَ ۾، آزار جا اَنواع،

صاحبَ ڏي شفاء، ميان! مريضن کي.



(2)

تون حبيبُ، تو طبيبُ، تون درد جو داروُن،

دوا آهن دل کي، تنهنجيون تَنواروُن،

ڪريان ٿي ڪاروُن، جئن ٻُڪي ٻِئنئِون نه ٿئي.



(3)

تون حبيبُ، تون طبيبُ، تونهين ڊَٺَنِ ڊَبُّ،

تون ڏِيين، تون لاهيين، تون هادي، تون ربُّ،

آهِم اِيءُ عجبُّ، جئن واريو ويڄَ وِهاريين.



(4)

تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون داروُن کي دردن،

تون ڏيين، تون لاهيين، ڏاتَرَ کي ڏُکندَنِ،

تڏهن ڦڪيون فَرقُ ڪَنِ، جڏهن اَمُر ڪريو اُنِ کي.



(5)

جان ڪي ڪري طبيبُ، دارون هِن درد جا،

هڻيو سا حبيبُ، اُکوڙيو اَڌَ ڪَري.



(6)

هَڻُ حبيبُ هَٿُ کڻِي، ٿيڪ مَ، ٿورو لاءِ،

پِرين تنهنجي گهاءِ، مَران ته مانُ لَهان.



(7)

هَڻُ حبيبَ هَٿُ کڻِي، دل ۾ ٿِي دانهِيان،

ڪُڇان تان ڪُوڪَ ٿئي، صبر آءٌ نه سَهان،

ڪنهن کي اِيئن چَوان، ته مون کي ماريو سَڄَڻين.



(8)

هَڻُ حبيبَ هَٿُ کڻي، ٻَنگا لَهِي ٻاڻ،

ماڳهين مون مِنهُن ٿئي، جهولِيءَ وجهان پاڻ،

اِنّ پَرِ ساڄَنَ ساڻ، مانَ مقابلو مون ٿئي.



(9)

جِت حبيبَ هَڻنِ، نائُڪَ ڀَري نِينهَن جِي،

تِتي طَبيبنَ، وِڄا وڃي وسرِي.



(10)

هَڻي جي حبيبُ، مَحبتي مَيا ڪري،

پڇان ڪونه طَبيبُ، هوند گهائَنِ سين ٿِي گهاريان.



(11)

چوري چنگُ، ٻَنگُ لَهِي، حبيب هَنيوسِ،

ٻُجهان ٻاڻُ لڳوسِ، ڪانارئو ڪَرَ کڻي.



(12)

ڪانارئا ڪُڻڪَنِ، جَنين لوههُ لِڱَن ۾،

محبت جي ميدانَ ۾، پيا لالَ لُڇَنِ،

پاڻهي ٻَڌن پَٽيُون، پاڻهي چِڪِئا ڪَنِ،

وٽان واڍوڙِينِ، رهِي اَچجي راتڙي.



(13)

رهِي اَچجي راتڙي، تَن واڍوڙين وٽاءَ،

جَن کي سورُ سريرَ ۾، گهَٽَ منجهارا گهاءَ،

لِڪائي لوڪاءَ، پاڻهي ٻَڌنِ پَٽيون.



(14)

اَڄ پُڻ ڪَنجهو ڪَنجهَه، واڍوڙڪي مَنهين،

جي پُڻ پِيَين سَنجهَه، هُوءِ پِنيُون، هُوءِ پَٽِيُون.



(15)

اَڄُ پُڻ ڪِهڙي دانَهن، واڍوڙڪي مَنَهين؟

ويڄَ وَرائي ٻانهن، چوري چاڪَ نهاريا.



(16)

ويچارا واڍوڙَ، سدا شاڪِرَ سُورَ سين،

تاڻِينِ پاسي توڙَ، اوري ڪَن نه آسرو.



(17)

سدا آهي سُورَ جِي، واڍوڙين وائِي،

جيڪا اَٿن مَن ۾، سَلنِ نه سائِي،

اوڙَڪِ اُهائِي، ڳوليو لَهنِ ڳالهَڙي.



(18)

سَگهنِ سُڌِ نه سُورَ جي، ته گهايَلَ ڪِئن گهارينِ،

پِيلَ پاسو پَٽَ تان، واڍوڙيلَ نه وارينِ،

پَرِ ۾ پَچَنِ پِرينءَ لئي، هَئي! هنجهُون هارِينِ،

سَڄڻُ جي سارينِ، تَن رويو وهامي راتَڙي.



(19)

سَگهَنِ سُڌِ نه سُورَ جي، ٿا رُنڪَنِ رَنجُورِي،

پيا آهن پَٽَ تي، مَٿنِ مامُورِي،

لڳِيَنِ لؤن لطيفُ چئي، سدا جي سُورِي،

پِرتِ جَن پُوري، تَن رويو وهامي راتَڙي.



(20)

آيَلِ اُنِ نه وِسهان، هنجهُون جي هارِينِ،

آڻيو آبُ اکين ۾، ڏيههَ کي ڏيکارينِ،

سَڄَڻُ جي سارِينِ، سي نڪي رُون نه چُون ڪِي.



وائي

وِرِسيا ويڄَ ويچارا، دل ۾ دردُ پِريَنِ جو،

اُٿو ويڄا، مَ وِهو، وڃو ڊَڀَ کِڻي،

دل ۾ درد پِرينِ جو.

ٻُڪِي ڏيندا ٻاجهَه جي، آيا سُورَ ڌڻِي،

آيا جيءَ جيارا،

دل ۾ درد پِريَنَ جو.



داستان ٻيو



(1)

تَنَ طبيبُ نه تُون، جو سُڌِ نه لهين سُورَ جي،

ڍَڪِ پنهنجون ڍَٻِيُون، کَڏ کڻِي ۾ ڀُون،

ڪانه گُهرجي مون، حياتي هوتن ري.



(2)

ڌاريئي دنيا ڪارڻِ ڍَٻِيُون، تَنَ جون تون نه طَبيبُ،

اِيندو اَڄُ عجيبُ، شادِي ڏيندو صِحَت جِي.



(3)

تَنَ طبيبَ نه گڏيا، ڪُٺِيَس ڪُويڄَنِ،

ڏيئي ڏَنَڀ ڏَڏَنِ، پاڻان ڏِيلُ ڏُکوئيو.



(4)

آهي گهڻو آگَهنِ جو، تَرَسُ طبِيبَنِ،

ڪيو وَسُ ويڄَنِ، تان ڪِريءَ ري ڪِينَ ٿئي.



(5)

تَرَسُ طبيبن جو، جَڏَنِ ڪيو نه ذاتِ،

جو ويڄنِ جي واتِ، دارُونئا تنهن دُورِ ٿيا.



(6)

آگهائِي سَگها ٿيا، جي ويٺا وٽِ ويڄَنِ،

تَرَسِي طبيبنِ، چيٺي هُوندَ چڱا ڪيا.



(7)

ويڄَنِ سين وائيءَ پيا، ڪِريِ نه ڪيائُون،

جي پَندِ پاريائون، ته سِگهائي سَگها ٿيا.



(8)

ويڄَنِ سين وائيءَ پيا، ڪِري ڪَنِ نه پاڻِ،

آگها اِنَ اُهڃاڻِ، پَسو! سُورُ سِجهائيا.



(9)

پاڙي ويڄَ هُئامِ، تان مون مُور نه پُڇيا،

تيلاهين پيامِ، موريسَرَ اکين ۾.



(10)

هاريا تو هِرِي، ڪُپَڇُ ڪايا سين ڪِيو،

ڪَريين جي ڪِري، ته تون تَوانون ٿِئين.



(11)

جي ڀائين پِريَنِ مِڙان، سِک چوران ڪِي ڌاتِ،

جاڳڻ جَشَن جن کي، سُک نه سارِي راتِ،

اُڄِي ٻُڄِي آئِيا، وائي ڪَنِ نه واتِ،

سلِي سوريءَ چاڙهيا، بيان ڪنِ نه باتِ،

توڻِي ڪُسن ڪاتِ، ساڳي سَلَنِ ڪينڪي.



(12)

تَڙي طَبيبنِ، گهائِلُ گهَران ڪَڍيو،

چِڪيا چاڪَ چِهُون ڪري، ڪَڙيُون مُور نه ڪَنِ،

دوستَ جي درسَن سين، پُئي ٺارُ ٺَپَنِ،

وِرِچِيو ويڄَ وڃنِ، آءُ ته پِرينمِ اُبهان.



(13)

ويڄنِ ويٺي ئِي، دوسُ پيهي در آئِيو،

صِحت جِي سرير ۾، ڪَلّ ڪَرين پيئِي،

پِيڙَ پَري ويئي، اَچڻ ساڻُ عجيب جي.



(14)

وَڍي جَنِ وِڌياسِ، وري ويڄَ ئِي سي ٿيا،

تُرت ٻَڌائون پَٽيون، روز ڪيائون راسِ،

هِينئڙا تَنين پاسِ، گهارِ ته گهايَلُ نه ٿئين.



(15)

هاريا ويڄَ، مُياسِ! سُڌِ نه لَهين سُور جِي،

پِريان کي چُوندياسِ، ته تَرَسُ طبيبنِ ڇڏيو.



(16)

ويڄَ! مَ ٻُڪِي ڏي، اَلا! چڱي مَ ٿيان،

سڄڻُ مانَ اچي، ڪَرَ لاهُو ٿِي ڪڏهين.



(17)

ويهڻ ويڄنِ وَٽِ، جي سِکين ته سَگهو ٿئين،

اَڳين عادت مَٽِ، ته اَگها! عاجِز نه ٿِئين.



(18)

هُئين ويڄنِ وٽِ، تون ڪيئن جيءَ جڏو ٿئين؟

سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، ڪوه نه ڪَيَئي ڊَڀَڙا؟



(19)

دارون ۽ ڪارُونَ، جان ڪي ڪيا ويڄَ مون،

ٻڪي ڏيندا ٻاجهه جي، نهارِي ناڙوُن،

جَن سيڻَ لَهنِ سارون، تَنِ تان ڏُکندو ڏوُر ٿئي.



(20)

اَگهَنِ مِڙي اڄ، ڪيو سڏَ صِحَتَ کي،

ڏور ڏُکندا ڀَڄُ، مِهريءَ مُنهن ڏيکاريو.



وائي

اَچي سارَ لَهيج، ساڄَن، سورَ توهانجي آءٌ مارِي،

سورَ تُنهِنجي جي مَران، تان مون ڏوههُ نه ڏيج،

ساڄَن سورَ تُنهنجي آءٌ مارِي.

ڊَڀَنِ ڀَري هَٿَڙا، دارون دوستَ ڪَريجِ،

ساڄَنَ سُورَ تُنهنجي آءٌ ماري.





داستان ٽيون



(1)

هَئي هَئِي! وَهي هاءِ، مَنَ ۾ محبوبن جِي،

جيرا جوش جلائيا، بُڪِين ٻَري باههِ،

پَسو مَچَ مٿاءِ، جي ويساههِ نه وِسَهو.



(2)

هَئي هَئِي! وَهي هُوءِ، مَنَ ۾ محبوبن جِي،

جيرا جوش جلائيا، بُڪين مُڪِي بُوءِ،

اَچِي پَسو رُوءِ، جي ويساههِ نه وِسَهو!



(3)

ڪانڊين ٽانڊين ٻاٻُرين، پَچان مَرُ پيئي،

جيرا جگر بُڪِيُون، سِيخُن ۾ ٽيئي،

ويڄَنِئُون ويئي، ٿِي وَهيِڻِي سَڄَڻين.



(4)

سَرُ جو سَڃيو سَڄَڻين، ڀَرُ ڀيڏِيءَ ڏيئي،

ڪانَ ڪِرَنگهرُ ڪپيو، پَکَن سِرِ پيهي،

جيرا جِگرَ بُڪِيُون، پاساريون ٻيئي،

ويڄَنِئون ويئي، ٿِي وَهِيڻِي سَڄَڻين.



(5)

سَرُ جو سَڃِيو سَڄڻين، ٻَنگا ٻاڻُ ڀَري،

ويو وُجودان نڪري، ڪَڙِ ڪَڙِ ڪانُ ڪري،

پُڇو پيرَ ڀَري، ته ڪِ ٺريو هَٿُ حبيبَ جو.



(6)

سَرُ جو سَڃِيو سَڄَڻين، ٻِيهَرَ ٻاڻُ ڀَري،

ڇمَڪيو سو ڇوههَ مان، ڪَڙِ ڪَڙِ ڪانُ ڪَري،

جيرا جِگرُ بُڪِيُون، لنگهي پيو پَري،

لڳو جِيءَ جَڙي، تاڻيان تِيرُ نه نڪري.



(7)

سَرُ جو سَڃِيو سَڄَڻين، سيڱَ منجهان سِيلو،

ٽِنگَرُ ٽِڪيو ڪينڪِي، پار لنگهيو پِيلو،

هڻڻ سين حِيلو، جانبَ جيڏو ئي ڪيو.



(8)

ڌڳايومِ ڌَئِين، ڄيرو اَندر جِندَڙي،

لڳِي سِيخَ وُجُودَ ۾، سندِي نينهن نَئِين،

مُشَاهدي تَهِين، مون کي وڌو مَچَ ۾.



(9)

جي تَتو تَنُ تَنُور جئَن، ته ڇَنڊي ساڻ ڇَماءِ،

آڻي آڳِ اَدب جِي، ٻاري جانِ جَلاءِ،

بُرقئا اندر بازيُون، پنهنجون سڀ پچاءِ،

لُڇَڻُ، لَؤن لطيف چئي، پَڌر هڏ مَ پاءِ،

متان لوڪُ لَکاءِ، وِصالان وچ پَئي.



(10)

اَڃا تَنُوراءِ، ڪالهه ڪڍياسون سَڄڻين،

پُڻ تايائُون تڪڙو، وحدتَ جي وُڌاءِ،

مَحَبَتِينِ مَٿاءِ، مَچُ مُورائين نه لهي.



(11)

پَچائي پَهاڻُ، جَن رَساڻيو رُڪَ کي،

تَنِين سندو ڄاڻُ، آهي آڳَڙينَ کي.



(12)

چڙهيو چَڪاسِن چاءِ، آڳ ٻَرندي آئيا،

وِهُسن واڙيءَ ڦُلَ جئن، مَحبَتِي مَچَ لاءِ،

آڻي پاڻُ آڙاءِ، کڻي کُوري وِچَ ۾.



(13)

ڌَنءُ ڌنءُ ڌَمَڻِ وارَ، اَڄ پڻ آڳَڙينِ جي،

ٻاري مَچَ مَجاز جو، اوتيائون آڱارَ،

ڌُوڌِيا ٿيءُ مَ ڌارَ، جِمّ ڪَچو رُڪُ ڪَڻيون ٿئي.



(14)

ڌُوڌا تون نه ڌَنئين، آڳِ اوڏو نه وَڃين،

اَلا جي عشق جا، سي تان تُون نه سَهين،

اُڀو اِيءَ چَئين، ته آءٌ آڳَڙيو آهيان.



(15)

سِرُ سانداڻِ ڪري، پُڇج گهَرُ لُهارَ جو،

ڌَڪن هيٺ ڌَري، مانَ گَڏِينئِي رُڪَ سين.



(16)

سَهِين جِئن سانداڻ، ڌڪن مٿي ڌَڪڙا،

وَههِ وِڃائي پاڻ، ڏي ڏَٻائون ڏُڱرين.



(17)

هَئِي! ٻَرُ آڱارِن، ٻَڏاهين ٻَرن جي،

هِڪُ کوري کانئيا، ٻيو ڌُوڌي منجهه ڌَڳنِ،

پاڻان لُهارِن، ميڙي رکيا مَچَ لئي.



(18)

ٻاريو اُجهائِينِ، پِرينِ اُجهايو ٻارينِ،

مون کي ٿا مارينِ، لُئا لُهارنِ جا.



(19)

اَڄ آڳڙيا آئيا، سُوڌا سِراڻِي،

پياري پاڻِي، تيغون ڪندا تِکيون.



(20)

اڄ آڳڙيا آئيا، سائُو ڪي سُڄاڻَ،

لاهيندا مورياڻَ، رُڪُ ڪَرِيندا پَڌرو.



(21)

سُرها ڏٺم سي، جن ساڃاءِ سِراڻِ سين،

تيغَ تَنينِ جي کي، ڪٽُ نه لي ڪَڏهين.



(22)

ڪَٽَ ڪَڙهي، لوهه ٻَري، ڌوڌا جِت ڌَڳن،

مُتَرڪن مُنهن ڪڍيا، سانداڻيون سَڪَنِ،

اَڄ پُڻ آڳڙين، ميڙو آهي مَچَ تي.



(23)

چَکي مَئي مَٽن جِي، آڳڙيا آيا،

ڪڙي قاتِلَ ڪوڏيا، ورنہ وڻايا،

گهوُرن سين گهايا، پِيَڻُ تان پري ٿيو.



(24)

کانئيا تن کَٽيو، اُجهائَڻ اُونداههِ،

جن اَندر ٻَري باههِ، سُڌ تَنِي کي سڀڪا.



وائي

جيءُ جِيارو، جيءُ جِياريو، ڪِينَ مُنهنجڙو هاريو،

منهنجو جيءُ جِياريو.

پِرينِ جِيءَ پَچارَ، سيڻَنِ جِيءَ سنڀارَ، جَڏڙو جِيءُ جِياريو،

منهنجو جِيءُ جيِاريو.

اُڃيو تَنُ عَميقَ مان، پِرينِ پُوڄَ پِياريو،

منهنجو جِيءُ جيِاريو.

مَرضُ مَرِيضن تان، اِشَاري ساڻ اُتاريو،

منهنجو جِيءُ جيِاريو.

ڪَرمَ ڪريمن جي مون کي، اُهکِيءَ مان اُڪاريو،

منهنجو جِيءُ جيِاريو.

سَنئون مُنهن ڪري سُپرِين، آئِين نِرمل نُورَ نِهاريو،

منهنجو جِيءُ جِياريو.

سائِلَن جِئن سَڏَ ڪَري، اَئِين طالِحَنِ کي تاريو،

منهنجو جِيءُ جِياريو.





داستان چوٿون



(1)

ايڪُ پِيالو، ٻه ڄڻا، عشقُ نه ڪَري اِينءَ،

ليکيا جي لِکڻ ۾، سي قُربِ رَسندا ڪِينءَ؟

هُئَڻ ڪيا هِينءَ، وانجئِا پَسُ وِصالَ کان.



(2)

ايڪ پيالو، ٻه ڄڻا، عشق نه اِئين ڪَري،

آٽِي سي ايڪُ ٿيا، جي گَتا نينهن ڳَري،

دُئِي ڌارَ ڌَري، خُلّتَ خَنجر آئيو.



(3)

ايڪُ پيالو، ٻه ڄڻا، عشق نه ڪَري اَڌ،

اِيءَ جا ساعرَ سَڌَ، ڪِيَئِي جا قَوالَ سين.



(4)

اَکيون اوڏاهين کڻي، جيڏانهن قاتِلَ ڪُلَّ،

مَٿو ڪَن نه مُلّ، پِڪَ برابر پانهِنجو.



(5)

جيڏانهن قاتِلَ ڪوڙَ، اکيون اوڏاهين کڻي؛

وِهُ تَنِين جِي ووڙَ، جَنِين سانگُ نه ساهَ جو.



(6)

قاتِلَ ڪمَائِي ڪري، وِهُ ماکِي جي ڪَنِ،

وَٽان ويهي تَنِ، پِيجِ ڪي پِيالون.



(7)

هُوندو هَڏِ مَ رَکُ، لئي پِياڪن پانهِنجو،

وٽِي واٽاڙئِن کي، تان پياري پَرکُ،

سا لِکَ لهِي ٿِي لَکُ، جا تو اِيندي اُنِ سين.



(8)

هُوندو هَڏِ مَ سَنڌِ، لئي پِياڪَن پانهِنجو،

پُوڄَ پِيارج پَنهِيڙا، ويندا وٺيو ڪَنڌِ،

ته هَٽُ تُنهنجي هَنڌِ، موکِي ڪو مانُ لَهي.



(9)

گهَٽَنِ ۽ گهُٽَڪَن، وَٽيون پِين وِهَ گاڏيون،

’بَرخيز بِده ساقي‘، پيار کي پِريَن،

پڪين نه پَرچَنِ، مَٽَ تَڪِيائون مَنجهِيان.



(10)

آڻي اُترَ واءَ، موکيءَ مَٽَ اُپَٽِيا،

متارا تِنهن ساءَ، اَچنِ سِرَ سَنباهِيو.



(11)

موکيءَ مَٽَ اُپَٽِيا، اڇا اَڱڻ ڌارِ،

اِيندا تو دربارِ، وِهَ پئندا وَٽِيون.



(12)

موکِي مَنڌَ پِيار، اُونچو اُونچي مَٽَ مان،

ڏيندي ڏاتارنِ کي، وَٽيءَ وِجهه مَ وارِ،

سِرَ کَڻِي، سَردار، اڱڻ تُنهنجي آئيا.



(13)

موکِيءَ مَٺو نه گهُريا، وِهَ نه وِهاٽِيا،

سُرڪِيءَ ڪاڻِ سَيّد چئي، اُتي ٿي آٽِيا،

جي ڳالِنِ ڳَڱاٽِيا، تن بَٺَنِ پاسي بٺُيون.



(14)

موکِيءَ سندي مَٽَ ۾، سُرِي سَپَ پِيو،

قَضا ڪَم ڪيو، ڪونهي ڏوهه ڪَلاڙَ جو.



(15)

موکِيءَ سندي مَٽَ ۾، ڪو جو زهر ذَرو،

پِئندي پوشِيدنِ کي، پيو ڪونه پَرو،

مَٿو مَهايَنِ جو، ڪيو ڳَهَرِ ڳَرو،

ٿِئڙنِ کيپُ کَرو، ڪنهن جنهن ڳَهَر ڳَڱاٽِيا.



(16)

مُنهن وِجهيو مَٽَنِ ۾، موکِي اُڀي روءِ،

متارا مري ويا، اَڱڻِ اَچي نه ڪوءِ،

مَتارَنِئون پوءِ، مُٺا مَٽَ مِٽي ٿيا.



(17)

نه سي اڱڻ آڳڙيا، نه سا سَٽَ سَري،

ڪٽورا قاتِلَ جا، جن پِيتا پاڻَ ڀري،

اَٺئِي پَهر اُلٽَيا، ڌرتيءَ سِرُ ڌري،

ويئِي اُجهامِي اُن جي، بَٺي بَس ڪري،

ساريو سُورَ چُڙي، موکِي متارن جا.



(18)

وِجهج واٽاڙُئَنِ تي، ميخاني جِي ماڪَ،

ٿِيندي سُڌِ سڀ ڪنهن، هَنڌِ هَنڌِ پُوندي هاڪَ،

پِرهَ جا پِياڪَ، جُہ سي اَڱَڻِ آئيا.



(19)

سَري ڪِينِ ڪيو، ويڻ موکِيءَ جي ماريا،

ڪو جو سُخن ڪَلاڙجو، پِتي تي پِيو،

تِهان پوءِ ٿِيو، مَرڻ مَتارن جو.



(20)

جُہ سي اَڱڻِ آئيا، سَرو ڪندا سُڃَ،

سائِي ٿيندَينِ اُڃَ، هِي پِيتو، هُو اَڻِ ڪِين!



(21)

موکِي چوکِي نه ٿِئي، اَصل اوڇِي ذاتِ،

وَٽيُون ڏيئِي واتِ، متارا جنهن ماريا.



(22)

متارا مري وِيا، موکِي تُون نه مَرين!

ڪيهيءَ پَر پَرين، ڏُکِي ڏاتارنِ ريءَ؟



(23)

متارا مري وِيا، موکِي تُون ڀي مَرُ،

تُنهنجو وَسُ ڏَمَرُ، ڪونه سَهندو اُنِ ري.



(24)

اَڃا کُوري ماڳَ، مَٽَ، ڪُٽِڪا، ڪَٽ گهَڻا،

لاهي ويههُ مَ لاڳِ، موکِي متارِن جا.



(25)

ڪَنڌ ڪَٽارو، مُنهِن وَٽِي، عادت جَنين اِيءَ،

تَنِين تِڪُون ڏِنيون، جُنبِي منجهان جِيءَ،

سَرو تَنِ سبيءَ، جن حاصل ڪيو حالَ کي.



(26)

هَٿَ کَڻيو سَڏَ ڪَري، موکِي ماءَ ڳَري،

نه ڪنهن ماريا جَنگ ۾، نه ڪنهن سُورَ ٻُري،

اوري هئا ته آئيا، جُڪُسِ ويا پَري،

روئان ڪِيئَن ڪري، مادر متارن کي.



(27)

سِرُ ڏيئِي سَٽ جوڙِ، ڪنهن پَرِ ڪَلاڙن سين،

ڪاتِي، ڪَرٽُ ڪَپار ۾، خنجر آڻي کوڙِ،

مَرڻا مُنهن مَ موڙِ، وَٽِي ٿِي وَڌِ لهي.



(28)

وَٽ وَٽ وَٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَنڌُ پِيو،

قَدرَ ڪيفَ ڪَلاڙَ جو، پِياڪَنِ پيو،

اَچن دُرسُ دُڪانَ تي، ڪَنڌَ قبول ڪِيو،

سُرها سِرَ ڏيو، چَکُنِ سُرڪَ سَيّد چئي.



(29)

اَٽِي ٿِيءُ اَڱارَ، کامِي کِردارَنِ سين!

پَسين سي ڀَتارَ، پُرِ پِيتُهءِ جَن سين.



(30)

ڪَلاڙَنِئون ڪاءِ، مَتِ نه سِکين مون هِينئان!

روُئندي راتِ وِهاءِ، چِڪائِيندي بَٺيُون.



وائي

سيڻَنِ جي سَنڀَار، جڏو جيءَ جِياريو.

ڪَرَم ڪَريمَنِ جي، آهکِيءَ ويرَ اُڪاريو،

جَڏو جِيءُ جِياريو.

سالِيَن جِئن ساٺُ ڪَري، طَيرَنِ جِئن تَنواريو،

جَڏو جِيءُ جِياريو.

سَئون مُنهن ڪَري سُپُرين، تان نِرمل نور نِهاريو،

جَڏو جِيءُ جِياريو.

مرضَ مريضنِ تان، اِشاري ساڻ اُتاريو،

جَڏو جِيءُ جِياريو.



وائي

(2)

دوسُ پيهِي در آئيو، ٿيو مِلَڻ جو ساعيو،

ڏينهين پُڄاڻون آڻي اسان کي، مولي مُحب ملائيو،

ٿيو مِلَڻ جو ساعيو.

وِيو وِڇوڙو ٿيو ميلاپو، واحد واءُ وَرائيو،

ٿيو ملَڻ جو ساعيو.

هو جِنهين جو ڏَسُ ڏُورانهُون، اوڏو اَڄ سو آئيو،

ٿيو مِلَڻ جو ساعِيو.

عَبداللّطِيفُ چئي، اَچيِ عَجِيبن، پاڻ فضَلُ فَرمائيو،

ٿيو ملڻ جو ساعيو.





داستان پنجون



(1)

صُوفِي سالم سي وِيا، جي اڪثر سين اَڏيارَ،

بازِي بازندنِ کي، آهي اَويسارَ،

پريان سين پَهَڪارَ، رِندِيءَ رَساڻي ڪيا.



(2)

صُوفِيءَ سيرُ سَڀَنِ ۾، جِئن رَڳُنِ ۾ ساهُ،

سا نه ڪري ڳالهڙِي، جِئن پَريُون پَروڙي پَساهُ،

آهِس اِيءُ گُناههُ، جي ڪا ڪَري پَڌرِي.



(3)

صُوفِي چائِين، سَڌُ ڪِرين، صُوفِنِ اِيءُ نه صَلاحَ،

ڪاٽي رکُ ڪُلاهَ، اُڇلي وِجهه آڳِ ۾.



(4)

جي ڪُلاهَ رکين ڪَنڌَ تي، ته صُوفِي سالم ٿِيءُ،

وِهَ وَٽِي هَٿِ ڪري، پُر پِيالو پِيءُ،

هَنڌُ تَنِين جو هِيءَ، جَن حاصل ڪِيو حَال کي.



(5)

صُوفِيءَ صافُ ڪِيو، ڌوئِي وَرَقُ وُجودَ جو،

تِهان پوءِ ٿِيو، جِئَرِي پَسَڻُ پِرِينءَ جو.



(6)

صُوفِي لا ڪُوفِي، ڪونه ڀانِئسِ ڪيرُ،

مَنجهان ئِي منجهه وِڙهِي، پَڌرِ نه آهِسِ پِيرُ،

جَنِين ساڻَس ويرُ، ٿئي تَنِين جو واهَرُو.



(7)

ڏِني ڏُکويا، اَڻَ ڏِني راضي رهيا،

صُوفِي تِئن ٿِيا، جِئن ڪِينَ کَنيائون پاڻ سين.



(8)

جُسي ۾ جَبارَ جو، خَفِي خيمون کوڙِ،

جَلِي تون زَبانَ سين، چارئِي پَهَر چورِ،

فِڪر سين فُرقانَ ۾، اِسمُ اَعظمُ ڏورِ،

ٻيا دَر وَڃي مَ ووڙِ، اِيءُ اَمُلهه اِئائِين سِپَڄي.



(9)

عالَمَ آءٌ ساڻُ، ڀَريو ٿو ڀيرَ ڪَري،

پاڻ نه آهي ڄاڻُ، مانڊِيءَ مَنڊ پَکيڙِيو.



(10)

طالِبُ ڪَثَرَ، سُونهَن سَر، اَندر روُمِيءَ راءِ،

ماڙهو اِتِ ڪِياءِ، مَنڊُ نه پَسين مَنڊِيو!



(11)

طالِبُ ڪَثَرَ، سُونهَن سَر، اِيءَ رُوميءَ جيءَ روُءِ،

جَنِين ڏِٺي جُوءِ، تَنين ڪُڇيو ڪينڪِي.



(12)

طالِبُ ڪَثرَ، سُونهَن سَر، روُميءَ چيو آهي،

تاڙِي جي لاهي، ته مَنجهِين مُشاهِدو ٿئي.



(13)

طالِبُ ڪَثَرَ، سُونهَن سَر، اِي روُمِيءَ جِي رِهاڻِ،

پِهرِينِ وِڃائِڻُ پاڻِ، پَسَڻُ پوءِ پِرينِ کي.



(14)

طالِبُ ڪَثَرَ، سُونهن سَر، اِيءُ رُومِيءَ جِي راحتَ،

جَنِين ڏِٺي سَتَ، تَنِين ڪُڇيو ڪينڪي.



(15)

طالِبُ ڪَثَرَ، سُونهَن سَر، اِيءُ روُمِيءَ جِي اوطاقَ،

جي ڀَڃي دَرُ فراقَ، ته مَنجهيين مُشاهدو ٿئي.



(16)

ظاهَر ۾ زانِي، فِڪرَ مَنجهه فَنا ٿِيا،

تَنِين کي تعليم جِي، ڪُڙِه اَندر ڪانِي،

حَرَفُ حَقانِي، دَورُ ڪِيائون دِل ۾.



(17)

جن کي دَورُ درد جو، سَبقَ سُورَ پَڙهنِ،

فِڪَر ڦَرهِي هٿ ۾، ماٺ مُطالع ڪَنِ،

پَنو سو پَڙهنِ، جنهن ۾ پَسن پِرينَ کي.



(18)

وِسريومِ سَبَق، پهرين سِٽَ نه سَنڀران،

اَڃا هيءُ وَرقُ، هَئي مُطالع نه ٿِيو.



(19)

ڪيو مُطالع مون، هو جو وَرَقُ وِصَال جو،

تنهن ۾ تُونهِين تون، ٻِي لاتِ نه لَحظي جيترِي.



(20)

سا سِٽَ نه سارينِ، اَلفُ جنهن جي آڳَ ۾،

ناحَقُ نِهارِينِ، پَنا ٻيا پِريَنِ لَئي.



(21)

سا سِٽ سارِيائُون، اَلفُ جنهن جي اَڳ ۾،

’لامَقصُودَ فِي الدَّارَينِ‘، اِن پَر اُتائُون،

سَڳَر سوٺائُون، ٿِيا رَسِيلا رَحمانَ سين.



(22)

ٿِيا رَسِيلا رَحمانَ سين، سَڳَر سُونهين جي،

آئيون تَنِين کي، واڌايون وِصالَ جِيون.



(23)

ٿيا رَسِيلا رَحمانَ سين، سَڳَر سُونهيون جَنِ،

منجهان تَن جُسَنِ، حَرفُ نه سُڄي هيڪَڙو.



(24)

اَکَرَ پَڙهي اُڀاڳِئا، قاضِي ٿِئين ڪِئاءُ،

ڀيريين ۽ ڀائِيين، ايڏا اِيئَن نه آءُ!

اِنَ سُرڪِيءَ سندو ساءُ، پُڇج عَزازِيلَ کي.



(25)

عاشق عَزازيلُ، ٻيا مِڙئي سَڌڙيا،

مَنجهان سِڪَ سَبِيل، لَعنتِي لالُ ٿِيو.



(26)

جو مون پَڙهيو پاڻَ لَئي، سَبَقُ سابِقُ جو،

پِهرينِ سۡڃاتُم پانهنجي، نَفسَ جو نِهو،

جِت عِرفانُ اَصلَ ۾، ٿي روحَنِ روزُ ڪيو،

وَرِي وَرَقُ پِيو، گَڏيم وَڍُ وِصَالَ جو.



(27)

اَکَرَ ڇُٽِي هيڪَڙي، ٻَهُون جي نه ٻُجهَنِ،

ڪوهُ ڪبو کي تَنِ، سَڄِي سُڻائي ڳالهڙِي.



(28)

پَڙهيو ٿا پَڙهنِ، ڪَڙهنِ ڪين قُلوُبَ ۾،

پاڻان ڏوهَ چڙهنِ، جِئن وَرقَ ورائِن وِتَرا.



(29)

پَڙهيو پڙهيجاهُ، سَبقُ اِنهيءَ سُورَ جو،

مِيمُ رَکجا مَنَ ۾، اَلِفُ تنهن اَڳياهُ،

چِتا چوريجاهُ، اِها لاتِ لَطِيفُ چئي.



(30)

اَکَرُ پَڙهه اَلِفُ جو، وَرَقُ سَڀ وِسارِ،

اَندرُ تون اُجارِ، پَنا پڙَهندين ڪيترا.



(31)

ڪوڙين ڪتابَنِ ۾، حَرفُ مِڙوئي هيڪَ،

جي تو نَظر نيڪُ، ته بِسم اللهِ ئِي بس ٿِئي.



(32)

جو اَلِفَ کان اوري ٿِيو، اَلفُ اُهوئِي آهه،

لوڪان تون لِڪاءِ، ته داخل ٿِئين نه دالَ سين.



(33)

جِئَن جِئَن وَرَقَ وَرائيين، تِئَن تِئَن ڏٺو ڏوههُ،

تنهن ڪَهِڻيءَ ڪِبو ڪوههُ، جي رَهڻِيءَ رَهيو نه سُپرِين.



(34)

ڪوڙين ڪِتابن پڙهِين، جُزون جان ڪي تان،

پهڻيءَ ريءَ پِريان، سُوڌِي ساڃاههَ نه ٿئي.



(35)

ڪاتِبُ، لِکِين جِئَن، لايو لامُ اَلِفَ سين،

اَسان سَڄَڻُ تِئَن، رَهيو آهي رُوحَ ۾.



(36)

ڪوهُ ٿو ڪاڳرَ ڪورئين، ويٺو وِڃائين مَسُ،

ڏُورِ تِئائِين ڏَسُ، اَکرُ جِئائِين جُڙيا.



(37)

تِهڙا چاليها نه چالِيهُه، جِهڙو پَسَڻ پِرينءَ جو،

ڪِهڙي ڪاتِبُ، تون ڪريين، مَٿي پَننَ پيههَ،

جي وَرَقَ وارين وِيههَ، ته به اَکَرُ اُهوئِي هيڪڙو.



(38)

شَهرُ ڏسِي سَرهو ٿِئين، ڏِٺئِي نه بازارِ،

جو وَکرَ وَکارِنِ ۾، ڍَڪيو ڪهڙيءَ ڍارِ،

تون تَنِين سين گهارِ، ته لَهِين لَکَ لطيفُ چئي.



(39)

تَنُ کُڏي، مَنّ حُجرو، ڪِيمَ چالِيها رَکُ،

ڪُہ نه پُوڄيو پُوڄئين، اَٺئِي پَهرُ اَلَکُ،

تان تُون پاڻَ پَرَکُ، سَڀڪِنهن ڏانهن سامُهون.



(40)

سَڀ ڪِنهن ڏانهن سامُهون، ڪو هنڌُ خالي ناههِ،

اَحدا جي اَرَکَ ٿيا، سي ڪائِر ڪِبا ڪاههِ،

مُحِب مَنجهِين مَنَ ماهِه، مون اَڄاڻنديءَ اُجهِيو.



وائي

وَٺَڙِيو هوتَ وَڃنِ، وو! جهَليان پَليان، هِينئَڙو نه رَهي!

آءٌ جَنِين جِي آهيان، ڪَڙي مَ ٿيان تَن،

جهَليان پَليان، هينئڙو نه رَهي!

گهورِيان گهَڻين ڀَتيين، سندِي ٻاجهه ٻِينِ،

جهَليان پَليان، هِينئَڙو نه رَهي!

مَرُ مَران، مارين مون، پُرزا پرزا ڪنِ،

جهَليان پَليان، هينئَڙو نه رَهي!

آءٌ ميائي گهورِئي، جي مان مُحِبُ مِلَنِ،

جهَليان پَليان، هينئَڙو نه رَهي!



وائي



(2)

وسارج مَ ويڻَ، جوڀَن ٻه ٽي ڏينهڙا.

لوٺِيون سَهنِ لوڪَ جا، وِهاڻيءَ ٿيون ويڻَ،

جوڀنَ ٻه ٽي ڏينهڙا.

اَصلِ اَسارِنِ جا، ستِي وِيَڙا سيڻَ،

جوڀنَ ٻه ٽي ڏينهڙا.

جيڏيون، جي مان وِسَهو، نِنڊَ مَ هيريو نيڻَ،

جوڀنَ ٻه ٽي ڏينهڙا.

راتَڙيون جاڳنِ جي، سي آءٌ ڪندَڙي سيڻ،

جوڀنَ ٻه ٽي ڏينهڙا.

آڌيءَ راتِ اُٿي ڪري، جهَلِ تون ننِڊان نيڻَ.

جوڀنَ ٻه ٽي ڏينهڙا.





داستان ڇهون



(1)

دائودِي دَيُون ڪري، رَڪَنِ ڪونهي رنگُ،

گهوڙِيءَ هيٺ اَيَنگُ، ڪاهيو پاکَرئين هڻي.



(2)

دائُودِي دَيُون ڪري، رَڪَنِ ڪونهي چيتَ،

گهوڙيءَ هيٺ سُچيتُ، ڪاهيو پاکَرئين هڻي.



(3)

اوقابِيلُ! آکين ۾، توکي بارِي بانَ،

اُڀو آڳرايون ڪريين، ماڳِ هڻيو مستانَ،

جانِبَ تون زِيانَ، اَکين سين ايڏا ڪرين.



(4)

اوقابِيلُ اَکين ۾، توکي تِکا تِيرَ،

ساڄَن! اِنهي سِيڱ سين، ڦَٽِيئِي گهڻا فَقِيرَ،

ٻيو مَ مارجِ مِيرَ، تنهنجو پهريون ئِي پورو ٿيو.



(5)

اوقابِيلُ اَکن ۾، تِيرَ تِکا توکي،

ساڄنَ اِنهي سورِ جِي، ڪَل نه آ ڪنهن کي،

مارين ٿو مون کي، چاڙهي لوههَ لطيفُ چئي.



(6)

اوقابِيلُ اَکين سين، تِيرَ چَلايا تو،

پيو مَرُ ماري سو، جنهن جو پهريون پُورو نه ٿئي.



(7)

جِي هو پائِنِ ڪانُ ڪمانَ ۾، ته سِينو سِپَرَ رکُ،

مُنهن ۾ معشوقن جا، چاڪَ چٽَڪا چَکُ،

سُورِي ڀانءِ مَ شَڪ، عاشق ٿِيءُ ته اُبَهين.



(8)

جي هو پائِنِ ڪانُ ڪمانَ ۾، ته سِينو سِپَرَ ڏيجِ،

مُنهن ۾ معشوقن جا، جهالُو ٿِي جهَليجِ،

پاهان پَڳَ مَ ڏيجِ، عاشق ٿِيءُ ته اُبهين.



(9)

جي هو پائِنِ ڪانُ ڪمانَ ۾، ته نَئِي ڏج سِينو،

ڪجي نه ڪِينو، وڃِي در دوستن جي.



(10)

پائي ڪانُ ڪمانُ ۾، مِيان! مار مَ مون،

مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئِي توکي لڳي.



(11)

ڪيو ڇَڏينِ ڪانَ، هَڏِ نه هَڻائِينِ ٿا،

ٿيا جي نِيشانَ، ته پهرئين سان پورا هئا.



(12)

لورِي جِت لڳومِ، اُت اُڀوئِي آهيان،

سورههُ پِرِين سندومِ، مانَ ٻاجهائي ٻيو هڻي.



(13)

محبت جي ميدان ۾، عاشق، ٿيءُ آچامُ،

سَمُهان سَلَ سَيدُ چئي، ڪّندئِي تِيرَ تمامُ،

ڪَهِجِ ڪومَ ڪلامُ، جِمَ دوسنِئُون دُور ٿئين.



(14)

محبت جي ميدان ۾، اچي پيرَ پِيانِ،

سِرَ وَڍڻُ، ڌَڙ ڌار ڌرڻُ، اِي سينگار سندانِ،

ڏيندا مون ڏٺانِ، مٿا محبوبن لئي.



(15)

محبت جي ميدان ۾، ڪر پڙاڏو پَٽُ،

سِرُ سورِيءَ، ڌَڙ ڪُنگِرين، متان ڪُڇئين ڪَٽُ،

عشق نانگ نِپٽُ، خبرَ کاڌنِ کي پوي.



(16)

محبت جي ميدانَ ۾، سِرَ جو سانگُ مَ ڪِر،

لاهي سِرُ لطيف چئي، دوسنِ اَڳيان ڌَرِ،

عشقُ نانگُ اَپَرِ، خبرَ کاڌنِ کي پوي.



(17)

محبت جي ميدانَ ۾، سِر جو ڪر مَ سانگُ،

سورِيءَ سُپرين جي، چڙهه ته ٿئين چانگُ،

عشق آهي نانگُ، خبر کاڌنِ کي پوي.



(18)

محبت جي ميدان ۾، ڪُڏِي پئو ڪاهِي،

ڇڏ آسانگا ارواح جا، لاهوتِي لاهي،

عشقُ نانگُ آهي، خبر کاڌنِ کي پوي.



(19)

عشق نه آهي راندِ، جِئن کيِلنِ ٿا ڳَڀَرُو،

جيءَ جُسي ۽ جانِ جي، ڀڃي جو هيڪاندِ،

سِسي نيزي پاندِ، اُڇل ته ٻه اَڌ ٿئي.





داستان ستون



(1)

عاشقَنِ اَلله جِي، مَحبَتَ رَکِي مَنِ،

سَندِي سِڪَ پِرينَ، تَن ۾ آهي تَنِ جي.



(2)

عاشقن اَللهَ جِي، سدا وائِي واتِ،

’فاذڪرُونِي اَذڪُرڪُم‘، تَنَ ۾ اِها تاتِ،

اُنهن کان ڪِي ساتَ، سَڄڻُ ويلَ نه وسري.



(3)

عاشقَنِ اَلله، ويرو تارِ نَه وسري،

آههَ ڪَرِيندي ساههُ، ڪڏهن ويندو نڪرِي.



(4)

عاشقَنِ آرامُ، ڪڏهن تان ڪونهَ ڪيو،

طعني ڪيا تمامُ، حَبيباڻي هيڪڙي.



(5)

عاشقَ اِيئن نه هُونِ، جئن تون سَڄين آڱڙين،

وڃِي درِ دوستن جي، رَتُ ڏيهاڻِي رُونِ،

ٻِيءَ پرِ ڪنهن نه پُونِ، ماڪُرِ محبوبنِ سين.



(6)

جان عاشقَ مٿي رَتُ، تان دعويٰ ڪري مَ نِينهَن جِي،

سائو مُنهن، سُونهن وِئي، سڪڻَ اِيءُ شَرَط،

نه ڪِي گوڏِ گَرَٿُ، مٿان سِرَ سَؤدا ڪري.



(7)

اَڃا تو منجهاءَ، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نڪري،

مُنهن ۾ محبوبَنِ جا، ڪئن جهليندين گهاءَ،

سو تُون ڪُڄاڙِئاءَ، سِڪڻ جون سَڌُون ڪرين.



(8)

سِڪَڻَ اِيءَ نه سَڌَ، جئن لِڪيو لياڪا پائيين،

پِئي پِريان جي نه ٿِيين، مٿَي اَڱڻَ اَڌ،

اِيءَ پُڻ ڪُوڙِي سَڌَ، جئن کِليو کايو سُمهين.



(9)

سِڪُ نه آهي سُٿَرِي، کَڻ پَروڙي پيرُ،

ڪُسَڻَ ڌاران ڪيرُ، ڪري سَڌَ سِڪڻ جي.



(10)

دَردُ نه اَٿئي دل ۾، ته سِڪَڻُ ڪر مَ سَڌَ،

پَئِي پِريانُ جي نه ٿئين، اَڱَڻ مَٿي اَڌَ،

اِيءَ تان ڪوڙي سَڌَ، جئن کِليو کايو سُمَهين.



(11)

سِڪَڻُ ۽ سُورِي، ٻِئي اکَرِ هيڪڙي،

وِهَڻُ واٽَڙَينِ تي، ڪارڻ ضَرُورِي،

ٻِنهِين جِي پُورِي، جِيءَ ڏني ريءَ نه ٿئي.



(12)

جي ڪِين سِڪَڻُ سِکُ، تاتَ پَسُ سِڪنديُون،

پاسي تَنِين مَ لِڪُ، نِينهنُ نه سُڃاڻَنِ جي.



(13)

جي لِياڪا لوڪَ جا، جان جان سي نه لِياءِ،

تان تان ٿئي نه ماءِ، پورو پَسڻ پِرينِ جو.



(14)

عاشِقَ، معشوقَن جي، وٺِي ويههُ ڳُري،

جِم وِرِچي ڇڏيين، سَندِي دوستَ دَري!

ڏيندا ٻُڪِي ٻاجههَ جِي، ويندءِ ٺَپَ ٺَري:

اَسان تان نه سَري، تو ڪِئن سَري سُپرين؟



(15)

عاشقَ! معشوقنِ جو، وٺي ويهج سَيرُ،

اَچِي پُڇندَءِ پاڻهي، پِرتان ڀَري پيرُ،

ڀلائِنِ جو ڀيرُ، رهبر ٿيندءِ راهه ۾.



(16)

عاشق! معشوقِن جو، وٺِي ويهج دَرُ،

اَچي پُڇندءِ سُپرين، لَهندءِ سَرُ سَڀَر،

ڀَلائِيءَ جو ڀَرُ، رهبرُ ٿِيندءِ راههَ ۾.



(17)

عاشقَ! معشوقَنِ جو، وٺي ويهه دُکانُ،

پَئجِ پيش پِرينِ جي، پَٽِيءَ وجهِي پاڻُ،

ته تون تَنِين ساڻَ، سدا رهين سُرخرو.



(18)

عاشق! معشوقَنِ جو، وٺِي ويهجِ گهَٽُ،

جِمَ وِرِچِي ڇَڏيين، موکِيءَ سَندو مَٽُ،

ڪري سِرَ جي سَٽُ، پِيِجِ ڪِ پِيالِيون.



(19)

عاشِق! معشوقَنِ جو، وَٺي ويهجِ رَندُ،

پياريندءِ پاڻَهِي، ميخاني جو مَندُ،

ڪِيمَ ڪَڍجِ تون ڪَنڌُ، اوڏو ٿِي اُن کي.



(20)

عاشِقُ چؤ مَ اُن کي، مَ ڪِي چؤ معشُوقُ،

خالِقُ چؤ مَ خامَ تون، مَ ڪِي چؤ مَخلُوقُ،

سَلِج تِنهن سُلُوڪُ، جو ناقِصِيائِي نِڱيو.



وائي

سُپرِيان جي سونهن جي، ڳالهه ڪِينَ وڃي،

وڃِي در دوسن جي سورِيءَ سِر هِڄي،

عاشق انگهُنِ چڙهيا، ٻيو سڀڪو ڀَڄي،

پُڇج پوءِ پريتڻون، پِهرين سِرُ سَڃي،

عاقِلَ ئي اوڇون ٿيا، ڀورو ڪِينَ ڀُڄي.





داستان اٺون



(1)

هَرَ هَرَ هَرائي، وڃڻ دَرِ دوستن جي،

پاڙي ڏانهن پِرينِ جي، اُڄُ مَ اَوائي!

اَلڙِ ٿِي مَ آڇ تون، واٽاڙُنِ وائِي،

لائِندءِ لطيف چئي، سُوران سَرَهائِي،

ڳُجهو ڳالهائي، پِرتِ وَٽجي پاڻ ۾.



(2)

جان جان ناهِ ضرورُ، تان تان ناهِ طبيبُ ڪو،

جُہ سو سَرِيو سُورُ، ته ڪَرَ ويڄُ وَرِ پيو.



(3)

سُورُ جَنِين کي سَرِيو، سَرِي تَن صِحتَ،

مِٺِي مصيبتَ، آهي عاشقنِ کي.



(4)

سي ئي سُورَ طبيبَ، جَنين سُورَنِ سَڃَ ڪِي،

جو لِکيو هُتِ لطيف چئي، سوئِي ڪَنِ قريبَ،

جي نوازيا نصيب، داروُنءَ سي دُرستُ ڪِيا.



(5)

جي پياري پاڻَ، ته ڪَرَهو ٿي پاڻِي پيين،

آڳي اِنَ نِياڻَ، اَڻَ ڪوٺيو ڪونَ گهِڙي.



(6)

اَڻَ ڪي عَيان نه ٿئي، ڪِي پَروڙي ڪونَ،

سَچِي جِيهيِ سونَ، مُنهِن نه پيئي ماڙُهين.



(7)

اَڻ ڪِي عيان نه ٿئي، ڪِي پَروڙي ڪونَ،

سا سُهِين ٿِيي سونَ، اَمرُ عَطا جِنهن جو.



(8)

جيڪِي ڏنائون، سو مان ڳُڻُ ڳَنڍِ ٿيو،

مون کي پُڇيائون، ٺوڪي اِنهي ٺوڪَ سين.



(9)

جيڪِي ڏنائون، سو سِرُ ڏيئي سَههُ ڄِندَڙا!

مَ چَئو ڇِنائون، اِي پُڻ ڳَنڍيو سَڄَڻين.



(10)

جيڪي ڏنائون، سو سَڀوئِي صِحتَ،

مَ چَئو آزارَ اُن کي، مَ ڪي مُصِيبتَ،

ڪُهَڻُ قَريبت، جو ڪوٺَڻُ پر پرِيَنِ جي.



(11)

ڇِننِ توءِ مَ ڇِنُّ، پاءِ اُميري اُن سين،

جي هو اَوڳُڻَ ڪَنِئي، اَسُنِهين! تون ڳُڻانَئِي ڳِنُّ،

پاندُ جهَليو تون پِنُّ، هِنَ سُنهاري سَڱ ۾.



(12)

نَمِي کَمِي نهار تون، ڏَمَرُ وڏو ڏُکُ،

مَنجها صَبُرَ سُکُ، جي سنواريا! سَمُجهين.



(13)

نَمِي کَمِي نهار توُن، ڏَمَرُ ڏولائو،

ٿِيئي ساڃائو، جي اُڀِيين اِنهِين پيرَ تي.



(14)

ڏمَو پاسو ڏُکَ سين، کاندِ کَٿُورِي هوءِ،

واللهُ مَعَ الصّابِرينِ، آگو ايهين چوءِ.



(15)

کَمُ! کَمندنِ کَٽيو، هارايو هوَڙَنِ،

چُکيو نه چُوندَنِ، هو جو ساءُ صَبَر جو.



(16)

کَمَندڙنِ گهَرِ کِين، چوندَڙَ چڱا نه ٿيا،

ويڻنِئونُ ويڌُ پئي، هَٿِ نه اچي ڪين.



(17)

هو چُون ئِي، تون مَ چَئو، واتان وَرائي،

اَڳِہ اَڳَرائِي جو ڪِري، خطا سو کائي،

پاندَ ۾ پائي، ويو ڪِيني وارو ڪِينَ ڪِي.



(18)

هو چُونِ ئي، تون مَ چَئو، واتان وَرائي ويڻُ،

سَڀَنِي سين سَيّدُ چئي، مَنُ ماري ڪَرِ ميڻُ،

کانڌِ وڏيائي کيڻُ، ڪِينِي منجهان ڪِينَ ٿِئي.



(19)

ڪَنِين ڪِينَ پِرائيو، ڪِيني منجهان ڪِين،

جِي هو سٽاڻي سِيڱ، ته زِهه ڇِني جوکو ٿِئي.



(20)

سُڻِي ويڻَ ڪَنَنِ سين، وَرائج مَ وَري،

هادِيءَ جي هِدايت جي، آهي اِيءَ ڳَري،

تَنِ سَڄِي ساهِه سَري، جَنِ ماريو نفسُ ماٺِ سين.



(21)

چَونَدَنِ ڪيمَ چَئيج، ويڻَ ورائي سامُهُون،

ڪا مَت قيمتَ جهِڙي، روزُ ڏمرَ کي ڏيج،

ويڻُ مَ ورائيج، ته سڀَ دَرِ سُهاڳِي ٿِئين.



(22)

اَڻَ چُوندَنَ مَ چَئو، چُوندَنِ چيو وسارِ،

اَٺ ئِي پَهرَ ادبَ سين، پَرِ اِهائي پارِ،

پايو مُنهن مُونَنِ ۾، غَربت ساڻ گذارِ،

مُفتِي منجههِ وِهارِ، ته قاضِيءَ ڪانيارو نه ٿئين.



(23)

ڪِيئن مائيندا مَنَ ۾، خُودِي ۽ خُداءِ،

ٻِن تَراڙينِ جاءِ، ڪا آهي هڪ مياڻ ۾!



(24)

جَنِين سَندِي ٻوڏَ ۾، ڀَتو ڀَتين جِيءُ،

تون! تَنِين سين پيءُ، اوڏا اَڏي پَکڙا.



(25)

ويٺي جَنين وَٽِ، ڏُکندو ڏاڍو ٿئي،

سا مجلسَ ئِي مَٽِ، جي حاصلّ هوءِ هزارَ جو.



(26)

ويٺي جَنين وَٽِ، ڏُکندو ڏور ٿئي،

تون تَنِين سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.



وائي

يارَ سَڄَڻ جي فِراق، ڙِي جيڏيون آئُون مارِي!

در دوسَنِ جي ڪِئين جو هوندا، مون جيها مُشتاقَ،

ڙِي جيڏيون آئون مارِي!

جاٿي ڪاٿي محبوبن جي، آهه حُسن جِي هاڪَ،

ڙِي جيڏيون آئون ماري!

سرمو سَهِي ڪر آکين جو، خاص پِريان جي خاڪِ،

ڙِي جيڏيون آئون ماري!





داستان نائون



(1)

پَتَنگـَنِ پَههُ ڪيو، مِڙيا مَٿي مَچَ،

پَسِي لَهسَ نه لِچيا، سَڙيا مَٿي سَچَ،

سَندا ڳِچِيُنِ ڳَچَ، ويچارُنِ وِڃائِيا.



(2)

پَتَنگُ چايين پاڻَ کي، پَسي مَچُ مَ موٽُ،

سَهائي سُپيرينِ جي، گهِڙُ ته ٿِيين گهوٽُ،

اَڃا تون اروٽُ، کوري خبر نه لَهِين.



(3)

پَتنگ چايين پاڻَ کي، ته ڄيري پَئو ڄاڻِي،

تان تان تاڻجِ تَوَ ڏِي، جان آڳِ نه اُجهاڻِي،

وِسَههُ وِهاڻِي، آڳِ نه ڏِجي عامَ کي.



(4)

پَتنگُ چايين پاڻَ کي، ته اَچي آڳِ اُجهاءِ،

پَچَڻ گهڻا پَچائِيا، تون پَچَڻَ کي پچاءِ،

واقف ٿِي وِساءِ، آڳِ نه ڏجي عامَ کي.



(5)

پُڇَ پَتَنگنِ کي، سَندِيَون کامَڻَ خَبرونَ،

آڻِيو وِجهَنِ آڳِ ۾، جِيءُ پنهنجو جي،

جيري جَنهِين جي، لَڳا نيزا نِيهَن جا.



(6)

پَري پَتَنگ آئيا، سِري وَٽِ ساهي،

اَچي پيا آڳ ۾، ڪُڏي سڀِ ڪاهي،

لاڳاپا لاهي، کاڻان کوري وِچَ ۾.



(7)

پُري پَتنگَ آئِيا، سِري سَهائي جَهلَ،

ڪندا ڪَنڌَ اُڇلَ، مٿو ڏيندا مَچَ کي.



(8)

پري پَتَنگَ آئِيا، مَٿي مَچَ مِڙي،

وِيندا تان ته ڦِري، مٿو ڏيندا مَچَ کي.



¯سُر کنڀات





داستان پهريون



(1)

ڀَلائِيءَ جا ڀيرَ، پيشانِيءَ ۾ پِريَنِ جي،

اڱڻِ اُڪَنڊِيَنِ جي، ڏي پاٻوهي پيرَ،

قَمَرُ پاڙي ڪيرَ، شمَسُ سُپيريَنِ سين.



(2)

ڀلائِي آهِينِ، پِرِين ڀَلائِيءَ پانهنجي،

سٻاجها سِرِ چَڙهيو، ڏوراپو نَه ڏِينِ،

مان ڏي مَدِيوُن ٿِينِ، سَڄَڻَ سَڄايِنِ ۾.



(3)

هُتِ ٿو پَسين پِرِينءَ کي، تُون چَنڊَ اُهوئِي،

اَڏت چَئِجِ اُنِ کي، ڏِيانءِ جو روئِي،

هيڪاندِيءَ هوئِي، سانگَ مَ پَوي سَڄَڻين.



(4)

مَرَ هيڪاندا هُونِ پِرِين، سانگِ مَ وَڃنِ سيڻَ،

رَهيا آهِينِ رُوحَ ۾، نِتُ جَنينِ جا نيڻَ،

وِماسِيا جَنِ ويڻَ، ٿو تارِيءَ تڳي تَنِ هِينئُون.



(5)

کِلان تان کامي هِينئُون، رُوئان تان راندِ،

اَکَڙِيُون ويساندِ، پِرِينءَ گَڏجِي ڪَندِيُون.



(6)

راتِ سَهائِي، ڀُون سَنئِين، پَٽئين وَڏو پَنڌُ،

هَلندي حَبيبنِ ڏي، ڪَرَها موڙِ مَ ڪَنڌُ،

ٻَنڌَڻُ سوئِي ٻَنڌُ، جو پَهُچائي پِرِينَ کي.



(7)

راتِ سَهائِي، ڀُون سَنِئين، ڀائِي گهُرجِي ڀَلُ،

آهُرَ ۾ ايلاچِيُون، چَندَنُ چَري چَلُ،

مُون تو سين ڳالهَڙي، ٻِئي ڪَنِهين مَ سَلُ،

هاهَرُ ڪَندو هَلُ، ته کِجايوُن کَرَنِ کي.



(8)

راتِ سَهائِي، ڀُون سَنئِين، پِرِت نَئِين، پَنڌُ پُورِ،

مَيا! مَحبُوبَنِ جي، هَلِي وانءُ حُضُورِ،

جي چِڻِڪَنِ چِتَ ۾، سي ڪِئن سَڄَڻَ ڏُورِ،

الله لَڳِ آسُورِ، اُتان ئي ٿِي آءٌ تُون.



(9)

اَڄُ پُڻِ اَڇائِي، چوڏهِينءَ ماهَ چَنڊَ جِي،

مُون گهَرِ مُون پِرِينِ جي، اَچَڻَ جِي وائِي،

مُون گهَرِ واڌائِي، پِيئي کامَ کَرَنَ ۾.



(10)

اَڄُ پُڻ اُمارو، چوڏهِينءَ ماهَ چَنڊَ جو،

مُون گهَرِ مُون پِرِيَنِ جي، اَچڻَ جو وارو،

سَڄَڻُ سوڀارو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آئِيو.



(11)

چوڏهِينءَ چَنڊُ اُڀِرِيو، اُوڻٽيِہَ پَسيسِ عامَ،

مَٿِس ناهِ مَلامَ، جِيڪِينُ پُڇِين پُڇُ سو.



(12)

چوڏهِينءَ چَنڊَ تُون اُڀرين، سَهِسين ڪَرِيين سِنگارَ،

پَلَڪ پِرِيان جي نَه پَرين، جي حِيلَنِ ڪَريين هزارَ،

جِهَڙو تُون سَڀَ ڄَمارَ، تِهَڙو دَمُ دوستَ جو.



(13)

سهَسين سِجَنِ اُڀري، چوراسِي چَنڊَنِ،

باِللهِ، ري پِرِيَنِ، سَڀ اُونداهِي ڀانِئيان.



(14)

چَنڊَ! تُنهنجي ذاتِ، پاڙِيان تان نَه پِرِيَنِ سين،

تُون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجِهرا.



(15)

چَنڊَ! چِٽائِي تُنهِنجي، سِياهِيءَ ۾ سُورُ،

لايان لالَ لِڱَنِ کي، چَندنَ ڀَري ٻُورُ،

ڪُوماڻو ڪَپُورُ، مُون واجهائِيندي پِرِينءَ کي.



(16)

چَنڊَ لَڳَنِئِي مَنڊَ، سَنجهيئِي سِيخَ ٿيين،

ڪَرِ اُونداهِي اَنڌَ، ته مِلان مَحبُوبَنِ کي.



(17)

چَنڊَ! چُئئين حَقُ، جي وِڙهين جِي وِچِرئين،

ٻَه اَکِيُون ٽِيُو نَڪُ، تو ۾ ناهِ پيشانِي پِرِينءَ جِي.



(18)

چَنڊَ چُئَئين سَچُ، جي مَٺيين نه ڀائيين،

ڪَڏِهن اُڀِرين سنَهڙو، ڪَڏهنِ اُڀِرين ڳَچُ،

مُنهُن ۾ ٻَريئِي مَچُ، تو ۾ ناهِ پيشانِي پِرينءَ جِي.



(19)

کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جان ڪِيائُون نازُ نَظَرَ،

سُورِجَ شاخُون جهَڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ،

تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِيا، ديکِيندي دِلَبَرُ،

جهَڪو ٿِيو جَوهَرُ، جانِبَ جي جَمالَ سين.



(20)

اُونداهِيءَ اَڌَ راتِ ۾، پِرِينءَ پَسايو پاڻُ،

چَنڊُ ڪَتِنِ ساڻُ، پيهِي وِيو پَڙِلاَو ۾.



(21)

تارا تيليءَ رَوءِ، لُڌا لالَنَ اُڀِرِئين،

جِهَڙو تُون صُبُوحِ، تِهڙي صافِي سَڄَڻين.



(22)

توڏانهن گهَڻُو نِهارِيان، تارا تيلاهِين،

سَڄَڻُ جيڏاهِين، تُون تيڏاهين اُڀِرِئين.



(23)

هُن تاري، هُنَ هيٺِ، هُتِ منهنجا سُپِرِين،

سَڄَڻَ ماکِيءَ ميٺِ، ڪؤڙا ٿِينِ نه ڪَڏِهِين.



(24)

هُنَ تاري، هُنَ هَنڌِ، هُتِ منهنجا سُپِرِين،

سَڄَڻَ ماکِيءَ مَنڌِ، ڪؤڙا ٿِينِ نه ڪَڏِهِين.



(25)

هُنَ تاري هُنَ جاءِ، هُتِ منهنجا سُپِرِين،

سَڄَڻَ ماکِيءَ ساءِ، ڪَؤڙا ٿِينِ نه ڪَڏِهِين.



(26)

تارا، تِرَ، تِروڪِڻِيُون، مَٿِنِ ڦُلُڙِيُون،

کوءِ! سي راتَڙِيُون، جي مُون پِرِينءَ پُڄاڻان پيئِيُون.



وائي

جيڏيُون! هِيءُ ضَروُرَ، آيَلِ ڪِئن رَهندو پِرِينءَ ري.

سَگهو ساعِتَ نه جِندَڙو، اَٺَئِي پَهَرَ مَلُورُ،

آيَلِ ڪِئن رَهندو پِرِينءَ ري.

مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، سَاڄَن! تنهنجو سُورُ،

آيَلِ ڪِئن رَهندو پِرِينءَ ري.

پيرين آءٌ نَه پُڄَڻِي، ڏيہُ پِرِيان جو ڏُورُ،

آيَلِ ڪِئن رَهندو پِرِينءَ ري.

وَڃِي ويلَ سَڀَڪَهِين، هِينئڙُو پِرِينءَ حُضُورُ،

آيَلِ ڪِئن رَهندو پِرِينءَ ري.



وائي

(2)

اَڱَڻِ آيُم پيهِي، يا اَلا! مُون سارِيندي سُپِرِينِ،

مُشڪُ عَطُرُ مُون پِرِيَنِ، سِڪَيَسِ ڄَمُ سَڀيئِي،

يا اَلا! مُون سارِيندي سُپِرِين.

تَنُ جَنِين جو طالِبُو، رُوحَ تَنِين سين ريهِي،

يا اَلا! مُون سارِيندي سُپِرِين.

ساڄَنَ سَنديءَ سُونهن جِي، آءٌ ڳالهه ڪَرِيان ڪيهِي؟

يا اَلا! مُون سارِيندي سُپِرِين.

ٿِيو لُطفُ، لَطِيفُ چَئي، دوسُ آيو دَرِ پيهِي،

يا اَلا! مُون سارِيندي سُپِرِين.



وائي

(3)

وَهلِي وَنءَ مَ وِهامِي، رَهُ راتِ، رائِيندِيَسِ پِرِينءَ کي.

شمعَ ٿِيندِيَسِ شَبِ ۾، اِنَ خوشيءَ کان کامِي،

رهُ راتِ، رائِيندِيَسِ پِرِينءَ کي.

بابُوئَنِ سَندي باهِ جِئن، ٻَران شالَ اُجهامِي،

رهُ راتِ، رائِيندِيَسِ پِرِينءَ کي.

پِرتِ جا پِيتَمَ جِي، سا ڪِينَ پَروُڙي عامِي،

رهُ راتِ، رائِيندِيَسِ پِرِينءَ کي.

مُون کي مُون پِرِينَ جو، آهي دَردُ دوامِي،

رهُ راتِ، رائِيندِيَسِ پِرِينءَ کي.

هو جو لَنؤُن، لَطِيفُ چَئي، مُون کي آهِ مُدامِي،

رهُ راتِ، رائِيندِيَسِ پِرِينءَ کي.

روشن ٿِيا رُڃنِ ۾، جي هُئان لَنؤُن انِهين لامِي،

رهُ راتِ، رائِيندِيَسِ پِرِينءَ کي.

ڪارِي سا قِيامَ سَئِين، هوتُ جنهن جو حامِي،

رهُ راتِ، رائِيندِيَسِ پِرِينءَ کي.

آيُمِ تنهن لوڪَ سين، جيسين مان چُونِ سُوامِي،

رهُ راتِ، رائِيندِيَسِ پِرِينءَ کي.





داستان ٻيو



(1)

ناسِيندي نِگاهَ، پِهرِين ڪِجِ پِرِينِ ڏي،

اَحوالَ عاجِزنِ جا، آکِجِ لَڳِ اَللهَ،

روز نِهارِنِ راهَ، اکيون اوهان جي آسِري.



(2)

ناسِيندي نَظَرَ، پِهرِين ڪِجِ پِريَنِ ڏي،

قَمر ڪَهِج قَرِيبَ کي، نِسَتُ آءٌ نِٻَرَ،

ٻِي ڀيڻِي ناهِمِ ڀَرَ، اَکِيون اوهان جي آسِري.



(3)

ناسِيندي نِرتِ، پِهرِين ڪِج پِريَنِ ڏي،

قَمَرَ ڪَهِج قريبَ کي، ساري ساڻ سُرتِ،

ٻِيو ڀَروسو نه ڀِتِ، اَکِيُون اوهان جي آسِري.



(4)

ناسِيندي نِهارَ، پِهرِين ڪِج پِرِيَنِ ڏي،

آءٌ جي ڏِئين سَنيها، چَئجِ چنڊ اَپارَ،

ساڄَن! سڀ ڄمَار، اکيون اوهان جي آسِري.



(5)

چڱا چنڊَ! چَئيجِ، سنيها کي سَڄڻين،

مَٿان اَڱَڻَ اُڀري، پِرِيَنِ جي پَئيجِ،

جهِيڻون ڳالهائيج، پيرين وِجهِي هَٿَڙا.



(6)

آءٌ جي ڏِيَئين سَنِيها، سي تون چنڊَ! پَلءِ ٻَنڌُ،

چَئِج حالُ حَبيبِ کي، نَئِي نوِڙائي ڪَنڌُ،

تو تيڏانهن پَنڌُ، جيڏانهن عالَم آسِرو.



(7)

اُڀِرُ چَنڊَ، پَسُ پِرِين، تو اوڏا، مون ڏُورِ،

پيرين آءٌ نه پُڄَڻِي، ٻاٻَلُ ڏئي نه ٻُورِ،

جنهن تي چَڙهي اَسُورِ، سنجهي سَڄَڻَ سيٽِيان.



(8)

آءٌ اُڪَنڊيائِي مَران، پِرين ڀَلا، پَرَ ڏُور،

ٻاٻَلُ ڏئي نه ٻُور، پنڌَ نه جوڳِي پيَڙي.



(9)

ڌَڻِي! ڪَرِيندين ڪَڏهِين، حَياتِيءَ هيڪاندِ؟

مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جِي، ڪِي رَنجائِي راندِ،

پِرِين ڏيساندَرَ پاندِ، ڳُجهه ڳَرُهِيان ڪَن سين؟



(10)

هِينئَڙي سَڄَڻ سارِيا، ڪِٿي هُوندَمِ هِيرَ؟

اَچِي لالَنَ نه ڏِيين، مٿي پَلَنگَنِ پيرَ؟

ٿِي ورُوهَڻَ ويرَ، ڳُجههَ ڳَرَهِيان ڪَنِ سين؟



(11)

وَڏَڦڙو ۽ واءُ، ڪَرَهي کاڏو کوڙِيو،

کوءِ! ٻَنِ! پَلاڻِيان، اولاڻِيو نه اُٿيِي.



(12)

پَلاڻِيان پِيو، اولاڻِيو نه اُٿِيي،

جيڏانهن وَڳُ وِيو، اُڀو تَرَسِي اوڏَهِين.



(13)

ڪَرَهو نه ڪِي ڪانُ، پيرين آءٌ نه پُڄڻِي،

جو مون رات رساڻي، نيئِي ساڄن ساڻ،

مون نه وَهيڻو پاڻ! ويٺِي نيڻَ نِچوئِيان.



(14)

ڪَرها! ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکُون وجهه وَڌندِيُون،

هيڪر حَبِيبن سان، مُون کي نيئِي گَڏِ،

مَڇُڻ پونِئي هَڏِ، آهُون اُڪنڍِيَنِ جُون.



(15)

ڪَرها! ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِک وَڌندِي پاءِ،

مُنهِنجو هَلڻ اُتَهِين، جِتي جانِب جاءِ،

توکي چَندنِ چارِيان، ٻيو وَڳُ لاڻِي کاءِ،

اِيهِين اُٺ! اُٺاءِ، جِئن هُونديءَ رات هُت مِڙُون.



(16)

ڪَسَرَ ڇڏ ڪنواٽَ، وکون وِجهه وَڌندِيُون،

سَنئِين سُپِيرِيَنِ جِي، وِنگِي ڀانءِ مَ واٽَ،

ڇڏ جهوري، ڏي جهاٽَ، ته هُونديءَ رات هُت مڙون.



(17)

ڪَرها، ڪَرُ سُڃاڻ، پِيئڪو ۽ پانهنجو،

اَصل آهي آنِهنجو، ناليرو نِڌاڻُ،

ڪَرها، اسان ساڻُ، ڪي چانگا ڪِجِ چَڱائِيُون.



(18)

مَيا، مَڃ مِنَٿَ، اَڄ مُنهنجِي ڪَرها،

جهاڳِيندي جَرَ پَٽِيُون، مَتان ڪَرئين ڪَٿَ،

سُپيريان جي سَٿَ، مون کي نيئِي ميڙئين.



(19)

چندن جا چُوپا ڪري، چَري نه مصرِيءَ سَنگَ،

اَکِين مٿي اَنگَ، مَيي کي محبوبَ جا.



(20)

آڻي ٻَڌم وَڻَ جاءِ، مانَ مُکريُون چَري،

ڪُڌاتُورو ڪَرهو، لِڪِيو لاڻِي کاءِ،

اِن مَيي سندِي ماءِ، مون ڳالهِڙِيَنِ ڳوڙها ڪِيا.



(21)

چانگا چندن نه چَرِين، مَيا پيين نه موڪَ،

آگَرَ اوڏو نه وَڃيين، ٿُڪيو ڇڏيين ٿوڪَ،

لاڻِي وِچان لوڪَ، تو ڪهڙي اَکر آئُڙي.



(22)

ڳَلِ ڳانا ياقُوت جا، موتِيَنِ ڳُتِيس مالَ،

ڪَدِيفي جِي ڪَرها، هيدي پايَئِين حالَ،

چَندَنِ چارِيَئِين جال، جي مون رات رَساڻئين.



(23)

ڳَل ڳانا ياقوت جا، موتِي منجهه مَهارَ،

چانگا چَندَن چارِيَئين، اَٺَئِي پَهرَ اَپارَ،

سنديءَ پيءَ پچَارَ، جي مُون رات رَساڻئين.



(24)

مَيا! تو مَهارَ، سَڄِي پايان سونَ جي،

چارِيَئِين چَندَنِ چوٽُيون، نايو مينديءَ ڏارُ،

سَنديءَ پِيءَ پچارَ، جي مُون راتِ رَساڻئين.



(25)

اُٺُ نه وَڃي وَڳَ سين، چَري نَه لاڻون،

مَيي کي مَجازَ جو، ٿُوهي ۾ ٿاڻون،

ڀَٽاري ڀاڻُون، مرندي سينءَ نه مَٽيو.



(26)

اُٺُ نه وڃي وَڳَ سين، چَري نه چانگو،

لَڳيَسِ نائُڪَ نِينهن جِي، نِهوڙِيو نانگو،

ڇَڏي سِرَ سانگو، رِڙهي رَندِ پَرِيَنِ جي.



(27)

ويهِي مَنجهِين وَڳَ، کٿوريءَ ڏارَ چَري،

ماءِ! مُنهنجي ڪَرهي، پَڌَرَ پَڳَ نه لَڳَ،

جَڳَ سين جِهڙو جَڳَ، هِينئين سين هُت چَري.



(28)

ڀُورُ نه چَري ٻُورُ، ڇَڏِيو تُورَ تَڪُون ڪَري،

مُونين هڻِي موٽيو، ڪَرَهو راتِ ڪَپُورَ،

مَيو ٿِيو مَخمُورُ، چَندَنُ چَکِي آئِيو.



(29)

اَڄ نه آڳِيءَ ڍارَ، ڪرهو جِئن ڪالهه هُئو،

اڱڻ آيو نه ڪَري، پاهوري پَچارَ،

جيڪس مَنجهه قَطارَ، ڪا وَلِ چِنائِين وِهَ جِي.



(30)

مَيي ماڪائِي، وِڌو واتِ وَلِين کي،

خبر ٿِي کيٽَ ڌَڻِينَ کيي، وِڏُوڻا واهِي،

ڪَرهي ڪاڪَتَ ڇَڏيِي، وَرِيس نه وائي،

چانگي چَريائِي، ويئِي ويچاري وسري.



(31)

مِٺيُون لَهِي مُهاءِ، جي تو چانگا چِنِيُون،

وَلَڙِيُون وِهَ ساءِ، اَڃا تو مُهنديُون.



(32)

نَوَ نِيَرَ، ڏَهه ڏاوڻيُون، پَنڌرهن پَينڌ پِياسِ،

جَڏِهن سَڄَڻِ يادِ پياسِ، ڇِرَڪ ڇِنايَئِين هيڪڙي.



(33)

نَوَ نِيرَ پائي، جان مُون هِينئڙو جهَلِيو،

وِئَڙو ڇِنائي، پوئِينءَ راتِ پِرِينِ ڏي.



(34)

کائي نه کَٽڻهارَ، چَندنَ جا چُوپا ڪَري،

اَگرَ اوڏو نه وَڃي، سَر کَنڊ لَهي نه سارَ،

لاڻي جِيءَ لَغارَ، مَيو متارو ڪيو.



(35)

ڪَنِين ڪامَڻَ ڪِياءِ، ڪِئن ڀنڀولئين ڪَرَها،

اکين مَٿي اَکِيا، پِڙَ ۾ پيرَ گَٺاءِ،

وَڳَ ڪِ وِسرياءِ، ٻَڌو جئن گهاڻي وَهين.



(36)

وَٽي سيٽَ سُوَٽَ، پاءِ پَنهنجي ڪَرهي،

وَليُون واسَ وَرِنِيُون، پَهرِيُون مَٿي پَٽَ،

چانگي چَکِي چَٽَ، ته پوءِ نه رَهندو پَينڌَ ري.



(37)

ڪِين جو ڪيڏاهِين، چانگو چَکِي آئِيو،

تاڻِيو تيڏاهِين، نيٽَ ڇِنايو نِڪَري.



(38)

ڪَرهي کي ڪَئِين، وِڌَمِ پَينڌُ پَلَڻَ جا،

ليڙو لاڻِيءَ کي چَري، نِيَرَ ساڻ نَئِين،

چانگي سَندي چِتَ ۾، صاحِبَ وِجههِ سَنئين،

اوباهِيوسِ آئِين، لُطف ساڻ، لَطِيفُ چَئي.



(39)

ڪَرها توکي ڪامَ، مُون سَچو پَسِي سُڃيِي،

مانَ پروڙي مامَ، ساڱاهي سَنئِين وَهين.



(40)

اُٿِي آڙائِينسِ، ڇڏيو ته ڇيڪَ ٿيو،

کارايان، کِڙيو وَڃي، پَلاڻِي پائِينس،

ڏاوَڻِ تِنهن ڏائِينس، جِئن چري ۽ چِنگهي ڀُڻو.



(41)

دو دَستِي، دو پيرَ، سيني سَنگهَرَ رُڪَ جي،

ماءِ! منهنجي ڪَرهي، تازي ڦُلنَ هيرَ،

تنهن ڪامَڻَ ڪندي ڪيرَ، جو مُنهِين وٽ مَسَ رهي.



(42)

کَنڀاتِڙي تَڙ وَري، اُڀِي تَڙِ واجهاءِ،

مانَ اُچَهُون ڪاءِ، سُوڌائِي سَڄَڻين.



(43)

چانگي چَئِي چُڪِياسِ مَٿاءِ اَڪَ نه اُلَهي،

جِنهن وَلِ گهَڻا وِهاٽِيا، اُنَ سين آرِ لَڳِياسِ،

چوڌارِي چَندَنِ وَڻَ، پَچِي پُوڄَ پِياسِ،

راڙي رَتُ ڪِياسِ، هِنَ ڪُڌاتُوري ڪَرهي.



(44)

جِئان ڪوڙِ ٻَه ڪاٺِيُون، پنجين لکين پاءُ،

مَيو تِنهن ماڳاءُ، ڏيهاڻِي ڏارَ چَري.



(45)

جِئان ڪوڙِ ٻه ڪاٺِيُون، پنجين لَکين پَنُ،

تِئان ڇاڻي ڇُڳيون، مَيي رَتو مَنُ،

تِنهن وَلِ سَندو پَنُ، ڪُوماڻو ڪوڙِين لَهي.



(46)

لَک لاکِيڻو ڪَرهو، ڪوڙين ڏيئِي ڳِڌومِ،

اَڱَڻِ سُونهن ٿِيومِ، مُلهه مهانگو مَ چئو.



(47)

لَکِ لاکِيڻو ڪَرهو، ڪوڙين ڏيئي ڇوڙِ،

اِها سَٽِ سَيّدُ چَئي، جَنهِين تَنهِين جوڙِ،

تُرت رَساڻي تَوڙِ، جُہ پلاڻِيو ته پِرِينءَ مِڙي.



(48)

لَکِ لاکِيڻو ڪَرهو، ڪوڙين ڏيئِي ڪاهِ،

ايلاچيون آهُر ۾، پُوڄ ميي کي پاءِ،

ڪَٿَ نه ڪَندو ڪاءِ، جہ پَلاڻِيو ته پِرِينءَ مِڙي.



وائي

(1)

آهِينِم ڳالهڙِيون، ماءِ مُرادوُن پِرِينءَ سين.

جي مان پِييُون پِرِينءَ ري، کوءِ! سي راتَڙِيُون،

ماءِ مُرادوُن پِرِينءَ سين.

جي مان اورِيُون پِرِينءَ سين، وَرُ سي راتَڙيون،

ماءِ مُرادوُن پِرِينءَ سين.

پَسڻ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، پاتِيَم جهاتَڙِيُون،

ماءِ مُرادوُن پِرِينءَ سين.

آڌيءَ، عبداللطيف چَئي، ڪُهَنِ ڪاتَڙِيُون.

ماءِ مُرادوُن پِرِينءَ سين.



وائي

(2)

سَڌين سيڻَ نه هُونِ، نِينهُن نِياپي نه ٿِئي،

ڪاريءَ رات رُت ڦُڙا، جان جان نيڻ نه روُنِ،

نِينهُن نِياپي نه ٿِئي.

موٽَڻُ جَنِين مِهڻُون، پِڙَ تي سيئي پوُنِ،

نِينهُن نِياپي نه ٿِئي.

جَنِ مُسافِرَ سُپِرين، سي مَرُ رويو رُونِ،

نِينهُن نِياپي نه ٿِئي.



وائي

(3)

توڻي تَڙَيين تون، يا اَلا! تو دَرُ توءِ نه ڇَڏِيان!

مون کي سو مُشاهدو، جي مُنهن نَه ڏِئين مُون،

يا اَلا! تو دَرُ توءِ نه ڇَڏِيان!

مُون ٻيا دَرَ گهَڻا نِهارِيا، آهِيين تُوهِين تُون،

يا اَلا! تو دَرُ توءِ نه ڇَڏِيان!

تنهن ڪامَڻَ ڪندي ڪيرَ، جو مُنهِين وٽ مَسَ رهي.

¯

سُر سورٺ



داستان پهريون



(1)

اَللهَ جِي آسَ ڪَري، هَلِيو هِئائِين،

چارَڻَ ٻَڌا چَنگَ کي، جهُوڙا ۽ جهائِين،

ڏولِي راءِ ڏِياچَ جِي، ڏوُران ڏِٺائِين،

وِينَتِي واحِدَ دَرِ، تِنهن دَم ڪِيائِين،

”سَٻاجها سائِين! راءُ رِيجهائِين راڳَ سين.“



(2)

پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، هَلِي آئِيو هِتِ،

جاجِڪُ اُڀو جِتِ، سِرَجِيُون صدائُون هَڻي.



(3)

پَرَديسان پَنڌُ ڪري، هَلِي آئِيو هِيءُ،

مالُ نَه مَڱي مَڱڻُون، جاجِڪُ گهُري جِيءُ،

”وَڍِ، وَهِلو ٿِيءُ، ساعَتَ صَبَر نَه سَهان.“



(4)

”پَرديسان پَنڌُ ڪَري، هَلِي آئِيو هُون،

اُونچو تُون عَرشَ تي، آءٌ ڀورو مَٿي ڀُون،

ڪِئن تُسندين تُون، هِيءُ سِرَ سُوالِي مَڱڻُون.“



(5)

”پَرَديسان پَنڌُ ڪري، آيُس آڳاهِينءَ ماءِ،

جي وِهاڻِيءَ ويرَمَ ٿِئي، تَه مُون هِينئر ئِي هَلاءِ،

سُونهارا سورَٺِ وَرَ، ڳالهه هِينئين سين لاءِ،

سو مَڱڻَهارُ مَلهاءِ، جو وِچان ويرِينِ آئِيو.“



(6)

”پَرَديسان پَنڌُ ڪري، سُڻِي آيُسِ شانُ،

مَڱان ڪَهِڙيءَ مَتِ سين، نِسورو نادانُ،

سو ڪو ڏِيارِيين ڏانُ، جو طمَعَ کي تَرَڪُ ڪَري.



(7)

”سَردي سالِمُ نَه رَهان، گَرمِيءَ ٿِيان گُدازُ،

اَمُنُ ڏيج اَمانَ تُون، سائِلُ هَڻي سازُ،

ربابِيءَ کي رازُ، خالِصُ ڏيجِ خَلِيلَ جو.“



(8)

”سَرديءَ سالِمُ نَه رَهان، ڪوسِي سَهان ڪَانَ،

اَمُنُ ڏيجِ اَمانُ تُون، دُورِ ڪَري ٻِيا دانَ،

پانڊَپ! کائِي پانَ، وِجهِجِ پِڪَ پينارَ تي.“



(9)

”تو دَرِ آيُسِ راڄِيا، جاجِڪُ وَٺي جِيءُ،

ڪَنا ’نارُ حامِيہ‘، هاڻِ بَچائجِ هِيءُ،

والِي ڏِيارئي ويءُ، جِتِ آهِ ’جنّاتُ عَدنٍ‘.“



(10)

”تو دَر آيُسِ راڄِيا، هِهَڙو وَٺِي حالُ،

اُونائيجِ عَلِيلَ جو، سَٻاجها! سُوالُ،

اَڱڻِ مَٿي آنهِنجي، ڪَهي ڪي قَوالُ،

ڀَلا! ڪَري ڀالُ، اَمُنُ ڏِيو اُنَ کي.“



(11)

”تو دَرِ آيُسِ راڄِيا، ٻِيا دَرَ ڪَري دُور،

سائِلُ ٿو سَينَ هَڻي، هَردَمِ اُن حُضُور،

ٻِيو نَه مَڱِي مُور، اَمُنُ ڏيو اُنَ کي.“



(12)

”تو دَرِ آيُسِ راڄِيا، ٻيا دَرَ دُورِ ڪَري،

دُولَههَ تو دَرٻارِ ۾، آيُسِ پيرَ ڀَري،

مَڱِڻُون آئُون نَه مالَ جو، مُنهِنجو پَنڌُ پَري،

وَري ڪِينَ وَري، مَٿي ڌاران مَڱڻُون.“



(13)

”تو دَرِ آيُسِ راڄِيا، ٻِيا دَرَ ڏيئِي ٻَنِ،

ڪَهان جو ڪُماچَ سين، سو سُڻَ سَٻاجهي ڪَنّ،

جا مَڱَ مُنهِنجي مَنِّ، سا توکي مَعلُم سَڀَڪا.“



(14)

”ٻِيا دَرَ ڏيئِي ٻَنِ، آيُسِ تُنهِنجي دَرُ،

سُونهارا سورَٺ وَرَ، ڪا مُنهنجِي ڪَرِ،

ڀَلا! ڀيري ڀَرِّ، پالَهو پاندُ پينارَ جو.“



وائي

تُنهِنجيءَ تَندُ تَنوارَ، يار! مُون مَنُ موهِيُو،

مَلِهي آئِين مَڱَڻان، گَجِي ۾ گرنارَ،

يارَ! مُون مَنُ موهِيو.

سِرَ جِي صَدا ڇَڏِ تُون، ڏِيانءِ ڏيجَ اَپار،

يارَ! مُون مَنُ موهِيو.

دانَ ڏِيانءِ دُهِرا، هَزارين هَزارَ،

يارَ! مُون مَنُ موهِيو.





داستان ٻيو



(1)

جاجِڪُ جهُوناڳَڙَه ۾، ڪو عَطائِي آيو،

تِنهن ڪامِلَ ڪَڍي ڪينرَو، ويهِي وَڄائِيو،

شَهرُ سَڄوئِي سُرَ سين، تَندنِ تَپايو،

دايُون دَرِ ماندِيُون ٿيون، ٻايُنِ ٻاڏايو،

ٻِيجَلَ ٻولايو، تَه آهِيان سُوالِي سِرّ جو.



(2)

ساري راتِ صاحِبَ کي، ڳَڙه ڀَر ڳايائِين،

اُٺَس ماڻِڪَ مِينهن جِئن، هَٿِ نَه ڇُتائِين،

تي لائِقَ لَڌائِين، جِئن هو مِيراثِي مَڱَڻُون.



(3)

نِرِتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻِيجَلَ ٻُرائِي،

راڄا رَتولَنِ ۾ وَرَنائِي وائِي،

ڪوٺايائِين ڪوٽَ ۾، ٻارِٽُ ٻاجهائِي،

رَاڄا، راڳائِي، هَرِدوئِي هيڪُ ٿِيا.



(4)

نِرِتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻُرائِي ٻيجَل،

راڄا رتولَنِ ۾، اُونائي اَمُل،

رازُ ڪِيائين راءَ سِين، ڪِنهن موچاريءَ مَهَل،

’انا اَحمَدُ بِلا مِيمِ‘، سَينَ هَنئِي سائِل،

ڪِنهن ڪِنهن پيئِي ڪَل، تَه هَرِدوئِي هيڪُ ٿِيا.



(5)

ڪَنِين ڪَنين ماڙُهئين، پيئي ڪَلَ ڪائِي،

رَسيا جي رَمزَ کي، تَنِ پارِسي پائِي،

’الانِسَان سِرُيَ و اَناسّـِره‘، وَرَتِي اِيءَ وائِي،

راڄا، راڳائي، هَرِدوئِي هيڪُّ ٿِيا.



(6)

راڄا رَنگِ مَحَلَ ۾، جاجِڪُ سِرِ زَمِين،

جا هَنيائِين هَٿَنِ سين، سا سُئِي بالا بِينَ،

جِتِ اَچَنِ نَه اُردابيگيُون، اُت ڪو ڪوٺايو اَمينِ،

”تازي ڏِيوسِ تَڪِڙو، جوهَرَ پائي زِينَ“،

ٻِيو مَڱي ڪِينَ، ڌاران سِرَ سَيّدُ چَئي.



(7)

راڄا جو راضِي ٿِيو، تِنهن ڏِنا وَڏا ڏانَ،

موٽِي ڪارِيا مَڱَڻي، طَرَح تُنبي کي تانَ،

”مُون وَٽ مالَ مَتاع جي، ڪَمِي آهي ڪانَ،

ڪارَڻِ رَبّ رَحمانَ، سِرُ وَڍي، سلطانَ ڏي.“



(8)

سِرَ جي هُئائِين هَلِيو، چارَڻُ چِتائي،

سو مُوڙا جهَلي نَه مالَ جا، ٿو ماڻِڪَ موٽائي،

”تو دَرِ آيُسِ تِي، جِئن تو ناهِ نَه سِکِيو.“



(9)

”پائي پَٽَ ڪَڻان، مُون تان مُور نَه مَڱِيو،

تَازِي طَبيلَنِ ۾، گهوڙا گهَرِ گهَڻان،

هاٿِيءَ ڪارَڻِ هيڪَڙي، آن ڪا تَندُ هَڻان؟

جا مٿي تو مَڻِيان، تِنهن سِرَ جو آهِيان سيڪَڙُو؟



(10)

”جي ميراثِي مَڱڻان، آئُون پُڻِ مَنجهان تَنِ،

ڪِين ڪَہُ مُنهِنجي ڪَنِ، اِرثَ مَنجهاران اُنِ جي.“



(11)

”ڪا جا ڳالهِه ڳَري، ٻِيجَلِئا ٻُڌاءِ مُون،

پيٺِين جِئن گِرنارَ ۾، تَندُنِ تانُ ڪَري،

ڪِ تو پَنڌُ پَري، ڪِ مَڱَ جهَلِيندين مَڱڻان!“



(12)

”مَڱُ نَه جهَلِيان مُورِهِين، نَه مُون پَنڌُ پَري،

ڳِڻِي آيُسِ ڳالَهڙي، ڳُجهي تو ڳَري،

سا سَمُجهِجِ، سورَٺِ وَرَ، وِيندُسِ ڪِينَ وَري،

پَرِيان پِيرَ ڀَري، تو لَئي آئِيو آهِيان.“



(13)

مَڱَ نه تُسي مَڱڻُون، نَه مِلڪَ، نَه مال،

ڏانِنئُون ڏُور ٿِئي، ڪا جا ڳِنِس ڳالهه،

آهي اِنَ خِيال، تَه ڏيٺِي ٿِيان ڏاتارَ سين.



(14)

سِرُ مَڱي، سِرَ گهُري، سِرَ ريءَ ٿِئي نَه صَلاحَ،

غَرِيبَنِئُون نَه گُذَري، ٿو ماري ميرَ مَلاح،

نايو نَوابَنِ جا، سورِيو ڪَڍي ساهَ،

خالِقُ سَنجههِ صُباح، ڪونَ ڇَڏِيندو ڪِٿَهِين.



(15)

موٽِي، مَڱَڻهارَ! شالَ مَ اَچِين ڪَڏهِين،

اَٺَئِي پَهَرَ اَجَلَ جو، ڪُنڍو مَنجههِ ڪَپارَ،

جِنهن تو سَڀَ ڄَمارَ، هَنِيا ڇَٽَ پَٽَنِ سين.



وائي

ڏِنو راءِ ڏِياچَ، هيءُ سِرُ صاحِبَ تان صَدقو.

ڇَڏي هَلِيو هِتَهين، راڻِيُون پَنهِنجا راڄَ،

هِيءُ سِرُ صاحِبَ تان صَدقو.

اَگهيو دَر اللهَ جي، ڪوڙين پُنس ڪاڄ،

هِيءُ سِرُ صاحِبَ تان صَدقو.

مَڱِي وتو مَڱَڻي، ڪَهِي ساڻُ ڪُماچَ،

هِيءُ سِرُ صاحِبَ تان صَدقو.





داستان ٽيون



(1)

ڪِين جو ٻِيجَلَ ٻولِيو، ڀِنِيءَ ويهِي ڀانَ،

راڄا رَتولَنِ ۾، سِيباڻو سُلطانَ،

”آءٌ مَٿاهُون، مَڱَڻان! مُقابِلِ مَيدانَ،

گهورِيان لَکَ، لَطِيفُ چَئي، تُنهنجي قَدَمَنِ تان قُربانَ،

مَٿو هِيءُ مِزمانَ، هَلِي آءٌ تَه هِتِ ڏِيئِين.“



(2)

آءٌ مَٿاهُون مَڱڻان، چَڙهِي ۾ چَوڏولَ،

توکي گهوٽَ گهُرائِيو، راڄا مَنجههِ رَتولَ،

ٻيجَلَ توسين ٻولَ، وِهاڻِيءَ وَڍَڻ جِي.



(3)

محلين آيو مَڱڻُون، سازُ کَڻِي سُرَندو،

سِر جي صَدا سُرَ ۾، گهُورَ هَڻِي گهُرَندو،

مَٿي رِيءَ مَلوڪَ جي، چارَڻُ نَه چُرَندو،

جهُوناڳڙهَ جهُرَندو، پُوندي جهانءِ جهَروڪَ ۾.



(4)

مَحَلين آيو مَڱڻون، کَڻِي سازُ سِري،

لَڳِي تَندُ تُنبِيرَ جِي، پِيا ڪوٽَ ڪِري،

هَنڌين ماڳين هُوءِ ٿِي، تُنهنجِي، ٻِيجَل! دانهنُ ٻُري،

جهُوناڳَڙهه جهُري، پُوندي جهانءِ جهَروڪَ ۾.



(5)

ڏاتارَ ۽ مڱڻي، ڪِونَ وَسِيلو وِچِ،

سائِي تال تَندُنِ جِي، سائِي چارَڻَ چِتِ،

جي هُتي، جي هِتِ، تَه ڳالِهه مِڙِيائِي هيڪَڙي.



(6)

”جاجِڪَ! تو جَهارُ، ڏَهَ ڀيرا ڏِياچُ چَئي،

جِنهن ۾ مالَ نَه مِريءَ جيترو، تِنهن تُون طمعَداَرَ،

جي اَچِئي ڪَمِ ڪَپارَ، تَه وِيہَ ڀيرا وَڍي ڏِيئِين.“



(7)

”ٻيلِي ٻَئِي پارَ، جان مُون نيڻَ هَڻِي نِهارِيا،

چوري رَکِيَمِ چِتَ ۾، ڏِسِينِ جا ڏاتارَ،

هِيءُ سِرُ توهان ڌار، ٻِيجي ڪِنهن نَه ٻولِيو.“



(8)

”سو جِيءُ، مَڱَڻهارَ! مَ هوءِ، جِنهن تو مَٿي سِرَ سَٽو ڪيو،

جو مُون مُلِ مُورِ نَه سپڄي، تان جي سو گهُريوءِ،

تَه جُڳان جَڳِ ڏِنوءِ، ڏُونگو ڏاتارَنِ کي.“



(9)

”مَٿو مَٿائِن گهورِيان، مَٿو تو مَٿان،

سو مُون ٿِئي نَه هَٿان، جِنهن تُون لائِقُ مَـڱڻان.“



(10)

”مَٿو مَٿائِن گهورِيان، مَٿو تو مَٿانءِ،

هَڏو هِيءُ هَٿِ ڪَري، جاجِڪَ وَهِلو جاءِ،

تُون سين آنيراءِ، جِمَ واچا ۾ وِلَهو وَهين.“



(11)

”سَو سِرَنِ پائي، جي تَندُ بَرابَرِ تورِيان،

اَٽَلَ اوڏاهِين ٿِئي، جيڏانهن ٻِيجَلُ ٻُرائي،

سَکڻُون هَڏُ آهي، سِرُ ۾ سَڃَڻ ناهِ ڪِين.“



(12)

”مَٿي اُتي مُنهِنجي، جِي هُئا سِرُنِ سَوَ هَزارَ،

تَه تُنهِنجِيءَ تَندُ تَنوارَ، هَرَ هَرَ وَڍِيمِ هيڪَڙو.“



(13)

”مَٿي اُتي مُنهِنجي، جي ڪوڙين هُونِ ڪَپارَ،

تَه وارِيو وارِيو وَڍِيان، سِسِيءَ کي سَوَ وارَ،

تَه پُڻِ تَندُ تَنوارَ، مُونهان مَٿائون، مَڱڻان!“



(14)

”جو تو ڏِيَڻُ، ڏِياچَ! لاهِيو اي سِرُ سَڀُڪو ڏي،

ڪِين ناه جِهَڙو ڏي، جو سَندَ ٿِئي سُواليين.“



(15)

”ڏِيَڻُ گهَڻُون ڏُهِلو، سِسِي ڏِيَڻُ سُکُ،

سو تان ڏِياچَ! ڏُکُ، جو تَعَلقَ رَکِي تَندُ سين.“



(16)

”جو تَعَلقَ رَکي تَندُ سين، سو ڪِين پَلؤ پاءِ،

مُون کي مَ موٽاءِ، آنءُ اَڳاهُون آئِيو.“



(17)

پَسِي پاٽُ پَرِ ٿِيو، سَندو جادِمَ جُودُ،

مَڱَ وِهاڻِيءَ مَڱڻان! مَٿو هيرَ مَوجَودَ،

بَلڪِ آهي بُودُ، ناڪَسِيءَ نابُودَ ۾.“



(18)

چارَڻُ چَنگُ ڪُلهي ڪَري، رَمِي رَهيو راتِ،

صدا جي سَيّدُ چَئي، وائِي ڪِيائِين واتِ،

ڏيههَ ڏِنا تنهِن ڏاتِ، مِيين مَڱڻهار کي.



(19)

چارَڻَ چَنگُ ڪُلهي ڪَري، پيرَ پَري پاتا،

صَدا جي سَيّدُ چَئي، وائِي ڪِيائِين واتا،

تِنهن تي راءُ راضِي ٿِيو، دِلِ وَڏيءَ داتا،

مَرڪي مَرُ ماتا، روُڙي راءِ ڏِياچَ جِي.



وائي

مَٿو ۾ کِنڪارَ، يارَ! ڏاڻَ ڏِيندوسَئِين، مَڱڻان!

جاجِڪَ! جهُوناڳڙهه ۾، هَلُ تَه ٿِيَهُون يارَ،

ڏاڻَ ڏيندوسَئِين، مَڱڻان!

مَتان ڪا مُنهِنجِي ڪَرِيين، گِلا جِي گُفتارَ،

ڏاڻَ ڏيندوسَئِين، مَڱڻان!

مَٿي اُتي مُنهِنجي، جي هُونِ سِرَ هَزارَ،

ڏاڻَ ڏيندوسَئِين، مَڱڻان!

هَرُ هَرُ وَڍِيان هيڪَڙو، تُنهِنجِيءَ تَندُ تَنوارُ،

ڏاڻَ ڏيندوسَئِين، مَڱڻان!

لَڄِيندي ٿو لاهِيان، ڪِينهي مَنجهِه ڪَپارَ،

ڏاڻَ ڏيندوسَئِين، مَڱڻان!





داستان چوٿون



(1)

رِيءَ مَصلِحَتَ مَڱَڻان، قَصَرِ ڪِينَ اَچَنِّ،

نُورَ تَجَلو نُورَ سين، نَمِيو نيڻَ پَسَنِّ،

خِيمي ۾ کَنگهارَ جي، چانڊوُڻا چَمَڪَنِّ،

لَڌائِين لَطِيفُ چَئي، سَندا ڏاڻَ ڏِسِيَنِّ،

تيلانهن مُلڪَ ڌَڻِينِّ، مَڃِيو مَڱڻهارَ کي.



(2)

”مَرُ تَه آئين مَڱَڻان، مامَ پَروُڙي مُون،

جيڪا ڳاهَ ڳالهائين، سا سَڀَ سَمجهِيسُون،

تِنهن ۾ تُسِجِ تُون، جيڪِين پوئي پَٽَ ۾.“



(3)

”چارَڻَ! تُنهِنجي چَنَگَ جو، عَجَبُ آهِمِ اِيُّ،

هَڻِي اُڀو هَٿَنِ سين، جِئَرو رَکيو جِيُّ،

راتِ منهنجو ريُّ، ڪاٽِيو تو ڪُماچَ سين.“



(4)

”تانُ نَه آهي تَندُ جو، روُن روُن ڪَري رازُ،

هَڻَندَڙَ سَندا هَٿَڙا، سَڀُڪو چَئي سازُ،

سَٽُ ڏيئِي شَهِبازُ، ٿِيءُ تَه ٿوڪُ پِرائِيين.“



(5)

تَندُ تُنهِنجي تانُ، ڪَهِيو سو قَبوُلُ پِيو،

سِرُ تَه آهي سَٽِ ۾ پَرُ ٻِيو ڪِي مَڱجِ دانُ،

خاڪِ مِٽِيءَ جو بانُ، ڪاٽِيان پوءِ ڪُجههَ ناهي.



(6)

”چارَڻَ! ٻولِجِ ڪِين ٻِيو، جو گهُريُئِي سو گهورِيان،

گهَرُ، سورَٺَ نَه پَڙي، جان تَندُنِ بَرابَرِ تورِيان،

ڳُجهِي آهِيم ڳالهَڙي، آءٌ اوري تان اورِيان،

ڪِ ڪُلَهِنئُون ڪورِيان، ڪِ، جاجڪَ! جُسي سين ڏيئين؟“



(7)

چَارَڻُ چَنگ، ٻَنڱُ لَهي، وڄايو وَڏاڻُ

سِر تان هَڏِ اَسانُ، پَر مڱڻهارُ مَٿي وهِي.



(8)

”ڳُجههُ پَنهِنجي ڳُجهَه سين، رِندَ! رَساڻي لاءِ،

اَجَلُ اُڀو آهِ، پُٺِيءَ تو پَلاڻِيو.“



(9)

”وَڍِ سِرُ ٿِيءُ سَرَهو، مَ ڪِين آءُ، مَ ڳاءُ،

جاجِڪَ! تو مَٿاءُ، مُلڪَ مِڙوئِي گهورِيان.“



(10)

ٽيئِي پَرچِيا پاڻَ ۾، تَندُ، ڪَٽارو، ڪَنڌُ،

”تِنهن جهِوئِي ناهِ ڪِين، جو تو چارَڻَ ڪِيو پَنڌُ،

اِيءُ شُڪَرُ اَلحَمدَ، جيئن مَٿو گهُرِيُئِي، مَڱڻان!



(11)

ڪَنجهي ڪِيرَتِ ڪِينَرو، واڄو وِلاتِي،

هَنئِي تَندُ حُضُورَ ۾، تِنهن پارِسَ پيراتِي،

ڏِسَندي ڏياچَ کي، ظاهِرُ ٿِيو ذاتِي،

ڪَڍي تِنهن ڪاتِي، وِڌو ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.



(12)

گُلَ ڇنو گِرنَار جو، پٽڻِ ٿِيون پِٽِينِ،

سَهَسين سورٺِ جِهَڙيُون، اُڀِيُون اوسارِين،

چوٽا چارَڻَ هَٿَ ۾، سِرُ سِينگارِيو ڏِينِ،

نارِيُون ناڏَ ڪَرِينِ: ”راڄا راتِ رمَگيو!“



(13)

پاسَنگَ جِنهن پيشِ ڪِيو، تِنهِن ڏِنو ڪِينَ ڏِياچَ،

مَٿو نيئِي ماچَ، وَڃِي ڏُورِ، ڏُکَ ٿِيو.



(14)

ڏِنو ڪِين ڏِياچَ، ٿو سائِلَ سِڪائي،

مُنهَن تي موٽائي، مَٿو هَنيُسِ مَڱڻي.



(15)

سورَٺِ مُئِي، سُکَ ٿِيو، خِيما هَنيا کَنگهارَ،

ٿِيو راڳُ، رُوپُ سو، لَڳِي تَندُ تَنوارَ،

سو ڍَٽين پَٽين پارَ، پَسو! راڄا راضِي ٿِيو.



(16)

سورَٺِ مُئِي، سُکُ ٿِيو، خِيما کَنيا کَنگهارَ،

نَه ڪو راڳُ نَه رُوپَ ڪو، نَه ڪا تَندُ تَنوارَ،

تِهان پوءِ مَڱڻهارَ، ڏنو سِرُ ڏِياچُ کي.



وائي

اَلوِداع! وو! اَلوِداع! وو! اَلوِداع! جانِي ڪِيوءِ جُدا،

هَئي هَئي! سورَٺِ ٿِي ساري.

هَڻُ تُون تَندُ طَرِيقَ جي، وو! واڄَٽَ سَڀِ واري،

هَئي هَئي! سورَٺِ ٿِي ساري.

سورَٺِ سَرَتِنِ وِچَ ۾، وو! اُڀِي اوساري،

هَئي هَئي! سورَٺِ ٿِي ساري.

”ڏِيندوسانءِ“ ڏِياچُ چَئي، ”هِيءُ سِرُ سِينگاري“،

هَئي هَئي! سورَٺِ ٿِي ساري.

هِيءُ جو آيو مَڱڻون، سو مَتارا ماري،

هَئي هَئي! سورَٺِ ٿِي ساري.

دوسَ دوسَنِئان دُورِ ڪِيو، ٿو ڏَيا ڏيکاري،

هَئي هَئي! سورَٺِ ٿِي ساري.

ڪَنڌُ مُنِهنجو ڪاٽِيو، نِينهن سَندي نَعِري،

هَئي هَئي! سورَٺِ ٿِي ساري.

پاسَنگَ جِنهن پيشِ ڪِيو، تِنهِن ڏِنو ڪِينَ ڏِياچَ،

¯

سُر آسا



داستان پهريون



(1)

لُڇان ٿِي لاحَدَ ۾، هادي لَهان نَه حَد،

سُپيريان جي سُونَهن جو، نَه ڪو قَدُ نَه مَد،

هِتِ سِڪَڻُ بي عَدد، هُتِ پِريَن پَروا ناهِ ڪو.



(2)

”آءٌ“ سين اُنَ پارِ، ڪَڏهِن تان ڪونَه پِيو،

”اِنّ اَللهَ وِتَريُّحِبُّ الوِترِ“، نيئِي ٻِيائِي ٻارِ،

هيڪَڙائِيءَ وَٽِ هارِ، هَنجُون جي ’هُئَڻ‘ جُون.



(3)

ٻَنِ ٻِيائِي سُپِرِين، پاڻان مُون کي پَلِ،

”آءٌ“ اورِيان جهَلِ، توکي رَسي ”تُون“ ڌَڻِي.



(4)

توکي رَسي ”تُون“ ڌَڻِي، سَڀوئِي جَمالُ،

ڪونهي ٻِيو خِيالُ، جي شارِڪَ شَڪَ وِڃائيين.



(5)

”آءٌ“ اورِيان جهَلّ تُون، ڇَڏِيَمِ پاڻُ پَچارَ،

شِرِڪَ ساڻ سَتارَ، گهَڻان گهارِيمِ ڏينهَڙا.



(6)

عَينَ شِرڪُ اِيءُ، جِئن بِي شِرڪُ ڀانئين پاڻَ کي،

وِڃائي وَجُودَ کي، پاڻان پاسي ٿِيءُ،

هَڏِهِين ڪونهي ’هيءُ‘، ’هُو‘ پُڻ ڪِينهين هِن ري.



(7)

هُو پُڻ ڪِينهين هِن ري، هِي نَه هُنِهان ڌارَ،

”اَلاِنسَان سِرِيّ وَ اَنا سِرُّهُ“، پَروڙِج پَچارَ،

ڪَندا وِيا تَنوارَ، عالَمِ عارِفَ اِهڙي.



(8)

نَڪا اِبتَدا عَبدَ جي، نَڪا اِنتَها،

جَنِ سُڃاتو سُپِرِين، سي وَڃَڻَ کي وِيا.



(9)

”اَنا عَبدُ“، مَعبُودُ تُون، اِت نَه ڪو شِرڪُ نَه شَڪُّ،

پَچاروُن پِرِينِ جُون، مَحَبَتِين مَرَڪ،

سو سَڀوئِي حَق، جِنهن ۾ پَسَڻ پِرِينءَ کي.



(10)

سِرُ نايو سَجدا ڪَرِين، تَنَ تَواضُعُ تو نَه،

هُو جو مَڻڪو مَنَ جو، سَهجان سارِين سو نَه،

ڪُوڙا ٿِيندُءِ ڪونَه، ڌوڻِئين ڦُوڪئي فائِدو.



(11)

جان جان پَسين پاڻَ کي، تان تان ناهِ نِمازَ،

سَڀ وِڃائي سازَ، تِهان پوءِ تَڪبِير چَئو.



(12)

جان جان پَسين پاڻَ کي، تان تان ناهِ سُجُودُ،

وِڃائي وُجُودُ، تِهان پوءِ تَڪِبِير چَئو.



(13)

وردَ وَظِيفا وِسَرِيا، نَه ڪا رَهِي نِمازَ،

هِينئڙو بَحريءَ بازَ، چوري ڪِيو چَنبَنِ ۾.



(14)

نابُوديءَ نيئي، عَبدُ کي اَعليٰ ڪِيو،

مُورتَ جي مَخفِي ٿِيا، صُورَتَ پُڻ سيئِي،

ڪِبي اُتِ ڪيهِي، ڳالهه پِريان جي ڳُجهه جِي.



(15)

تَعظِيما تَرَڪُ ٿِيا، واجهاڻِيان وِيا،

وَڃِي تِتِ پِيا، جِتِ نِهايَتَ ناهِ ڪا.



(16)

ڳالهِه پِريان جي ڳُجههَ جي، ڳالِهه مِڙيائي ڳُجههَ،

هِينئڙا اُجهه مَ مُنجههُ، تَه پِرِينَئان پَري نَه ٿِئين.



(17)

صُورَتَ سوجِهه مَ تِنهن جي، تُون پُڻ پُڇين جو،

سُخنُ آهي سو، جو مُنهن مُقابِلِ نه ٿِئي.



(18)

سُڃاپي نَه صُورَتَ ري، صُورَتَ هَڏِ مَ سوجههِ،

ٿِي ٻاراڻي ٻوجِهه، وِڃائي وُجُودَ کي.



(19)

سي فانِي ٿِيا ”فِي الله“ ۾، جَنِ وِڃايو وُجُودُ،

نَه تَنِ قِيامَ نَه قاعِدو، نَڪِين ڪَنِ سُجُودُ،

جيلانَهن ٿِيا نابُودُ، تيلانَهن رَسِيا بُودَ کي.



وائي

پِرِيَنِئون پوءِ، موٽِي، موٽي مَ وِهامي راتِ،

راهَ رَمَندَڙي روءِ.

ڦوڙائو فَقِير کي قادِرَ ڪوهُ ڏِنوءِ؟

راهَ رَمَندَڙي روءِ.

چَڙهِيا ڏاڍين ڏُونگَرين، سيڻَنِ سانگُ نَه ڪوءِ،

راهَ رَمَندَڙي روءِ.

اَچِي اورانهُون ٿِئي، شالَ ساجَنِ سانگَ سَندوءِ،

راهَ رَمَندَڙي روءِ.

ويٺي واٽَ نِهارِيان، مَنَ پِرِينِ ٻاجهه پوءِ،

راهَ رَمَندَڙي روءِ.





داستان ٻيو



(1)

اُڀَرَندي سِڄ، پِرِين جي نَه پَسَندِيُون،

ڪَڍِي ٻيئِي ڏِج، اَکَڙِيُون ڪانگَنِ کي.



(2)

اُڀَرَندي سِڄَ سان، پِرِين جي نَه پَسَندِيُون،

ڪَڍِي کي ڪانگان، نِوالا نيڻَ ڏِيان.



(3)

مُون کي اَکَڙِيَنِ، وَڏا ٿورا لائِيا،

تَه پُڻ پِرِين پَسَنِ، کَڻان جي کَرَ سامُهِيُون.



(4)

نيرانان ئِي نيڻَ، نيئِي اَڇِ پِريَنِ کي،

سَتَر کاڌا کيڻَ، جي ڏِٺو مُنهن مَحبُوبَ جو.



(5)

تَنِ نيڻَنِ ڪِي نيرانِ، جَنِ ساجهُرِ سَڄَڻَ ڀيٽِيا،

تَه جِيءُ جُسي ۽ جانِ، ڪَرِ حَضُوري حَجُّ ڪِيو.



(6)

اَکِيُون عَليٰ الصباح، دوسِتُ ديکَڻَ آئِيُون،

اُڀينديون آرِداسَ ۾، ٻِي نَه ڪَندِيُون ڪا،

رَچَندِيون ري پاهَ، پَرچَندِيُون پِرِيَنِ سين.



(7)

ڪِي جو ڪيڏانهِين، اَکِيُون ڏِسِي آئِيُون،

تاڻِينِ تيڏانهِين، پييُون پاڻَ مُهاڙِيُون.



(8)

ڪِي جو ڪَنهِين پارِ، اَکِيُون ڏسِي آئِيُون،

ٿِيُن ديوانيُون دِل ۾، اَپَرَ لَڳِينِ آرِ،

تِهان پوءِ قَرارِ، سُتيون ڪِن سَيّدُ چَئي.



(9)

ڪِي جو وَڃِي اَڄُ، اَکِيُون ڏسِي آئِيُون،

سيڻن جي سَهڄَ، لالُون ڪِيُون لَطِيفُ چَئي.



(10)

ڪِي جو وَڃِي ڪالههَ، اَکِيُون، ڏسِي آئِيُون،

لالُون ڪِيُون لَطِيفُ چَئي، جانِبَ جي جَمالَ،

ٿِيا نيڻَ نِهال، جِنِين دِلبَرُ ديکِيو.



(11)

اَکين کي آهينِ، عَجَبَ جِهڙيُون عادَتُون،

سُورَ پرائي ڏيهه جا، وَڃِيو وِهائِين،

اُتي لَنئُون لائِينِ، جِتِ حاجَتَ ناهِ هَٿِيارَ جي.



(12)

اَکَڙِين آرام، ڪڏَهِن تان ڪونَه ڪِيو،

هُيون مَنجهِه حَمام، کاڻِيُون کُوري وِچَ ۾.



(13)

اَکِينَ کي آئُون، جان ڪي جهَلوُن پائِيان،

لَتاڙي لوڪَ کي، ساڄَنَ سوٺائُون،

مُون کي مُٺائُون، پاڻ پَرچِي آئِيُون.



(14)

اَکِينِ کي آهِينِ، وَڏا وَجههَ وِڙَهَڻ جا،

مَنڊي اُڀِيُون مامَرو، جهيڙو نَه لاهِينِ،

جِئن سي ڪَڪَرَ اُڀَ ۾، اَکِيُون تِئن آهِينِ،

جهُڙِ ڦُڙِ نَه لاهِينِ، وَسَنِ سانوَڻَ مِينَهن جِئن.



(15)

اَکِيُون تان عِيدَ، ڪانهي عِيدَ اَکِيَنِ ري،

خُوشِي ۽ خَرِيدَ، ويئِي ويچارِيُنِ وِسَري.



(16)

اَکَڙِيُنِ آرو، مُونهان ڀُڇِي نَه ڪِيو،

اُتي وَڃِي آڙِيُون، جِتِ چَوَڻ نَه چارو،

هِينئڙو ويچارو، واٽُون جهَلِيو وِجهُلي.



(17)

وَسَنِ ۽ وِهسَنِ، ڏيهاڻِي ڏِسَڻَ لَئي،

جِئن جِئن پِرِين پَسَنِ، تِئن تِئن نَشا نِينهَن جا.



(18)

وَسَنِ ۽ وِهسَنِ، ڏِيهاڻِي ڏِسَڻَ لَئي،

ڏيئي ڏِسِي آئِيُون، توءِ تَلاشُون ڪَنِ،

ڍايُون نَه ڍاپَنِ، پَسَڻَ مَنجهان پِرِينَ جي.



(19)

ڏِسَنِ ڏِيهاڻِي، توءِ تَرسَنِ اوڏَهِينِ،

آيا سُڃاڻِي، نيڻَ نِهاري پِرِين کي.



(20)

لَڏي آيا لَعلَ، پيرَنِ سين پَنڌُ ڪَري،

ساڄَن اَکِيُون جي کَڻِي، تَه ڪوڙين ڀانيان ڀالَ،

مُنهِنجي ناهِ مَجالَ، تَه ڪو ويڻُ وَرائي وارِيان.



(21)

اُتي ئي آهِينِ، جِتي آڻِي ڇَڏِيَئِي،

سي سَٻاجهُون اَکِيُون، ماڳُ نَه مَٽائِين،

جي اُتي لِکَ لاهِينِ، تَه ڪَڍي ڪانگَنِ کي ڏِيان.



(22)

اَکَڙِيُون پِرِيَنِ ري، جيڪِي ٻِيو پَسَنِ،

تَه ڪَڍي کي ڪانگنَ، نِوالا نيڻَ ڏِيان.



(23)

اُڀِيُون آهِينِ اُتِ، جِتي آڻي ڇَڏِيَئِي،

ٻِيو ڀَروَسو نَه ڀِتِ، اَکِيُون اوهان جي آسَري.



(24)

اَک اُلِٽي ڌارِ، وان اُلٽو عامَ سين،

جي لَهِوارو لوڪُ وَهي، تَه تُون اُوچو وَهُ اُوڀارِ،

مَنجهان نُوچَ نِهارِ، وان پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي.



(25)

تان جي ٿِيَنِ سامُهان، پُٺِيرا سُونهَنِ،

سَنئون وَرائي سُپِرِين، مُنهَن جي مان ڏي ڪَنّ،

رَڳُون سڀَ رَچَنِ، تَنِ ۾ تازائِي ٿِئي.



(26)

اَکِيُون سي ئِي ڌارِ، جَنِ سين پَسين پِرِينءَ کي،

ٻِئي ڏانهن ڪِيمَ نِهارِ، گَهڻُو رِيسارا سُپِرِين.



(27)

اَکِيَنِ مُون کي اوچِتو، اُتي اَڙايو،

لَنئُون تِتِ لَڙايو، جِتِ ڪُڇَڻُ ٿِئي ڪونڪو.



وائي

اي مِيان سَڄَڻَ، توري اوري، ڪِئن رَهَندا نيڻَ مُنهِينجا،

جَنِ جو وارِثَ تُون، جَنِ جو آڌرُ تُون.

آئُون ٿِيَس لائِقَ ڀُون.

جِئان اُلهي اُڀَري، توڻي تِهان پَري.

توءِ وَڃجي تَنِ ڏي، اَکيُون پيرَ ڪَري.





داستان ٽيون



(1)

موهِيندُءِ مَجازُ، گهَڻين ٿورين ڏِينهڙين،

هَٿان ڇَڏِ مَ بازُ، تُون هارِيا حَقِيقَتِ جو.



(2)

هي جي مَجازِياڻِيُون مُنهَن ۾، ديکَ مَ تُون سين تَنِ،

ڪِين سُڃاتو سُپِرِين، نِهاري نيڻَنِ،

پِرِين جي پَسَنِ، ٻَئِي جنهن ٻوٽِيُون.



(3)

ساهَ سين سُڃاڻان، پَساهَ سين پَسان پِرِين،

اِهي ٻه ٽاڻان، اَچِي رَهِيا رُوحَ ۾.



(4)

مُون کي ماءِ مَجازَ، پِيڃاري جِئن پِڃِيو،

هَٿَنِ ڇَڏي هاجَ، ويئِي سارَ سَنڌَنِ مان.



(5)

منهِنجي جان جُدا ڪَئِي، حقِيقَتَ هَڻِي،

پَساهُ هيڪُ پِرِيَنِ ري، سَگهان ڪِينَ کَڻِي،

ڌَڻِي ئِي ڌَڻِي، رَهِيو آهي رُوحَ ۾.



(6)

حَقِيقَتَ هِنَ حالَ جِي، جي ظاهِرُ ڪَرِيان ذَري،

تَه وَڃَنِ وَڻَ ٻَري، اوڀَڙُ اُڀڙي ڪونهَ ڪو.



(7)

حَقِقَتَ هِنَ حالَ جِي، جي ظاهِرُ ڪَري زُبانَ،

تَه ٽاڪَرِ ٽِڪي ڪانَ، لَڳي ماٺِ مِرُنِ کي.



(8)

سَنئين سوُنهائي سَڀَڪا، ڪا مُون مُنجهائي،

طَلَبَ ۽ تَحصِيلَ، اورِيان ئِي آئِي،

مان تَندُ تِتِ لائِي، جِتِ آهِ نه ناهِ ڪا.



(9)

جِتِ آهِ نه ناهِ ڪا، اِي خاڪِيءَ جو خِيالُ،

جانِبَ جو جَمالَ، پَسَڻان ئِي پَري ٿِيو.



(10)

جِتِ آهِ نه ناهِ ڪا، اِي خيالُ خاڪِي،

پِرِيَنِ جِي پاڪِي، پَسَڻان ئِي پَري ٿِئي.



(11)

پِرِين نَه اَکَڙِيَنِ ۾، هِينئُون نَه حاضُر جَن،

سي هُونهين جاڙَ جِيَنِ، ٺَلها ٺاٺا سَکِڻا.



(12)

اَکِيَنِ ۾ ٿِي ويههَ، تَه آئُون واري ڍَڪِيان،

توکي ڏِسي نَه ڏيههُ، آئُون نَه پَسان ڪِي ٻِيو.



(13)

وَنِيُنِ ۾ ٿِي ويههُ، تارَنِ ۾ ڪَر تَڪِيو،

پِرِين اَکِيَنِ ۾ پيههُ، تَه آئُون اَڇارو ٿِيان.



(14)

سِڪَ سِڪائي سِڪُ، سِڪَ نه آهي سُٿِري،

لِڪَ لِڪوٽي لِڪُ، ته کَرَنِ خَبَرَ نه ٿِئي.



(15)

جي خَبَرَ ٿِي کَرَنِ کي، تَه مُون کي ڪَندا ڪوهُ،

صُورَتَ سُپِريَنِ جي، ڏِٺِي ڪونِهي ڏوهُ،

لوريءَ لَڳُمِ لوهُ، جَنِهين رَتُ رُئارِيو.



(16)

کَرَ جا کَڏَ کَنئِي، پَوَڻِ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي،

تِنهن ۾ پاڻِ پَئِي، غِيبَتِي غارُ ٿِيو.



(17)

اَلا! کَرَ جِيَنِ، مَدي جَنِ جي مَنَ ۾،

اسان ۽ پِرِيَنِ جُون اُميدُون پَسَنِ،

تِهان پوءِ مَرَنِ، سَڙي انهيءَ سُورَ ۾.



(18)

کَرُ کارِيندو سي، ماٺو جَنِ پِرِيتَڻو،

جوشَ جَلايا جي، ماري تَنِ ماتُ ڪِيو.



(19)

کَرُ کي کَپُرُ کاءِ، نانگُ مَڻِيارو نِڪَري،

اُڀِي جو اوناءِ، سُر پُر سَندي سَڄَڻين.



(20)

کَرَ ٿو کَرايُون ڪَرِين، هَرَ هَرَ هَچارا،

پُورايَئِي پِرِيَنِ جا، چوڌاري چارا،

مَرين نَه مُنهَن ڪارا، سَڙي اِنهِيءَ سُورَ ۾؟



(21)

سَڄَڻَ سَنِئيُون ڪَنِ، لوڪان ليکي ڏِنگِيُون،

سَندي سُپرِيَنِ، پَرِ پَرُوڙَڻُ ڏاکِڙو.



(22)

نَڪو ڊيگههُ نَه ويلَ، نَڪو مُنهُن نَه مُهاڙِ ڪا،

اِيُ اِهوئي کيلُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.



(23)

حوصِلو حَيرتُ جو، ڪَري ڪِينَ دَرَڪُ،

جو حُسَنَ سَندو حَقُ، ڪُورُ پَروڙي ڪِينَ ڪِي.



(24)

حوصِلو حَيرَتَ جو، وَڃِي ٿِيو ويڇُون،

مَحَبَتَ جُون ميڇُون، ڪُورُ پَروڙِي ڪِينَ ڪِي.



(25)

حوصِلو حِيرَتَ جو، آهِ نَه مَٿي عامَ،

مَحَبَتَ سَندي مامَ، ڪُورُ پَروڙي ڪِينَ ڪي.



(26)

حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي لَڄاڻُو،

ويچارو ڪاڻو، ڏِسِي ٿِيو ڏِسَڻَ کي.



(27)

مُئي هاٿِيءَ سين مامَرو، اَچِي پِيو اَنڌَنِ،

مَناڙِينِ هَٿَنِ سين، اَکِيين ڪِينَ پَسَنِ،

’فِي الحَقِيقَتَ‘ فِيلَ کي، سَڄا سُڃاڻَنِ،

سَندي سَردارَنِ، بَصِيرَتَ بِينا ڪَري.



وائي

وَجہَ مَنجههِ خَلِيلُ، اَندَرِ آذَرُ آهِيين.

سَڌَ مَ ڪَرِ صِحَتَ جِي، اَڃا تُون عَلِيلُ،

نالو ناهِ نِفاقَ جو، جِتي رَبُّ جَلِيلُ،

مُنهَن ۾ مُسلِمانُ تُون، قَلبُ تان قَلِيلُ،

وِترَ جي وِصَالَ ۾، دُوئِي ناهِ دَلِيلُ.



وائي

(2)

اَلله سائِين! سائِين! پُئان پِرِينَئَوُن مَ پانهيِن،

مُون تان آسَرو آهِ اوڏانهينِ.

جِتي ديرو دوسِتَ جو، سا ڪِئن جُوءِ اَڳانهِين،

مُون تان آسَرو آهِ اوڏانهينِ.

قَلَمُ جَنِ جي هَٿَ ۾، سي سيڻَ سَٻاجها سائينِ،

مُون تان آسَرو آهِ اوڏانهينِ.

بَنديءَ جي بابَ ۾ شالَ مَ لِکَنِ لانئِين،

مُون تان آسَرو آهِ اوڏانهينِ.





داستان چوٿون



(1)

ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪِينَ سُڃاتو ڪُلّ،

تازي طَوِيلَنِ ۾، آهِ اِحاطو جُهلّ،

هُئا جي اَمُلّ، سي حِسابان هَڄِي وِيا.



(2)

مَحرُومَ مَري وِيا، ماهِرَ ٿِي نهَ مُئا،

ڇِڙيءَ جِئن چُهِنجَ ڀَري، لَڏِيائُون لُئا،

حُبابَ ئِي هُئا، اُنِهيءَ واديءَ وِچَ ۾.



(3)

ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلُّ سُڃائي ڪِئن،

جانِبَ مَنجهان جِئن، ماهِر ئِي مُنجهِي پِيا.



(4)

تَرڪُ ڪَرِ تَرڪَ کي، وَڃَڻَ ڪَنان وَڃُ،

آهي اِي اُهڃُ، سُڻِي سُڻائيجِ تُون.



(5)

وَڃِي رَسُ وَڃَڻَ کي، وَڃَڻَ پُڻِ وِڃاءِ،

لوڪان پاڻُ لِڪاءِ، لِڪِئان پُڻِ لِڪيج تُون.



(6)

هَٿَنِ سين هاجَ ڪَرِ، نيڻَنِ سين نِهارِ،

اُڀا اَڱَڻَ پارِ، پَسُ پَنهنجا سُپِرِينِ.



(7)

اَسين سِڪَهُون جَنِ کي، آسِين پُڻ سيئي،

’لَم يَلِد وَلَم يُولَد‘، اوڏانهن وَڃُ پيهِي،

تِهانَ مَنجهيئي، پارِکَ پَرِکج حَقُّ کي.



(8)

چُپ ڪَرِ، چَپُ مَ چورِ، پُورِ اَکِيُون، ڍَڪِ ڪَنَ،

پاڻِي پِي پيٽُ مَ ڀَرِ، رَهُ اَڌورو اَن،

تَه هوءَ جا مُورَتَ مَنجهاران مَنّ، تِنهن جو مُشاهِدو ماڻِئين.



(9)

ڏِسَڻُ ڏِسين جي، تَه هَمَہ کي حَقُّ چَئِين،

شارِڪَ شَڪُ مَ ني، اَنڌا انهِيءَ ڳالههِ ۾.



(10)

آڏو جو اِثباتَ کي، سو شرڪُ لاهي شَڪُ،

هُئي جِنهن ۾ حَقُّ، تِنهِن نفيءَ جِهڙو ناهِ ڪِي.



(11)

نَفِيءَ سَندي ناهِ سين، پُڇِي پُڇِيائُون،

ڀِڙا جي ڀائڻ جا، ڀيري ڀَڳائُون،

اَسِين ۽ آئُون، آتَڻِ هُئي نه اُن جي.



(12)

وَڏي تان اِنَ واٽَ ۾، ٻيلَپَ ٻِيائي،

آهي اونداهِيءَ جو، شِرڪُ سَهائِي،

چِٽِي چِٽائِي، اَلِفَ جي عَينَڪَ ۾.



(13)

اِنَ پَر نَه اِيمانُ، جِئن ڪَلِمي گو ڪوٺائيين،

دَغا تُنهنجِي دلِ ۾، شِرڪُ ۽ شَيطانُ،

مُنهن ۾ مُسلِمانُ، اَندَرِ آذَرُ آهِيين.



(14)

ڪوُڙو تُون ڪُفَرَ سين، ڪافِرُ مَ ڪُوٺاءِ،

هِندُو هَڏِ نَه آهِيين، جَڻِيو تو نَه جُڳاءِ،

تِلڪُ تِنِين کي لاءِ، سَچا جِي شِرڪَ سين.



(15)

مُنهن ۾ مُوسيٰ جِهڙو، اَندَرَ ۾ اِبلِيسُ،

اِهڙو خامُ خَبِيثُ، ڪَڍي ڪوهُ نَه ڇَڏِئين؟



(16)

مُنهن ته موسيٰ جِهڙو، سِيرَتَ شَيطانِي،

بازي بيرانِي، ڪَڍي ڪوهُ نَه ڇَڏِئين؟



(17)

مُنهُن تَه آهِيريانِئي اُجَرو، قَلَب ۾ ڪارو،

ٻَهران زيبُ زبانَ سين، دِل ۾ هَچارو،

اِنَ پَر ويچارو، ويجهو ناهِ وِصالَ سين.



(18)

تُون ڪا ڪانِي پاءِ، وَنِنِ ۾ وِصالَ جِي،

دُو بِينائِي دُورِ ڪَري، مَعرِفَتَ مَلهاءِ،

سُپيرِيان جي سُونهَنِ ۾، رُخنُون ڪونَه رِهاءِ،

اَکِ اَشَهَدَ چاءِ، ته مُسلِمانِي ماڻِئين.



(19)

اِينءَ چَوَندي ڪيرَ، تَه آئُون ساڃاري سَڄَڻين،

دائِمُ اِن ديار جا، ڦِرَندا پَسان ڦيرَ،

جَنِ حُضُوري هيرَ، ڪَري تَغيري تَنِ سين.



(20)

مُون، تون، آئُون، اَسِين، چارَئِي چِتان لاهِ،

سَندي دوزَخَ باهِ، تو اوڏِيائي نَه اَچي.



(21)

سُرَمُون سِياهيءَ جو، رَنُنِ کي رِهاءِ،

ڪانِي ڪارائِيءَ جِي، مُڙسُ ٿِي مَ پاءِ،

اَکِيَنِ ۾ اَٽڪاءِ، لالائِي لَالَنَ جِي.



(22)

سُرمُون سُفيديءَ جو، جُنبِي پاتو جَنِ،

تَڏِهن ڏِٺِي تَنِ، اَڇائِي عالَم ۾.



(23)

سُرمُون سُرخِيءَ جو، جَڏِهن پاتو جَنِ،

تَڏهِن ڏِٺِي تَنِ، رَونَقَ ريٽي جيهَڙي.



(24)

جي فارِسِي سِکِيو گولو، توءِ غُلامُ،

جو ٻَڌو ٻِنِ ڳالهِيين، سو ڪِيئن چائي ڄامُ؟

اُڃِيو تان آبُ گهُري، بُکِيو تان طَعامُ،

اِي عامَنِ سَندو عامُ، خاصَنِ مَنجهان نَه ٿِيو.



(25)

اَوڳُڻِ رُسي سَڀڪو، ڳُڻين پِرِين رُٺام،

ليکِيَمِ جي لِسَان سين، سي ڪَر ڪِينَ ڪِيام،

پاڻُ وِڃائي پانهنجا، ٿورا ٿُڪَ هَنيام،

بَندگِيءَ شَرمندگِيءَ، اِها ميڙَ مُڪِيام،

پِرِين تَڏِ پَرچِيام، ’آءٌ‘ جَڏِ اُٺِ ڳَئِي.



(26)

اَوَڳُڻِ رُسِي سَڀَڪو، ڳُڻين پِرِين رُٺام،

ٻَهُون ٻاروتَنِ ۾، ڪي ڪَبِيرا ڪِيامِ،

تيلانِهين سَرِيام، سُکَنِئون سُورَ گهَڻا.



(27)

اَلتِيمِ جا هِينئان، سا نَه سَلتِيَمِ ساهَ کي،

سُپيرِيان جِي ڳالهِڙي، لِڪايَمِ لوڪان،

ويئِي مُون وَسان، پَڌَرِ پيئي پِرِينءَ ري.



(28)

مُون تان لِڪائِي گهَڻُون، پَر رُوئَڻَ ڪِي روشَنُّ،

رَسِيو ريزالَنِ کي، مَنجهان زَرديءَ ظَنُّ،

ويري مُون وَرَنُ، ڳالِهه ڪِيائِين ڳُجَهه جِي.



(29)

عاشِقُ ڀانئِين اِئَن، تَه آءٌ سِڪَ ڪِنهن کي نَه سَلان،

وِچِ رَهَندي ڪِئن، وَهَنِ اَکِيُون وِرِڄِي هِينئُون.



(30)

مَتِيُون سَڀ مُنجهاءِ، تُون پاڻُ ڇَڏِي اُو ڄاڻُ،

پِهرِين پاڻُ ڦِٽو ڪَري، پِرِين پوءِ پَڇاڻُ،

وِڃاءِ وَحدَتَ ساڻُ، ڪَسافَتَ ڪَثرَت جِي.



(31)

اَندَرِ رَهي نَه گهَٽ، سُپِيرِيان جِي ڳالهَڙي،

ڇاڳَر سَهي نَه سَٽَ، جُهه مِهراڻَ موجَ ڪِي.



(32)

’پاڻُ‘ پَردو پاڻَ کي، سُڻِي ڪَر سَنڀالَ،

وِچان جو وِصالَ، سو تان هُئڻُ هِنُ جو.



(33)

’پاڻُ‘ پَردو پاڻَ کي، طالِبَ سُڻِجِ تُون،

نَڪا هان نَه هُون، پَردا سَڀِ پاسي ٿِيا.



(34)

’مُون‘ مُونِهين ۾ سَپَجِي، مُون کي ’مُون‘ جُڳاءِ،

مُونهِين مَنجهان ’مُون‘ ٿِئي، مُونهِين جِي ساڃاءِ،

ڪُڇَڻَ ڪانهي جاءِ، ڪيڏانهن ڪَرِيان پَنَڌَڙو.



(35)

اُنهين اِئَن جُڳاءِ، آن کي اِئَن نَه چُوئَڻوُ،

بُنَ جِنهن جِيءَ ذاتِ جو، اُتي آهِ اللهَ،

تُههِ نَه پَچي ماهُ، گُنديءَ نِينهُن نَه سَپَجِي.



(36)

نَظَرُ نَزِديڪونِ، سَهِي نَه َسَگهان ساعَتَ سِيئن،

پَسَڻُ پَري سَندونِ، آئُون نالي ڳِيَڙي نِجهُران.



(37)

عِلّتِي آرامُ، پَسِي عِلّتَ آئِيو،

حُسُنُ جو حَقُّ جو، سو خامِي ڀانيئِي خامَ،

اَچِي ٿِيا اِسلامُ، ڪُفر ڪافُر پاڻَ ۾.



(38)

رُٺي جا رِهاڻِ، سا پِيءَ پَهتِي نَه ٿِئي،

ڪِنهن کَرَ وِجهِي ڪاڻِ، پاڻان نِينهُن نِکيرئو.



(39)

رُسَڻ نَه آهي رِيتِ، پَهڻين پاهَتُ ناهِ ڪو،

پَسو مَنجهِه پِرِيتِ، جيهائِي جوڙَ وهي.



(40)

مُون کي مُون پِرِيَنِّ، ٻَڌي وِڌو تارِ ۾،

اُڀا اِيئن چَوَنِّ، مَڇُڻِ پاندُ پُسائِين.





(41)

پِيو جو پاتارِ، سو پُسَڻان ڪِئن پالهو رَهي؟

سالِڪَ مُون سيکارِ، ڪو پَہُ اِنَهِينءَ پاندَ جو.



(42)

شَرِيعَتَ سُڃاڻُ، ڪَر طَرِيقَتَ تَڪِيو،

هِينئون حَقِيقَتَ هيرِ تُون، ماڳُ مَعرِفَتَ ڄاڻُ،

هُئِج ثابُوتِيءَ ساڻُ، تَه پُسَڻَ کان پالهو رَهين.



(43)

ڪُوڙي ڪِجُ مَ ڪَڏِهِين، ڦِڪِي ڀانئجِ ڦانگَ،

ساري سَناسِيَنِ جئن، لائِقَ رَکِجِ لاَنگَ،

تَه چارَئِي چادَر پاندَ، اوسا کڻِي اُڪَرين.



(44)

سُتوئِي سيجَ گهُرين، جَفا ڏِيين نَه جانِ،

صُلحَ ري سيڻانِ، مَتان نُونڌين نَه چَڙهين.



(45)

سُتوئِي سيجُ گهُرين، جَفا ڏِيين نَه جِيءَ،

پَهتي ڌاران پِيءَ، مَڇُڻ نُونڌين نَه چڙهين.



(46)

صُلحُ جَنِ سَڄَڻَ سين، سيجَ ماڻِيندا سي،

’اَلذِينَ آمَنُوا وَ ڪَانُوا يَّتقُونَ‘، اِنَ پَر اُڀا جي،

نيئِي نُونڌَنِ تي، ڏِکي چِٽي چاڙِهِيا.



(47)

جي ٿِيا حَلُّ حَبِيبَ سين، سُمَهَڻُ تَنِ ثَوابُ،

نيڻَ هيرائي نِنڊَ سين، خُوش ڪِيائُون خَوابُ،

اوسِيڙو عَذابُ، دِلِئان تَنِين دُورِ ٿِيو.



(48)

تَنُ تَسبِيحَ مَنُ مَڻِيُون، دِل دَنبورو جَنِ،

تَندُون جي طَلَبَ جُون، وَحدَتَ سِرِ وَڄَنِ،

’وَحدَه لَاشَرِيڪَ لَہ‘ اِهو راڳُ رَڳُنِ،

سي سُتائي سُونهَنِ، نِنڊَ عِبادَتَ اُنِ جي.



وائي

(1)

جيڏِيُون آئُون ڪا پاڻ وَهِيڻِي آهِيان،

ڪا مُون سارَ لَهيجا.

واڳُون ڌَڻِيَنِ هَٿَ ۾، ڪيڏانهن ڪَرَهَلُ ڪاهِيان،

ڪا مُون سارَ لَهيجا.

جيڏانهن وارِينَمِ سُپِرِين، پيرُ اوڏانهِين پائِيان،

ڪا مُون سارَ لَهيجا.

قَلمُ ڪاتِبَ هَٿَ ۾، آئُون ڪا لِکُ لِکِئي مان لاهِيان،

ڪا مُون سارَ لَهيجا.



وائي

(2)

ڪِي اُنهِين مَنجههِ آهي، هوءِ جي جهُونا پَسَجَنِ جهُوپَڙا،

انَ دَرِ سيئِي اَگِهيا، جَنِ کي ڪونَه چِتائي،

هوءِ جي جهُونا پَسَجَنِ جهُوپَڙا.

ڌارِيان ڀائِينِ ڌارِيُون، پاڻُ پِرِيان سين کائي،

هوءِ جي جهُونا پَسَجَنِ جهُوپَڙا.

’اِنّ اَولِيَائِي تَحَتَ قَبائِي‘، پَنهنجا پاڻِ پَراهي،

هوءِ جي جهُونا پَسَجَنِ جهُوپَڙا.

’لايَعرِفُونَهُم غَيرِي‘، پَرَ کي ڪِينَ پَسائي،

هوءِ جي جهُونا پَسَجَنِ جهُوپَڙا.

پَنهنجُون ڇَڏي پَٽَ ۾، رِڙُه اُنِين جي رائي،

هوءِ جي جهُونا پَسَجَنِ جهُوپَڙا.

خِدمَتَ ڪَري خُلقَ سين، پاندُ ڳِچِيءَ ۾ پائي،

هوءِ جي جهُونا پَسَجَنِ جهُوپَڙا.





¯

سُر پرڀاتي



داستان پهريون



(1)

اِيُ نَه ڀانَنِ ڀير، جِئن ڪِينَرُ ڪِيريءَ ٽَنگِيو،

سُونهاري صُبوحَ سين، وِجهِي ويٺين ويرِ،

توکي چوندو ڪير، ڪِيرَتِ ڌاران مَڱَڻو.



(2)

سُتو ڪِئن نِنڊُون ڪَرِئين، روئِي راتِ وِهاءِ،

سڀُان ساز سَنداءِ، پِيا هُوندا پَٽَ ۾.



(3)

رُوءِ وِهاڻي روءِ، سُتو ڪِئن ننِڊُون ڪَرِئين،

سُڀان ساز سَندوءِ، پِيو هُوندو پَٽَ ۾.



(4)

سيرانديءَ سازُ ڪيو، سُمهَين ساري راتِ،

جاجِڪاڻِي ذاتِ، اِئَن نَه هُئِي اَڳَهِين.



(5)

جَنهِين سُک ناهِ ڪو، چارَڻَ سي چَئجَنِ،

رُڃُن راهُ پُڇَنِ، مَٿي ڪُلَهنِ ڪِينَرا.



(6)

اَڳي اِئَن نه هيرَ، اِنَ دَرَ سَندي مَڱَڻين،

جِئن ڊِگها ڪَري پيرَ، سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين.



(7)

پِيو ليٽين لُٽَ، سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين،

اُٿِي آڌي نَه ڪَرِئين، سَپَڙَ ساڻُ سَهَٽَ،

روُنجهي راتِ اُپَٽِيا، پيٽَنِيُون پاڻِيٺ،

ميڙي تِئان مَٽَ، چُونڊي ڀَرِيا چارَڻين.



(8)

موڙُهو ڀُڻين مڱڻان، ڪيڏانهَن هُئين ڪالهُه،

لَنگها! ڇَڏِ لَطِيفُ چَئي، اُجهَڻَ جا اَفعالَ،

سَپَڙَ دَرِ سَوال، ڪَر تَه قِيمَتَ آڻِيين.



(9)

لَکي جي ٻُجهَنِ، پَڌَرِ پوءِ مَ اُنِ سين،

ننَڍي وَڏي ڳالهَڙي، سَڄِي ٿا سَمجهَنِ،

تُون ڪِئن اَڳيان تَنِ، وَڃِيو وِلِلين واتَ سين.



(10)

ڄاڻِي هَڏِ مَ ڄاڻُ، اِيءُ دَرُ اَٻوجهَنِ جو،

اِنَ دَر سيئي اَگهِيا، جَنِ نَه ڀانيو پاڻُ،

رِيجهاڻو راڄاڻُ، آهي اَٻوجهَنِ جو.



(11)

ٻُجهان ٻاجهَه ٿِئي، ٻاجهاڻُون ٻيلي ڌَڻِي،

سَپَڙَ سا سُئِي، جيڪا چارَڻَ چِتَ ۾.



(12)

جيڪي ڏَڏَنِ ڏي، ڳُجهِيان ئِي ڳُجههَ ۾،

سو جي سُڻَنِ ڪَڏَهين، ڪِرِتِ وارا ڪي،

تَه سازَ مِڙيئي سي، هُوندَ پِٿُون ڪَنِ پَلَڪَ ۾.



(13)

اُتِ ڪِرِتِ وارا ڪيترا، ڪِرِتِ ڪَبو ڪوهُ،

جيڪِي بَندو ڪَمُ ڪَري، سو سَڀوئِي ڏوهُ،

تُون پارِسُ، آئُون لوهُ، جي سَڃين، ته سونُ ٿِيان.



(14)

ڏاتِ نَه آهي ذاتِ تي، جو وَهي سو لَهي،

آرِيُون اَٻوجهَنِ جُون، سَپَڙُ ڄامُ سَهي،

جو راءُ وَٽِ رات رَهي، تِنهنِ کي جُکِي جان ڪِي تان لَهي.



(15)

طَمعَ جِي تَنوارَ، مَتان ڪَرِين مَڱڻان،

ڌِڪي ڪَندَءِ ڌارَ، ماڻِڪَ ڏيئِي مُٺِ ۾.



(16)

ڏَڏُ ٿِي ڏانُ گهُريجِ تُون، ڇَڏي وِڄا جِي وائِي،

سَڀَرَ راتِ سَنباهِيا، تازي تو لائِي،

جو ڄاڻي نَه ڪائِي، تِنهن سين ٻيلي ڌَڻِيءَ ٻاجُهه ڪي.



(17)

کَڙَهَ اَڳِيان کَپُ، ڏِيهاڻِي ڏاتارَ جِي،

لَنگها! لاهِ مَ لِکَ سِينءَ، مَٿان چانئُٺِ چَپُ،

مَڱَڻَهارَنِ مَپُ، ڪونهي ٻِيو ڪِيرَتِ ري.



(18)

اُٿِيو اَٻوجهاءُ، سَپَڙَ جو سَڏُ ٿِيو،

جِئن آئِين ڪِيرتَ ڪَٽُ نَه سِکِيا، تِئن پاڻان رِيڌو راءُ،

مَڱو مُون مُلاءَ، آئُون اوهان جو آهِيان.



(19)

ٻولِيُون ٻيلي جُون ڪَري، پاسي ڀَرِ پِيو،

سُڻائي سُتَنِ کي، وِهاڻِيءَ وِيو،

ڄاڻي ڪِينَ ٻِيو، سُرُ سِکِيو ئِي هيڪَڙو.



(20)

سَپَڙُ ساهُ پَساه، جاجِڪَ جِمَ وِسارِئين،

ريهي رُپي سَندِيُون، تَندوُن تُنبي کي پاءِ،

لَنگها! تُون لِيلاءِ، اڳِيان وَڃِي اُنَ جي.



(21)

چارَڻَ وَسِ نَه ڪا، تَه ڪا ڪِيرَتِ جِي ڪَري،

جَنيِن سَندو مَڱڻُون، هَٿِ تَنينِ جي آهِ،

جي کارائِينسِ ته کاءِ، جي سُمَهارِينسِ تَه سُمَهي.



(22)

جَڏو ڦِڏو ڏَڏُ، پاڻُ ڪوٺائي مَڱڻون،

نَه ڪِنهن نِيو پاڻَ سين، نَه ڪِنهن ڪيو گَڏُ،

سَڀَرُ ڪَرِيو سَڏُ، ڏُکِيا چاڙهي ڏولئِين.



(23)

ميرا پَسِي مَڱَڻان، سَڀَرَ سَڏَ ڪيا،

سَٻوجهَنِ سُئا، اَٻوجهَنِ آسَرو.



(24)

صُبوحَ جو سُهاڳَ، مَڱڻهارَنِ ماڻيو،

ڏِنائُون ڏاتارَ کي، وَڏيءَ ويرَ وِهاڳَ،

وَسِ مُنهنجي ناهِ ڪا، سيڻَنِ هَٿِ سُهاڳَ،

پِرِيَنِ سين پهاڳَ، مانُ نِماڻِيءَ نَصِيبَ ٿِئي.



(25)

ڏاتارَ ڏُکَ ڪِيا، پاڻان مَٿي مَڱَڻِي،

مُون دَرُ ڇَڏِيو، مَڱڻان! مَڱِين ڪوهُ ٻِيا،

تَڏهِن تو پِيا، وِچِيان وِلَها ڏِينَهڙا.



(26)

جو ڏِيهاڻِي ٿو ڏي، مَڱُ تَنهِين کي مَڱڻان،

ڪُوڙا دَرَ دُنِيا جا، جاجِڪُ مَڱِين جي،

صباحَ توهِين کي، موٽِي ڏِيندا مُنهَن ۾.



(27)

ڪاٿي سي تُنبَير، جَنِ رِيجهايا راڄِيا،

وِئڙا وَڏيءَ ويرَ، ڪُلهي رَکِي ڪِينَرا.



(28)

اَڄُ نَه سُڄي اَڳئين، ڪا تَنَبيرَنِ تَنوارَ،

مَڙهِيُون مَڱڻهارَ، پُوري ڪِنهن پارِ وِيا.



(29)

تُون سَڀَر، آئُون سيڪَڙو، تُون صاحِبُ، آئُون سَڱ،

پُڇِي تُنهنجو پَڳُ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينَرو.



(30)

تُون سَڀَرُ آئُون سيڪڙو، تُون پارِسُ آئُون پينار،

ڏِسنِدي ئِي ڏاتارَ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينَرو.



(31)

تُون سَڀَرَ، آئُون سيڪڙو، تُون ڏاتارُ، آئُون ڏڏُ،

سُڻِي تُنهنجو سَڏُ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينَرو.



(32)

تُون سَڀَرَ، آئُون سيڪڙو، تُون ڏاتارُ، آئُون ڏوهُ،

تُون پارِسُ، آئُون لوهُ، جي سَڃين تَه سُونُ ٿِيان.



(33)

ڏاتارُ تَه تُون، ٻِيا مِڙيئِي مَڱَڻان،

مِينهن مُندائِتا وَسڻان، سَدا وَسِين تُون،

جي گهَرَ اَچِين مُون، تَه ميريائِي مانُ لَهان.



(34)

اُڀَرِيو تارو، اُٿِي وَرَ وِهاڳُ ڏي،

سَپَڙُ رِيسارو، چِت پَرَ کي چارَڻين.



وائي

(1)

ٻِئي دَر وانءَ مَ ڪيڏانهِين، اَلا! تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان،

ڦيرِ مَ هِينئُون، ڪَنڌُ، ڪِياڙي، ٿِيندءِ هاجَ هِئائِين،

اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.

ماڻِڪَ، موتي، مالَ خَزِينا، ڏِيندءِ ٻيلي سائِين،

اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.

وِرِچِي تُون وِهاڳَ کان، مَتان ڏِيين پاهِين،

اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.

دَر داتا مَڱَ مَڱڻان، اَنڌا هوئِجِ اوڏاهِين،

اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.

ٻِيائِيون وِجهِي ٻَنِ کي، سَمُو کَڻُ سَوائي،

اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.

”اِنّ اَللهَ وِتريُّحِبُّ الوِترِ“، وَحَدَتَ واڳَ وِڌائِين،

اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.

پَنهنجي طَرَفِ پاڻَهئين، سائِلَ سَڏِيائين،

اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.

جِتي جُواڻَنِ کي، ڪوٺي ڪُٺائِين،

اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.

اُتي عُشاقَنِ کي، اُلفَتَ اُهڃَ ڏِنائِين،

اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.

”اَلاِنسَانُ سِرِي وَ اَنَاسِرُّهُ“، اِنَ پَرِ اُتائِين،

اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.

ڳُجههَ ڳُجهاندَرَ ڳالهِيُون، رازُ نَه رَکِيائين،

اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.

پَسو پينارَنِ جي، پَٽَ ۾ پاڻُ وِڌائِين،

اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.



وائي

(2)

وَڏڙا ڏاڻُ ڏِنائِين، ڪِيائِين رَختَ ريزالَنِ جو،

اَنڌَا مَنڊا آئِيا، سَخا سَڏ وِڌائِين،

ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو.

ڪِينَ مَنجهان جو ڪِي ڪَري، سو نَه ساراهِيين سائِين،

ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو.

”وَتُعِزُّ مَنَ تَشَاءُ وَ تَذِلُّ مَن تَشَاءُ“، آهي سَڀُ اُتائِين،

ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو.

نَوازِيائين نُطفو، مَنجهان ڪِينَ ڪَڍِيائين،

ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو.

حِرفَتَ حَرِيفَنِ جي، ڀَڃي سَڀِ ڀَڳائِين،

ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو.

حامِدَ سَڀِ حزَنَ ۾، مُدعي پاڻ مُٺائِين،

ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو.

”وَتُعِزُّ مَنَ تَشَاءُ وَ تَذِلُّ مَن تَشَاءُ“، آهي سَڀُ اُتائِين،

¯

سُر کاهوڙي



داستان پهريون



(1)

کاهوڙِيَنِ خَفِيءَ سين، سوجهي لَڌو سُبُحانُ،

عاشِقُ اِهڙين اَکَرين، لَنگهِيا لامَڪانُ،

هُوءِ ۾ گَڏِجِي هوءِ ٿِيا، بابُو سي بِريانُ،

سَڀوئِي سُبُحانُ، آيو نَظرَ اُنِ جي.



(2)

مُون سي ڏِٺا ماءَ، جَنهِين ڏِٺو پِرِينِ کي،

اُنهين سَندي ڪاءَ، ڪَري نَه سَگهان ڳالهڙي.



(3)

مُون سي ڏِٺا ماءِ، جَنهِين ڏِٺو پِرِيَنِ کي،

رَهِي اَچِجي راتَڙي، تَنِ جُنگَنِ سَنديءَ جاءِ،

اَنهِين جي ساڃاءِ، تُرَهو ٿِئي تارِ ۾.



(4)

ويٺِيُون پَٻَ پَئِي، کيروُن کاهوڙِينَ جُون،

آئُون تَنِ ڏوٿِينِ جُون، پُڇان ڪير پَهِي،

رُڃَنِ راتي رهِي، جَنِين ڏُونگَرَ ڏوريا.



(5)

پاران پُڇِي آءٌ، خَبَرَ کاهوڙِين جِي،

ڏوٿِين ڏُونگَرانءُ، ڪِنهن پَرِ ڏورِيُو ڏُٿُ کي.



(6)

تُون هَڏِ ڪُڄاڙيا، سَنجهي سَعيو نَه ڪَرين؟

سَوارا سَنڊَ کَڻِي، کاهوڙي وِيا،

آڻِيندين ڪِئا، ڏُٿُ ڏوراڻي ڏيههَ جو.



(7)

هوءِ ڏوٿِي، هوءِ ڏِينهن، هوءِ ڏوُنگَرَ، هوءِ لَڪِيُون،

ڪِنهن جِنهن لڌا نِينهن، ڀُڻان لهسَنِ لُڪَ ۾.





(8)

جا جُوءِ، مُئِي نَه ٻَڌي، ڏوٿِي سا ڏورِين،

پاسا مَٿي پاهَڻين، کاهوڙي کوڙِينِ،

وِيا اُتِ ووڙِينِ، جِتِ نِهايَتَ ناهِ ڪا.



(9)

کاهوڙي کِجَن، پَسِيو پورِهَيتَ ويسَرا،

سي ڏوٿِيَڙا ڏُورِ وِيا، رُڃُن جي رَهَن،

ڪا مَنِ آهي تَنِ، مُون پِريان جي ڳالهَڙي.



(10)

دَلقَ گَڏِيو ڌُوڙِ ۾، ڀَڪُلِيا ڀُڻنِ،

ڳالهِيُون ڳُهلي لوڪَ سين، پَڌَرِ پَئي نَه ڪَنِ،

ڪا مَنِ آهي تَنِ، مُون پِرِيان جِي ڳالهَڙي.



(11)

تُون وَنئنَ ويهِي آءٌ، اَڱَڻِ کاهوڙِيَنِ جي،

جوشَ ڏِنائُون جِيءَ کي، لِڪائي لوڪاءَ،

ڏوٿِيَنِ ڪِنهن ڏُکاءَ، سُمَهِي سُکُ نَه ماڻِيو.



(12)

ڪِ ڪِي کاهوڙي! ڇَپَرَ ۾ سَڏُ ٿِيو،

اَڳِي ٿي مُئِي، جَنهِين سَندي ڳالهَڙي.



(13)

ڏُٿُ گهڻائِي ڪَنِ، اِنّ اورانهين ڏيههَ جو،

سَندا کاهوڙِيَنِ، پَري سُڄَنِ پيچَرا.



(14)

ڏُٿُ نَه کُٽو ڏوٿِين، جيڪي ڏُٿَ ڪَرِينِ،

اُهڃاڻِيُون عالَمَ جُون، اورِيائينِ آڻِينِ،

تِهان پَري ڏَسِينِ، پِرِيان سَندي ڳالَهڙي.



(15)

جيڪو ڏُٿُ ڪَري، ته ڏُونگَرُ ڏورَڻُ ڏاکُڙو،

ڇَپَرُ ڪِينَ ڏِئي، سُوکَڙِيُون سُتَنِ کي.



(16)

مُون کاهوڙي لَکِيا، مُوران ۾ ماتامَ،

ڪيائُون قِيامَ، جُهه ڏوٿِي ڏُٿَ گَڏُ ٿِيا.



(17)

مُون کاهوڙي لَکِيا، گهَرين نَه گهارِينِ،

واحِدَ لَڳ وِلَهنِ ۾، رويو جَرُ هارِينِ،

گُوندَرَ گُذارِينِ، جُهه ڏوٿِي ڏُٿَ گَڏُ ٿِيا.



(18)

مُون کاهوڙي لَکِيا، ويهِي نَه ويرمَ ڪَنِ،

ڏِينهِن تَتي ۾ ڏُونگَرِين، ڪارَڻِ قُوتَ ڪَهَنِ،

جهَنَگَلَ ۾ جهُڻڪَنِ، جُهه ڏوٿِي گَڏُ ٿِيا.



(19)

مُون کاهوڙي لَکِيا، آيُنِ نَه آرامُ،

ڪِيائُون تَنُ تَمامُ، جُهه ڏوٿِي ڏُٿَ گَڏُ ٿِيا.



(20)

مُون کاهوڙي لَکِيا، سُمهَنِ ڪِينَ پَئِي،

سَمَرُ ڪيائُون سُڃ جو، ڏوري ڏُٿَ لَهِي،

وِيا تِتِ وَهِي، جِتِ نِهايَتَ ناهِ ڪا.



(21)

رائو رُڃَ رَهُون، جِتِي نِينهان نِڪَڻِي،

لَڳِيو پيرَ لَڪَنِ سين، ڇِڄِيو ٿِينَ ڇِهُون،

تان ڪا سارَ لَهُون، هوتَ! ڪَمِيڻِيءَ سُپِرِين.



(22)

کاهوڙِيَنِ کَڻِي، ساجهر ٻَڌا سَندَرا،

ڏورِيندي ۾ ڏوُنگَرين، پاڻُ ڪِيائُون پَڻِي،

ڏُکَنِ ڏِيل هَڻِي، ڇيههُ لَڌائُون ڇَپرين.



(23)

ماءِ! کاهوڙي هَلِيا، دُونهان دُکائي،

وِئَڙا وِسائي، ڏوٿِي ڏونگَرَ وَٿِ ۾.



(24)

ماءَ! کاهوڙي هَلِيا، دُکائي دُونهَان،

ڇَپَرَ جا سُونهان، ڏوٿِينَنِ ڏُٿُ چِتائِيو.



(25)

ڪَڻِن نَه ڪيڪان، پَنڌِ پَراهين هَلِيا،

ڏوٿِيَڙا ڪِنهن ڏُٿَ کي، جُنبِيا ڏَنهَنُ جابانَ،

کاهوڙِيَن اُهڃاڻَ، اَنگِ نَه سَڄِي اَڳڙي.



(26)

سُکِ نَه سُتا ڪَڏَهِين، کَرڪَڻان لاهي،

اوسيئڙو آهي، کاهوڙِينِ اُنَ پَنڌَ جو.



(27)

پيرين پراڻان کيترا، سُڪا مُنهن سَندَنِ،

سا جُوءِ ڏوري آئِيا، سُونهان جِتي مُنجَهنِ،

ڳُجها ڳُجهِيُون ڪَنِ، تِهان پَراهين پَنڌُ جِيُون.



(28)

سُڪا سَنڊَ ڪَڇُنِ ۾، کَرُڪُڻان پيرين،

ٽِمنَدي نيڻين، آن ڪي کاهوڙي گَڏِيا.



(29)

سُڪ سَنڊَ ڪَڇُنِ ۾، کَرَۡڪَڻان پيرين،

وِهائِيءَ ويرين، اُڻ تُڻ هُيَنِ آڳَ جِي.



وائي

وَسائِيندَڙي مِينهَن، مانَ مِلان کي سَڄَڻين،

آئُون مِلَندي پِرِينءَ کي، راتِيُون ڏوري ڏِينهن،

مانَ مِلان کي سَڄَڻِين.

مُون کي پِرِيَنِ ميڙِئين، روجهُڙِيُون ميڙئين مِينهَن،

مانَ مِلان کي سَڄَڻِين.

اَکِيَنِ آگَمَ لائِيا، ڪَرُ مُندائِتا مِينهن،

مانَ مِلان کي سَڄَڻِين.

مادَر! موٽي نَه وِهان، جان پِرِيان سين نِينهنَ،

مانَ مِلان کي سَڄَڻِين.





داستان ٻيو



(1)

پِيوَ جَنِ پَرو، گَنجي ڏُونگرَ گَامَ جو،

ڇَڏي کيٽ کَرو، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.



(2)

پيئِي جَنِ پَرَکَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جي،

وانچِي سَڀَ وَرَقَ، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.



(3)

پيئِي جَنِ پَڻِي، گَنجي ڏُونگَرَ گاَم جي،

ڇَڏي نِنڊَ گهَڻِي، لوچي لاهوتِي ٿِيا.



(4)

پيئِي جَنِين پُوءِ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي،

ڏوري سائِي جُوءِ، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.



(5)

پيئِي جَنِين باسَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جي،

ڇَڏي سَڀِ لِباسَ، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.



(6)

گَنجي ڏُونگَرَ گَامَ جي، پيئي جَنِين سُڌِ،

ٻِي سَڀ ڇَڏي ٻُڌِ، لوچي لاهوتِي ٿِيا.



(7)

گَنجي ڏُونگَرَ گَامَ جي، پِيئي جَنِ پَروُڙَ،

ڇَڏ سَڀِ ضَروڙَ، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.



(8)

پيهِي جَنِ پَرُوڙِيو، گَنجو ڏُونگـرَ گام،

ڪَري تَنُ تَمامُ، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.



(9)

ڪِهڙو اَٿِيئي ڪامَ، گَنجي ڏُونگَرَ گاَم ۾،

پَسِي تِنهن پَهاڙَ کي، اَچي نَه آرامُ،

مَتان ڏُونگَرَ ڏورِيين، اُجهين ڪُهه عَوامُ،

”هُئَڻ“ ڪَر حَرامُ، کامُ تَه کاهوڙي ٿِيين.



(10)

گَنجي ۾ گُڻَ گهَڻان، پيرُ پَروُڙِي پاءِ،

کاهوڙي کَرا وِيا، نَڪا اوڏي ماءِ،

جَنِين ڏِٺِي جاءِ، تَنِين موٽَڻُ مِنهڻُون.



(11)

جِتِ نَه پَکِيءَ پيرُ، تِتِ ٽِمڪي باهڙي،

پِيو ٻارِيندو ڪير، کاهوڙِڪِيءَ کيرَ ري.



وائي

آئُون جيهائِي ذاتِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِينِ،

اوڻيُون آديسِينِ جِيُون، ڀَرِيان ساري راتِ،

تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِينِ.

جي ٻانهِي ڪوٺِيين ٻاجهه سين، تَه ڪَرَ لَڌِيَمِ ڏاتِ،

تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِينِ.

تان ڪِي ڏُونگَرُ ڏورِيان، جان نَه وِهامِي راتِ،

تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِينِ.

ڪَندِيَسِ عَرضُ اَللهَ کي، وِهاڻِي پِرڀاتَ،

تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِينِ.





داستان ٽيون



(1)

اَچِي پِيا آٽَ ۾، واٽُ وِڃائِي جَنِ،

اوءِ بَصِيرَ بَرَنَ ۾، اَنـڌا ٿِيو اُڀَنِ،

ڪَنَنِ آڏِيُون تاڙِيُون، گُنگَنِ جِئن گهُمَنِ،

فِراقِي فَرَمانَ جو، آهِي ٻَرُ ٻوڙَنِ،

لَنگها ٿِيا لاهُوتَ کي، سُتا پِيا سِڪَنِ،

کَپَت کاهوڙِينِ، آه اُٿِئي پِئي نَه لَهي.



(2)

ڏِسِي ڏوري ڏُونگَرِين، واٽَ وِڃائِي جَنِ،

ڪُرَندان ڪِي پَروُڙِيو، رَندين سي نَه رِڙَهنِ،

پيئي دارَ دَيُون ڪِيو، پيرَتِ تان نَه پُڇَنِ،

ڌُوڙِ پِريان لَئي ڌار ڪيو، ويچارا وِجهَنِ،

خَبَرَ کاهوڙِينِ، آهي لِکَ لاهُوتَ جِي.



(3)

ويجهو وَڃُ مَ واٽَ کي، ڪَهجِ ڏَنهنُ ڪُواٽَ،

اُجهي مَنجهان آٽَ، اَويسِي ٿِي آءُ تُون.



(4)

ڪُپيريءَ ۾ پيرَ، ڪَنِهين پاتو پيريين،

جِئان مُنجهَڻُ ماڙُهئينِ، سَڄَڻَ تِئان ئِي سيرُ،

اِنَ ڀُون سَندو ڀيرَ، ڪوڙِنِ مَنجهان ڪو لَهي.



(5)

ڪُپِيرِيان پَري ٿِيا، اُٻُڌِي ٻُڌائُون،

اُنِهين کي آئُون، هِينئَر ڏِسِي آئِيو.



(6)

ماءُ کاهوڙي آئِيا، ڏوري ڏوري ڏيههُ،

مَيَنِ پيرين کيههُ، ڪُهه ڄاڻان ڪِنهن پارَ جِي.



(7)

جهَنگَل هُلِيا، سي نَه ڀُلِيا، راهَ هَلِيا ڦُرِجَنِ،

اوجهَڙَ سي نَه پَوَنِ، ٻيئِي جَنِين ڇَڏِيُون.



(8)

جهَنگُ کامِي پَٽَ ٿِيو، ڀَڳِي چوران لِڪَ،

سيڪَڙُو ۽ سِڪَ، ٻَئِي گَڏِيا پاڻَ ۾.



(9)

جهَنگَلُ آهِيڙِيَنِ کي، ڀَنَڻَ ڪَيو روءِ،

نَه ڪُتا، نَه ڪوڙِڪِيُون، چَڙِهيو اُڀو چوءِ،

هاڻي هِنهان پوءِ، لَڳِي لوٺو نَه ٿِئي.



(10)

جهَنگَلَ آهِيڙِيَنِ کي، ڀَنَڻُ ڪَيو روُندو،

نَه ڪُتا، نَه ڪوڙِڪِيُون، چَڙِهيو اُڀو چوُندو،

هَڏهين نَه هوندو، اِنهان پوءِ عالمَ ۾.



(11)

نه ڪُتا نَه ڪوڪارَ، نَه سي سَڏَ شِڪارِئين،

پِٽِيو کَڻي پارَ، جهنَگَلُ آهيڙِيَنِ کي.



(12)

ورَ سا سُڃِي وِيڙه، جِنهن ۾ سَڄَڻُ هيڪَڙو،

سو ماڳُ ئِي ڦِيرِ، جِتي ڪوڙِ ڪُماڙُهئين.



(13)

وَر سا ڪاري راتِ، جِنهن ۾ راهُ گُم ٿِئي،

نَه ڪا هُنِ جِي تاتِ، هِيءُ پُڻ وَڃي وِسري.



(14)

ڪاري راتِ اَڇو ڏِينهن، اِيءُ صِفَتان نُورُ،

جِتِي پِرِينءَ حُضُورُ، تِتي رَنگُ نَه رُوپُ ڪو.



(15)

تحقِيقَ جي تُون ڀَري، مَٿي ريءَ کڻيجِ،

جا حاجَ هَٿَنِ ري نَه ٿِئي، سا ٺُونٺو ٿِي ڪَريجِ،

هَڪَلَ حَقِيقَتَ جِي، ٻوڙو ٿِي ٻُڌِيج،

اَنڌو ٿِي پَسيجِ، مُشاهدو مَحبُوبُ جو.



(16)

وائِي وَڃِيمِ شالَ، ڪَنَنِ سين ڪِيمَ سُڻان،

ڀَلو ڪَري ڀالَ، اَکِيُنِ سين اَنڌو ٿِيان.



(17)

ڏوُنگَرين ڏِسجَنِ، اڄُ پُڻ رَيُون اُنِ جِيُون،

ڏوٿِيَڙا ڏُٿَ کي، آراڙان اَچَنِ،

خِيما کاهوڙِيَنِ، اَڄُ نَه اُنهين ڀيڻِئين.



(18)

ڏوُنگَرَ نَه ڏوٿِي، ڏوُنگَر سُڃُون ڏوٿِنِ ري،

پُڇان پَروٿِي، ڪِ ڏوٿِي ڏُٿِ اَچڻان؟



(19)

کاهوڙي کَرا، سُوڌي خَبَرَ پَکَڻين،

سوجهي جَنِ ڪِيا، مَٿي اَڱَڻِ آهِرا.



وائي

(1)

سِياڪو سيڻان، ڀوري تو پاڻُ سُڃاڻِي نَه ڪِيو.

موٽِي ماڳَ نِهارِئين، ڪِهڙي مُنهن ڪيڻان،

ڀوري تو پاڻُ سُڃاڻِي نَه ڪِيو.

مَچُ پَسِي ڪِئن موٽِئين، سَڙِئين نَه لَئي سيڻان،

ڀوري تو پاڻُ سُڃاڻِي نَه ڪِيو.

واريءَ جِئن وِڄري هِينئُون، ڪُڻڪي لَئي ڪيڻان،

ڀوري تو پاڻُ سُڃاڻِي نَه ڪِيو.

اَٽَن مُنهنجا اَنگڙا، ڪَلَ نَه پَوي ڪيڻان،

ڀوري تو پاڻُ سُڃاڻِي نَه ڪِيو.



وائي

(2)

جاڳي اَکَڙِينِ، تو ڪوه اوجاڳو نَه ڪِيو؟
اَکَڙِيُون پِرِيَنِ لَئي، ٽَهه ٽَهه ڪِيو ٽِمَنِ،

تو ڪوه اوجاڳو نَه ڪِيو؟

جي سَنجهيِئي سُتِيُون، سي سَرُ سُورَ سَهَنِ،

تو ڪوه اوجاڳو نَه ڪِيو؟

جَنِ کي آرَسُ اَکِيين، سي ڪِئن پِرِين پَسَنِ؟

تو ڪوه اوجاڳو نَه ڪِيو؟

جَنِ نيڻَ هيرايا نِنڊَ سين، سي ڪِئن مُحِبَ مِلَنِ؟

تو ڪوه اوجاڳو نَه ڪِيو؟

وِهاڻِيءَ وَهائِيين، ڳوڙها سَرِ ڳَلَنِ،

تو ڪوه اوجاڳو نَه ڪِيو؟





¯

سُر پورب



داستان پهريون



(1)

ڪري ڪانگَ ڪوُرِنِشُون، پيرينءَ پِرِين پَئيج،

آئُون جو ڏِيانءِ سَنِيهڙو، وِچِ مَ وِساريج،

اَللهَ لَڳِ لَطِيفُ چَئي، ڳُجهو ڳالهائيج،

چُئان تِئن چَئيج، ته کِنياتا خوش هُئين.



(2)

اُڏُر لَڳِ اَللهَ، ويلو ڪَرِ مَ وِچَ ۾،

آئُون جو ڏِيانءِ سَنِيهو، سانڍِ بَرابَرِ ساهَ،

سَندي ڳُجهاندَرَ ڳاهَ، ڪَهجِ مَ قَرِيبَنِ ري.



(3)

آءُ اُڏامِي ڪانگَڙا، پارانڀانِ پَچار،

ويهِي هِتِ وِصالَ جو، تان ڪو تِرُ تَنوار،

جي ڏِسَڻَ ۾ ڏيسار، سي اُڏامي آڻِ پِرِين.



(4)

مَٿي لامَ لَطِيفُ چَئي، پارانڀانِ پَچار،

ڦيرِ مَ فَضِيلَتَ تُون، جا ڪُرَ اوهان جِي ڪار،

جي ڏِٺَئِي ۾ ڏيسار، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.



(5)

وَهلُو وَرُ، وَرِيا پِرِين، آءُ ڪانگا وَڻ ويههُ،

جَنِ ڏوُرِ وَسايو ڏيههُ، سي اُڏامِي آڻ پِرِين.



(6)

پِرِين جي پَرَڏيههِ وِيا، ڪانَگَلَ سيئِي ڪوٺ،

جَنِين ري جَهانُ ۾، اَکَڙِينِ اَروٺ،

اَلله لَڳِ لَطِيفُ چَئي، ڪِجِ ڳاراچو ڳوٺ،

جي ڏَمَرِيا ڪِنهن ڏوٺ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.



(7)

پِرِين جي پَرَدِيسِ وِيا، تَنِ جِي ڪانگا ڪِجِ خَبَرَ،

تَه سَڀِ مَڙهِيان سونَ سين، پَکِي تُنهِنجا پَرَ،

گهُمِي مَٿان گهَرَ، ڏِجِ پارانڀا پِرِينِ کي.



(8)

آءٌ ڪانگا وَڻ ويههُ، سُڌِيُون ڏي ساڻيههَ جُون،

چَڱا ڀَلا سُپِرِين، ڪِي سُکِ وَسي ساڻيههُ،

پِرِيَنِ لَئي پَرَڏيههُ، مُون تان گَهَڻون نِهارِيو.



(9)

ڪَرُ کَڻِيو ڪانگُ لَنئي، مُنِيءَ تي مَضبُوطُ،

آڻِيو ڏِئي آتَڻَ ۾، سَنِيها ثابُوتُ،

ڪانگَلَ اَٿئون قُوتُ، پيغامق تَنِ پِرِيَنِ جا.



(10)

مَٿان مَنَهن مُنهِنجي، ڪِنهن اُڏايو ڪانءُ،

ڳِنهي آئِيو ڳالَهڙي، سَندي سُپِيرِيانءُ،

جيڏيُون جاڙَ ڪِيانءُ، سُئُمِ هوُندَ سَنِيهڙو.



(11)

ڪَڍي ڪانگا تو ڏِيان، هِنئُون ساڻَ هَٿَن،

وَڃِي کاءُ وِلاتَ ۾، اَڳِيان عَجِيبَن،

پِرِين مانَ چَون، تَه هيئن قُربانِ ڪير ٿِئي.



(12)

ڏائِي چَڙهِي ڏارَ تي، ڪِي جو ڪانگَ ڪَهِيو،

سُوريتِيءَ سُور پَئِي، پَهو پَٽِ هَنيو،

کامِي اَرٽُ کَنيو، ويچاريءَ وِروُنَهن مانِ.



(13)

ڏائي چَڙهي ڏارَ تي، ٿو زاغُ ڪَري زارِيُون،

آڻِيو ڏي آتَڻَ ۾، سَنيها سارِيُون،

ماٺِ ڪَرِيو مارِيُون، تَه ڪَهِيو سُڻان ڪانگَ جو.



(14)

ڏائي چَڙهِي ڏارَ تي، ڪا جا لاتِ لَتي،

آتَڻَ ۾ اَندوهُ ٿِيو، سَگهي ڪانَ ڪَتي،

ويڙهِي مَنجههِ وَتي، ڪِي جو ڪانگَ ڪَمائِيو.



(15)

ڪِي جو زاغ زَبانَ سين، لَنيو مَٿي لامَ،

پَهُچايائين پِرِينِ جا، سَرتِيُون اَڄ سَلامَ،

ڪاڪِيُون ڪَتي ڪا مَ، تَه ڪَهِيو سُڻان ڪانگَ جو.



(16)

واڪا ڪيو وَڻَنِ ۾، اَچِيو اَچِيو پُونِ،

سَنيها سيڻَنِ جا، چوٽِي چڙهيو چُونِ،

ڪانگَ نَه ڪوڙا، هُونِ، پِرِيان سَندي پارَ جا.



(17)

پِريان سَندي پارَ جو، ڪانگَلُ نَه ڪوڙو،

اَچي وَڃي وِچَ ۾، مَٿي دَرَ دوڙو،

جو اَندر اوسيڙو، سو لاٿائين لَطِيفُ چَئي.



(18)

ڪانگَل قَرِيبَنِ جا، اَچِي وائِي وَڻُ،

تو ۾ بُوءِ بَهارَ جي، مُشڪَ کَٿُوري مڻُ،

اَچِي عَجِيبَنِ جو، اورانگِهج اَڱَڻُ،

توکي پَسِي تَڻُ، سُورِنِئُون صافُ ٿِئي.



(19)

آندِيُون ڪانگَ قَرِيبَ جُون، اَڄُ واڌايُون واهَ،

مَنَ مُرادوُن پُنيُون، ٿِيُون سَرهائِيُون ساهَ،

آندا پِرِين اللهَ، سَڏَ مُنهنجا ساب پِيا.



(20)

پيو آهين پَٽَ ۾، ڪانگَلَ ڪوهُ ٿِيوءِ،

اَڳي اُس تِڙڪو نَه سَهِين، اَڄُ سارو ڏِينهُن سَٺوءِ،

پَسِي حالُ سَندوءِ، ڪانگَنِ ڪانگيرو ڪِيو.



(21)

هُئين وَسِيلو وِچَ ۾، ڪانگَلَ پاڙِيَئِي ڪانَ،

اُتوءِ ڪِينَ عَجِيبَ کي، ظاهِرُ ساڻ زَبانَ،

توڙ پَهُتين تان نه، اورِيان ئِي آڻِيو ڏِئين.



(22)

ڪانگَلَ تُنهنجي ڇانگَ، جَڏو جِيءُ جِيارِيو،

مَٿان لامُنِ لَتَ ڏِيو، ٻولئين سِر ٻيلانگَ،

اُڏُرَ مٿان ڦانگَ، ته گهَر اَوَنِ سُپِرِين.



(23)

ڪانگَلَ نيئِي ڪانگِ، مُنهِنجي ڏي مَحِبُوب کي،

”لالَن لايَئِي ڏينِهَڙا، ڪِنهن سٽاڻي سانگِ،

اوهان ريءَ آڙانگِ، ويٺِي وِرهَ وَسائِيان.“



(24)

آءٌ ڪانگَلَ تو ڏِيان، چِٺِي چورائي،

مُنهِنجي ڏِجِ مَحبُوبَ کي، لوڪان لِڪائي،

پِرين پَڙهائي، مانَ سُڌِ لَهَنِ سُورُ جِي.



(25)

اَڱڻان هيٺ نَه اُتَري، ڪانڪان ڪانگُ ڪَري،

پِرِيان سَندي پارَ جِي، ڪانگَل ڳالهه ڳَري،

پَٽِ نَه پيرُ ڌَري، اُڀو چَوي آيا پِرِين.



(26)

آءُ ڪانگا ٻَهُو ڪولِ، سُڌِيُون ڏي ساڻيههَ جُون،

جي آندَءِ عَجِيبَنِ جا، سي خَطّ خُوشِيءَ مان کول،

آئُون سُڻان تُون ٻولِ، سَنِيهو سَڄَڻَ جو.



(27)

ڪانگا ڪِتابَتَ جِي، آندِئي خُوبُ خَبَرَ،

لَسَ تِنهيِن ۾ لِکيا، دِلاسا دِلبَرَ،

هِينئڙو مُون هَرَ هَرَ، وانچِيو وانچِيو وِندري.



(28)

ري پِرِيان پَرَديسَ ۾، وِرَه وَڌي ڪِي وَسُ،

اَکِيُون پارِ پِرِيَنِ جي، ٿِيُون گامَ نِهارِينِ گَسَ،

ڏِيندا پانڌي ڏسَ، کِينءَ جُون آڻي خَبَروُن.



(29)

زاغُ تُنهنجِيءَ ذاتِ جو، ٿورو مَٿي مُون،

اُڏامِجِ، عَبدُاللطِيفُ چَئي، صُبحَ سيڻَنِ ڏوُنهن،

ڪِجِ وِينتِيُون وِترِيُون، ٻاجهائِجِ ٻَهون،

لالَن ڪون لَهُون، جِهو تو جَهانَ ۾.



(30)

قَرِيبَنِ جو ڪانگَڙو، ٽاريءَ تي ٽِلي،

کَڻِيو کِنياتو خَبَروُن، کِيروُن ڏِيو کِلي،

لائِي جَنهن لالَنَ سان، مُنهنجِي باتِ بِلي،

سو وَر چَشمَنِ تِي چَلي، جو دَرباري دوس جو.



(31)

ڪانگَلَ قاصِدَ پِرِينءَ جا اَڱَڻِ آيو ٽِلُ،

بِيائيدِ، بنشِنيدِ، مُحِبَ مُون کي مِلُ،

زاغ گُفتِ فَهميدَم، خوُشحالُ ويٺو کِلُ،

غُرابُ نَه غافِلُ، جِنهن طعنا تَنڪا لائِيا.



(32)

پِريان سَندي پارَ جو، ڪُتو جي ڪانءُ،

اُنِهين مَٿان آءٌ، ڪوڙين قُربانِي ٿِيان.



(33)

سو ڪانگُ مَ قاصِد ڪَر، جو سَدا ڍوُنڍي ڍُونڍَ کي،

ڪِ ڪَندو پَنهنجي پيٽَ جي، ڪِ وِيندو دوسن دَرِ،

جِنهن جي ٻولِيائِي ”ٻَر ٻَر“، سو نِياپا نيئِي رَهِيو.



وائي

سائِين! سَڱُ سَندومِ، مَ ڇِڄِي سين جوڳِئين،

هَلَڻَ جو هَنگلاجَ ڏي، آدِيسِيَنِ اُتوم،

سائِين! سَڱَ سَندوم!

نيئِي پُورَبَ پارَ ڏي، ويراڳِيَنِ وِڌومِ،

سائِين! سَڱَ سَندوم!

سوئِي تِيرَٿُ تَڪِيو، سوئِي پَنڌَ سَندومِ،

سائِين! سَڱَ سَندوم!

هُو جو تِيرٿَ تَڪِيو، سامِيَنِ سُونهايومِ،

سائِين! سَڱَ سَندوم!





داستان ٻيو



(1)

سَدا شوق پِريَنِ جي، ڦِران ڦيري دار،

مانَ سَڃيهُون يارُ، اَڳِيان اَکَڙِيُون کَڻِي.



(2)

تَنِ اَکِيَنِ اُتان سُکَ، کِلَندي کَڻَنِ جي،

پِرينَ پاٻوهَڻ سان، ڏوُر ڪِيا سَڀِ ڏُکَ،

ماڙهُنِ ليکي بُکَ، سامِي سُورَ سَنهان ڪِيا.



(3)

سامِي چائِيين، سُک طلَبِئين، هُوندَنِ جِئن مَ هو،

توکي ويسَ وِڃائيِو، ويسُ وِڃايو تو،

سامِي آهي سو، جنهن پاڻُ وِڃائي پُوريو.



(4)

سامِي چائِيين، سُک طَلِبئين، سِکئين نَه سامِي،

اَڃا اورِئين پَنڌَ ۾، ويٺين وِسامِي،

گُرَ کي تُون نَه گَڏِئين، چائيين اِنعامِي،

دائِمُ مُدامِي، پُورو رَهِجِ پِرِينِ سين.



(5)

سامِي چائِيين، سُک طَلبِئين، هو مَ هُوندَنِ جِئن،

لاهُوتِي لَطِيفُ چَئي، هُونِ آدِيسِي اِئَن،

سي ڪاپَڙي ڪِئن، جي تَعلق رَکَنِ تَڪِيا.



(6)

سامِي چائِيين، سُک طَلبِئين، وارِئين نَه ويراڳُ،

لاڳاپا لَطِيفُ چَئي، جوڳِي ڇَڏي جاڳَ،

جيئن تُون ڀُڻين سَنَرو، ايّ آدِيسِيَنِ اَڀاڳَ،

لاهُوتِيڪو لاڳُ، مَرين جي تَه ماڻِئين.



(7)

سامِي چائيين، سُک طَلبِئين، تَسِئا ڏِئين نَه تَنَ،

ماڙُهنِ کان منهن ڪيو، پِنين اَٽا ۽ اَنَ،

ڪاپَڙي تو ڪَنَ، ڪِ چِيرايا چَشَن لئي.



(8)

پُوربِيا پُوري وِيا، آسَڻ آڌيءَ راتِ،

سُيُمِ نَه سَناسِيَنِ جُون، پَچاروُن پِرڀاتَ،

ڪا جا جوڳِي ذاتِ، سِٽَ نَه مَعذوُرن جا.



(9)

پُورَبيا پُوري وِيا، آسَڻَ اَڄُ صُبُوحِ،

خَستُوريءَ خُوشبُوءِ، آهي آديسِي گَيا.



(10)

مَٿي راهُ رَوان ٿِيا، پوُرب پُورِيائُون،

هِي گهَر گهورِيائُون، اَڳانڍِيائُون اَڳِيان.



(11)

پُورب ۾ پيهِي، تان مُون گهَڻُون نِهاريا،

سُڌِ نَه مُڪِي سَڄَڻين، جيهِي نَه تيهِي،

هُئا پَرَڏيهِي، وَڄائي واٽَ ٿِيا.



(12)

پُورب مارِياسِ، ڪِنهن دَرِ ڏِيان دانهَڙي؟

مَتِيُون ڏِيندي لوڪَ کي، چَري پاڻَ ٿِياسِ،

جنهِين نَه جِيهِياسِ، ما لَنئُون لَڳي تَنِ سين.



(13)

پُورب پُورب تَب ڪَروُن، جُب هِينئري آوَن پُورَ،

سِڪَندي کي سَڄَڻين، نڪُون لايُون نُورَ،

مارِيَسِ انَهِين سُورَ، جِئن ساڄَنُ سُڄي، نَه مِلي.



وائي

جَنِ جو وارِثُ تُون، اَلا! سي ڪِئن رَهندا نيڻَ مُنهِنجا؟

آگي اُڀ خَلقِيا، ڀَلي خَلقِيائِين ڀُون،

جَنِ جو وارِثُ تُون، اَلا!

جوڙِيائِين جوڙَ جَهانِ جِي، چَئِي ”ڪُن فَيَڪُون“،

جَنِ جو وارِثُ تُون، اَلا!

ڪُوڙي دُنِيا، ڪُوڙا پَسارا، ڏِينهن مِڙيئِي ڏوُن،

جَنِ جو وارِثُ تُون، اَلا!

آهِيُون اَلفَ آسَري، مُحَمّدُ مَڃيوسُون،

جَنِ جو وارِثُ تُون، اَلا!



سامِي چائِيين، سُک طَلبِئين، هو مَ هُوندَنِ جِئن،Æ

 

سُر بلاول



داستان پهريون



(1)

وِسَہُ اِنَهِين ويڻ کي، جِئَن دَعوَتَ ڪِي داتا،

مُضمَضَہُ واتا، وِجههُ تَئَن ڏِينَئي واتَ ۾.



(2)

ڪَڍي گهَلِ گَهران، صُلحَ ڪَرِ سُلطانَ سين،

تَه تُون تَنِهن دَران، ڏيهاڻِي ڏانَ لَهين.



(3)

پِيءُ مَ طَهوُرا، وانءُ اورانگهي اورِيان،

وِڃان جي وِصَال کي، سي سڀِ اُجوُرا،

حاصِلُ حُضورا، سَمي جي سَڀِ ٿِئي.



(4)

سَما! تو سِرُ ڇَٽُ، تاتَ پاڳارا پُرسَ گهَڻان،

گهرڻ تُنهِنجي گَنج تي، اچي جالَ جَڳَٽُ،

جن جهِڙو ئي پَٽ، تنِ تِهڙيئِي بِکيِا.



(5)

ڀيريُون ڀيري ڀَڃُ، هي جي مَنجهان پورِيوُن،

ٻي دَرِ ڪَنهِين مَ وَڃُ، ريءَ هاشِميءَ هِيڪَڙي.



(6)

سَمُون تَنِ سَڏَ ڪَري، جَنِ تي وڏو ويرُ،

اُٿِي تَه آجِي ٿِيان، پاءِ پاکوڙي پيرُ،

تو ريءَ ٻِيو ڪيرَ، سَرڻَيِنِ جا سوٺا سَهي؟



(7)

سَرَڻِينَ جا سوٺا سَهي، وَسِيلو وِلهَن،

لُڏي ڪِينَ لَطِيفُ چَئي، اڳِيان لالُ لَکَن،

جِتِ ڪوڙين ڪِينَ ڪُڇَن، اُتي پاٻوهي پَڌرو.



(8)

جو ڇَلِيُون پَسِي نَه ڇَڪِيو، تِنهن واکاڻِيو وِکَ،

لُڏي ڪِينَ لَطِيفُ چَئي، لَکَنِ اڳِيان لِکَ،

پيرَ نَه موڙي پانهِنجو، تِکِيءَ پِيئِي تِکَ،

سَرڻِينِ ڏِئي نَه سِکَ، هَڪَلَ سين هالارَ ڌڻِي.



(9)

تَڙِ تَڙِ ڪِيمُ تَرسُ، سَرُ نِهارِج سَڀرَو،

ڏِيندَءِ لَکَ لَطِيفُ چَئي، راڄَ راهُوءَ جي رَسُ،

وِلَها جِنهن وَنَهِيان ڪِيا، پاڳُ تِنهن جِي پَسُ،

ڪوڙين لاهي ڪَسُ، جي ڳالهائي ڳاٽُ کَڻِي.



(10)

اَروڙجِي اُٿِيو، ديمِنِ پِيَسِ دُکَ،

لاٿائِينِ لَطيفُ چَئي، عالَمَ تان اَهُکَ،

تَنِ سَرِڻينِ ٿيا سُکَ، جي اَجهي آئيُون آبڙي.



(11)

اَروڙِجِي اُٿيو، دِيمِنِ پِيَسِ دانهَن،

پاٻوهِيو پيرَ کَڻي، سَمُون سَرَڻِينِ ڏانهَن،

مَٿان مَٿي ٻانهَن، اُڀو آڇي سُلطانَ کي.



(12)

سَرَڻِينِ جي سُکَ لَئِي، سام کَنئِي سَردارَ،

جي آيُون اَبڙي جي آڌارَ، سي سُونگَ نَه ڏِينديُون سُومرِيون.



(13)

اَبڙو آڳاهَنِ ۾، سَڀَرُ جِئن ٻيلي،

سي پَٽَ ڪَنهِين نهَ پُوريا، جي ٿو ڀَڙُ ڀيلي،

سَڄَڻُ سانوَڻَ مِينهَن جِئن، رُڃُون ٿو ريلي،

اَچَنِ جي ويلي، تَنِ پُورَ بخِشي ڀِٽ ڌَڻِي.



(14)

آءٌ جَکري جيهو، پُرس پَسان ڪونهَ ٻيو،

وائِي جِنهن جي وات ۾، ڏِيو ۽ ڏيِو،

وَڃِي ڇونهَ وِهو، اُن در مٿي مَڱڻان.



(15)

اَبڙو وَڏو سُوڙو، جهَلي سامُنِ،

سَرَڻِينِ جا سوٺا سَهي، سَمُون سُونهن سَڀَن،

تَنهن دَرِ سَڀ اُچنِ، ڪَنڌُ نهَ ڪڍي ڪَڇَ ڌَڻِي.



(16)

پِڙَ ۾ اُڀو پاڻ، ساٿِينِ کي سَڏَ ڪَري،

ڀَلي جي لاڏاڻِ، سڀِ لَنگهِيندا لَڪِيُون.



وائي

ڍَڪُ ڍڪيندو، مُون نه ڇَڏِيندو، شَفِيع شافِعَ سُپِرِين.

اَنڌا اُونڌا، اَڪَڙِيا، سَڀِ نِباهي نِيندو،

شَفِيعُ، شافِع سُپِرِين.

بَدلي بَدڪارَن جي، داروُن پاڻ ڌَرِيندو،

شَفِيعُ، شافِع سُپِرِين.

جي ڏُهارِينِ، ڏَکُڙا، لَڪَ سي لَنگهائِيندو،

شَفِيعُ، شافِع سُپِرِين.

نُورُ ناڪارو نَه ڪَر، مُحَمّدُ مِنّٿَ مَڃيندو،

شَفِيعُ، شافِع سُپِرِين.

هِتي پڻ حامِي هيڻَنِ جو، هُتِ پُڻ هٿُ ڌَرِيندو،

شَفِيعُ، شافِع سُپِرِين.

طهورَا تَڙيِن کي، پاڻَئون پِياريندو،

شَفِيعُ، شافِع سُپِرِين.

پاڻَ سُڃاڻي پاڻَهين ڪامِلُ ڪَرَم ڪَرِيندو،

شَفِيعُ، شافِع سُپِرِين.

تَنبو آڻي تاءَ ۾، عاصِيَنِ ڪاڻِ اَڏِيندو،

شَفِيعُ، شافِع سُپِرِين.

داتا دوزخِينِ تان، لِينگهو لَهرائِيندو،

شَفِيعُ، شافِع سُپِرِين.

رَسَڻَ ويرَ، رَسي ڪَري، مُشڪَ رَنڱ مَٽِيندو،

شَفِيعُ، شافِع سُپِرِين.

”رَحَمةَ لِلعالَمِينَ“، اَهکِيءَ آڳَهه ٿِيندو،

شَفِيعُ، شافِع سُپِرِين.

اُتي عَبداللّطِيفُ جو، هادي هَٿُ جهَليندو،

شَفِيعُ، شافِع سُپِرِين.



داستان ٻيو



(1)

جَکرو جوڙي، پاڻَ ڌَڻِي پيدا ڪِيو،

ڪيهَرَ جِئن ڪَرُ کَڻي، مُڇون مَلهه موڙي،

جَڏِهن گهوٽُ چَڙِهيو گهوڙي، تڏِهن عالَمَ آسُودو ٿيو.



(2)

جَکرو جَسَ کَرو، ٻِيا مِڙيئي خانَ،

مِٽي اِنُ مَڪانَ، اَصلُ هُئِي ايتَري.



(3)

جَکرو جَسُ کَرو، ٻِيا مِڙيئي ڄامَ،

مِٽِي اِنَ مُقام، اَصَلُ هُئِي ايتَري.



(4)

جَکرو جَسُ کَرو، ٻِيا مڙيئي مِيرَ،

جِئان گِهڙيو جَکرو، تِئان نَه پَڙيا پِيرَ،

مِٽي انُ خَمِيرَ، اَصُلُ هُئِي ايتري.



(5)

جَکرو جَسُ کَرو، ٻِيا مِڙيئِي مَلَ،

سَمي جي سُهاڳ جي، ڪَنهِين نهَ پيئي ڪَلَ،

مِٽي اِنَ مُرسَلَ، اَصلُ هُئِي ايتَري.



(6)

جَکرو جَسُ کَرو، ٻِيا سَڀِ آنِيرا،

جِئان جُڙيو جَکرو، تِئان تان نَه ٻِيا،

مِٽي اِنُ ماڳا، اَصلَ هُئِي ايتَري.



(7)

جَکرا تُون جِئين، تُنهنجو مَدو ڪَنين مَ سُڻان،

اَکِيُنِ ۽ هِينئن، ٻِنَهي تاري تُنهِنجِي.



(8)

جَکَرا جِئين شالَ، تُنهنجو مَدو ڪَنين مَ سُڻان،

جِئن تو اَچِي ڪالههَ، نالائِقَ نوَازِيا.



(9)

ڏِٺي جادَمَ جَکري، چِتِ نَه ٻِيا چَڙَهنِ،

تَه ڪي کُوه کَڄَنِ، جُه سَر لَڀي سَڀَرو.



(10)

سَرُ نِهارِجِ سَڀَرو، تَڙِ تَڙِ ڪِيمَ تَرَسُ،

لاهِيندو لُطفَ سين، مَٿان قَلَبنِ ڪَسُ،

اوڳا ڇَڏِ آرَسُ، اوڏو ٿِي تهَ اُجَرين.



(11)

هَٿان جادَمَ جَکري، وِٿِي پوءِ مَ وِچُ،

”اَچو، آيا نِچُ“ سَمي وائِي واتَ ۾.



(12)

وِٿِي وِچ نَه پوءِ، هَٿان جادمَ جَکري،

پيئي سو پُر ٿِئي، جو حاتَمَ پاسي هوءِ،

ڪَيفَ ڌاران ڪوءِ، جِيئي ڪو مَ جهَانَ ۾.



(13)

راهُوءَ جا رَهِيامِ، سَنِيها سَرِيرَ ۾،

ٻِيا دَرَ وِسَرِيامِ، ڏِٺي جادَمَ جَکري.



(14)

راهُو تُنهنجي رِيتِ، پَرَ کَنڊين پَڌَري،

گهَڻان گهوڙنِ چاڙِهَيئِي، مُسافِرَ مَسِيتِ،

پُڇين ڪانَه وَڏِيتِ، جي آئِيا سي اَگهِيا.



(15)

ڏِٺي جادَمَ جَکري، چِتِ ٻِيا چَڙهن ڪِينَ،

سَمُون تَنِ ساروُن لهي، جي مُٺا ۽ مِسڪِينَ،

اِنهي مَلَ مُبينَ، لَڌي سارَ سَڀِنَ جِي.



(16)

جَکرَي جِهو جُوانُ، ڏِسان ڪونهَ ڏيههَ ۾،

مُهڙَ مِڙِنِي مُرسَلين، سَرسُ سَندُسِ شانُ،

”فَڪَانَ قَابَ قوسِينِ اَوادَنيٰ“ مُيسر ٿِيُسِ مَڪانُ،

تِنهن آگي جو اِحسانُ، جِنهن هادي ميڙِيُمِ هِهَڙو.



(17)

سَمُون سَوائِي، ٻَهون ٻِئَنئِان اَڳَرو،

دانَههَ جِي دَرٻار ۾، وَرتي اِيءَ وائِي،

ڳَهَڻَ ڳالهائي، مُهَڻَ سَڀِ مَلهائِيا.



(18)

سِنڌُ، سُورَتِ، هِندُ هاڻِ، جِهڙُسِ ڪونَه جَهانِ ۾،

دَرِ داتا مَڱَ مَڱڻا، ٻِئي جِي ڪَڍُ مَ ڪاڻِ،

اِيءُ پاٽُوندرُ پاڻَ، حالُ پَسِيو ڀالَ ڪَري.



(19)

ڪَري آسَ اَپارَ، پاريءَ جهَلِيو نَه رَهي،

ٻيلي ۽ گِرنَارَ، اُٺو گَنگا جَلُ جَکَرو.


(20)

پيهِي پِن پاتارِ ۾، جِتِ ڳڙَه گَنگا جَرُ واءُ،

ڇڏي حِيلا هِنَ هَنڌَ جا، ٿِي جَکري پاسي جاءُ،

اوڏو ٿِي اَلله کي، کاڄُ تِنهن جو کاءُ،

سُکَنِ ايندُءِ ساءُ، وِيلَهه وِيندئي وِسَري.



(21)

ڏَمَرِيو تَه ڏِئي، پَرچي تَه پاٽُ ڀَرِي،

جُنگَ جَکري کي، ٻَئِي چَڱِيُون چِتَ ۾.



وائي

آسرو آهي، الا! مُون کي هوتَ حَبيبَ جو،

جانَ جانَ اوڏا ڪَرَها، پُڄان تان ڪاهي،

مُون کي هوتَ حَبيبَ جو.

موُٽ مُنهِنجا سُپِرين، واڳُون وَرائي،

مُون کي هوتَ حَبيبَ جو.

شَفاعُتَ جا شَفِيعَ جِي، تِنهن ۾ ڦيرَ هَڏِ نَه آهي،

مُون کي هوتَ حَبيبَ جو.

مِيرُ مُحَمّدُ ڪارَڻي، اَڙِيا ڇَڏائي،

مُون کي هوتَ حَبيبَ جو.

اِهي ڪَمَ ڪَرِيمَ جا، جِئن لَنڱا لَنگهائي،

مُون کي هوتَ حَبيبَ جو.

لُطفُ ساڻُ لَطِيفُ چَئي، مُوڙها مِلائي،

مُون کي هوتَ حَبيبَ جو.





داستان ٽيون



(1)

مارِ مَ مُطِيعَنِ کي، مَجُوسِيءَ کي مار،

وَڏي جَنگ مَ وِسار، نَنڍِيان نفعو ناهِ ڪو.



(2)

نَنڍِيان نَفعو ناهِ ڪو، وَڏي مَ وِساري،

مَجُوسِي ماري، اَڪبَرَ ڏانهن اَچيج تُون.



(3)

اَصغَرَ ڏي آهِن گهَڻا، تُون اَڪبَرَ ڏي آءٌ،

مَتان لوڙو لاهِئين، مَجُوسيءَ مٿانءُ،

حَيدَر هَٿانءُ، وڙهه تَه ويري مارِئين.



(4)

پانڊَپَ سين نَه پاڙِيان سَوين ٻِيا سَردار،

آهي مِثلِ مينهَن جي، سَخِي تُنهِنجي سارِ،

حاتِمَ هَڙده هَزارَ، جَهڙَ تُنهنجِيءَ جَهپِيا.



(5)

جهڙ تُهنجِيءَ جهپَيا، هَزارين حاتِمَ،

ڪوجهَنِ سَندا ڪَمَ، ڪامِلَ ري ڪيرُ ڪَري.



(6)

جي تُون آسائو آئِيو، تَه وَنءُ جَکري لائي،

مَتان وَڙ وِڃَائِيين، ڪنهن ٻِئي دَر لِيلائي،

سَمي سامائي، چِنتا لَٿِي چارڻين.



(7)

جي تُون آسائُو آئِيو، تَه چانئُٺ ٻِي مَ چور،

ڪِيرا ڪُميتَن جا، کَڻِي آڻي کوڙ،

اِنَ دَر عِراقِي گهَڻا، ڇانگُون ڪيو ڇوڙ،

تِنهن سَيّد وَڏي سوڙِ، جنهن ۾ مَٿو لِڪايو مَڱڻي.



(8)

سَمُون سَخاوَتَ جي، ويٺو پُڇي پَرِ،

ڪوٺِيو ڪَنگالَنِ کي، ڏئي دِلاسا دَرِ،

مَٿي وِلَهنِ وَرِ، ڏِيهاڻِي ڏاتارَ جي.



(9)

ڪوهُ نَه جُهارِيين جَکرو، جِنهن ڏيههَ ڍَيا ڏيئي؟

جِي لُڏِيا ٿي لِينگهُنِ ۾، سالُنِ ۾ سيئي،

سَمي سَڀِيئي، طاماعو تارِ ڪِيا.



(10)

آلا! جُنگَ جِيَنِ، جَنِهين اَجهي گهارِيان،

شالَ مَ سُڪي وِيرَي، جِئان پِيّ پِيَنِ،

مَرڪَڻ اَکڙينِ، تو ڏِٺي مُن سُکُ ٿِيو.



(11)

اِيندي لَٿِي اُڃَ، پيرَ ڀَريندي ٺَرِيا،

منجههِ وِيَريءَ سُڃَ، ڪَرَ لَڌي رڻُ اُڪارِئين.



(12)

تُون اوڍَرُ، تُون اوڍَڪو، تُون اَجهو، تُون آڳُ،

هِت پُڻِ تُنهِنجو تَڪِيو، مَهندِ پُڻِ تُونهِين ماڳُ،

سي لورِيون ڏِينِ نَه لاڳُ، جي اَجهي آئِيون آبڙي.



(13)

اَکِين سوئِي اوڙکِيو، جو ڪَنين سومِ قَرَنُ،

ماءُ مُنهِنجو مَن، ڄامُ پَسنديئي پَتيو.



(14)

پَسنديئِي پُرِ ٿِيا، جَکرو ئِي جاجِڪ،

تِئان ڏِنِي مڱڻي، طَهُورا مان تِڪ،

سَمي ڀَڳِينَ سِڪ، واصِلُ ٿِيا وِصَالَ کي.



(15)

جي اَڌمِيو اَڄُ، تَه وَسائِيندو سونَ پَڻِي،

جالَ ڍَئِيندو جَڳُ، جودان وسي جکرو.



وائي

جِئان ڏِنائون پيرَ، جِئان ڏِٺائُون،

مَٿي اَڱَڻ آئِيا، سُونهَڻَ لَڳا سيرَ،

جِئان ڏِنائُون پيرَ.

جِئان ئِي نَبِي نِڱِيو، ڀَري مُبارَڪَ پيرَ،

جِئان ڏِنائُون پيرَ.

لَٿا ڏُکَ، سُکَ ٿِيا، ٿِي واڌائِيءَ ويرَ،

جِئان ڏِنائُون پيرَ.

لُطفُ توريءَ لَطِيفُ چَئي، ڪَندو ٻِيو ڪير؟

جِئان ڏِنائُون پيرَ.





داستان چوٿون



(1)

گَندي، مانِي، ماڳُ موچارو، پاسي پير ٿِيوسِ،

وَسِ نَه ڪِنهن وِڌوسِ، وَڳندَ وَري آئِيو.



(2)

وڳَند وَري آئِيو، پينارَنِئُون پوءِ،

مَحڪمُ لَڳَسِ موچِڙا، ذَرو نَه ڏِنُسِ جوءِ،

ويٺو اِيهين چوءِ، تَه پيران پاسي نه ٿيان.



(3)

اَسُورَ سَندي آسري، ويٺو آه وَڳَنَد،

هَڏِ نَه ڇَڏِيندو هَنڌُ، آيَسِ بُوءِ بَهارَ جي.



(4)

اَسُورَ سَندو آسَرو، وَڳَند کي وَڏو،

جُسي ۾ جَڏو، پَرَ کِيَڻُ تي کُڙا کَڻي.



(5)

وڳند وَري آئِيو، بَدّو سين بَدبُوءِ،

خاوندَ! ڏي خُوشبُوءِ، تَه سُرَهو ٿِيان سيگههَ ۾.



(6)

وڳَند وَري آئِيو، ڪِنو ٿِي ڪوجهو،

ڇَڏي نَه موزو، لَڳُسِ آرُ عَطرَ سين.



(7)

وڳند ويٺو پَسُ، داتا سندي دَر تي،

تِنهن روڳيءَ کي رَسُ، جو آلودُو آزارَ سين.



(8)

دائِمُ آهي دَرَ تي، وڳند ويچارو،

عَطر سين آرو، لَڳُسِ تي لِڏِ کَڻي.



(9)

داتا سندي دَرَ تي، وڳند ٿِي وِيٺو،

بَصَرَ سين بازارَ ۾، ڪَرَ واڻِيُون ڄيٺو،

دَران تِنهن پيٺو، جيتِ ڪُفرَ ٿِئي ڪِينَ ڪِي.



(10)

وڳند وَري آئِيو، نِسورو نَرڳُ،

گَندا گُلابي ڪَري، سيّد جو سَرڳُ،

عَطر سين اَورَڳُ، تَه هُئين سَدائِين سُرهو.



(11)

وڳند وَري آئِيو، ڪوٽڙِيان ڪُلاٽُ،

سَندو ڪِرڙ ڪاٺُ، هَڻُ نرڳِيءَ کي نِڪَڻين.



(12)

وڳند وري آئِيو، بَدُو بي نِمازُ،

جِئن تِتِرَ مَٿي بازُ، وڳَندُ تِئن خوُشبوءِ تي.



(13)

ٻانڊو ٻيلي نَه ٿِيو، ورو اَڄُ وِيو،

پيٽر پَنڌِ پِيو، سُونهاري سَيّدَ ڏي.



وائي

مُون ۾ عَيبَ اَپارَ، يار! آئُون جا طامِع آهِيان تُنهنجي.

هيڪُ وِڃايَمِ ويسري، ڄاڻِي سَڀِ ڄَمارَ،

آئُون جا طامِعَ آهيان تُنهنجي.

هِنَ مُنهنجي حالَ جِي، توکي سُڌِ سَتارَ،

آئون جا طامِعَ آهِيان تُنهنجِي.

اَمُرَ اوڏي نَه ٿِيان، نَهيءَ ڪِيَسِ نِڪارَ،

آئون جا طامِعَ آهِيان تُنهنجِي.

جيڪي وَهي وُجُودَ ۾، سو ڄاڻين ڄاڻڻهارَ،

آئون جا طامِعَ آهِيان تُنهنجِي.

جِئن سي گُلَ گُلابَ جا، کِڙيا کَٽڻَهارَ،

آئون جا طامِعَ آهِيان تُنهنجِي.

مُون کي سِڪَ سَيّدُ چئي، آهي مَديني موچارَ،

آئون جا طامِعَ آهِيان تُنهنجِي.

تِنهن سَيّد وَڏي سوڙِ، جنهن ۾ مَٿو لِڪايو مَڱڻي.



¯

سُر سارنگ



داستان پهريون



(1)

لَڳَہَ، پَسُ! لَطِيفُ چَئي، آگِميو آهي،

وَٺا مِينهَن وَڏ ڦُڙا، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاهي،

وِهو مَ لاهي، آسَرو اَللهَ مان.



(2)

لَڳَہَ، پَسُ! لَطِيفُ چَئي، آگَمَ ڪِيا اَللهَ،

پَلُرَ جي پالوٽَ سين، پَٽَنِ جهَلِيا پاهَ،

واحِدَ وَڏائِي ڪِيا، مَٿي گَسَنِ گاهَ،

سانِگَينِ وَرِيا ساهَ، اُٺو آب آگوُندَرو.



(3)

اگَمَ اِيئن نَه اَنگَ، جِهڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو،

سيڻَنِ ريءَ سَيّدُ چَئي، روُحَ نَه رُچَنِ رَنگَ،

سَهَسين ٿِيا سارنگَ، جانِي آيو جُوءِ ۾.



(4)

جانِي آيو جُوءِ ۾، ٿِيو قَلَبُ قَرارُ،

وَهلو وِچان ئِي ويو، ڪري غَمُ گُذارُ،

نِظارو نِروارُ، پِيّ پَسايو پانهِنجو.



(5)

پِي پَسايو پانهِنجو، نُورِي نِظارو،

وِيو غَمُ وُجُود مان، ڪِيو ڪُلفَتَ ڪِنارو،

آيو سوڀارو، مَنَ مرادوُن پُنِيُون.



(6)

اُٻُونَ ڪَڪَرَ ڪَڍِيُون، اُتَرَ ڏي آهِينِ،

ڪَري آگَمَ آئِيُون، مُندَ نَه مٽائِينِ،

مَٿان لوڪَ لَطيفُ چَئي، گوُندَرَ گَنوائِينِ،

پَلُرَ پِيارِينِ، اُڃِيين آبُ آگوُندَرو.



(7)

ماڻهو، مِرگههَ، مينهِئون، سَڀِ سارَنگَ کي سارِينِ،

آڙِيُون اَبرَ آسري، تاڙا تَنوارِينِ،

سِپُون جي سَمُونڊَ جُون، نَئين سِڄ نِهارِينِ،

پَلُرَ پِيارِينِ، تَه سنگهارَنَ سُک ٿِئي.



(8)

اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، تاڙي ڪِي تَنوارَ،

هارِينِ هَرَ سَنباهِيا، سَرَها ٿِيا سَنگهارَ،

اَڄُ پُڻ منهنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِيا.



(9)

اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪِريُون ڪارِيُون،

وَسي ٿو وَڏَ ڦُڙو، ٽَهڪَن ٿِيُون ٽاريُون،

لَٿِيَنِ لُکَ لَطِيفُ چَئي، ڍايُون پاسارِيُون،

ڀَڄَندِيُون ڀَٽارِيون، وَري وَٿاڻين آئِيُون.



(10)

اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ٿو ڪَري،

وَسايو واٽُنِ تي، ٿو خالِقُ کَنڊَ ڀَري،

پاساريُون پَري، شالَ مَ وَڃَنِ سُپرين.



(11)

اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪارا ڪَڪَرَ ڪيسَ،

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ڪَري لَعلَ لَبيسَ،

پِرِين جي پَرَديسَ، سي مُون کي مِينهَن ميڙيا.



(12)

اَڄ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ڪِي چوٽِي،

مُندائِتي مِينهَن جِي، کِنوَڻِ نَه کوٽِي،

آءُ، لالَن! موٽِي، گهورِيا رُسَڻَ ڏِينهڙا.



(13)

اَڄ پُڻ اُتَر پارَ ڏي، ڪَڪَرُ ٿو ڪَري،

روضي پاڪُ رَسُولَ جي، پَلٽِيو پَٽَ ڀَري،

وِڄنِ ساڻ وَري، تَه سَنگهارَنَ سُک ٿِيا.



(14)

اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرُ ڪيائِين،

مُندائِتَنِ مِينهَن جِي، رتِ نَه روڪِيائينِ،

پَلُرَ پَلٽِيائِين، سانگِيَنَ گهَڻا سُکَ ٿِيا.



(15)

اَڄُ پُڻ اُميدُون، آگَمَ سَندِيُون اُڀَ ۾،

ساوَڻُ پَسِي، سَرِتِيون! سَڄَڻُ سارِيو مُون،

آئُون آسائِتِي آهِيان، مانَ ڀِڄائي ڀُونَ!

گهَرِ تَه گهُرجِين تُون، مُندَ مِڙِيُوئِي مِينهَن جِي.



(16)

مُندَ مِڙِيوئِي مِينهن جِي، وَسي تَڏهِن وَسُ،

کَٽُرنِ کيٽا ڇَڏيا، جي مِڙيُون ٿي مَسُ،

گابا مَٿي گَسَ، ڏُک نه ڪندا ڏُٻرا.



(17)

وَسَڻُ اَکَڙِينِ جِيئن، جي هُوندَ سِکئين، مِينهنَ!

تَه هُوندَ راتو ڏِينهَن، بَسِ بُوندنِئُون نَه ڪَريين.



(18)

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، سارَنگُ سِينگاري،

اُڃِيا لَکَ لَطِيفُ چَئي، پَلُرَ پِياري،

وِڄُڙِيَنِ واري، کَڻِي ڪَعبي تي ڪَنڌَ نائِيا!



(19)

گامَ گُنديءَ گَنَجَ، اَبَرَ ۾ اُهاءُ ٿِيو!

پَسِي پَرِ پِرِينَ جِي، ڏوُر ٿِيا سَڀِ ڏَنجهَه،

شالَ وَسندو سَنجههَ، عاشِقَ تي اوهِيڙا ڪَري!



(20)

اُٺو اوهِيڙا ڪَري، عاشِقَ مَٿي اَڄُ،

ڏورِ ڏُڪارِيا! ڀَڄُ، مِينهَنِ مُنهن ڏيکاريا.



(21)

ڪَڪَرَ پَسو اُڀَ ۾، اُتَران جي اَچَنِ،

اَبرَ سَندي اُوجَ ۾، وِڄُون وَراڪا ڪَنِ،

وَسِي وَڏَ ڦُڙَنِ، ساڻيههُ سَڀ سُکي ڪيو.



(22)

ڪَڪَرَ مَنجههِ ڪَپارَ، جهُڙُ نيڻَنئُون نَه لَهي،

جِهڙا مُنهِنجا سُپرينِ، تِهڙا ميگههَ مَلارَ،

کَڻُ اَکِيُون کِل يارَ! وَڃَنِ سُورَ سَنڌا ڪيو.



(23)

جُهڙ نيڻَنِئوُن نَه لَهي، ڪَڪَرَ هُونِ نَه هُونِ،

سارِيو سُپيرِيَنِ کي، لُڙڪَ ڳَلَنِ سين پُون،

سي مَر رويو روُنِ، جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين.



(24)

اَڱَڻِ تازي، ٻَهرِ ڪُنڍِيوُن، پَکا پَٽِ سَونهنِ،

سُرَهي سيجَ، پاسي پِرِين، مَر ٿا مِينهَن وَسَنِ،

اَسان ۽ پِرينِ، شالَ هُون بَرابَر ڏِينهَڙا.



(25)

پِي پَسائِيو پانهِنجو، نِظارو ناگاه،

لَٿو ڪَٽ قَلبَ تان، سُرَهو ٿِيو ساه،

اُميدون اَرواح، پِي پَسندي پُنِيُون.



(26)

بَرَ وُٺا، ٿَر وُٺا، وٺِيُون تَرايُون،

پِرِه جو پَٽن تِي، ڪَنِ وِلوڙا وايُون،

مَکَڻَ ڀَرِينِ هَٿڙا، سَنگهارِيُون سايُون،

ساري ڏُهَنِ سامُهِيُون، ٻولاهِيون رايُون،

ٻايُون ۽ دايُون، پَکي سُونُهنِ پانهِنجي.



(27)

بَر وَٺا، ٿَر وٺَا، وَٺو جيسَرُ ميرَ،

آگَمَ ڪَري آئِيُون، پائُرِ ڀَري پيرَ،

لاٿائُون لَطِيفُ چئي، وانڍِينِ مَٿان وير،

سَرَها ڪِيائُون سيرَ، سَرَهِيُون سَنگهارِيُون ٿِيُون.



(28)

بَر وَٺا، ٿَر وَٺا، وَٺِي ڪَڇَ ڪِنارَ،

پونياڙيءَ پَٽَنِ تي، ڏِسُ! نايائِين نارَ،

سَٻاجهي سَتار، لاٿا ڏُرتَ ڏيههَ تان.



(29)

مَڪي مَٿان موٽيُون، اُٺِيُون تي عَرفَات،

روضي پاڪَ رسُولَ جي، رَنگَ ڪِيائُون رات،

وِڄُڙِيُون پِرڀات، موٽِي مِصرَ آئِيون.



(30)

ڪِيائُون مِيران سَندو مُجرو، جَرَڪِيُون ۾ جِيلانَ،

جتي غوث بهاؤالدِينُ، اُتي مَرَڪِيُون ۾ مُلتانَ،

کِنوي خُراسانَ، سُکَ وَسايَئُون سِنڌُڙي.



(31)

ڪانڌَ! مَ وِڪڻُ ڪُنڍِيُون، ڌَڻُ سَڀوئِي ڌارِ،

اَڀَريُون سَڀَرِيُون پانهنجِيون، سِسيون سَڀِ سَنڀار،

ٻَنُ ڇڏي ڇَنِ پَئِي، وَڃِي وَلهارَن وارِ،

تَه اَچِي اڱڻان ٻَهارِ، سَرلا ڪَندِيُون سَڏَڙا.



(32)

سارَنَگ کي سَعيو، توکي سَعيو نَه ٿِئي،

گُڙي ٿو گُمانُ ۾، آيو ڪِين آيو،

هارِينِ لاءِ هَرجاءِ ۾، هاديءَ هَلايو،

مَتان اَئِين ڀانيو، تَه ڪا بادَلَ آهي بَسِ ڪِي.



(33)

سارَنگَ سارَ لَهيج، اَللهَ لَڳِ اُڃِينِ جِي،

پاڻِي پوڄَ پَٽَنِ ۾، آرزان اَنّ ڪَريج،

وَطَنَ وَسائيج، تَه سَنگهارَنِ سُکَ ٿِئي.







داستان ٻيو



(1)

ڀِري ڀِٽَ تي آئِيو، سارُنگُ سَهجَ مَنجها،

کِڙيُون کَٽڻهارِ جئِن، وِڄُون اُتر واءِ،

سُرها سَبزا مورِيا، ڊامَڻَ ڊِٻّ ڪيا،

ٻَهري پَٽَنِئا، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا.



(2)

ڀَرِيائِين ڪُن ڪِراڙِ جا، وَٺو وارياسو،

کوُڻيتِي کِوَڻِ جو، چَڱوُن چوماسو،

ماڪاڻِيءَ تان موٽِيو، ڏيئي پَٻَ پاسو،

خالِقَ ڪِيو خاصو، چِيهو چُکِيءَ ڪَنڌِين.



(3)

گَنگوُءَ جِيان گوڙِ ڪَري، ڪاهِيائين ڪاهوجِي ڏانهنَ،

وُٺو مِينهُن وَڏ ڦُڙو، سِري ڀَرِيائِين ساهَ،

ڏيئِي پَٽَنِ پاهَ، ڀَرِيائين ڪُنّ ڪِراڙِ جا.



(4)

چِيهو چُکِيءَ ڪَنڌين، ڪِيائِين گَڙنگَ تي گُلَ،

هَڏا ڪُٽيان هلِيو، ڀَري تُرايُون تَلَ،

آندئِين آبُ اُڇلّ، مَٿي باغَ بَهارِ ٿِي.



(5)

اڄُ رَسِيلا رَنگَ، بادَلَ ڪَڍيا بُرجَنِ سين،

ساز سارنگِيُون سُرَندا، وڄايَئِين بَرجنگَ،

صُراحيُون سارَنگَ، پَلُٽِيُون پَڊامَ تي.





(6)

مِينهان ۽ نِينهان، ٻَئِي اَکَرَ هيڪَڙي،

جي وَسَڻَ جا ويسَ ڪَري، تَه ڪَڪَرَ ڪَنِ ڪِيهان،

بادَلُ ٿِي بِيهان، جي آگَمَ اَچڻ جا ڪَرِين.



(7)

ڪُڻِڪَن ڪانڌُ چِتِ ڪِيو، جُهڙُ پَسِيو جِهڄَنِ،

وَرَ ريءَ وانڍِينِ اَڏِيا، پَکا سي مَ پُسَنَ،

اُتَر ڊاهي اُنِ جا، تَه ڪَنِهن کي ڪاروُن ڪَنّ،

وارِثُ وَر تَنّ، اَچِي شالَ اولو ڪَري.



(8)

ڪُڻِڪَن ڪانڌُ چِتِ ڪِيو، جُهڙَ پَسِيو جهُڻِڪَنِ،

سُڻِيو رَڙِ رَعدَ جي، ڪَلِيُون ٿِيون ڪَنبَنِ،

ڪُٺِيُون ڪِينَ ڪُڇَنِ، ويچارِيُون وَرَنِ ري.



وائي

کَرُ مَرُ کامي، پَچي، آئُون وِيندي دَرِ دوسِتَن جي.

جِيائِين ڏُجهن تَڪِيو، سَڄَڻُ تِيائِين اَچي،

آئُون وِيندي دَرِ دوستَنِ جي.

نُورا پايو نِينهَن جا، دَرِ ڀَلي جي نَچي،

آئُون وِيندي دَرِ دوستَنِ جي.





داستان ٽيون



(1)

گنيَرَ گَت سِکَنِ، چَلَڻَ جي چاهَ پَئِي،

هِنڊَوا حَيرَتَ ۾ پِيا، لالِي ڪِي لَبَنِ،

چَمڪَنِ چوڏِسِ چَنڊَ جِئن، وِڄڙيون وِهَسنِ،

لوچَنَ ٿا لَطِيفُ چَئي، پَسَڻَ لَئي پِرِينِ،

ڪَيسَر قَرِيبَنِ، سَنڀاري سَيّدُ چَئي.



(2)

مُندَ ٿِي مَنڊَل وَڄِيا، ڪِي اوهيڙن اوڪَ،

ڇاڇَر ٿِي ڇَنَنِ ۾، مينهُون چَرَنِ موڪَ،

سَرَهيُون ٿِيُون سَنگهاريُون، پويو پائِن طوقَ،

ميها، چِڀَڙ، ڦُنگيُون، ٿِينَ سَڀِيئي ٿوڪَ،

لاهئين مَٿان لوڪَ، ڏولائي جا ڏِينهَڙا.



(3)

مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄِيا، تاڙي ڪِي تَنوارَ،

هارِينَ هَرَ سَنباهِيا، سَرَها ٿِيا سَنگهارَ،

اَڄُ پڻُ مُنهنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِيا.



(4)

مُندَ ٿِي مَنڊَل وَڄِيا، آيو جُهُڙ جهاٽي،

هيڪُ آرزان انّ ٿِيو، ٻِيو مَکَڻ مَنجههِ ماٽي،

ڪَلمِي سين ڪاٽي، لاٿُم ڪَٽُ قُلوبَ تان.



(5)

موٽُ، مُنهِنجا سُپِرِين، آڻيئي اللهُ،

توکي ساري ساهُ، اَڪَنڊيئو آهُون ڪَري.



(6)

آگَمَ ڪِيو اَچَنِ، سَڄَڻَ سانَوڻَ مِينهَن جِئن،

پاسي تَنِ وَسَنِ، جي سَڀُ ڄَماندَرَ سِڪِيا.



(7)

پاڇاٽِئان پَئِي، ٿِيو آڳاٽِئا آڳرو،

چُڪس سَڀ چَئِي، تَڏِهِن موليٰ مِينهَن وَسائِيا.



(8)

اوڇَڻُ گهُرجي آجِڪو، جُهپو سَهي نه سِيءُ،

سُڻائيجَ سُوَڙَ کي، حالُ منهنجو هِيءُ،

اَڱڻَ آيو ٿِيءُ، ته ڍولا ڪِنهن ڍَنگِ ٿِيان.



(9)

ڪانڌَ! تُنهِنجي پاندَ ري، سَنجهي سِيءَ مَران،

ڪامِلَ! ڪَپاهَنِ ۾ پيئِي ٺارَ ٺَران،

تاريءَ تِنهن تَران، جِنهن وَرُ وِهاڻيءَ واريو.



(10)

ڪانڌ! تُنهنجي پاندَ ري، سِيءَ مَران سَڀَ راتِ،

ڪامِلُ ڪَپاهَنِ ۾، جهَپَ نَه اَچي جهاتِ،

اَچِين جي پِرڀات، تَه آئون سيءُ نه سارِيان.



(11)

سِينڊو مِينهَن پُسائِيو، سِري ٿِيو سيلو،

پکي پيهِي آئِيو، رَحَمَت جو ريلو،

ساڄَنُ سَويلو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آئِيو.



وائي

اَکِيُون ميگههَ مَلارَ، صُورتَ تُنهنجي سَڀُ جَڳُ موهِيو.

سِجدو فِيلَ فِي الحالُ، ڪِيو پَسِي مُطلب نُورُ نِراڙُ.

ڄاپَڻَ وقتِ ڄامَ جي، ڪِريا ڪوٽَ ڪُفارُ.

آگي آسِماننَ جو، توکي ڪارِيو سَيرُ سَتارُ.

”وَلَسَوفُ يُعطِيڪَ رَبُّڪَ“، توسين قادِرَ ڪِيا قَرارُ.

آهِينِ ڪَرَمَ ڪَرِيمَ جا، اَحمَدَ ساڻ اَپارَ.

اُڪنڊِئا جي اَبرَ کي، سَرَها ٿِيا سَنگهارَ.

موڪَلَ ٿِي مِينهَن کي، دوسِتَ هَٿان دِلدارَ.





داستان چوٿون



(1)

موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، جُڙي ڪِيائِين جوڙَ،

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٻَهه ٻَهه ڪَري ٻُوڙَ،

اَنَنَ جا عالَمَ ۾، کَرَنِ اَندَر کوڙَ،

سارَنگَ لاٿِي سوڙههَ، ساندهه سُهائو ٿِيو.



(2)

موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، ڀِري ڪِيائينِ ڀيڄَ،

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، سارَنگُ چَڙهيو سيڄَ،

تِنهن تُورِيُون نَوازِيُون، ڏوُڻان ڏيئي ڏيجَ،

ٻِجَ کَڻِي پَٽِ هَليا، هاري مَنجهان هيجَ،

راضِي مَنجهان ريجَ، عالَمَ سَڀ آبادُ ٿيو.



(3)

موٽِي مانڊاڻَنِ جا، ڀرِي ڪِيئاين ڀَرّ،

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ڪوڏِئان کَڻِي ڪَرّ،

مينهِئُون پاڻُ مُرادِيُون، ٿَڌا چَرَنِ ڦَرّ،

وَڏي اوههِ آئِيون، پُٺِيءَ لائي ڦَرّ،

ساري اَچِيو سامُهِيُون، ڏِينِ کِيرَ سَڄَرّ،

ساڻ وانڍِيَنِ، وَرّ، پَرِيُون پَرچَڻَ جُون ڪيُون.



(4)

موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، واري ڪيائين وارَ،

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، چَڱِي ڀَتِ چوڌارَ،

ڪي اُٿِيُون اِستَنبولَ تي، ڪَنِ مَڃِيان مَغربَ پارَ،

ڪي چَمڪَن چِين تي، ڪي لَهَنِ سَمرقَندَ سارَ،

ڪي رَمي وِيئيُون روُمَ تي، ڪي ڪابُلِ، ڪي قَنڌارَ،

ڪي دِهلِي، ڪي دکَنَ، ڪي گُڙنِ مَٿي گِرنار،

ڪَنِ جُنبِي جيسَلميرَ تان، ڏِنا بيڪانيرَ بَڪارَ،

ڪِنِهين ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنِهين ڍَٽ مَٿي ڍارَ،

ڪَنِهين اَچِي عُمَرَڪوٽَ تان، وَسايا وَلهارَ،

سائِيَنمَ! سَدائِين، ڪرِين، مٿي سِنڌُ سُڪارَ،

دوسِتَ! مٺا دِلدارَ! عالمَ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.



(5)

حُڪمُ ٿيو بادَلَ کي، سارَنگَ ساٺَ ڪَجَنِ،

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٽَہ ٽَہ مِينهن ٽِمَنِ،

جَنِ مَهنگي لَئي ميڙِيو، سي ٿا هَٿَ هَڻَنِ،

پَنجَن مَنجهان پَندرَهنِ ٿيا، اِيئن ٿا وَرَقَ وَرَنِ،

ڏُڪاريا ڏيهَه مان، موُذِي شالَ مَرنَ!

وِهِڪئِي جَنِ وَرِهَ ٿِيا، موٽِيو سي مِڙَنِ،

وَري وَڏيءَ وَسَ جُون، ڪِيُون ڳالهِيُون ڳَنوارَنِ،

سَيّدُ چَئي سَڀَنِ، آهِ توه تُنهنجِي آسرو.



(6)

واهُوندان وِڄون ٿيون، کِڙيون ڏَنهنَ کَنڀاٽَ،

ڪُنڍيُون ڪاهي گَس ڪَريو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ،

سَنگهارَنَ سُکَ ٿِيا، لَٿِي اُڃ اُساٽَ،

جهَڙُ ڦڙُ ڏيئي جهاٽَ، پُسائِيندو پَٽِيُون.



(7)

ڍَٽِ ڍَري پَٽِ پِيُون پاسي پارَڪَرَ،

سَڀِيئي ڀَرِيا سَرَ، پَلُرَ جي پالوٽِ سين.



(8)

ڍَٽِ ڍري پَٽِ پِيُون، آيُون عُمَرَڪوٽَ،

پُسايائُون پَلُرَ سين، سُڪا پَٽَ جي سوٽَ،

چنچَل ڏيئِي چوٽَ، سَڀُ سامارو سَرِ ڪيو.



(9)

ڍَٽِ ڍري پَٽِ پِيُون، آئِيون ڪاهي ڪاماري،

وٺا پَٽ پُراڻِ جا، وَٺِيُون ساماري،

ڪَڪَرَ ۾ ڪاري، وِڄَڙِيَنِ، پَسو! ويسَ ڪِيا.



(10)

ڍَٽِ ڍَري پَٽِ پِيُون، وِڄُون ويسَ ڪَري،

مِينهَن وَسِي مُلڪَ جا، ڇَڏِيا تَلّ ڀَري،

قادِرُ ڪَرَمَ ڪَري، سُڪا پَٽَ ساوا ڪِيا.



(11)

ڍَٽِ ڍَري پَٽِ پِيُون، ٿِيا وَلَهارن وِيءَ،

سُورِجُ قَمَرُ نَه پاڙِيان، سيڻَنِ جي شَبِيہَ،

جي جانِبَ اَندرِ جِيءَ، سي پِرِين پيهي گهَر آئِيا.



(12)

ڍَٽِ ڍَري پَٽِ پِيُون، وِڄُنِ ڪِيو واڄو،

پَکو پَنهِنجي پِرِينءَ لَئي، سِبِي ڪَرِ ساڄو،

سَڄَڻَ سَٻاجهو، ڀيڄَ ڀِنِي گهَر آئِيو.



(13)

ڍَٽِ ڍَري پَٽِ پِيُون، وِڄونِ ڪَري وارا،

اُٺا وَڏي اور سين، ڪَڪَر جي ڪارا،

واحِدَ وَسِڪارَا، چوڌاري چَڱان ڪِيا.



(14)

ڍَٽِ ڍري پَٽِ پيُون، وِڄُنِ ڪِيا ڌرَمَ،

واحِدَ وَڏائِي ڪِيا، ڪُنڍِينَ ساڻُ ڪَرَمَ،

سَنگهارَنِ شَرَمَ، رَکُ مُنهِنجا سُپِرِين.



(15)

ڏُونگا آڇِ مَ تَنِ کي، ڪاسا جَنِ جو ڪَمُّ،

پِنندي پَرَڏيههَ ۾، تَنِ سوڍِيُنِ ٿِئي شَرَمُّ،

اُٿِينِ گهَڻي اَدَبَ سين، ڳالهائِين نَرَمُ،

قادِرَ ڪَر ڪَرَمُ، تَنُ وَطَنَ ۾ وَسَ ٿِئي.



(16)

سَڄو صافُ نَه اُڀَري، سَرَلي وِچان سِڄُّ،

مُنهن چَڙِهيو ماڻُهنِ کي، ڏي واڌايُون وِڄُّ،

هِينئڙا کَپَ مَ کِجُ، سِگها مِلنَدءِ سُپِرِين!



(17)

سَڄَڻَ ساوَڻَ مِينهَن جِئن، جهِڻڪِن پاسي جهوڪَ،

ڏِيندا پاهُ پَٽَنِ کي، مَنجهان مِينهنَ موڪَ،

لَسُ پِيارِينِ لوڪَ، آگَمَ ڪِيو اَکِينِ سين.



(18)

اَندَرِ جهُڙُ جهورَ وَهي، ٻَهرِ بَرسي بُوندَ اَپارَ،

وَٽِ جَنين جي يارَ، سي اوڪاڻِينِ نَه اَکِيُون.



(19)

اَندَرِ جهُڙُ جهورَ وَهي، ٻَهرِ ڪَڪَرَ نَه ڪوءِ،

وَسائيندي وِڄڙي، حُبّ جَنهين کي هوءِ،

لالَنُ جنينِ لوءِ، سي اوڪاڻِينِ نه اکِيُون.



(20)

اَندَرِ جهُڙُ جهورَ وَهي، ٻَهري نَه بَرسي بُوندَ،

سَڄَڻَ جَنهِين جي هُوندَ، سي اوڪاڻِينِ نَه اکيون.



(21)

وَسِي ساري راتِ، صُبحَ جو ساهُ کَڻِي،

مَنجهيئِي مِينهُن پِرِيَنِ جو، جي تَنَ ۾ هُئي تاتِ،

ته وِهاڻِيءَ پِرَڀاتِ، هُوندَ بادَل بَسُ ئِي نَه ڪَري.



(22)

آگَمَ جِي آئِيُون، اُتران ڪَري اُورِ،

جي پِرِين هُئڙا ڏوُرِ، سي مُون کي مِينهَنِ ميڙِيا.



وائي

آئي مُندَ مَلارَ، ميگهه مَلارَ، آئون کُنهنبا ڪَنڌِيَسِ ڪَپڙا.

وَسَڻَ جا ويسَ ڪِيا، اَڄُ مُنهِنجي يارَ،

آئِي مُندَ مَلارَ.

لارَ لائِيندي وَڇڙا، ڀِنڙَسِ ڀَنڀا وارَ،

آئِي مُندَ مَلارَ.

پَکي آءٌ پِرِين تون، لَههُ تُون سَيّدَ سارَ،

آئِي مُندَ مَلارَ.

آئي مُندَ مَلارَ، ميگهه مَلارَ، آئون کُنهنبا ڪَنڌِيَسِ ڪَپڙا.

¯

سُر سريراڳ



داستان پهريون



(1)

مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين چِتان لاههِ مَ چُرَ،

اُنِين جا اَمُرَ، کَڻُ، ته خالِي مَ ٿِيين.



(2)

مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتان چُرَ مَ لاههِ،

پِرِيَنِ اڳِيان پاءِ، پَلؤ مَڱَڻَهارَ جِئن.



(3)

مانَ پُڇنِئِي سُپِرِين، چيتاريج چِتُ،

دائِما دُوربِيءَ ۾، پَسين وِلاتُنِ وِتُ،

نيههَ نيکاري نِتُ، مَلاحَ گَڏ مُعلِمَ سين.



(4)

مانَ پُڇَنِئِي سُپِرين، چِتَ ۾ رَکِجَ چيتُ،

سِينو ڌوئِي صافُ ڪَرِ، صابُڻَ ساڻَ سُپيت،

سامُونڊِي سُچيتُ، ٿيءُ ته پَهُچين پارَ کي.



(5)

مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتَ مَ چيتاريجِ،

ڪَڍِج ڪائي ڪَچَ کي، ڪُوڙُ مَ ڪَمائيج،

وَڻِجُ وِهائيج، سَڀُ سوداگَرَ سَچَ جو.



(6)

مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتان لاههِ مَ چورُ،

ڪَڍِي ڇَڏِ تُون قلبَ مان، ماري ڪُوڙو ڪورُ،

هُنَ ڀَرِ سَندو هورُ، مَٿان تو مَعاف ٿِئي.



(7)

ڪائو ڪَمايومِ، موتِي مُون نَه وَڻِجِيا،

سِيهي جو سَيدُ چَئي، وَکَر وِهايومِ،

هِهَڙو حالُ سَندومِ، توهَ تُنهِنجي اُبَهان.



(8)

ڪَچُ ڪَمايُمِ ڪُوڙُ، ڀَڳُمِ عهدَ اَللهَ جا،

پِڃِرو جو پاپَنِ جو، سو چوٽِيءَ تائِين چُورُ،

معلومُ اَٿيئِي مَذڪُورُ، ڳُوڙها، اِنهيءَ ڳالهه جو.



(9)

ڪُوڙ ڪَماءِ مَ ڪَچُ، اُٿِي اورِ اللهَ سين،

ڪَڍُ تون دَغا دِل مان، صاحِبَ وَڻي سَچُ،

مَحبتَ سَندو مَنَ ۾، ماڻِڪَ ٻارج مَچَ،

اِنَ پَرِ اُٿي اَچُ، ته سودو ٿِيئيِ سَڦَرو.



(10)

سودو جو سَڦَرو، سو مون پَلَئَي پاءِ،

وَسُ ويچاريءَ ناههِ ڪو، تون آگا! عَرضُ اَگهاءِ،

ريءَ همراهيءَ هاديءَ جي، مُورِ نه ٿِئي ڪِي ماءِ،

لُطفَ ساڻُ لَنگهاءِ، لاهُرو لَهرِنِ وِچَ مان.



(11)

لُڙ، لَهرِيُون، لَسَ، ليٽَ؛ جتي اَنتُ نه آبُ جو،

اَللهَ! اُتَ مَ اوليين، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ،

جوکو ٿِئي مَ جهازَ کي، ڦَرَهي اَچي مَ ڦيٽَ،

لڳي ڪا مَ لپيٽَ، هِنَ غارِيبِي غُرابَ کي.



(12)

سِڙَهه سَنوان، لاڄُو نَوان، اولا سَندَنِ عاجُ،

ساٿِي سَفَرِ هَلِيا، ڀَري جُنگ جَهاجَ،

حاصُل ڪَرِيين حاجَ، واحِدَ! وَڻِجارَنِ جِي.



(13)

سِڙههَ سَنوان، لاڄُو نَوان، مُهاڻا سَندَنِ مِيرَ،

ساٿِي سَفَرِ هَلِيا، ٿِيا سَڻاوا سِيرَ،

جي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙا رَکين ٻاجهَه سين.



(14)

مَنجهان پيئي مَڪُڙيءَ، ڪا جا پاڻيءَ پِڪَ،

وَکَرُ هَڻِي وُنڪ، ڪَٽِجِي ڪارو ٿِيو.



(15)

مَنجهان پيئي مَڪُڙيءَ، ڪا جا پاڻِيءَ بوندَ،

سيئي ڏِٺَمِ رُوندَ، وَکَرُ جَنِين وِڃائِيو.



(16)

وِهائِيندَڙ ويسَرا، وَکَرُ ڍيرئون ڍيرَ،

ڪَنِين وِهائي وَسُ ڪيو، وَکَرُ وڏيءَ ويرَ،

ڪَنِين گهُمندي سِيرُ، وَکَرُ وِڪامِي ويو.



وائي

سهسين شُڪرانا، ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

حَمدَ چَئج حَڪِيمَ کي، جورِ هَڻِي جانا،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

تو ڏيکاري تو ڌِڻي، باطِنَ جا بانا،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

مَتان مَرد! وِساريين، صاحِبَ جِي ثَنا،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

دوستُ رَکِي دِل ۾، پَڙهه لالَنُ لِسانا،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

جَفا ڏيئي جيءَ کي، ٿِي فِڪرَ مَنجههِ فَنا،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

تُسِي تو سين توههُ ڪَري، مَنَ آگو اِحسانا،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

ڪَڍُ تُون دَغا دِل مان، ٻانهپَ سين ٻانها،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

صاحِب وَڻي سَچَ سين، ٿيءُ دانَہُ ديوانا،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

جي تَسليمَ سين تحقيقَ هُئا، سي ڪِئَن آمانا،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

جاڳِيا جي جَبارَ لَئي، سيئِي سَمانا،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

فَاذکُرُونِي اَذکُر کُم، ڪَهيو قُرآنا،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

واشکُرُوالِي وَلاَ تَڪفُرُونِ، ڪَڍ تو ڪُفرانا،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

سَڀِ سَنوارِيا سُپِرِين، ڪُوَلَ تو ڪَنا،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

چَڱِي چَئجِ چاههَ سين، مَدحَ اِيءَ مَنا،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

تائِبَ ٿِيو تَڪِڙا، جوشان، جُوانا،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

تَه لَهين تُون لَطِيف کان، اَمنُ اِيمانا،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.



وائي



(2)

مون ۾ تون موجود! آءٌ ڳاهِين آهِيان!

آءٌ آ سونِهين آهِيان!

اَکِيُون اَکَڙِينِ کي، سِڪيو ڪَنِ سُجُودُ،

آءٌ آڳاهِين آهِيان!

آءٌ اَسُونهِين آهِيان!

تيلانهن رَسِيُون بُودَ کي، جيلانهن ٿِيُون نابُودَ،

آءٌ آڳاهين آهِيان!

آءٌ اَسُونهِين آهِيان!

ماڙُهِن جي موٽَڻَ جو، صاحِبَ هَٿِ سُجُودُ،

آءٌ آڳاهين آهِيان!

آءٌ اَسُونهِين آهِيان!

اِنَ دَرَ سيئي اَگهيا، جَنِ وِڃايو وُجُودُ،

آءٌ آڳاهين آهِيان!

آءٌ اَسُونهِين آهِيان!





داستان ٻيو



(1)

جيڪي مَنجهِه جَهانَ، سو تارِيءَ تَڳِي تُنهِنجي،

لَطفَ جِي لَطيفُ چئي، تو وَٽِ ڪَمِي ڪانَ،

عَدَلَ ڇُٽان آن نَه، ڪو ڦيرو ڪِجِ فَضُلَ جو.



(2)

ساري راتِ سُبحانُ، جاڳِي جَنِ يادِ ڪِيو،

اُن جِيءَ عَبداللطيفُ چَئي، مِٽيءَ لَڌو مانُ،

ڪوڙِيين ڪَنِ سَلامُ، اچيِو آڳَہِ اُن جي.



(3)

سيوا ڪَرِ سَمُنڊَ جِي، جِتِ جَرُ وَهي ٿو جَال،

سَئين سُپڄُن سَمُنڊَ ۾، ماڻڪَ، موتي، لالَ؛

جي ماسو مِليئِي مالَ، ته پُوڄارا پُرِ ٿئين.



(4)

سي پُوڄارا پُر ٿِيا، سَمُنڊُ سيوِيو جَنِ،

آندائون عَمِيقَ مان، جُوتِي جَواهَرِنِ،

لَڌائُون لَطِيفُ چئي، لالُون مان لَهرِنِ،

ڪانهي قِيمَتَ تَنِ، مُلُ مَهانگو اُنِ جو.



(5)

سيوئو جَنِ سُبحانُ، وِيرِ نه وِڙهي تَنِ سين،

توبَههَ جي تاثِيرَ سين، تَري وِيا طُوفانُ،

ڏيئي تَوَڪَلَ تَڪِيو، آرُ لَنگهِيا آسانُ،

ڪامِلُ ڪِشتِيانُ، وِچَ ۾ گَڏِيُنِ واهَرُو.



(6)

ساري راتِ سُڄاڻَ، سَودو ڪَنِ صاحِبَ سين،

ٻانهپَ ڀَري ٻيڙيُون، هَلِيا جوپَ جُوانَ،

پاڻِي پَهلِوانَ، لَحظي مَنجهِه لَنگهي وِيا.



(7)

ٻانهپَ جو ٻيڙِيَنِ ۾، وَکَرُ وِڌائُون،

موتِي مَعَرفَتَ جا، سَچا سودِيائون،

اَلتَائِبُ مِنَ الذّنبِ، ايءَ کَٽِ کُٽِيائُون،

اُنين جِيءَ آئُون، بَرڪتَ بارُ لَنگهائِيان.



(8)

جَنِين سَودي، سَچَ جو، وَکَرَ وِهايو،

بَخِرو لَهُمُ البُشريٰ جو، اُنهين لَئي آيو،

اُنِ کي لالَنَ لَنگهايو، ساندارو سَمُونڊَ جو.



(9)

اِيءَ گَتِ غَواصَنِ، جِئن سَمُنڊُ سوجهِيائُون،

پيهي منجههِ پاتارَ جي، ماڻِڪَ ميڙيائُون،

آڻي ڏِنائُون، موتِي لالَ هَٿَنَ سين.



(10)

اَڇارا عَميقَ جا، گَڏِيا غَواصَنِ،

جهَرِيُون جهاڳي آڻِيا، ڪاروُنڀار ڪُنَنِ،

سَمُنڊَ سوجهي جَنِ، آڻي اَمُلَ اوليا.



(11)

وِيا جي عَميقَ ڏي، مُنهن ڪائو ڏيئِي،

تَنِ سِپُون سوجهي ڪَڍيُون، پاتاران پيهِي،

پَسندا سيئِي، اَمُلهَه آکَڙِيَنِ سين.



(12)

آڏو چِڪَڻُ چاڙُه، مُنهِنجي موجَ نه سَهي مَڪُڙِي،

ميڙي مَٺايُنِ جو، بيحدِ چاڙهِيُم بارُ،

چَوَڻَ چارو ناههِ ڪو، بَديُون بي شُمارُ،

ڪَپَرُ ڪاروُنڀارُ، اُڪارِئين اِحسانَ سين.



(13)

وير مَ لاهي ويههُ، مٿي آرَ اوڙاههَ جي،

پَسِي پاڙي وارِيُون، ڪِج آنديشو ايههُ،

وِيندو نه پَسين ڏيههُ، پَتَڻِ هُنَ پارِ مَڻي؟



(14)

اَٺئِي پَهَرَ اوڙاههَ تي، مَنجههِ گُهرءِ گهاري،

وَسُ نه ويچاري، ته ڪا ماڳِ ڍُڪَندي مَڪُڙي.

(15)

هِڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي صاحِبُ سَنواري،

دَنگي هِنَ درياهه مان، هَلائي هاڪاري،

تَرازُو تاري، سُتَڙِ سَڀيئِي ڪَري.



(16)

هِڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي سِٽي صاحِبُ،

ڪَڍي اُونهي ڪُنَ مان، اِي آگي جو عَجَب،

اِيءُ سائِينءَ جو سَبَبُ، جِئَن ٻُڏا اُڪاري ٻارِ مان.



(17)

هِڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻي جا ڪَري اللهُ،

پاڻهين وِجهي ڪُنَ ۾، پاڻهين اُڪاري اوڙاههُ،

تنهن واحدَ کي واههُ، جو سُتَڙِ سَڀيئِي ڪري.



(18)

هِڪِي ٻانهي مَنِ ۾، ٻِي جا الله ڪري،

پاڻهين وجهي ڪُن ۾، پاڻهين ڪنڌيءَ تي،

سُتَڙ سي ڍوئي، جي تَڙ توائي مَڪُڙ!



(19)

هِڪي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي ڪري جوڙَ جَبارُ،

ڪَڍي اُونهي ڪُنَ مان، اِيءَ آگي جو آڌارُ،

جهازُ جوهَرِينِ جو، تنهن کي ڀَؤ نه ڏي ڀَتارُ،

نَنڍا وَڏا مَڪُڙا، سَڀِ پَسندا پارُ،

جيڏانهن مُنهن مَديني جو، سُڄي مُحَمّدُ موچارُ،

سَٻاجهو سَتارُ، سُتَڙِ سَڀيئي ڪري.



وائي

ڪنڌِي سارِيان ڪانَ، يا اَمُن اَمانَ!

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناهِ ڪو، اَپر ٿِيا عِصيانَ،

يا الاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

خَبَرَ ناههِ قَبَرَ جي، نِسورا نِسيانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

والِي! رَسِج وَهِلو، اَرکِ ٿِيا اِنِسانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

سُڻُ سَٻاجها سُپِرِين! نَعَرو، نِگهبانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

مَدِيُون پَسِي مُنهنجِيُون، شَرِمايا شيطانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

هِنَ مُنهنجي حالَ تي، هَئي هَئي ڪَنِ حَيوانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

سائِين! سُکاڻِي آهِيين، سامُونڊيءَ سُبحانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

تُرَهو ڇِنُمِ تارِ ۾، رَسِجِ تُون رَحمانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

ٻيلي جو ٻُڏَنِ جو، مون تي موٽي مانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

ويٺو پِني پِنڻو، ڪَرِ ڀيرو مٿي ڀانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

خالِقَ تان خُوبُ ڪِيا، گولَنِ جا گُذرانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

آئُون پُڻُ آنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

سَڀِ سُوالِي سَمَکِئا، داتا ڏيئِي دانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

وِلها سَڀ وَنَهِيان ڪِيا، تُنهنجي جُودَ، جُوانَ!

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

متان مُون کي ڇَڏيِين، ٻيلِي سَندا ٻانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

وِيرُ وَسِيلو آهيين، داڙوُ ۾ دِيوانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

لاءِ ڏُهارِينِ ڏِينهن کي، خِيمُون اَڏِيو خانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

اُتي عَبداللـطِيفُ چَئِي، سُڻِج ڪا سُلطانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.





داستان ٽيون



(1)

ٻيڙي پُراڻِي، وَکَرُ پاءِ مَ وِتَرو،

تَري ۾ تُنَ پِيا، پاسنِئُون پاڻِي،

هي، هَڏ وِهاڻِي، ڪَڙهُ ڪالهُوڻي ڏِينهَن کي.



(2)

تَري تُنَ پِياسِ، پاسَنِئُون پاڻِي وَهي،

کُوهو جهُر جهُنو ٿِيو، لاڄُو سَڀِ لَڙياسِ،

جيلان سَڌَرُ سُکاڻِياسِ، وَهي تي وَههُ سامُهُون.



(3)

ويٺو تُنَ تُنِينسِ، مُکِ ڏِيهاڻِي مَڪُڙي،

سَنباهي سَيّدُ چَئي، مَٿي نيڍوُءَ نِينسِ،

وَٽائي وڏَاندَرا، لاڄُو لَڳائِينسِ،

آخَرِ اُهِرائِينسِ، تَه جوکو ٿِئي نَه جَهازَ کي.



(4)

تُنَ تُنِيندو آءٌ، مَکِ ڏِيهاڻي مَڪُڙي،

سانباهي سَمُونڊَ جي، مَنا مُورِ مَ لاه،

اَڄُ ڪِ سَنجهِه صُباح، اُهِرَندي اَتانگَ تَڙين.



(5)

تانگهي ۾ تاڻي، ٻَنڌ پَنهِنجو ترهو،

اونهي ۾ آڻي، ڪونَه ڏِيندُءِ ڪو ٻِيو.



(6)

وَکَرُ سو وِهاءِ، جو پَئِي پُراڻُون نَه ٿِئي،

ويچِيندي وِلاتَ ۾، ذَرو ٿِئي نَه ضاءِ،

سا ڪا هَڙَ هَلاءِ، آڳُہِ جِنهن جي اُبهَين.



(7)

وَٺِي وِجههُ وَکَرَ جا، دَنگِي ۾ داڻا،

وِيرِ وِڙَهندِيَئِي، ويسَرا، وِهُ مَ، ويڳاڻا!

هِيءَ نِنڊَ، نَه ڄاڻان، ڪَڏِهن هَڻَندِيئِي تارَ ۾.



(8)

وَڻِجارا، ويٺي، تو نَه سَرَندي شاهَ ري،

مَکِ پَنهنجِي مَڪُڙي، چَڱِي ڪَرِ چيٺي،

پاسا پَاکَڙِيَنِ جا، سَمُنڊُ ٿو سيڪي،

جي لُنڊا ۾ ليکي، وِير وِڙهندي تَنِ سين.



(9)

وَهَ تِکَ وَهَڪُرا، جيت نَنگَرَ نَه ٺُهِرَنِ،

وَڏاندَريُون وَهَ سامُهِيُون، جَجهي زورِ جُنبَنِ،

نيڍُوءَ ۾ ناتاريُون، وڻِجارا وِجَهنِ،

مُلا مُعلِمَنِ، مُون ڳَري سُئِي ڳالهَڙي.



(10)

جُتو وانءُ، جَهازَ، گَڏِيو غُرابنَ سين،

پُورِيندي هُنَ پارَ ڏي، سَڌَرَ کَڻِج سازَ،

اَچَنِ ٿا آوازَ، سَٽاڻي سَمُونڊَ جا.



(11)

کُوها ڪالههَ کَڻِي، اُنِ وِڌا اُتَرِ آسَرِي،

آلا! جُهري مَ اُنِ جي، اولي جِي آڻِي،

وَڻِجارَن وَڻِي، وَکَرُ وِڌو ٻيڙِيين.



(12)

ٻيڙي تُنهِنجِي ٻاجههَ، وَکَرُ تِنهن وِصالَ جو،

کُوها، اولا، تو ڪِيا، سَڀِ سُونهارا ساجَ،

اُتِ ڪا مُعلِمَنِ حاجَ، جِتِ پُورَڻَ وارو پاڻِهينِ.



(13)

جَرَ ۾ ڦوٽو جِئن، لَهرِيُون لَڳَندي اَڌ ٿِئي،

تُون پُڻِ آهِين تِئن، دُنِيا ۾ ڪو ڏِينهڙو.





وائي

ساٿِيَنِ نَندا بارَ، وو! تَنِ پانڌِيَنِ نَندا بارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

پاتا پاڙيواريين، پَڳَههَ مَنجهِه پاتارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

پَتَڻَ ٿو پُورَ ڪَري، آئِي تُهِجَڙي وارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين، کِيو منجهه خُمارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

ڪِ تو ڪَنين نَه سُئِي، هَلَڻَ جِي هاڪارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

تائِبَ ٿيو تڪڙا، سَچِي ايءَ سَنڀارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

نِنڊَ نه ڪَجي ايتَري، سُڻِجِ، اَدا يارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

سائِينءَ مُڪُئِي سَچَ کي، تون ڪوڙو مَنجهِه قَطارِ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

ڪِ تو ڪَنين نه سُئِي، ڪَپَرَ جي ڪُوڪارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

گهِڙان ٿِي ريءَ گهَڙي، اِلاهي تُهارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

هو جو شَڪُ شارِڪَ جو، تِئان رَکُ، سَتارَ!

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

ڪُلُّ نَفِسِ ذَائِقَةُ المَوتِ، پَڙهو اِيءَ پَچارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

شِڪارُ تون شَهبازَ جو، تون تان مَنجههِ شِڪارَ!

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

يَومَ يَفِرُّ المَرَءُ مِن اَخِيہِ، جِت ڀَڄَندا ڀارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

تُرَهو ڇِنو تارِ ۾، اَچجِ تُون، اوسارَ.

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

لَکَ مِڙيئي لُٽيا، هُنهِين ويا هَزارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

ڏِنَئِي جي اَللهَ کي، هُوندَ ٿيين پَرِيين پارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

جوٽَنِ مَٿان جُٽِڪي، دُنِي تُنهنجي دارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

جِيئو آهِ حَديثَ ۾، اَنڌي اِي آچار،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

وَٽيئِي ڪِينُ وِلِهَنِ سين، ڪَنبِي ڀَرِ قَهارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

سا ڪِئن هَلي توسين، جا ڀَڳِي کان ڀَتار؟

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

جِئن جالُ نَه نِبَهي، سُڻجِ، اِي سَنڀارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

جِمَ وِسارِيين ويسَرا، ڀِتِنِ جِي ڀُلِڪارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.





داستان چوٿون



(1)

مُون ٿي چَيَئِي ڪانڌَ، ڀُتِي ڀاڙِ مَ مَڪُڙي،

سِڙه پُراڻا پاندَ، لَهِريُون سَهِي لَڳَندِيُون.



(2)

اَڳَهِين اُتومانءِ، ته مَک پَنهنجِي مَڪُڙي،

ڀورا شَڪُ مَ ڀانءِ، لَهِريون سَهِي لَڳَنديون.



(3)

اَچِي سو ڏِٺوءِ، جو ڪَپَرَ سوءِ ڪَنَنِ سين،

سُتي لوڪ، لَطِيفُ چَئي، يادِ نَه ذرو ڪِئوءِ،

غافِلُ ٿِي غُرابَ کي، اوڙاهه تي آندوءِ،

سو ڇِتَرُ ڇُوهي کان رَکين، جو پِيو پُراڻُون پوءِ،

جَهازُ ضَعِيفَنِ جو، پاڻِي ۾ پَرِتوءِ،

سَيّدَ! ساٿُ سَندوءِ، پُرِ بَندَرَ پَهُچائِيين.



(4)

پاڻَ پَرائو چاڙِهيو؛ وَکَرُ وَڻِجارا،

اَچِي لَهِريُون لَڳِيُون، ٻيڙي ٻِپارا،

جاڳو جي يارا، تَه تَڙِ تَوائي نه ٿِئي.



(5)

لَهرِيَنِ لِيکو ناههِ ڪو، جِتِ ڪَپَرَ ڪُنَ ڪارا،

اَڇارا عَمِيقَ جا، اَچَنِ اوڀارا،

اُٿي اَسارا، وِيرِ وِيڙهَنديئي ويسَرا.



(6)

وِيرِ وِڙهندِيئِي ويسَرا، اُٿِي توههُ طلَبَ،

سائِرَ ڪنهن سَبَبِ، ڪالَهه نَه وِڌئِي ڪُنَ ۾.



(7)

ڪالَهه وِڌائِين ڪُنَ ۾، جاڏا جُنگَ جَهازَ،

تُنهِنجِي اَڄُ تَرازَ، آهي آرَ اَکِيَنِ ۾.



(8)

آهي آرَ اَکِينِ ۾، ناکُئا ڪِج نِگاههَ،

وڏا ٻيڙا ٻوڙِيا، سائِرَ ڏيئي ساههَ،

مُلاحِظو ملاحَ، ڪِجِ ڪو اِنهَي ڪُنَ جو.



(9)

دَنگِي وِچِ دَرِياههَ، ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپڙي،

هو جي واڍي واڻِيا، سي سُونهَنَ سَڀِ سَڙِيا،

مُعلَمِ ماڳ نَه اَڳِيين، ڦلِنگِي مَنجهِه ڦِرِيا،

مَلاحَ، تُنهِنجِي مَڪُڙي، اَچِي چورَ چَڙهِيا،

جِتي ڍِينگَ ڍَرِيا، تِتي تاري تُنهِنجِي.



(10)

ٻيڙياتا ٻيئِي، تو نَه ڦَٻَندِيُون ڳالَهڙِيُون،

سَڄِيُون راتِيُون سُمهين، ڀَرُ سُکاڻَ ڏيئِي،

صُباحَ سَڀيئي، پارِ پُڇَنَدَءِ خَبَروُن.



(11)

بَندَرِ جان ڀَئِي، تَه سُکاڻِيا، مَ سُمَهو،

ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪري، جِئن ماٽي مَنجههِ مَهي،

ايڏو سُورُ سَهِي، نِنڊَ نه ڪِجي، ناکُئا.



(12)

سَندي مُعلَمِ آسري، سُتا سَڀِ پَئي،

اَئِين پُڻِ سُمهو ناکُئا، بَندَرِ ناههِ ڀَئِي،

جَنِ جي لائِقَ لَڄَ رَکِي، سي سَڀِ لَنگهِيندا لَڪِيُون.



(13)

اوريائِين آڻِينِ، ميڙيو مُعلمَ خَبَرون،

سا تان سُڌِ نه ڏِين، جِتي وَهُ ويڌَ ڪَري.



(14)

ناکُئو نِگَهبَانُ، مُعلِمَ مُنجي خَبَروُن،

جَنِ ساري کَنيو سَمُونڊَ تي، سَفَرَ جو سامانُ،

لُطفَ ساڻ لَطِيفُ چَئي، تَنِ لَنگِهيو طُوفانُ،

سَنڀاري سُبحانُ، وڃِي عادَنئُون اُکَتا.



(15)

مُلاحِظو مِهراڻَ جو، مُور مَ لاههِ مَناءُ،

سامُونڊي سَنڀال ڪِي، سُمهَڻَ آيئِي ساءُ،

جاڳِي جَرَ مَٿاءُ، تاري وانءُ تَرازَ کي.



(16)

تاري وانءَ ترازَ کي مَنجهان موجَ ملاحَ،

داهُون ڪَنِ دَرِيَاهه جِيُون، اُونهي جا آگاههَ،

سُونهَنِ جي صَلاح، وَٺُ تَه وِيرِ لَنگهي وڃَين.



(17)

سُونهان سُڌِيُون ڏِينِ، هِنَ ديواني دَرِياهَ جِيُون،

ڪُوڙَ اوڏائِي ڪِينَ ڪِي، رُڳو سَچُ سودِينِ،

عِجِزَ جو اَڌ راتِ کي، وَکَرُ وِهائِين،

ساٿُ نِباهِيو نِينِ، ثابِتُ اِنَهِين سِيرَ مان.



(18)

تُون ويسَرو وِيرَ، ساٿِينِ سَنڀَتِ پَنڌَ جي،

جوڙي جُنگَ جهازَ کي، ڪوڏِ هَڻائجِ ڪِيرَ،

وِهي وَڻجارَنِ جِي، بَندَرَ ڏانهنَ بَهيرَ،

گهَرِ تَنِين جي کِيرَ، جَني لاڳيدارَ لَنگهائِيا.



(19)

قَرڦُلَ، ڦوٽا، پارِچا، پاڻِيٺَ پاتائُون،

ڪوٺِيُون قِيمَتَ سَندِيُون، تَرَ ۾ تاڪِيائُن،

لاڄُنِ مَنجههِ، لَطِيفُ چَئي، ٻيڙا ٻَڌائون،

نَذَر نَبِي ڄامَ جو، چَڙهندي چَيائون،

جي ڇُهي ڇوڙِيائُون، سي ٻيڙِيُون رَکين ٻاجههَ سين.



(20)

وِچِين جان ويهي، جَرِ پَلَئو پائِيان،

”تَڙِ ٻيڙا، گهُر سُپِرينِ“، اوسَہِ اِي پيئِي،

جِئنَ وَڻجارو سين وَکرين، سَرَها سَڀِيئِي،

حرمَتَ ساڻُ حَبِيبَ جِي، سُونگِئا نه سيئي،

پاڻهي اُوءِ پيهِي، کَنڊَ کيڙائو آئيا.



وائي

عُمرِ سَڀِ عَبَثُ، ويلَ وِڃايم، وقت وڃايَم پانهِنجا.

ويٺي لِکِيو لوڙِيان، جيڪين ڪِئڙو مَسُ،

ويلَ وِڃايَمِ پانهِنجا.

اَچِي اَڀاڳِيَني کي رَسِجِ، اَچِي رَسُ،

ويلَ وِڃايَمِ پانهِنجا.

حالُ مُنهِنجو هِهَڙو جِهَڙو، تان تُون پِرِيمَ پَسُ،

ويلَ وِڃايَمِ پانهِنجا.

قَلبُ جو ڪارو ٿيو، ڪاتِبَ لاهيين ڪَسُ،

ويلَ وِڃايَمِ پانهِنجا.





داستان پنجون



(1)

سَڀيئِي سَئِينءَ ڪَريِن، ڪو مَ مُنجهايين واٽ،

سَهکِي ڪِجِ سَچا ڌَڻِي، سُڄي جا صِراط،

سُپيرِيان جي ساٿ، لائو لَڱو ميڙِيين.



(2)

سَڀيئِي سُبحانَ جي، ڪَرِ حَوالِي ڪَمَ،

ٿِيءُ تحقيقُ تَسلِيمَ ۾، لاهي غَمَ وَهَمَ،

قادِرُ ساڻُ ڪَرَمَ، حاصُلُ ڪَري حاجَ تو.



(3)

چَڱَنِ ساڻُ چَڱائِيُون، اِينءَ سَڀُڪو هوءِ،

تو جِئن ڪَري نَه ڪوءِ، بُڇَنِ ساڻُ ڀَلائِيُون.



(4)

چَڱا ڪَنِ چَڱائِيُون، مَٺائِيُون مَٺَنِ،

جو وَڙ جُڙي جَنِ سين، سو وَڙُ سيئي ڪَنِ.



(5)

مَيَنِ مَٿي سَمَرا، کُهِيَنِ سَڏَ ڪَرِينِ،

ساٿُ نِباهِيو نِينِ، اِيءَ پَرِ سَندي سَڄَڻين.



(6)

وِتُ وِيمي جو جي لَهين، ته ٻي ڪارِ نه ڪَرِيين ڪا،

سا پَرُوڙِج ڳالهَڙي، وَڻِجارَنِ وَٽا،

موتِي جَنِ هَٿا، آندَئِي گهَڻي اَدَبَ سين.



(7)

اَمُلههَ آڇ مَ اُنِ کي، جي نه پَرُوڙِنِ مَٺِ،

جِتي گَڏِ جِيئي جوهَري، ماڻِڪُ تتِّهِين مَٽِ،

جَنِين سونَ سين سَٽِ، تَنِ هَڻي ري رَدِ ڪِيو.



(8)

سونا! وانءُ صَرافَ سِينءَ، لَڏو لاههِ مَ لَڏِ،

سودو سوئِي ڇَڏِ، جِنهن ۾ جَواهِرُ ناههِ ڪو.



(9)

سونا! وانءُ صَرافُ سِينءَ، لَڏو هَڏِ مَ لاههِ،

آهي تَنِ اُونداههِ، جَنِ جَواهِرَ ضايَع ڪِيا.



(10)

جو صَرافَنِ لَڏِيو، ته تُون پُڻِ لَڏِجِ، سونَ!

قَدُرُ لَهَندُءِ ڪونَ، نيِئي گَڏِيندَئِي گَڏوءِ سين.



(11)

وَڃَنِ مَ وِينجهارَ! پاڻِيَٺَ جي پَرَکَڻا،

ڪَنيرُ پايو اَکِيين، لَهَنِ سَڀَڪِنهن سارَ،

موتِيءَ جي مزاجَ جو، قَدرُ مَنجههِ ڪِنارَ،

صَرافِنَئوُن ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي!



(12)

جي نه سُڃاڻَنِ سَچَ کي، وِههُ مَ تَنِين وَٽِ،

اَمُلهَه کي اَڌُ ڪَري، پاڻا هَڻَندا پَٽِ،

وَڃِي مُهرَ تَنِين وَٽِ مَٽِ، جي پارَکُو پارِسَ جا.



(13)

قَدَرَ وارا ڪَم ٿِيا، کُٽا خَرِيدارَ،

پاڻِيَٺ جي پَرَکڻا، وِيا سي وِينجهارَ،

عَينَڪَ پائي اَکيين، لَهَنِ سَڀَ ڪَنهن سارَ،

صَرافَنِئُون ڌار، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي!



(14)

اَگهيو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿِي!

پَلَؤ پايو سَچُ، اَڇِيندي لَڄَ مَران!



(15)

ويا سي وِينجهارَ! هِيرو لَعلُ وِنڌينِ جي،

تَنِين سَندا پوئِيان، سِيهي لَهَنِ نَه سارَ،

ڪُٽِينِ ڪُٽِ لُهارَ، هاڻي اُنهِين ڀيڻِيين.



(16)

ٿا صَرافَ سُڄَنِ، پاڻُ ڪوٺائِنِ جوهري،

ماڻِڪُ ڪَري مُٺِ ۾، وانءُ وِٺي وَٽِ تَنِ،

سَندُسِ ئي سَيّدَ چَئي، ڪِهڙو قَدُرُ ڪَنِ،

پاڻِيٺ ئِي پَرکِنِ، ڪِ ڪَئنِچَلُ گُڏِن ڪَچَ سين؟



(17)

اَمُلُ، اَساري پَئِي، ڀوري! ڀَڳُئِي جِتِ،

ڪُہ نه رُنُئِي تِتِ، ٻَئِي اَڌَ هَٿِ ڪَري.



(18)

اَمُلُ، اَساري پَئِي، ڀوري! ڀَڳَئِي جِيئَن،

وانءُ صَرافَنِ سِيئن، ٻَئِي اَڌَ هَٿِ ڪَري.



(19)

اَمُلُ، اَساري پَئِي، ڀوري ڀَڳَئِي جان،

ٻَئِي اَڌَ هَٿَ ڪَري، سِري صَرافَن وانءُ،

ته سو تنهين تان، سَڄو ڪَرايين سيگهه ۾.


(20)

ماڻِڪُ، مُنڌَ هَٿان، پيتِيءَ ۾ پَرِزا ٿِيو!

سَڄو تان سَيّدَ چُئي، لَهي لَکُ سوا،

ڀَڳي پُڄاڻان، پَدَمانُ ئِي پَري ٿِيو!



(21)

جِتي ماڻِڪَ ماڳُ، تِتي چوران تَڪِيو،

سَنئُون تَنِ سَڀاڳُ، اَمُلُ جَنِ اوباهِيو.



(22)

چورُ اُڀو اِيئن چوءِ، ته آءٌ اُهوئِي آهِيان،

جي آسِي اَکِينِ هوءِ، ته لِڪي کي ڪونَه لَهي.



(23)

چوري پَهتُ ڳُجهه سين، پَڌَرِ ناههِ اَرَٿُ،

پوءِ لِڪائِج وَٿُ، پِهرِين لِڪائي پاڻَ کي.



(24)

جهَنگُ کامِي پَٽُ ٿِيو، لَٿِي چوران لِڪَ،

ويئِي وِجُودان نِڪري، جيڪا دَڙي دِڪَ،

هيڪُ سَڄَڻُ ٻِي سِڪَ، ٻَئِي پُهتا پاڻَ ۾.





وائي

جاڳو، يارا! جيڏِيُون! پاڻَ پَرنجي،

جاڳو جوشان، جيڏِيُون! پاڻَ پَرنجي.

هَلندي حَبيبَنِ ڏي، ويلو وِچَ نه ڪجي،

جاڳو جوشان، جيڏِيُون!

مَٿا اُهِس اُسِري، پَتنگَ جئن پَئجي،

جاڳو جوشان، جيڏِيُون!

عَرضُ اَحوالُ اُنِ کي، چَڱِيءَ ڀَتِ چَئجي،

جاڳو جوشان، جيڏِيُون!

ڪري نِيازُ نِڪَڻُون، واحِدَ ڏي وَرِجي،

جاڳو جوشان، جيڏِيُون!

آهي موتُ مِڙِنِ تي، گوڙِيُون ڪيِو گَجي،

جاڳو جوشان، جيڏِيُون!

اَجَلُ اِيندُءِ اوچتو، جو سَدا ٿو سُڄي،

جاڳو جوشان، جيڏِيُون!

اَڳيان اُونداهِيءَ جو، سَمَرُ ساڻُ ڪجي،

جاڳو جوشان، جيڏِيُون!

کَڻُ تون قُوتُ قَبَرَ جو، گَهڻو ٿو گهُرجي،

جاڳو جوشان، جيڏِيُون!

آگو عيبَ آنهجا، ڍَڪِيا ڳُجههَ ٻُجهي،

جاڳو جوشان، جيڏِيُون!

جيڪِي وَهي وُجُودَ ۾، صاحبُ سو سَمُجهي،

جاڳو جوشان، جيڏِيُون!

اَمُنُ آهي اُن کي، جو مَنجهِه اَللهَ اَجهي،

جاڳو جوشان، جيڏِيُون!





داستان ڇهون



(1)

تانگهي ۾ تاڻي، ٻَڌُ پَنهِنجو تُرَهو،

اونهي ۾ آڻي، ڪونَه ڏِيندُءِ ڪو ٻيو.



(2)

تارُو تَرِيو وَڃَنِ، نَنڍا وَڏا واهُڙ،

هَئي، ٻَرِ! اَتارُنِ، جِئن ڳَرا مَٿِنِ مولهيا.



(3)

ڏوري لُههُ ڏاتارُ، جِمَ وِهين ويسَرو،

هَڪِئو هوجِ هُشيارُ، کِوَڻِ کِوَندَئِي اوچِتِي.



(4)

سُتين ڪهڙيءَ سارَ، وِڄ کِوَندِيئِي ويسَرا،

تو جيڏا تو يارَ، لهَرِيَنِ لَهوارا ڪيا.



(5)

سُتين سَنجهيِئي، وِڄَ کِوَندِيَئِي ويسَرا،

وِير وَري ويئِي، اَسارَنِ تان اوچِتي.



(6)

کِوَڻِ کِوايو، آيَئِي نِنڊَ اَڀاڱَ جِي،

جَنِين نه ڀَئو ڀانيو، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.



(7)

سامُونڊي ٿو سَنبَهين، ساڄو جهَلِ سُکاڻ،

لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجهائي مهِراڻ،

جَنِين ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.



(8)

نُڪو سُکُ نَکَٽين، نَه ويساندِ نَئين،

جيڪا اَچئي سامُهِين، ڀايين سا سَئين،

مُوڙي ڪوههُ مَئين، جِئن سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين.



(9)

اَهکِي راههَ اَللهَ جِي، اَهُکِي، اَهُکِي ڀَتِ،

هوءِ جي ڏِهائِي ڏيههَ جا، تَنِ پُڻِ مُنجهي مَتِ،

آڇارانِ اُبَتِ، گِهِڙِجِ گهاٽي نِينهَن سين.



(10)

مَ ڪِين هيج، مَ هوجِ؛ تَرِسُ مَ، تاڻِ جَهازَ کي،

چَئو ڪَلِمُون مُحَمّدَ تي، تَه اَڳِيان اَچيئِي اوجَ،

سَهُکِيءَ ڀَتِ، سَٻوجُهه، تُنهِنجِي مَڪي ڍُڪي مَڪُڙي.



(11)

تَنَ ۾ تَراز توههَ جِي، گهَڻُون لَههُ گهوري،

اَدَب ۽ اِخلاصَ جا، سِڙههَ ٻَڌَجِ سوري،

وَکَرُ وينَتِينِ جو، تِنهنِ ۾ پاءِ توري،

تَه عادَنِئُون اوري، تُنهنجو تَوائِي نَه ٿِئي.



(12)

ثابت لنگهيا سِيرَ، لَهرِنِ لوڏِيا ڪِينَ ڪِي،

وِڃِي پهتا پارَ کي، نِرتُون مَنجهان نِيرَ،

ماءِ پهتا مِيرَ، ٻارِ لَنگهائُون ٻاجههَ سين.



(13)

ويههُ تُون وِساري، ڇَنڊا جي ڇُلَڻ جا،

جو لَکَ لَهِرِيُون ڏي، ڪَرِ ساڃاههِ تِنهن سَمُونڊَ جِي.



(14)

سَمُنڊ جي سيوِينِ، تَنِين ماڻِڪَ ميڙِيا،

ڇِلُرَ جي چوئِينِ، تَنِ سانگوٽا ۽ سُتِيون.



(15)

توڻي تَوائي، توءِ تُنهِنجو آسَروَ!

سَڄَڻَ ڳَرِ لائي، کِيروُن ڏِيندِيَسِ جيڏِين.



وائي

هي جي، هو جي لَڪَ، مُون مارِيندا لَڪَ،

مُون مارِيندا لَڪَ.

يا والِي، ڪيچُ نَه اوڏي ڇَڪَ،

مُون مارِيندا لَڪَ.

اَنتُ نَه ڏِجي عامّ کي، لوڪان ڪِجي لِڪَ،

مُون مارِيندا لَڪَ.

پاڻَ ۾ پارِيُون ڪري، نِينهَن وهائجي نِڪَ،

مُون مارِيندا لَڪَ.

سَهُکِيءَ ڀَتِ، سَٻوجُهه، تُنهِنجِي مَڪي ڍُڪي مَڪُڙي.

¯

سُر سامونڊي



داستان پهريون



(1)

پَڳَهَه پاسي گهارِ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي،

وِجهِي جِيءُ جَنجارِ، جِمَ وَڃَنِئِي اوهَري.



(2)

پَڳَهه پاسي پَچُ، آيل سامُونڊِيَنِ جي،

مَنَ ۾ ٻاري مَچُ، جِمَ وَڃِنَئِي اوهَري.



(3)

پَڳَهَه پاسي ويهُه، آيل سامُونڊِيَنِ جي،

تُون ويسَري وِکَ کڻين، هُو پُورِيندا پَرڏيهُه،

سَمُنڊُ جَنِ ساڙيهُه، ڪوهُ نَه وِيئن تَنِ سين.



(4)

جان ايندين تان آءُ، هَڻِي هَٿُ پَڳَهه ۾،

لَڳي واءُ سُواءُ، سِڙهُه سانباهِي نَه سَهِي.



(5)

نَنَگَر جان نَه کَڻَنِ، وانءُ وَهِلِي نِڪري،

مَڇُڻَ ڏيهه وَڃَنِ، ناڙِيُون پُوري ناکُئا.



(6)

نَنگَر ۽ ناڙِيُون، پَڳَههَ کَڻِي پَنڌِ ٿِيا،

بَندَرَ بازارِيُون، سُڃا سامُونڊِيَنِ ري.



(7)

نَنگَرئون نيڻين، مَنُ اولِيءَ نَه اوهَري،

سٻاجهين سيڻين، پائي ڳُڻُ ڳِهِيو هِينئُون.



(8)

سيئِي جوڀَنَ ڏيِنهن، جَڏِهن سَڄَڻَ سَفرَ هَلِيا،

روُئان رَهَنِ نَه سُپِرِين، آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن،

مُون کي چاڙهي چِيئَن، ويو وَڻِجارو اوهري.



(9)

نَه سي تَڙِ هوڙاڪَ، نَه وايُون وَڻِجارَنِ جُون،

سَرَتِيُون سامُونڊِيَنِ جا، اَڄُ پُڻِ چِڪِيَم چاڪَ،

مارِينهُون فِراقَ، پاڙيچِيون پِرين جا.



(10)

وِيا اوهَري اوءِ، مون کي ڇَڏي ماڳهين،

جُڳَنِ جا جُڳَ ٿيا، تِئان نه موٽِيو ڪوءِ،

گُوندَرَ مارِيندوءِ، ويچاري وِئَنِ جو.



(11)

اُونهي ۾ اوهَري، جَڏهنِ جي وِيا،

سانداري سَمُونڊَ جي، نِهوڙي نِيا،

وَڃي تِت پيا، جيتي نِهايَتَ ناهه ڪا.



(12)

اُونهي ۾ اوهَري، جَڏِهن وِيا جي،

موٽِي ماڳِ نه آئِيا، ماءِ سامُونڊي سي،

کارو تَنِين کي، جيڪُسِ وَهُ وري وِيو.



(13)

اوڙاهِه وِيا نه وَرِيا، آءٌ تِنهن ماري ويڻَ،

ڪَري سامُونڊي سيڻَ، جُسي جارُ پِرائِيو.



(14)

جي وِيَڙَمِ اَڄُ، سي ڪَڏِهن ايندا مان ڳَري،

پِريان جي هُنَ پارَ ڏي، وَڃِي دؤنڪِي ڌَڄُ،

سامُونڊِيَڪو ڏَجههُ، ماءِ مارِيندَمِ ڪَڏِهِين.



(15)

اوهَرِيا جِئائِين، ڍُڪَنِ تَنِ تَڙَنِ تي،

سامُونڊِيَنِ، سائِين! واءُ سَڻائو وارِيين.



(16)

سامُونڊي ساري، مَٿي تَڙُ گُذاريان،

مُون کي ٿِي ماري، اُنهين سَندي ڳالهڙي!



(17)

سامُونڊي ساري، ماءِ مُنهِنجو جِندَڙو،

بَندَرِ ويچاري، وَڃِي لايا ڏِينهَڙا.



(18)

سامُونڊِيَڪو سَنگَ، آهي گُوندَرَ گاڏُئون،

اَنگهن چاڙهي اَنگُ، وِيو وَڻجارو اوهَري.



(19)

وڃيئي وِسَري شال! جو تُون سودو سِکيو،

اڃا تائين ڪالههَ، موٽِيو سَفَرَ سَنبهَين.



(20)

ڳِرِيو جهَلِيو روءِ، مَٿي مُهري هَٿَڙا،

کوءِ! سودو سَندوءِ، جو تُون، ڍوليا سِکِيو.



(21)

اَلوڙَڻ نه ڏِئي، وَرَ وِڌائِين وَنجهَه کي،

رَههُ اَڄوڪِي راتَڙي، لالَنَ! مُون لائي،

وَڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سَفَر سُپرين.



(22)

مُون جهَلِيندي نه رَهِيا، جُڪُسُ نِٻَرُ نِينهُن سَندومِ،

قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ويجهي وَڻجارَن سين.



(23)

جَڪُس نِٻَرُ نِينهَن سَندومِ، جِئن مُون اُڀي، هَنِ ٿيلِيو،

سَعيو سامونڊِينَ سين، اَڳهين تان نه ڪِيومِ،

وِجهَڻُ مَنجهِه هُئومِ، پاڻُ وَراڪِي رَسِ سين.



(24)

ٻيڙيءَ جي ڀُڻن، نِينهُن نه ڪِجي اُنِ سين،

اُڀِيُون ڏَنڀَ ڏِسَنِ، جُهه سِڙَهه ڏيئي سِيرَ ٿِيا.



(25)

هِينئڙو ٻيڙيءَ جان، ڏَتَڙِ پئي ڏِينهن ٿِيا،

پُڇيو تان نَه پِريان، ڪَرَ لاهُو ٿِي ڪَڏِهِين.



(26)

تَن جَنِين جِي تانگَ، سي سَڄَڻَ سَفَرِ هَلِيا،

لَئِج لاتِ، لَطِيفُ چَئي، ڪَڏِهين اِيندَم ڪانگَ،

ڪِنهن سَٽاڻي سانگَ، پِرِين پَرڏيهِي ڪِيا.



(27)

تان ڪِين لَئِج ڪانگَ، ڪَڏِهن اِيندا مُون گهَرين،

سيڻَنِ ڪارَڻِ سانگَ، مُون تان گهَڻيئي ڪِيا.



(28)

سَرَ نِسَرِيا پاندَ، اُتَرَ لَڳا آءُ پِرين،

مون تو ڪارَڻِ ڪانڌُ، سَهسين سُکائون ڪيون.



(29)

سَرَ، لوهِيڙا ڳَڀِيا، ڪُسَرَ نِسريا،

تو ڪِئن وِسريا، ڍوليا! ڏِينهَن اَچَڻَ جا.



(30)

جيڪَرَ اَچي هاڻِ، ته ڪَرِيان روُحَ رُچَندِيون،

آيلِ ڍولِئي ساڻِ، هُوندَ ڳَرِ لَڳِي، ڳالهِيُون ڪَرِيان.



(31)

آيَلِ ڍولِئي ساڻُ، اَچي تهَ جهيڙِيان،

”لايَئِي ڏِينهن گهَڻان، مُون سين ڪيئِي ٿورڙا.“



(32)

ڍوليو وِئڙو ڏُورِ، تي ٿِي سِيءَ گُذاريان،

مادَرِ مُون مَ چورِ، نا تَه پَڌَرِ پُوندي پِرِينءَ ري.



(33)

لاهِيندا ئِي ڪَنِ، ڳالهِيُون هَلَڻَ سَندِيُون،

ڏِيندا مُون ڏُکنِ، وَههِ وِجهَندا جِندَڙو.



(34)

مُون کي جِياريو، پِرِيَنِ جِي ڳالههِ ڪَري،

ڊَٺو اَڄُ اَڏيو، هِينئڙو ڪوٽ بُرجَ جِئَن.



(35)

وانءُ وَڃِي وائُٺِ، هِينئڙا ماڳُ پِرِينَ جو،

چُميو، چُمُ چَائنٺِ، هُوءِ جا سَندي سَڄَڻين.



(36)

آئُون جَنِ آساري، مَٿي تَڙَ گُذارِيان،

مُون کي وِساري، شالَ مَ وَڃَنِ اوهَري.



(37)

آساري آهِيين، مَٿي تَڙَ گُذارِيين،

تون ڪِئن وِسارِيين، سنَگَت سامُونڊِينِ جي.



(38)

سَنهي لَڪِ، نَڪِ سَئين، ڪَجَلَ ڀِنَنِ نيڻَ،

سامُونڊي مُون سيڻَ، ڪِ تو ڪالههَ لَنگهائِيا؟



(39)

هي سَڄَڻَ سيئِي، جي مُون ڪوڏِ نِهارِيا،

اِيندم جان پيهِي، تَه سَڀِ لاهِيندَمِ ڏُکَڙا.



(40)

چَمَڪِيُون چوڌارَ، ڌَڄُون ڌاڙيچَنِ جِيُون،

ماءِ سامُونڊي آئِيا، سَهسين ڪَري سِنگارَ،

اُنهِين جِي پَچَار، ڪالوهونڪَرَ ڪانگُ ڪَري.





وائي

ڪَرَهَل پائي لَڄُ، ڪُہُ نَه وِيئينءَ اُنِ سين؟

اُجارِيائُون اولِيُون، ڌُئارِيائُون ڌَڄُ،

ڪُہُ نَه وِيئين اُن سين؟

مَتان وِهين ويسَري، اُٿِي ڀُورُلَ ڀَڄُ،

ڪُہُ نَه وِيئين اُن سين؟

سيڻَنِ ساجُهر لَڏِيو، تُون آئي نِهارِين اَڄُ،

ڪُہُ نَه وِيئين اُن سين؟

ڪالَهه سِبايُئِي ڪَنجِرو، آنگُون پاتِيُئِي اَڄُ،

ڪُہُ نَه وِيئين اُن سين؟

ڪيرُ سُڻَندو تُنهِنجِيُون، اَدورائُون اَڄُ،

ڪُہُ نَه وِيئين اُن سين؟



وائي



(2)

وِيندي آئُون هوتَنِ وَٽِ، مُون وَههُ وَڻِجارَنِ سين.

پَڳَههُ کَڻُ مَ، پاتَڻِي، جانِي مُون لَئي جَٽِ،

مُون وَههُ وَڻِجارَنِ سين.

وايُون وَڻِجارَنِ جِيُون، اَدِيُون اَڄُ نَه هَٽِ،

مُون وَههُ وَڻِجارَنِ سين.

ڳَرَهيان سُورُ سَفَرَ جو، هَلِي پَنهِنجي اَرَٽِ،

مُون وَههُ وَڻِجارَنِ سين.

پورِينديَسِ پِرِينَ ڏي، ڪانَه ڪَرِيندِيسِ گهَٽِ،

مُون وَههُ وَڻِجارَنِ سين.

ڏيئي سِڙههَ سِيرَ ٿِيا، پيرُ نَه لايَئُون پَٽِ،

مُون وَههُ وَڻِجارَنِ سين.





داستان ٻيو



(1)

پُران، مانَ پُڄان؛ بَندَرَ مُون ڏوُر ٿِيا،

نَه مُون هَڙِ نَه هَنجِ ڪِين، جو آئُون چَئِي چَڙهان،

اِيهين ڪِجِ پاتِڻي، جِنهن پَرِ پِرِينَ مِڙان،

ڪاروُن ٿِي ڪَرِيان، تو دَرِ اُڀِي، ناکُئا.



(2)

هَڙَ ۾ ڪِينَ هُيون، هونهَئين هُنِ نَه چاڙِهيا،

سارو ڏِينهُن سَمُونڊَ تي، لَهِي سِجُ ويونِ،

جَڏِه سائِين سَبَبُ ڪِيونِ، تَڏهِ سُتَڙِ ٿِيا، سَيَدُ چَئي.



(3)

اَسان اُڌارا، آڻي آونَگَ چاڙهِيا،

مُنهن ڏيئي مُون آئِيا، سَمُهان سِيارا،

اُڀرَنِ سِيڪارا، پَسِيو وَرَ ٻِيَنِ جا.



(4)

مُون اُڀي تَڙَ وَٽِ، پِريَنِ پَڳَهه ڇوڙِيا،

ڪا مُنهِين ۾ گهَٽِ، ناتَ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻُون.



(5)

مُون اُڀي تَڙ هيٺ، پِرِينَ پَڳَهه ڇوڙِيا،

ڪا مُنهِين ۾ ڏيٺِ، ناتَ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻون.



(6)

مُون اُڀي تَڙَ جهَلَ، پِريَنِ پَڳَههَ ڇوڙِيا،

ڪا مُنِهين ۾ آلَ، ناتَ سَڄَڻَ سَٻاجها گھَڻون.



(7)

مُون اُڀي تَڙَ پاسِ، پِرِيَنِ پَڳَههِ ڇوڙِيا،

هو اَللهَ هارا اُهَرِيا، آءٌ دَمِدَمِ دُعا ڪَندِياسِ،

آهَ نَه لاهِيندِياسِ، موٽِي اِيندا مُون گهَرين.



(8)

کِيڙائُن کارو، سَنجهيئي سارِيو،

آيَلِ اُمارو، آهِنِ پِريين پارَ جو.



(9)

کاري کيڙائُو، مَٿي مِٺي موٽِيا،

سودو ڪَنِ نه سونَ جو، وَڏا وِهائو،

موتي جي مِهراڻ جا، تَنِ جا طاماعَو،

سامُونڊي سائُو، لَنڪا لوپي آئِيا.



(10)

لَنڪا لَنڪا ڪَنِ، لَئي لَنڪا جي اوهَرِيا،

سُڻِي سونُ لَنڪا جو، سُکُ نه سامُونڊِينَ،

پِرِهَ پَڳَہَ ڇوڙِيا، کاري کيڙائُنِ،

وَي ڀاڳِ ڀِڙَن، جي ڪَهيا ڪارونڀارَ ڏي.



(11)

وَڻِجارَنِ وَري، پِرِهُ پَڳَہَ ڇوڙِيا،

اولِيُون پَسِي اُنِ جِيُون، پِئَڙَمِ ڳَچَ ڳَري،

وِيندَيسِ ماءِ مَري، ساري سامُونڊِينِ کي.



(12)

وِڻِجارَنِ واري، پِرِهَ پَڳَہَ ڇوڙِيا،

کيڙائوُ کاري، سَنڀُوڙا، سَيّدُ چَئِي.



(13)

وَڻِجاري وائِي، سَدا آهِ سَفَرَ جِي،

آيَلِ اِيهائِي، مُون مارِيندي ڳالَهڙي.



(14)

وَڻِجارَي جِي ماءِ، وَڻِجارو نه پَلِيين،

آيو ٻارهين ماهِ، پُڻِ سَفَرِ سَنَبهي.



(15)

وِڻِجاري ڪانڌاءُ، مُون وَرُ ويٺي گهارِيو،

لَڳي اُتَرَ واءُ، ڍولِيو هَلَڻَ جِيون ڪَري.



(16)

جي تُون وِڻِجارو ڪانڌُ، ته مُون هَڏِ مَ لائُون لِڌِيُون!

پَرَڏيہَ مٿي سانگُ، اَٺَئِي پَهَرَ جِنهن ڪِيو.



(17)

پَرَڏِيهِه پُورِيائُون، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباهِيا،

مان تَنُ مارِيائُون، پاڻان وِجهِي گُوندَرِين.



(18)

ٿِيا ڏياريءَ ڏِينهُن، سامُونڊِيَنِ سَفَرَ جِي ڪَئِي،

مُون سر وٺا جيڏيُون، ڏُکَنِ سَندا مِينهَن،

ڪَيَسِ نِماڻي نِينهنَ، کاري کيڙائُنِ جي.



(19)

کارو جي کيڙِين، سيئِي منهنجا سُپِرين،

رُوئان رَهَنِ نَه لِکَ سِينءَ، جهَلِيان جهَلَ نَه ڏِينِ،

وِرهَ ويڌ ڪَرينِ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جا.


(20)

ڏِٺي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سنباهِيا،

وِجهِيو وَرُ وَنجههَ کي، روئِي وَڻِجاري،

مارِيندَءِ ماري! پِرَهَ سُورَ پِرِينِ جا.



(21)

ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباهِيا،

اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جِي، اوچِتِي آئِي،

وَڻِجارَنِ وائِي، آهي پَرِيين پارَ جي.



(22)

ٿِي ڏِياري ڏيٺِ، ڍولِيو هَلَڻَ جِي ڪري،

مَکِيو پَنهنجي مَڪُڙي، چيٺي چَڱِيءَ چيٺِ،

رُوئان رَهَنِ نَه سُپِرِين، جانڪِين جهَلِيان بيٺِ،

مُون سِين ڪَري ميٺِ، سَڄَڻَ سَفَرِ هَلِيا.



وائي



(1)

آئين اچِي پَسو، جيڏيُون! ووءِ! هِي جو وَهُ مُنهنجي جِنَدَڙي.

پائي وِئَڙا پيرَ ۾، منجهان کَرِسَ کَسو،

ووءِ! هِي جو وَهُ منهنجي جِنَدَڙي.

ڏيئي وِئَڙا ڏاهِ کي، سُورَنِ جو سَرَسو،

ووءِ! هِي جو وَهُ منهنجي جِندَڙي.

آءٌ ڏورِيندي اُنِ کي، ڏيئي تَنَ تَسو،

ووءِ! هِي جو وَهُ منهنجي جِنَدَڙي.

ساءُ نه آيان سُورَ جو، هاڻي ٿِيون هَسو،

ووءِ! هِي جو وَهُ منهنجي جِندَڙي.

مَتان وِهو، ويسَرِيُون! رِڙهو تي رَسو،

ووءِ! هِي جو وَهُ منهنجي جِندَڙي.

مُندائتي مِينهَن جِئن، ويروتارِ وَسو،

ووءِ! هِي جو وَهُ منهنجي جِندَڙي.





وائي



(2)

آئين مُون کي، زورِ مَ جهَلِيو، جيڏيُون،

ووءِ! آئُون هَلندي هوتَ ڏي.

اُونهي وِئَڙا اُوهَري، تَرازُون تاري،

ووءِ! آئُون هَلندي هوتَ ڏي.

مَري رَهَنديَسِ ماڳِهِين، سامُونڊي ساري،

ووءِ! آئُون هَلندي هوتَ ڏي.

سُورُ تُنهِنجو سُپِرين، مُون مَعذُورِ کي ماري،

ووءِ! آئُون هَلندي هوتَ ڏي.

هاڻِ نَه جِيان جِيڏيُون، آئُون ڪُٺَيِسِ ڪوهِياري،

ووءِ! آئُون هَلندي هوتَ ڏي.



وائي



(3)

آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئن؟ مُنهِنجو نِينهُن اَپَلِيو نَه رَهي.

وِيو وَڻِجارو اوهَري، مُون کي چاڙهي چِيئَن،

مُنهِنجو نِنهُن اَپَلِيو نَه رَهي.

سامُونڊيَنِ جي سَڱَ کي، روُئان راتو ڏِينهنَ،

مُنهِنجو نِنهُن اَپَلِيو نَه رَهي.

اُڏوهِيءَ جِئن ڏُکڙا، چَڙهِيا چوٽِيءَ سِيئن،

مُنهِنجو نِنهُن اَپَلِيو نَه رَهي.

گُوندَرَ مَٿاءِ ڄِندَڙي، وَرِيا وَلِنِ جِيئن،

مُنهِنجو نِنهُن اَپَلِيو نَه رَهي.

مادَرِ پائي مَنڊِيُون، وَڃان هاديءَ سِيئن،

مُنهِنجو نِنهُن اَپَلِيو نَه رَهي.





داستان ٽيون



(1)

جي وِيا پِهرِئين پُور، آهِيان گهوري اُنِ جِي،

سامُونڊيڪو سُورُ، ماءِ مارِيندَمِ ڪَڏِهِين.



(2)

سامُونڊِيَنِ سَعيو، سَدائِين سَفَرَ جو،

ڪو ڏيههُ چِتايو، اونهي وَڃَنِ اوهرِيا.



(3)

اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جِيُون،

اَٺِئي پَهَرَ اَٿَنِ، سَعيو ڪنهن سَفَرَ جو.



(4)

اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جِيُون،

مُون اُڀيئِي هَليا، بَندرَ جَنِ تَڙَن،

سرِتيُون سُورُ سَندُنِ، مُون مارِيندو جِندَڙي.



(5)

اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻجارا وَڃَڻَ جِيُون،

هَلَڻَ هارا سُپِرِين، روُئان تان نَه رَهَنِ،

آءٌ جهَلِيندي ڪيتَرو، آيَلِ سامُونڊِيَنِ،

پَڳَههَ ڇوڙي جَنِ، وِڌا ٻيڙا ٻارِ ۾.



(6)

لاهِيان جي نه چِتان، اَلا! اُنِ مَ وِسَران،

مَڙِهيو مَنجهاران، جِيءُ مُنهنجو جَنِ سين.



(7)

چِتان جي نه چُرَنِ، اَلا! اُنِ مَ وِسَران،

مُون مَنُ آهي تَنِ، مَڙِهيو منجهارا هِينئين.


(8)

تَڙين تَنوارِين، ماءِ سامونڊي آئِيا،

مُون کي جِيارين، وايُون وَڻِجارَنِ جيون.



(9)

اولا کَڻِي اُوءِ، پَڳَههَ ڇوڙي پَنڌِ ٿِيا،

آيَلِ سامُونڊِيَنِ جِي، آهِ اَڙانگِي جُوءِ،

ڪَڏِهن ڏِسَندِيَسِ رُوءِ، وَري هِنِ اَکِين سين.



(10)

لَڳِي اُتَرَ هِيرَ، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباهِيا،

نَنگَرَ کَڻِي ناکُئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،

هينئڙي نِتُ اُڪِيرَ، کاري کيڙائَنَ جِي.



(11)

لڳي اُتَرَ اُهَرِيا، واهُوندَنِ وَرَنِ،

آءٌ گهَڻوئِي گهورِيان، سان سودو سامُونڊِنِ،

اَڱَڻِ جَنِ اَچَنِ، عِيدَ وَرَتي اُنِ کي.



(12)

اَڱَڻِ آيا جان، ته سَرَتِيوُن مون سُکَ ٿِيا،

اَمُل پِرِين مَٿان، ٻُرَڪِيو ٻِئَنِ ڏِيان.



(13)

آئِي اُتَرَ مُندَ، هينئين اُڊڪو نَه لَهي،

وَٽِين لاڄُوبَندَ، ٻِهَرَ مَکِنِ ٻيڙِيُون.



(14)

لاڄُو ٿا لَوَنِ، اَچَنِ سِڙه اُپَٽِيا،

ڪارَن تَنِ پِرِينَ، ويٺِي واٽَ نِهارِيان.



(15)

سِڙه سُڃاڻِيو چوءِ، ”ماءِ، سامُونڊي آئِيا،

مانَ منهنجو هوءِ، جاتِي هِنَ جَهازَ ۾.“



(16)

سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرجَنَ تَڙَنِ تي،

سِڙَه سِبِي ساڄا ڪَري، کُوها کَنيائُون،

بَيرَقُون بَحَرن ۾، ڇوڙي ڇَڏيائُون،

لَهَرِيُون لِنگهِيائُون، لُطفَ ساڻُ لَطِيفُ چَئي.



(17)

سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَجَنِ تَڙَنِ تي،

مُلا مُعلم خَبَروُن، پُڇِي پُورِيائُون،

سُتَڙ سوٺِيائُون، اوَتَڙَ ڪِنهن نه اولِيا.


(18)

بَندَرَ ديسان ديس، مُلُ نه مِلي واريين،

فَقِيراڻي ويس، اَمُلَ ڏِينِ اَتورِئا.


(19)

پَتَڻِ پوءِ پَچارَ، اُن ڪي سِڙَه وِيندا گَڏِيا؟

اُڪَنڍَ مُون اَپارَ، شالَ منهنجا موٽِيا.



(20)

اُڀِيُون تَڙَ پُوڄِين، وَهُون وِڻِجارَنِ جِيُون،

آڻِيو آکا ڏِينِ، کَٿوري سَمُونڊَ کي.


(21)

جَنِين ڪارَڻِ مُون، ٿي تَڙَ پُوڄارا پُوڄِيا،

پُنِيَمِ اُميدُون، سيئي سَڄَڻَ آئِيا.



(22)

وائُنٽِيُون ٿِيُون وَرَڪَنِ، اَڃا سِڙَه نه پَڌرا،

سيئي ٿِيُون مَرڪَنِ، جُنِين سَندا آئِيا.


(23)

کُوهَنِ سِرِ وانئٽِيُون، وائُنٽِينِ سِرِ ڳَنڍَ،

کيڙي کيڙي کَنڊ، ماءِ سامُونڊي آئِيا.



(24)

جَرِ ٿَرِ ڏِيا ڏي، وَڻِ ٽِڻِ ٻَڌي وائُنٽِيون،

”اَلا! ڪانڌُ اَچي، آسائِتِي آهِيان.“



(25)

جا جَرِ جاٽُون نَه ڏِئي، ڏِيا نَه موهي،

سَڌُون ڪوهُ ڪَري، سا پَنهِنجي ڪانڌَ جِيُون.



وائي



(1)

پِرِيَنِ جي پَنڌان، مُون کي جي جهَلِينديُون،

سي نَه پُڄَندِيُون.

ڀَلِي ڪَري آئِيو، ٺاٺارو ڏيهان،

سي نَه پُڄَندِيُون.

ڀَڳي ڪُٽِ سَڄي ٿِي، لَٿي جاڪِ ڳَران،

سي نَه پُڄَندِيُون.

سَرَتِيَنِ سُور پِرائيا، هاڻي هِنَ هَنڌان،

سي نَه پُڄَندِيُون.

تان ڪِين واسُ وِهائِيو، ٻاروچي مُلان،

سي نَه پُڄَندِيُون.

تان ڪِين ڏونَگَرُ ڏورِيان، جان ڪُڙِه اَندرَ ساهُ،

سي نَه پُڄَندِيُون.

مَتِيُون موٽَڻَ سَندِيُون، تُون هَڏِ آڇ مَ ماءُ،

سي نَه پُڄَندِيُون.



وائي



(2)

تَڙَ نِهارِيان تي، مُنهنجا بَندَرِ وِئَڙا جي،

مان سِڙَه سُڃاڻان سَڄَڻين.

اُڀي اوسَہِ پائِيان، ڪارَڻِ وَڻِجاري،

مان سِڙَه سُڃاڻان سَڄَڻين.

گهَڻُون اُڪنڊي آهِيان، پِرِينءَ پَنهنجي کي،

مان سِڙَه سُڃاڻان سَڄَڻين.

آسائِتي آهِيان، اَلا! ڪانڌُ اَچي،

مان سِڙَه سُڃاڻان سَڄَڻين.



سَڌُون ڪوهُ ڪَري، سا پَنهِنجي ڪانڌَ جِيُون.

Æ

سُر ڪاموڏ



داستان پهريون



(1)

تُون سَمُون، آئُون گَندري، مُون ۾ عَيبَنِ جُوءِ،

پَسِي راڻِينَ رُوءِ، ماڱَر مَٽِيين.



(2)

تُون سَمون، آئُون گَندري، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ،

پَسِي لِيَ لَغارَ، مَتان ماڱَر مَٽيين.


(3)

تُون سَمُون، آئُون گندري، مُون ۾ عَيبَنِ ڪوڙِ،

پَسِي کِکي کوڙِ، مَتان ماڱَر مَٽِيين.



(4)

تُون سَمُون، آئُون گَندري، عَيبَ مُون ۾ وِيههَ،

پَسي مِئڪِي ڌي، مَتان ماڱَر مَٽِيين.



(5)

تُون سَمُون، آئون گَندري، مُون ۾ عَيبَنِ لکُ،

هِنَ مُنهنجي حالَ جِي، توکي سَڀَ پَرکَ،

ڪارَڻِ رَبَّ اَلَکَ، مَتان ماڱَر مَٽِيين.



(6)

تُو تَماچِي، تَڙَ ڌَڻِي، آئُون مُهاڻِي مي،

مُون ڏُهاڳُ مَ ڏي، آئُون جا نالي سُيَسِ تُنهِنجي.


(7)

تُون تَماچِي، تَڙ ڌَڻِي، آئُون گَندري غَرِيب،

توسين ڄامَ قَرِيب، ڪِي ڏَن ڇَڏائي ڏيج مُون.



(8)

کاڄُ جَنين جو کِکِيون، مالَ جَنِين جا مَڏَ،

سَمي سيئي سيڻَ ڪِيا، هِيڻا جَني جا هَڏَ،

ڄامَ پَرِتِئي لَڏَ، سانِگين جي سَيّدُ چَئي.



(9)

ڄارا ۽ کارا، مالُ جَنِين جو مَڪڙيُون،

تَماچِي جي تَڪِيي، اَچَنِ سوارا،

جي ميءَ مَڇِيءَ مارا، سَمي سي سيڻَ ڪيا.



(10)

کِکِي هاڻِيُون کارِيُون، ڇِڇيءَ هاڻا ڇَڄَ،

پاند جَنِين جي پاندَ سين، لَڳو ٿِئي لَڄَ،

سَمُون ڄامُ سُهَڄَس، اُڀو ڪَري اُن سين.



(11)

ڪارِيُون، ڪوجهِيُون، ڪوُڙِيُون، مُورِ نه موچارِيُون،

وَٺِي ويٺِيُون واٽُ تي، کِکيءَ جِيُون کارِيُون،

اُنهين جِيُون آريُون، سَمي ريءَ ڪيرَ سَهي.



(12)

ڄارِيُون، کارِيُون، ڇَڄَ، ڇِپِريُون؛ جَنِ جي مَحَبَتَ مَڇِيءَ ساڻُ،

رَهَنِ، وِهَنِ سِرِ ٻانڌِيين، سَڀِيئي بَدِبُو هاڻُ،

نِڌِڙَنِ جِئن لطيفُ چئي، پاڻِيءَ وِجهَن پاڻَ،

تَنِ مَلاحَنِ جو ماڻُ، سَمي سِرِ ڪِيو پانهِنجي.



(13)

گَندَ جَنِ جِيءَ گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪَ،

اُنهِين جي اوطاق، راجا رِيجهي آئِيو.



(14)

گَند جَنِ جِي گوڏِ ۾، پاٻوڙا پينام،

اُنهِين کي اِنعام، مَڃر مِڙوئِي ٿِيو.



(15)

گَند جَنِ جِيءَ گوڏِ ۾، مَٿَنِ تي مُوڙيُون،

اَچَنِ سَنڀُوڙِيُون، سَمي جي سَلام تي.



(16)

ٿِيا تَماچيءَ ڄامَ سين، مُهاڻا مَحروُمَ،

نَنڍيءَ وڏيءَ گَندرِيءَ، مَٿي ماڙيءَ ڌُومَ،

جي ڪِينجُهر جي رُومَ، ته سَڀِ اِنعامِي ٿِيا.



(17)

نَه وَڍي، نَه وِڪَڻي؛ نَه ماري، نَه ڌاري؛

کارو وِڌائِينِ کُوهَ ۾، نِرتون نِهاري،

سائِي پَرِ پاري، جا گهَرِ سَمي جي سَپڄي.



(18)

نَه وَڍي، نَه وِڪَڻِي؛ نَه کَڻي ۾ کاري؛

اُهِجَ سُهِجَ، ساهِمِيُون، ڌُرِيان نَه ڌاري،

سائِي پَرِ پاري، جا گهَرِ سَمي جي سپڄي.



(19)

پاٻوڙو پيش ڪِيو، نُوريءَ نَئُون نيئِي،

حاضُرُ هُيُون هَڪِيُون، سَمِيُون سَڀيئِي،

نَوازي نيئِي، گاڏِيءَ چاڙهِي گَندري.



(20)

مُهاڻِيءَ جي مَنَ ۾، نَه گِيرَبُ، نَه گاءُ،

نِيڻَنِ سين ناز ڪَري، ريجهايائينِ راء،

سَمُون سَڀَنِ مُلاء، هيريائِين حِرفَتَ سِين.



(21)

نُوريءَ جي نِيازَ جو، عَجَبُ اَجَهلُ هوءِ،

سَمون سِرُ سَڀَن ۾، ميءَ مُورَڇِيو سوءِ،

اَچِيو اَڀِيَنِ پوءِ، حُجَتَ ڀَڳِي راڻِيين.



(22)

ميءَ مَڇِيءَ ۾ هَٿَڙا، ويٺِي ڪَري وَرَنَ،

راءِ اَڳهين رَکِيي، مُهاڻِي مَنجهِه مَن،

تَماچيءَ جي تَنَ، ڳالهِيُون چَيُسِ ڳُجهِيُون.



(23)

هٿين، پيرين، لکڻين، مُنهِن نَه مُهاڻِي،

جِئن سَڳو وِچِ سُرَندڙي، تِئن راڻين مَنجههِ راڻِي،

اَصل هُئِي اُن کي، اَهل ڄاماڻِي،

سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻَڌُسِ ٻانهَن ۾.



(24)

تِهَڙو ڪِينجُهرَ ۾، ڪِينَ ٻِيو، جهڙي سونهن سَندِياس،

مَڏُ، مِياڻيُون، مَڪُڙا، مِڙَئِي مَعافُ ٿِياس،

مُورڇَل مَٿاس، هَڻي ڄام هَٿن سين.



(25)

تَڙُ تَماچِيءَ ڄامَ جو، تَماچي تَڙَ راءُ،

تَماچِي جي تَڪئين، تُون تَماچي ڳاءِ،

تَه تُون تَماچِياءِ، تَماچِي تَڙ لَهين.



(26)

سَڀ سَمِيُون، سَڀِ سُومَرِيُون، سَڀنِي ڳِچِيءَ هَسَ،

پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، وَڏا ڪِيائُون وَسَ،

ڍول تَن جي گَس، هيٺايُون هَلَن جي.



(27)

کوءِ سَمِيُون، ٻَنِ سُومَرِيُون، جي ڄامَن جِيُون ڄايُون،

ڪَريو ويسَ وَڏاندرا، اَڱڻ ٿي آيُون،

گُوندَرَ گمايُون، جَهپي سَڀِ جهَڙَپَ سين.



(28)

کوءِ سَمِيُون، ٻَنِ سُومَرِيُون، جي اَچَنِ اُونچي ڳاٽ،

وَرُ سي ڪِينجُهر ڄائِيُون، جَنِ تَماچِي جِي تات،

راڻِين مُلا رات، ماڻِڪُ ميءَ پِرائِيو.



وائي

هِيري هَٿُ وِڌائِين، ويهِي ساٽين وِچَ ۾.

نَوازَشِ نُوريءَ جي، آهي تَماچِيءَ تائِين،

ويهِي ساٽِين وِچَ ۾.

گَندَگِيءَ گوشو ڪِيو، عَطر اوتِيائِين،

ويهِي ساٽِين وِچَ ۾.

اَنڌا مَنڊا آئيا، سَخا سَڏَ وِڌائِين،

ويهِي ساٽِين وِچَ ۾.

پَسو جُود جُوانَ جو، ڪو هَنڌُ ڪونَ مَٽِيائِين،

ويهِي ساٽِين وِچَ ۾.

قِيمَتَ ڪَمِيڻَنِ سِين، جهڙي وَٽ وَٽِيائِين،

ويهِي ساٽِين وِچَ ۾.

موتِي مَڇِيءَ هَٽَ تي، ڪوڏِنِ جِئن ڪَڍِيائِين،

ويهِي ساٽِين وِچَ ۾.

ماڻِڪَ مِياڻَينِ ۾، ڇِلُرَنِ جِئن ڇَٽِيائِين،

ويهِي ساٽِين وِچَ ۾.

ڏيئِي سونُ سُوالَ ۾، رُپي راندِ ڪِيائِين،

ويهِي ساٽِين وِچَ ۾.

پاڻِيَٺَ آڻي پاڻَ سين، لَعلُون سَڀِ لُٽِيائِين،

ويهِي ساٽِين وِچَ ۾.

فيروزا فَقِيرَنِ تان، گهوري سَڀِ گهوريائِين،

ويهِي ساٽِين وِچَ ۾.

اُتي عبدُاللّطيفُ چَئي، اُڇلي اَمُلَ ڏِنائِين،

ويهِي ساٽِين وِچَ ۾.





داستان ٻيو



(1)

سِر صَلابَتَ، سُپرين! مَرَڪَڻَ، تُون مَ مَريج،

آهيين ٺارُ اکين جو، وَٽان مُون مَ وَڃيج،

تَماچِي تَڳيج، ڪو ڏِينهُن ڪِينجهُرَ ڪَنڌين.



(2)

ڪو ڏينهن ڪِينجهُر ڪَنڌِيين، تُون تَماچِي تَڳُ،

اُونچو ٿِيومِ اَڳُ، مُون ڪَر مَلاحَن ۾.



(3)

هيٺِ جَرُ، مَٿِي مَڃَر، پاسي ۾ وَڻراء،

اَچي وَڃي وِچَ ۾، تَماچِي جي ساء،

لَڳي اُتَرَ واء، ڪِينجهُر هِندورو ٿئي.



(4)

هيٺ جَرُ، مٿي مَڃَر، ڪَنڌيءَ ڪَونرَ تَرَن،

وَرئي واهُوندَنَ، ڪِينجهُر کٿوري ٿِئي.



(5)

هيٺ جَرُ، مَٿي مَڃَر، پاسي پِرِين سَندامِ،

ڪوڙِيين ڪاجَ سِڌامِ، اَڻَ سِڌو ڪونَ رَهيو.



(6)

سَمِيُون ڪَري سِينگارُ، راءُ رِيجهائِڻَ آئِيُون،

ڄامَ هَٿَ ۾ ڄارُ، ڄُلي ڄٻيرين وِچَ ۾.



(7)

ميءَ هَٿَ ۾ مَڪُڙي، ڄامَ هَٿَ ۾ ڄارُ،

سَڄو ڏِينهُن شِڪارُ، ڪِينجهُر ۾ ڪالههَ هُيو.



(8)

جيلانهن نُوري نوازِيئِين، ٿِيو تَماچِي تي،

گاڏيءَ چاڙهي گَندري، ماڙهُو ڪِيو مي،

ڪِينجهُر چوندا ڪي، تَه سَچُ سَڀائِي ڳالهَڙي.



(9)

پَکَنِ پوءِ پَچارَ: ”اَڄُ تَماچِي آئِيو“،

مَرِڪَنِ مَلاحَنِ جا، مَٿي ٻانڌيءَ ٻارَ،

وَڏي ڄامَ ڄَمارَ، جِنهن مِياڻِيُون موکِيُون.



(10)

پَکا پَکارِيو، ڄامُ تَماچِي آئِيو،

گُوندَر لاهِيو، گَندريُون! آتَڻَ اُجارِيو،

ڪِينجُهر قَراريو، سَمي سامَ بَخشِئي.



(11)

ڪو جو ڪامَڻُ ميءَ، آهي اَکَڙِيَنِ ۾،

تَنُ تَماچِيءَ ڄام جو، ناڀُون پايو تي،

عِشقُ اِيئن ڪَري، جِئن ڄارو ڄامَ ڪُلهي ڪيو.



(12)

ڄامان اَڳي جي ڄائِيُون، تَنِ جِي نِرتِ نُوريءَ کي نانهه،

نَه مَنهن نَه مارِڪي، نَه وَڃَنِ ڪينهن وِيهانءِ،

سي ڪينجهَر ڪَندِيُون ڪانِهه، جَنِ تَماچِي تَڪِيو.



(13)

نَه ڪِنهن ڄايو ڄامَ کي، نَڪو ڄامَ وِياءُ،

نَنڍيءَ وَڏيءَ گَندريءَ، سَڀن آهي سِياءُ،

”لَم يَلِد وَلم يُولد“ اِيءُ نِجابَتَ نِياءُ،

ڪِبر ڪِبرِياءُ، تَختُ تَماچِيءَ ڄامَ جو.



وائي

تنهن کي ڪيرُ چوندو مي؟ اَڙي! اِيءَ سَمي جا سَمنگِي.

سَمي جي سُهاڳَ جو، مِينڍو ڳُتو مي.

ڄارو ڄامَ ڪُلهي ڪيو، عِشقُ اِئَن ڪَري.

جَنِ وِهَڻُ نَه ڏِنِي وَٽِ ۾، ٿِيا سَلامي سي.

عالَمَ اِنعامي ڪيو، نوريءَ ناز ڪَري.



تنهن کي ڪيرُ چوندو مي؟ اَڙي! اِيءَ سَمي جا سَمنگِي.

¯

سُر سسئي آبري



داستان پهريون



(1)

اَوَلِ آخِرَ آهِ، هَلَڻُ مُنهِنجو هوتَ ڏي،

پورِهيو سَندو پورِهَيتين، والِي! ڪِيم وِڃاءِ،

ٿَڪِيءَ ٿورو لاءِ، جِئن جِئري مِلي جَتَ کي.



(2)

ڏَري ۽ ڏاري، سَٽَ سُورَنِ جي سَسُئِي،

پييائِي پُنهُون ڏي، نِرمَلِ نِهاري،

لالَنَ جي، لَطِيفُ چَئي، سُونهن سَتي ساري،

پِرِيتڻون پاري، مارَڳَ ۾ مُنڌَ مُئِي.



(3)

جي سِجهائِي سِڪَ، تَه پُڻ سِڪي سَسُئِي،

پيتائِين پُنهونءَ سين، هَڏِ نَه ڀَڳِيَسِ هِڪَ،

اِنَ تَڙ مَنجهان تِڪَ، ڏِني پاڻَ اُڃَ ٿِئي.



(4)

پَسِي جهاجههَ جَمالَ جي، جَنِين پِيتي پِڪَ،

اَپَرِ آڳانجهو ٿِيو، سُور اُنِهين کي سِڪَ،

هَڏِ نَه ڀَڳِينِ هِڪَ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.



(5)

مَحَبَتَ جَنِ جي مَنَ ۾، تَن تَشنگِي تار،

پي پِيالو اُڃ جو، اُڃ سين اُڃ اُتِيارِ،

پُنهُون پاڻَ پِيارِ، تَه اُڃَ سين اُڃَ اُجهائِيان.



(6)

مَحبَتَ سَندو مَنَ ۾، پُرِ پِيالو جَنِ،

پِيَڻَ پَرَچا ناهِ ڪو، ڪِنهن جِنهن ڏاهِ ڏَڀَنِ،

تِنهن نِهايَتَ ناهِ ڪا، جِنهن سُڃا سُڃَ وَڃَنِ،

تيلانهن اُڃَ مَرَنِ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.



(7)

سَدا سائِرَ سِيرَ ۾، اَندَرَ لَهي نَه اُڃَ،

پَسَڻ جو پِرينءَ جو، سا سَڀائي سُڃ،

تيلانهن مَرَنِ اُڃَ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.



(8)

ساڄَنَ ڪارَڻِ سُڃَ، مَرُ قَبُولي سَسُئِي،

اَندَرِ جَنِين اُڃَ، پاڻِي اُڃيو اُنِ کي.



(9)

پاڻِيءَ مَٿي جهُوپَڙا، مُورِکَ اُڃَ مَرَنِ،

ساهان اوڏو سُپِرِين، لوچي تان نَه لَهَنِ،

دمُ نَه سُڃاڻَنِ، دانهون ڪَنِ مُٺَنِ جِئن.



(10)

سَسُئي ڪِينَ سَمُجهِيو، اوري آريءَ ساڻُ،

ڪَري پيکُ پُنهونءَ سين، پاڌارِيائِين پاڻُ،

ڄَٽِ وِڃايو ڄاڻُ، ٻانڀَڻِ ٻاروچَنِ سين.



(11)

لَڳي ڪوسو واءُ، لوڪ مِڙوئِي لَهَسِيو،

اُڀَنِ مَنجهان آئِيو، ”هَئي هَئي“ جو هُڳاءُ،

طيُورَنِ تَنواريو، پُنهُونءَ پُڄڻاءُ،

رَسِيو سُورُ شَبانَ کي، وُحوشَنِ وَٽاءُ،

مِرُوئَنِ موتُ قَبُوليو، اَپَرِ اَفَسوساءُ،

بَرَ پُڻ ڪَنِ بُڪاءُ، اُڪَنڍيا آريءَ لَئي گهَڻُون.



(12)

مُهند مُحتاجِي ڪَري، پُٺِيءَ پيرُ کَڻيج،

ڪُٻيلياڻِي! ڪيچَ ڏي، حُجَ مَ هَلائيج،

پاڻان ڌارَ پِريَتَڻُون، سَسُئِي! ساڻُ کَڻيج،

اوڏي عَزازِيلَ کي، ويجهِي تان مَ وَڃيج،

نا اُميدي نيج، تَه اوڏي ٿيين اُميدَ کي.



(13)

مُهند مُحتاجِي ڪَري، حُجَ وِڃائي هَلُ،

عُذَرَ خواهِيُون، عاجِزِيُون، سَسُئِي ڪنهن مَ سَلَ،

ڏُونگَرُ ڏورَڻُ ڏاکَڙو، لَنئون ري ڪونهي لَلُ،

اِي ڀَلائِيءَ جو ڀَلُ، جِئن پاسي ٿِيَڻُ پاڻَ کان.



(14)

وِهُ مَ مُنڌَ! ڀَنڀورَ ۾، ڪَر ڪو واڪو وَسُ،

ٻانهِي ٻاروچَنِ جِي، گولِي ڇَڏِ مَ گَسُ،

ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسُ، پُوندُءِ هوتَ پُنهونءَ جو.



(15)

وِهُ مَ مُنڌَ! ڀَنڀورَ ۾، هاڙهي هَڏ مَ هَلَ،

ڪوڙي ڪِجَ مَ ڪَڏِهِين، سَچِي ڳالهه مَ سَلُ،

جانِبَ لَئي مَ جَلُ، سُورُ وِسارِ مَ سَسُئِي!



(16)

سُکين ٿِي مَ سَنَري، پَسِي ڏُکَ مَ ڏَرُ،

پَٽِي ڪَرِ مَ پانهِنجو، گهوري! اَڏِ مَ گهَرُ،

ماري! هَڏِ مَ مَرُ، مَڇُڻِ جِيءُ جِيارِئين.



(17)

سُکين ٿِيي نَه سَنَري، ڏُکين تان نَه ڏَري،

اوري هَڏِ نَه اُڀيي، پُري تان نَه پَري،

سَرَتِيُون! ٿو نَه سَري، ٻِنهين ريءَ ٻانڀڻِ کي.



وائي



(1)

تَنَ مَنَ مَنجههِ تَنوارَ، هو يارَ! سَدا آهي سِڪُ جِي.

تِئن چِڻِڪَنِ چِتَ ۾، جِئن سا گهُنڊيءَ لارَ،

هو يار! سدا آهي سِڪ جِي.

لَڳي اُڃَ اَکِينَ کي، سِگهو موٽ، سَتارَ!

هو يار! سدا آهي سِڪ جِي.

پَسان ڪِينَ پِريَتڻُون، ڪاڏي پِرتِ پَچار؟

هو يار! سدا آهي سِڪ جِي.

بَندِياڻِي ڀَنڀورَ ۾، آهِيان آهِئان ڌار،

هو يار! سدا آهي سِڪ جِي.

مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، آرِياڻي آڌار!

هو يار! سدا آهي سِڪ جِي.

ڏِيان خيزُ خِزان ۾، جي تو مَنجهِه بَهارَ،

هو يار! سدا آهي سِڪ جِي.

مُضِر تان مُون کي ڪِيا، حَڪِيمَنِ هَزارَ،

هو يار! سدا آهي سِڪ جِي.

دَوا آهِيين دِلِ جِي، وارو واقِفَ ڪارَ!

هو يار! سدا آهي سِڪ جِي.

آڻي ڏي عَلِيلَ کي، مَعجُونُون موچارَ!

هو يار! سدا آهي سِڪ جِي.



وائي



(2)

مُون کي تان جهَلَ مَ پائِيو، وو جيڏِيُون!

آئُون هَلَندي هوتَ ڏي.

هِيءُ جو بارُ ڀَنڀورَ جو، لوٺيءَ تان سَڀِ لاهِيو،

آئُون هَلَندي هوتَ ڏي.

آهي عاجِزِنِ تي، پَسَڻَ سَندو ساعِيو،

آئُون هَلَندي هوتَ ڏي.

ڪِينَ وِهَندِيَسِ ڪُنڊَ ۾، نَه مُون ڀَؤ، نه ڀايو،

آئُون هَلَندي هوتَ ڏي.

وِهاري وَطَن ۾، شُهدِيَ کي مَ سِڪايو،

آئُون هَلَندي هوتَ ڏي.

ڪُٺَلِ ڪَجائَنِ ۾، چاڙهيءَ هِيءَ هَلايو،

آئُون هَلَندي هوتَ ڏي.

مُنهنجو پَنڌُ پُنهونءَ ڏي، ريبي تان مَ رَهايو،

آئُون هَلَندي هوتَ ڏي.



داستان ٻيو



(1)

هيجَ نَه هُوندو جَنِ، سي ڪِئن وِندرِ وِيندِيُون،

وِهو وِچ رَهَنِ، سَهَسين سَڌُن وارِيُون.



(2)

سَڌائِتِي سَڀڪا، بُکَ نه باسي ڪا،

جيهِيءَ تيهِيءَ ذات جي، جُنبَشِ ڪانهي جا،

مُون سين هَلي سا، جِيءُ مِٺو جا نَه ڪَري.



(3)

ڪيچ نَه جُنبَڻَ جاءِ، تَه ڪا هَلي هوتَ ڏي،

مُون سين هَلي ساءِ، جا جِيءُ مِٺو نه ڪَري.



(4)

آتَڻَ ۾ پِرياڻُ، هو سَڀَنِي جيڏِيين،

مُون سَڀاڳِيءَ ساڻُ، ڪيرَ ڇُلَندي ڇَپَرين.


(5)

سُکَنِ واري سَڌَ، مَتان ڪا مُون سين ڪَري،

اَندَرَ جَنِين اَڌ، ڏُونگَرَ سي ڏورِينديُون.



(6)

ڀَينَرُ! آئُون ڀوري، مُون سَڱ سُڃاڻِي نَه ڪِيو،

ڏِيندا مُون ڏيرَ وِيا، جِهڄَڻُ ۽ جهوري،

لَڳِي جَنِ لوري، ڏُونگَرَ سي ڏورِينديُون.



(7)

اَدِيُون آئُون اَڄاڻِ، مُون سَڱ سُڃاڻِي نَه ڪيو،

هُوندَ نَه سَٺِيَم هيتَري، ڪوهِياري جِي ڪاڻِ،

رَتِيءَ جي رِهاڻِ، جِيُّ اَڙايُمِ جَتَ سين.



(8)

ڏُونگَرَ نَه ڏوري، سِڪَڻَ جِيُون سَڌوُن ڪَري،

ويٺي گهَر گهوري، مَٿان پِرِينِ ڄِندَڙو.



(9)

وَريِتيُون وَرو، آئُون نَه وَرَندي وَرَ ري،

جاڏي هِنَ جَبَلَ جو، تانگهِينديَسِ تَرو،

جَتَنِ ساڻُ ذَرو، نِينهُن نِبيرو نَه ٿِيو.



(10)

وَڃو سَڀ وَري، آئِين جي وَرَنِ واريُون،

ڦوڙائِي فِراقُ جِي، سُڄي ڳالههَ ڳَري،

ٻُنڀان جَنِ ٻُري، ڏُونَگَر سي ڏورِينديُون.



(11)

وَڃو سَڀ موٽي، آئِين جي وَرَن وارِيُون،

ڪانَ هَلَندي ڪيچ ڏي، ڪَرِيو مَ کوٽِي،

ڪَڍِيَمِ ڪاڇوٽِي، وِڌُمِ جوڳُ جَتَنِ لَئي.



(12)

دُکائيندي دُونهَڙا، مُنڌَ! سيڻاني وَڃُ،

پِرِيتَڻُون مَ ڀَڃ، ساٿُ چَڙهندو لَڪيين.



(13)

اَڄُ مِلَندِيَسِ ماءِ، ڌاڄا ڪَندِيَسِ ڪَپَڙا،

جِيجان! جوڳِياڻي ٿِيان، مُون کي جهَلَ مَ پاءِ،

هوتَ ٻاروچي لاءِ، ڪَنين ڪُنِرَ پائِيان.



(14)

سَنڌِيُون سُورَ ڪَرِينِ، هَڏَ پُڻ ڏُکَنِ هوت لئي،

پِرِيَنِ جي پاڻَ ڏِنا، سي سُتي سُکُ نَه ڏِينِ،

جي ماڙُهنِ کي مارِينِ، تَنِ سُورَنِ کي سَڏ ڪَرِيان.



(15)

مُون کي ڀانئي ڀاڄَ، ڏيرَ ڏوراڻا هَليا،

اَڳيان اُٿِي اُن جي، خُوب نَه پَڪَمِ کاڄَ،

ميڙي آپَ سَرَتِيُون، نَڪي ڳايَمِ ڳاچَ،

سا مُون هٿان نَه ٿِئي، جيڪا رَسَمَ راڄَ،

آيَلَ! آئُون اَڪاڄَ، ٻولُ ٻاروچي وِتَرو.



(16)

تو جو ٻولُ، ٻَروچَ! ويهي ڪيو وَڻڪارَ ۾،

سوئِي پارِج، هوتَ! وِلهِيءَ مُون معذُورِ سين.



(17)

پِهرِين تُون پاريج، پارڻُ پوءِ پُنهُونءَ تي،

ٻولُ مَ وِساريج، هو جو ڪيوءِ هوتَ سين.



(18)

جان ساماڻِيئن، سَسُئِي! تان ويسُ وِڙَنِ جو ڪَرِ،

لاهي لَڄَ، لَطِيفُ چَئي، ٿِي بيگارياڻِي بَرِ،

ته وِيندي پَوئِي وَرِ، اَڳِيان هوتُ حُضُورَ ۾.



(19)

توسين ٻولَ ٻَهُون، سَهَسين ساڄَن جي ڪَري،

ڪَندِئين توءِ ڪَهُون، جي نالو ڳَيڙُءِ نِينهن جو.



(20)

سُڻِي ٻولَ سَندانِ، جِمَ سُمَهين سَسُئِي،

ڪَندِئين ڪَههُ ڪيڻان، جَهه سي اُنِ اورانگهِيا.



(21)

سِڄَ اُلٿَي سَسُئي، رَتُ وَرَڻُون روءِ،

پَهِي نَه پانڌي ڪو، جِنهن ڪَر پُڇي لوءِ،

مُوڙهِي وَڃي توءِ، موٽَڻ جي ڪانَ ڪَري.



(22)

ڇُلان، مَنجهِم نَه ڇاڪَ، پُران پُونِمِ پُرڪڻان؛

مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري، موٽَڻَ جِي مذاقَ،

چِتُ سَندو مُون چاڪَ، هاڙهي هَڏِ هَڻِي ڪيو.



(23)

پيرين پِيَمِ پُرڪڻان، رَهَ ۾ رَت رُنومِ،

پاراتو پِرِينِ کي، تَپِي تان نَه ڏِنوم،

چُڪِي تي چَيومِ، ”سُواهَرُو“ سَڄَڻين.



(24)

چُڪِيءَ کي چَئِي، ڪا جاڳائي جيڏيُون،

وِيئڙو ساٿُ وَهِي، تو نِنڊائِي نَه لَهي.



(25)

چُڪَسِ سَڀ چَئِي، ماڙهُو شَهرَ ڀَنڀورَ جا،

سا موٽي ڪِيئن مُئِي، جِنهن جو جانِبُ جَتَ وَٺِي وِيا.



(26)

موٽَڻَ جا مَذڪُورَ، جان ڪي چَيَسِ جيڏِين،

پَرِيَٽِ پِهري پُورَ، نيئي پُهچائي پُنهوُنءَ کي.



(27)

موٽَڻَ جِي مَصلحَت، مُون کي ڏِيو مَ جيڏِيُون،

نيهارِيندِيَسِ نِڪَري، آرِياڻِي اَلبتَ،

ڪَندِيَسِ اوٽَ عَيبَ جي، لَڪَن ڏيئي لَتَ،

سَرَتِيُون! شَرِيڪَتَ، آئوُن ڪيئن آگَن سين ڪَريان.



(28)

موٽي مَران مَ، ماءِ! موٽَڻَ کان آڳي مَران،

لُڇي لالَنَ لاءِ، شالَ پُوندِيَسِ پيرَ تي.



وائي



(1)

مَعلُومُ حالُ، حبِيبَ! مُون کي دَردُ قَدِيمِي، وو!

دَردُ جَدِيدي، حُبَ حَبِيبِي.

آلُودي آزارَ کان، توريءَ ٿِيَسِ طَبيبَ،

دَردُ جَدِيدي، حُبَ حَبِيبِي.

شادي ڏِيين صِحَتَ جِي، غَمِي لاهِ غَرِيبَ،

دَردُ جَدِيدي، حُبَ حَبِيبِي.

آهِئان ٿِي آهُون ڪَرِيان، نَعرو مَنجههِ نَصِيبَ،

دَردُ جَدِيدي، حُبَ حَبِيبِي.

ڪاهِلِ آهِيان ڪُوَڙي، رَسِي لاهِ رَقِيبَ،

دَردُ جَدِيدي، حُبَ حَبِيبِي.

حاذِق آهيين هِنَ جو، اَچيين شالَ عَجيبَ،

دَردُ جَدِيدي، حُبَ حَبِيبِي.

دَوا آهيين دِلِ جِي، پُڇِ پُچ رَهِيَسِ طَبِيبَ،

دَردُ جَدِيدي، حُبَ حَبِيبِي.



وائي



(2)

ڳالِهيُون هوتَ ٻاروچي ساڻُ،

وو! مُنهنجي جِيءُ جِيُون جيڏِيُون.

ڇُلِي پيٺِيَسِ ڇَپَرين، سَڱَ تُنهنجي ساڻُ،

مُنهنجي جِيءُ جِيُون جيڏِيُون.

چَڙهِي ڏاڍين ڏُونگَرين، پُرزا ڪَندِيَسِ پاڻُ،

مُنهنجي جِيءُ جِيُون جيڏِيُون.

رُلِي ڇُلِي ڇَپَرِين، ڄامَ وِڃايُمِ ڄاڻُ،

مُنهنجي جِيءُ جِيُون جيڏِيُون.

هَٿان هَڏِ نَه ڇَڏِيان، سَندو نِينهَن نِڌاڻَ،

مُنهنجي جِيءُ جِيُون جيڏِيُون.

نَصِيبُ ڪَر سَسُئِيءَ کي، پُنهُون، اُٺَ وَٿاڻُ،

مُنهنجي جِيءُ جِيُون جيڏِيُون.





داستان ٽيون



(1)

پَسِي ڏُونگَرَ ڏاهِ، جِمَ هَلَڻَ ۾ هِيڻِي وَهين،

لانچي لَڪَ، لَطِيفُ چَئي، پُٺِيءَ ڪيچِين ڪاهِ،

پُڇِي پُورِجِ، سَسُئِي بَلوچاڻِي باهِ،

اِنَ وَڙائِتي وَرَ جو، آسَرُ هَڏِ مَ لاهِ،

جو آکِيَئُون اوڏو آهِ، سو پِرِين پَراهُون مَ چئو.



(2)

هِتان کَڻِي هُتِ، جَنِ رَکِيو، سي رَسيُون،

ساجَن سُونهن سُرِتِ، وِکانئِي ويجهو گهَڻُون.



(3)

جيڪُس ياد ڪِياسِ، وَرَ وَڃِي وَڻِڪارَ ۾،

جَلدُ جَريدي پَنڌُ ۾، اَدِيُون اَڄُ ٿِياسِ،

وَڃِي ڪيچ پُنياسِ، ٻاروچاڻِيءَ ٻاجهَه سين.



(4)

وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ جائو، جَمُرَ، جَرَ،

ڪوسا تَپَنِ ڪَڪِرا، ٻِي دَمِدَمِ تَپِي ڌَرَ،

ويچاري ڏي وَرَ، پيرُ نَه لَهي پِرِينءَ جو.



(5)

وَڏا وَڻَ وَڻڪارَ جا، جِتِ نانگَ سُڄَنِ نِيلا،

اُتي عبدُاللّطيفُ چَئي، ڪيا هيڪَلِين حِيلا،

جِتِ ڪُڙَمَ نَه قَبِيلا، اُت رَهَبَرَ رَسِج راهَ ۾.



(6)

ويچاريءَ وَڻِڪارُ، اَڳَ نَه ڏِٺو هو ڪَڏهِين،

مِهَرَ نَه هُئِي ماڙُهئين، هو سَڀُ هِندوڪارُ،

جَتُ ڪيائُون يارُ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرتِيُون.



(7)

واقِفِ نَه وَڻِڪارَ جِي، جِتِ جَبَلُ جو راڻُون،

اُتي عَبدُاللّطِيفُ چَئي، سُڄي سَفر سٽاڻون،

پِهروئِي پاڻون، سَوَلو ڪَرِيين ساٿَ جو.



(8)

واقِفَ نَه وَڻِڪارَ جي، باري سُڄَنِ بَرَ،

وَرُ، وَسِيلا سُپِرين! ٿَڪِيَسِ ڏوري ٿَرَ،

لَهج، لَعلُ لَطِيفُ چَئي، ڪانڌَ مُئي جِي ڪَرَ،

وِلهِي ڪَري وَرُ، مَڇُڻِ مارَڳِ ڇَڏِيين.



(9)

واقِفِ نَه وَڻِڪارَ جي، اَڳَ نَه ڏيههُ ڏِٺومِ،

ڏُوُنگَرَ ڏوراپَنِ سين، ڪاتِيءَ ري ڪُٺومِ،

جيلانهن مُحب مٺوم، تي ڇُلُون ڪَريان ڇَپَرين.



(10)

واقِفِ نَه وَڻِڪارَ جِي، پاڻِيءَ کَنيُمِ نَه پاءُ،

جَبَلُ جَلدايُون ڪَري، تِکَ ڏيکاري تاءُ،

لَڳي لَڪُ، لَطِيفُ چَئي، مَعذورِنِ مَٿاءُ،

اُتي اوڏو آءُ، جِتِ هوتَ! هيڪَلي آهِيان.



(11)

سَسُئِيءَ کي سَڏُ ٿِيو، اسان اولاڻُون،

پَنڌَ نَه پُڄاڻون، اَڻَ ڪوٺِي ڪانَ ڪَري.



(12)

پَسو! پَرائَنِ، سُورَنِ اَڏي سَسُئِي،

پَرايا پَهِجَنِ، وِجهَنِ ويچاريءَ تي.



(13)

مُنڌَ نَه مَنجهان تَنِ، پَسِي لَڪَ لُڏَنِ جي،

جا پَرِ کاهوڙِيَنِ، سا پَرِ سِکِي سَسُئي.



(14)

مُنڌَ مَ مُنَهِن ويههُ، اُڀِي اوسرُ اُسَ ۾،

تو سيئي سيڻَ ڪيا، ڏوُر جَنِين جو ڏيههُ،

پاڙي پاڙي پيههُ، وَتُ پُڇَندي پِرِينءَ کي.



وائي



(1)

هو جي هَلِيا هوتَ، سُونهارا، مُون نَه وَهِيڻان، پُنهُونءَ سَڱِيڻان.

سَسُئِي پُڇي ساٿَ جا، اوطاقُون اوتارا،

مُون نَه وَهِيڻان، پُنهونءَ سِڱيڻان.

اَن ڪي ويندا گَڏِيا، آرِياڻِي اِهَ پارا،

مُون نَه وَهِيڻان، پُنهونءَ سِڱيڻان.

مُون کي نِيندا پاڻَ سين، ڪامِلَ ڪُرَ اُجارا،

مُون نَه وَهِيڻان، پُنهونءَ سِڱيڻان.



وائي



(2)

ڪَرَها مَ ڪاهِيو، مِيان ڪيچِي!

آئُون آرِياڻي عَرضَ چوندي:

ڪَري هوتَ هَلَڻَ جِي، لوٺِيءَ کي مَ لَڄايو،

وَسِيلو وِلَهِيءَ جو، آڳانڍو آهِيو،

پاسي ۾ پَرِيَٽِ جي، جهيڪي اُٺَ جهُڪايو،

وِلهِيءَ جي وِهانَ ۾، واڄَٽ سَڀِ وَڄايو،

اُگهاڙِيُون آتَڻَ ۾، پَنهنجِيُون پاڻَ پَراهِيو،

سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرِين! صورَتَ کي مَ سِڪايو،

ساڪِنَ ٿِي شَهرَ جا، مَعذوُرِ کي مَرَڪايو،

پُنهُون ڄامَ پَرِيٽِ سين، ويهي سُورَ وِراهِيو،

لاهي بارُ ڀَنڀورَ ۾، ويندو گهوٽُ وَناهِيو،

پُنهُونءَ ڄاڃيئڙَنِ کي، رَڌي کيَڻَ کارايو،

پُرڻائي پُنهوُنءَ کي، نيکيٽِي نِکڙايو،

ٻيلي ٿِي ٻانڀَڻ سين، ڏکيءَ ڏيج ڏيکارِيو.





داستان چوٿون



(1)

جَڏائِيءَ جو جامُ، ڏِنائُون ڏُکِيءَ کي،

مَنَگَلُ مُنهنجي مَنَ ۾، ٻارِيو هوتَ حَمامُ،

آرَکِ ٿِيو آرامُ، ڪاڪُل پَسِي ڪانڌَ جو.



(2)

دَردُ نَه لَهي دارُئِين، زُلفَ زورُ ڏنوم،

ڪاڪُلُ ڪالَهه ڏِٺومِ، رُخساري تي روُپَ سين.



(3)

ڀَنڀو جو ڀَنڀورَ ۾، ڪاڪُلُ ڏِٺُمِ ڪالههَ،

هَئي تَنهين جي حالَ، زُلفَ جي زافُ ڪيُون.



(4)

پَرِينديئِي پاڻُ وِيو، زُلفَ ڪيس زافُ،

سَندو ڪاڪُلُ ڪافُ، ماري مَعذُورِن کي.



(5)

هاڻِ نه جِيان جِيڏيُون، زُلفَ زافُ ڪياسِ،

ڪاڪُلَ آئُون ڪُٺِياسِ، ڀَنڀو جو ڀَنڀورَ ۾.



(6)

ڪاڪُلَ ڪُٺِي جا، ڪَفَنُ تِنهن ڪِين ٿِئي،

مَنجههِ شَهادَتَ سا، لُڏي ۽ لاڏَ ڪري.



(7)

ڏَکا ڏونگَرَ ڄامَ، مَ ڪَرِ مَعذُورِن تي،

توتي لَڄ لَطِيفُ چَئي، آهي سَندي عامَ،

مارِ مَ، چئِي مَعذور کي، وَهِيان ڪانڌَ ڪَلامَ،

پَرچِج پِيادَينِ سين، اَللهَ لَڳِ عَلامَ!

جا نَوازي آهنِجي نامَ، سا هوت مَ ڇَڏِجِ هيڪَلِي.



(8)

ڏَمَرَ، ڏُونگَرَ ڄامَ! سَکَرَ پاڻَ شَرِيڪَ سين،

ڪيهي ڪُلفَتَ تِنهن سين، جا گولِي آهنجي گامَ،

وَرِج وِيرَ وَرِيامَ، مُنهِنجو اَچَڻُ اَن ڳَري.



(9)

ڏَکا ڏُونگَرَ لاهِ، آئُون آڳُ مُئي آهِيان،

آرِياڻيءَ سين آهِ، ذاتِي سَڱ ضَعيف جو.



(10)

پيرَ پَٽائِين ڪوُنئرا، ڏُونگَرَ مَٿي ڏي،

ڦَٽِيا ڦَڻَ فَقِير جا، سِيرُون ٿِيَڙا سي،

جِهڙي تِهڙي حالَ سين، پُري پُنهوُنءَ ڏي،

وَڃِي مانَ وَري، ٻانِهيءَ ٻَنڌَڻُ جِنهن سين.



(11)

پيرَ پَٽائِين ڪُونئرا، ڏُونگَرَ مَٿي ڏي،

پاڻُ نَه پَسي ڦَٽِيو، ڪَڙَهي ڪيچِينِ کي،

هاڙهو هوتَ پَري، ڪُهه ڄاڻان، ڪِئَن لَنگهِيا.



(12)

سُمَهَڻان ساڙو، جيڏيُون جيڏوئِي ٿِيو،

پِرِيَنِ جو پاڙو، مُون سين نِنڊَ نِبيرِيو.



وائي



(1)

مُون اَنڌيءَ ڏي اِيندا، هوتَ سلامَتَ سُپِرِين.

پَلءِ لائي پانهِنجي، نِيّ کي اُتِ نِيندا،

هوتَ سَلامَتَ سُپِرِين.

سَڱَ نَه ڪَندا سُکَ سين، سُورَ سَڱِيڻا ٿِيندا،

هوتَ سَلامَتَ سُپِرِين.

رَکِي ڳَلُ ڳَلَنِ تي، نِينهن نياپو ڏِيندا،

هوتَ سَلامَتَ سُپِرِين.

پَرِيَٽِ نِيندا پاڻَ سين، ڇوري تان نَه ڇَڏِيندا،

هوتَ سَلامَتَ سُپِرِين.



وائي



(2)

ادا ڙي ڏوٿي! آئُون پڇان تو ٿِي:

ڪيچَ رَسَندِيَسِ ڪِئن، ڏَسُ مُون ڏي.

نَه سَمِي، نَه سُومَري، نَه آئُون جَتِ، اوٺِي،

آئُون اُنِهين مان آهِيان، جي ٻانڀَڻَ پَڙهَنِ پوٿِي،

پرٽِ ٿِينديَسِ، پِرِين پُڇندِيَسِ، پَڇاڙِينديَسِ پوتِي،

سَنجهي وِنڙو سُپِرِين، ساڄَنَ پُڇان سو ٿِي،

ساجهَرِ ساٿُ پَلاڻيو، تو پَلاڻيو پوءِ ٿِي،

هِتان ٿي هوتُ وِيو، جَتُ پُڇين جو ٿِي،

هَلِجِ هوتَ پُنهون ڏي، منجهان نِينهن نِڪو ٿِي،

اُتَڻَ وِجهِي آڳِ ۾، مَنجهان جوئِن جوءِ ٿِي،

سَنجهي ساٿَ سِڌارِيو، پُنهُون پُڇان پوءِ ٿِي،

رويو رُئان رُڃَنِ ۾، هَئي هَئي! آئُون هِتِ ڪوهُ ٿي؟





داستان پنجون



(1)

ڏورِ مَ ڏيههِ وِيو، پيرُ تُنهنجي پِرِينءَ جو،

وَهَڻُ واٽَڙِيَنِ تي، ڪيچِين ري ڪِهو،

وِندُرِ جو وِيو، سو اللهَ! واري آڻِئين.



(2)

وِندُرِ جي وَڃَنِ، سي مَرُ ٻَنڌَن سَندرا،

ٻِيُون ڪوهُ ٻَنڌَنِ، ڇوڙي جي ڇَڏِيندِيُون.



(3)

ڏيههُ ڏيهائين ڏورِ، پَرڏيهان پَري ٿِيا،

سيڻنِ ڪارَڻِ سَسُئي، پيئي پُراهيين پُورِ،

تُون وَڃين هوتَ حُضُورِ، مُنهنجو جِئڻ جيلاهِين ٿئي.



(4)

هيڪانديءَ هوئِي، اُٿِي رات رَوان ٿِيا،

ساهُ سَڳي م سُورَ جي، پُنهُون وِيو پوئِي،

رَهُ، قَضا! دَمَ ڪوئِي، تَه هيڪَرَ هيڪاندي ٿِيان.



(5)

هَڏِ نَه ساهُ سُڌِيرُ، دِل درماندي دوسَ ري،

پائي وِئَڙا پِرت جو، زوراوَرُ زَنجِيرُ،

جِي، جُسو جاڳِير، هاڻي مِلڪَ هوتَ جو.



(6)

عُمِرِ سَڀِ عِشقَ سين، پُنهُون جي پُڇَنِ،

رِيسَ ريزالِيُون تَنِ سين، ڪُڄاڙي کي ڪَنِ،

مارُڳِ جي مَرَنِ، وَڏا طالِعَ تَنِ جا.



(7)

وَڏو طالِعُ تو، جِئن ليڳئين پير پُنهوُنءَ جي،

سَسُئي! اِنَ سُتُونَ کي، رويو رويو رو،

ويٺِي هِتِ مَ هو، هَلين ته هوتُ لَهين.



(8)

ويٺِيَنِ ناهِ وَراڪو، سُتِيَنِ ڪونهي سَڱُ،

هوتُ هَلَندِيَنِ کَٽِيو، جَنِ اَنگنِ چاڙِهيو اَنگُ،

سي پاسي پَئي ڀَنگُ، رِڙِهِي ڄامَ رَسيُون.



(9)

ويٺي وَر نه پُون، سُتي مِلَنِ نَه سُپِرِين،

جي مَٿي رَندَن رُوُنِ، ساڄَنُ مِلي تَنِ کي.



(10)

ڪَڙهي ۽ ڪَڙي، پَرِ ۾ پيرُ پُنهوُنءَ جو،

سِڪَ ٻَڌائِين سَندِرو، جانِبَ لئي جَڙي،

لَڪَنِ سِرِ، لَطِيفُ چَئي، مُنڌَ جهيڙي ۽ جهَڙي،

پَڻِيءَ تان نَه پَڙي، جي عُمِرِ سَڀِ اِيئن ڪَري.



(11)

ڪِ ڪِي ڪَڙِيان پيرَ، ڪِ ڪَڙهان ڪيچَ ڌَڻِينَ لئي،

اِي ڏنئُون ڏيئِي ڏيرَ، پاڻان پَراهان وِيا.



(12)

ڪَڙَهُ پُڻ ڪيچَ ڌَڻِينِ لئي، ڪَڙ پُڻ پيرَ سَندانِ،

اِنَهِين پَرِ اُتانِ، پُوندِئَن مُنڌ! پهاڙَ ۾.



(13)

سُورَنِ سِجهائِي، چِيلههِ ٻَڌيو چوٽيين چَڙهي،

سَڱ پِرِيان جي سسئي، ميڙي مِلائي،

لَڌائين، لَطِيفُ چئي، لالَن ليلائي،

ٻانڀڻِ ٻاڏائي: ”حَبِئان واريو هوتَ کي!“



(14)

رائي ڪِي رَنجُورَ، ٽَڪَرَ توءِ ٽانڪِيو چَڙهي،

لانچي لَڪَ لَطِيفُ چَئي، هَلِي ڏانهن حُضُورَ،

رَهِيا سَڀ رُڃُنِ ۾، سَسُئِي جا سالُورَ،

ساجَنَ ميڙِيَسِ سُورَ، سُکُ نَه ميڙيُسِ سُپِرِين.



(15)

مَنجهان پَئن پَروڙِ، سَڀَ مَ پُڇِجِ، سَسُئِي!

ويهي وَڏي ڍِڳَ مان، ڌُڻِي وِجهِجِ ڌُوڙِ،

تَه تُون ماڻيين مُوڙِ، جي پِندِ اِهائي پاريين.



(16)

لُڇِي، ڪِينَ ڪُڇي، آٽي مُنڌَ انَدوهَ ۾،

پَرِ ۾ پيرُ پُڇي، لالَنَ جو، لَطيفُ چئي.



(17)

پَرِيائِي تَه ٻاري، ڦُوڪِ تَه لَڳي اَنبرين،

هِتِي جي هُئڻَ جِيُون، وَٿُون سَڀِ وِسارِ،

سَمُوري سَرِڪارِ، نِيئِي رَکِجِ ناهِ ۾.



(18)

قَد ٻَڌي، تُون ڪِينَ، پَهُچَندِئن پُنهُون سين،

جِئن سِينُون ساهيين، سَسُئي! ٿِئين تَهواروُن تيئن،

مُٺِي ٿِيءُ مِسڪِين، هِمتَ هوت وِڃائِيو.



(19)

ٻَلَرِ لڳو ٻاڻُ، پَسو! جوءِ جَرا ٿِيي،

سا مُنڌَ مَري نَه جِئي، پيئِي پَڇاڙي پاڻَ،

سَسُئِي سُورَنِ ساڻُ، سَنڀوڙي سَيّدُ چَئي.



وائي



(1)

باروچان ٻاجهه گهڻي، آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين،

آئُون پَنهنجي پِرِينءَ سين، وِيندِيَسِ واڳَ وَڻِي،

آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.

مَرُ تان پويِمِ مُنهن ۾، سَندي پِي پَڻِي،

آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.

ڪونهي هِن ڀَنڀورَ ۾، ڌاران دوسَ ڌَڻِي،

آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.

هَٿان هَڏ نَه ڇَڏِيان، آريءَ جي پِ آڻِي،

آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.

آهي هوتَنِ هَٿَ ۾، سَندي جِيءَ جَڻِي،

آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.

ڪِينَ وِرِمِيا ڪِٿَهين، ڄُليا ڄَڻَ هَڻِي،

آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.

مُون کي ڪوٺِيو پاڻ ڏي، هادي هَٿُ کَڻِي،

آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.

پُنهوُنءَ ڌاران پَٻَ ۾، ٻيلِي ناهِ ٻَڻِي،

آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.

تو ريءَ تيلُ نَه پائِيان، نَڪا سِينڌ ڦَڻِي،

آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.



وائي



(2)

ڪهڙو سَڱُ سِياڪو، هاريءَ مُون هوتَنِ سين.

آئُون هيڪَلِي حَبَ ۾، نَه مُون مِٽَ نَه ڪاڪو،

هاريءَ مُون هوتَنِ سين.

مُنڌَ پِيادي، پَنڌُ گهَڻُون؛ نَه مُون اُٺُ، نَه ناقو،

هاريءَ مُون هوتَنِ سين.

چَڙهِي نَه سَگهان چوٽيين، ڏُونگَرَ ڪونهي ڏاڪو،

هاريءَ مُون هوتَنِ سين.

پِرِين پُڇَندِيَسِ پَٻَ ۾، وَڻ وَڻ وِجهَندِيَسِ واڪو،

هاريءَ مُون هوتَنِ سين.

هُوءِ جا پِڪَ پُنهون جِي چَٽِيان تِنهن چُئاڪو،

هاريءَ مُون هوتَنِ سين.

پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي، فَقِير پوءِ مَ فاقو،

هاريءَ مُون هوتَنِ سين.

وِچُ مَ پوءِ وِصال ۾، لِکَ مَ پوءِ لِياڪو،

هاريءَ مُون هوتَنِ سين.

آتَڻُ وِجهِي آگ ۾، پُڇَندِيَسِ پوءِ پهاڪو،

هاريءَ مُون هوتَنِ سين.





داستان ڇهون



(1)

اُڌَرِ، نِڌَرِ، اَڀَري، آسُونهِين آهِيان،

لُڙڪَ لَعلَ، لَطِيفُ چَئي، وَرَ لئي وِهايان،

هيجان هَنجُون حَبَ ۾، هوتَنِ لئي هارِيان،

جانِبُ ضَعِيفيءَ سين، پُنهُون پَهايان،

پِيهان، پَچايان، جي مان نِيو پاڻَ سين.



(2)

اَڌَرِ، نِڌَرِ، اَڀَري، اَسُونهِين آئُون،

چِيٽا، چورَ چُنجَنِ ۾، بَرَ ۾ بَلائُون،

موٽُ پُنهُون پاهُون، مَتان مُحِبَ مَري رَهان.



(3)

اَڌَري، نِڌَري، اَڀَري، آهِيان اَسُونهِين،

پَرَڏيهِي پِرِين ڪيا، مَرَڻَ لئي مُونهِين؛

سَسُئِي کي سَيّدُ چَئي، تَنگَنِ ۾ تُونهِين،

هاري! ڪِئن هُونهِين، ري سَمَرَ سَڌُون ڪَريين.



(4)

آڌَرِ، نِڌَرِ، اَڀَري، اوڳِي، اَوائِي،

ڪِين ٽُهارِي ٽَڪَرِين، ساڻُس سَڳائِي،

لاڳاپَنِ، لَطِيفُ چَئي، مُنڌَ رائي رَهائِي،

جَلَڻُ جَڏائِي، آري! لاهي اَصِيلِ تان.



(5)

آڌَرِ نِڌَرِ، اَڀَري، گَمَنِ گَماٽِي،

سا ڪِئن وهي وِسري، جا گهائِي، گهُماٽِي،

پيئِي پيش پُنهونءَ جي، اُسَنِ ۾ آٽِي،

جا لُڪُنِ لُوساٽِي، سا سيڄَ چَڙهَندي سَسُئِي.



(6)

اَڌَرِ، نِڌَري، اَڀري، ويچاري نه وَري،

لالَنَ لاءِ لَطِيفُ چَئي، پَري پيرَ ڀَري،

ڪَمِيني ڪَري، ڪاروُن ڪيچَ ڌَڻِينِ کي.



(7)

اَچِي عِزرائِيلَ، سُتِي جاڳائِي سَسُئِي،

ٿِي دوڙائي دَلِيلَ، تَه پُنهُون ماڙهُو موڪِليو.


(8)

مُنِڪرَ ۽ نَڪِيرَ کي، جَڏِهن ڏِٺائِين،

اَڳِيان اُٿِي اُنِ کي، پُنهُون پُڇيائِين،

اَدا! اِهائين، ڪوِ ويو ساٿُ سَڄَڻَ جو؟



(9)

ڀاياڻِي ٿِي ڀورِ، پَٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪَڪَرا،

رائو مِڙوئِي رَتَ سين، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ،

لانچِي لَڪَ لَطِيفُ چَئي، اُٿِي ڏُونگَرَ ڏورِ،

جَت وَڃِي ٿو زورِ، اُپُڙُ تان اوڏي ٿِيين.



(10)

پئِي ٿِي پَيمالُ، سا مُنڌَ مَري، نَه جِئي،

بُري هِنَ ڀَنڀَور سين، هَڏ نَه ڳَرَهي حالُ،

لالَنَ جو لَطِيفُ چَئي، وِساري نَه وِصالُ،

ڀري ڪِجاهُ ڀالُ، هِيءَ ڏاهِ ڏورِيندي ڪيترو؟



(11)

جهَٽَ پِٽي، پَهه جهَنگ؛ هاڙهي پُڇَ مَ هوتَ کي،

سُورُ سٻيلي، سَسُئي! لَڪَ تَنهِين سين لَنگههِ،

تَه سُپيرِيان جي سَنگِ، مُنڌَا ميڙائو تو ٿئي.



(12)

ٿَڪِيائِي، ٿَرَ ٿيل؛ چَڙهُ چُڪِيائِي، چوٽيين؛

هَلَندي هوتَ پُنهونءَ ڏي، ڀَؤَ مِڙيئِي ڀيل؛

اُٿِي رائو ريل؛ ويٺَنِ تان واري وَري.



(13)

هِيءَ گِسِي، هِيءَ گَسُ، هِيءُ پَهَڻُ، هِيءُ پيچرو،

ويچاريءَ وڏو ڪيو، وِيندَن پُٺِيءَ وَسُ،

ليڙَنِ جو، لَطِيفُ چَئي، ڏُونگَرَ اَٿِي ڏَسُ،

جَڳَ ۾ رَهِيُسِ جَسُ، سَڳَرِ ٿِي سَردارَ جي.



(14)

سيڻَنِ ڪارَڻِ، سَسُئِي! وَڃِي ڪجي وَسُ،

جِمَ وِرچِي ڇَڏيين، سَندو گُنگَنِ گَسُ،

ڏوٿِي ڏِيندَءِ ڏَسُ، اَڳِيان ٻاروچَنِ جو.



(15)

هَلُ تَه هيڪاندي ٿِيين، ويهي وِجهُه مَ ويرَ،

دِل ۾ آڻِ مَ دورُ تُون، ڦِرَڻَ سَندو ڦيرُ،

توڻي لَهين نَه پيرُ، ته پُڻ راحَتَ رِڻَ ۾.



وائي



(1)

هوتَ سي هَلَڻهارا، وو! جيڏِيُون!

ڪِئن ڪَرِيان آئُون اُن سين.

کوءِ پَلَنگَ، ٻَنِ ماڙِيُون، کِيڻَ سي ٿِيڙمِ کارا،

ڪِئن ڪَرِيان آئُون اُنِ سين.

سُونهِن سُپيرين جا، آتَڻَ وٽ اوتارا،

ڪِئن ڪَريان آئون اُن سين.

ويٺو ڏي ڏُکِيَن کي، پُنهوُن ڄام پوڄارا،

ڪِئن ڪَرِيان آئوُن اُنِ سين.

آهيان نه پَئٽِ پُنهوُنءَ جِي، ڪَنديَسِ ڪُنَر ڪارا،

ڪِئن ڪَرِيان آئوُن اُنِ سين.

پيرَ مَ ڇَڏِجِ پِرِينءَ جو، هَئي هَئي! هَٺَ آسارا،

ڪِئن ڪَرِيان آئوُن اُنِ سين.

ڪيچِيَنِ ڪَرَهَ پَلاڻِيا، مَيا ٿِيڙَمِ مارا،

ڪِئن ڪَرِيان آئوُن اُنِ سين.

اَنڌِين آهِيين آسَرو، موٽِج مُحِبَ موچارا،

ڪِئن ڪَرِيان آئوُن اُنِ سين.



وائي



(2)

جيڏِيُون! آئون تان نَه چَوَندي، لو!

ڏُکُ ڏوراپو سيڻَنِ کي صَرِيحُ، لو!

سَڱ نَه وَرَنِ سُپِرِين، مِنَتَ موٽَنِ مانَ،

ڀينَر! ڀيڻي حُجَ جِي، ڪوهِياري سين ڪانَ،

سو تُون صاحِبُ آهِيين، جو نَه ڀيرايين ڀانَ،

سَئين سُوالِي سَمگِيا، تو داتا! ڏيئي دانَ.





داستان ستون



(1)

آءُ اوراهُون، سُپِرين! وَڃُ مَ آڳاهُون،

ٿَڪِي کڻي ٿَرَنِ ۾، ٻاڪارِيو ٻاهُون،

دَردَ جِيُون داهُون، مُون مارِينديُون، موٽَ تُون.



(2)

آءُ اوراهُون، سُپِرِين! وَڃُ مَ، پِيءَ! پَري،

مُون ڏِٺي، مون وِسهو، وِرچِي تان نَه وَري،

ڌاران مُنهن مَري، ڏُکِيءَ جي ڏيکاريين.



(3)

آءُ اوراهُون، سُپِرين! آري لَڳِ اَلله؛

توکي ساري ساه، اُڪَنڊِيو آهُون ڪَري.



(4)

آءُ اوراهُون، سُپِرِين! پُري وَڃُ مَ پِيءَ!

موٽُ مَرَندِيَسِ ڇَپَرِين، تُون جِيارا جِيءَ،

هوت! مَ ڇَڏِجِ هِيءَ، پُنهوُن! پِيادي پَنڌَ ۾.



(5)

آءُ اوراهُون، سُپِرِين! ڏُکِيءَ ڏيجَ مَ ڏاگههَ،

وَٽِ ڇَڏي مُون واگههُ، آري! وِئين عِشقَ جو.



(6)

آءُ اوراهُون، سُپِرِين! ڏُکِيءَ ڏاگُهه مَ ڏيجِ،

پيهِي گهَرِ پُڇيجِ، تَه هوت! هلَاڪَتَ نَه ٿِئي.



(7)

مَڇُڻِ، وَرَ! وِسارِيين، آري! لَڳِ اَلله،

توکي ساري ساه، اُڪَنڊِيو آهُون ڪَري.



(8)

مَڇُڻِ وَرَ! وِسارِيين، صَبَرُ نَه سارِيان،

توکي نِهارِيان، آءُ مُنهنجا سُپِرِين.



(9)

هَٿان هَڏِ نَه ڇَڏِيان، صَبُر شُڪرانو،

ذوقَ زمانو، مُون وَرَ! وِيو وِسَري.



(10)

صَبَرَ ۽ شُڪرَ کي، ڪاڏي آئُون ڪَندي،

آهِيان جِنهن سَندي، سو تَه گهُرجي ساڻُ مُون.



(11)

صَبَرَ ۽ شُڪرَ کي، وِٺي آئُون ويٺِي،

ڏُکِيءَ سين ڏيٺِي، ڪا ڪيج اَچي ڪَڏِهِين.



(12)

صَبرَ ۽ شُڪر کي، هَٿِ ڪيو مُون هاڻِ،

پِرِيَم! اَچِي پاڻ، پَٽِيءَ کي پُڇيج تُون.



(13)

ناهِ جَمِيعَت جانِ کي، هوتَ پُڄاڻان هاڻِ،

اَللهَ! سيئِي آڻِ، جَنِ ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.



(14)

ناهِ جَمِيعتَ جانِ کي، هوتَ پُڄاڻان هِتِ،

پُنهُونءَ جِيءَ پِرِتِ، ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.



(15)

ناهِ جَمِيعتَ جانِ کي، پُنهون پُڄاڻان،

سي مُون سيباڻان، جَنِ ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.



وائي

پَلَڪَ نَه رَهي دِلِ توري، وَرُ مِيان خانَ بَلوچا!

اُٺ چاريندِيَسِ اُنِ جا، مَٿان ٽَڪَرَ ٽوري،

وَرُ ميان خانَ بَلوچا!

ڏِينديَسِ ماهُ مِرَن کي، مَٿان ڪُلَهنِ ڪوري،

وَرُ ميان خانَ بَلوچا!

ڪانگَ کِينَم ڪيچَ جا، ماسُ چُنجنِ سان چوري،

وَرُ ميان خانَ بَلوچا!

ڏُکَ لاهيِندِيَسِ ڏِيلَ جا، ساڻُ عَجِيبَنِ اوري،

وَرُ ميان خانَ بَلوچا!





داستان اٺون



(1)

ڪَنُ ٿُي، ڪيچِنِ ڪُڇِيو؛ ڪُڇَ مَ، ٿا ڪُڇَن؛

اِشارَتُون اُنِ جِيُون، سُڪوُتان سُڄَنِ،

وَٽان ويهِي تَنِ، سُڻُ تَه سوُز پِرائِيين.



(2)

سُڻُ تَه سوزُ پِرائِيين، ”آءُ“ چَيائُون اَڄُ،

ٻولِي ٻِي نَه سِکِيا، ”پاڻان“، چُوندَءِ، ”ڀَڄُ“،

واڄي وَٽِ مَ وَڄُ، ٻُڌُ تَه ٻِيائِي لَهِي.



(3)

ٻُڌُ تَه ٻِيائِي لَهي، ”آئون“ اِتِ نَه آهِ،

ڪُڇَڻَ ڪَنڍي لاهِ؛ ڪَنُ ٿِي، ڪيچِنِ ڪُڇِيو.



(4)

ڪَنُ ٿِي ڪيچِنِ ڪُڇِيو؛ ڪُڇُ مَ ڪُڇِيائُون،

رَهِي نَه رَتِيءَ جيتَري، اُنِهين وَٽ آئون،

وَڍي وِڌائُون، هو جو وَڻُ ’هُئَڻ‘ جو.



(5)

ڪَڏهِن پَئجي ڪَنُ ٿِي، ڪَڏهِن ٿِيجي واتُ،

ڪَڏِهن ٿِجي ڪاتُ، ڪَڏهِن ٿِجي ٻَڪرو.



(6)

ڪَٽارو ۽ ڪوسُ، اَڱَڻِ آريءَ ڄامَ جي،

دِيَتَ آهي دوسَ، مارَڳ ۾ مُيَن جي.



(7)

ڪامُون مُڇيجاهُ، گهَڻِيُون گهُرجَني اوٺِيا!

هي وَڻَ نَه لَهنداهُ، هو وَڻ اوڏاهِين گهَڻا.



(8)

اکِيُون لَٽَ اوراٽِيُون، ڪِنهن پَرِ ڪَڙِيان پيرُ،

لَٽُ لاهِيندو ڪيرُ، مُون جيهِيءَ مَعذُورِ کان.



(9)

اَکِيُون آريءَ ڄامَ جِيُون، اَنڌيءَ سين آهِينِ،

هو جي وَڻ وِندُرَ جا، سي مُون سُونهائِينِ،

ڏِسِيو ڏيکارِينِ، پيشانِي پُنهونءَ جِي.



(10)

اَکيُون آريءَ ڄامَ جِيُون، آهِينِ اَنڌيءَ ساڻُ،

پَسِي ڪَنديُون پاڻُ، پيشاني پُنهوُن جي.



(11)

سَڏَ مَ ڪَرِ سَڏَنِ ري، هَلَڻَ ري مَ هَلُ،

جَلَڻُ ري مَ جَلُ، رُئَڻَ ري مَتان رُئين.



وائي



(1)

دَردَ مُئِيءَ جا دارُون، وو! موٽَ، سَٻاجها سُپِرِين.

مُون لَڳِيُون، مُون وِسَهو، مَحَبتَ جِيُون مارُون،

وو! موٽُ، سَٻاجها سُپِرِين.

مائِٽَنِئان مُون سين گهَڻا، ڪُسَڻَ ڪيا ڪاروُن،

وو! موٽُ، سَٻاجها سُپِرِين.

سُکَنِ مُون سين ڪِينَ ڪِيو، سُورَنِ لَڌِيُمِ ساروُن،

وو! موٽُ، سَٻاجها سُپِرِين.

مُنهنجِيُون شَهرَ ڀَنڀَورَ ۾، پَلپلِ پوَنِ پَچارُون،

وو! موٽُ، سَٻاجها سُپِرِين.



وائي



(2)

آتَڻَ ۾ ويهي، سَڀ دُعا ڪَريجاهُ، جيڏِيُون!

ڪانهي بَسِ بَهِيرَ کي، هَلُ چَلُ پَئي پيئِي،

راهَ مسافِرُ سَڀُڪو، ڪونَ ڏِٺوسُون هِتِ ڏيهِي،

سارِيندا صلواتَ کي، مَنجهِه قَبَرَ سَڀِ پيهي،

ڪوٺائُو ڪَرِيمَ جو، ڳالههِ پُڇَندُمِ ڪيهي،

نَوازِيندو نُورُ سين، ناقِصِ کي اُتِ نيئِي،

”اللهُ هيڪَ، مُحَمّدُ بَرحَقُ“، شالَ چُئان مان حَرفُ اِهيِئي.





داستان نائون



(1)

وِهَ مَ وِساري، پُڇا ڪَرِ مَ پَنڌَ جي،

نِرمَلُ نِهاري، هَلندِيَنِ تان هَٿَ ڪيو.



(2)

اَوجهَڙِ آسونهِنِ، ڏِيههُ گهَڻوئي ڏوريو،

سَڳَرِ ريءَ سُونهَن، پُهتي ڪانَه پَنڌُ ڪري.



(3)

واءَ! وِڃاءِ مَ سو، پُٺِيءَ جِنهن پَنڌُ ڪَرِيان،

ڇَٽا! ڇَپَرِ پِرِينءَ جو، پِيرَ پَرِنيان تو،

بَر بورائو جو، سو، لڳِي، متان لَٽئيِن.



(4)

واءَ وِڃايُمِ ڪالههَ، پُٺِي جِنهن پَنڌُ ڪَرِيان،

وَڃَڻُ مُون وانٽي پِيو، هوتَنِ ڪارَڻِ حالَ،

جَبَلُ ڏورِيان جالَ، ڪارَڻِ پيرَ پُنهوُنءَ جي.



(5)

کُهِجِ مَ، اُجها کيههَ، گَرَدَ پَسُ گَنَگن جي،

ڏُکي! مَنجهان ڏيههَ، نِڪر نانهن ڪُلهي ڪَري.



(6)

ڏوُر مَ تُون ڏوريجِ، صَبُر ڪَرِ مَ سَسُئي!

پُرَڻَ ڇَڏِ پيرَنِ سين، وِهَڻُ وِساريج،

سُکَنِ جا سَيّدُ چَئي، لاڳاپا لاهيجِ،

هِينئين ساڻُ هَليجِ، ته پَنڌُ پاسي ڀَر نِبِري.



(7)

ويٺِيَسِ وِکَ نَه اُپڙي، تُون آرِياڻِي آءُ،

چُڪِيءَ توسين چاءُ، پاسي ڀَرِ پيئي رِڙهي.



(8)

کُهي جا کَنيائين، وِکَ تَهِين ويجهِي ڪئي،

ڇِڪي ڇِنيائِين، پَنڌُ مِڙوئِي پَٻَ جو.



(9)

سَؤ ڪوهَ ڪَري سَڀَڪا، تُون، کُهِي کَڻجِ وِکَ،

تاڻِج مَنجهان تِکَ، ته پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبَري.



(10)

وِيو جاڳائي جَتُ، ويري ڪِنهن وِلاتَ جو،

سَندو سُورَنِ خَطُ، ڏِنُمِ هوتَ هَٿَنِ سين.



(11)

ڏُهِلا مُون ڏِينهَن ٿِيا، پِيُمِ، ڄام ڄَيُون،

ڪَندي پَنڌُ پَهاڙ ڏي، ٿِيڙُمِ رُوحُ رَيُون،

لُڇِيو ٿِيان، لَطِيفُ چئي، ڪارڻ دوسِتَ دَهيُون،

ڀايان لَڪ لَيُون، جي سُورَ پِرِيان جا ساڻُ مُون.



(12)

هيڪَلِيائي هاڻِ، پُورِيندِيَسِ پُنهُونءَ ڏي،

ڪَندِيَسِ ڪوهيارَلَ سين، رُچِي روُح رِهاڻ،

رُلِي ڇُلِي ڇَپَرِين، ڪِنهن پَرُ لاهِيان ڪاڻِ،

آهِيان گهَڻوُن اَڄاڻِ، پَرَ سُورَ پِرِيان جا ساڻَ مُون.



(13)

هيڪَلِيائي هيلَ، پُورِيندِيَسِ پُنهونءَ ڏي،

آڏا ڏُونگَرَ، لَڪِيُون، سُوريُون سُڄَنِ سيلَ،

تَه ڪَرَ ٻيلي آهِنِ ٻيلَ، جي سُورَ پِريان جا ساڻُ مُون.



(14)

دوسِتُ ڏِٺائِين دِلِ سين، وِرچِي تان نَه وِهي،

لانچي لَڪُ، لَطِيفُ چئي، پَهَڻَنِ منجهه پهي،

سَندي نِينهَن نِهي، ڪِي سَرفَرازُ سَسُئِي.



وائي

وَڃِي وَڃِي ٿِينديَسِ ويجهِي، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرينءَ جي.

آڏا ڏونَگرَ، لَڪِيُون، موٽِجِ مُحبَ مجيجي.

پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءُ جي.

پِرين، پَهنوارُ تو چُئان ٻَيَرَ آهيان ٻي جي،

پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءُ جي.

نُم گهُرجي نِينهنَ جي، آهِيان آئُون آريجِي،

پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءُ جي.

جا نَه هَلَندي هوتَ ڏي، پِيءُ تَنهِين جو پاجِي،

پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءُ جي.



داستان ڏهون



(1)

پُنهُون ڇَڏِيو پوءِ، تون جانِبُ جَبَل ڳوليِين،

تيلاهِين تَنگُون ڪَريِين، جيلاهينِ تُون جوءِ،

ساجَنَ سُڃُ نِهارِيين، ڏُکِي ڪهڙي ڏوهِ،

هاڙهي هوتُ نَه هوءِ، وَري پُڇُ ويٺِين کان.



(2)

وَري پُڇُ ويٺين کي، سَندا پُنهُونءَ پارَ،

ساجَنَ سَڀُ ڄمارُ، ڏُکِي ڏورج ڏِيلَ ۾.



(3)

ڪونهي اُتِ ڪوهِيارُ، جِتِ تو ڀوري ڀانِئيو،

پَنڌُ مَ ڪَرِ پَهاڙ ڏي، وُجودُ ئِي وَڻڪار،

ڌارِيا ڀانئِجِ ڌار، پُڇُ پِرِيان ڪَرَ پاڻُ تُون.



(4)

سَڀئي ساري، سَسُئِي! گهَرَ ڪُنڊُون تُون گهور،

وَڃِي ڏُورِ مَ ڏورِ، دَران مَنجههِ دوستُ ٿِيو.



(5)

دَران مَنجهِه دوسِتُ ٿِيو، موٽِي پُڇُ پاهِين،

عبث آڳاهِين، وَڃِيو ڪُوڪين ڪانڌَ کي.



(6)

پَر گهَران پاسو ڪَري، پُڇُ پِرِيان ڪَرَ پاڻُ،

سو تان تونهِين ساڻُ، جِنهن لئي جفائون ڪَرِين.



(7)

سوئِي کَڻِيو ساڻُ، سوئي ڏورِيين سَسُئِي!

ڪَڏِهن ڪَهِين نَه ڪيو، ڄُلَڻَ مَنجهان ڄاڻُ،

پُڇُ پِرِيان ڪَرَ پاڻُ، ته تُون تِئائِين لَهين.



(8)

جو تُون ڏوريين ڏوُر، سو سَدا آهي ساڻُ تو،

لالَن لَئي لَطِيفُ چَئي، مَنجِهي ٿِيءُ مَعذوُرِ،

مَنجهان پاڻَ پَرُوڙِ، تو مَنجههِ آهِسِ تَڪِيو.



(9)

وَڃين ڇو وَڻڪار، هِتِ نَه ڳوليِين هوتَ کي،

لِڪئو ڪِينَ لَطِيفُ چَئي، ٻاروُچو ٻِئي پارِ،

ٿِيءُ سَتِي ٻَڌُ سَندِرو، پِرِتِ پُنهُونءَس سين پارِ،

پائي نيڻَ نِهارِ، تو ۾ ديرو دوست جو.



(10)

هوتَ تُنهِنجي هَنجَ ۾، پُڇين ڪُهه پَرِياڻ،

”وَنَمنُ اَقرَبُ اِلَيہِ مِن حَبلِ الورَيدِ“، تُنهنجو توهين ساڻ،

پنهنجو آهي پاڻ، آڏو عَجيبَنِ کي.



(11)

ڪوَڙِيُون پُڇَنِ ڪيچُ، هوتُ نَه پُڇَنِ هِتَهِينِ،

جَنِ پُنهونءَ سين پيچُ، تَني پيرين پَنڌُ وِسارِيو.



(12)

هَلُ هِينئين سين هوتَ ڏي، پيرين پَنڌُ وِسارِ،

قاصِداڻِي ڪارِ، ڪِنَ رَساڻي ڪيچَ کي.



(13)

هُل هِينئين سِين هوتَ ڏي، پيرين ڪَر مَ پَنڌُ،

رائي پُڇ مَ رَند رِڙهُ، روُحانِي سَسُئِي.



(14)

هَلُ هِيَنئين سين هوتَ ڏي، ڇَپَرِ هَڏِ مَ ڇُلُ،

آرياڻِي اَمُلُ، ڪايا ۾ ڪانڌُ ٿِيو.



(15)

هَلُ هِينئين سين هوتَ ڏي، ڇَپَرِ ڇُلُ مَ تُون،

مَنجهان لَڌو مُون، ڪوهِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.



(16)

هَلُ هينئين سين هوتَ ڏي، سِسِي کَڻُ مَ ساڻُ،

جنِين ڀانيو پاڻُ، سي آرِياڻِئان اوري رَهِيُون.



(17)

ڪِجي پَنڌُ، پُڇان تو، ڪيچِنِ ڪارَڻ ڪيئن،

بيخودُ هَلِج بَرَ ۾، آئُون ٿو چُئانءِ اِيئَن،

سِڪَڻُ ساڄَنَ سِيئَن، مَتان مُٺِي ڇَڏِيين.



(18)

متان مُٺِي ڇَڏِيين، پِريتَڻُون پاڻان،

ڄايَن جِئن ڄاڻان، تُون پُڻ هوئِج تَن جئَن.



(19)

متان مُٺِي ڇَڏيين، پاڻان پِريتَڻُون،

کَٿُوري ڪَڻُون، مَڙهي مَڙِهج مُنهن ۾.



وائي

غَفلَتَ يارُ گَنوايو، ٻَڙي! جيڏيُون،

ڪِئن ڪَرِيان آئُون، ڪُههُ ٿِيو.

سُتِيَسِ تان ساٿُ وِيو، اُٿِيَسِ تان ڏُکُ آئِيو.

ڪِئن ڪَرِيان آئُون، ڪُههُ ٿِيو.

پُڇان پوءِ پُنهوُنءَ کي، عَبَثُ تان اَنُ کائِيو،

ڪِئن ڪَرِيان آئُون، ڪُههُ ٿِيو.

هوتَ هَلَندي جا ڪَئِي، سا مُون ڳالهه سُڻائِيو،

ڪِئن ڪَرِيان آئُون، ڪُههُ ٿِيو.



داستان يارهون



(1)

ڀَڄِي جان ڀَنڀورَ کان، ڏوُنگَرُ ڏورِيو مُون،

ڪاهي رَسِيَسِ ڪيچَ کي، جِتي پاڻَ پُنهُون،

سَڀَتِ آهِيين تُون، قَضا ڪَندِيَسِ ڪنهن سين.



(2)

ڏِنا جِئڻَ لَئي جيڏيُون، ڏيرَنِ مُون کي ڏُکَ،

ڀَڳِيَسِ جان ڀَنڀورَ کان، تان سُورَ مِڙيئي سُکُ،

لَٿي مُون تان لُکُ، پُنهُون ٿِيَسِ پاڻهِين.



(3)

پيهِي جان پاڻ ۾، ڪَيَمِ روُحَ رِهاڻ،

تَه نَڪو ڏُونگَرَ ڏيههَ ۾، نَڪا ڪيچِيَنِ ڪاڻ،

پُنهُون ٿِيَسِ پاڻ، سَسُئِي تان سُور هُئا.



(4)

پُنهون ٿِيَسِ پاڻهِين، وِيو سَسُئِيءَ جو شَرَمَ،

هيڪَلِيُون هَلَنِ جي، ڀَڄِي تَنِ ڀَرَمَ،

جو وِندُرَ ۾ وَرَمُ، سو سَودو سَرِيُسِ هِتَهِين.



(5)

پُنهُون ٿِيَس پاڻَهِين، وِيو سَسُئِيءَ جو سِينگارُ،

”مَن عَرَفَ نفسَہُ، فَقَد عَرَفَ رَبہُ“، اِهو ئِي اَچارُ،

جو وِندُرُ ۾ واپارُ، سو سَودو سَرِيسِ هِتَهِين.



(6)

پُنهُون ٿِيَسِ پاڻَهِين، ويئي سَسُئِي جِي سُونَهن،

”خَلَقَ آدَمَ عَليٰ صُورَتِہ“ اِي وَڻَنِ مَنجههِ وِروُنهنَ،

چَريءَ مَنجها چُونَهن، کَڻِي هوتُ هَنج ڪيو.



(7)

وِيئِي سُونهَن سَسُئِي جِي، پُنهُون ٿِيَسِ پاڻَ،

سَڀَنِ جِي سَيّدُ چَئي، آهي اُنِ اُماڻَ،

ڀَنڀورَ جا ڀاڻَ، آڏا عَجيبَن کي.



(8)

وَهَم وِرساياسِ، ناتَ پُنهُون آئُون پاڻَ هُئِي،

پاڻَ وِڃايَمِ پانهِنجو، پَئِي پِرِيان جي پاسِ،

رَتِي عِلَم نَه راسِ، ڌاران پَسَڻَ پِرِينءَ جي.



(9)

قافَئُون ڪاهِيندِياس، موٽان تان ڪُرَ مِنهڻُون،

ٻانهِي ٻاروّچَنِ جِي، سَڱ نَه ساهِيندِياسِ،

”اَلفِراَقُ اَشَدُّ مِنَ المَوتِ“، هِتي نَه هُوندِياسِ،

آهَ نَه لاهيندِياسِ، جِئري جَتُ ڏِسِي مَران.



(10)

جِئَڻُ جَتَ ڌاران، مَعذوُرِ جو مَسَ ٿِئي،

چانگَنِ سِرِ چَڙهِي وِيا، ساٿِي سُوارا،

اَکِيون اوتارا، پَسِيو رُونِ پُنهوُنءَ جا.



(11)

هيڪَرَ هُئُڻ ڇَڏِ، ته اوڏي ٿِيين عَجِيبَ کي،

”مَارَا اَيتُ شَيئا اِلاّ وَرسَ اَيتُ اللهَ“، نيئي اَجها اوڏِهين اڏَ،

تَه هوتُ تُونهِين کان هَڏِ، پِرِين پاسي نَه ٿِئي.



(12)

هوتُ تُنهنجي هَنجِ ۾، پُڇين ڪوهُ پَهِي،

’وَفِي اَنفُسَڪُم‘ اَفلا تُبصِروُن، سوجهي ڪَرِ سَهِي،

ڪَڏهِن ڪانَه وَئي، هوتُ ڳولَڻَ هَٽَ تي.



(13)

ووڙيَمِ سَڀِ وَٿاڻَ، يارَ ڪارَڻِ جَتَ جي،

اَللهَ بِڪُلِّ شَيءِ مُحِيطُ، اِي آرِياڻِي اُهِڃاڻَ،

سڀ ۾ پُنهوُن پاڻَ، ڪِينهين ٻِيو ٻَروچ ري.



(14)

ڄاڻِي سُڃاڻِي، وِهان ڪِئن ماٺِ ڪَري؟

اَندَرِ آڳ عِشَق جِي، اَپَرِ اُڌاڻِي،

”اَلعِشقُ نَارُ اللهِ المُوقَدِة“ کوري جِئن کاڻِي،

آهي آرِياڻِي، ٻِيو سَرَتِيُون سُڄي ڪِينَ ڪِي.



(15)

ڪَڍَ پُنهونءَ ڏي ڪاهي، چاٽِيءَ روُحُ چَرِيو ڪيو،

اُٿي ويٺي اوڏَهِين، سُتي پُڻ ساهي،

”اَلعِشقُ حِجَابٌ بَينَ العَاشِقِ والمَعشُوقِ“، لاشَڪُ ٿِيءُ لاهي،

آرِياڻِي آهي، ٻِيو سَرَتِيُون سُڄي ڪِينَ ڪِي.



(16)

سَرَتِيُون سَڀوئِي ٿِيو، اَندَري آرِياڻِي،

ويٺِي پَسان پاڻَ ۾، ڏوُنگَرُ ڏِيهاڻي،

هُيَسِ هوتَنِ هاڻِي، تي ڪيچي گَڏِيَمِ ڪَههَ ۾.



وائي

ڪا جا ڳالهَه هُئِي، سا جي لوڪَ سُئِي،

لو ٻاروچي جي مَنَ ۾.

سِرُ سَڳَرِ، پور پيچَري، تُون جا لوڪَ سُئِي،

سَسُئِي سَڳَرَ پَٽيِين، ڪيرُ چُوندو مُئِي؟

پَنڌُ ڪَريندي پِريَنِ ڏي، ڪَڏهِن ڪانَ کُهي،

آن ڪا ڏِٺِي اوٺِيا، هوتَنِ وَٽِ هُئِي.



سا موٽي ڪِيئن مُئِي، جِنهن جو جانِبُ جَتَ وَٺِي وِيا.

¯

سُر معذوري



داستان پهريون



(1)

هَلندي هوتَ پُنهوُنءَ ڏي، کُهِجَنِ ڪي کوٽِيون،

پانهڻ تَن پَٽُ ٿِئي، جي لَئي لالَنَ لوٺِيُون،

سَڀ سَهيلِيُون سِڪَ کي، چُنجُهون ۽ چوٺيُون،

ٻانڀڻِ! ٿئِي ٻوٽِيُون، تَه ڪُتا کِينَئِي ڪيچَ جا.



(2)

ڪُتا کِينَئِي ڪيچَ جا، سَندا جي پُنهُونءَ،

اَگهين هُوندَ، اَسُونهن جي جانارَنِ يادِ پُئين.



(3)

تَنِ پيئي جانارَنِ يادِ، جي پارِئَلَ پُنهوُنءَ ڄامَ جا،

سَندي لالَنَ لاڌِ، مُيان پوءِ مُنڌ ٿِئِي.



(4)

جاڳايَسِ جَنبُورَ، ڪُتي قرَيبَنِ جي،

بَهِي بَهُڪِي اُٿِيو، گَهڏي مَنجهان گهوُرَ،

سَڀِ لاهِيندو سُورَ، گِري هِنَ غَرِيبِ تان.



(5)

نَڪِين آهِيُون چُوهَڙا، نَڪِين آهِيُون چورَ،

هانگاما ۽ هورَ، ڪُتا! ڪَرِئين ڪَنِ تي.



(6)

ڪُتو چَئي قَرِيبَ جا، آهِيُون ساڌ سَهِي،

پِهرِين باتِ بَهِي، پُڇُون پوءِ پانڌِينَ کي.



(7)

ڪُهين، تان تون ڪُهه، ڏَسِ مَ چُوهَڙيان،

سَندا آهيڙِيان، اَنُ نَه سَهَندي هَٿَڙا.



(8)

ڪُتو طالِبُ ڍُونڍَ جو، اَسِين ڪُتي ڪِيڙَ،

چَهُٽِي آهي چِيڙَ، ڪارايل جي ڪَنَ ۾.



(9)

ڪَتو ڪُرٽي هَڏِيُون، جُوانمَردُ جِگَر کاءِ،

”اَلدّنِيَا جِيَفةٌ وَطُلُابُها ڪِلابُ“، اِيءَ هِنئين سين لاءِ.



(10)

جُه يارُ ڏِٺائُون يارَ جو، پُٺِيءَ پيرُ ڪَڙِينِ،

ڦِرِيا نَه فَرمانَ کان، اُنهِيءَ ۾ آهِينِ،

ڏِسِي نَه ڏاڙِهِينِ، شَبانَ جي سَڳَ کي.



(11)

سَگِبانَ سِينڍارِيا، بَڇِيا، تي بِهَنِ،

ڦِرِيا نَه فَرمانَ کان، مُلهه نَه موتِيڙَنِ،

ڪونهي ڏوهُ ڪُتَن، ڏاڪارِيا ڏاڙِهِينِ ٿا.



(12)

ڏُکا، ڏُونگَرَ جا مِروُن، مَرُ ٿا مُون تي ڪَنِ،

پَڙُندا ڪِينَ پَرِيتَ تي، هِنَ جا سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ،

سَڳائيءَ جِي، سَيّدُ چَئي، آهي سُڌِ سَڀَنِ،

هُوندَ نَه هِتِ ٽَرَنِ، پَرَ قَرابَتَ ڪَمُ ڪيو.



(13)

ڪَم قَرابَتَ جَنِ جِي، هِتي آيَمِ هِيئَن،

رِفاقَتَ راکَنِ جي، پَهُتِيَسِ پاهَڙَ سيئن،

ماڙهُو مُلاحِظو تنهن جو، ڪيچِ نَه ڪَندا ڪِيئن،

ذاتِ نِسورِيائي نِيئن، پَرَ سَڌَرَ سين سَڱُ ٿِيو.



(14)

سُڌَرِ سين سَڱُ ڪَري، پَرَکنڊين پيياسِ،

ڪير بِرَهَمڻ ڪَنِ جي، ڪيرُ ڄاڻي ڪيڻاسِ،

هُوندَ نَه سِنڌِ سُياسِ، هِنِ پُرئين ڪيس پَڌري.



وائي

خُوبي مَنجهِه خِفَتَ، اي دوسِتَ دِقَتَ،

آهي عَبدُاللِطِيفُ کي.

مَدَحَ مُون کان نَه ٿِئي، سَندي سُورَ صِفَتَ،

آهي عَبدُاللّطِيفُ کي.

هِجي ڪَرِيان هيجَ سين، مُطالِعُ مَحَبَتَ،

آهي عَبدُاللّطِيفُ کي.

حُزنُ هوتَ پُنهؤَنُ جو، رُڳيائِي راحَتَ،

آهي عَبدُاللّطِيفُ کي.

پرِيان جي پِستَان جو، فاقوئِي فَرَحَتَ،

آهي عَبدُاللّطِيفُ کي.





داستان ٻيو



(1)

ڏُکِي ڏَمَرُ ناهِ، بُکِيءَ کِلَ نَه اُڄهَي،

اُگهاڙيءَ وِهانءُ، وِيو ويچاريءَ وِسَري.



(2)

ڏُکِيءَ ڏورَڻُ پاڻَ تي، ويچاريءَ وِڌو،

ڏِيلُ تَنِهين جو ڏُکَ سين، سَڀوئِي سِڌو،

هُئَڙُسِ اَڳَ لِڌو، پوءِ ٿِي ڪَري پَنڌَڙا.



(3)

ڏُکِي ٿِي ڏَڌورَ، لَهسي لَنئون پُنهوُنءَ جي،

ڏيئي آڳ آتورَ، سَڀِ نَه ساڙي سَسُئِي.



(4)

ڏُکِي! ڏِکَ وِسارِ، سيڄَ ڦِٽِي ڪَر، سَسُئِي!

پَٽِيين پيرُ نِهارِ، تَه آرِياڻي اُتان لَهين.



(5)

ڏُکِي! ڏُکَ مَٿي ڪَري، وَانءُ ڇَپَري پيهي،

گَڏِيَئِي ڏيهي، سُوڌِيُون ڏِيندءِ خَبَروُن.



(6)

ڏُکيءَ ڏِيهاڻِي، مُٺِيءَ مَٿي هَٿُڙا،

تنهن پَر نَه کاڻِي، جنهن پَرِ جِئي، جيڏيُون!



(7)

ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونَگرين، آڌيءَ آهون پُونِ،

ڏاري جو ڏوُنگَرَ کي، سو ڪِين چَيو چُونِ،

آري جي اَفسوسَ ۾، ماڙُهو، مِروُن رُونِ،

اِنَ پرِ سيئي هُونِ، هِينئڙا جَنِ هَڄِي وِيا.



(8)

ڏُکِيءَ سَندِيون ڏوُنگرين، پَسو! پِٽُون پُونِ،

مُئي پُڄاڻا مُنڌَ کي، روجهَه رُڃُنِ ۾ رُونِ،

ڀُڻا اِيهين چُونِ، تَه ”مُئِي آسان کي مارِيو!“



(9)

ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏوُنگَرين، اوڇنگاروُن اَچَنِ،

هَڻِي سانگِ سَسُئِي کي، ڪِلو ڪِئو ڪيچِينَ،

جي هَٿان هوتَ مَرَنِ، هوتُ تَنين جي هَنجَ ۾.



(10)

ڏُکِيءَ سَنديُون ڏوُنگَرين، وَڻَ ٽِڻَ وايُون ڪَنِ،

وَٽان ويهِي جَنِ، وَڍيءَ سي واڍوڙِيا.



(11)

وَڍيءَ سي واڍوڙِيا، رَتُ نَه ڏِٺو جَنِ،

مَوتُ قَبُولِيو تَنِ، ڏِٺو جَنِ ڏُکِيءَ کي.



(12)

ڪنهن جِنهن ڏُکان ڏي، پارانڀا کي پانڌِيين،

سُورَ ڀَرِيائين سي، ڳالههِ ڪِيائِين جَنِ سين.



(13)

ڪو جو وَڍي وَڍُ، جِئن وِڻَ وَڍِيائِين وَڍَ سين،

ڏُکُ ڏکِيءَ کي ڏَڍُ، جَنِ ڏِٺِي سي ڏُکِيا ٿِيا.



(14)

وَڍِيَلِ ٿِي وايُون ڪَري، ڪُٺَلِ ڪُوڪاري،

هُنَ پَنَ پَنهنجا سارِيا، هِيءَ هَنجُون هَڏَنِ لَئي هاري.



(15)

ڏُکِيءَ توءِ ڏُڪارُ، توڻي وَسَنِ مِينهَڙا،

صاحِبَ هَٿِ سُڪارَ، هِنَ وَسِ آهِينِ هَٿَڙا.



(16)

ڏُکِيءَ توءِ ڏُڪارُ، سيڻَنِ ڏيهه سُڪارِيو،

ٻاروچاڻُون ٻارُ، سَڀوئِي سُواءِ سين.



(17)

اولاڪن اچِي، معذور تي مارو ڪيو،

متان وَرَ وِسارِئين، مَنجهان ڪُرَ ڪَچِي،

سُپَڪ ٿِي سُورَن سين، پَهچندِئن پَچِي،

سُپَڪَ ٿِي سُورن سين، پَهچندِئن پَچِي،

لاهي لاڳاپا لَنگهه تُون، سيڻَنِ ڏانهن سَچِي،

مَنجهان راه َ رَچِي، ٿِيندئِن لال لَطِيفُ چئي.



وائي

اَچِي لالَنَ! لَٽِ، مِيان مُيَ جو لوڙُه لَڪَنِ ۾.

هُو کان کَٿُوريءَ هيرَئوُن، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽُ،

مُيَ جو لوڙُه لَڪَنِ ۾.

آرِياڻِي! اَچِي ڪَري، ڪا گهَڙي مُون وَٽِ جَٽِ،

مُيَ جو لوڙُه لَڪَنِ ۾.

کَٿُوري کُشبُوءِ سين، هارِيائُون هَٽِ هَٽِ،

مُيَ جو لوڙُه لَڪَنِ ۾.

دَردَ مُنهنجي دِلِ جو، تُون ڪامِلَ اَچِي ڪَٽِ،

مُيَ جو لوڙُه لَڪَنِ ۾.





داستان ٽيون



(1)

جهلِي تان تَه رَهان، پَسَڻِ ڌاران پِرِينءَ جي،

اَپرَ عاجِزِ آهِيان، لالَنَ جان نَه لَهان،

فردا مُون ڦِٽِي ڪِي، وَعدي ڏي نَه وَهان،

صَباحَ سِينءَ نَه سَهان، خواهَ ميڙين خواه مارِيين.



(2)

صُباحَ سِيئن تان سُورَ، سَهي ڪيرَ سَرَتِيُون!

گهُٽِيان رَهَنِ نَه گهَٽَ ۾، پَيغامَنِ جا پُورَ،

مُئِيائِي مَنظُورَ، هيرَ هَلَندِيَسِ هوتَ ڏي.



(3)

هيرَ هَلَندِيَسِ هوتَ ڏي، ٻِيُون وِجهِي ٻَنِ،

جئڙو جانِ فِدا ڪَرِيان، مَٿان تَنِ پِرِيَنِ،

آيا اَڄُ گهُرجَنِ، فَردا مون ڦِٽِي ڪِئي.



(4)

فَردا مُنڌَ ڦِٽِي ڪَئي، نَقدُ کَنيو نارِ،

هِيءَ جا واڳَ وِلَهيءَ جِي، ويرَمَ ڏي مَ وارِ،

جَيڪِين مُٺِيءَ مارِ، جيڪين مِيڙِ مُٺِيءَ کي.



(5)

مُٺِي ٿِي مدعا گُهري، موتُ ٿِيو مَوجُودُ،

اَچين تَه اَڄُ ڪَرِيان، صُباحَ جو سُجُودُ،

جيڪين تي وُجُودُ، جيڪِين ميڙِ مُٺِيءَ کي.



(6)

جيڪين ميڙِ مُٺِيءَ کي، جيڪينِ مُٺِيءَ مارِ،

ڄيرو ٻِنهِين ڪَنڌِيين، ٻِنهِين پارين ٻارِ،

ڏُکِيءَ کي ڏيکارِ، هيڪَرَ هوتُ اَکِينَ سين.



(7)

ڏسَڻُ ڏِکان اَڳرو، سَسُئِي! آڻِ مَ شَڪُ،

ٿِيءُ ٻانِهي، ڀَرِ اوئِيُون؛ لَوڏ مَ،س پَسِي لَڪُ،

وَرُ پُنهوُنءَ سين پَلَڪُ! کوءِ ٻارَهن ماهَ ٻِيَنِ سين!



(8)

هَردَمَ هوتَ پُنهون جو، ڏِسَڻَ ڀانِئجِ ڏِکَ،

وَرُ پُنهوُنءَ ساڻ پَلَڪَ! ٻَنِ ٻارَهن وَرِهَ ٻِين سين!



(9)

ٿورَ ويرَمِي ٿِيءُ، وَڃَڻُ ويرمَ نَه سَهي،

ڏيئي مَرِجِ ڏوُنگَرِين، جَتَنِ ڪارَڻِ جِيءُ،

هَڏِ نَه هُوندو هيءُ، ساهُ پِرِيان تان صَدَقو!



(10)

اَدِيُون! وَرُ اُگهاڙ، وِهانءُ جنهِن وِسارِيو،

جيڏيُون! ڇَڏي جاڙَ، سَڀِ نَنگِيُون ٿِي نِڪَرو.



(11)

سَڀِ نَنگِيُون ٿِي نِڪَرو، لالَچِ ڇَڏي لوڀَ،

سُپيريان سين سوڀَ، نِنڊَنِ ڪَندي نَه ٿِئي.



(12)

سَڀِ نَنگِيُون ٿِي نِڪَرو، پَرَهَڻَ ڇَڏي پوءِ،

مَهَندِ مِڙَنِيان هوءِ، ڪَهي جا ڪِينَ کَڻِي.



(13)

ڪَهي جا ڪِينَ کَڻِي، پِرِينءَ پَهُتِي سا،

وِهي ويڙهجِي جا، وَصلُ تنهن وِڃائِيو.



(14)

وصلُ تنهن وِڃائِيو، سِينڌِ سرمي سينءَ،

سا لوٺِي لِيلان جِين، مَڻِيون جِنهن مِٽُ ڪيو.



(15)

هُوندِئان هوتُ پَري، اوڏو اَڻ هوُند کي،

ساڄَنُ تَنِ سَري، ’لا‘ سين لَڏِين جي.



(16)

لائي خَنَجَرُ ’لا‘ جو، هِنَ خَچَرَ کي هَڻُ،

سَڌُنِ جِيُون، سَيّدُ چَئي، وَٿُون سَڀِ وِڪَڻُ،

پيرُ پَروڙي کَڻُ، تَه هَلَڻَ ۾ هوري وَهين.



(17)

هورِنِ هاڙهو لَنگهِيو، ٿِيءُ جَرِيدي جوءِ،

هُوند جَنِين سين هوءِ، هوتَ نَه هُوندو تَنِ سين.



(18)

هورِنِ هاڙهو لَنگِهيو، مُٺِي! مُوسَٽُ ڇَڏِ،

’لا‘ سين اُٿِي لَڏِ، ’ڪِين‘ رَساڻي ڪيچَ کي.



(19)

هورِنِ هاڙهو لَنگهِيو، ڳورِيُون پاسي ڳوٺُ،

ڪيچَ تَنهين کي ڪوٺَ، ”ڪِينَ“ جِنهِين جي ڪڇَ ۾.



(20)

هورِنِ هاڙهو لَنگهِيو، ڳورِيُون ٿِيُون ڳَمَنِ،

هاڃي تنهن هَڄَنِ، ڌاران سِڪَ سَيّدَ چَئي.



(21)

نَڪا هِتِ، نَه هُتِ ڪا، ڳوريءَ سَندي ڳالهه،

ڪينَ پَهُتِي مالِ، حالِ پَهُتي هوتَ کي.



وائي

هَلُ هوتَنِ ڪارَڻِ حالَ، شالَ سَڳَرِ ٿِيندِيئن ساٿَ جي!

پيرَ پَنهنجي پِرِينءَ لَئي، ڪوڏِ رَتائِين ڪالهَه،

شالَ سَڳَرِ ٿِيندِيئن ساٿَ جي!

چَڙَهَندي سِرِ چوٽيين، لَڪَنِ ڪِيڙَسِ لالَ،

شالَ سَڳَرِ ٿِيندِيئن ساٿَ جي!

جي ڀايين جَتَنِ، جِي، ويجهي ٿِيان وِصالَ،

شالَ سَڳَرِ ٿِيندِيئن ساٿَ جي!

ٻُري پَٻَ وَڻَنِ ۾، وِجهج ڪا وَڙالَ،

شالَ سَڳَرِ ٿِيندِيئن ساٿَ جي!

ڪيچان آيو قافِلو، مَيَنِ مَٿي مالَ،

شالَ سَڳَرِ ٿِيندِيئن ساٿَ جي!

اِيندِيَئِي بُوءِ بوتَنِ جي، تُون جهَلِج پَٻَ پيالَ،

شالَ سَڳَرِ ٿِيندِيئن ساٿَ جي!

جِتي جَمازَنِ کي، جَبَلَ ٿِينِ جَنجَال،

شالَ سَڳَرِ ٿِيندِيئن ساٿَ جي!

پُڇي پِيادِيَنِ کي، اُتِ آرِياڻِي اَحوال،

شالَ سَڳَرِ ٿِيندِيئن ساٿَ جي!





داستان چوٿون



(1)

هَلَندي هاڙهو مَڻِي، ڪَرَڻَ ڪوهَ پِيامِ،

آرَڏا آري ڄامَ ري، گُوندَرَ گُذَرِيامِ،

لَڪِيُون، لَڪَ لَطِيفُ چَئي، اورانگهَڻُ آيامِ،

پُرَڻَ پُنهونءَ پُٺِ ۾، اِيءَ سَعادَتَ سَندِيام،

مَٿِسِ ڪَمُ وِڌامِ، وِهان تان نَه وَسِ پِيو.



(2)

هلندي هاڙهو مَڻِي، ڏَڪَنِ مُنهنجا ڏوهَ،

هو اوڇَڻ سِرِ اُٺنِ تي، هِيءَ پَنڌِ پُڇاڙي پوءِ،

ليڙَن ري، لَطِيفُ چَئي، ڪِئن ڪَرِيندِيَس ڪوه،

اڳِيان رائو سُڄي روه، وِهان تان نَه وَسِ پِيو.



(3)

هَلَندي هاڙهو مَڻِي، سِسِي ڏِيندِيَسِ ساهُ،

لَڱَنِ تان لَطِيفُ چَئي، پَاري نِيمُ پاهُ،

ڪَندو ٻاجهَه اَللهُ، وِهان تان نَه وَسِ پِيو.



(4)

هَلَندي هاڙهو مَڻِي، گَسان تان مَ گُسان،

لڪَنِ تَان، لَطِيفُ چَئي، رِڙهِي مانَ رَسان،

پُنهُون شالَ پَسان، ويهان تان نَه وَسِ پِيو.



(5)

ڀائِي حالَ هَلِي وِيا، ڪِنهن کي سُور سُلان،

کَڻِيو لَڄَ، لَطِيفُ چَئي، لَڪَنِ مَنجههِ لُڇان،

پانڌي ڪيرُ پُڇان، ويهان تان نَه وَسِ پِيو.



(6)

وَڌو ڪِيمَ وَڻاه! اُونچا، ڏوُنگَرَ مَ ٿِيو،

ٽمو مَ، نيڻاه، تَه پيرُ نِهاريان پِرِينءَ جو.



(7)

وارو مُون وَڻاهُ، ڪا سُڌِ سُونهَپَ جِي نَه ڏِيو،

اِيءَ اِهائِي ڳالَهِڙي، شَجَرَ سُڻيجاهُ،

چوٽيءَ چاڙهيجاهُ، تَه موڙهِيءَ ڪو مُنهن ٿِئي.



(8)

وارو مُون وَڻراهِ، ڪا سُڌِ سُونهَپَ جِي نَه ڏيو،

وِجهِي وَراڪَنِ ۾، مَعذورِ کي مَ مُنجهاءِ،

مَنجهان پاڻَ پِيادِيُون، هادي ٿِي هَلاءِ،

پِرِيان کي پَهُچاءِ، تَه لڳي لُوٺو نَه ٿِئين.



(9)

وارو مُون وَڻِڪارَ، ڪَا سُڌِ سُونهَپَ جِي نَه ڏِيو؟

آهي آسُونِهَينِ جي، مَٿي تو مَيارَ،

وِڙِهِيا ويراڳڻ سين، لَڪَن جا لِيارَ،

ڪَرِيان ٿِي ڪُوار، ڪَنڊن، ڪانڊيرَن جي.


(10)

ڪَنڊا مُون پيرَن ۾، توڻي لَکَ لَڳَنِ،

آڱرُ، آڱوٺي نَه مِڙي، ڇِپُون پيرَ ڇِنَنِ،

وِيندي ڏانهن پِرِينِ، جُتِي جاتِ نَه پائِيان.



(11)

جُتِي سي پائِيندِيُون، جَنِين پيرَ پِرِين،

لاٿِيُون سَڀِ پَرِين، سَسُئِي سُپيريُنِ کي.





وائي

جيڏيون! جا جَڙُ لائِي، جِيءَ جَتَنِ سين،

سا مُون سَرَتِيُون! سيباڻِيام: تنهن جِئڻ جالَ ڪيامِ،

جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!

مَهَرَ جا مَيَنِ جي، سَنجهي هَٿِ هُيامِ،

جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!

صُبح سُتي سُکَ ۾، ويسَلي وييام،

جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!

هَڪَل هوتَ پُنهون جِي، سَڳَرَ مَنجههِ سُامِ،

جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!

ڏورِيندي ۾ ڏوُنگَرين، ٿَهَرَ ٿوڀَ ٿِيام،

جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا، گَنجي مَنجههِ گهُرِيامِ،

جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!

سُتي سَڳَر پَٽِيين، سِگهَڙي سارَ لَڌِيامِ،

جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!

ڪِيهُون ڪوهَنِ پَٽيين، ڪُوڪُون جمازانِ،

جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!

هوتاڻِي هَٿُ کَڻي، پُنهُون پِيادِيانِ،

جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!

ڏَکُون، بُکُون، ڏاکِڙا، ڪارَڻِ جَنِ ڪيامِ،

جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!

موٽي ماءِ! ڀَنڀورَ ۾، اَڱَڻِ سي آيامِ،

جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!





وائي



(2)

ويجهي وِندُرَ جي وَڻنِ.

اي اوڏي آيَس، جان پِرِيان جي پيچري،

جي تو اوڏا ڀانئيا، سي ڏونگَر ڏُورِ ڏسَنِ،

مَدي نَه هُيَنِ مَنَ ۾، ته ڪيچان ڪوهُ اَچَنِ؟

مَرَڻ مُنهنجي کي ڪيو، هِيُ پَههُ ٻاروچَنِ،

سُونهَنِ سَڳَرَ پَٽِيين، مَنهن مَعذوُرِنِ،

وِندُر وائِي جا وَهي، مُون کي سا نَه سَلَنِ،

آڻي ٻَڌا اوٺيِين، موتِي کي مَيَنِ،

لاٿائُون، لَطِيفُ چَئي، لَڏوُن سِرِ لَڪَن.





داستان پنجون


(1)

هٿين پيرين، مُونَڙِئين، هَلِج ساڻُ هِينئين،

عِشقُ آريءَ ڄامَ جو، نِباهي نِئين،

جان جان ٿِي جِئين، پاڙج ڪوم پُنهوُنءَ سين.



(2)

هَٿين، پيرين، موُنَڙِيين، ڪَهجِ ڀر ڪَپارَ،

مَتان، ڇوري! ڇَڏيين، پِرِيتَڻِي پَچارَ،

توکي سَندَ، سَسُئِي! سَندي لَنئون لَغارَ،

جي هونُئِي هَزارَ، تَه پاڙِج ڪومَ پُنهوُنءَ سين.



(3)

هَٿين، پيرين، مُونَڙيين، ڪُهجِ ڀَرِ قُدامَ،

وِچ وِسيلو ناهه ڪو، اوري آريءَ ڄام،

هِينئين لائي هامَ، پاڙِج ڪومَ پَنهوُنءَ سين.



(4)

هَٿين پيرين، مُونَڙِيين، پُري ڪج پَرَکَ،

قَدَمُ ڪيچَ ڌَڻينِ ڏي، پاءِ وَڌندي وِکَ،

جي هُونئِ هوتَنِ لَکَ، تَه پاڙِج ڪومَ پُنهوُنءَ سين.



(5)

هَٿين، پيرين، مونَڙِيين، سِرِجِ ساهَ پَساهَ،

هوتُ گَڏبئِي حَبَ ۾، رَهَبَرَ مَٿي راهَ،

جان جان ساڻءِ ساهُ، تَه پاڙِج ڪومَ پُنهُونَ سين.



(6)

جَڙَ جا هَنيَمِ جَتَ، تِنهن ڳُجهي ڳارِيُمِ جِندَڙو،

آڻي اَندرِ کوڙِيا، ڪوهياري ڪَرَوَت،

سُورَنِ ساڙي آهِيان، سِڪان کي صِحَتَ،

اَندَرِ ريلا رَتَ، ٻاهِر ٻاڦُ نَه نِڪري.



(7)

تَتِي ٿَڌي ڪاهِ، ڪانهي ويلَ وِهَڻَ جِي،

آسَرَ هَڏِ مَ لاهِ، ڇِنَڻَ ڳَنڍَڻُ اُنِ جو.



(8)

ٿَڌِي ٿَڪِي نَه وِهي، تَتَي ڪَري تاڻَ،

وِڌائين وَڻِڪارِ ۾، سَسُئِي پاڻُ سُڪاڻَ،

پُڇي پَہَ پَکِينَ کي، پيئي مُنڌَ پَرِياڻَ،

ڏِنَسِ ڏيہَ وَڻَنِ جا، تَنِ اَللهَ لَڳِ اُهڃاڻ،

مانَ پَرچِي پاڻَ، اچي آرِياڻِي وَري.



(9)

توڻي وِلاڙون ڪَرين، توڻي هَلين وِکَ،

لِکِئي منجهان لِکَ، ذَرو ضايَع نَه ٿِئي.



(10)

لِکِيو جو نِراڙِ، سو اَنگ ڪِياڙي نَه ٿِئي،

پاڙيو ويٺي پاڙ، جيڪين لالَنَ لِکِيو لوحَ ۾.



(11)

جِتي جيتَرِيُون، لِکِيُون لوحَ قَلَمَ ۾،

تِتي تيتريُون، گهَڙِيُون گهارَڻُ آئِيُون.



(12)

ڪيائِين ڪيچِيَنِ لَئي، جُسو جَلاوتَ،

ڇڏي، پيٺي ڇَپَرِين، هاري سَڀِ حجت،

هُئِي نِماڻِي نِستَ، پَنڌُ وِڌائِين پاڻَ تي.



(13)

پَنڌُ نَه پَنَڌَنِ جيتَرو، ڪِئن سُڄَنِدي ڪِيههَ،

جيڪَرَ ڪَرِيان رِيههَ، پَرَ چُوندا مُنڌَ چَري ٿي.



(14)

چُونِمِ مَرُ چَري ٿِيي، پَرُ جي سَڏُ سُڻِين،

مَرُ مُنهِين کي ڏِينِ، ماڙهُو اَچِيو مِهڻان.



(15)

ماڙهُو ڏيئي مِهڻان، مُون کي ڪَندا ڪوه؟

جنهن ڇوري ۾ ڇوهُ، سا پِٿُون ٿِيندي پيرَ تي.



وائي

توڏَنِ تان نَه تَنوارِيو، مُنهِنجو لالَنَ وارِيو،

اَللهَ ڪارَڻِ، مِيان اوٺِيا!

شَرَفُ لَهي سَسُئِي، ڪُٺلِ کي ڪَمُ ڪارِيو،

مُنهِنجو لالَنَ وارِيو.

مينديءَ مورَ مَلِيرَ جا، چَانگَنِ کي سَڀِ چارِيو،

مُنهِنجو لالَنَ وارِيو.





داستان ڇهون



(1)

آئُون نَه گَڏي پِرِينءَ کي، ٿورا ڏِينهَن ٿِيا،

راتين روزَ وِيا، عَبَثَ آريءَ ڄامَ ري!



(2)

آئُون نَه گَڏي پِرِين کي، سَهَسين سِڄَ وِيا،

هَلَڻَ ويرَ هِئان، ديکِي شالَ دَمُ ڏيان!



(3)

آئُون نَه گَڏي پِرِينءَ کي، تُون ٿو لَهين سِڄ،

آئُون جي ڏيائِن سَنيها، نيئِي پِرِيان ڏِج،

وَڃِي ڪيچِ چَئِج، تَه ”ويچاري واٽَ مُئِي.“



(4)

آئُون نَه گَڏي پِرِينءَ کي، پويُون ٿِيو پَساه،

سِڪان ٿِي سَڪَراتَ ۾، رويو پُڇان راه،

شالَ مَ وَڃِيم ساه، ڌاران پَسَڻَ پِرِينءَ جي!



(5)

آئُون نهَ گَڏي پِرِينءَ کي، عُمِرِ تان ويئِي،

وِلَهِيءَ ڏِينهَن وِڃائِيا، سَرَتِيُون! سَڀِيئي،

پِيريءَ ۾ پيئِي، اَکِيُون آريءَ ڏي کَڻي.



(6)

آئُون نَه گَڏي پِرِينءَ کي، جوڀَنُ وِيو جاڙ،

آڏا آرِيچَنِ کي، چاڙهيڪا ۽ چاڙ،

مُون مُٺِي کان نَه ٿِئي، وَڏَپَڻَ مَنجهه وِلاڙ،

عُمِرِ سَڀِ آواڙ، وِييم! ٿِي واڪا ڪَرِيان!



(7)

آئُون نَه گَڏي پِرِينءَ کي، هِيءَ پُڻِ ڏِينهن وِيو،

نهوڙي ناڀُن سين، مُون کي نِيهَن نِيو،

مَٺِي موتُ ٿِيو، ”پِيَ، پِيَ“ ڪَندي پَنڌَ ۾!



(8)

آئُون نَه گَڏي پِرِين کي، آيو عِزرائِيلُ،

جو راڻي سين جيڏيُون، نَڪو قالُ نَه قِيلُ،

آيو موت دَليلُ، مارِيندو مُرادَ کان!



(9)

آئُون نَه گَڏي پِرِين کي، مَٿان آيو مَوتُ،

واجهائِيندي وَرِهَ ٿِيا، هَڏِ نَه گَڏِيُمِ هوتُ،

جيڪُسِ ٿِينديَسِ فوتُ، فَنا هِنَ فِراقَ ۾!



(10)

وِلاڙِيو وَڻين چَڙهي، ڳِجهُنِ ٿِيندي ڳاهُ،

سَسُئِي سوري چاڙِهيو، پِرِيان لَئي پُساهُ،

هو مِروُن، هيءُ ماهُ، ڪِينَ ڪَمِيڻي رَکيو.



(11)

وِلاڙِيو وڻين چَڙهي، رَئِي پَسِيو روءِ،

وچان جو وِچُ پوءِ، سو ڪنهن پَرِ ڪَهِي لاهِيان!



(12)

وِلاڙِيو وَڻين چَڙهي، اُنچَنِ مَٿي اَڄُ،

لالَنَ ڪارَڻِ لَڄُ، باسِيائِين بُردارَ جي.



(13)

وِلاڙِيو وَڻين چَڙهي، ڏِيو پَٽولي لانگَ،

ٽاريءَ ٽاريءَ ڇانگَ، سَسُئِي، مورَ ٻَچَن جِئن.



(14)

وِلاڙِيو وَڻين چَڙهي، ڪِي جو ڏِٺائِين،

موتُ به مارِيائِين، پاڻِ تَنهِين جي پُٺِ ۾.



(15)

وِلاڙِيو وَڻين چَڙهي، پَسو! سَگههَ سَندِياسِ،

آڌيءَ وَڃِيو آکَڙي، نَڪو پِيُ نَه ماسِ،

سوئِي سو سيڻاسِ، پَري پَڙاڏا ڪَري.



(16)

وِلاڙِيو وَڻين چَڙهي، ڏاڍو ڏوري ڏوُر،

سُپيرِيان جي سُورَ، پَري پَڙاڏا ڪَري.



(17)

پَري پَڙڏا ڪَري، اوري نَه آهي،

ڪَمتَرِ ڪا ڪاهي، پَهُچي هِنَ پَٽِيءَ کي.



(18)

رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرُ ڪووَلَ جِي ڪُوڪَ،

وَلولو ۽ وُوڪَ، اِي تان آهَ عِشقَ جِي.



(19)

رُڃَنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرُ چَتُونءَس جِي چانگارَ،

اِيءَ عِشقَ جِي اُٻڪارَ، نَعرو آهي نِينهن جو.



(20)

رُڃَنِ ۾ رَڙِ ٿِي، جِهڙي ڪَري جوءِ،

اِيءَ نَه عَورَتِ هوءِ، اِيءَ تان آهَ عِشقَ جِي.



(21)

رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ ڪَرَڪي ڪُونج،

نَعرو مَنجههِ نِڪونجَ، اِيءَ تان آهَ عِشقَ جِي.



(22)

رُڃَنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ سارَنگِيءَ سازُ،

اِي عِشقُ جو آوازُ، ماڙهُو رَکَنِ مُنڌَ تي.



وائي

هيءَ گهايَلِ هَڏِ گهوري، وو! اَلا ميان! ڪيچِي مُون نَه سَڱِيڻان.

عِشق آريءَ ڄامَ جي، هِيءَ جهُونَڙي هَڏِ جهوري،

وو! اَلا ميان! ڪيچي مُون نَه سَڱِيڻان.

رَهِي جا رُڃُنِ ۾، سا ڇَپَرِ ڇَڏِيو مَ ڇوري،

وو! اَلا ميان! ڪيچي مُون نَه سَڱِيڻان.

اَدِيُون آرِيچَنِ لَئي، ڏُوُنگَرَ ٿِينديَسِ ڏوري،

وو! اَلا ميان! ڪيچي مُون نَه سَڱِيڻان.





داستان ستون



(1)

مري، جِيءُ ته ماڻِيين، جانِبُ جو جَمالُ،

ٿيين هُوندَ حَلالُ، جي پَندِ اِهائِي پاريين.



(2)

مَرُ، تَه موچاري ٿِيين، اَجَلان آڳي اَڄُ،

جَان ڪِين هُئين جِئري، تَه مُنڌَ ڀَنڀوران ڀَڄُ،

پُنهونءَ ساڻُ پَهَڄُ، تَه مَلَڪَ المَوتُ ماڻِيين.



(3)

مَرُ، تَه موچاري ٿِيين، جِئڻُ آڏو جَتَ،

هاري ڪَرِ هِمَتَ، تَه ڏيئي دَمَ دوسُ لَهين.



(4)

مَرُ، تَه موچاري ٿِيين، ويهِي وِجههُ مَ ويرُ،

دِلِ ۾ آڻِ مَ دَورُ تُون، ڦِرَڻِ سَندو ڦيرُ،

توڻي لَهين نَه پيرُ، توءِ راحَتَ آهِ رِڙَهِڻَ ۾.



(5)

مَرُ، تَه موچاري ٿِيين، ويهي جِيّ مَ جوءِ،

مُنڌَ! مَرَڻا پوءِ، پَهُچَندِئَن پُنهوُنءَ کي.



(6)

اَجَلان اڳي، سَسُئِي! مُنڌَ، جِيَرِيائِي مَرُ،

ٽولِئان تِنهن مَ ٽَرُ، جنهن رُوحُ وِڃايو راهَ ۾.



(7)

مَرَڻا اَڳي جي مُئا، سي مَري ٿِينَ نَه مات،

هُوندا سي حَيات، جِيڻان اَڳي جي جِيا.



(8)

جِيڻان اڳي جي جِيا، جُڳ جُڳ سي جِينَ،

اُوءِ موٽِي ڪِينَ مَرَنِ، مَرَڻا اڳي جي مُئا.



(9)

تو سامائي، سَسُئِي! مَرَڻُ ڪِيو مُردارُ،

ڪُپَرِ سين ڪوهِيارُ، لوٺِي! تو لَڄائِيو.



(10)

اُونچو اُتاهوُن، گهَڻوُن، جِيَڻَ کي جَبَلُ،

مَرَڻَ! مُون سين هَلُ، تَه پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.



(11)

تو سَڱَ، ساهَ! گهَڻَن سين، جِئڻَ! گوشي جاءُ،

مَرَڻَ! مُون سين آءُ، تَه پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.



(12)

وَڏا طالِعَ تَنِ جا، جي مارَڳ مَنجهِه مَرَنِ،

ٻِيُون ڇا کي ڪَنِ، ڪوڙي دعويٰ دوست سين.



(13)

سَڏُ سُڃاڻِي پِرِينءَ جو، واڪي جي نَه وَرَنِ،

ڪُڄاڙي کي ڪَنِ، ڪوڙي دَعويٰ دوست سين.



(14)

مُيين جي مارَڳَ ۾، ڇَپَرِ ڇُلِي جي،

تَه قَدرُ ڪيچين کي، هُوندَ پَوءِ تُنهنجي پَنڌَ جو.



(15)

پَرِ ۾ پَچِي پِرينءَ کي، مَري نَه ڄاتوءِ،

”مُوتُوا“ مُنڌَ نَه سوءِ، ڪَنڌُ ڪُڄاڙِيان ڪاٽِيين.



وائي

وِهُ مَ واٽِ وِرچِي، هو! الا مِيان!

جِئَن ڪَهَندِئن تِئن لَهَندِئن.

ڪَنِين اَچِي ڪا ڪَهِي، ڪَنِين اَچِي ڪا چَئِي،

جِئَن ڪَهَندِئن تِئن لَهَندِئن.

اَمُلُ ڀانيان اُنَ کي، ساڄَنَ مون کي جا چَئِي،

جِئَن ڪَهَندِئن تِئن لَهَندِئن.

پيرَ پَٽائين ڪُونئرا، رائي ڪِيَسِ رَچِي،

جِئَن ڪَهَندِئن تِئن لَهَندِئن.

مُنهن ڪَرِ مَعذُورِنِ ڏي، پُنهون ڄامَ! پَرَچِي،

جِئَن ڪَهَندِئن تِئن لَهَندِئن.

مُون کي تِنهِين مارِيو، جَتَن جا چَئِي،

جِئَن ڪَهَندِئن تِئن لَهَندِئن.

وِندَرَ واٽَڙِينِ کي، ڪانڌي ٿِيندَمِ ڪيچِي،

جِئَن ڪَهَندِئن تِئن لَهَندِئن.



ڪُڄاڙي کي ڪَنِ، ڪوڙي دَعويٰ دوست سين.

 

سُر ديسي



داستان پهريون



(1)

مُٺِيَسِ! جهَل مَهارَ، ڪُٺِيَس! ڪاهِ مَ ڪَرَهَو،

مُون نِماڻِيءَ جي نِجهُري، ڀيرو ڪِج ڀَتارَ،

ساجَن توهان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏِينهن قِيام جو.



(2)

ڏاگهَن، ڏيرَن، ڏُونگرن، ٽِنهين ڏِنُم ڏُک،

سي سَڀ ڀانَيمِ سُکَ، هيڪاند ڪارَڻ هوتَ جي.



(3)

ڏاگهَنِ، ڏيرَن، ڏُونگرن، ٽِنهين ڏُک ڏِنام،

لَڪَنِ لُوساٽِيو هِينئون، ڇِپُن پير ڇِنام،

رَندين رَتُ رُنام، پُرَندي پار پُنهونءَ جي.



(4)

ڏاگهَنِ، ڏيرن، ڏُونگرِن، ڏُکُنِ آئُون ڏَڌي،

پُڇان پيرُ پُنهونءَ جو، وِجهان وِکُ وَڌي،

لِکِئي آئُون لَڌي، تاتَ پَٽَنِ ڪيرَ پَنَڌَ ڪَري.



(5)

ڏاگهَا ڪِيَمَ ڏَرو، اَڃا آرياڻِي اڳي ٿِيو،

موڙي مَڃَرَ ٽارِيون، چانگا ٿا چَرو،

آن تان حَرَفُ هَرو، مُورائِين مَعافُ ٿِيو.



(6)

اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏهِن ڏاگها ڏِٺئي ڏِينهن،

وَٺِي سَڙَڪَ سَسُئِي، ويههُ وِهاڻِيءَ سِيئَن،

چوٽِي سين چانگَنِ کي، جَڙِ زنجيرَن جِيئن،

تَه هوتُ تُنهنجو هِينئَن، پُنهون نِيائُون نه پاڻَ سين.



(7)

اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏهِن ڏاگها ڏِينهن ڏِٺاءِ،

ڪُنجُون جي قُفلَنِ جِيُون، تان ڪِنهن لَلِ لِڪاءِ،

تَه سُڀاڻي سَندِياءِ، ٿِئي سارُوڻِي سَسُئِي.



(8)

اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏِهن ڏِٺئي اُٺ،

ڏايُئِي نَه ڏاگهَنِ کي، اوڳِي ساڻُ اَڳَٺَ،

تَه هُوندَ نَه تُنهنجي هَٺَ، سُورُ پِرايا سَسُئِي.



(9)

اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏِهن ڏِٺئي توڏا،

وَنڱِيُئي نَه وارَن سين، تَن گورَن جا گوڏا،

تَه لَڪَن جا لوڏا، هُوندَ نَه سَٺئي سَسُئِي.



(10)

ڏاگهِنئُون ڏيرَنِ، جي آندا ٻَردَ ڀَنَڀورَ ۾،

هَڻِي چيلَ چَرا ڪِيا، وَهِ پَئِي وَهُڙَنِ،

کُڙيءَ کَڙِڪو اُنِ جو، هُوندَ سُتي سو سَڀَنِ،

ڏاندَنِ ساڻ سَيّدُ چئي، پِيادِيُون پَهُچَنِ،

جَنِ جو پيرُ نَه لَڳو پَٽيين، تَنِ آيُمِ ساڻُ اُٺَنِ،

گُنگَن ۽ جُنگنِ، مُنڌَ اَسوُنهِين ميڙيين.



(11)

اَڳي اُٺُ رَڙَنِ، مُون ڀيري ماٺِ ٿِيي،

پَلاڻِيندي پاڻَ ۾، ڪُڇيو ڪِينَ ڪُٺَنِ،

ڪا جا مامَ مُٺَنِ، هِن پُڻِ هُئِي هُنِ سين.



(12)

ڇا جي ڏِنگا ڏيرَ، مُنهنجو ڏينهن ڏِنگو مَ ٿئي،

اُٺَنِ، اوٺِيَڙَنِ جي، ڇا وَهِيڻو ويرَ،

هِيءَ ڪَمِيڻِي ڪير، جا اَمُرَ کي آڏو اَچي.



(13)

ديسي سيڻَ ڪَجنِ، پَرَديسِي ڪِهڙا پِرِين،

لَڏِيو، لاڏُوُڻا ڪيو، پَنهنجي ديس وَڃَنِ،

پُڄاڻا پِرِينَ، ڪجي بَسِ ڀَنڀورَ کان.



(14)

ڌُرِيائِين ڌارِيان، مِٽَ مُئِيءَ جا نَه ٿِيا،

مَدي ڏيرَنِ مَنَ ۾، کِلِيو کِيڪارِيان،

صُبُحَ ٿِي سارِيان، تَه اُٺَ نَه اوطاقُنِ ۾.



(15)

اُٺَ مَ اوري آڻِ، ڏاگهَنِ ڏَڌي آهِيان،

هَڻِي هَٿُ هَيَنِ کي، پَري نِيئِي پَلاڻَ،

هوتُ مُنهنجو هاڻِ، پُنهُون نِيائُون پاڻَ سين.



(16)

جتا! شالَ جِيو! جِيو تان جاڙُون ڪَرِيو،

ٻانڀَڻِ کي ٻَروچ ري، ٻيلِي ناهِ ٻِيو،

ڇِنَڻُ تان نَه ٻِيو، هِي سَڱُ نَه ڇِنَڻَ جيهَڙو.



(17)

جَتَنِ جا جيلان، ٿِي ساٿَ پُڇائي سَسُئِي،

آيُسِ آريءَ ڄامَ جا، تَڙِ توڏا تيلان،

اُنِ کي ناڪِيليُون نَڪَنِ ۾، دُهرِيُون دَليلان،

سِرِ هَڻِيو سيلان، لايو نِينهن ننِڊون ڪَرِيين.



(18)

جَتَنِ ڪج جَتَنِ جو، آئِيا ڪي اِيندا،

وَٺِي پُنهون پانهِنجو، وَٽان تو وِيندا،

دَمُ نَه دَمِيندا، سِڌارِيندا ساڻيههَ ڏي.



(19)

جَتَ هَڏِهِين هُتِ، مُون هِتِ هِينئڙي ۾ حَلُ ٿِيا،

چَنگُلَ جَنين چوڦرا، راحَتَ تَنِ جِي رُتِ،

گَنگَن جِي گُپتِ، ڇيڙي وَڌِيَسِ ڇَپَرِين.



(20)

جَتَنِ وِڌِيسِ جارِ، نات هُيَسِ نِماڻِي نِڪڻِي،

ٿِيَڙا پاڻَ قَرار، مُون مَنُس گَڏي گُوندَرين.



(21)

جي ڄاڻان جَتَنِ، پوءِ پَٽاندَرُ هيترو،

آءٌ ڪيئن مُلا تَنِ، سَرَتِيُون سُورَ پِرائِيان.



(22)

هي جي آيا هيرَ، مُون اڳَ نَه ڏِٺا ڪَڏِهِين،

آئُون تَرَسان، هو تَڪِڙا، پَٽِ نَه لائِنِ پيرَ،

ڀَنڀولِيَسِ بَرَنِ ۾، پَسِي ڀِينڊيَنِ ڀيرَ،

آءٌ آرِياڻِي آسري، ٿِي واهَرَ جِي ويرَ،

هيءَ ڪَمِيڻي ڪيرَ، تُون پاريسَ رَسِج پَٻَ ۾.



(23)

جَتَنِ يارانُون، ڪيچِين مُون سين ڪونَه ڪِئو،

نالي سُيَسِ هوتَ جي، مَٿِم ٻارانون،

تيلاهِين طَعنون، ڏِيندا مُون ڏيرَ وِيا.



(24)

گورا وَڃَنِ گامَ، ڏيرَنِ سَندا ڏيههَ تي،

توڏَنِ جِيُون تَڙڀِيڙَ ۾، تريُون تِرڪَنِ تان مَ،

اوٺِيڙا آرام، لَنگهي پَٻُ پَري ٿِيا.



(25)

گَههَ سِرِ ٿِئي مَ گَسُ، پَڻِي پوءِ مَ پِرِينءَ تي،

جِنهن سِرِ ساجَنُ سُپِرِين، تِنهن اُٺَ مَ لَڳي اُسَ،

پُنهوُنءَ پاڪَ پُرِسَ! هوتَ نَه ڪجن هيڏِيُون.



(26)

اُس مَ لَڳي اوٺِيين، ليڙان لُڪَ مَ لَڳ،

الله! آرِيسچَنِ کي، ڪوسو واءُ مَ وَڳَ،

جَتَ جَجها ۾ جَڳَ، مُنهنجِي پِرت پُنهوُنءَ سين.



(27)

لَڏِيندي لِباسُ، جَتَن جيڏوئِي ڪيو،

اَچي آريءَ ڄامَ جو، وَڻَ وَڻَ منجهان واسُ،

مِرون کِينَم ماسُ، هَڏَ هَلَندا هوت ڏي.



(28)

اُٺَ ويري اوٺارَ ويري، ويري ٿِيَڙَمِ ڏيرَ،

چوٿُون ويري واءُ ٿيو، جِنهن لَٽِيا پُنهوُنءَ پيرَ،

پَنجُون ويري سِڄُ ٿِيو، جِنهن اُلهي ڪِي اَويرَ،

ڇَهُون ويري ڇَپَرُ ٿِيو، جِنهن سَوان نَه ڪِيا سيرَ،

سَتُون ويري چَنڊُ ٿِيو، جو کِڙيو نَه وَڏيءَ ويرَ،

واهيري جي ويرَ، ڇُلوُن ڪَرِيان ڇَپَرين.



وائي

ڏاگهَنِ، ڏيرَنَ ساڻُ، ڪَرَهَنِ، ڪيچِين ساڻ،

مَتان ڪا ٻِي لَنئُون لائي!

آئُون سُتِي، هو هَلِيا، وِئَڙا ڪَرَهَلَ ڪاهي،

مَتان ڪا ٻِي لَنئُون لائي!

آسَڻ اَڳِيان اُن جِي، ”ٻَرِ ٻَرِ!“ ڪِيو ٻاڏائي،

مَتان ڪا ٻِي لَنئُون لائي!

چَتُر ڏيئِي چِتَ کي، وِئَڙا هوتُ ڇپائي،

مَتان ڪا ٻِي لَنئُون لائي!

جيڪا هُيَنِ مَنَ ۾، وِئَڙا پَنهنجي پُچائي،

مَتان ڪا ٻِي لَنئُون لائي!





داستان ٻيو



(1)

اَڄُ پِه وَسائِي اوٺيين، مَٿي مارَڳَ ماڪَ،

پُنهوُن نِيائُون پاڻَ سين، تاڙِيُون ڀَڃِي طاقَ،

”هَيهَاتَ هيهاتَ لِما تُوعَدُونَ“، سُڃِي ٿِي اوطاقَ،

چَڪِيءَ چوري چاڪَ، هاڙهي هوتَ هلي ويا.



(2)

مِڙي مُنڌَ ڏي آئِيُون، ساهيڙيون سَهَجان،

”اَلسَّفَرُ قِطعَة مِنَّ النَّارِ“، هاري! موٽُ هِتان،

سَڱُ صِراطَ المُستَقِيمَ جو، اَٿئِي تان اَڳِيان،

سي ڪيچِي نِيندءِ ڪِئان، تُنهنجو نِينهُن نِفاقَ سين.



(3)

جَڏان ڪُن فَيَڪُون چَئي، نِيو آرِياڻِيءَ اَرِواح،

اَنگُ اَڳَهِين لِکِيو، مُنهِنجو مِيثاقاء،

”مَن طَلَبَ شَيئا وَجَدَّ وَجَدَ“، اُتو عَلِي شاه،

اَڃا هِنَ حَدِيثَ جو، مُون آسَرو آه،

پُنهوُسنءَ جي پَيغامَ تان، مُنهِنجو موتُ مُباح،

سَرَتِيُون! دُعا ڪجاه، تَه ميڙائو مُون ٿِئي.



(4)

صُبُح سِياهِي، آهي آريءَ ڄامَ ري،

ڪَڏهِن پَسي ڪا نَه ڪا، ري لالَنَ لالائِي،

دُود دِلِ تان دُورِ ڪَري، ڪَرِ ساجَنَ صَفائِي،

”مَن لاَ شَيخُ لَہُ فَشَيخُہُ الشّيَطاَنُ“، اِنَ ري اُونداهِي،

هُوءَ جا هَلِي هيڪَلِي، سا گِيرَبَ گمائِي،

”بِلَا شَيخ مَن يَّمشِي فِي الَّطرِيقِ“، اِهَڙي آوائِي،

تِنهن ري تَوائِي، ڪوڙِئين ٿِيون ڪيتَرِيُون.



(5)

بَرُ وڏو، بارُ گهَڻُون، ويجهو نَه وَڻڪار،

ليڙَن جو لَطِيفُ چَئي، کَنيو مُنڌَ مَدارُ،

وَڻَندُنِ نهَ وَڙ ڪَندا، ناتَ اَڳِينَ جي اِختيارَ،

ڪاڏي ٿِيو ڪوهِيارُ، ڪاڏي ٿِي هَٿَ کَڻي.



(6)

ڪيڙي ڪيچايَنِ، گؤرا گَسِ هَلائِيا،

لَڙِيو، چَڙهيو چوٽِيين، ڪَريو ڪوهَ ڪِڙَنِ،

سُونهنِ جي سَردارَ سين، سي توڏَ مَ تَرٽِجَنِ،

لُطفُ ساڻُ لَطِيفُ چئي، لَنگهِيو بَرُ بوتَنِ،

تَنِ ڪِهڙو غَمُ گُنگَسنِ، هوتُ حِماتِي جَنِ جو.



(7)

جاڳائي جَتَنِ، گَورا گَسِ هَلائِيا،

پَهُتِي ري پَهاڙ ۾، اُٺَ مَ آگهَٽِجَنِ،

لَتاڙي لَطِيفُ چَئي، لَنگهِيو بَرَ بوتَنِ،

تَنِ ڪِهڙي چُڪَ چانگَنِ، هوتُ حِماتِي جَنِ جو.



(8)

ڀِنِي ٿا ڀَرِينِ، ساٿِيَنِ سَنڊَ هَٿَنِ ۾،

ليڙَن جو لَطِيفُ چَئي، مُون کي مَنجههُ نَه ڏِينِ،

هوتُ پُنهوُن ٿا نِينِس، اَسُونهِيءَ جو آجِڪو.



(9)

اوڳارين نَه آنِرا، ٻَڌا چَرَنِ نَه ٻُورَ،

ليڙَنِ کي لَطِيفُ چَئي، هَلَڻَ جو مَذڪُورُ،

مَينِ کي مامُورُ، آهي اُڻتڻ اڳيين پنڌ جي.



(10)

دوڪَ دَهليا جِتِ، گورا هَلَنِ نَه گَسَ ۾،

چؤ سال ئِي نَه چلڻا، ٿي تنگ نِهاري تِتِ،

سوڌي اُنهِين سيد چئي، پوءِ پانچارِئنِ پِرِتِ،

اِن اَڙانگي پَنڌَ جي، ڪا نيشَنِ پوءِ نِرِتَ،

سسُئي وَڏي سَتِ، جا اِهَڙيءَ پر پَنڌُ ڪَري.



(11)

پُڻِ ٿا پَلاڻِين، اوٺِي اَڄُ اُڀَکُڙا،

پَہَ، پارسِيُون پاڻَ ۾، ڏيرَ ڏيهاڻِي ڏِينِ،

هوتُ پُنهوُن ٿا نِينِ، ٻاروچِي ٻولِي ڪيو.



(12)

پُڻِ ٿا پَلاڻِينِ، اوٺِي گهَڻوُن اُٻاهَرا،

هوءِ جي هَلَڻَ سَندِيُون، ڳاهُون ڳالهائِينِ،

مُون کي ٿا مارِينِ، سَڄَڻَ سانباهِي ڪيو.



(13)

”هَئي هَئي!“ ڪيو ”هاءِ!“ ٿِي پاڻُ هَڻي سِرِ پاهڻين،

لَڌائِين لَطِيفُ چَئي، جَتَنِ سندي جاءِ،

شڪر بارِ سَنداءِ، جئن سٽاڻي ساٿِ مِڙي.



وائي

لالَنُ آيڙو پيهي، وِئَڙا سُورَ سَڀيئي،

جِيَسِ جِيَسِ! وو جيڏيُون، مُنهِنجو لالَنُ آيو پيهِي،

ڳالهِيُون ڪَندِيَسِ ڳُجهِيُون، مُنهن مُقابِل ويهِي،

جِيَسِ جِيَسِ! وو جيڏِيُون.

کَٿُوريءَ بارُ ڀَري، آيو ڏُونگَرَ ڏيهِي،

جِيَسِ جِيَسِ! وو جيڏِيُون.

سَرڪشِي سَردارَ سين، مُون ڪَمِيڻِي ڪيهِي،

جِيَسِ جِيَسِ! وو جيڏِيُون.

هُئِي شِڪستِي سَسُئِي، رازُ پُنهوُنءَ جي ريهِي،

جِيَسِ جِيَسِ! وو جيڏِيُون.



داستان ٽيون



(1)

اَللهَ ڪارَڻِ اوٺِيا، ڪَرَها مَ ڪاهِيو،

جانِبَ جَڏي جِيءَ جو، آڳانڍو آهِيو،

لاڳاپو لاهِيو، مَتان مُنهنجو سُپِرِين.



(2)

اَللهَ ڪارَڻِ اوٺِيا، ليڙا نِيو مَ لُرَ،

نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ٻانِهيءَ جهَلي ٻُرَ،

مُون کي ماري مَنجهِه ٿِي، سَندي هوتَنِ هُرَ،

ڪَچو لائِيان ڪُرَ، ڪيچان اوري جي وُران.



(3)

ڪيچان اوري ڪِٿِهين، وَڻُ نَه ويساهِين،

ڪَميڻِي ڪيچين لَئي، پُورِجِ پَراهين،

تاڻِجِ تيڏاهِين، وارِج ڪا مَ وَرَڻَ جي.



(4)

ڪيچان اوري ڪيتَريُون، مَعذورِيُون مُيُون،

واٽُون وِيہَ ٿِيُون، ڪُہُ ڄاڻان ڪيهي وِيا.



(5)

الا! اَچَنِ اوءِ، جَنِ آئي مَنُ سَرَهو ٿئي،

پَسان مان پَرِ ڪَهينِ، جَتَنِ سَندي جُوءِ،

لَنگهي لَڪ، لَطِيفُ چَئي، سُڻِيان هوتَنِ هُوءِ،

گولِي ٿِيان گُلبُوءِ، جي سُڃاڻان ساٿَ ڌَڻِي.



(6)

ڪيچان آيو قافِلو، عَطرَ آندائُون،

کَٿُوري خُوشُبوءِ سين، وَڻَ ٽِڻُ واسِيائُون،

پَسَنديئِي پُنهوُنءَ ڄام کي، وِسريُون وِڄائُون،

خيما کوڙِيائُون، وَرِيو بَختُ ڀَنڀورَ جو.



(7)

ڪيچان آيو قافِلو، ساٿَ ڌَڻِي سَرِواڻ،

وارَ وَڍي واڳُون ڪَرِيان، پُئان هُوندَ پَلاڻ،

جَهِڙو پُنهون پاڻ، تَهِڙي سِٽا ساٿَ جي.



(8)

ڪيچان آيو قافِلو، طَرَحَ موچاريءَ توڏ،

سِينگاريائُون سَيّدُ چَئي، ڪَرَها مَنجهان ڪوڏ،

لَکُ لَهي ٿِي لوڏَ، جِيجان تَنِ جَتَنِ جِي.



(9)

ڪيچان آيو قافِلو، جُنگُ سُونهاريءَ جوڙَ،

تَلِيارا توڏَنِ کي، ڳِچِيءَ سُونهَنِ موڙَ،

دولَتَ چايان دوڙَ، جي مُون نِيو پاڻَ سين.



(10)

ڪيچان آيو قافِلو، راتِ موچاريءَ روُءِ،

بوتي ۽ بَلوچَ جِي، رِڙِهِي پَسان روُءِ،

لَنگهي لَڪَ لَطيفُ چَئي، پَڇان ڪيچِيَنِ ڪُوءِ،

گولِي ٿيان گُلبُوءِ، جي مُون نيو پاڻَ سين.



(11)

ڪيچان آيو قافِلو، ڀَليرو ڀايان،

پَڻِي جا پيرَن جِي، لِڱَنِ کي لايان،

چَنبيلي چايان، جي مُون نِيو پاڻَ سين.



(12)

ڪيچان آيو قافِلو، ڄامَنِ سَندو ڄامُ،

پَسندي پُنهوُنءَ کي، آکِنِ ڪِيو آرامُ،

ناتَرِ چايان نامُ، جي مُون نِيو پاڻَ سين.



(13)

مِزِمانَنِ مَهري، آڻي جهوڪِيا جهوڪَ ۾،

چاٽي چَنبَنِ ۾، وِيا، جِئن بازُ سَٽي بَحري،

ڪوهِيارو قَهَري، وِيو نِهوڙي ننِڊ ۾.



(14)

ڪيچي ڪالهَه ڪَهِي وِيا، اَدِيُون آڌيءَ راتِ،

جاڳان تان جيڪينِ ٿِيو، وِهاڻِيءَ پِرڀاتِ،

ڦوڙائو فَقِيرِ کي، ڏِنو جَتَنِ ذاتِ،

رَفيعَ الدّرجات، پَرَمَلُ پُنهوُن ميڙيين.



(15)

مُون ڀانيو مُون وَٽِ، هَميشَہَ هُوندا پِرِين،

ويڙهو ڏيئِي ويڪَرو، پَهري وِيا پَٽِ،

ساهُ جَنِهين جي سَٽِ، وِڪِيُمِ ٿي وَڻڪارِ ۾.



(16)

مُون ڀانيو مِزِمانَ، هَمِيشَہَ هُوندا پِرِين،

ڪُهِي ڪَميڻِي هَلِيا، ڪَهَلَ ڪِيائوُن ڪانَ،

ڏيئي وِيا ڏاهِ کي، سُورَنِ جا سامانَ،

جورو راتِ جُوانَ، جيڏِيُون جَتَ ڪَري وِيا.



(17)

ڀانيُمِ جي سَرِواڻَ، ڇُلائيندَم ڇَپَرين،

کانيَم هُوندَ پَلاڻَ، اُٺ گُڏايَم اُنِ جا.



(18)

ساٿِيڙَنِ سَويرَ، آڻي اُٺَ جهُڪائِيا،

هِينئَين تَه ڀانيُم جيڏيُون، تَه ڏاڍي ڪَندا ڏيرَ،

اُٿِيَسِ آئُون اَويرَ، ڪَري سُڃَ سَنجهي وِيا.



(19)

جهُوڙا جَنِ جهُلُنِ ۾، هِيري لَکُ هَزارَ،

لَڳا واٽ وَڻَنِ جا، پُنهوُنءَ کي پالارَ،

آن ڪي وِيندا گَڏِيا، اِهَڙيءَ سِٽَ سُوارَ،

لَنگهِي ڪالهه قَطارَ، تُون، آئِي اَڄُ نِهارِيين.



(20)

ڪاڏي مُنهن مَڪَرانُ جو، ڪاڏي ڪيچُ ٿِيو،

هِهَڙو ساٿُ ڀَنڀورَ تان، ڪَڏِهِين ڪونَه پِيو،

ڪوهِيارو ڪامَ هَڻِي، چوري چِتُ وِيو،

جَنين جَتُ نِيو، تَنِ اُٺَنِ گهوري آهِيان.



(21)

بِرِهَ مَڻايُس بَرُ، ناتَ سُکِي ڪيرَ سَڌوُن ڪَري،

گهَڻُون ڏورِيان ڏُکَ سين، ڏيرَنِ لَئي ڏُونگَرُ،

وَري آيُس وَرُ، سَفَرَ مُيَ جا سابِ پِيا.



(22)

وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرَنِ وَرُ وَڏو ڪِيو،

نِهارِيندِيَسِ نَڪَڻِي، بوتَنِ ڪارَڻِ بَرَ،

آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، مَتان روهَ رَتِيُون ٿِيين.



(23)

وَرَ وَراڪا وِچَ ۾، لَکين آڏا لَڪَ،

هو جي آڏا حَقَ، سي ڪَندا ڪوهُ ڪُٺيَ کي.





وائي

هوتَ! نَه ڀانِيُم هِينئَن، آئون جا ماري، سَڄَڻَ تُنهنجِي نِينهن،

وو! ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ وِيندين.

لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينهن،

وو! ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ وِيندين.

عِشقُ آريءَ ڄامَ جي، ڪِيَسِ نِماڻِي نِينهن،

وو! ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ وِيندين.

جهُونگارِيندي جهَنگَ ۾، ڏوٿِيَنِ ڏِٺَڙي ڏِينهن،

وو! ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ وِيندين.

اُن جا ڇڏي ڇَپَرِين، ڪيچ رَسَندي ڪِيئَن،

وو! ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ وِيندين.

وِلَهيءَ هِتِ سسسسوَسائِيا، سَندا مَحَبتَ مِينهن،

وو! ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ وِيندين.





داستان چوٿون



(1)

وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، آرِيچا اَظلامَ،

آندائُون آريءَ جا، پُنهوُنءَ ڏي پيغام،

پَههُ ڪيائُون پاڻَ ۾، مُونهان مَخفِي مامَ،

سَنڀُوڙا ساٿُ کَڻِي، ويساهي وَرِيامَ،

ڪاڪِيُون! راتِ قِيامَ، جيڏيُون! جَتُ ڪَري وِيا.



(2)

وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، ڪَري ڏيرَ ڏِنگِي،

مُون وِلهِيءَ ڪِينَ وِنگِي، مامَ پَرُوڙي مَنجههِ جِي.



(3)

وارو! وَرَ وَٺِي وِيا، هاڃُون هوتَ ڪَري،

آڌيءَ اُٿِي هَلِيا، سُڃُون شَهرُ ڌَري،

هِيءَ ڏُکِي هِتِ ڏَري، هوءِ وَڃِي ڪيچِ قَرارِيا.



(4)

وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، جابِرَ ڪَري جورُ،

بيدي ٿِيو ڀَنڀورُ، حَشَرُ ڪَري هَلِيا.



(5)

وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، ڪَري ڏيرَ ڏَمَرُ،

هاڻي ٿِيو حَشَرُ، پُنان قولَ قِيام جا!



(6)

وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، ڏيرَ ڪَري ڏورو،

ساجَنَ ري، سَرَتِيُون! آتَڻُ اَڌورو،

نِيَ سين نِسورو، حَشَرُ ڪَري هَلِيا.



(7)

وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، جوري سين جابِرَ،

صَبَرَ ڪِئن صابِرَ، اَچي عَجِيبَنِ ري.



(8)

وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، ڏاڙهِيءَ ڀَنڀا ڏيرَ،

ڏِينديَسِ ڏاڍين ڏُونگَرين، اُنهِين لَئي اُليرَ،

ڪيچ پُهچي ڪيرَ، وَڃَڻَ سين وَس ڪَريان.



(9)

سَنجهي مُون نَه سَنڀالِيو، تَه ڪي اوٺِي ڪَندا اِيئَن،

ڪُهِي ڪَمِيڻي ڪِئَن، جَڏي راتِ جَتَنِ ڪِي!



(10)

سَنجهي مُون نَه سَنڀالِيو، صُبحُ سارِيمِ سُورَ،

جَتَنِ لاءِ ضَروُرَ، گهَڻا گهارِيَمِ ڏِينهڙا.



(11)

سَنجهي مُون نَه سَنڀالِيو، صُبحُ سارِيَمِ سُورَ،

آڌيءَ راتِ اُڌَمِيو، ڏين پَلٽِيو پُورَ،

جَتَنِ جي ضَرُورَ، مادَرِ! ماري آهِيان!



(12)

سَنجهي مُون نَه سَنڀالِيو، مارِيَسِ سُورَ صُبُوح،

نيڻَ هيرايَئِي نِنڊَ سين، جَتَنِ لَنگهِي جُوءِ،

هاڃُو ڪَري هُوءِ، آڌيءَ راتِ اُٿِي وِيا.



(13)

آڌيءَ اُوءِ اُٿِي وِيا، ڪَرَ رَکِيائُون ڪيچَ،

ٻاروچاڻِي پيچَ، مُنهنجو مَنُ مُنجهائِيو!



(14)

جَڏيءَ وَٽِ جالي، مانَ لِلهِ ڪارَڻِ لِکَ سِينءَ،

آهي آريءَ ڄامَ جي، هِتِ هُتِ حَوالي،

عَيبَ مُون ۾ اڳرا، مانَ نِرمَلُ نِڪالي!

پَرٽِياڻِي پالي، ڪامِل نِيندو ڪيچَ ڏي.



(15)

پَرِيَٽَنِ پالياسِ، ٻانڀَڻِ ٻيٽِي آهِيان،

حُسنَ هوتَ پُنهونءَ جي، ماري موت وِڌِياسِ،

جانڪِين تان جِينديِاسِ، پيس وَرِ وِصالَ جي.



(16)

پَرِٽَنِ جي پاڙي، جاڙَ گُذارِيُمِ جيڏِيُون،

جَنهِين مُون کي مارِيو، سُورَنِ سين ساڙي،

اِرادي آڻي، سانگَينِ سين سَڱَ ڪيو.



(17)

اَسِين پاڻَ پِرَٽَ، پورِهَيتَ پُنهُونءَ ڄامَ جا،

هوتُ کَٿُوريءَ هيرَئُون، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ،

آتَڻَ مَنجههِ اُگهَٽ، ڪانڌُ ڪِهينِ جي مَ ڪَري!



(18)

گَڏِيو ڌوٻِيَنِ ڌوءِ، پُنهوُسنءَ پارچو هَٿَ ۾،

اُتي آريءَ ڄام جو، قاصِدُ آيُس ڪوءِ،

”ايءُ ڪامِلَ ڪَم نَه سَندوءِ، جِئن پَهَسَ پَڇاڙيِين پوتِيين.“



(19)

نَڪو ڪيچُ ڀَنڀورُ، نَڪو مائِٽُ مَنڌُ جو،

هورُ مِڙوئِي هِنَ کي، هوتَنِ ڪونهي هُورَ،

زاريءَ ڌاران زورُ، هَلي ڪونَه حَبِيبَ سين.



(20)

ڇوري، نِدوري، نَڪو مائِٽُ مُنڌَ جو،

سَوين هَلَنِ ساٿَ ۾، ڪَمِي ۽ ڪوري،

آئُون پُڻِ آهِيان اُن ۾، لَنگهِي ۽ لوري،

لَنگهائِيين لَطِيفُ چَئي، ٿَرَنِ جا ٿوري،

آهِيان آزوري، تُنهنجي جوري جَبَلُ لَنگهِيان.





وائي

ڇا کي ٿا ڪَرَهَ قَطارِيو، وو! مُون نِماڻِيءَ تان ڪي نَه چِيو.

اللهَ ڪارَڻِ اوٺِيا، آئِين واڳَ وَٺِي وَرُ واريو،

وو! مُون نِماڻِيءَ تان ڪي نَه چِيو.

رَهو رات ڀَنڀورَ ۾، تان ڪا گهَڙي هِتِ گهارِيو،

وو! مُون نِماڻِيءَ تان ڪي نَه چِيو.

سِڪِي جِنهن سَڱُ ڪِيو، تِنهن مَعذُور کي مَ مارِيو،

وو! مُون نِماڻِيءَ تان ڪي نَه چِيو.

سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرِين! دوسِتَ دَرَسَنُ ڪارِيو،

وو! مُون نِماڻِيءَ تان ڪي نَه چِيو.

موڙي مَڃَر ٽارِيُون، چانگَنَ کي آئِين چارِيو،

وو! مُون نِماڻِيءَ تان ڪي نَه چِيو.

اَڀَري عَبدُاللّطِيفَ ڏي، واڳ وَنهيَلِ آئِين وارِيو،

وو! مُون نِماڻِيءَ تان ڪي نَه چِيو.



داستان پنجون



(1)

نيڻَ نِهارا مُون ڪيا، مَٿي واٽَڙِيَنِ،

اِيندا مان پَسَن، اوٺِي آريءَ ڄامَ جا.



(2)

نيڻَ نِهارا مُون ڪيا، ڪيچَينَ ڪارَڻِ ڪالَهه،

اِيندا پَسان شالَ، اوٺِي آريءَ ڄامَ جا.



(3)

نيڻَ نِهارا مُون ڪيا، اوٺِيَنِ ڪارَڻِ اَڄُ،

پُنهُونءَ ڄامَ! پَهَڄُ، تَه آري! اولوُن نَه ٿِيان.



(4)

نيڻ جي نِهارِينِ، سي اَڄُ نَه اوٺِي آئِيا،

هَنجُون نَه وَسائِينِ، پاڻِي پُنهوُن ڄامَ ري.



(5)

نيڻَ نِهاري مُنهنجا، روئِي ٿِيا رَتُ،

پُنهوُن هوءِ پَهتُ، تَه پاري نِينِ پاڻَ سين.



(6)

نيڻَ نِهاري مُنهنجا، رَتُ ٿِيا روئِي،

ڏُکَنِ جي ڏوئِي، آهي هَٿِ آسوُنهَنِ جي.



(7)

اَڄُ اَڱڻَ ڪِيڻانِ، آسَرَ لڳي سورِيان،

ڏوُنگَر ڏِينهن لَڳانِ، مانَ وَرِڪَنِ سُپِرِين.



(8)

ڏوُنگَر لڳن ڏِينهن، مانَ وَرِڪَنِ سُپِرِين،

ڪَيَسِ نِماڻِي نِينهن، آيَل! ٻاروچَنِ جي.



(9)

نيڻَ نِهاري مُنهنجا، روئِي رَتُ ٿِيا،

جي هَٿان هوتَ وِيا، سي اَچَنِ تهَ آجِي ٿِيان.



(10)

جِئن سو هَرَڻُ هُماءُ، سَرگَردان سَنسارَ ۾،

هِيءُ پَڳُ نَه کوَڙي پَٽيِين، هُو ڌَڙَ سِرِ ڌَري نَه ساهُ،

جيڪُسِ تَنِ مُلاءُ، سَسُئِيءَ سُورَ پِرائِيا.



(11)

راتِ ڏِٺائِين روجههَ، ڀانءِ ڪَ اوٺِي آئِيا،

پِرِيتَڻِي پِرِيَنِ جي، سِڪَڻَ ڪِي سَٻوجهَه،

هَئِي گهَڻُون آٻوجههَ، سُورَنِ سُونهائِي سَسُئِي.



(12)

روجَهه ڏِٺائين راتِ، هوتُ ڳولِيندي حَبَ ۾،

ڪيچِيَنِ جي ڪَڙي ٿِيي، توءِ تَنين جي تاتِ،

ٻاروچاڻِي ذاتِ، مَنان مُيَ نَه وِسَري.



(13)

جَبَلَ ۾ جانارَ، سَرَهَ گَڏَبَئِي سَسُئِي،

ڀِنِيءَ پوءِ ڀوارِئِي، ٻانڀَڻِ جِي ٻاڪارَ،

هوتاڻِي هيڪارَ، مؤلاٰ! مُون کي ميڙِيين.



(14)

سَرَهَ گَڏِبَئِي سَسُئِي، سوڙهِي مَنجهي سَبِيلَ،

ڪاهي رَسندا قَهرِيا، جيت تَڪَڙا سين تَعجِيلَ،

آرِياڻِي اَصِيلَ، اُتِ پِياديءَ کي پُهچَ تُون.



(15)

سَمَرُ جَنِهين نَه ساڻُ، هوتُ حِماتِي تَنِ جو،

ڪَري ڇيڄَ ڇَپَرَ ۾، پُنهوُن اِيندو پاڻَ،

ٿِيندي رِيجههَ رِهاڻِ، لَحظي مَنجههِ لَطِيفُ چَئي.



(16)

پَسِي سي سَرَهِي ٿِئي، جي مَيَنِ لَنگهِيا مَسَ،

تِٿُ تنهن کي ناهِ ڪو، لَڪَ مِڙيئي لَسَ،

حُبَ جِنهِين کي هوتَ جِي، وِندُرُ تِنهن کي وَسَ،

سَنديءَ چانگَنِ چَسِ، پيرَ ٺَرندَءِ پَٻَ ۾.



(17)

سَسُئِي لَنگهِيو سو، مَردَ جِنهن ماتُ ڪِيا،

جَبَلُ وَڏو جو، نُوڻِ مِڙوئِي نِينهَن کي.



(18)

جَبَلَ ماري جَکَ، جو آڏو آرِيچَنِ کي،

توڻي لَڪَنِ لَکَ، سَڀِ لَنگهِيندِيَسِ سِڪَ سين.



(19)

جَبَلُ جيڏوئي، جو آڏو آرِيچَنِ کي،

وَٺِي وَرُ واٽَ وِيا، بُرفَتَ بِروهِي،

رُڃَنِ ۾ روئِي، پَسان شالَ پُنهوُنءَ کي.



(20)

جَبَلُ سُڄَنِ جالَ، آڏا آرِيچَنِ کي،

هاڙهي ڏانهن هَٿُ کَڻيو، ڇَپَرِ مِڙان شالَ!

ڪيچي وِئَڙمِ ڪالهَه، تي ٿِي ڏونگَر ڏورِيان.



(21)

ڇَپَرُ ڇَمَرُ ڀانئِيان، ڪانڀو ۽ ڪارو،

پَٻُ وِجهَندِيَسِ پُٺِ تي، صُبُح سَوارو،

وَڃَڻَ مُون وارو، ڪِينَ وِهَندِيَسِ وِچَ ۾.



(22)

ڪِينَ وِهَندِيَسِ وِچَ ۾، هَلَندِيَسِ ڪَري هاءِ،

ساڄَنَ سَندي ساءِ، ڏوُسنگَرَ ڏورَڻُ مُون پِيا.



(23)

ڇَپَرَ ۽ ڇَمَرَ، ٿا لَڳَههَ لَڳَنِ پاڻَ ۾،

آڏا ڏُونگَرَ ڪَرڪَرا، ويڌَ، وِنگايُون، وَرَ،

آئون پِيادي پٽِيين، نِماڻِي، نِڌَرَ،

سورِيُون جِتِ سَڳَر، اُتِ ٻاتاڙيءَ ٻيلِي ٿِيين!



وائي

هِينئڙو ٿو هُنِ ساري، مُنهنجو ساهُ سَيّدَ کي ٿو ساري؛

جيڏِيُون! آئُون هَلَندي، وِيندي هوتَ ڏي.

سَرَتِيُون! آئُون ڪَهندي، ويندي ڪيچَ ڏي.

هوتَنِ هَلَڻُ مَنَ ۾، ڪيرَ گهَڙي هِتِ گهاري؟

جيڏِيُون! آئُون هَلَندي، وِيندي هوتَ ڏي.

سَرَتِيُون! آئُون ڪَهندي، ويندي ڪيچَ ڏي.

آسَرَ ڀَري آهِيان، مان واحِدُ آڻين واري!

جيڏِيُون! آئُون هَلَندي، وِيندي هوتَ ڏي.

سَرَتِيُون! آئُون ڪَهندي، ويندي ڪيچَ ڏي.

پَنڌُ اَڙانگا پَٽيين، مُون کي ڪوهِيارو ٿو ڪاري،

جيڏِيُون! آئُون هَلَندي، وِيندي هوتَ ڏي.

سَرَتِيُون! آئُون ڪَهندي، ويندي ڪيچَ ڏي.

سَچو سُخُنُ سُپِرِينِ، مانَ پُنهَلُ پَنهنجو پاري!

جيڏِيُون! آئُون هَلَندي، وِيندي هوتَ ڏي.

سَرَتِيُون! آئُون ڪَهندي، ويندي ڪيچَ ڏي.

ڄيرو اَندَرِ ڄِندَڙي، وِيو ٻاروچَلُ ٻاري،

جيڏِيُون! آئُون هَلَندي، وِيندي هوتَ ڏي.

سَرَتِيُون! آئُون ڪَهندي، ويندي ڪيچَ ڏي.

وِڌا ڪَمَ ڪَرِيمَ تي، هِنَ ويچاريءَ واري،

جيڏِيُون! آئُون هَلَندي، وِيندي هوتَ ڏي.

سَرَتِيُون! آئُون ڪَهندي، ويندي ڪيچَ ڏي.





داستان ڇهون



(1)

آڏَ تِراڇا، آهُڙا، ڏاڪا ڏوُنگَرَ کي،

هو جي وَرَ وِندُرَ جا، مارِيندا مُون کي،

هاڙهو هِيڻِيءَ کي، لَنگهائِج، لَطِيفُ چَئي.



(2)

آڏَ تِراڇا، آهڙا، ڏوُنگَرَ کي ڏاڪا،

ڪِيَمِ آهَ عَجِيبَ کي، سِڪَ مَنجهان ساڪا،

پيئي هَٿِيڪِي هوتَ کي، ڪُوڪَ وَڃِي ڪَنِ ڪا،

مُنهنجو وَسُ واڪا، ٻُڌَڻُ ڪَمُ ٻَروچَ جو.



(3)

آڏَتِراڇا، آهُڙا، ڏوُنگَرَ کي ڏاڪا،

وَٺِي وَرُ واٽ ٿِيا، بَرِ چَڙهي بانڪا،

ڦَٽِيا پيرَ فقيرَ جا، چَڙهندي چَڙهاڪا،

هُيَنِ جِيءُ اَندرَ جاڪا، وِيا پُڄائي پانهِنجِي.



(4)

آڏَتِراڇا، آهُڙا، وِندَرَ وَراڪا، وَر،

حُبّ جَنهن کي هوتَ جِي، سا ڏورِيندي ڏونگَر،

پَهُچايين، پَرورَ! لُطفَ ساڻُ، لَطِيفُ چَئي.



(5)

آڏَتِراڇا، آهڙا، وِندُرَ وَراڪا، واڪَ،

اُجهايَسِ اُٺَنِ جِي، ڦوڙائي فِراقَ،

پُنهوُن پَرَمَلَ پاڪَ! واحِدَ لَڳِ، وَريج تُون.



(6)

آڏَتِراڇا، آهُڙا، وِنگا وَرَ واٽُنِ،

جيرا، جِڳَرَ، بُڪِيُون، آريءَ لَئي آٽَنِ،

ڪَسي ڪَنواٽَنِ، سَنڀُوڙا سَيّدَ چَئي.



(7)

ڪوڏَرِ نَه ڪاتِي، جنهن سان ٽَڪَرُ ٽانڪِيان،

جيڪو جَبَلُ لَنگهِيان، سو هيبَتَ جو هاٿي،

پِرِينَ جا پاتِي، سا جَڙ جِئري نَه لَهي.



(8)

ڪَرِڙا ڏوُنگَرَ، ڪَهه گَهَڻِي، جِتِ بَرَپَٽَ، بَيران،

ڏاهَنِ ڏاهَپَ وِسري، ٿِيا حَرِيفَ ئِي حِيران،

سَسُئي لَنگهِيو، سَيّدُ چَئي، مَحبت سين ميدَان،

جنهن جو آرِياڻِي اڳوان، تِنهن جي ڪانهي باکَ بَهِيرَ ۾.



(9)

ڪَرِڙا ڏوُنگَرَ، ڪَههَ گهَڻِي، جِتِ واٽُنِ تي واري،

آڏا لَڪَ، لَطِيفُ چَئي، بَرَ سُڄَنِ باري،

جا مَنِزَلُنِ ماري، سا قادِرَ! ڪيچ رَساڻِيين.



(10)

ڪَرڙا ڏوُنگَرَ، ڪَههَ گهَڻِي، جِتِ جَبَلَ گُوناگُونِ،

ليڙَنِ جِيُون، لَطِيفُ چَئي، تَنگ تَنواروُن پُونِ،

جَنِ ڏِٺو پيرُ پُنهوُنءَ جو، سي نَه ڪِي روُنِ نَه چُون،

هُوندَنِ مَٿي هُونِ، لاڳاپا هِنَ لوڪَ جا.



(11)

ڪَرِڙا ڏوُنگَرَ، ڪَهه گَهڻِي، جِتِ ماتَرِ مٿاهِين،

سُڄَنِ ٿا، سَيّدُ چَئي، اُتِ مِروُن مَهائِين،

تُون آرِياڻِي آهين، مَنَهِن مَعذوُرِنِ جِي.



(12)

ڪَرِڙا ڏوُنگَرَ، ڪَههَ گهَڻِي، جِتِ وِيا روڏا رِنگائي،

ساڱاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي،

رَهِيَسِ رَسُ، لَطِيفُ چَئي، تِنهن ڪَميڻيءَ ڪاهي،

آرِياڻيءَ آهي، مَنهِن مَعذورِنِ جِي.



(13)

ڪَرِڙا ڏوُنگَرَ، ڪَههَ گهَڻِي، جِتِ رِڻَ تتو رائو،

تِتِرُ ٿِئي مَ تَنِ کي، ڏوُنگَرَ ۾ ڏائو،

جَڏِهن ڄامَ پُنهُون ڄائو، تَڏِهن ٿِي وَسَ وَڻِڪار ۾.



(14)

ماڻِڪَ مِٽُ سَندومِ، اُونداهِيءَ ۾ سوجهرو،

حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نَه وِيندومِ،

سارِيو سَڏَ ڪَندوم، ڪوهِيارو ڪيچَ ڌڻي.



وائي



(1)

وِيندِيَسِ ڪيچ ڪَهِي، سيڻَنِ ساڻُ سَهِي،

وو! ڀينَرُ! آئُون جِيندِيسِ تان تَه جَتَنِ ري.

وِهان ڪِئن ماٺِ ڪري، هيڏو سُورُ سَهي،

وو! ڀينَرُ! آئون جِيندِيَسِ تان نهَ جَتَنِ ري.

هيڏي شَهَرَ ڀَنڀَور ۾، سارِيان ڪونَه سَهِي،

وو! ڀينَرُ! آئُون جِيندِيسِ تان نَه جَتَنِ ري.

صُبحُ ڏونگَرَ ڏورِيان، ڪِنهن پَرِ راتِ رَهِي،

وو! ڀينَرُ! آئُون جِيندِيسِ تان نَه جَتَنِ ري.



وائي



(2)

گهُمان جالَ جَبَلَ، مِيان، جيڏِيُون جانِبَ جَتَ لَئي،

ڏورِيندِيَسِ ۾ ڏُونگَرِين، ڪَندِيَسِ آئُون اُڄَل،

جيڏِيُون جانِبَ جَتَ لَئي.

هيڏي شَهَرَ ڀَنڀَور ۾، رَهان نا هِڪُ پَل،

جيڏِيُون جانِبَ جَتَ لَئي.

پُنهُون پاڻَ نَه وَڃِڻو، ڪو مُونِهين ۾ وَلَ،

جيڏِيُون جانِبَ جَتَ لَئي.

اوڏي ٿِي، عَبدَاللّطِيفُ چَئي، هوتَ ڪارَڻِ هَل،

جيڏِيُون جانِبَ جَتَ لَئي.



داستان ستون



(1)

پُنهُونءَ سين پِرِيتِ جو، ڪو جو پيچُ پِيوم،

ڀَنڀي هِنَ ڀَنڀورَ ۾، وِهَڻُ وِهُ ٿِيوم،

مَتِيُون موٽَڻَ سَندِيُون، ڪاڪِيُون ڪِيَم ڏِيوم،

سَرَتِيُون ساهُ سَندوم، ٿِيو حَوالي هوتَ جي.



(2)

پُنهُونءَ ساڻُ پِرِيتَ جو، ڪو جو پِيَڙُمِ پيچ،

ڪَندِيَسِ ڪَشالا ڪافَ جا، هاڙهو ڀائِيان هيچ،

ڪاهي مَڻَدِيَسِ ڪيچ، ديرو دوسِتَ پُنهوُنءَ جو.



(3)

ڪُڄاڙِئان ڪاهي، شُتَر اُنِ سِينگارِيا،

ٽَلِيُون، ٽَؤنرَ، هَلَوِيُون، وِيا ڇيروُن ڇَمَڪائي،

لَنگهِيا لَڪَ لَطِيفُ چَئي، وِيا ڪَرَهَلَ ڪُڏائي،

ٻانَڀَڻِ کي ٻَروچَ جو، آسرو آهي،

واڳُون وَرائي، ڦيرِينِ مانَ فَقِير تي.



(4)

ڪو مُنهِن ڪُٺَلِ آئِيو، وَسِ نَه ويچاري،

هوتَ تنهُنجي هَٿَ ري، پَهُچِي نَه پاري،

اَچين جي آري، تَه پاندَ پُڄِي، لَڪُ لَنگِهيان.



(5)

ڪَڏِهن تان ٻاجههَ پَئِي، ساڄَنَ مَڃُ سَلام،

سِڪَ تُنهِنجِي سُپِرِين، ڪيو تَنُ تَمام،

هَٿين حاجَ وِهُ ٿِيي، نيڻين نِنڊَ حَرام،

دوسَ نَه سَهان دام، تُون وِندُرِ ٿو ويلا ڪَرين؟



(6)

ڪو مُنهن ڪُٺَلِ آئِيو، ناهِ ويچاري وَسِ،

هوتَ! تُنهنجي هَٿَ ري، گولِي ٿِئي مَ گَسِ،

ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ، تَه مُوڙهِيءَ ڪو مُنهن ٿِئي.



(7)

سُرَهِي مَنجهان ساٿَ، آئِي بُوءِ ڀَنڀَور کي،

بِيٺا بازارِنِ ۾، لائي جَتَ جَباتَ،

سَنديءَ هوتَ حِماتَ، ڪيچِ پَهُتو قافِلو.



(8)

بَرُ مِڙوئِي بُوءِ، ڇَپَرَ ڇاٽُون مُڪِيُون،

ٻَهه ٻَههِ ٿِي ڀَنڀورَ ۾، هَنڌَ مِڙيئِي هُوءِ،

راڻِيَنِ وَري رُوءِ، گُوندَرَ لَٿا گولِيين.



(9)

جَڏِهن پيئِي ڇَٽُ، ڇَپَرِ هوتَ پُنهونءَ جِي،

پَرَهي ويٺِيُون پَٽَ، گُوندَرَ لَٿا گولِيين.



(10)

جَڏِهن پيئِي باسُ، ڇَپَرِ هوتَ پُنهوُنءَ جي،

اَدِيُون آرِيچَنِ جا، وَڻَنِ مُڪا واسَ،

آيَل! پُنِي آسَ، پُنهوُن آيو ڪيچ ۾.



(11)

آيَل! اوطاقُون، ڪَري ڪيچِي هَلِيا،

سُڪِيون نَه سيڻَنِ جي، ماڳَنِ تان ماڪُون،

نِسُورِيُون ناڪُون، سَڃي هَلِيا سُورَ جِيُون.



(12)

جَتَنِ سان جانڪُون، سَرَتِيُون! مُون سَڱَ ٿِيو،

ڪَري ڪوهِيارو وِيو، تَنُ ڇِنِي تانڪُون،

اَن پُڻَ تَڏاڪُون، اَڌَ ڏُکوئِي آهِيان.



(13)

مَتان ڪا ٻَڙي، ٻول ٻاروچي وِسَهي،

هُوندَ نَه سُتِيَسِ سَرَتِيُون، ويهِي رَهِيَسِ وَڙي،

جَتَ پَنهِنجي جُوءِ ۾، گهارِن مانَ گهَڙي،

ڪيچِيِنِ آن نَه ڪَڙي، ڪنهن ڏُکِيءَ ڏاوَڻُ ڏائِيو.



(14)

سِڪِي جان سُتِياس، تان سِڪَ سُمهڻ نَه ڏئي،

جاڳِي سُتيس جَنِ لَئي، سي آيا تان نَه اُٿِياس،

ڀينَرُ آئُون ڀُلِياس، نَتَ سِڪُ سُمهڻ ڇا لَڳي.



(15)

ڏيرَنِ ڏوهُ نَه جيڏِيُون، ماءِ، مِڙيوئِي موُن،

آئوُن اَسوُنهِين، اُو سُونهان، پِرِين سَندا پَرَڀُون،

اَصلِ آريءَ ڄامَ جو، پاندَ نَه پُڄِتوسُون،

جنهن جو تُونهِين تُون، سي پِيادِيُون پَهُچائِيين.



(16)

اَدِيُون آئُون نَه تِئن، جِئن پِرِيَتَڻُون پِرِينَ سين،

ٻَڌي سُتِيَسِ سوگهو، ڇَلَورُ ڇاتِيءَ سِيئَن،

تَه ڪيچِي ڪاهي ڪَرَها، مُونهان وَڃَنِ ڪِيئَن،

ڏوهُ مُنهِنجي ڏِينهَن، پُنهوُنءَ کي ڪا مَ چَئي.



وائي



(1)

لَڳَڙي آهِ لَغارَ، وو يارَ! لُنءَ لُنءَ ۾ لالَنَ جِي،

سَنڌَ سَنڌَ ۾ ساجَنَ جِي،

آئوُن سُتِي، هُو هَلِيا، سَنجهي ٿئِڙا سُوارَ،

وو يارَ! لُنءَ لُنءَ ۾ لالَنَ جِي.

جيڪِين اورَڻَ پِرِينءَ سين، جيڪِين پِرِينءَ پَچارَ،

وو يارَ! لُنءَ لُنءَ ۾ لالَنَ جِي.

کوءِ سي جِيَڻَ ڏِينهَڙا، جي پُونِ پِرِينَئان ڌارَ،

وو يارَ! لُنءَ لُنءَ ۾ لالَنَ جِي.

لَڳِي آهي، نَه لَهَي، سَندي عِشقُ پَچارَ،

وو يارَ! لُنءَ لُنءَ ۾ لالَنَ جِي.

گهَڻُون اُڪَنڊي آهيان، تَنِ جَتَنِ جي جِنسارَ،

وو يارَ! لُنءَ لُنءَ ۾ لالَنَ جِي.

گَڏي وِيندِيَسِ گَسُ ۾، ڪاڪِيُون! ساڻُ قَطارَ،

وو يارَ! لُنءَ لُنءَ ۾ لالَنَ جِي.

ميخُون مُحَبَت سَندِيُون، هِينئَڙي مَنجههِ هَزارَ،

وو يارَ! لُنءَ لُنءَ ۾ لالَنَ جِي.

ڪانگَنِ قَطاروُن ڪِيُون، چُڪِيءَ کي چوڌارَ،

وو يارَ! لُنءَ لُنءَ ۾ لالَنَ جِي.

آئُون نِماڻِي نِڪَڻِي، دَمِج تُون دِلِدارَ،

وو يارَ! لُنءَ لُنءَ ۾ لالَنَ جِي.



وائي



(2)

هوتَنِ بِنا نِي، مِيان! دَردَ فِراق نِي، مِيان!

پُنهونءَ سائِينءَ، جيڏِيُون! آلولو! ماري آهِيان!

اَدِيون! آرِيچَنِ جي، آئُون نِهوڙِيسِ نِفاقَ،

هوتَنِ بِنا نِي، مِيان!

ڏُوُنگَرَ ڏورِيو نه ٿِئي، مُون وِلِهيءَ کان واڪَ،

هوتَنِ بِنا نِي، مِيان!



وائي



(3)

تَنِ پِرِينِ کي اُڪَنڍي آئون، لَڪَ لَنگهِيائُون،

ڏيرُ قَرارِيا ڏيهَه ۾، تَنِ اُٺُنِ گهوري آئُون.

چَڙهِي ڏاڍين ڏُونگَرِين، ٻانڀَڻِ اُڇَلي ٻانهوُن،

ڏيرَ قَرارِيا ڏيههَ ۾.

هُيَسِ پاسِ پَرِٽَ جي، ٻانڀَڻ ڌيءَ نائُون،

ڏيرَ قَرارِيا ڏيههَ ۾.



وائي



(4)

ڇوري ڇَڏِ مَ ڇَپَرِين، ٻاروچَلَ! ٻانهِي،

جانِبَ جِهڙو جَڳَ ۾، ناهي ڪو ثانِي،

ڇوري ڇَڏِ مَ ڇَپَرين.

پُنَهَلَ نِيو پاڻَ سين، پورِهيَتِ پَرِٽِياڻِي،

ڇوري ڇَڏِ مَ ڇَپَرين.

پورِهيو ڪَندِيَسِ پِرَ جو، ڀَرِيندِيَسِ پاڻِي،

ڇوري ڇَڏِ مَ ڇَپَرين.

هوتَ! مَ ڇَڏِيو هيڪَلِي، هِيءَ وِندرِ وِڪاڻِي،

ڇوري ڇَڏِ مَ ڇَپَرين.







¯

ڪُڄاڙي کي ڪَنِ، ڪوڙي دَعويٰ دوست سين.

 

سُر ڪوهياري



داستان پهريون



(1)

لَيلَ نَه جاڳِئن لِکَ سِيئَن، ڪُلِي نوم ڪياءِ!

قُم ٿِي پُهچ قَرِيبَ کي، اِجلِس تو نَه جُڳاءِ،

مُٺِي! مِهمانن سين، ويهِي راتِ وِهانءِ،

جيلانهن نِنِڊ ڪياءِ، تي روزُ رهين ٿِي راهَ ۾.



(2)

لَيلَ نَه جاڳِئن لِکَ سِيئَن، شامَ سُتيئَن سَڀ رات،

اوڳِي اوٺِيَڙَن جا، ٿِي پَہَ پُڇين پِرِڀات،

ٿِيُ سَڳَرِ تَنِ جي ساٿِ، ته ڀوري ڪنهن ڀاَل مِڙين.



(3)

لَيلَ نه جاڳِئن لِکَ سِيئن، سُتيئن راتِ سُڄِي،

هِتان هوتاڻِينِ جِيوُن، وييُون خُرزينُون کَڄِي،

ڀوري تُون ڀَڄِي، سَڳَرِ ٿِئين نَه ساٿ جي.



(4)

اِجلِس ڪَري اُٿِيا، تَنوارِيو توڏَنِ،

نَوم نوَازِئن، اُنِ کي، مَرحَبا موڏَنِ،

رِڙهِي رَسُ روڏَنِ، اَليومَ سِيرُوا، سَسُئِي!



(5)

غافِلِ! غَفَلت ڇوڙ؛ تُون ڪِئن، اَڻاسِي اوجهَرِين؟

چُپاتا چَڙهي وِيا، وَڃِي پَهُتا توڙِ،

نيڻين نِنڊَ اُکوڙِ، جِمَ وَرَنِ ۾ واڪا ڪَريين.



(6)

نِنڊَ ويرِياڻِي هوءِ، جيڏِيوُن جِمَ سُمَهو،

مَتان مُون جِئن پوءِ، وَرَنِ ۾ واڪا ڪَرِيو.



(7)

الوڙو اَکِينَ، آيَمِ نِنڊَ اَڀاڳَ کي،

هاڻِي هِنَ ڀَنڀَور ۾، گهارِيان ڪارَڻِ ڪَنِ،

اَدِيُون! اوٺِيَڙَنِ، هِينئين سين هاڃو ڪِيو.



(8)

جَڏهِن سُتِيُون جي، پَٿَرِ پيرَ ڊِگها ڪَري،

تَڏهِن تَنِين کي، ساٿَ سُتيِئي ڇَڏِيو.



(9)

سُتِئين پيرَ ڊِگها ڪَري، وَڏي جاڙَ ڪِياءِ،

دَرَ ڀَرِ اُڀِيئَن دوسَ جي، تَه سُرِپُرِ هُوندَ سُياءِ،

اَصل آريءَ ڄامَ جِي، سَڳِي تُون نَه سِياءِ،

پُنهوُنءَ سين پِياءِ، ٿِي نِڀاڳِي نِنڊوُن ڪَريين!



(10)

اِيّ ڪَمُ ڪَمِيڻِينَ، جِئن سُمَهَنِ پيرَ ڊِگها ڪَري،

لوچين ڇونَه، لَطِيفُ چَئي، هاري لَئي هوتَنِ،

ننڊان نِڀاڳِنِ کي، اوڀالا اَچَنِ،

سي پُنهوُن ڪوهُ پُڇَنِ، جي سَنجهي ئي رَهَنِ سُمهي.



(11)

سُتِيئن سَواري، مُنهُن ويڙهي مُئِن جيئن،

اوجاڳو اَکِيَنِ کي، ڄاتوءِ نَه ڏيئِي،

هَٿان تو پيئِي، ٿِي ڪَچو ڪيچِيَنِ کي ڪَريين.



(12)

سُتِيئَن سَواري، مُنهُن ويڙهي مُئَن جِئَن،

ڏِٺَئي نَه ڏيرَنِ جا، چوڌاري چاري،

تيلان ويچاري، ساٿ سُتيئِي لَڏِيو.



(13)

اوجاڳو، اَڄاڻِ! ڪيَئِي نَه ڪَمِيڻِيَن جئَن،

آساري اَهِڙيءَ پَرِ، پيئِي ڪيچِيُنِ سين ڪاڻِ،

ٻانهي چايو پاڻ، ٿِي سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين!



وائي

گِلا ڪا مَ ڪَري، لِکِيو تان نَه ٽَري،

ٻَڙي! جيڏِيُون! مُنهِنجِي، وو! شَهرَ ڀَنڀورَ ۾.

جو سِينگارُ سَرَتيين، سو مُون ناهِ ڳَري،

مُنهِنجِي، وو! شَهرَ ڀَنڀَورَ ۾.

جِهَڙي تِهَڙي حالَ سين، وَڃان پيرَ ڀَري،

مُنهِنجِي، وو! شَهرَ ڀَنڀَورَ ۾.

جِنهن وَڻَ هيٺان هَلِيا، سڄَڻَ سانگُ ڪَري،

مُنهِنجِي، وو! شَهرَ ڀَنڀَورَ ۾.

لامُون تِنهن وَڻ سَندِيُون، لوڏِيان، لايان ڳَري،

مُنهِنجِي، وو! شَهرَ ڀَنڀَورَ ۾.

قَضا جا ڪَرِيمَ جِي، ڪِنهن تان ڪِينَ ٽَري،

مُنهِنجِي، وو! شَهرَ ڀَنڀَورَ ۾.

جيڪِي لِکِيو لوحَ ۾، پاڙِيان، سو پَڙي،

مُنهِنجِي، وو! شَهرَ ڀَنڀَورَ ۾.





داستان ٻيو



(1)

ڏوُنگَرَ تُون ڏاڍو، ڏاڍا ڏاڍايُون ڪَرين،

مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن وَهين، جِئن وَڻُ وَڍي واڍو،

اِيُ ڪَرَمَ جو ڪاڍو، ناتَ پَٿَرِ ڪيرُ پَنڌَ ڪَري.



(2)

ڏوُنگَرَ ڏُکَ سَنداءِ، پِرِينءَ گَڏِجان ته چَوان،

ڀِنِيءَ ٿِيين ڀَوارَئُون، ٻِيا وِنگا وَرَ سَنداءِ،

چَڱِي ڪانَ ڪِياءِ، پيرُ وِڃايُئي پِرِينءَ جو.



(3)

ڏُونگَرَ ڏَسُ پِرِينِ جو، قافُ نَه ڏِيين ڪو،

قَطارِيا ڪالهه وِيا، توڏا وَٽان تو،

هوتُ مُئِي جو هو، ڪو ساجَنُ اُنهِيءَ ساٿَ ۾.



(4)

ڏُونگَرَ ڏَسُ پِرينَ جو، ڪافَ نَه ڏيين ڪَلَ،

قَطارِيا ڪالَهه وِيا، توڏا توهِين جَهلَ،

سُڻِي هوتُ هَڪَلَ، مانَ ٻُڌي ٻاروچو وَري.



(5)

ڏُونگَرَ ڏوراپو، پِهرِين چُوندِيَسِ پِرِينءَ کي:

”پَهڻَ پيرَ پِٿُون ڪِا، تِريُون ڇنِيوُن تو،

رَحُم نه پِيئِي رُوحَ ۾، قَدر مُنهنجو ڪو،

واڪو ڪَندِيَسِ وو، مُون سين جَبَلُ ٿو جاڙُون ڪَري.“



(6)

ڏُونگَرَ مُون نَه ڏُکوءِ، آن اڳ ڏُکوئي آهِيان،

سارِيان ڪونَ سُکوءِ، سُورَ گهَڻِيئِي سَنڀَران.



(7)

ڏوُنگَرَ ڏکوِيِنِ کي، دِلاسا ڏِجَنِ،

گهَڻُون پُڇِجي تَنِ کي، جَنِ وَٽان هوتَ وَڃَنِ،

تُون ڪِئن سَندا تَنِ، پَهَڻَ پيرَ ڏُکوئيين.



(8)

ڏوُنگَرَ ڏُکِ پَئِي، ڪَيمِ تو سين ڳالَهڙي،

پاڻان آئُون مُئِي، سُورُ سُڻائي پِرِينءَ جو!



(9)

ڏوُنگَرَ مُون سين رو، ڪڍي پارَ پُنهوُنءَ جا،

سَڄَڻُ هُومَ هيڪَڙو، ويو ڦوڙائي سو،

ڪِنهن کي ڏِيان ڏوه، مُون سين ايرادي اِيئَن ڪيو.



(10)

ڏُونگَرَ ڏُکويُون، تو ۾ اورَڻَ آئِيُون،

جِي اَچنِ ڦوڙائِيون، ڏِجَن دِلاسا تَنِ کي.



(11)

ڏوُنگَرَ ڏُکويَن کي، ڳَلِ نَه سُڪا ڳوڙها،

هو جي پَهَڻ پَٻ جا، ڀَڄِي ٿِيا ڀورا،

گُوندَرَ جا گهوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪيو.



(12)

ڏوُنگَرَ ڏِيهاڻِي، پاڻُ مَٿان تو گهورِيان،

تو مَنجهِه رِهاڻِي، سَدا ٻاروچَنِ جِي.



(13)

ڪي جي ڪَڍِيا پارَ، ڏُکِيءَ ڏُونگَرَ پاڻَ ۾،

سُڻِي سا تَنوارَ، مِروُن پِيا مامِري.



(14)

ٻَئِي ويٺا روُنِ، ڏُکِي ڏوُنگَرَ پاڻَ ۾،

ڪنهن کي ڪِينَ چُونِ، مَنجهِنِ جو پِرِيتَڻُون.



(15)

اَڄُ پُڻِ ويٺو روءِ، ڏُکِي ڏُونگَرُ پاڻ ۾،

ڪوهياري جو ڪوءِ، اَچِي سُورُ اُڌَمِيو.



(16)

ڏُونگَرَ ڀُونِينِ ڪِيرَ، سَڄَڻَ ميخُون ڏونگَرين،

هِهَڙا سيڻَ سُڌِيرَ، ڪِينَ لَهَندِيئن ڪي ٻِيا.



(17)

تَپِي ڪَندين ڪوهُ، ڏوُنگَر ڏُکوُين کي،

تون جي پَهڻ پَٻ جا، ته لِڱ منهنجا لوه،

ڪنهن جو ڪونهي ڏوه، آمر مون سين اِئين ڪيو.



(18)

ڏوُنگَرَ، تَه ٻيلِي، ڏِجي ٻَنِ ٻيلَينِ ري،

ڪانَ ڇُلَندي ڇَپَرين، ساڻُسِ سَهيلِي،

چوٽِيُون چنبيلي، جِئَن تِئَن جهاڳي اُکَتِي.



(19)

ٻَڙي! ته ٻيلِي گهَڻان، ساٿِي پُڇي سُکُ،

رفاقَتَ رُڃُنِ ۾، ڏُونگَرَ ڪاري ڏُکُ،

آريءَ جو آهُکُ، مون رَهنما راهِ ٿِيو.



وائي

آهِيان جَنِ سَندي، ڙي آڙي مِيان!

مُون کي تان، سي نَه ڇَڏِيندا هوتا.

پَهائِيندِيَسِ پُنهُونءَ کي، آئُون ڳِچِيءَ پائي گَندي،

مُون کي تان، سي نَه ڇَڏِيندا هوتا.

ويٺِي آهِيان واٽَ تي، آهِيان آسَرَوَندي،

مُون کي تان، سي نَه ڇَڏِيندا هوتا.

پِرِينءَ پُڄاڻان هِتَهِين، آئُون رَتِي تان نَه رَهَندي،

مُون کي تان، سي نَه ڇَڏِيندا هوتا.

ڪَرمَ ساڻُ ڪَرِيمَ جي، آئُون پِرِينءَ مِلَندي،

مُون کي تان، سي نَه ڇَڏِيندا هوتا.



داستان ٽيون



(1)

رويو ويٺِي راڳِ، آمَڙِ اورِيان نِجهُري،

لاٿو مُون ڏيههَ وَڻَنِ سان، لاڳاپو ۽ لاڳ،

ڏوُنگَرُ سي ڏورِيندِيُون، جَن اَندَرِ ٻَري آڳ،

هوتاڻِي هِنَ ماڳ، مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين.



(2)

مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرِين، هِتِ، هوتاڻِي هاڻِ،

اوڏي مُنڌَ اُٺَنِ کي، اَللهَ ڪارَڻِ آڻِ،

پورِهيو ڪَندِيَسِ پاڻ، اَڳيان آريچَنِ جي.



(3)

مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، هوتاڻِي هِنَ هَنڌِ،

توسين پُوندِيَسِ پَنڌَ، ڏِيندِيَسِ باهِ ڀَنڀورَ کي.



(4)

مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، هاتِڪَ هوتاڻي،

توهِين لَئي کاڻِي، ڏُکِي ڏوري ڏونُگرين.



(5)

مُون کي ڇَڏِيائون ڇَپَرين، پوءِ رَهايَسِ ’پاڻَ‘،

جي ڀُلايُون ڀاڻ، تَنِ کي رَسُ رَسِيلا راهَ ۾.



(6)

سُتِي پُونِ ڇِرِڪَ، آيَلِ، ٻاروچَنِ جا،

وَمَ وِهاٽِي، ووءِ ڙي! ڪوهِياري ڪِرِڪَ،

ڌَڙُ ڌوڻِيو تِنهنِ ڌَڪَ، جَڏيءَ جِيڻُ نه ٿِئي.



(7)

سُتي پُونِ ڇِرِڪَ، آيلِ! ٻاروچَن جا،

پُنهُونءَ جِي پَيڪانَ جِيُون، راسِيُون مَنجهان رُڪَ،

هَنَيم هوتَ ڪِرِڪَ، لوچان، لوهُ نه نِڪَري.



(8)

جيهِي جي تِيهي، تَپِ ٻانهِي ٻاروچَنِ جِي،

حُجَتَ هوتَ پُنهونءَ سين، مُون ڪَمِيڻيءَ ڪيهي،

اَصلِ آريءَ ڄامَ جي، پَلَءِ آئُون پيئِي،

هُوءِ جا پائِن پيرَ ۾، تِنهن جُتِيءَ نَه جيهِي،

وِساري ويهي، تَنِ ڪيچِينِ کي ڪِئن رَهان.



(9)

هُئِي، جي نَه هُئِي، تَپُ ٻانهِي ٻاروچَنِ جِي،

اِنَ سَڱَ مُقابِلِ سَسُئِي، سَندِيَنِ ٿي سُئِي،

هُن تان لَڄَ لُئِي، هِنَ جو هَلَڻُ هوتَ ڏي.



(10)

ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ٻانهِي، ٻانهوٽِي،

ٻَئِي ٻاروچي هَٿَ ۾، چَڳُنِ سِرِ چوٽِي،

ٻانڀَڻِ کي موٽِي، پاڻهي پُڇَندو پَٻَ ڌَڻِي.



(11)

ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ٻانهوٽِي، ٻانهِي،

سي ڪِئن وَڃَنِ وِسَري، جي جِيءَ اَندرِ جانِي،

اَڱَڻِ آمانِي، شالَ ڪيچِيَنِ جي ڪامَ ٿِئي!



(12)

صَدا وِڌيَمِ سور جي، اڳئان ڪوهياري،

جو نِجس نِکاري، سو پنهون وڌم پاند ۾.



وائي

مُون کي نِيندا ساڻُ، ٻاروچا ٻاجَهه پَئِي، آلو! آلو!

ڏيندا مُون ڏُکِيءَ کي، اَللهَ لَڳِ اُهڃاڻُ،

ٻاروچا ٻاجههَ پَئِي.

لاتَقَنطُوا مِن رَّحمَةِ اللهِ، پِرِينَ چَيو پاڻُ،

ٻاروچا ٻاجههَ پَئِي.

اِنَّ اللهَ يَغفِرُ الذنوبَ جَمِيعاً، سَچو اِي پَرِياڻُ،

ٻاروچا ٻاجههَ پَئِي.



داستان چوٿون



(1)

ڳائو، نَه وائو، اَدِيُون! آرِيچَنِ جو،

لَنگهي پَٻُ پَري ٿِيا، ڇَڏي رِڻَ رائو،

ڏيئي ڦوڙائو، وِيا ويچاريءَ سُپِرِين.



(2)

ڳائِي، نَه وائِي، اَدِيُون آرِيچَنِ جِي،

ڪِنهن پَرِ ڪَهِي لَنگِهيان، جَبَلَ جهاجهائي،

جيڪُس واجهائي، هاڻي مَرَندِيَس هوتَ لئي.



(3)

هَلَڻُ سَهان نَه هوتَ جو، وَڃَڻُ آئُون گهورِيان،

هُونِ هَميشَہَ هِتَهِين، تَه ڏُونگَر ڪُہَ ڏورِيان؟

اَکِينِ سين اورِيان، پَسان شالَ پُنهُونءَ کي!



(4)

هَلَڻَ سَهان نَه هوتَ جو، وَڃَڻَ مُون نَه وَسِ،

اَللهَ! آرِيچَنِ جي، گولِي ميڙِيين گَسِ،

پِرِين، پَنهُوارَ تو پُڇان، ڏُونگَرِيا مُون ڏَسِ،

اَکِيَنِ جي آرَس، مُنڌَ جيهائِي جوڙَ ڪِي!



(5)

هَلَڻُ سَهان نَه هوتَ جو، وَڃَڻُ مَ ورايو،

رَهو راتِ ڀَنڀورَ ۾، ڪا گهَڙي هِتي گهارِيو،

مَعذوُر کي مَ ماريو، سِڪي جِنهن سَڱ ڪيو.



(6)

مُون کي جَنِهين مارِيو، آن ڪي گَڏِيا سي،

تَنَ ۾ طاقَتَ ناهِ ڪا، اَدا اُنِهين ري،

سُورُ سُلِتم تي، جيلانهن ڳالهِه ڳَري ٿئي.



(7)

مُون کي جَنِين ماريو، سُڃاتَم سيئِي،

پُنهُونءَ پَيڪانَ پُڇَنڊِيا، ٻَلن تان ٻِيئي،

ويڄَنِئُون ويئي، ٿِي وَهِيڻِي سَڄَڻين.



(8)

مُون کي جَنِهين مارِيو، سُڃاتُمِ پاڻان،

لوهُو لِڱَن ناهِ ڪِي، سَنڌَ مِڙَئِي ساڻان،

داروُنءَ جا داڻان، ڏِنَمِ هوتَ هَٿَنِ سين.



(9)

پَرتوو پُنهُونءَ جو، ڪِي ڇانئين ڪِي اُسَ،

قَرِيباڻِي ڪُسَ، آهي ڪَرَ ٻَڪَرَڙي.



(10)

پَرتَوو پُنهُونءَ جو، سُهائِي، سِياه،

مُنهُن ڏيئي مُون آئِيو، رنگا رَنگِي راه،

پِهرِين ڏِيندا پاه، پوءِ رَڱِيندا رَڱَ سين.



(11)

پَرتَوو پُنهونءَ جو جهُڙَ جِئن جهالا ڏي،

آئُون تِنهن آريءَ کي، وَٺِيو راهَ، رُئان گهڻُون.



(12)

پَرتُوو پُنهُونءَ جو، رُڳيائِي راحَتَ،

ڀايان ڏِينهن ڀَوارَئُون، ساجَنَ لاءِ صِحَتَ،

مِٺِي مُصِيبَتَ، آهي آريءَ ڄامَ جِي.



وائي

ٻاروچي ساڻُ، ٻَڙي! اي جيڏِيُون! هيڪَرَ ٿِيان، هيڪاندي.

چَڙهِي نَه سَگهان چوٽِيين، يارَ بِنان، دِلِ ماندي!

هيڪَرَ ٿِيان، هيڪاندي.

پَهُچائِجِ پُنهُونءَ کي، هِيءَ پِيادَڙي، پانڌي،

هيڪَرَ ٿِيان، هيڪاندي.

ڀينَرُ هِنَ ڀَنڀَورَ ۾، آئُون ايرادي آندي،

هيڪَرَ ٿِيان، هيڪاندي.

پورِهَيتَ پُنهُونءَ ڄامَ جِي، باندِين جِي باندي،

هيڪَرَ ٿِيان، هيڪاندي.

ڪَرَمَ ساڻُ ڪَرِيمَ جي، ڪيچِي ٿِيندَمِ ڪانڌي،

هيڪَرَ ٿِيان، هيڪاندي.



داستان پنجون



(1)

ريءَ قَرِيبَن قُوتُ ڪيو، ويٺِي وِرِهَ چَران،

اِنَ عَذابان آڳهِين، مادَرِ ڇونَه مَران،

اَدِيُون! جو نَه اوهان، سو مان سُورُ سَرَتِيُون.



(2)

ريءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪِيو، وِرِهَ چَران ويٺِي،

ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِي ڏُکَنِ سين ڏيٺِي،

تو پُڄاڻان سُپِرين، آئُون سُورَنِ سانڀيٽِي،

جا مَرضَنِ مَروٽي، سا سَرَتِيُون ڪِئن سَگهِي ٿِئي.



(3)

سَرَتِيُون! ڪِئن سَگهِي ٿِيي، ويڙهِي جا وِرِهَنِ،

چِتُ جنهن جو چُورُ ڪِيو، ڏُکويو ڏُکُن،

پُڄاڻان پِرِينَ، اَدِيُون اَگهِي آهِيان.



(4)

اَدِيون اَگهِي آهِيان، پِرِينَ پُڄاڻان،

سي ڪوهِيارا ڪيڻ وِيا، ساجَنَ سياڻان،

جي سَسُئِي سيباڻان، سي وَڃِي ڪيچِ قَرارِيا.



(5)

حَقِيقَتَ هِنَ حالَ جِي، جي ظاهِرُ ڪَرِيان ذَري،

لَڳي ماٺَ مِرُن کي، ڏُونگَرَ پُونِ ڏَري،

وَڃَنِ وَڻَ ٻَري، اوڀَڙ اُڀڙي ڪِينَ ڪِي.



(6)

حَقِيقَتَ هِنَ حالَ جِي، جي ظاهِرُ ڪَرِيان زبانَ،

لَڳي ماٺِ مِرُن کي، رَسي سُورُ شَبانَ،

ٽاڪَرِ ٽِڪي ڪانَ، جَبَلَ سَڀِ جلي وڃي.



(7)

جي حَبِ نَه هَلَڻُ سِکِيا، سي جڏا ميڙِ جَلِيلَ،

لنگهائي لَطِيفُ چَئي، نِجَنِ ڪيچِ قَلِيلَ،

وِساري وَسِيلَ، مَتان مارَڳِ ڇَڏِيين!



(8)

سارِيان ٿِي سَبِيلَ، پُرِ تقصِيروُن پاڻَ ڏي،

متان مون کي ڇڏِيين، آري ڄامَ اَصِيلَ،

وَرُ، وِلِهنِ جا وَسِيلَ، رَسُ رَهَبَرَ راهَ ۾.



(9)

اَچِيو اَچِيو چُونِ: ”وِهُ، ويا تان گهورِيا“،

سَرَتِينَ سانگَ سُکَنِ سين، مُون جِئن رَتُ نَه رُونِ،

اومَرَ ويٺِيُون هُونِ، مُون ساڱاتُو سُورَ ٿِيا.



(10)

سَرَتِيُون سُوراتِينِ جي، ڪوهُ ٿِيُون پَٿَر پُونِ،

گهاءُ نَه لَڳُنِ گهَٽَ جو، ريا مان ٿِيُون رونِ،

چيتارِيو نَه چُون، پارَ مُنهنجي پِرِينءَ جا.



(11)

ڪَڏِهن ڏِٺيَمِ ڪانَڪا، سَرِتِيُون! سَراهِي،

ڏِيهاڻِي ڏيرَنِ ۾، وَڃَڻَ جِي وائِي،

جي آئُون نَه ڄائِي، ته عَيبُ نَه لڳو هُوندَ اوٺِئين.



وائي

توڻي نِينِ، نَه نِينِ، اَلو! مِيان! آءٌ اُنِهين جِي آهِيان.

زورو هِنَ ضَعِيفِ سين، ڪامِلَ ڪوهُ ڪَرِين.

اَلو! مِيان! آءٌ اُنهِين جي آهِيان.

جَتُ پَنهنجِي جُوءِ ۾، جانِبَ مانَ جَٽِينِ!

اَلو! مِيان! آءٌ اُنهِين جي آهِيان.

پِڪَ پَدَمَنِئا اَڳري، سُرڪِي مانَ سَڃِين!

اَلو! مِيان! آءٌ اُنهِين جي آهِيان.

ٻانهِي ٻاروچا پانهنجِي، سَڳَرِ مانَ سَڏِينِ!

اَلو! مِيان! آءٌ اُنهِين جي آهِيان.

پيرين آئُون نَه پُڄَڻِي، ڪَرَهَلَ هو نَه جهَلِينِ،

اَلو! مِيان! آءٌ اُنهِين جي آهِيان.



داستان ڇهون



(1)

ڪنهن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، روئِي نَه ڄاڻان،

مَٿي ڪِيو ڀُڻان، هَنجُنِ هاڻان هَٿَڙا.



(2)

ڪنهن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، اَندَرِ ناهي اُساٽَ،

لوهُو ڪا لَڪَنِ ۾، ويري مَٿي واٽَ،

ڇَپَرَ ۾ ڇُونڇاٽَ، ڏِٺَمِ ڏُکويِنِ جا.



(3)

ڪنهن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، پَچَڻَ ناهِ پَچارَ،

اَندَرِ ٿِي آهُون ڪَرِيان، کاڻِي مَنجههِ خُمارَ،

گِرِئِي جي گفتارَ، ٻِيءَ ڀَتِ ٻاروچَنِ ۾.



(4)

ڪهن پَر رُئان پِرِينءَ کي، پارُ نَه ڄاڻان پَنڌُ،

ڪيچِيَنِ ڪارڻِ ڪَنڌُ، نايو ٿي نَعرو هَڻان.



(5)

ڪِنهن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، پارُ نَه ڄاڻان پيرُ،

ڀَنَڻُ مُون ڀيڙو ٿِيو، سُورَنِ لايو سيرُ،

آريءَ لَئي اُليرَ، رَقصُ ڀاڱي رَن جي.



(6)

ڪِنهن پَرِ رُئان پِرينءَ کي، رُئَڻَ مُون رِياءُ،

بَرَنِ مَنجههِ بُڪاءُ، پيءَ ڀَتِ ٻُڌُم جيڏِيُون.



(7)

سُڃَ وَسندي تَنِ کي، جوشَ جَلايا جي،

طالِبَ جِي تَحِقِيقَ جا، نِينهُن تَنهِين وَٽِ ني،

ٽيڏي پَسي ٽي، هُو تان آهي هيڪَڙو.



(8)

ٻِيُون ڏيئي ٻَنِ کي، هَلِجِ پاسي هيڪَ،

وَرُ نَه سَهي ويڪَ، تُون ٽيڏي ٽِئايُون ڪَريين.



(9)

اَڃان تُون اَواٽ، واٽان پاسي ويسَري،

سُونهِين ٿِي سُواٽَ، تَه منجهان دِلِ دَڳُ لَهين.



(10)

پانهِين، پَسِي پَٻُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڏيين،

اَڳِيان ڪَؤُ مَ ڪَٻُ، اِي قالِي آڏو ڪيچَ کي.



(11)

ڏاڍي لُڪَ لَڪَن جِي، پَٽَن پوءِ پَچاءِ،

ڇَپَرِ ڪوسو واءُ، هَرِيا تو نيڻَ ڪِيا.



وائي



(1)

زاري سا زاري، آلو! ڀَلو! ڪوهِياري ساڻُ،

آئُون جا ڪَندِيَسِ زاري.

ڪِينَ جِيئَندِيَسِ، جِيڏيُون! سُورَ پِرِيان جي آئُون ماري،

آئُون جا ڪَندِيَسِ زاري.

اُٺَ گُنگائي هَلِيا، بوتا هُئڙَنِ باري،

آئُون جا ڪَندِيَسِ زاري.

ڪَري ڪوهِيارو هَلِيو، مُون سين قِيامَت ڪاري،

آئُون جا ڪَندِيَسِ زاري.

مانَ وِرَمن وِچَ ۾، اولاڻِي، آري،

آئُون جا ڪَندِيَسِ زاري.

هِندوئَنِ جِئن هولِي ڪَري، مُون ڌوُڙِ مَٿي تان واري،

آئُون جا ڪَندِيَسِ زاري.

لالَنِ لَڳِ، لَطِيفُ چَئي، واجهائي ٿِي ويچاري،

آئُون جا ڪَندِيَسِ زاري.



وائي



(2)

جِنهن جي آهِيان ڏوُنگَرَ ڏوري،

تِنهِن ڪوهِياري کي ڪَهَلَ پَوي!

آئُون تان گهوري گهوٽَ جي، ماڙُهو چُونِمِ ڀوري،

تِنهِن ڪوهِياري کي ڪَهَلَ پَوي!

نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ڇَپَرِ ڇَڏِيو مَ ڇوري،

تِنهِن ڪوهِياري کي ڪَهَلَ پَوي!

روئِي رَڱِيندِيَسِ رَتَ سين، ساڻُ چئاڪَنِ چوري،

تِنهِن ڪوهِياري کي ڪَهَلَ پَوي!

روئِي رَڱِيندِيَسِ رَتَ سين، ساڻُ چئاڪَنِ چوري،

تِنهِن ڪوهِياري کي ڪَهَلَ پَوي!

اَدِيُون! آرِيچَنِ جو، لَہُ لڳو مُون لوري،

تِنهِن ڪوهِياري کي ڪَهَلَ پَوي!

ڪَشي ڪانُ ڪَمانَ مان، لائي وِئُڙا لوري،

تِنهِن ڪوهِياري کي ڪَهَلَ پَوي!





Æ

سُر حسيني



داستان پهريون



(1)

لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِيو، گهُتُون گوهِيون ڇَڏِ،

لاهِ مَ لَڏو لَڏِ، تَه ڳاڙهي سِڄِ ڳالههِ مِڙِئين.



(2)

لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِيو، هَلِي ڪَرِ هِمَتَ،

سِڄُ سامُهُون مُنهن ۾، مَتان ڪَرِيين ڪَٿَ،

سُپيريان جي سَٿَ، ڳاڙهي سِڄِ ڳالههِ مِڙئين.



(3)

لَڙُ مَ لاڙائو ٿِيو، وَرَ چُونڊِيندي وَڃُ،

آهي ايءُ اَهڃُ، هاڙهي هَلَندِيَنِ جو.



(4)

لَڙِيو سِڄُ لَڪَنِ تان، راسِيُون رَتائِين،

مُون کي مارِيائِين، اَدِيُون اُونداهِي ڪَري.



(5)

وِيو سِڄُ وَڻَنِ تان، راسِيُون ڏيئي رَنڱُ،

مُون جَنهِين سين سَنڱَ، سو ڪوهِيارو ڪيچِ وِيو.



(6)

اُلَهِي سِڄَ اَويرَ ڪِي، ڏِٺائِين ڏوُنگَرُ،

سَسُئِي کي، سَيّدُ چَئي، سُورَنِ جو سَمَرُ،

ڪُٺَلِ رَکِيو ڪَرُ، ويچاريءَ وَڻِڪارَ تي.



(7)

اُلَهِي سِڄَ اَويرَ، مَ ڪَرِ مَعذوُرِينَ تي،

پَسِي مَران پيرَ، ڏُونگَرَ ٻاروچَنِ جا.



(8)

وِيو ٻاروچو نِڪَري، هاڻِي ڪَرِيان ڪِيئَن؟

سِڄَ اُلَٿي سِيئَن، سَٽُون ڏِيندِيَسِ سُڃَ ۾.



(9)

لَڙي سِڄُ لَڪَنِ تان، ويٺِي مُون وِيو،

آئُون ڏورِيندِيَسِ ڪيتَرو، پَهَڻَنِ پيرُ پِيو؟

سُورَنِ ساڻُ سِهو، اَچِي ٿِيُم اوچِتو.



(10)

سَرَتِيُون سُڄي سُڃَ، مَتان ڪا مُون سين هَلي،

پاڻِي ناهِ، پَنڌُ گهَڻُون، اڳِيان رائو سُڄي رُڃَ،

مَتان مَري اُڃَ، ڪا ڏِئي پاراتو پِرِينءَ کي.



وائي

جي هُوندَ ڏِٺائُون، وو جيڏِيُون، حالُ مُنهِنجو هِهِڙو،

چَڙهي نَه سَگهان چوٽيين، مارَڳُ مَٿاهُون،

حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.

ڏُکِيءَ سَندي ڏيجَ ۾، ڏوُنَگرُ ڏِنائُون،

حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.

وِيندي ڪِيُون وَڻَنِ سين، سَسُئي سُکائُون،

حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.

وَٺِي پُنهُون پاڻَ سين، اَچان جي آئُون،

حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.

ڏِيندِيَسِ شاخَ سَڀَڪِنهِين، وَڻِ وَڻِ واچائُون،

حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.

هِينئڙو ڏَندڻ پاڙَ جِئَن، ڇِڪي ڇِنائُون،

حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.

هِينئڙو ڏاڙهوُنءَ گُل جِئَن، ريهي رَتائُون،

حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.

هو جي پَهَڻَ پَٻَ جا، مَڻِيان مُڪائون،

حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.

هُونِ سَلامَتَ سُپِرِين، گهوري سا آئُون،

حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.

سو جي سُئومِ ڪَنَن سين، پہُ جو ڪيائُون،

حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.

ٻانهُون ٻِيلَ نَه لاهِيان، پُنهَلَ کي آئُون،

حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.





داستان ٻيو



(1)

ڪِين ڌر تُتِي ماه، ڪِين ڄَرَ سَندي سڄڻين،

هَلي ۽ واجهاءِ، ٻِنهِين ڄيرَن وِچَ ۾.



(2)

مَٿِئان مَٿي مَچ، ٻَرِيُمِ ٻاروچَنِ جو،

مُون کي طَعنا تي ڏيين، جِئن نَه پَرُوڙِيين سَچ،

آمَڙ اوري اَچ، تَه سِٽَ سُڻايَئِين سُورَ جِي.



(3)

مَٿي مَنجهان مِينهن، پَسو پاڻِيءَ جِئَن وَهي،

مُون ڀانيون نِينهن، ڄِڀِيُون ڄيري سَنديُون.



(4)

جي وَڃي ساجَنَ وِسري، مَنجهان مُنهنجي روُحَ،

تَه مَرُ لَعي لُوهَ، ٿَرَ ٻاٻِيهو ٿِي مَران.



(5)

لَڳِي مون کي لُوهُ، وِرِهَ واٽُون لائِيُون،

رازُ جِنهن سين روُحَ، سو ڪوهِيارو ڪيچِ وِيو.



(6)

ٽِمَن نيڻَ، رَتُ وَهي، چُئاڪا ڪِيو،

مُون کي ڏَئَنُ ڏِيو، آئِين ٿا وَڃو اوٺيا.



(7)

اَمَڙ وَڃِي آڻ، چَرَخو آتَڻَ وِچَ مان،

ڪِتُم جِنهين ڪاڻ، ڪوهِيارو ڪيچ وِيو.



(8)

پَهِي ڪامُ پِڃاءِ، اَمَڙ مُنهنجي آسري،

ڏيئِي لَتُ چَرخي کي، پُوڻِيُون پاڻِيءَ پاءِ،

ڪِتُمِ جِنهين لاءِ، سو ڪوهِيارو ڪيچ وِيو.



(9)

پَهِي ڪامَ پِڃاءِ، اَمَڙ مُنهنجي آسِري،

ڏيئي تُون ڪَتاءِ، مُون کي نِينهن نِهوڙِيو.



(10)

ڪَتَڻُ ٻَنِ ڪَپاه، کوءِ آتَڻُ، ٻَنِ جيڏِيُون،

ساجَنُ مُنهنجو ساهُ، هاڃي مَنجههِ هَڻي وِيو.



(11)

آتَڻِ چُونِمِ ڪَتُ، تاڻِيان، تَندُ نَه نِڪَري،

پاڻان روئِي رَتُ، چَرَخو مُون چِڪَ ڪيو.



(12)

تاڻِيان تَندُ نَه نِڪري، جِيءُ نَه مُنهِنجو جاءِ،

ساجَن ڌاران سَرِتِيُون، سَڀَئِي مُون نَه سُهاءِ،

جِئَڻُ ڪِينَ جُڳاءِ، آيَلِ ٻاروچَنِ ري.



(13)

کوءِ هاڙهو، ٻَن هوت، کوءِ پُنهُون، ٻَن پِرِيتَڻون،

مادَرِ مُون موتَ، پَسَڻان پِرائِيو.



(14)

کوءِ ٻولِي، ٻَنِ ٻَرچوَ، گهوري ذاتِ جَتَنِ جِي،

مُون کي چَئِي ”لوچ“، پيهِي وِيا ڇَپَرِين.



(15)

جِئن جِئن تَپي ڏِينهَن، تِئن تِئن تاڻي پَنَڌَ ۾،

ڪو آڳانجهو نِينهُن، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ سين.



(16)

جِئن جِئن ڀِڄي راتِ، تِئن تِئن تاڻي پَنَڌَ ۾،

ڀوريءَ ٻِي نَه تاتِ، جيڪا سا جَتَنِ جِي.



(17)

نَڪو ليکوئِي ٿِيو، نَڪو تَتو ڏِينهن،

تِهان اوري نِينهُن، ڇِنو آتَڻَ وارِيين.



(18)

جان جِئين تان جَلُ، ڪانهي جاءِ جَلَڻَ ري،

تَتيءَ ٿَڌيءَ هَلُ، ڪانهي ويلَ وِهَڻَ جِي.



(19)

تَتِيءَ ٿَڌيءَ ڪاهِ، ڪانهي ويلَ وِهَڻَ جِي،

مَتان ٿِئي اُونداههِ، پيرُ نَه لَهِين پِرِينءَ جو.



وائي

شاديءَ جو سِينگارُ، آيُلِ، آيُلِ مَرَڪُ مُنهِنجو مُون پِرِين.

آهي ڳَہُ ڳِچِيءَ جو، ڏي هالورا هارُ،

آيَلِ مَرَڪُ مُنهنجو مُون پِرِين.

آهي اُگهاڙِيَنِ کي، جانِبَ جو جِنسارُ،

آيَلِ مَرَڪُ مُنهنجو مُون پِرِين.

آهِيين کاڄُ بُکِيَنِ جو، تُون تان طَعامُ تِيارُ،

آيَلِ مَرَڪُ مُنهنجو مُون پِرِين.

اَعليٰ اَڇو عِيدَ ۾، دوسِتاڻُون دِيدارُ،

آيَلِ مَرَڪُ مُنهنجو مُون پِرِين.

حُسنَ هوتَ پُنهُونءَ جي، ڪَڪورِيو ڪوهِيارُ،

آيَلِ مَرَڪُ مُنهنجو مُون پِرِين.

سُڃَ ڪِيائِين سُرَهِي، واسِيائين وَڻڪارُ،

آيَلِ مَرَڪُ مُنهنجو مُون پِرِين.

ڇَپَرَ ڇاٽُون مُڪِيُون، عَطَرَ ٿِيو آزارُ،

آيَلِ مَرَڪُ مُنهنجو مُون پِرِين.

ڪوڙِيين ٿِيا ڪيتَرا، نالي تان نثارُ،

آيَلِ مَرَڪُ مُنهنجو مُون پِرِين.

سَدا صَلابَتَ جِي، گولِي گِرِفِتارُ،

آيَلِ مَرَڪُ مُنهنجو مُون پِرِين.

گهورِيان گهَرُ گهِٽيءَ تان، اَچي جئان آڌارُ،

آيَلِ مَرَڪُ مُنهنجو مُون پِرِين.





داستان ٽيون



(1)

ڪو جو گهُمندي گهورُ، آيُم ٻاروچَنَ جو،

ڇَڏيندِيَس ڀَنڀورُ، هِينئُون هِت نَه وِندري.



(2)

مُون کي ساٿان کارِيو، ڀَنڀورَ جن سُکَن،

هاڻي ساڻُ ڏُکَن، تَان ڪِيئن ڏُونگَرَ ڏورِيان.



(3)

ڀينَر ڀَنڀورا، ڀَڄو تان اُبَهو،

آڳي اِنَ ماڳان، سَرَتِينِ سُورَ پِرائِيا.



(4)

ڀينَرَ هِنَ ڀَنڀورَ ۾، دوزَخَ جو دوُنهُون،

سَوارو سُونهُون، پُڇِي پُورج سَسُئِي.



(5)

ڀينَر هِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهايَل ٿِي گهارِيان،

سَڄَڻُ جي سانگ ويا، سيئي ٿِي ساريان،

سي ڪِئن وِساريان، جي وَٽان مُون واٽَ ٿِيا.



(6)

ڀَنڀوران اُجاڙُ، سَرَتِيُون سَکَرُ ڀائيان،

مُون سين تنهن پَهاڙ، ڏُکان هَڏِ نَه ڏوريو.



(7)

اُجاڙان ڀَنڀورُ، سَرِتِيُون سَکَرُ ڀائيان،

آرياڻي اَتَورُ، ڏِٺُمِ جِت اَکِينَ سين.



(8)

لَڳِي لاڳاپي، ڀوري مُنڌَ ڀَنڀورَ جي،

پِرِينءَ وِڃايو تي، ڏُکِي ڏوري ڏونگَرين.



(9)

بُرو هو ڀَنڀورُ، آرِياڻِيءَ اُجاريو،

لاٿو سَڀَ لوڪُ تان، هاڙهي ڌَڻِيءَ هورُ،

ڇورِيُون ڇُرَڻُ سِکِيُون، پُنهون ڪيائُون پورُ،

آيو سو اَتورُ، جِنهن ڏُکِيُون ڏيکَ وِهارِيُون.



(10)

ڀُلِيو سَڀُ ڀَنڀورُ، جو پُٺيءَ هوتِ نَه هَليو،

شَهر سُڃاتو ڪِينَڪي، آرِياڻِي آتورُ،

ماڻِيو تِنهين مورُ، ديکِيو جَنِهين دِل سين.



(11)

جَنِهين ديکيو دِل سين، پُٺِيءَ سي پييُون،

تَه پُڻِ ٿي وييُون، جي پُنهُونءَ پاڻُ لِڪائِيو.



(12)

ڏُکَن پُٺِيان سُکَ، سِگها ٿيندئي سَسُئي،

پيرُ مَ ڇَڏِجُ پِرِينءَ جو، توڻي لُڪُون لَک،

ڏورِجُ پاسي ڏُکَ، تَه پَوي ٻاجههَ ٻَروچَ کي.



وائي

لَڳو مَنجهه لَڪنِ، آيَلِ، آيَلِ، تازو پيرُ پُنهُونءَ جو.

نَه ڪِنهن واءَ وِڃائِيو، جهورِيو تان نَه جهَڪُنِ،

آيَلِ تازو پيرُ پُنهُونءَ جو.

کِہَ کَٿُورِئان آَڳَري، هاڻِي جا هوتَنِ،

آيَلِ تازو پيرُ پُنُهونءَ جو.

بورائُو بَرِن جو، رِڙهِيو مَنجههِ رَندَنِ،

آيَلِ تازو پيرُ پُنهُونءَ جو.

لُطِفُ ساڻُ، لَطِيفُ چَئي، ڪَندو وَرِ وِلَهَنَ،

آيَلِ تازو پيرُ پُنهُونءَ جو.





داستان چوٿون



(1)

لَڄايا مُونهان، ساجهُر تي سيڻَ وِيا،

پِيَينِ ڀَنڀوران، سُڌِ مُنهِنجيءَ ذاتي جِي.



(2)

هُيَس جي آئُون، ٻانهِي ٻاروچَنِ جِي،

هُوندَ نَه ڇَڏِيائُون، ڏُکيءَ کي ڏُکَنَ ۾.



(3)

آئُون جي هُيَس هَڏُ، اَدِيُون آرِيچَنِ جو،

ساٿَ لَڏيندي سَڏُ، مانَ ڪوهِيارا ڪَرِينَ مُون.



(4)

هُيَس جي سِياءِ، تَه ڪَيم ڏُکَ ڏيرَنِ تي،

اَدَبَ وِڃان اُن سين، ڳالهه نَه ڪَيم ڪاءِ،

ذاتِ مُنهِنجي ماءِ، ڪَچِي ٿِي ڪيِچيَنِ کي.



(5)

اوٺِيَنِ اُمارو، مُون جهَلِيندي نَه رَهِيا،

ساٿِيَنِ سَوارو، ڪِيو ڪيچُ اَکِين ۾.



(6)

ساٿِي توءِ هَلَن، پَٿَر جي وارَ ڪَرِيان،

جيڪُس ٻاروَچَنِ، ڪو ڏِٺو عَيبُ اَکِينِ سين.



(7)

ساٿِينِ سَئِين نَه جاڳِيين، پوءِ ڪُڄاڙِئا روءِ،

اِيءَ پَر ڪُپَرِ هوءِ، جِئن هو سانگِي، تُون سُمَهين.



(8)

ساٿِي نَه پَسان سي، جي هُئمِ هِينئين ٿُوڻِيُون،

هاڻِي ڪَنهين جي، وَڃيو اَڱڻَ اُڀِيان.



(9)

آن ڪي ساٿِي ڏِٺَ، جي مُون ويڙهِ وِڃائِيا،

رُئان رَتُ مَڃُٺَ، هاڻي تَن پِرِيَن کي.



(10)

مُون سَڏيندي سَڏَڙا، ساٿِي سَڏ نَه ڏِينِ،

وِلهِيءَ جي وَٿاڻَ تي، توڏَ نَه تَنوارين،

هيڏا هاڃا ٿِين، بُري هِنَ ڀَنڀَور ۾.



(11)

ڪَهان تان ڪيچان پَري، وِهان، تان وَٽِ مُون،

ڀُلِي ڏورِيَم ڀُون، عَبَثُ آريءَ ڄامَ کي.



(12)

ڪهان تان ڪيچان پَري، سُمَهان، تان سِرُ هيٺِ،

ٻاروچي سين ڏيٺِ، جيهِيءَ پَرِ ٿِي جيڏِيُون.



وائي



(1)

هوتَ، هوتَ، اي هوتا، ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي،

آئُون جَرا جِيءُ ڪَري.

ڏيئِي باهِ ڀَنڀورَ کي، آئُون آيَسِ تو ڳري،

ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.

آرِياڻِي پُنهوُنءَ ري، مُون کي سَرَتِيُون تان نَه سَري،

ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.

جَنڊي پايو جان ۾، ڏُکِي ڏُکَ ڏَري،

ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.

آءٌ اوراهُون سُپرِين، وَڃَ مَ، پِيُّ پَري،

ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.

مُون ڏِٺِي، مُون وِسَهو، وِرچِي تان نَه وَري،

ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.

ڏُکيءَ جي ڏيکاريين، ڌاران مُنهَن مَري،

ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.

پِيالي پِرِين جي، موهِيَس ميٺَ ڪري،

ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.

آريءَ جي عشقَ جِي، مُون کي اَندَرِ آڳِ ٻَري،

ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.

توکي توءِ نَه ڇَڏِيان، جي وڃان ڀُونءِ تري،

ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.

ڌَڙُ وِجهَندِيَسِ ڌُوڙِ ۾، مَٿو ڌارَ ڌَري،

ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.

هَلَڻُ سُڻِي هوتَ جو، ڏُکِي پَسُ ڏَري،

ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.

پِرِين کَڻِجِ پانهِنجِيُون، اَکِيُون ٻاجهَه ڀَري،

ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.



وائي



(2)

ڏُونَگَرِ ٿِي ڏوري، وِندُرِ ٿِي ووڙي،

جَتَنِ لئي جِيڏِيُون، ڏوُنگَرِ ٿِي ڏوري.

سُورَ ڀائِي ٿِيَسِ سُڃَ ۾، ڄامَ پُنهَلَ کان اوري،

جَتَنِ لئي جِيڏِيُون، ڏوُنگَرِ ٿِي ڏوري.

اُٺَ چارِيندِيَسِ اُنِ جا، ٽَڪَرَ پاسِ ٽوري،

جَتَنِ لئي جِيڏِيُون، ڏوُنگَرِ ٿِي ڏوري.

مَهاروُن تَنِ مَيَنِ جِيُون، خُوبُ خُوشِيءَ مان جوڙي،

جَتَنِ لئي جِيڏِيُون، ڏوُنگَرِ ٿِي ڏوري.

ڪاهي ڪَڍ ڪيچِيَنِ جي، ڪِي پُڇي، تَڙ توڙي،

جَتَنِ لئي جِيڏِيُون، ڏوُنگَرِ ٿِي ڏوري.





داستان پنجون



(1)

ليڙَنِ لَنگهِي لَسَ، مانباڻِئان مَٿي وِيا،

وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِيا، پُنهون ڄامُ پَهَسَ،

هُئا وَڏي وَسَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾.



(2)

وَڏِي وَسَ هُئا، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾،

وَڃِي ڏُورِ پِيا، سانگين پُٺِيءَ سُپِرِين.



(3)

سانڍِ پَنهنجي ساهِ، ٻانهِين ٿِي ٻُورا ڪَرِيان،

واڳِيُون جي وَرَنِ سين، تَنِ سَرِتِيَنِ سيڄَ سُهاءِ،

مُون کي طَعنا تي ڏيين، مُون جِئَن مُٺِئَن نَه ماءِ،

آريءَ جي آڪاهِ، رُلايَس روهَن ۾.



(4)

ماءِ وِهاڻوُن وار، کَڻُ پَٿَراڻِي پانهِنجِي،

جيڪين ڏِنَئي ڏيجَ ۾، سو سَڀوئِي سار،

وَڃان ٿِي وَڻِڪارِ، ڏِٺَمِ پيرُ پُنهوُنءَ جو.



(5)

ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَهَڻَ پَٿَراڻِيُون ڀانئِيان،

جِتي رَهان راتَڙِي، مِرُون مُنهنجا مِٽَ،

سيڻَنِ جِيءَ سَهَٽ، ڏوُنگَرُ ڏولِي موُن ٿِيو.



(6)

ڏِنِي سِڪَ سَسُئِيءَ کي، ٻيلِياڻِي ٻَروچَ،

لوڪَ وِچان ئِي لوچَ، نيئِي پَهُچائي پُنهوُنءَ کي.



(7)

مُسافِر نِئون ماءِ، وِرِهُ وِهايُمِ وِتَرو،

اَچِي ٿِيَمِ اوچِتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين ساڃاه،

جِيجان جهَلَ مَ پاءِ، هِينئوُن هوتَ هَڻِي وِيا.



(8)

ڪِئن آڙايُئِي پاند، پَلَؤُ پَرڏِيهِيَنِ سين،

مَتِيُون مُوڙِهِيُئِي سَسُئِي، ڪِيُئِي ڪوهِيارو ڪانڌ،

رُلِي ڀانيُئي راند، ٻانڀَڻِ عِشقُ ٻَروچُ جو.



(9)

مُنهنجو پاڙيَچَنِ، ڪَچو ڪونَ ڍَڪيو،

پاسي چَڙهي پُنهوُنءَ جي، ذاتِ سَلِتِي جَنِ،

تيلان ٻاروچَنِ، نڌَرِ ڇَڏي نِنڊَ ۾.



(10)

حُسينِيءَ جِيءَ هاڪَ، مادَرِ ماري آهِيان،

ڏِيهان ڏورَڻَ ڏُکَ سين، راتِيان چِڪَنِ چاڪَ،

ڊڄان ڀَرِ فِراقَ، متان پوئِمِ پِرِينءَ سين.



(11)

جيڪين فِراقان، سو وِصالان نَه ٿِئي،

اَچِي اوطاقان، مُون کي پِرِينَ پَري ڪِيو.



(12)

ڦِري آءٌ فِراقَ، مُون کي وِصالان وِچ پِيو،

جي ٿي چِڪِيَم چاڪَ، سي پِرِينَ گَڏجِي پُورِيا.



وائي



(1)

پُنهوُنءَ پَريشانُ، ٻَرِ ٻَرِ، نڪو خان نَه مان،

هَئي هَئي! حالُ مُنهِنجو.

موُن کي بُکُ بوتَنِ جِي، ناقي ڀانيان نانُ،

هَئي هَئي! حالُ مُنهِنجو.

شَهرُ صحَرا ڀائِيان، موُن ليکي مَيدان،

هَئي هَئي! حالُ مُنهِنجو.

رُئان ٿِي رُڃُن ۾، آريءَ لَئي عُريان،

هَئي هَئي! حالُ مُنهِنجو.

پِٽِيان مُنهنُ پَسَڻَ لَئي، هِتي ٿِي حَيران،

هَئي هَئي! حالُ مُنهِنجو.

آهي آريءَ ڄامَ جو، مُون کي ڪاري ڪان،

هَئي هَئي! حالُ مُنهِنجو.

ديوانِيءَ کي دِلِ ۾، سُورَنِ جو سامان،

هَئي هَئي! حالُ مُنهِنجو.

وِجهِجِ پِڪَ پينارِ تي، پِرِينم کائِي پان،

هَئي هَئي! حالُ مُنهِنجو.

ڪَڏِهن ٿِيندو ڪيچَ ۾، مُٺِيءَ جو مَڪان،

هَئي هَئي! حالُ مُنهِنجو.



وائي



(2)

پاڙيچِيُون ڪا پَچارَ، مُنهِنجا ڏير ڏَمَرَ ڪنهن ڏيہ وِيا.

ويٺِي ڳوڙها ڳاڙِيان، تَنِ ڄامَن لاءِ ڄَمارَ،

مُنهِنجا ڏيرَ ڏَمَرَ ڪِنهن ڏيہِ وِيا.

ڪَرِ ڪا ڪانگَ، اَچَڻَ جِي، تَنِ جي ڪا تَنوارَ،

مُنهِنجا ڏيرَ ڏَمَرَ ڪِنهن ڏيہِ وِيا.

مُئِي ماري هَليا، ڪيچِي ڪاهي قطارَ،

مُنهِنجا ڏيرَ ڏَمَرَ ڪِنهن ڏيہِ وِيا.





داستان ڇهون



(1)

ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾، آيا آسُ ٿِيام،

پَسي پَهرَ پُنهوُنءَ جي، نَهنُ سِيئَن نيڻَ ٺَريام،

گُوندَرِ وِسريام، سُکَنَ شاخُون مُڪِيُون.



(2)

ڏيکارِيُسِ ڏُکَنِ، گُوندَرَ گَسَ پِرِينَ جو،

سُونهائِي سُورَنَ، ڪِي هيڪاندي هوتَ سين.



(3)

ڪَنهِين ڪَنهِين ماڙُهئين، گُوندَرُ وَڏي وَٿ،

ٻَڌي گوڏِ گَرَٿَ، ساٽو ڪجي سُورَ جو.



(4)

سؤ سُکَن ساٽي ڏِيان، سِرُ پُڻِ ڏِيان سَٽِ،

جي مُون مِڙي مَٽِ، تَه وِرهُ وِهايان هيڪَڙو.



(5)

سَؤ سُکَن ڏيئِي، وِرهُ وِهايم هيڪڙو،

مُون کي تِنهن نيئِي، پيرُ ڏيکارِيو پِرِينءَ جو.



(6)

سُورَ مَ ڏي ڌُوڻَ، آئُون آهِيان اَڳهِين ڪاهِري،

جا پَرِ پاڻِيءَ لُوڻَ، سا پَرِ مُنهِنجي جِندَڙي.



(7)

سُورَ مَ وَڃيجا، سَڄَڻَ جِئن سانگِ وِيا،

پِرِينَ پُڄاڻا، آئُون اوهان سين اورِيان



(8)

سُورَنِ سانگهارو، ڪَڏِهن تان ڪونَ ڪيو،

آيَلِ اوڀارو، ٻائِڙَ ٻَڌو ٻوڙَ وَهي.



(9)

سانگهارو سُورَنِ، ڪَڏِهن تان ڪونَ ڏِنو،

ٻائِڙَ ٻوڙَ وِهَنِ، ڪالهوڻِئان اَڄُ گهَڻان.



(10)

سُورَ نَه ساڱاهِينِ، ڏِينِ اُڌمان اوچِتا،

مُون کي مُون پِرِينِ جا، اَمَيا آهِين،

لَڄُون جِي لاهِين، سيئِي ٿِيَم سامُهان.



(11)

سُورَنِ لَڌو سَجهُه، پاڻهئِي پيهِي آئِيا،

ڪنهن کي ڏِيان مَنجهُه، مَرُ تان چِڻِڪَن چِتَ ۾.



(12)

سُورَ مَ مَٽِج ساءُ، آئُون نَه وِڪَنِي آهِيان،

وَڃِجِ مَ ويلَ ڪِنهِين، وِرِهَ مُون وَٽاءُ،

تُون پُڻِ تَڏِهين جاءِ، جَڏِهن ٿِيان هيڪاندي هوتَ سين.



(13)

سورَ بِه ڀَتُون ڀَتِ، هِيءَ چِڻِڪِيو ڪي ٻِيو،

پِريتَڻِي پِرِينءَ جي، ماءِ مُنجهايَم مَتِ،

ڀينَرَ ڀَليءَ ڀَتِ، لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچ جو.



(14)

لَڳَمِ ٻاڻُ ٻَروچ جو، اَمَڙ پَلِ مَ مُون،

سَڀِ رَڱِينديَسِ رَتَ سين، ڪيچان اوري ڀُون،

مادَر مَٿان مُون، ڪانگ لَوَندا ڪَڏَهين.



(15)

لَڳُم ٻاڻُ ٻَروچ جو، ڪَرَها ٿِيا قَزاقَ،

اَهُکِي جا اُٺَنِ کي، سا مَينِ پوءِ مَ ماڪَ،

اَکَڙين خوراڪَ، پَسَڻُ پَرڏيهِينَ جو.



(16)

سُورُ وِراهِيان سَرَتِيُون، جي وِراهِيا وڃن،

ٻِيوُن ڪوهُ ٻُجهَنِ، جَنِ سَندا تَنِ سامُهان.



(17)

مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَڪِهين، مُون وَٽ وَٿاڻان،

ڀَرِيُون ڪِيو ڀُڻان، وِيا وِهائُو نِڪري.



(18)

ڏُکَ سُکَنِ جِي سُونَهن، گهوريا سُکَ ڏُکَن ري،

جَنِين جِيءَ وِروُنهن، سَڄَڻُ آيو مان ڳري.



(19)

ڏُک لَڳو، ڏُونگَرَ ٻَريو، ڀينَرُ کاڻِي ڀُون،

مَنان لاٿو مُون، سَندو جِئڻ آسرو.



(20)

ڏُکويوُن ڏيهان، جيڪُسِ لَڏي وِيئيُون،

هاڻي ڪِن مُلا، پُڇان پِرِين خبرون.



(21)

ڏُکِيُون جان نَه مِڙَنِ، تان تان ڀَنَڻُ نَه ٿِئي،

ٻِيُون هُونهين هَٿَ هَڻَن، روُندِيُون روُئَڻَ وارِيُون.



(22)

نَڪي روُئَڻَ وارِيُون، نَڪي اوسارِينِ،

مُونِهين کي مارِينِ، مُونهِين سَندا ڏُکڙا.



(23)

ڀيڙي ڀِيڙي ٻَنڌُ، سُورائِتِي سَندرو،

ڪيچ اَڳاهُون پَنڌُ، مَتان لَڪَنِ سين لَڳِي مَرين.



(24)

ڀيڙي ٻَنڌُ ٻِيهارَ، سُورائِتِي سَندرو،

ڏوُنگَرَ توهان ڌارَ، ڪانَ ڏورِيندي ڏُکَ سين.



وائي

ڪوهياري جي ڪاءِ، مارِيندِيَمِ ماءِ، مُون کي مَنَ اَندرِ جا ڳالهَڙي.

چَڙهان ڏوُنگَرَ چوٽِيين، سُپيرِيان جي ساءِ،

مُون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهَڙي.

نِهارِيندِيَسِ نِڪَري، هاڙهو هوتَنِ لاءِ،

مُون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهَڙي.

پانڌِيڙا پيرَ ڀَري، پِرِيان کي پَهُچاءِ،

مُون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهَڙي.

موليٰ! مُون کي ميڙئين، سَنديءَ جانِبَ جاءِ،

مُون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهَڙي.

هوتَ هَلَنِ، آئون وِهان، تَه ڪا اِيئن جُڳاءِ،

مُون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهَڙي.

سَسُئِيءَ جي سِريءَ کي، اوڏاهِين اُٺاءِ،

مُون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهَڙي.

پيرانديءَ پُنهوُنءَ جي، مُنهِنجو لوڙه لَٽاءِ،

مُون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهَڙي.

اَلا! عَبدُاللطِيفُ چَئي، اِيها آسَ پُڄاءِ،

مُون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهَڙي.





داستان ستون



(1)

پُڇَنِ سي پَسَنِ، جَڏهِن تَڏِهن پِرِينءَ کي،

ڏورِيندِيُون ڏِسَنِ، اَڱَڻَ عَجِيبَنِ جا.



(2)

پُڇِيوءِ، تان پُور؛ ناتَ پُڇَڻَ هوءِ مَ پِرِينءَ کي،

ڏورَڻَ واريُون ڏوُر، هَڏ نَه آهينِ هوتَ کي.



(3)

ڏورِيان، ڏورِيان، مَ لَهان، شالَ مَ مِلان هوتَ،

مَنَ اَندَرِ جا لوچَ، مَڇُڻِ سا ماٺِي ٿِئي.



(4)

ڏورِيان، ڏورِيان، مَ لَهان، ساٿِي ڪالهوُڻا،

لاهي لاڏوُڻا، سَفَرِ ڪنهن سانگ وِيا.



(5)

آئُون ڏورِئين، شالَ مَ لَهَئين، پِرِين هُئين پَري،

هَڏِ نَه ساهَ سَري، تَنَ تَسلي نَه ٿئي.



(6)

آئُون ڏورِئين، شالَ مَ لَهَئين، تَنَ مَ ملين تُون،

لُنءَ لُنءَ مَنجهان مُون، لوچَ تُنهِنجي نَه لَهي.



(7)

آئُون ڏورِئين، شالَ مَ لَهَئين، ساڄَنَ مَڃُ سُوالُ،

سِڪَ تُنهنجِيءَ، سُپِرِينِ ٿِئي جانِ زُوالُ،

وِهاڻِيءَ وِصالُ، اُٿيان آرامِي ڪَري.



(8)

ڇَڏِيَمِ حُجَ هَلَڻَ جِي، چاڙهِيڪا چَکِيامِ،

آرِياڻِيءَ جي آسري، ڏوُنگَر ڏِينهن لَڳامِ،

پُڇِجِ، پِرِين سَندام، ويٺِيسِ، وِکَ نَه اُپڙي.



(9)

ڇَڏِيَمِ حُج هَلَڻَ جِي، چاڙهِيڪَنِ چَڙهِي،

آڙِيڪَنِ آڙي، پِيَسِ هوتَ پُنهُونءَ سين.



(10)

ڇَڏِيُمِ حُجَ هَلَڻَ جِي، چَکِيَمِ چاڙهِيڪا،

اَدِيُون آڙِيڪا، هِينئَڙي پِييمِ هوتَ سين.



(11)

ويٺِيَسِ، وِکَ نَه اُپُڙي، اَڄُ آرِياڻِي تُون آءُ،

چُڪِيءَ توسين چاءُ، پاسي ڀَرِ پيئي رڙهِي.



(12)

جيڪا ڪندي نِينهُن، مُون جِئن ٻاروچَنِ سين،

سِڪَڻُ سارو ڏينهن، چَڙهَڻُ چاڙهِيڪَن تي.



(13)

جيڪا ڪَندي سَڱ، مُون جِئن ٻاروچَن سين،

اَنگُنِ چاڙهي انگ، روُئندي سا رَتَ ڦُڙا.



(14)

جيڪا ڪندي لاڳِ، مُون جِئن ٻاروچَنِ سين،

اَندَر تَنهِين آڳِ، لَڳندي لاٽُون ڪَري.



(15)

جيڪا ڏِيندي مَنجههُ، مُون جئن ٻاروچَن کي،

مَٿان ڳَلَنِ هَنجُ، ڪِينَ لاهِيندي ڪَڏهين.



وائي

مُنهنجي حُجَتَ ناهي واٽِ، ڪانهي واٽَ،

جِيجان تَنِ جَتَنِ سين.

کاڻِيءَ کي کانئي ٿِي، ڄيري جي ڄَڙاٽ،

جِيجان تَنِ جَتَنِ سين.

ڪَندِيَسِ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ لَئي، لَڪَنِ ۾ لُولاٽ،

جِيجان تَنِ جَتَنِ سين.

تازو پيرُ پُنهوُنءَ جو، لُڙِيو مَنجهه لُڙاٽ،

جِيجان تَنِ جَتَنِ سين.

آهيمِ آريءَ ڄامَ جِي، اَندر مَنجهه اُساٽ،

جِيجان تَنِ جَتَنِ سين.

مارِيو ڪِيمَ مُٺِيءَ کي، ڪيچِي ڪاهي ڪَنواٽ،

جِيجان تَنِ جَتَنِ سين.

کَڻِيو نيڻَ نِهارِيان، ڳوڙَهَن ڀَرِيو ڳاٽ،

جِيجان تَنِ جَتَنِ سين.

سَبَبِ تِنهن سُتي وِيا، جهُوٽِي ڏِينَمِ جهاٽَ،

جِيجان تَنِ جَتَنِ سين.

ڏِٺَمِ ڏُکوينِ جا، ڇَپَر ۾ ڇُونڇاٽ،

جِيجان تَنِ جَتَنِ سين.





داستان اٺون



(1)

آتَڻ اورانگهي وِيا، آئُون ٿِي مَران ماءِ،

پِٿُون ٿِينديَس پيرَ تي، ”هَئي هَئي! ڪَري، ”هاءِ!“

جِيَڻِ مُون نَه جُڳاءِ، پِرِيَن تان پاسو ڪِيو.



(2)

آتَڻِ اورانگهي وِيا، اَڱڻِ مُون افسوس،

ديوانِيءَ سين دوسُ، ساٿِي آهي سُڃَ ۾.



(3)

آتَڻ اورانگهي وِيا، ڪَري ڪَمِيڻِي ڪِيئن،

هاڻِ گهُرِجي هِيئَن، تَه ڏِجي باهه ڀَنڀورَ کي.



(4)

آتَڻُ اورانگهِي وِيا، پُٺِيءَ توڏَنِ تاڻ،

ويههُ مَ، مُنڌَ ڀنڀورَ ۾، هُن پڄَندِيئَن هاڻ،

رائِي مَنجهه رِهاڻ، هَلُ تَه ٿِيَئِي هوتَ سين.



(5)

آتَڻَ اورانگهي وِيا، پاري ڇَڏي پوءِ،

آرِيچا اُٺَنِ تي، هيءَ تان ڇَڏي جوءِ،

ڪِين هَلي، ڪِين هَٿَ کَڻي، ڪين رِڙهي، ڪِين روءِ،

ڪو پُنهُونءَ کي چوءِ، تَه مُٺِيءَ ماتَمُ آئِيو



(6)

ڄاڻِي سُڃاڻي، مُون کي ڇَڏي هلِيا،

اَديُون آرِيچَنِ لئي، آئُون کُوري جِئَن کاڻِي،

پاهَڻَ ۾ پاڻِي، هارِيُون! هارَڻَ آئِيو.



(7)

ڄاڻِي سُڃاڻِي، مُون کي ڇَڏي هَلِيا،

آئُون ڪِئن ڇَڏِيان پانهِنجو، اَدِيُون آرياڻِي،

ڀَريُم جو پاڻي، سو ڪيچين ڪَمِ نَه آئِيو.



(8)

ڄاڻِي جي ڄاتوم، ته پوندو فِلق فِراق جو،

اَکَر اِرادَتَ جو، ڌُرِيائِين ڌوتوم،

پوءِ تان ڪون ڪيوم، هُوند ڪَشالو ڪيچَ ڏي.



(9)

وارو، وَڃن ٿا، سيڻَ تُنهنجا سَسُئي،

ههڙا ٻاروچا، ڪينَ لَهَندئن ڪي ٻِيا.



(10)

واري وَرائي، تو پَنهنجا نَه ڪِيا،

ڀوري رَنجائي، هُوندَ نَه پيئِينءَ هيتري.



(11)

جِئان واري وَڳَ، اوٺِي ٿِيا ڇُلِنگِيُون،

مَٿي تِنهن مارَڳَ، پَئِي پُرزا نَه ٿِيين.



(12)

دُکائيندي دُونهَڙا، مُنڌَ سِيڻائِي وَڃُ،

پَرياڻون مَ ڀَڃُ، ساٿُ چَڙهندو لَڪيين.



(13)

ڇِڄُ مَ قَطاران، ساٿُ چَڙهندو لَڪيين،

مَڇُڻ ٿِيين پُئان، وَڳَ واٽَ ئِي نَه لَهين.



(14)

ڪا جا ڪيائوُن، وائِي واري وِنگُڙي،

آيَلِ تنهن آئُون، ٻولِيءَ ٻاتاڙي ڪئي.



(15)

وائِي واري وِنگُڙي، ٻولِي ٻِي نَه ڪَنِ،

اَلا، ڪيچَ ڌَڻِينِ، موُن سين پوءِ مَ مامَرو.



(16)

ڪا جا آندي ڪيچِيين، وَڻِڪاران وائِي،

سَڻِي مُون سائِي، نيڻين نِنڊڙي وِهُ ٿِي.





(17)

پُڇيوئِي جان دوست، تان پاسي ڪَرِ پَرهيزَ کي،

گَڏِيُئي جي هوت، ته دِين سڀ دور ٿيا.



(18)

هَلو ۽ مَلهو، ڏُکَ مَ پَسو ڏوٿِيا،

سُونهون جو ساٿَ جو، سو مُون هوتُ سَلو،

آن پُڻِ ٿِئي ڀَلو، آئُون پِڻ گَڏِجان پِرِينءَ کي.



وائي

مُون کي ڇَپَرِ مَ ڇَڏيجا، ٻاروچا پَلئَ لَڳِي آهِيان.

ڇوري ڇِنِي آهِيان، نِينهُن نِباهي نيجا،

ٻاروچا پَلئ لَڳِي آهِيان.

ڇوري ڇَڏي ڇَپَرين، ڪيچي ڪِيمَ وَڃيجا،

ٻاروچا پَلئ لَڳِي آهِيان.

پُنهُون مُنهِجو آن سين، ساٿُ سَلامَتَ نيجا،

ٻاروچا پَلئ لَڳِي آهِيان.

مُون تان وَڙُ وِڃائِيو، آئِين پَنهِنجو وَڙُ ڪَريجا،

ٻاروچا پَلئ لَڳِي آهِيان.

جوڳِئَڪو وِيسُ ڪَري، سِگهَڙي سارَ لهيجا،

ٻاروچا پَلئ لَڳِي آهِيان.



داستان نائون



(1)

ڪاتِيءَ تان نَه ڪهِين، مَنُ وِجهُلَڻَ وَڍِيو،

مارِيَسِ سُورَ تَهِين، جو نَه جِياري جيڏِيُون.



(2)

ڪاتِيءَ تان نَه ڪُٺو، ماءِ مُنهنجو جِندَڙو،

جَنهين ماءِ مُٺو، سي جَتَ نَه پَسان جُوءِ ۾.



(3)

جِيءُ مُنهنجو جَنِ، آنگُڙِيارو وَڍيو،

پُڄاڻان پِرِين، سبِان سَڄو نَه ٿِئي.



(4)

اَچِيو مَرُ اَچَنَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾،

پُٺِيءَ لَڳي جَن، ڪَمِيڻي ماڙهو ٿِئي.



(5)

رو، وِسانئي راندِ، پَہَ پَروُڙِجِ ساٿَ جا،

هوتَنِ سين هيڪاندِ، هُيَمِ ٻاٽي ڏِينهَڙا.



(6)

رُئَڻُ ۽ راڙو، مُون نِماڻِيءَ جي نجُهري،

ڪُٺَلِ کي قَلَبَ ۾، قُرَب جو ڪاڙهو،

هوتَنِ لَئي هاڙِهو، رِجائِيندِيَسِ رَتَ سين.



(7)

روئِي ڪَندِئن ڪوهُ، هاڻي ڪَو هوتُ وَري،

جيڏِيُون جيڏوئِي ڪِيو، ساڻُسِ سيڻَ ستوهُ،

ڊوهِي اَٿِيان، ڊوهُ، مَتان ڪا مُون سين ڪَري.



(8)

رُئان تان راند، کِلان تان کامي هِينئون،

اَکَڙِيُون ويساند، پِرِينءَ گَڏِجِي ڪَنديُون.



(9)

اَکِيَنِ ڪِينَ ڪِيو، رَتُ نَه رُنائُون!

اُڀي ڏِٺائُون، ڦوڙائِبا سُپِرِين.



(10)

کاڻِيُون، لوٺِيُون اَکِيُون، ڪُٺِيُون ڪِينَ ڪُڇن،

مُٺِيُون ماٺِ نَه ڪَنِ، هَنيُون رَهَن نَه هوتَ ري.



(11)

وَسِي، وِساڻِيُون، رَتو روئِي پِرِينءَ کي،

پييُون کَڻَن پَٻَ ڏي، نَظر نِماڻِيُون،

سي ڪِئن ٻيلياڻِيُون، جَنِ وِيندو هوتُ نَه وارِيو.



(12)

وَسِي وَسِي مِينهَن، جِئن لَٽي وييَس کيہُ،

توءِ پِرِيان جي ڏيہَ، پيئِي پُڇي خَبَروُن.



(13)

کاڻِيءَ مَ کانيو، مُٺِيءَ مَنَگَرُ مَ ڏِيو،

هيڪَرَ اُجهايو، ڏيئِي ٻُرَ لُهارَ جِئَن.



(14)

کاڻِي کيرن هيٺِ، ويٺِي روئي رَتَ ڦُڙا،

ڪا مُون ٿِيندي ڏِيٺِ، ٻِيهَرَ ٻاروُچَنِ سين.



(15)

پُنهوُنءَ پيرَڙِيُون، گهَرِ گهُمَندي جي ڏنِيُون،

سي مُون سيرَڙِيُون، نِتُ نِهارَڻ پيئِيُون.



(16)

مُيَس، مَرُ مَران، سُيَسِ وِچ سَرَتِيين،

پورهِيَت ٿِي پَران، پاڙي ڄامَ پُنهوُنءَ جي.



(17)

مارِيو جي معذُورِ، تَه هيڪاري هورُ لَهي،

ساڄُنَ اَهنجي سُورِ، ڪِينَ جِيان ٿِي ڪيچِيا.



(18)

نَڪِي مُئِي آهِيان، نَڪِي ٿِي جِيان،

ساجَنَ ساهُ ڏِيان، توکي سارِيو سُپِرين.



(19)

تُون جي ڪالَهه مُئِي، تَه ڪالَهه ئِي گَڏي پِرِينءَ کي،

ڪَڏهِن ڪانَ سُئِي، تَه ڪا سَگهِي گَڏي سَڄَڻين.



(20)

اَڳي پوءِ مَران، مَرُ مَران مارَڳ ۾،

مَٿي پوءِ پِرِيان، خُونُ مُنهنجو جيڏِيُون.



(21)

پُنهوُنءَ ڪارَڻِ پَٻَ ۾، مَرُ مَٿا ڏيئِي،

تَه سَرَتِيُون سَڀيئِي، واکاڻينئِي ويٺِيُون.



(22)

تَنهِين تُون نَه سِياءَ، جي ڪوهِيارا ڪيچَ ڌَڻِي،

اَنگُنِ چَڙهيو آءُ، جان نالو ڳِيڙُءِ نِينهَن جو.



(23)

مَٿان جِيءُ جَتَنِ، گهورِيو گهوري سَسُئِي،

پازي جي پُنهوُنءَ جا، ڪاروُن ڪَري تَنِ،

ڪيچِ مَتان ڪا ڪَنِ، بي شُڪري ڀَنڀَور جِي.



وائي

هِتان ٿِي هَلندِيَسِ، مِيان! سامُهِين ساڻيههَ ڏي.

وَڏا پينڍا پَنڌَ جا، مَيزلَ ماڻِينديَسِ، مِيان!

سامُهِين ساڻيههَ ڏي.

اَلاهَرَ عَجِيبَ کي، لَڪَنِ مان لَهَندِيَسِ، مِيان!

سامُهِين ساڻيههَ ڏي.

جيڏِيُون جوڙُ جَتَنِ جو، جَڏهِن آئُون ٿِينديَسِ، ميان!

سامُهِين ساڻيههَ ڏي.

حُجائِتا هوتَ کي، ڏوراپا ڏِيندِيَسِ، مِيان!

سامُهِين ساڻيههَ ڏي.

فَرِياديُون فِراقُ جِيُون، پُنهَلَ کي چُوندِيَسِ، ميان!

سامُهِين ساڻيههَ ڏي.



داستان ڏهون



(1)

سُپيرِيان جِي ڳالهڙي، رُڳو رَنجائو،

ڏوُنگَر ڏولائو ڏِيندا مُون ڏيرَ وِيا.



(2)

آريءَ اُتَنِ جِيئن، اِيئَن تان اوٺِين نَه ڪِيو،

ڪيچ پَهچبو ڪِيئَن، اِهڙَنِ اَٻاجَهنِ سين.



(3)

جِئَن اُتَن آريءَ ڄامَ، اُئن تان اوٺِيَنِ نَه ڪِيو،

ٻَڙڪِي ٻاهَرِ نِڪتِي، گاذَرِ مَنجهان گامَ،

ساهُ ڏِنائِين سامَ، سُتِي سَڳَرَ پَٽِيين.



(4)

لَڪِيُون آن ڀَرِ لِکَ، ڪِين ڪوهِيارا وِرَمِيا،

جَنِين سَنديءَ سِڪَ، رُنَمِ راتِ رَتُ ڦُڙا.



(5)

لَڪيُون آن لَڳا، ڪي پَلَو پانڌِيڙَنِ جا،

توهان گهَڻيرو ماءِ، روُندا اُوءِ رَتُ وِيا.



(6)

ڪو جو لَڳُسِ ڪانُ، ڪيچِيَنِ جي قُربَ جو،

ٿِي نِماڻِي نِيشانُ، ڇَڏي سانگو ساهَ جو.



(7)

ڏوٿِيَنِ چَيُسِ ”ڏُوُرِ، ڪيچُ آڳاهُون پَنڌُ ٿِيو“،

پاڻا چَڙهِي پُورِ، وِکُ وِڌائِين وِتَري.



(8)

ڏوٿِيا ڪو اوٺِينَ جو، مُون کي اُهڃُ ڏِيو،

سَچُ ڪِ ساٿَ نِيو، پُنهوُن مُنهِنجو پاڻَ سين.



(9)

ڪو جو اُٺُسِ مِينهُن، آريءَ جي اُڪِيرَ جو،

ٻاروچاڻُون نِينهُن، مَتان ماٺو نَه ٿِئي.



(10)

جيڏِيُون ڏِسو ڪيچُ، جو ڏِيہُ ٻاروچَنِ جو،

پُنهوُنءَ وِڌُمِ پيچُ، نِسوروئِي نِينهَن جو.



(11)

لَڪ چَڙِهيو رِڻِ روءِ، ڪَري سَٻاجها سَڏَڙا،

اِيندَنِ پُڇي خَبَروُن، وِيندَنِ پيرين پوءِ،

ڏيرَنَ ۽ ڏاگهَنِ جو، مُون کي ڏَسُ ڏِيو،

مُون کان ساٿُ وِيو، ڀُڻي ڏُونگَرَ ڏورِيان.



(12)

گهوڙَنِ هَنيُون گهَڻِيُون، اُٺَنِ هَنئي آنءُ،

جا نِينهَن ڳِننَدي نانءُ، سا مُون جِئَن پُوندي مامِري.



(13)

لَڪَڙِياريُون آڱَرِيُون، ٻاروچاڻُون ڀيرُ،

اَچِي پَسو جيڏِيُون، تازو پُنهوُنءَ پيرُ،

ويچاريءَ سين ويرُ، جَتَنِ جيڏو ئي ڪِيو.



(14)

لُڇَڻُ نَه لاهِين، گُوندَرَ هِنَ غَرِيبِ تان،

پَرِ ۾ پَچائِين، جِيجان جوشَ جَتَنِ جا.



(15)

هَئي! ٿو وَڃي هوتُ، آئُون ڪِي اَڳَڀَري ٿِيان،

مَتان چَوي بَلوچُ، ”ڪَمِيڻِيءَ مان ڪِينَ ٿِيو.“



(16)

ڪَمِيڻَينِ هَٿان، ٿِيَنِ مُورائِين مديُون،

تُون ڪَرِ پاڻَ وَڙان، موٽُ سَٻاجها سُپِرين.



(17)

نَڪِين ٿِيان سَڱَ ۾، نَڪِين سَڱِيڻِي،

آهِيان ڪَمِيڻي، ذاتِ ٻاروچِي نَه جُڙان.



(18)

ڪيچِ مَ خَبَرَ هوءِ، هِنَ مُنهِنجِيءَ ذاتِ جِي،

مَتان پُنهوُنءَ پوءِ، لَڄَ مُنهِنجِي لوڪَ ۾.



(19)

لَٿو ڪَمُ ڪيچِيَنِ جو، ڇَڏي هَلِيا مُون،

الا! آهيين تُون، هوتَن تان هيڏي ڪئي.



وائي



(1)

مُنهِنجو ساهُ نِيو سيڻانِ، آيَلِ، وِهان ڪِئن ڀَنڀورَ ۾؟

مُون کي وِيا نَه وِسَري، نِينهَن ڀَرِيا نيڻانِ،

آيَلِ وِهان ڪِئن ڀَنَڀورَ ۾؟

سو ڪِئن هِينئَڙو جهَلِيان، جِهڄي جو ڪيڻانِ،

آيَلِ وِهان ڪِئن ڀَنَڀورَ ۾؟

مادَرِ پايو مُنڊِيُون، ڪُوڪِيان وَرُ ڪيڻانِ،

آيَلِ وِهان ڪِئن ڀَنَڀورَ ۾؟

وائي



(2)

وَسان ٿي ويياسِ، آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.

پُرزا پَٻَ وَرَنِ ۾، پِٿُون ٿِي پيياسِ،

آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.

تَه پُڻِ ڪاڍو ڪيچ ڏي، توڻي ماءِ مُياسِ،

آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.

پاڻُ وِڃايُمِ پيرَ تي، ڇُٽِي آئُون، ڇُٽِياسِ،

آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.

آيُمِ آنڌي لوڪَ سين، مُٺِي آئُون، مُٺِياسِ،

آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.

هيڏي شَهَرَ ڀَنڀَور ۾، نَڪو پِيءُ نَه ماسِ،

آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.

پييُمِ وِچُ وِصالَ ۾، سَنجهي آئُون سُتِياسِ،

آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.

پييُمِ پُنهوُنءَ ڄامَ سين، کُٽِيءَ آئُون؛ کُٽِياسِ،

آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.

اَلا! اُنِ مَ وِسَران، ڏِٺي جَنِ جِياسِ،

آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.

پِييَسِ وَرِ وِصالَ جي، جانڪِين تان جِئندِياسِ،

آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.

وائي



(3)

تَه ڪو هوتُ سَڄَڻُ نِيندا، هو! ڏيرا،

ڪَلَ نه پِيمَ ڪا، مُون نَه پَروڙِيا ماءِ،

ڪُهِي ڪَمِيڻِي هَلِيا، ٻانڀَڻِ ڪَري ٻيرا،

ڪَلَ نَه پِيَيمِ ڪا.

پَسان شالَ اَکِيَنِ سين، دوستَ سَندا ديرا،

ڪَلَ نَه پِيَيمِ ڪا.

سيڻَنِ ساجهُر لَڏِيو، پوءِ ٿِي پُڇين پيرا،

ڪَلَ نَه پِيَيمِ ڪا.

ڏاڻَ وِجهِي ڏاگهَن کي، وَنگِيُئِي نَه تنهن ويرا،

ڪَلَ نَه پِيَيمِ ڪا.

ٻَڙِڪَنِ ٿا ٻانڀَڻِ جا، جِيءَ اَندرِ جيرا،

ڪَلَ نَه پِيَيمِ ڪا.



داستان يارهون



(1)

واڪِيو واڪِيو وِکَ، پاٻوهِيو پيرُ کَڻي،

سي نَه چَڙَهندِيُون ڏِکَ، موڙي پيرُ مَرَن جي.



(2)

وِجههُ وَڌَندي وِکَ، مَڇُڻ لِکَ لَکائِيين،

ڏُکُ تَنهِين کي ڏِکَ، حُبَ جَنهِين کي هوتَ جِي.



(3)

واڪو هَڏ مَ لاه، سَڏَنَ مَٿي سَڏَڙا،

مانَ تُنهنجِي ڪا، سَڳَرَ ۾ سارَ ٿِئي.



(4)

سَڏَنِ پُٺِيءَ سَڏَڙا، واڪو مَنجهه وَڻين،

سَڄَڻُ پَنڌ گهَڻي، مانَ ڪوهِيارو ڪُوڪَ سُڻي.



(5)

ڪوهِيارو ٿِي ڪاتُ، مُيُون مارَڻَ آئِيو،

هوءِ مَرُ هوتُ حياتُ، آئُون مُيائِي گهورِيي.



(6)

وِهين ۽ ويلا ڪَريين، پُڇين ٿِي پانڌي،

هاري هيڪاندي، ڪِنهن پَرِ ٿِيندِئن هوتَ سين.



(7)

وِهين ۽ ويلا ڪَريين، اِيءَ نَه اُڪنڍَ آهِ،

سي لاڳاپا سَڀ لاه، اوريا اُڀيارين جي.



(8)

وِهين ۽ ويلا ڪَرِيين، سَڏيين ساڱاتُو،

هاري آپاتُو، توسين سُونهنِ نَه سَسُئِي.



(9)

ڪِجي جِئَن ڪيچِيَنِ لَئي، تو تان ڪِينَ ڪِيو،

ويجهائي وِڌوءِ، وِکَ نَه کنيُئِي هيڪَڙي.



(10)

پاڙي ناهِ پَروڙَ، تَه ڪا راتِ رَنجائي گُذري،

ٻانڀَڻِ ٻاروچَنِ جي، گهائي وِڌي گهُورَ،

هِڪَ سَسُئِي ٻِيا سُورَ، وِيا پِٽِيندا پاڻَ ۾.



(11)

پاڙيچي: روئِي، چاڪَ مُنهِنجا چورِيا،

پَگهَرُ وِجهَندِيَسِ پِرِينءَ جو، ڌَڪَنِ ۾ ڌوئِي،

ساجَنَ سَڀوئِي، ساهُ اوهان تان صَدَقو.



(12)

اَڄُ نَه مُون قَرارُ، ڏِٺُمِ سَئُنچو ساٿَ ۾،

نَهِي ويٺا بارُ، مَٿي ساڻيههَ سُپِرِين.



(13)

ڪِيا ويچاريءَ وَس، ڪارَڻِ ڪوهِياري گهَڻان،

گهَڻُون پُڇي پانڌِيين، سَندا ڏيرَن ڏَسَ،

لَمُون ڏوري لَسَ، سُتِي سَڳَرَ پَٽِيين.



(14)

تان ڪا وَرَ ڪِجا، ڪَمِيڻيءَ تي ڪيچِيا،

آئُون اوهان جِي آهيان، ٻانهِي ٻاروچا،

دِلاسي دوسا، مَتان مُون کي ڇَڏِيو.



(15)

تان ڪا ڪِجا وَر، ڪَمِيڻيءَ تي ڪيچيا،

آئُون اوهان جِي آهِيان، بَندي بي سَمر،

اَچِي ڪوهِيارا ڪَر، دِلاسو دِلگير کي.



(16)

هوءِ جي سُورَ سُڄَنِ، سي مُون پِينگهي ۾ پِرائِيا،

سانڍِيياسِ سُکَنِ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرِتِيُون.



(17)

سِرجِي، تان سُورُ، ساماڻِي، تان سُکَ وِيا،

اِهي ٻيئي پُورَ، نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِيا.



(18)

سُورَنِ سانڍِيياسِ، پُورَن پالِي آهِيان،

سَکِن جي سَيّدُ چَئي، پُکي نَه پيياسِ،

جيڪُسِ آئُون هُياسِ، گُري گُوندَرِ وَلِ جي.



(19)

سُورَنِ ٻَڌو سَندِرو، مُونهان مَهندِ ٿِيا،

هَلو تَه ڏورِيُون اُن کي، وِندَرِ جي وِيا،

ڪَندِيَسِ ڪِيّنَ ٻِيا، هوتُ مَٽائي اَڳِيان.



(20)

پُڻِ وِهاڻِيَسِ راتِ، هَلي هاڙهي سامُهين،

پُنهوُنءَ جا پِرِڀات، اُڀِي پُڇي پَهِيَڙا.



(21)

نَه ڪا تاتِ، نَه تُوتِ ڪا، نه ڪا تاتِ تَنوار،

ڪانهي پِرِتِ پَچارَ، لَنئُون ويچاريءَ لَڏِيو.



(22)

ڪينهين طالِبُ تاتِ جا، نَه تَه آهي تاتِ تِيار،

ڏورِيان، پِيو ڏڪار، گهورِيندَڙَ کَڻِي وِيا.



(23)

جيڪي طالِبَ تاتِ جا، تاتِ به تَنهِين وَٽِ،

هَڏهِين ڪانهين هَٽِ، گهورِ، تَه گهَران ئي لَهين.





(24)

آن جي ڏِٺاهُون، اَللهَ ڪارَڻِ ڳالهه ڪَريو،

نيڻَ مُنهِنجا رُونِ، راتو ڏِينهان اُنِ کي.



(25)

اَڃا راتِ رَتومِ، ڪوڏِ ڪوهِياري ڪَنجُرو،

ڀينَرُ ڀِڄايومِ، صُبح سان، سورَنِ سين.



(26)

سَرَتِينِ سَهَجَ مَنجهاءُ، ٿي ڪوڏِ وِراهِيا ڪَپِڙا،

تَڏِهن مُنهنجِي ماءُ، ٿي پَهڻ آڇِيا پَٻَ جا.



(27)

ڪَڏهِن ڪَڏِهن جيڏيُون، ڪو پَهُه اَچِيو پوءِ،

سو پُڻِ ساڙو هوءِ، هِيءُ جو ساهُ سَرِيرَ ۾.



(28)

ڪنهن جنهن نِينهن نِنڌاهُ، جِئن مُون واجهائِيندي نَه وَرو،

جيڪين مُئِي ڪَنداهَ، سو جانِبَ ڪَرِهو جِئَري.



(29)

مَتان ٿِيين مَلورُ، ڪِينَ آڳاهُون آهِيان،

ڏِسَڻَ ۾ ڪَرَ ڏوُرَ، حَدَ ٻِنهين جِي هيڪَڙي.



وائي



(1)

هو آرِمانُ اَٺَنِ، ميان! سَسُئِيءَ جي سُورَن لَئي.

ڪَجاوا ڪَرهَن تي، جوڙِيا جالَ جَتَنِ، مِيان!

سَسُئِيءَ جي سُورَنِ لَئي.

پيرُ نَه ٽِڪَنِ پوئتي، ٿا ڪامُن سان ڪُٽِجَنِ، مِيان!

سَسُئِيءَ جي سُورَنِ لَئي.

مَهاروُن مَيَنِ جِيُون، واڳُون وَسِ ڌَڻِينِ، مِيان!

سَسُئِيءَ جي سُورَنِ لَئي.

ٽَڪَرَ ۾ ٽونڪارَ ٿِي، صُبُح ساٿِيڙَن، ميان!

سَسُئِيءَ جي سُورَنِ لَئي.

سانگُ تَه تُنهنجو سَسُئِي، هاڻي هوتَ نَه ڪَن، مِيان!

سَسُئِيءَ جي سُورَنِ لَئي.



وائي



(2)

ڪاروُن وَسَ ڪيامِ، ڙي! هَئي هَئي! وو! لَڏي ڏوُرِ وِيامِ!

مُنهنجو هوتُ نَه موٽِيو، وو! ڪاروُن وَسَ ڪِيامِ.

ٻَنڌَڻَ ٻاروچَنِ جا، پِينگهي مَنجههِ پِيامِ،

وو! مُنهنجو هوتُ نَه موٽِيو.

ڪَئِين قاصِدَ ڪيچَ ڏي، مُحبَنِ لاءِ مُڪامِ،

وو! مُنهنجو هوتُ نَه موٽِيو.

سَدا سپيرِيَنِ جا، سانڍَڻ سُورَ پِيامِ،

وو! مُنهنجو هوتُ نَه موٽِيو.

هوتَ هَلندي جي ڪيا، نَه سي سَڏَ سُيامِ،

وو! مُنهنجو هوتُ نَه موٽِيو.



داستان ٻارهون



(1)

ڏِٺان جي ٻَروچُ، مُون جِئن هوتُ اَکِين سين،

مُون کي چَيان ”لوچُ“، پاڻان پيٺِيُون ڇَپَرين.



(2)

جيڪُس ڏِٺو جيڏيين، ٻاروچو ٻِيءَ ڀَتِ،

مُون جِئَن موُڙِهِيَنِ مَتِ، پَسَنديئي پُنهُونءَ کي.



(3)

جيڪَس ڏِٺو جيڏين، ٻاروچو ٻِيءَ روُءِ،

سَنجهي ۽ صُبوحِ، هُوندَ نَه وِئَڙُنِ وِسَري.



(4)

اَن جي ڏِٺِي جيڏيُون، پُنهُونءَ جِي پاٻوهَ،

سَنجهي ۽ صُبوحَ، سُورَنِ ٿي سَجَڪِيُون.



(5)

جي هُيان هوتَ پُنهُونءَ سين، مُون جِئن مُلاقات،

ٻانهُنِ وِجهِي واتِ، رِيهُون ڪِيان رُڃُنِ ۾.



(6)

جي تو ڳالهائي، ماء ٻاروچا پُڇِيا،

اُنهِين جِي وائِي، هُوندَ نَه وييان وِسري.



(7)

اَڄُ مَعذوُرِ هُئان، اَلا! چَڱِي مَ ٿِيان،

رِڙهان ۽ رُئان، پُٺِيءَ سَڳَر ساٿَ جي.



(8)

سِڪِي مُون سَڱَ ڪِيو، لِڪي وِچان لوڪَ،

مَتان مُون کي ڇَڏِيين، هِتي هُتي هوتَ،

نالي تو بَلوچَ، سُيَسِ مَنجههِ سَرَتِئين.



(9)

جي ڏونگَرَ مُون ۾ ڏُکُ، سي پَڌَرِ پُونِ مَ پِرِينءَ ري،

وِهَڻُ مُون وِهُ ٿِيو، ڪيرَ سانڍيندي سُکَ،

هُيَمِ هوتَنِ سين چُکَ، سَڄو سَڱُ نَه سارِيان.



(10)

”ووءِ! ووءِ!“ ڪَندي وَتُ، مَڇُڻِ ”ووءِ!“ وِساريين،

پاڻِي هارِ مَ پَڌرو، رو مَنجهائين رَتُ،

صَبُرُ وڏو سَتُ، سِگها ميڙي سُپِرينِ.



(11)

ووءِ! ووءِ! وِڏوُڙا، ووءِ! ووءِ! وَڃَنِ نِگِيا،

مُون سانگِياڻِيءَ جا سُپِرِين، سَچُ ڪِ سَنڀُوڙا،

لاٿَمِ نَه توڙا، ماءِ اوسِيڙو اُن جو.



(12)

گهوڙا گهَڻِيءَ ڀُون، ووءِ! ووءِ! وَڃَنِ نِڱِيا،

مادَرِ مَٿان مُون، ڪانگَ لَوَندا ڪَڏِهِين.



(13)

ووءِ! ووءِ! پُڻِ ويئِي، رَنُنِ ڪارَڻِ جا هُئي،

پُنهوُنءَ کي پيئي، روُندي ڪيرَ رَتَ ڦُڙا.



(14)

ماٺِ مارِيندِيَئِي پِرِينءَ جِي، مَڇُڻِ رُئين رَتُ،

ڇوري ڇَڏِ مَ سَتُ، هِمَتَ هوتُ وِڃائيو.



(15)

ٻَڌو ڪِنهن ٻَنڌاڻِ، هِينئَڙو هوتاڻِيءَ سين،

ڪا جا پِيَسِ ڪاڻِ، نِبيريانسِ، نَه نَبِري.



(16)

ڪُہ ڄاڻان، ڪُہ ٿيو، ڪيڏانهن ٿِي وَڃان،

هَٿَ، ڪَرايُون، آڱرِيُون، موڙِيو سَڀِ ڀَڃان،

ٻِينِ گهَرِ گهُڃان، مُون هاريءَ هوتُ وِڃائِيو.



(17)

چان ڪِ آيسِ آڳاهِين، تان اُتَهِين اُڀِي آهِيان،

پِرِتِ پَراهِين، هاڻي مَران، مَ جِيان!



(18)

سَرَتِيون سُورُ پِرِينِ جو، سُڃُنِ ۾ شامِلُ،

ڪوهِيارو ڪامِلُ، مُون کي ڏُکَ ڏيکاريو.



(19)

ڏُونَگَرُ، ڏَنا، نُوڻِ، مُون پارَکو پُڇِيا،

هيڪَلِيُون هَلَنِ جي، سي تاڪُنِ سَندي تُوڻِ،

اِيءُ اَهُکِي ڀُوڻِ، سُونهَنِ ريءَ نَه سُٿِري.



(20)

لَکين لوڙائو، سَهسين آهِنِ سُڃَ ۾،

بَرَ ۾ بورائو، کَڻُ، پِيادي پاڻَ سين.



(21)

ٻاروچا ٻِيا گهَڻان، مُنهِنجو اَجهو آرِياڻِي،

چَوُندي رَکِيمُ چِتَ ۾، ساڄَنُ سُڃاڻِي،

جا وِندرِ وِڪاڻِي، تِنهن جو موٽِڻُ مَسُ ٿِئي.



(22)

ٻاروچا ٻِيا گهَڻا، مُنهِنجو پُنهوُن سِرُ سَڀنِ،

چانگي تي چڙهِي ڪَري، ڪَندو وَرِ وِلهيَنِ،

مَٿي مَعذوُرِيَنِ، هوتُ ڌَريندو هَٿَڙا.



(23)

هُوءِ جا گهوري گهوٽَ جي، تنهن کي چَري چَونِ،

اُگهاڙِيُون آتَڻَ ۾، هوتَ پُڄاڻان هوُنِ،

پَرا تَنهين پُونِ، ڏِٺو جَن اَکين سين.



(24)

ڏِٺَمِ اُٺَ اَکِن سين، مانَ ٻاروچا هُونِ،

جَنِين ڌاران پُونِ، مورِيَسَر اَکِينَ ۾.



(25)

سَڄَڻُ ڏِٺو جَنِ، موٽَڻَ تَنهِين مِنهُڻون،

اِي مَرَڪُ مَعذورِيَنِ، جِئَن مَرَنِ پِريان جي پيرَ تي.



(26)

وَرُ لَڪَنِ جي لوڏَ، گهورِيا سُکَ ڀَڀنورَ جا،

آمَڙِ جي تُون اَڇيين، سي ڪَمِ نَه اَچَنِ ڪوڏَ،

هينئَين مُنهنجي هوڏ، ٻَڌي ٻاروچَنِ سين.



(27)

ڪو جو آهِسِ ڪوڏُ، ٻاروچاڻِيءَ ذاتِ سين،

جي هو چُونِسِ ”ٻوڏُ“، تَه ”جِيُّ“ سُڻائي جَڳَ کي.



(28)

ڀَلِي ڪَري ٿِيوم، هِيءَ سَڱَ ٻاروچَنِ سين،

وَڃِي ڪيچ ڏِٺومِ، پُٺِيءَ لَڳِي جَنِ جي.



(29)

اَدِيُون ڪا اِيندي، ڇَپَرِ مُون سَڱ ٿِيو،

لائِيندِيَسِ لِڱَنِ کي، مَلِيران ميندي،

وِندُرِ آئُون ويندي، آريءَ ڄامُ اَجهو ڪَري.



(30)

کُٽِي لَئي کاڻِي، رَکِيَئِي پِرِتِ پُنهوُن سين،

سَهِيو سُکِيو ڄِندَڙو، وِڌءُ ڄيري ۾ ڄاڻِي،

توسين هاڃو هوتاڻِي، صُباحَ ڪَندا سَسُئِي.



(31)

مُون کي نَٿا نِينِ، جَتَ مُلڪِ پانهنجي،

جي گهَگهَيرِينِ گَڏِين، تَه ٻِينِ کان ٻِيڻون ڪَرِيان.



(32)

اَڳي اِيئن هُياسي، جِئن پُنهوُنءَ ڌوتَمِ ڪَپِڙا،

هاڻي اِيئن ٿِياسِ، جيئن جَتَ نَه نِينِمِ پاڻَ سين.



(33)

ڪوهِيارو ڪيڻان، ڪِيڻِ وَڃِي، ڪاڏي وَڃان،

مُون ڀانيو سيڻانِ، ڇَپَرِ ڪَندِيَسِ پَنڌَڙا.



(34)

ڪوهِيارو ڪاري، پَنڌَ اَڙانگا پَٽِيين،

سي ڏيهه ڏيکاري، جي اَڳ نَه ڏِٺا ڪَڏهين.



(35)

ڏُکوين اُهِڃاڻَ، ڪُلهي ڦاٽو ڪَنجَرو،

وَڃَنِ گُوندَرَ گَڏِيُون، لوڪُ نَه اَڇِنِ پاڻُ،

سُورَنِ اَسان ساڻُ، ننڍيئِي نِينهُن ڪيو.



(36)

ڪُهلي ڦاٽو ڪَنجَرو، مَٿو اُگهاڙو،

مُنهنجو ڪُڄاڙو، ڀينَر هاڻِ ڀَنڀَورَ ۾.



(37)

ڀَنڀوران ٻَهَرِ ٿِي، اَمَڙِ مُون اُماڻِ،

مَڇُڻِ ڪا رِهاڻِ، مُون تو موٽِي مَسَ ٿِئي.



(38)

ڇِپُنِ ڇِنا پيرَ، هَلِي هَلِي ماءِ،

ڪوهِياري جِي ڪاءِ، ڳِنهيو ڀُڻان ڳالهڙي.



(39)

جِئَن جِئَن جهَلي جَڳُ، تِئَن تِئَن مُون تاڪِيدُ ٿِئي،

ڳَهرِيو ٿو ڳالهِيُون ڪَري، وِهُسي ڀُڻو وَڳُ،

لوڪُ لَتاڙي نِنڊَ ۾، پُٺِيءَ لالَن لَڳُ،

آرِياڻِي اورَڳُ، ڀَنڀوران ٻَهَرِ ٿِي.



(40)

نِينهَن مَ نالو ڳِنَههُ، پِرِيتَڻِي پيرَ ٻِيا،

سُورَنِ ساڻُ مَ ڇِنُّ، وِرِهُ وِهائِج وِتَرو.



(41)

هاري هِينئُون مَ لوڏِ، سُکَنِ پُوندِيئَن سَسُئِي،

ڪوهِيارو تو ڪوڏِ، اَچي ڪَرَهَ قَطارِيو.



(42)

سَڄَڻُ ڏِٺو جَن، تَنِ ڳِچِي سِرِڳَههُ ڪِيو،

ٻِيُون ڪوهُ ٻُجهَنِ، قَدُرُ ڪِيمِيا اِنَ جو.



(43)

جَسُ جَفاري نَه ٿِئي، جَفا وارِينُ جَسُ،

سُتي ساٿُ وِڃائِيو، گولِي ڇَڏِ مَ گَسُ،

ليڙَنِ جو لَطِيفُ چَئي، ڏونگَرِ ڏِيندئِي ڏَسُ،

پُنهون اَچِي پَسُ، سِرَ ڀَرِ هَلِي سَسُئِي.



(44)

ڀَنڀوران ٻَهَرَ ٿِي، مُون جي ڪِيا سَڏُ،

ٻاروچاڻِيءَ لَڏَ، لَڪَ سَويلا لَنگهِيا.



(45)

اَوجهَڙِ وَتان آنءُ، ٻِيُون سَڀِ سَڳَرِ ساٿِ جي،

جا نِينهَن ڳِنهَندي نانءُ، سا مُون جِئَن پوُندي مامِري.



(46)

ماڳِهين جي مُئِي، تَه هُوندَ نَه پيئِي مامِري،

ڇَڏِيو جي ڪُهِي، تَه هيڪاري هُورُ لَهي.



(47)

سَسُئِيءَ جِيءَ سِريءَ سان، ڪيچَ ڌَڻِي ڪانڌي،

پَسَڻَ ڪارَڻ پِرِين جي، مُنڌَ هُئي ماندي،

لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئي، آرِياڻِيءَ آندي،

پُنهوُنءَ پيراندي، نِماڻِيءَ نصيبُ ٿِي.



(48)

جَڙَ جِئَري جَنِ سين، مُئي پُڻِ سين تَنِ،

جي هِتِ نَه هوتُ پَسَنِ، سي ڪِنهن پَرِ ڪيچ پَسندِيُون؟



(49)

سَرَتِيون سَڀوئِي ٿِيو، اَندَرَ آرِياڻي،

ويٺي پَسان پاڻ ۾، ڏُونَگَر ڏِهاڻي،

هُيَسِ جَنِ هاڻِي، سي ڪيچِي گَڏِيُمِ ڪوه ۾.



وائي

وَڃِي ويٺَڙي تِتِي، جِتِ، پيرُ سُڃاتائِين پِرين جو،

پيرُ سُڃاتائينِ پِرِين جو، مَنجهان نِينهن نِرِتِي،

پيرُ سُڃاتائِين پِرِين جو.

هوءِ وِيا وَڻِڪارِ ڏي، هِنَ ڀوريءَ ڀانيا هِتِي،

پيرُ سُڃاتائِين پِرِين جو.

جِنهن ڇيڙي وِڌِيَسِ ڇَپَرين، سو ڪوهِيارو ڪِٿي؟

پيرُ سُڃاتائِين پِرِين جو.

آما، لِيما، ڦُلَ، ڦاروُها، ڳاڱا، راڱا جِتي،

پيرُ سُڃاتائِين پِرِين جو.

مَري رَهندِيَسِ ماڳهِين، نَه تَه، هادي آچِجِ هِتي،

پيرُ سُڃاتائِين پِرِين جو.

مُون کي ڇَڏي هَلِيا، ڪا پِينَ مَٿي پِٽي،

پيرُ سُڃاتائِين پِرِين جو.

لَڪَنِ مَنجههِ لَطِيفُ چَئي، مِلِي تان سَرَتِي،

پيرُ سُڃاتائِين پِرِين جو.







¯

سُر ليلا چنيسر



داستان پهريون



(1)

داغُ تُنهنجو داسَڙا، جيري مَٿي جَنِ،

تُون ڪِئن مَٿان تَنِ، چَنيسَرَ! چِتُ کڻين.



(2)

داغُ تُنهِنجو دائِما، ماري مَعذُورِين،

سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرِين! وَڃِجِ مَ ڏوُرين،

آءٌ تو حُضُورين، مَڻِيُون وِجهان مَچَ ۾.



(3)

مَڻِيُون وِجهان مَچَ ۾، هائِيءَ هَڻان هار،

ڀِري جي ڀَتار، تَه ميرِيائِي مانُ لَهان.



(4)

مَڻِيُون وِجهان مَچَ ۾، هائِيءَ هَڻِي هار،

سو ڀِي! سُک سَيّدُ چَئي، ڪَرِيين ڪوهُ قَرار؟



(5)

راجا رِيساڻون گهَڻون، سَٽاڻون سَردار،

چؤڏِس چَنِيسَرَ ڄامَ جو، ڏيهان ڏيهه ڏَهڪار،

ٺاڪُرُ اَکيين ٺارِ، مَڻِيي تي ٿِي مَٽِيين!



(6)

چَنيسّرُ چؤرَنَگ، ٻَرِنگو لوڪُ ٻِيو،

تنهن سين ڇِنِيو سَنڱُ، وڃيو هار هَٿ ڇُهين.



(7)

مَڻِيي تي موهِجِي، مُوڙهِي ڪَيُئِي مُرَڪ،

چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، وِڌو تو فَرَق،

وَري وِيو وَرَق، آيُئِي ڏَنؤن ڏُهاڳَ جو.



(8)

مَڻِيي تي موهِجِي، هاري! ڳِيڙُءِ هار،

ڪوڙيين ڪيا ڪيتَرا، اِنَهِين خَرّ خُوار،

ڀِري وِيو ڀَتار، آيُئِي ڏَنؤُن ڏُهاڳَ جو!



(9)

مَڻِيي مَٿي جي هُئا، تَن چِٽَنِ ڦيريُمِ چِتُ،

هار کَٽَيندِيَسِ هوڏَ ۾، نِيبَہُ ٿِيندُمِ نِتُ،

ڪَونروءَ جو ڪِرِتُ، مُونهان مَٿاهُون ٿِيو.



(10)

مَڻِيُون ناهِ مَڻِيُون، جو تُون پَسِي هارُ هِرِکِئين،

اَصل آهي آڳهين، سَندو ڪُوڙَ ڪَڻِيُون،

اِنَ گهوڙَنِ هَنئي گهَڻِيُون، دوسَنِئا دوُر ڪيُون.



(11)

تو جو ڀانيو هار، سو سُورَنِ جو سَڳَڙو،

چَنيسَرُ چِتُ کَڻِي، ٿِيو پورِهَيتِ جو پار،

اَوڻَتِ جو آچارُ، ڪانڌُ ڪهين سين مَ ڪَري.



(12)

نَه ڪِين ٻانهِڙِينِ ۾، تَه ڪِين ڳَرِ هُيومِ،

نهَ مُون سِينڌِ، نَه سُرمُون، نَه سِينگارُ ڪيومِ،

تيلانهن ڪانڌ سَندومِ، رُکوئِي رَي ڳِڙي.



(13)

سونا ڪَرّ ڪَنَنِ ۾، ڳِچِيءَ ڳاڙها هارَ،

ٻانهوٽا ٻاهُنِ ۾، سينڌ سَڻَڀا وارَ،

تيلانهن پِيّ پَچارَ، ڪانڌَ مُنهِنجِي ڇَڏِيِي.



(14)

چَنيسَرَ جي چِتَ ۾، ڪِين جو اَڳَ هُئو،

تِهان پوءِ ٿِيو، مَڻِيي تي ٿِي مامِرو،



(15)

جَرُ هارِيو ٿي جَکَري، جَڏِهِن رُنو ڏيريدارَ،

ڍولي تَڏِهن ڍيلِيين، سوڀِي، ٿِئي نَه سارَ،

چَنيسَرَ ڀَتارَ، حِيلو ڪِيو هارَ جو.



(16)

اُو ڏَمَرِيو ڏِسُ، حِيلو هوُنهئين هارَ جو،

سِڻهو، سَڀَ سَرَتِيُون، وَرُ نَه ڪهِين وَسِ،

دعويٰ پِهرئين دَسِ، ڀَڃِيو ٿو ڀورا ڪَري.



(17)

پُوچا ڏِٺَمِ پيرَ، ڍَڪَڻَ مَٿي ڍولَ جا،

مُون ڀانئِيو تنهن ويرَ، ڪوجهِي ڪَندو پِرِتِڙي.



(18)

سَوَڙِيين سُتَڙِياءِ، پَکو سَهو وِلارِيو،

چَنيسَرَ ڪانڌاءِ، تان مُون هِئَن نَه ڀانِئيو.



(19)

ڍولا ڪُڄاڙِيان، ٻولائِيو ٻوڏُ چُئين،

آئُون تو پيراندِيان، ڪَرَر موڙِيو، وَرَ! اُٿِيان.



(20)

نئون، ٻَڌِيو، روءِ، آڱڻِ جهوڪِيو ڪَرَهو،

ڪو چَنيسَرَ چوءِ: تَه لِيلا وَڃِي لَڏِيو.



وائي

آءُ، پِرِين، گهَرِ پيهِي، مِيان چَنيسَرَ!

هارُ هَٿان مُون ڇَڏِيو.

پُڇَنِ لِيلا، هو ڪَنِ حِيلا، پَهَران آچِيو ٻيئي،

هارُ هَٿان مُون ڇَڏِيو.

دوسُ نِيائُون داسَڙو، ويساهي وَرُ ويهِي،

هارُ هَٿان مُون ڇَڏِيو.

اَوڳَڻَ عَيب، مَٺائِيُون، ڍولا، ڍَڪِ سَڀِيئي،

هارُ هَٿان مُون ڇَڏِيو.

تو دَرِ اَچِي، داسَڙا، آري ڪَريندِيَسِ ڪيهِي؟

هارُ هَٿان مُون ڇَڏِيو.



داستان ٻيو



(1)

ٿِڙڪِي، پَسِي ٿوڪُ، ترِڪِي، تَڪَبُّرَ ۾ پَئِي،

اَچِيو اَچِيو، ”اَڳَلِي“، چَئي لِيلا کي لوڪُ،

اَندَرَ اوڀالَنِ سين، ساڙي ڪِيائُونسِ سوڪُ،

ٻالاپَڻَ جو ٻوڪُ، وِيو ويچاريءَ وِسري.



(2)

جيڪَسِ ڪَمَ سَندامِ، جوُٺا ڏِٺا جيڏِيين،

کِلَنِ سَڀِ مَٿامِ، ساهيڙِيُون ۽ سَرَتِيُون.



(3)

هُئينءَ ته گهَڻُون هُشِيارُ، ڪَلَ پِ هُيَئِي ڪانڌَ جِي،

تو ڀانيو موچاري ٿِيان، ڳِچِي پاڻي هارُ،

ڪانڌَ ڪُوڙيءَ جو نَه وڻِي، سَئين ڀَتين سِينگارُ،

وَهَمَ لَهي وِينجهارُ، دِلِيُون پَرکي داسَڙو.



(4)

چان ڪي چَڙَهندِيُسِ کَٽَ تي، رِيجهائِيندِيَس راءُ،

اِهَڙوئِي اَللهُ، جو پورِهيَتُون پِيشِ ڪَري.



(5)

ڏاهِي هُيَسِ ڏيههَ ۾، سَرَتِينِ مَنجهِه سُڄاڻِ،

ڪا جا پِييمِ ڪاڻِ، جِئن مُنهُن مَٿاهُون نَه کڻان.



(6)

اَلا، ڏاهِي مَ ٿِيان، ڏاهِيُون ڏُکَ ڏِسَنِ،

مُون سين مُون پِرِينِ، ڀورائِي ۾ ڀالَ ڪِيا.



(7)

وَڏِيري هُياسِ، ميڙو مُون گهَرِ سَرَتِيين،

هَٿَ ڇُهَڻَ هارَ جي، ڪَڙي ڪانڌَ ٿِياسِ،

ڍولي ڍيلِياسِ، آيُمِ ڏَنؤن ڏُهاڳَ جو!



(8)

وَڏيري هُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾،

دُهلِين، دَمامين، نَقرين، ٿي پَلپَلِ پُڇِياسِ،

ڍولي ڍيلياسِ، ٿِيَسِ ڏُهاڳِڻِ ڏيههَ ۾.



(9)

هُيَسِ هِندورَنِ ۾، پييَمِ ڪانَه پَروُڙَ،

مَڻِيي سنَدي مامِري، ڪوجهي وِڌِيَسِ ڪُوڙَ،

سامُهان ٿِيم سُورَ، ويو وِلُٽي وَلَهو.



(10)

ڏُهاڳان سُهاڳِڻِيون، ڪِهَڙي ڏوهِ ڪَنبَن،

وَرُ وِڏوُڻون اِينهَئِين، جِئن جِئن پاڻُ پَسَن.



(11)

گهورِيو سو سُهاڳُ، جِنهن ۾ پَسين پاڻَ کي،

ڏوري لَههُ ڏُهاڳُ، جِنهن ڪَرلاهُو داسَڙو.



(12)

سارِجِ سَڀِيئي، لِيلا، لَکَڻَ پانهِنجا،

وَرُ سين وِڙهيو اُٿِيين، ڏوراپا ڏِيئي،

نَه ڄاڻان ڪيهِي، چَنيسَرَ جي چِتَ ۾.



(13)

چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلا، لَکايوءِ،

تو جو ڀانيو پانهنجو، تنهنجو پَرو ڪونَه پِيوءِ،

ڪَؤنَروءَ ڪانڌ سَندوءِ، دَستِ ڪيو داسَڙو.



(14)

لِيلا، جِمَ لَکائِيين، چَئِي چَنيسَرُ ساڻُ،

وَرَ سين وِڙِهيو اُٿِيين، مُوڙهِي! مُٺِيءَ پاڻُ،

ڀوري، ڪَيئي ڀاڻُ، آيُئِي ڏَنئُون ڏُهاڳَ جو.



(15)

لِيلا، جِمَ لَکائيين، سوڀِي، ساڻُ سُڄاڻَ،

آهِيين گهڻُون اَڄاڻَ، مَڇُڻِ پُوري نَه پُئين.



(16)

لِيلا، پُوري نَه پُئين، چَئي چَنيسَرَ ساڻُ،

تو جو ڀانيو پانهِنجو، سو رِيساڻو راڄاڻُ،

پاڻان ڌار پِرِياڻُ، ڪانڌَ ڪِنهنجو نَه وَڻي.



(17)

چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلا، تُون مَ لَکاءِ،

دوسُ تُنهِنجو داسَڙو، کاندِ وَڏِيائِي کاءِ،

تَه ڍولو ڍَڪَ سَندِياءِ، عَيبَنِ کي آڏو پَئي.



(18)

چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلا! لَکاءِ مَ تُون،

اِيُ ڪانڌُ ڪنهنجو نَه ٿِئي، نَه ڪا مُون نَه تُون،

رؤنِديُون ڏِٺِيُون مُون، اِنَ دَرَ مَٿي دادُلِيُون.



(19)

لِيلا حِيلا ڇَڏِ، جي تُون سوڀِي سِکيين،

پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، پاڻو غَرِيبيءَ گَڏِ،

هَڏِ نَه چُوندءِ لَڏي، جي ڪاروُن آڻيين ڪانڌُ کي.



(20)

جي ڪارُون آڻِيين ڪانڌُ کي، تَه روئِي رِيجهائيجِ،

لِيلا، لِيلائيج، اَٿئِي ماڳُ مِنَٿَ جو.



(21)

جي لِيلائي نَه لَهين، تَه پُڻِ لِيلائيجِ،

آسَرَ مُ لاهيجِ، سَڄَڻُ سٻاجها گهَڻُون.



وائي

مُون تي وَهَرَ وَري، وارو ڏِيندُمِ وَلَهو،

توکي ساري، سُپِرِين، آئُون پُوندِيَسِ ماڳِ مَري،

وارو ڏِيندُمِ وَلَهو.

توکي سَري سُپِرِين، آسان تان نَه سَري،

وارو ڏِيندُمِ وَلَهو.

اَسان توري ناهي ڪا، ڳُجهاندَرَ ڳَري،

وارو ڏِيندُمِ وَلَهو.



داستان ٽيون



(1)

چَنيسَرَ سين چاڳَ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري،

جان مُون پوءِ پَروڙِيو، ته هي نَه ماڻي ماڳ،

ڏَمَرِيو ڏُهاڳ، سِگهو ڏئي سُهاڳِڻِين.



(2)

چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري،

ڪانڌَ ڪنهين جو نَه وَڻي، گِيرَبُ ۽ گاءُ،

جي ٿِڙي ٿورَڙِياءَ، ته دوسَ دَسائي داسَڙو.



(3)

سَڀِيئِي سُهاڳِڻيُون، سَڀِني ڳِچيءَ هارَ،

پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، سَهَسين ڪَنِ سِينگارَ،

ڍولُ تَنِين جي ڍارَ، هيٺاهِيُون هَلَن جي.



(4)

سَڀِيئي سُهاڳِڻِيُون، سَڀنِي ڳِچِيءَ هَس،

پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، وَڏا ڪِيائُون وَس،

ڍولَ تَنِين جي گَس، هيٺاهِيُون هَلَنِ جي.



(5)

سَڀِيئِي سُهاڳِڻِيُون، سَڀَنِي مُنهَن جَڙاءُ،

سَڀَڪِنهن ڀانيو پاڻَ کي، ايندو مُون ڳَرِ راءُ،

پيٺو تَنِ دراءُ، جي پَسِي پاڻُ لَڄائِيُون.



(6)

اَوَڳُڻِ ڪَري اَپارَ، تو دَرِ آيُسِ، داسَڙا!

جِئن تو رُسَڻَ سَندِيُون رُوحَ ۾، تِئن مُون ڀيڻِي ناهِ، ڀَتار!

سائِينءَ لَڳِ سَتارَ، ميٽِ مَدايُون مُنهِنجيُون.



(7)

جي مُون موُڙهِي مَتِ، ته پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين!

اَصلِ اَوايِنِ جا، عَيبَ ڍَڪِيين تُون اَتِ،

اِيَ، پِرَا تُنهِنجِي پَتِ، جِئن وِلِهيُون ڍَڪِيين، وَلَها!



(8)

لَکڻَ ڪِيمَ لَکيجِ، جي مُوراهِين ناهِ مُون،

مُون کي مَلهائِيج، وارو ڏيئِي، وَلَها!



(9)

تان ڪا وائِي وارِ، دِلاسي جي داسَڙا،

تُون مُنهِنجو وَلهو، آئُون تو ۾ طَمعدارِ،

ڍَڪي، ڍول! گُذارِ، لڄَ مُنهِنجي لوڪَ ۾.



(10)

ڍولا! ڍيلِ مَ مُون، ڪانڌَ! ڪَمِيڻي آهِيان،

سِڪَ تُنهِنجِيءَ سُپِرين! ڀيري وِڌِيُسِ ڀُون،

مُون وَرُ تونهِين تُون، تو وَرَ وَهُون ڪيتَرِيُون.



(11)

تو، وَرُ! وَهُون ڪيتَريُون، مُون وَرُ تُون وَريجِ،

سو ڀِي اِنَ سُهاڳَ کي، ڀوري ڀَرُ مَ ڏيجِ،

پِرِتان پيرَ ڀَريجِ، مَلهائِجِ مِسِڪين کي.



(12)

ڪوڙئين تُنهِنجيُون ڪامَڻِيُون، تُون ڪوڙِيَنِ سَندو ڪانڌ،

مُون کي ڇَڏِ مَ داسَڙا، تَه وَڃان نَه وِڻِواند،

مُون ڳِچِيءَ ۾ پاند، تو چَنيسَر! هَٿَ ۾.



(13)

ڍولا! اولا تَه سَهان، آڏا اَڏيَئي جي،

تو، وَرَ! وَهُون ڪيتَرِيُون، مُون وَرُ تُون وَري،

پِرِتان پيرَ ڀَري، مَلهَائِجِ مِسڪِين کي.



(14)

ناتو نماڻيءَ سين، مَ ڪَرِ ڍولَ ڍِلو،

ڪونهي ڪَمِيڻيءَ جو، بِگر تو بِلو،

تُنهنجو نامِ نِلو وٺيو ويٺِي آهيان.



(15)

لِيلا، لَڇُ مَ ايتَرو، اُٿِي آڱَڻُ سورِ،

اَبو ڏاڏو گهورِ، پاڻَ سُوڌو پِرِين تان.



(16)

لِيلا، لُڇُ مَ ايتَرو، اُٿِي، سورِ ٻُهارِ،

ڍوليو اَڱَڻِ پارِ، ڪانڌَ ڪَميڻيءَ آئِيو.



وائي

جِيَري زِيارَتَ، جي مان هوءِ پِرِيَنِ سين!

سَڌَرَ مُنهنجا سُپِرِين! مُون تان لاهِ مَ هَٿَ،

جي مان هوءِ پِرِيَنِ سين!

مَؤلا! مُون کي ميڙيِين، سُپِيريان جي سَٿَ!

جي مان هوءِ پِرِيَنِ سين!

ڇَنڊيان کِہَ اَکِينِ سين، پيرين وِجهان هَٿَ،

جي مان هوءِ پِرِيَنِ سين!

ڏوران ڏِٺَمِ سُپِرِين، سَچِي جَنِ صِفَتَ،

جي مان هوءِ پِرِيَنِ سين!

مِلَڻَ ۾ مُشتاقِ سين، ڪانَه ڪِيائُون ڪَٿَ،

جي مان هوءِ پِرِيَنِ سين!

ڪوڙئين تُنهِنجيُون ڪامَڻِيُون، تُون ڪوڙِيَنِ سَندو ڪانڌ،

¯

سُر ليلا چنيسر



داستان پهريون



(1)

داغُ تُنهنجو داسَڙا، جيري مَٿي جَنِ،

تُون ڪِئن مَٿان تَنِ، چَنيسَرَ! چِتُ کڻين.



(2)

داغُ تُنهِنجو دائِما، ماري مَعذُورِين،

سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرِين! وَڃِجِ مَ ڏوُرين،

آءٌ تو حُضُورين، مَڻِيُون وِجهان مَچَ ۾.



(3)

مَڻِيُون وِجهان مَچَ ۾، هائِيءَ هَڻان هار،

ڀِري جي ڀَتار، تَه ميرِيائِي مانُ لَهان.



(4)

مَڻِيُون وِجهان مَچَ ۾، هائِيءَ هَڻِي هار،

سو ڀِي! سُک سَيّدُ چَئي، ڪَرِيين ڪوهُ قَرار؟



(5)

راجا رِيساڻون گهَڻون، سَٽاڻون سَردار،

چؤڏِس چَنِيسَرَ ڄامَ جو، ڏيهان ڏيهه ڏَهڪار،

ٺاڪُرُ اَکيين ٺارِ، مَڻِيي تي ٿِي مَٽِيين!



(6)

چَنيسّرُ چؤرَنَگ، ٻَرِنگو لوڪُ ٻِيو،

تنهن سين ڇِنِيو سَنڱُ، وڃيو هار هَٿ ڇُهين.



(7)

مَڻِيي تي موهِجِي، مُوڙهِي ڪَيُئِي مُرَڪ،

چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، وِڌو تو فَرَق،

وَري وِيو وَرَق، آيُئِي ڏَنؤن ڏُهاڳَ جو.



(8)

مَڻِيي تي موهِجِي، هاري! ڳِيڙُءِ هار،

ڪوڙيين ڪيا ڪيتَرا، اِنَهِين خَرّ خُوار،

ڀِري وِيو ڀَتار، آيُئِي ڏَنؤُن ڏُهاڳَ جو!



(9)

مَڻِيي مَٿي جي هُئا، تَن چِٽَنِ ڦيريُمِ چِتُ،

هار کَٽَيندِيَسِ هوڏَ ۾، نِيبَہُ ٿِيندُمِ نِتُ،

ڪَونروءَ جو ڪِرِتُ، مُونهان مَٿاهُون ٿِيو.



(10)

مَڻِيُون ناهِ مَڻِيُون، جو تُون پَسِي هارُ هِرِکِئين،

اَصل آهي آڳهين، سَندو ڪُوڙَ ڪَڻِيُون،

اِنَ گهوڙَنِ هَنئي گهَڻِيُون، دوسَنِئا دوُر ڪيُون.



(11)

تو جو ڀانيو هار، سو سُورَنِ جو سَڳَڙو،

چَنيسَرُ چِتُ کَڻِي، ٿِيو پورِهَيتِ جو پار،

اَوڻَتِ جو آچارُ، ڪانڌُ ڪهين سين مَ ڪَري.



(12)

نَه ڪِين ٻانهِڙِينِ ۾، تَه ڪِين ڳَرِ هُيومِ،

نهَ مُون سِينڌِ، نَه سُرمُون، نَه سِينگارُ ڪيومِ،

تيلانهن ڪانڌ سَندومِ، رُکوئِي رَي ڳِڙي.



(13)

سونا ڪَرّ ڪَنَنِ ۾، ڳِچِيءَ ڳاڙها هارَ،

ٻانهوٽا ٻاهُنِ ۾، سينڌ سَڻَڀا وارَ،

تيلانهن پِيّ پَچارَ، ڪانڌَ مُنهِنجِي ڇَڏِيِي.



(14)

چَنيسَرَ جي چِتَ ۾، ڪِين جو اَڳَ هُئو،

تِهان پوءِ ٿِيو، مَڻِيي تي ٿِي مامِرو،



(15)

جَرُ هارِيو ٿي جَکَري، جَڏِهِن رُنو ڏيريدارَ،

ڍولي تَڏِهن ڍيلِيين، سوڀِي، ٿِئي نَه سارَ،

چَنيسَرَ ڀَتارَ، حِيلو ڪِيو هارَ جو.



(16)

اُو ڏَمَرِيو ڏِسُ، حِيلو هوُنهئين هارَ جو،

سِڻهو، سَڀَ سَرَتِيُون، وَرُ نَه ڪهِين وَسِ،

دعويٰ پِهرئين دَسِ، ڀَڃِيو ٿو ڀورا ڪَري.



(17)

پُوچا ڏِٺَمِ پيرَ، ڍَڪَڻَ مَٿي ڍولَ جا،

مُون ڀانئِيو تنهن ويرَ، ڪوجهِي ڪَندو پِرِتِڙي.



(18)

سَوَڙِيين سُتَڙِياءِ، پَکو سَهو وِلارِيو،

چَنيسَرَ ڪانڌاءِ، تان مُون هِئَن نَه ڀانِئيو.



(19)

ڍولا ڪُڄاڙِيان، ٻولائِيو ٻوڏُ چُئين،

آئُون تو پيراندِيان، ڪَرَر موڙِيو، وَرَ! اُٿِيان.



(20)

نئون، ٻَڌِيو، روءِ، آڱڻِ جهوڪِيو ڪَرَهو،

ڪو چَنيسَرَ چوءِ: تَه لِيلا وَڃِي لَڏِيو.



وائي

آءُ، پِرِين، گهَرِ پيهِي، مِيان چَنيسَرَ!

هارُ هَٿان مُون ڇَڏِيو.

پُڇَنِ لِيلا، هو ڪَنِ حِيلا، پَهَران آچِيو ٻيئي،

هارُ هَٿان مُون ڇَڏِيو.

دوسُ نِيائُون داسَڙو، ويساهي وَرُ ويهِي،

هارُ هَٿان مُون ڇَڏِيو.

اَوڳَڻَ عَيب، مَٺائِيُون، ڍولا، ڍَڪِ سَڀِيئي،

هارُ هَٿان مُون ڇَڏِيو.

تو دَرِ اَچِي، داسَڙا، آري ڪَريندِيَسِ ڪيهِي؟

هارُ هَٿان مُون ڇَڏِيو.



داستان ٻيو



(1)

ٿِڙڪِي، پَسِي ٿوڪُ، ترِڪِي، تَڪَبُّرَ ۾ پَئِي،

اَچِيو اَچِيو، ”اَڳَلِي“، چَئي لِيلا کي لوڪُ،

اَندَرَ اوڀالَنِ سين، ساڙي ڪِيائُونسِ سوڪُ،

ٻالاپَڻَ جو ٻوڪُ، وِيو ويچاريءَ وِسري.



(2)

جيڪَسِ ڪَمَ سَندامِ، جوُٺا ڏِٺا جيڏِيين،

کِلَنِ سَڀِ مَٿامِ، ساهيڙِيُون ۽ سَرَتِيُون.



(3)

هُئينءَ ته گهَڻُون هُشِيارُ، ڪَلَ پِ هُيَئِي ڪانڌَ جِي،

تو ڀانيو موچاري ٿِيان، ڳِچِي پاڻي هارُ،

ڪانڌَ ڪُوڙيءَ جو نَه وڻِي، سَئين ڀَتين سِينگارُ،

وَهَمَ لَهي وِينجهارُ، دِلِيُون پَرکي داسَڙو.



(4)

چان ڪي چَڙَهندِيُسِ کَٽَ تي، رِيجهائِيندِيَس راءُ،

اِهَڙوئِي اَللهُ، جو پورِهيَتُون پِيشِ ڪَري.



(5)

ڏاهِي هُيَسِ ڏيههَ ۾، سَرَتِينِ مَنجهِه سُڄاڻِ،

ڪا جا پِييمِ ڪاڻِ، جِئن مُنهُن مَٿاهُون نَه کڻان.



(6)

اَلا، ڏاهِي مَ ٿِيان، ڏاهِيُون ڏُکَ ڏِسَنِ،

مُون سين مُون پِرِينِ، ڀورائِي ۾ ڀالَ ڪِيا.



(7)

وَڏِيري هُياسِ، ميڙو مُون گهَرِ سَرَتِيين،

هَٿَ ڇُهَڻَ هارَ جي، ڪَڙي ڪانڌَ ٿِياسِ،

ڍولي ڍيلِياسِ، آيُمِ ڏَنؤن ڏُهاڳَ جو!



(8)

وَڏيري هُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾،

دُهلِين، دَمامين، نَقرين، ٿي پَلپَلِ پُڇِياسِ،

ڍولي ڍيلياسِ، ٿِيَسِ ڏُهاڳِڻِ ڏيههَ ۾.



(9)

هُيَسِ هِندورَنِ ۾، پييَمِ ڪانَه پَروُڙَ،

مَڻِيي سنَدي مامِري، ڪوجهي وِڌِيَسِ ڪُوڙَ،

سامُهان ٿِيم سُورَ، ويو وِلُٽي وَلَهو.



(10)

ڏُهاڳان سُهاڳِڻِيون، ڪِهَڙي ڏوهِ ڪَنبَن،

وَرُ وِڏوُڻون اِينهَئِين، جِئن جِئن پاڻُ پَسَن.



(11)

گهورِيو سو سُهاڳُ، جِنهن ۾ پَسين پاڻَ کي،

ڏوري لَههُ ڏُهاڳُ، جِنهن ڪَرلاهُو داسَڙو.



(12)

سارِجِ سَڀِيئي، لِيلا، لَکَڻَ پانهِنجا،

وَرُ سين وِڙهيو اُٿِيين، ڏوراپا ڏِيئي،

نَه ڄاڻان ڪيهِي، چَنيسَرَ جي چِتَ ۾.



(13)

چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلا، لَکايوءِ،

تو جو ڀانيو پانهنجو، تنهنجو پَرو ڪونَه پِيوءِ،

ڪَؤنَروءَ ڪانڌ سَندوءِ، دَستِ ڪيو داسَڙو.



(14)

لِيلا، جِمَ لَکائِيين، چَئِي چَنيسَرُ ساڻُ،

وَرَ سين وِڙِهيو اُٿِيين، مُوڙهِي! مُٺِيءَ پاڻُ،

ڀوري، ڪَيئي ڀاڻُ، آيُئِي ڏَنئُون ڏُهاڳَ جو.



(15)

لِيلا، جِمَ لَکائيين، سوڀِي، ساڻُ سُڄاڻَ،

آهِيين گهڻُون اَڄاڻَ، مَڇُڻِ پُوري نَه پُئين.



(16)

لِيلا، پُوري نَه پُئين، چَئي چَنيسَرَ ساڻُ،

تو جو ڀانيو پانهِنجو، سو رِيساڻو راڄاڻُ،

پاڻان ڌار پِرِياڻُ، ڪانڌَ ڪِنهنجو نَه وَڻي.



(17)

چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلا، تُون مَ لَکاءِ،

دوسُ تُنهِنجو داسَڙو، کاندِ وَڏِيائِي کاءِ،

تَه ڍولو ڍَڪَ سَندِياءِ، عَيبَنِ کي آڏو پَئي.



(18)

چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلا! لَکاءِ مَ تُون،

اِيُ ڪانڌُ ڪنهنجو نَه ٿِئي، نَه ڪا مُون نَه تُون،

رؤنِديُون ڏِٺِيُون مُون، اِنَ دَرَ مَٿي دادُلِيُون.



(19)

لِيلا حِيلا ڇَڏِ، جي تُون سوڀِي سِکيين،

پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، پاڻو غَرِيبيءَ گَڏِ،

هَڏِ نَه چُوندءِ لَڏي، جي ڪاروُن آڻيين ڪانڌُ کي.



(20)

جي ڪارُون آڻِيين ڪانڌُ کي، تَه روئِي رِيجهائيجِ،

لِيلا، لِيلائيج، اَٿئِي ماڳُ مِنَٿَ جو.



(21)

جي لِيلائي نَه لَهين، تَه پُڻِ لِيلائيجِ،

آسَرَ مُ لاهيجِ، سَڄَڻُ سٻاجها گهَڻُون.



وائي

مُون تي وَهَرَ وَري، وارو ڏِيندُمِ وَلَهو،

توکي ساري، سُپِرِين، آئُون پُوندِيَسِ ماڳِ مَري،

وارو ڏِيندُمِ وَلَهو.

توکي سَري سُپِرِين، آسان تان نَه سَري،

وارو ڏِيندُمِ وَلَهو.

اَسان توري ناهي ڪا، ڳُجهاندَرَ ڳَري،

وارو ڏِيندُمِ وَلَهو.



داستان ٽيون



(1)

چَنيسَرَ سين چاڳَ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري،

جان مُون پوءِ پَروڙِيو، ته هي نَه ماڻي ماڳ،

ڏَمَرِيو ڏُهاڳ، سِگهو ڏئي سُهاڳِڻِين.



(2)

چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري،

ڪانڌَ ڪنهين جو نَه وَڻي، گِيرَبُ ۽ گاءُ،

جي ٿِڙي ٿورَڙِياءَ، ته دوسَ دَسائي داسَڙو.



(3)

سَڀِيئِي سُهاڳِڻيُون، سَڀِني ڳِچيءَ هارَ،

پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، سَهَسين ڪَنِ سِينگارَ،

ڍولُ تَنِين جي ڍارَ، هيٺاهِيُون هَلَن جي.



(4)

سَڀِيئي سُهاڳِڻِيُون، سَڀنِي ڳِچِيءَ هَس،

پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، وَڏا ڪِيائُون وَس،

ڍولَ تَنِين جي گَس، هيٺاهِيُون هَلَنِ جي.



(5)

سَڀِيئِي سُهاڳِڻِيُون، سَڀَنِي مُنهَن جَڙاءُ،

سَڀَڪِنهن ڀانيو پاڻَ کي، ايندو مُون ڳَرِ راءُ،

پيٺو تَنِ دراءُ، جي پَسِي پاڻُ لَڄائِيُون.



(6)

اَوَڳُڻِ ڪَري اَپارَ، تو دَرِ آيُسِ، داسَڙا!

جِئن تو رُسَڻَ سَندِيُون رُوحَ ۾، تِئن مُون ڀيڻِي ناهِ، ڀَتار!

سائِينءَ لَڳِ سَتارَ، ميٽِ مَدايُون مُنهِنجيُون.



(7)

جي مُون موُڙهِي مَتِ، ته پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين!

اَصلِ اَوايِنِ جا، عَيبَ ڍَڪِيين تُون اَتِ،

اِيَ، پِرَا تُنهِنجِي پَتِ، جِئن وِلِهيُون ڍَڪِيين، وَلَها!



(8)

لَکڻَ ڪِيمَ لَکيجِ، جي مُوراهِين ناهِ مُون،

مُون کي مَلهائِيج، وارو ڏيئِي، وَلَها!



(9)

تان ڪا وائِي وارِ، دِلاسي جي داسَڙا،

تُون مُنهِنجو وَلهو، آئُون تو ۾ طَمعدارِ،

ڍَڪي، ڍول! گُذارِ، لڄَ مُنهِنجي لوڪَ ۾.



(10)

ڍولا! ڍيلِ مَ مُون، ڪانڌَ! ڪَمِيڻي آهِيان،

سِڪَ تُنهِنجِيءَ سُپِرين! ڀيري وِڌِيُسِ ڀُون،

مُون وَرُ تونهِين تُون، تو وَرَ وَهُون ڪيتَرِيُون.



(11)

تو، وَرُ! وَهُون ڪيتَريُون، مُون وَرُ تُون وَريجِ،

سو ڀِي اِنَ سُهاڳَ کي، ڀوري ڀَرُ مَ ڏيجِ،

پِرِتان پيرَ ڀَريجِ، مَلهائِجِ مِسِڪين کي.



(12)

ڪوڙئين تُنهِنجيُون ڪامَڻِيُون، تُون ڪوڙِيَنِ سَندو ڪانڌ،

مُون کي ڇَڏِ مَ داسَڙا، تَه وَڃان نَه وِڻِواند،

مُون ڳِچِيءَ ۾ پاند، تو چَنيسَر! هَٿَ ۾.



(13)

ڍولا! اولا تَه سَهان، آڏا اَڏيَئي جي،

تو، وَرَ! وَهُون ڪيتَرِيُون، مُون وَرُ تُون وَري،

پِرِتان پيرَ ڀَري، مَلهَائِجِ مِسڪِين کي.



(14)

ناتو نماڻيءَ سين، مَ ڪَرِ ڍولَ ڍِلو،

ڪونهي ڪَمِيڻيءَ جو، بِگر تو بِلو،

تُنهنجو نامِ نِلو وٺيو ويٺِي آهيان.



(15)

لِيلا، لَڇُ مَ ايتَرو، اُٿِي آڱَڻُ سورِ،

اَبو ڏاڏو گهورِ، پاڻَ سُوڌو پِرِين تان.



(16)

لِيلا، لُڇُ مَ ايتَرو، اُٿِي، سورِ ٻُهارِ،

ڍوليو اَڱَڻِ پارِ، ڪانڌَ ڪَميڻيءَ آئِيو.



وائي

جِيَري زِيارَتَ، جي مان هوءِ پِرِيَنِ سين!

سَڌَرَ مُنهنجا سُپِرِين! مُون تان لاهِ مَ هَٿَ،

جي مان هوءِ پِرِيَنِ سين!

مَؤلا! مُون کي ميڙيِين، سُپِيريان جي سَٿَ!

جي مان هوءِ پِرِيَنِ سين!

ڇَنڊيان کِہَ اَکِينِ سين، پيرين وِجهان هَٿَ،

جي مان هوءِ پِرِيَنِ سين!

ڏوران ڏِٺَمِ سُپِرِين، سَچِي جَنِ صِفَتَ،

جي مان هوءِ پِرِيَنِ سين!

مِلَڻَ ۾ مُشتاقِ سين، ڪانَه ڪِيائُون ڪَٿَ،

جي مان هوءِ پِرِيَنِ سين!

ڪوڙئين تُنهِنجيُون ڪامَڻِيُون، تُون ڪوڙِيَنِ سَندو ڪانڌ،

¯

سُر بروو سنڌي



داستان پهريون



(1)

ڇاکي وَڃِيو ڇو، ٻيلي ٿِئين ٻِيَنِ جو،

وَٺُ ڪَنجَڪَ ڪَرِيمَ جِي، جَڳَ جو والِي جو،

سَؤکو هُوندو سو، جِنهن جو عِشقُ الله سين.



(2)

جِئَن ڪا ڪانِي ڪانهَن، لُسَندي لاتِيُون ڪَري،

اَچي پيئي اوچِتِي، دَردَ پِريان جِي دانهَنَس،

ويڄَ ڏَنڀئين ڪُهه ٻانهَن، سُورَ هِينئين کي سامُهان.



(3)

پَرَوَسِ ٿِيُمِ پِراڻ، پِرِين وَسِ نَه پانهِنجي،

لَڳي ڪِينءَ لَطِيفُ چَئي، ڇَپَرُ ڇاتِيءَ ساڻ،

پِرِين ڏيکاري پاڻ، خُوش ڪَري وِيا خوابَ ۾.



(4)

اَچِين جي هيڪارَ، مُون سارِيندي سُپِرِين،

پيرين ڌَرِيان پِنبِڻيُون، هَنڌ وِڇايان وارَ،

ساڄَنَ سَڀِ ڄَمارَ، هُوندَ گولِي ٿِي گُذارِيان.



(5)

مُون سارِيندي سُپِرِين، اَچِين جي تُون هاڻِ،

ڪَريان رُوحَ رِهاڻِ، هُوندَ لَڪَنِ مَنجههِ لَطِيفُ چَئي.



(6)

دَرَ تي دُونهِينءَ جِئن، سَڙان سُپيرِيَنِ جي،

لَڳو آهي لَطِيفُ چَئي، تَنُ پِرِيان ڏي تِيئَن،

جي حاصُلُ ٿِيئي هيئَن، قَرِينو قَرِيبَ جو.



(7)

لَڳِيءَ جو لَطِيفُ چَئي، نَڪو قالُ نَه قِيلُ،

لِکِئي لامُون کوڙِيُون، نيڻين وَهي نِيلُ،

هِينئڙا ٿِيءُ سُڌِيرَ، ڪالَهه قُرِيبَنِ لَڏِيو.



(8)

ڀَلي ڪِيَئي، ڀَلا پِرِين، هِيئَن نَه مُناسِبُ هوءِ،

لائي چِتُ، چَرِيو ڪَري، پاڻُ ڪَڍي وِئين پوءِ،

توڻي حُبَ نَه هوءِ، تَه بَه هوتَ نَه ڪِجَنِ هيڏِيُون.



(9)

ڀَلِي ڪَيَئي، ڀَلا پِرِين، هِيءُ نَه شانُ سَندوءِ،

پِهرِين لايو پِرِيتڻُون، ڪِينَ پُڇين ٿو پوءِ،

قادِرُ شالَ ڪَندوءِ، ميڙو هينَ مِسڪِينَ جو.



(10)

ڀَلِي ڪَيئي، ڀَلا پِرِين، مُون نَه ڄاتو اِيئَن،

هِينئُون هيرائي هَٿِ ڪَري، هَليو ويندين هيِنئَن،

سا سِڪَ سَلان ڪِيئن، جِنهن اَندَر آهيرا ڪِيا.



(11)

اَڄُ پُڻ اَکَڙِيَنِ، سَڄَڻَ پَنهنجا سارِيا،

ڳَلَنِ تان ڳوڙَهن جُون، بُوندوُن بَسِ نَه ڪَن،

سَندي سِڪَ پِرِيَن، لوڪَ ڏِٺي نَه لَهي.



(12)

اَڄ پُڻ اَکَڙِينَ سين، ڪوٺي ڪُٺائُون،

ماسُ وِراهي هَلِيا، ڪَرنگَلُ ڇَڏِيائُون،

”وَتَوا صَوابِالحَقّ وَتواصوابِاالصَبَّر“، اِيئن اُتِيائُون،

مُئِي مارِيائُون، کِلي گهايو سَڄَڻين.



(13)

ڪي اوڏائِي ڏُور، ڪي ڏوُر به اوڏا سُپِرِين،

ڪي چِت نه چَڙهن ڪَڏهين، ڪي نَه وِسَرَنَ مُور،

جِئَن مينهن ڪُنڍِڙيءَ پُور، تِئن دل وَراڪو دوسِتَ سين.



(14)

ماڻُهو گهُرَن مالُ، آءُ سَڀِ ڏِينهَن گهُران سُپِرِين،

دُنيا تِنهن دوستَ تان، فِدا ڪَرِيان فِي الحالُ،

ڪِيَسِ نانءُ نِهال، پَسَڻ تان پَري ٿِيو.



(15)

هيرائي هَٿِ ڪِيو، هِينئڙو حَبِيبَنِ،

ٻَڌي ڪَچِيءَ تَندَ ۾، سَلهاڙِيو سيڻَن،

وِجهِي پيچَ پِرِينِ، هِينئڙو هَٿِيڪو ڪيو.



(16)

جَڏَهانڪُر جانِي، سَڄَڻَ سانگِ سِڌارِيا،

راتِيان راحَتَ ناههِ ڪا، ڏِيهان حِيرانِي،

آئُون پانهِنجي پِرِينءَ تان، ڪوڙين قُربانِي،

رَضا رَبّانِي، نات ڪَيمُ وَسِ وِصالَ کي.



(17)

جَڏَهانڪُرَ ٿِيامِ، ساڃاءِ سُپيرِيَنِ سين،

تَڏهانڪُرَ تِرَ جيتَرو، ويرَ نَه وِسَرِيامِ،

اَندَرِ روُح رَهِيامِ، سَڄَڻَ اوطاقون ڪَري.



(18)

جي مُون گَهر اَچين سُپِرِين، هوڏَ ڇَڏي هيڏي،

ڳالهِيُون ڳُجهه اَندَرَ جُون، تَنَ گهُرِيُون توڏي،

جي وِهين گَڏُ گوڏي، تَه دَورَ سُڻايَئِين دِل جا.



(19)

ڪَڏهِن کُلَنِ دَرَ دوسِتَنِ جا، ڪَڏهِن طاقِيُون ڏِينِ،

ڪَڏهِن اَچان، اَچَڻ نَه لَهان، ڪَڏهِن ڪوٺِيو نِينِ،

ڪَڏهِن سِڪان سَڏَ کي، ڪَڏهِن ڳُجهاندَرُ ڳَرُهِينِ،

اِهڙائي آهينِ، صاحِبُ مُنهِنجا سُپِرِين.



(20)

ڪَڏَهِن دَرَ ڪُشادا دِلبَرَ سَندا، ڪَڏهِن پُورِيو ڏِين،

ڪَڏهِن وَڃان، وَڃِي نَه سَگهان، ڪَڏهِن سَڄَڻَ پاڻِ سڏِين،

ڪَڏهِن ڪُڇَنِ ڪِينَڪِي، ڪَڏهِن ٻاجهُه مَنجهان ٻولِين،

ڪَڏهِن قولَ ڪَرِين، ڪَڏهِن حَرفُ نَه ڪُڇَن هيڪڙو.



(21)

آثارو تنهن عِشقَ جو، ڪَڏهِن ڪونَه ٿِيومِ،

مَحبُوبَنِ مِنٿُون ڪَري، سِڪُڻُ سيکارِيُومِ،

تِهان پوءِ ٿِيومِ، آرو پَسَڻَ پِرِينءَ جو.



(22)

تُون صاحِبُزادو سُپِرِين، آئُون نِسورو نوڪَر،

بيحَد ڪَرِيان بَندگِي، هَٿَ ٻڌي حاضُر،

ڇِنَ ڇَڏِيندس ڪِينَ ڪِي، دوست اوهان جو دَرُ،

مُون تان مِهَر نَظرَ، پِرِين لاهِ مَ پانهنجو.



وائي

هوتُ نيڻان دا دِلبَندُ، لو، ڀَلو جيڏِيُون!

هيڏانهن هوڏانهن سُپِرِين، ڪاڏي وارِيان ڪَنڌُ؟

لو، ڀَلو جيڏِيُون!

چَڙهِي ڏاڍين ڏوُنگَرين، راهَ پُڇايان رَندُ،

لو، ڀَلو جيڏِيُون!

ساڄَنُ سَڀَنئِان سُهِڻُو، سائِينءَ جو سوگَند،

لو، ڀَلو جيڏِيُون!



داستان ٻيو



(1)

آهِيين شانَ شعورَ سين، جانِبَ تُون جيڏو،

مُون تي ڪَر، مُنهِنجا پِرِين، توهُ تُسِي تيڏو،

اِيءُ ڪامِلَ ڪَمُ ڪيڏو، جي نَوازِينم نگاه سين.



(2)

جانِبَ مُنهنج جِي ۾، جي تو طَمعَ پوءِ،

تَه کَڻُ ڪاتِي وَڍِ اَنگڙا، اَدَبُ ڪَرِ مَ ڪوءِ،

ڀانيان ڀالُ سَندوءِ، جي ساڄَنَ سَنئُون نِهارِئين.



(3)

جانِبَ، ايئن نَه جُڳاءِ، جِئن مارِيو، موٽِيو نَه پُڇِين،

رَتِي رَتُ نَه سِنجُري، سِڪَ تنهنجي ساءِ،

اسان توهينِ لاءِ، ٿي پَرَ ۾ پُڇائُون ڪِيُون.



(4)

جَڏهِن پَوي ٿِي يادِ، صُحبَتَ سُپِيرِينِ جي،

فَرِيادوُن فَرِيادَ، ناگَهه وَڃَنِ نِڱِيو.



(5)

جِئن لُهارَنِ لَپيٽِيو، ڪَڙو مَنجههِ ڪَڙي،

مُنهِنجو جِيءُ جَڙي، سُپيرِيَنِ سوگهو ڪِيو.



(6)

نازَ مَنجهاران نِڪَري، جَڏهِن پِرِين ڪَري ٿو پَنڌُ،

ڀُون پُڻ ”بسمِ اللهَ“ چَئي، راهَ چُمي ٿي رَندُ،

اُڀين گهڻي اَدَبَ سين، وَٺِي حُوروُن حيرتَ هَنڌُ،

سائِينءَ جو سوگَندُ، مُنهِنجو ساڄَنُ سَڀَنئان سُهڻو.



(7)

ساڄَنَ! سِپاهي، آئُون اوهان جو آهِيان،

اَچان ويلَ سَڀَڪنهِين، وَڃان واجهائي،

لالَنَ تو لائي، کِينڪارِيُمِ کَرَن کي.



(8)

فانِي ئي فانِي، دُنِيا دَمُ نَه هيڪَڙو،

لَٽي لوڙُهه لَتُن سين، جوڙِيندَءِ، جاني!

حَرَفُ پُڇندءِ هيڪَڙو، ظاهر زبانِي،

ڪوڏَرِ ۽ ڪانِي، آهي سِرِ سَڀَڪهِين.



(9)

ڀَرِ ڀَنجوءَ ويهِي، ڪِهڙي ڪَندين ڳالهَڙي،

ڄاڃي ماڃِي موٽِيا، وَرُ وَنِيءَ ڏيئي،

خَبَرَ نَه پيئِي، تَه ڏيجُ ڏِنائُون ڪيترو.



(10)

نيڻَ صَقِيلا سُپِرِينِ، ڀَونرَ ڀِروُن ڀالا،

چِڪِيا ڦَٽَ فِراق جا، اَندَرَ ۾ آلا،

يارُ مِيڙئين يالا! جِنهن جِي صُحبَتَ ڪاڻِ سِڪي هِينئُون.



(11)

ويٺو ڏِسان راهه، اَڄُ پُڻ آيا ڪِين ڪِي،

ساڄَنَ لاءِ سِڪي گهَڻُون، مُنهِنجو سارِيو ساه،

آڻين شالَ اَلله، تَه اَڱَڻَ ٿِينُم اُجرا.



(12)

اَڄُ پُڻِ اَکڙِيُون، سارِيو روَن سَڄَڻ کي،

جانِبَ جي جَمالَ ڏي، تاڻِينِ ٿِيُون تَڪَڙِيُون،

جي وَهَمَ پِرِيان وَڪَڙِيُون، تَنِ اُڃَ اکِين کي نَه لهي.



(13)

اَڄُ پُڻ ڪِيا اَکِينِ، اَبر جِئن آگَم،

ڳوڙهَنِ ڪِيو ڳَلَنَ کي، نائي پاڻِي نَم،

بُوندُنِ بَس ڪِي ڪانَڪا، دوسِتُ پُڄاڻان دَم،

حَبِيباڻا هَم، ساڙيندا سَرِيرَ کي.



(14)

اَڄُ پُڻ جُڙِيَمِ جوڙَ، دوسِتُ پيهِي دَرِ آئِيو،

سُکَنِ وَٺِي ڏُکَنِ کي، محَڪَمُ ڏِنِي موڙَ،

جا پَرِ کَٽِيءَ کور، سا پَرِ سُورَنِ سين ٿِئي.



(15)

اَڄُ پُڻ اَنگِيَم اَنگَ، هَٿان حَبِيبَنِ جي،

جا پَر سوٽِيءَ سَنگَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِئي.



وائي

مَولو ڪَندو ماڙ، مُنهِنجِي اَللهُ ڪَندو ماڙِ،

هادي! ڏيئِي هَٿَڙا، اَچِي چِڪَڻِ مان مُون چاڙِه،

مُنهِنجِي اَللهُ ڪَندو ماڙِ.

ڪِشتِي ڪَمِينَنِ جِي، اَللهُ لَڳِ اُڪارِ،

مُنهِنجِي اَللهُ ڪَندو ماڙِ.

هُو جو ويري واٽَ جو، سائِين! نيئِي ساڙِ،

مُنهِنجِي اَللهُ ڪَندو ماڙِ.

ڪَرَمَ ساڻ ڪَرِيمَ جي، سَڀَ لَنگهِيندا پارَ،

مُنهِنجِي اَللهُ ڪَندو ماڙِ.



داستان ٽيون



(1)

عِشقُ اِهڙي ذاتِ، جو، مانجهِي مُنجهائي مَيَنِ کي،

ڏِيهان ڏورڻ ڏُونگَرَين، رُئڻ سَڄِيائِي راتِ،

اُٿِيي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبُوبَنِ جِي.



(2)

ڀيڻِي ناهي ڀَنڀَور ۾، جِنهن جِي ڌَڻِيان ڌارَ،

تِنهن ڪَمِيڻيءَ جِي ڪانَ ڪِي، ساٿَ لَڏِيندي سارَ،

آءُ عالَم جا آڌارَ، واري واڳَ وِلَهِيءَ تي.



(3)

يارُ سَڏائي سَڀڪو، جانِي زَبانِي،

آهي آسانِي، ڪَمَ پِئي ڪَلَ پَوي.



(4)

آدمِن اِخَلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪيو،

ڪونَه کائي ڪِنهن جو، سَندو ماڙُهوءَ ماسُ،

دِلَبَر هنَ دُنِيا ۾، وَڃِي رَهَندو واسُ،

ٻِيو سَڀ لوڪ لِباسُ، ڪو هِڪدِل هُوندو هيڪڙو.



(5)

سُورَنِ سانگهيڙا ڪِيا، مَٿي مُون مَعذُورِ،

آئُون هِت ويٺِي وِجهلان، مَران نِتُ مَهجور،

جي دوستَ مُنهِنجا دُور، سي وَالِي وهلا آڻئين.



(6)

منهنجي مَدايُنِ جِي، جي ڪَلَ پِرِيان پيئِي،

ته ڪَڏهِن ڪوسا نه ٿِيا، ڏوراپو ڏيئِي،

ساڄَنَ سَڀِيئي، ڍَڪِيم ڍول ڍِلائِيُون.



(7)

دِل جو دِلبَرُ هيڪَڙو، گَهڻان تان نَه ڪِجَنِ،

دِل ڏِجي کي هيڪڙي، توڻي سَوَ سِڪَنِ،

سي چِلولا چَئجَنِ، جي دَر دَر لائِن دوستِي.



(8)

شُڪُر گَڏِياسُون سُپِرِين، جانِي جِئَري يار،

ويٺي جَنِين جي وَٽِ ۾، ڪوڙين ٿِيا قَرار،

ڌَڻِيمَ! ڪَر مَ ڌارَ، پاڙو تَنِ پِرِيَن جو.



(9)

ڪِٿان سِکِئين سُپِرِين، ڪاسائِڪِي ڪار؟

تِکِي ڪاتِي هَٿ ڪَر، مُڏيءَ سين مَ مارِ،

چوري چاڪَ نِهار، سُورَنِ سانگهيڙا ڪِيا.



(10)

کوڙي کَڻُ مَ سُپِرِين، کَنيئي تان کوڙِ،

عادَتَ جا اَکِينِ جي، سا نيئِي نِڀائِج توڙِ،

مُون ۾ عَيبَن ڪوڙِ، تُون پاڻَ سُڃاڻِجَ سُپِرِين.



(11)

ڏاتَر مُون ڏيکارِيو، هوتَنِ جو حُضُورِ،

پِرين پَرَچَڻَ جو ڪَيو، موٽائي مذڪُورُ،

اِيُ دوسِتَنِ دَستُورُ، جِئن ڇِنين ڇِڄَن ڪِينَ ڪِي.



وائي

وَٽان وَڃُ مَ مُون، مُنهِنجو تُونهِين تُون،

ڪونَه سُڻي ڪو ٻِيو، وَٽان وَڃُ مَ مُون.

مُون تڏهانڪر مڃيِي، جَڏهن ”ڪُن فَيَڪُون“،

وَٽان وَڃُ مَ مُون.

اَهُکيءَ رَسِجِ اَحمَدا، اَڳِيان سوڙهِي ڀُون،

وَٽان وَڃُ مَ مُون.

رَس مُحمّدَ ڪارَڻِي، جِتي هُونگَ نَه هُون،

وَٽان وَڃُ مَ مُون.

آڳَهُه هِنَ اُمَتَ جو، آهِين تُونهِين تُون،

وَٽان وَڃُ مَ مُون.

اِيُ دوسِتَنِ دَستُورُ، جِئن ڇِنين ڇِڄَن ڪِينَ ڪِي.



Æ

سُر ڏهر



داستان پهريون



(1)

ڪَرِ ڪي ڳالَهڙِيُون، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِيَنِ جُون،

ڪِئَن سي راتِڙيُون، ڪنهن پَر ڏِينهن گُذارِئين؟



(2)

ڪَر ڪا ويهي ڳالههِ، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِين جِي،

هِهڙي اَڄُ تُون حالِ، ڏُکِيا ڏينهن گُذارِئين.



(3)

ڪَنڊا تو وَٽان، سَچُ ڪِ سيڻَنِ لَڏِيو؟

مَڃر تو مَنجهان، ڇَڻِيو پُونِ ڇُڳا ڪِيو.



(4)

ڪَنڊا ڪُڄاڙِيان، اُڀو آهِيين ريلَ ۾؟

پِرِيَنِ پُڄاڻان، سُڪِي ٻانهگر نَه ٿِئين.



(5)

ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِيَنِ جو، جي تو هُئڙو سُورُ،

لامُن مَٿي ٻُورُ، هُوند نَه چاڙهيئي هيترَو.



(6)

جي تو هُئڙو وَڍُ، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِيَنِ جو،

پاڻان ڏيئِي ڏَڍُ، مُورئي مَڃر نَه ڪَرِئين.



(7)

ڪَنڊا تُون ڪيڏو، جَڏِهن ڀَرِيو ڍورُ وَهي،

جَسودَن جيڏو، تو ڪو گَڏيو پَهِيَڙو.



(8)

سَچُ ڪي سُڪو ڍور، ڪَنڌي اَڪَ ڦُلارِيا،

جُنگَنِ ڇَڏِيو زورُ، سَر سُڪو سُونگِي گَيا.



(9)

جَڏهِن ڍاڳِي ڍورُ، ٻَئِي وَهَنِ ٻَلِيَار ۾،

تَڏِهن تازَڙِين طوُر، هُئو جَسُودَنِ سين.



(10)

سُڪِي ڍورُ ڍَيُون ٿِيو، ڪَنڌيءَ ڏِنو ڪائو،

پاڻِي پَٽِيهل ۾، اَڄُ آڳِيُون نَه آيو،

ماڙهُنِ ميڙائو، ڪَنهِين ڪَنهِين ڀيڻيِين.



(11)

پَٽيهل تو ۾ پُور، اَڳِيُون آهه نه آب جو،

سُڪيئَن ڪهڙي سورِ، پِيَئِي واري وچ ۾.



(12)

ڍورُ نَه آڳِينءَ ڍارَ، مَهَندِ مَلاحَنِ لَکِيو،

موڙي ڇوڙِيا مَڪُڙا، پَسِي پاڻِيءَ پارَ،

جَسودَنِ جيها يارَ، پِيَڙا وِيرَ وِماسَ ۾.



(13)

جان واهُڙَ ۾ وَهه، تان تُون مَڇَ نَه موٽِيو،

ڪائي ۾ ڪوههُ ڪَرِئين، پوءِ موَٽَڻَ جو پَههُ،

سِرَ مَٿي تُون سَههُ، مَهميزوُن مَلاحَنَ جُون.



(14)

جان جَرُ هُئِڙو جالَ، تان تُون مَڇَ نَه موٽِئين،

پُوندئِي اَڄُ ڪِ ڪالَهه، سانڀويُون سانگِن جُون.



(15)

جان جَرُ هُئَڙو سِيرُ، تان تُون مَڇَ نَه موٽِئين،

اَڏا اَڏي ڪِيرَ، گهَٽَ به جهَلِيَئِي گهاتُئين.



(16)

مَتو آهِين مَڇَ، ٿُلهو ٿو ٿُونا هَڻِين،

جا تو ڏِٺِي اَڇَ، تِنهن پاڻِيءَ پُنان ڏِينهَڙا.



(17)

ڏُوران پَسِي ڏورِ، وهين جي وهروُن ڪَري،

هُوندَ نَه وِڌئِي هورِ، ماڻڱَرِياڻي مَڇَڙا.



(18)

ڪُنڍي ڪَلِيُنِ وِچَ ۾، جَڏِهن هَنئي جَنِ،

موٽِي مُون پِرِيَنِ، ڪَڍَڻَ جِي ڪانَ ڪَئِي.



(19)

ڪُنڍي ڪَلِينِ وِچَ ۾، جَڏِهن هَنيائُون،

موت نَه مارِيائُون، ڏور وِجهي وِيا ڏُکَ جي.



وائي

لائي جا وَرَنَ کي، سا ڪانڌَ مُنهِينجي ڪورا.

ماءُ مارِيندَمِ ڪَڏِهِين، هوتاڻِيَنِ جا هورا،

سا ڪانڌ مُنهِينجي ڪورا.

سيڻين سِر کَنڊُ سَپَڄي، ٻِيو عَطُرَ پِرِين اَتوارا،

سا ڪانڌ مُنهِينجي ڪورا.

ڇَپَرُ کَٿُوري ٿِيو، ٻِي تازي ڦُلَنِ ڦورا،

سا ڪانڌ مُنهِينجي ڪورا.



داستان ٻيون



(1)

ڌَڻِي سو وارِئين واءُ، جو ميڙائُو سَڄڻين،

وَنهيئَن واٽَ مَٿاءُ، هِنئڙي آسَر نه لَهي.



(2)

مَدِيني جا مِير، سُڻ منهنجا سَڏڙا،

سَرڻ تُنهنجي سِير، تُون پار لَنگهائِين پَيَڙا.



(3)

مَدِيني ڌَڻِي، سُڻ مُنهنجا سَڏڙا،

تُنهنجي آهِ تَڻِي، ٻِي ڪَنڌي سارِيان ڪانَڪا.



(4)

مَدِيني جا گهوٽ، سُڻ مُنهنجا سَڏڙا،

ڪِج مُحَمّدَ موٽ، عاصِي تُنهنجي آسَري.



(5)

مَدِيني جا شاهَ، سُڻ مُنهنجا سَڏڙا،

ڪارڻ لَڳ اَللهَ، سِگهو رَسج سُپِرِين.



(6)

مَدِيني جا ماهَ، سُڻ مُنهنجا سَڏڙا،

ٻيو نَه وَسِيلو واهَ، آهِيان تُنهنجي آسري.



(7)

مَديني جا شير، سُڻ مُنهنجا سڏڙا،

ڀَر مُبارَڪ پير، عاصِي تُنهنجي آسري.



(8)

مَدِيني جا ڄامَ، سُڻ مُنهنجا سَڏڙا،

آهِيان تُنهنجِيءَ سامَ، سِگهو رَسِج سُپِرِين.



(9)

اَلله جِئن نالوءِ، تِئن مُون وَڏو آسرو،

خالِق! تُنهنجِي کاند جو، پَرو پاند نَه ڪوءِ،

نالو رَب سَندوءِ، رَهِيو آهِمِ روُحَ ۾.



(10)

مِٺو جِئَن نالوءِ، تِئن مُون وَڏو آسَرو،

ڪو دَر ناهِ جِهوءِ، مُون ٻِيا دَر گهَڻا نِهارِيا.



(11)

عَجب جِهڙي آهِ، صاحِبَ تُنهنجِي صاحِبِي،

وَڏي سَگهَه سَندِياءِ، پاڻَ وَهِيڻُون آهِئين.



(12)

عَجَبُ ڏِٺِي سُون، صاحِبَ تُنهنجِي صاحِبِي،

پَنَ ٻوڙِين پاتارَ ۾، پَهَڻَ تارِين تُون،

جَيڪَرَ اَچِين مُون، تَه ميرِيائِي مانُ لَهان.



(13)

سَترُ ڪج سَتارَ، آئُون اُگهاڙي آهِيان،

ڍَڪِئين ڍَڪَڻَهارَ، ڏيئِي پاندُ پَناههَ جو.



(14)

وَڏي سَگهَه سَندِياءِ، ٻاجُهنِ ڀَرِيو آهِيين،

مُون تان مِهَر مَ لاهِ، آئُون تُنهِنجي آهِيان.



(15)

سَترُ ڪَر سَتارَ، آئُون اُگهاڙي آهِيان،

ڍَڪِج ڍَڪَڻَهارَ، ڏيئِي پاندُ پَناههَ جو.



(16)

جيڏو تُنهنجو نانءُ، ٻاجهَه پِ اوڏيائِي مَڱان،

ري ٿَنڀِين، ري ٿُوڻِئين، تُون ڇَپَرَ تُون ڇانءِ،

ڪڄاڙو ڪَهانءُ، توکي مَعلُومُ سَڀڪا.



(17)

ناتو نِماڻيءَ سين، مَ ڪَر ڍول ڍِلو،

ڪونهي ڪَمِيڻِيءَ جو، بِگَر تو بِلو،

تُنهنجو نانءُ نِلو، وَٺِيو ويٺِي آهِيان.



وائي

مون کي نِنڊ نَه نيڻين نيڻين، ڪالَهُون پوءِ لَڪَنِ ۾،

موٽُ آيَلِ ماءِ مُنهِينجي، تان تو ڏُکُ نَه ڪيڻين ڪيڻين،

ڪالَهُون پوءِ لَڪَنِ ۾.

هوءِ نَه نِينِمِ پاڻَ سين، آئُون تان وِيندَڙي سيڻين سيڻين،

ڪالَهُون پوءِ لَڪَنِ ۾.

ڪالهُوڻِيان اَڄ گهَڻِي ڪَر، جهورَڙي جهيڻين جهيڻين،

ڪالَهُون پوءِ لَڪَنِ ۾.

ٻِيُون سَڀ واڳِيُون وَرَن سين، آئُون واڳَڙي ويڻين ويڻين،

ڪالَهُون پوءِ لَڪَنِ ۾.

هِينئڙو ڏاڙهُونءَ گُلَ جِئن، روئي رَتَڙو ڪيڻين ڪيڻين،

ڪالَهُون پوءِ لَڪَنِ ۾.



داستان ٽيون



(1)

ڪَر ڪو ڀيرو ڪانڌَ، مُون نِماڻِيءَ جي نِجهُري،

پرِيِن تُنهنجي پاندَ، ڍولا ڍڪي آهِيان.



(2)

جيئن تُون قائِمُ ڪانڌَ، تئن آئُون وَر وِلِهِي نَه ٿِيان،

پَکِي ڇنان پاندَ، ڳَنڍ نَه ڄاڻي ڪو ٻِيو.



(3)

ڪانڌَ ٻِيَن ڪيترا، مُون وَر وَڏي وَٿُ،

مَٿان ڏِيئي هَٿُ، جنهن عَيبَ مُنهنجا ڍَڪِيا.



(4)

ڪانڌَ ٻِيَنِ ڪيتَرا، مُون وَر وَڏي جُوءِ،

لوڪ نَه اَڇِي اُوءِ، جي ڏِسي عيب اَکِيَنِ سين.



(5)

ڪانڌَ ٻِيَنِ ڪيتَرا، مُون وَر وَڏي کاند،

پاڻان ڍڪي پاند، جي ڏِسي ڏوهَ اکين سين.



(6)

ڪانڌَ ٻِيَنِ ڪيتَرا، مُون وَر وَڏي ذاتِ،

لوڪَ نَه اَڇِي وات، جي ڏِسي ڏوهَ اَکِيَنِ سين.



(7)

هي تان ٿورَڙِيُون، جي تو ڀوري ڀانئِيُون،

راتِيُون ٻِيُون گهَڻِيُون، جي تو اِيندِيُون هيڪَلي.



(8)

وَرَ سين وِجِهيو ڪاڻِ، کَرَسين کِلُون پائِيين،

ڀوري مُنڌ اَڄاڻ، ڪَڻ ڇَڏِيو تُههَ ميڙئين.



(9)

سُتا اُٿِي جاڳَ، نِنڊَ نَه ڪِجي ايتَري،

سُلطانِي سُهاڳُ، نِنڊُنِ ڪَندي نَه ملي.



(10)

ڪي سُمههُ ڪِي جاڳُ، نِنڊَ نَه ڪِجي ايتَري،

اِيُ مانجهاندي جو ماڳُ، جو تو ساڻيهه ڀانئِيو.



(11)

جاڳَڻَ مَنجهان جَسُ، آهي اَدا جَنِ کي،

لاهي جو لَطِيفُ چَئي، مَٿان قَلب ڪَسُ،

وَرنَههَ ڪِجا وَسُ، صُبحَ ساڻ سَيّدَ چَئي.



(12)

سُتي نَه سَرَندِياءِ، ڪَر پَچارَ پِريَن جِي،

وِهامِي وِيندِياءِ، گهَڻا هَڻَندين هَٿَڙا.



(13)

سُمَهَڻان ساڙو، جيڏيُون جيڏوئِي ٿِيو،

پِريَنِ سين پاڙو، منهنجو نِنڊَ نِبيرِيو.



(14)

سُمَهَڻان ساڙو، جيِڏِيُون جيڏو ئِي ٿِيو،

هوتُ لَنگهِيا هاڙهو، تُون اَناسِي اوجهَرِين.



(15)

پِرهَ ڦُٽِي رات وَئِي، جهِيڻان ٿِيا نَکَٽَ،

هاري وِيئِي وَٽَ، گهَڻان هَڻندين هَٿڙا.



(16)

سَڄِيُون راتِيُون سُمَهِين، ڇَڏِيو پِيّ پَچارَ،

ڀانيُئِي سَڀُ ڄَمارَ، سَڄڻ هُوندا مان ڳَري.



(17)

ڍول مَ کَڻِي ٻانهڙي، پِرههَ مَ کَڻي پاندُ،

آئُون پانهنجو ڪانڌُ، لَوڪان لِڪِي رانئِيان.



(18)

ڦِرِيا پَسِي ڦِيڻ، کَرِيَنِ کِيرُ نَه چَکِيو،

دُنيا ڪارَڻ دِين، وِڃائي وِلَها ٿِيا.



(19)

مُسَنِ مُنهن سَنرا، کَرِيا گهَڻُون کِلَنِ،

سي تان وِسَرِيَنِ، آيا جِنِ ڪَمَنِ لَئي.



وائي

مُون سين هوتَ نَه ڪَندڙا هِينئَن، ماءُ ڄامَ نَه ڪَندڙا هِنئين،

اَلا! مُون نَه ڇَڏِيندا ڇَپَرِين.

هوتَنِ جي هيڪاندَ کي، روُئان راتو ڏِينهنَ،

اَلا! مُون نَه ڇَڏِيندا ڇَپَرين.

ڇيڙي وِڌيَسِ ڇَپرِين، وو! ٻاروچاڻي نِينهَن،

اَلا! مُون نَه ڇَڏِيندا ڇَپَرين.

لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينهَن،

اَلا! مُون نَه ڇَڏِيندا ڇَپَرين.

مُون کي پِرِينِ ميڙِئين، روجهَڙِيُون ميڙِئين مِينهَن،

اَلا! مُون نَه ڇَڏِيندا ڇَپَرين.



داستان چوٿون



(1)

روه راماڻا ڪَنِ، اَڄ پُڻ هَلَڻَهارِيُون،

ڪَر ڳَلُ ڪُونجَڙِينِ، رائي ۾ رات ڪِيو.



(2)

قِسمَتَ آندي ڪُونجَڙي، وَطَنَ سَندُس روههُ،

ڪِنهن جو ڪونهي ڏوههُ، رِزق رازِق هَٿَ ۾.



(3)

وَڳَرَ اُڪيري، سَرُ سارِيو سُورَ چَري،

جهُري جهِڄَندي ڏي، سِنيها کي سَڄَڻين.



(4)

وَڳَرِ وِساري، ويٺئَين ڪِئن ماٺ ڪَري،

ڪِ تو، نَه ماري، رُڻ جهُڻ سَندي سَڄَڻين؟



(5)

وَڳَرِ وِيا وَهِي، ڪالَهه تُنهنجا ڪُونجَڙي،

ڪَندين ڪوههُ رَهِي، سَرَ ۾ سُپِرِينَ ري؟



(6)

روههِ نَه وِئين راتِ، ڪوههُ نَه ڪُرڪِين ڪُونجَڙي،

اَڄ توهِين جِيءَ تات، سَرَ ۾ سارَڻَ آئِيُون.



(7)

وَڳَرَ ڪِيو وَتَنِ، پِرت نَه ڇِنَنِ پاڻَ ۾،

پَسو پَکِيڙَنِ، ماڙُهِنئانَ ميٺُ گهَڻُو.



(8)

وَڏي وَڳَرَ هيرُئِين، چُڻِي نَه ٻِينَ گَڏ،

ڪُونجَ ڪَرِيندي سَڏَ، ويئِي وِهامِي راتَڙي.



(9)

مَ لَنئُن ڪُونجِي، ماٺ ڪَر، چور مَ هينئين چاڪَ،

ڦَٽِيُون جي فِراقُ، سي گهَر گهارِينديُون ڪيتَرو.



(10)

مَ لَنئُن ڪُونجِي، ماٺ ڪَر، چور مَ هينئين سَلَ،

ڳوڙها مَٿي ڳَلَ، جِمِ وِهاڻيءَ وَهائِين.



(11)

ڪُونجَڙي ڪالَهه لَنئِي، سَڄڻ وِڌُمِ چِت،

آئُون جَنهِين ري هِت، گهَنگهَر گهارِيان ڏِينهَڙا.



(12)

اُتَرَ ڏي آلاپَ، ڪالهُوُنڪَر ڪُونجَ ڪَري،

پِرِين پَسِي مَنجههِ خوابَ، وِهاڻِيءَ وايُون ڪَري.



(13)

ڪُونجُون ٿِيُون ڪُڻڪَنِ، جُڪُسِ هَلَڻَهارِيُون،

ٻَچا پوءِ اَٿَنِ، وَڃَنِ وانڌا ڪَندِيُون.



(14)

آيُون ڍور ڍري، اَصل سَندي آسري،

کِڙي هَرَ ڀُون کَري، پاڻان پيرَ ڏُکويا پَکڻين.



(15)

وَڳَرَ ۾ وائِي، ڪالَهه تُنهنجِي ڪُونجَڙي،

سَرَ ۾ سارِينَئي گهَڻُون، ڀينَرُ ۽ ڀائِي،

پَسِين نَه ڦاهي، جا ماريءَ سَندي مَنَ ۾.



(16)

چُڻي نَه، اُڀِي روءِ، سَنڀارِيو کي سَڄَڻين،

هِيءَ جهِڄَندي چوءِ، ته آئُون اُڪَنڊي آهِيان.



(17)

ڪُونج نه پَسِين ڪَکَ، ڍَٻُ جَنِين سين ڍَڪِيو،

ماريءَ ماري لَکَ، وَڳُرَ هَڻِي ويڇُون ڪِيا.



(18)

ماري مَرِين شالَ، ڍَٻَ وَڃَنَئِي ڍَٻِيُون،

جِيئن تو اَچِي ڪالَهه، وِڌو وِچ وِرهن کي.



(19)

ڪُونجَ نَه لَکِيو ٻاڻ، جو ماريءَ سَندي مَنَ ۾،

اوچِتي ٻرياڻَ، وَڳَر هَڻِي ويڇُون ڪِيا.



(20)

بِغَلَ مَنجهه بَندوُقَ، ماريءَ ميرا ڪَپَڙا،

مارِيو مِيرَ مَلُوڪَ، لَاڙِيو لَڪ چَڙهي.



(21)

چيتان ڪيو چُڻيج، بَڊاماڻِيءَ بُٺ ۾،

نيڻين نِنڊَ مَ ڏيج، ڇيڙُون ڇَپَر آئِيُون.



(22)

سَنگهارَنِ ساري، ساٿِي ڏيج سَنِيهَڙا،

سا هيڪَلِي گهاري، مُنڌَ ڪاڇي ڪَنڌئين.



(23)

ڪيرَ ڪَرِيندي رِيسَ، آيَل سَنگهارِنَ سين،

جنهين جي خَمِيسَ، واڻِيُون واري ڇَڏِيو.



(24)

ڪاڇي ڪاهِيائُون، سَچُ ڪِ سَنگهارَنِ لَڏِيو؟

مان تَنُ مارِيائُون، پاڻان وِجهِي گُونَدرِين.



(25)

ڪاڇي پيئِي ڪُوڪَ، آيَل سَنگهارَنِ جِي،

مادَرِ اوءِ مَلوُڪَ، اُٺي وِئَڙا اُڪَري.



(26)

جِيَنِ سي سَنگهارَ، اَجهي جَنِ جي گهارِيان،

مانَ لَهنَئُون سارَ، وِچ وِلَهين ڏِينهَڙين.



(27)

ڌَڻ ڌارڻُ، ڌارِ رَهَڻِ، اِيءَ نَه سَنگهارَنِ سِٽَ،

ڪاهي اِيندا ڪَڏِهن، مَٿي وانڊِ وِهِٽَ،

جي هاڻون هُونَئِي مِٽَ، تَه بَه اُوڊو لاهِه مَ اُنِ جو.



(28)

جهِڄان پَسِيو جهوڪَ، آيَل سَنگهارَنِ جِي،

جَنِ ٿي پَهِي پِيارِيا، مَنجهان مَٽَن موڪَ،

لَڏي وِچان لوڪَ، اُٺي وِيا اُڪري.



(29)

جهوڪون نَه جهُڻڪَنِ، وَڳُ نَه پَسان وَٽ ۾،

آيَل سَنگهارَن، جيڪُس چِٽاڻو چِت ڪيو.



(30)

جي ڀانئين وَسَ چَران، تَه سَنگهارَنِ سين لَڏِ،

تَه هاڃي سَندي هڏِ، ڪُوڪَ نَه سُڻين ڪَڏهين.



(31)

جي ڀانئِين وَسَ چَران، تَه سَنگهارَنِ سين گهارَ،

جَنِين سَندي واڙ، چورُ نَه اَچي ڪَڏِهين.



(32)

جيڪا گهاري ماءِ، آيَل سَنگهارَنِ سين،

تَه رُکو مُور نَه کاءِ، توڻي هوءِ اَوڳُڻِي.



(33)

پَٽين پَڪُون پَونِ، ڀَرِيا ڀاڻَ هَٿَنِ ۾،

نيڻَ مُنهنجا روُنِ، سارِيو سَنگهارَنِ کي.



(34)

مَنڌِيُون مَٽين گُڙَنِ، جهوڪ به سُونهَنِ پَهيڙا،

سَندي سَنگهارَنِ، جُوءِ جِياري جَڏِئين.



(35)

ڀُوريَنِ پاندَ ٽِمَنِ، جهاڳ جهاڳِي آئِيُون،

ڪاڇو مينهَڙِيَنِ، مُندائِتو ماڻِيو.



(36)

راءَ سين رُٺا جي، تَنِ جاڙيجُنِ جاڙَ ڪِي،

ڪِئن ماڻِيندا سي، چوڏَهن چارو ڪَڇَڙو.



(37)

جاڳو جاڙيجا، سَما سُک مَ سُمَهو،

پَسو آن پارِئان، لاکو ٿو لوڙيون ڪَري.



(38)

ڀُڄِئان ڀُلِي پيرُ، وِڌو راءَ رِڪابُ ۾،

ڪَڇ رَهندو ڪيرُ، لاکو لوڙائُنِ سين.



(39)

ڀُڄِئان ڀَلِي نِڱيو، ڏيئِي پاڳوڙي پيرُ،

جَسي ۾ جَسراجَ جو، مَٿي وانڍِينَ ويرَ،

ڪَڇ رَهندو ڪيرُ، لاکو لوڙائو ٿِيو.



(40)

ٽاٽو ڪِينِ پُلاڻَ، سَدا هَڻَنِ کَرکَرا،

لاکي لوڙائُنِ جا، اِهڙائِي اُهڃاڻَ،

ڏيئِي تَنگَن تاڻُ، ڪُوڪَ ڪارِيندا ڪَڇڙي.



(41)

لاکو لوڙائُنِ سين، چوڏِسِ ٿو چَڙَهِي،

وِڙِهيو وَريامَنِ جا، ڌُڻِيو ڌَڻَ هَڻِي،

پِيُسِ جو پَري، سو واهَرَ ڪَنِهين نَه وارِيو.



(42)

اَڏِيو جو اوڏَنِ، سو شالَ ڍِنگهَرُ ڍِلو مَ ٿِئي،

جِنهن ڀَر ويهِي ڪَنِ، ليکو لاکي ڄامَ سين.



(43)

لاکي لَڄَ کُنئِي، اَگلن اوڏڙيَنِ جِي،

ڪَندو ڪانَه ٻِئِي، اَڳَ وِسُوڙل آهِيُون.



(44)

لاکا لَڄَ سَندِياءِ، اوڏا اَگلِي آهِيان،

پَکا سي پَرٽاءِ، جي اَجهي تُنهنجي اَڏِيا.



(45)

اَڏيندي اوڏَنِ، لَڏَڻَ جِي ڪانَه ڪئِي،

لاکو مَٿان تَنِ، اوچِتوئِي آئِيو.



(46)

لَکِي ۽ لاکو، ٻَئِي مُئا ٻاجهُه ٿِي،

قادِرَ لاٿو ڪَڇَ تان، اَدِيُون اولاڪو،

وانڍين ۾ واڪو، ريٻاري رَهِي وِيا.



(47)

ڇِنَلَ ڇَڄَ هَٿَن ۾، ڪُلَهَنِ ڪوڏارا،

پورِهي خاطِرِ پانهِنجي، اُٿِيَنِ سَوارا،

اوڏَ به ويچارا، لاکا! وَڃَنِ لَڏِيو.



(48)

نِئَي نِهاريَمِ نارَ، تان پِرِتِ پُراڻِي نَه ٿِئي،

ويچارا سَنگهارَ، ڪِنهن سائي جي سانگَ وِيا.



(49)

ڪيڏانهن وِيا سَنگهارَ، جي هُئا هِنِين ڀيڻين،

ڏور تَه ڏورِيُون يارَ، ٻيلِي ٻِنَهِين ڪَنڌِئين.



(50)

رَڙي ريٻارَڻ روءِ، واڙي پايو وَڇَڙا،

کُرا ويڻَ کَنگهارَ کي، چَنچَل اُڀِي چوءِ،

واڙي وَڇ نَه ڪوءِ، لاکو لوڙائُن سين.



(51)

ريٻارَڻِ روئي، واڙي وِڌا وَڇَڙا،

سَمُورا سوئي، هَڻي هِتان ساٿ ويو.



(52)

ريٻارَڻِ رِيجهاءِ، لاکو لُولاٽِينِ سين،

سائُو مانَ سَندِياءِ، ٺَٺ مَٽائي ٽاڪَرو.



(53)

لاکا لَکَ سُڄَنِ، پَر ڦُلاڻِيءَ ڦيرُ ٻِيو،

جِينهن ڀَرِ راڻا راڄِيا، ڪوٽَنِ ڌَڻِي ڪَنبَنِ،

جنهن جو جاڙيجَنِ، سُتي سَنڪو نَه لَهي.



(54)

جَتَنِ جاڙيجَنِ سان، صُلحُ ڪَر سَنگهارَ،

تُون وَڳُ ڇڏين ٿو ويسَرا، هوءِ چَمَڪِيا چوڌارُ،

تو جيڏا تو پارَ، لاکي ڪَئين لَڏائِيا.



(55)

وَنهينِ سَگهارَنِ جي، سُونهاري سانڄاڻ،

پوءِ ٿا پِيَنِ پاڻ، پهرين پِيارِين پَيَڙا.



(56)

اَڏي اَڏي اوڏَ، ڇَڏي وِيا ڀيڻِيُون،

ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ، پِيا آهِينِ پَٽَ ۾.



(57)

ڪَڏهِن ڳاڙهو گهوٽُ، ڪَڏهِن مَڙُهه مُقامَ ۾،

سَندو واريءَ ڪوٽُ، اَڏِيو اَڏِبو ڪيترو.



وائي

تُون جو وڃين ڪيچ ڪَهِي، اي ادا، ڏيج پاراپو پِرِينءَ کي.

ڏُک مُنهِنجي ڏِيلَ ۾، سَگهان ڪِينَ سَهِي،

ڏيج پاراپو پِرِينءَ کي.

آئُون ڦوڙائي مارِئي، مُنهنجا واقِفَ وِئَڙا وَهِي،

ڏيج پاراپو پِرِينءَ کي.

ڀينَرُ هِنَ ڀَنڀورَ ۾، سارِيان ڪونَه سَهِي،

ڏيج پاراپو پِرِينءَ کي.

مُون مُئِيءَ مَٿان ڪيترا، وِئَڙا ڪانگَ لَئِي،

ڏيج پاراپو پِرِينءَ کي.

مَ لَنئُن ڪُونجِي، ماٺ ڪَر، چور مَ هينئين چاڪَ،



¯

سُر گهاتو



داستان پهريون



(1)

گهَنگهَرِيا گهَڻَ ڄاڻَ، موڙُهِي مَتِ مُهائِيين،

وِيا گَڏِجِي وِيرِ ۾، پِيا مُنهن مِهراڻَ،

اَڳِيان پويان ٽاڻَ، ويا ويچارَنِ وِسَري.



(2)

ماڪَ ڀِڄايَنِ مولِهيا، مَٿان راتِ پَئِي،

اولِيُون اُجهَڻَ لَڳِيُون، وِيا وَنجههَ وَهِي،

ڪَلاچئان ڪَهي، ڪَڏِهن ڪونَ آئِيو.



(3)

ڪو جو قَهرُ ڪَلاچَ ۾، جو گهِڙي سو نِئي،

خَبَرَ ڪونَ ڏِئي، تَه رَڇَ ڪُڄاڙي رَنڊِيا؟



(4)

ڪالَهه ڪَلاچِي ويا، ڇَتِيُون کَڻِي ڇُڳيرَ،

ڀائِرَنِ ڀيرو نَه ڪِيو، اَدَنِ ڪِي اَوِيرَ،

اِهَڙي خاصِي کيرَ، ڪُنّ وَرائي جهَليِي.



(5)

تَرِيُون پَسان نَه تارِ ۾، جهُڳا جاءِ نَه ڪَنّ،

مادَرِ! مَلاحَنّ، ماڳِ نَه ڍويا مَڪُڙا.



(6)

ڏهاڻِي ڏِٺَم ڪيترا، جَنِين مارِيو موڪُ،

گهَرَ ۾ گهاتُوئَڙَنِ جا، ٿا مارِينَمِ ٿوڪَ،

لَڏي وِچان لوڪَ، اونهي وِيا اوهِري.



(7)

ڪالَهه ڪَلاچي وِيا، گهاتُو ڪَري گهُورَ،

مادَرِ مَلاحَنِ جا، ويٺي سَهان سُورَ،

مون کي ڪَري مَلُورَ، اونهي وِيا اوهري.



(8)

اُڀِي اوسِڙان اُس ۾، جهَلِيو ڪُنّ ڪِنارَ،

گهاتُو گهَرِ نَه آئِيا، وَڏي لَڳِينِ وارَ،

هُيَسِ جَنِينِ هارُ، سي موڙي چَڙهيا مَڪّڙا.



(9)

کِلِي جان کِنڪارِيان، تان ساٽِي سَڱُ نَه ڪَنِ،

وارِيو وهٽ وَڃنِ، ڪِن سڀاڳِن سامُهان.



(10)

جِتي گهورِيو گهاتُئين، تِتِي واريءَ بٺ،

سَهسين ساٽِي مُٺ، سَرُ سُڪو، سُونگِي گَيا.



(11)

نَڪا بُوءِ بازارِ ۾، نَڪا ڇِلر ڇَٽ،

جِتي ڏَنڀرين جِي، اَڳي هُئِي اَکٽ،

سي پِڙ پَسِيو پَٽ، ماڙهُو وَڃَنِ موٽِيا.



(12)

مُون اُڌارِيا مَڇَڙا، اَلله، گهاتُو آڻِ،

مِيان مُدارَنَ سين، مُون کي قادرَ! وِجههُ مَ ڪاڻِ،

هَٺَ مُنهِنجي هاڻِ، قَدرُ لَڌو جن ري.



(13)

اوري هُئا تَه آئِيا، جيڪس وِيا پَري،

ساٽِي سَڏَ ڪَري، ماڳ نِهاري موٽِيا.



(14)

اِئين جا لُڏو لوڏَ، ايءَ پَرِ گهاتوُئڙَنِ جِي،

ڪُن ڪُلاچِي ڪوڏ، سُک نَه سُتا ڪَڏهِين.



(15)

گهورِيندي گهورِ پِيا، اَگهور گهورِيائُون،

ميڪُر مارِيائُون، مَلاحَن مُنهن سَنرا.

(16)

جانِ گهِڙندا گهاتُوئا، تان رَڇَن ڏِيو رڱ،

سَڳايُون ۽ سَڱ، ڪَلاچِيءَ ڪيرُ ڪَري.



(17)

جِئن جهُڳا پائيين جهولَ ۾، اِيئن نَه مَرَنِ مَڇّ،

سَٻَرَ ڌارِ سَمُنڊَ جا، ڪِي رائُون رَڱي رَڇّ،

هي ڇاروُن ۽ ڇَڇّ، اَڃان اوڙاهُ آڳاهُون ٿِيو.



وائي

جيڪُسِ جهَلِيا مَڇّ، گهاتُو گهَرِ نَه آئِيا.

ڪاهي وَڃو، ناکُئا، ڪَرِيو بُري تي بَڇّ،

گهاتُو گهَرِ نَه آئِيا.

ڪاٿي سَندِيَنِ ڪُنڍِيُون، ڪاٿي سَندَنِ رَڇّ،

گهاتُو گهَرِ نَه آئِيا.

ڪَنّ ڪَڙَڪو ڏاڍو، اَٿوَ اَڳِيان اَڇّ،

گهاتُو گهَرِ نَه آئِيا.



مِيان مُدارَنَ سين، مُون کي قادرَ! وِجههُ مَ ڪاڻِ،

*

سُر ڪاپائتي



داستان پهريون



(1)

توڻي تُون ڪاتارَ، جِمَ هيڪَلي ڀيرئين،

ڏِٺي ڪا ڏُئار، صَرافَ اِنَهينءَ سُٽَ ۾.



(2)

جَنِين ڀيريو، هيڪَلو، تَنِين ميڙِيو ماءِ،

تَندُ اِهڙي ساءِ، مُون آتَڻ هَڏِ نَه اُڄَهي.



(3)

چَرَخو چوري هَٿِ ڪَرِ، هِيءَ هَڏ وِهاڻِي،

ڪاپائِتِي سَڀَڪا ڪَتي، ساجهُر سيباڻِي،

ڄاتو جَن ڄاڻِي، تَنِ هَٿان پَهِي نَه ڇَڏي.



(4)

هِيءَ هَڏِ وِهاڻِي، ڪَڙُه ڪالهُوڻي ڏِينهَن کي،

اُٿِي اورِ اَرٽَ سين، ويههُ مَ ويڳاڻِي،

تَه صَرافَ سڀاڻِي، موٽائي هَڻَنَئِي نَه مُنهَن تي.



(5)

جان ڪَتِين تان ڪَتُ، هِي هَڏِ وِهاڻِي،

ڪو پَنهِنجِي عِيدَ لَئي، ڀيري ڪج ڀَرتُ،

مَتان روئِين رَتُ، صُباحَ وِچ سَرِتئين.



(6)

ڪَتَڻَ جِي ڪانَ ڪَرِئين، سُتِي ساهِئين هَڏَ،

سُڀان اِيندَئِي اوچِتِي، عِيدُ اُگهاڙَنِ گَڏ،

جِتِ سَرِتيُون ڪَنديَئِي سَڏُ، سِڪَندِيئَن سِينگارَ کي.



(7)

پائي ڏورِ اَرٽ ۾، ڪَتين نَه ڪُوڙي،

وِهانءَ واڌاڻي، ڀُڻين سَنڀوُڙي،

مُئي جِنهن موڙي، سا ڪِئَن وِهي ويسَري.



(8)

ڪِتُوئِي نَه ڪالَهه، اَڄُ پُڻ اُجهَڻَ کي مَرِين،

ڀوري توسين ڀالَ، ڪانڌُ ڪَرِيندو ڪيترُا.



(9)

سي تو ويهِي وِڃائِيا، جي ڪَتَڻَ سَندا ڏِينهَن،

اَرٽُ اوڏي نَه ٿِئين، ڀوري ڀوري سِيئَن،

ڪَنڌ کَڻنديئَن ڪِئَن، اَڱڻ عَجِيبَنِ جي.



(10)

توڻي ٿِيئن وَڏي، توءِ اُٿِي آتَڻِ آءُ،

ٿِي ڀيڙي ڀيرَمَ وارِئين، ٻِي هَڏِ ڪَر مَ ڪاءِ،

تَه صَرافُ تو صُباح، ڪوٺي ڪاتارِيَنِ سين.



(11)

سونَ سارِيڪا هَٿَڙا، ڪوهه نَه ڪَتئين رَڏِ،

ويهي ڪُنڊ ڪاپو ڪر، گهُتون گوهيون ڇَڏِ،

تَه صَرافاڻي سَڏِ، مَرَڪِيو هُوندَ مَٽائِيين.



(12)

ڀَڳو ئِي ڀير، جانسِين رَتو راسِ ٿِئي،

بُريءَ بيڪاريءَ سين، هاري پاڻُ مَ هير،

ڪَتُ ڪَتندِيُون ڪير، نَئين سين نَه ڄاڻِجي.



(13)

ڀيرِئين ۽ ڀائيين، اِئَن وِڏوڻو ڪانڌ،

ويٺِي اورِ آرٽَ سين، ڳِچي پايو پاند،

ته تُنهِنجو وِڻواند، ڪِتو وِتو نَه ٿِئي.



(14)

مَڇُڻ ڀاڳَ ڀَر ڏِئين، ڪَتُ، ڪَنبَندي آءُ،

جَڏهِن تَڏهِن ماءُ، ڀيرنِ ڀيرَمَ وارِيُون.



(15)

چانِنُتِ پائي چِتَ ۾، سَنُهون ڪِتو جَنِ،

تَنِ جو صَرافَنِ، دُڪو داخِلُ نَه ڪيو.



(16)

مَحَبتَ پائي مَنَ ۾، رَنڊا روڙِيا جَنِ،

تَنِ جو صَرافُنِ، اَڻ تورِيو اَگهائِيو.



(17)

اَٺَئِي پَهَر اَرٽَ سين، جي ڪَتَنِ ۽ ڪَنبَنِ،

تَنِ جو صَرافَنِ، ڦورو ڦولِيو ڪِينَ ڪِي.



(18)

ڪو جو وَهُ ڪاپاتِئين، ڪَتَنِ ڪَنبَنِ،

ڪارَڻِ سُودَ سَوارِيُون، آتَڻَ مَنجهِه اَچَنِ،

اُنِ جِي سُونهَن سَيدُ چَئي، ٿا صَرافَ سِڪَنِ،

اَگهِيا سُٽَ سَندَنِ، پائي تُراڙي نَه تورِيا.



(19)

سُٽ اُنِين جو سَڦَرو، جي پَر ۾ پِڃائِين،

آوازُ اَرٽَ جو، ساه نَه سُڻائِينِ،

لِڪِايو لَطِيفُ چَئي، ڪَنبِيو ڪَتائِينِ،

جي ماڻَڪِ موٽائِينِ، توءِ مُلهه مَهانگو اُن جو.



(20)

تُنبائي تاڪِيدَ سين، جَنِ پِڃايو پاءُ،

لَسِي تَندُ لُطِيفُ چَئي، هَلي تَنِ هَٿاءُ،

مَلمَل مَنجهان ماءُ، جي سِکِيُون تَنِ سونُ ڪيو.



(21)

پَلئي پايو پوڻِيُون، دَر دَر ڀيرا ڏي،

ڪا مُون ڪَتائي، آئُون ڪاپائِتِي آهِيان.



(22)

ٽَڪُ وِنگِي، وَرَ گهَڻا، ڪَتِيان ڪُڄاڙو،

ڪاپي مَٿان ڪيتَرو، آڻِيان اُڌارو،

جي وَرُ ڏئي وارو، ته سُونهان سَرِتينِ وِچَ ۾.



(23)

اولاڻِيان اَرٽ، ڪيڏانهَن ڪَتَڻَ وارِيُون،

پَهِيُون مَٿي پَٽَ، لُڙِجنَ لاکِيڻِيَنِ جُون.



(24)

ڪَتي ڪَتي ڪالَهه، اَڄُ نَه آتَڻ آئِيُون،

اَرٽَ اُکِلِي مالَهه، پُوري وِيئيُون نِجهُرا.



(25)

نَه سي وَؤڻَ وَڻَنِ ۾، نَه سي ڪاتارِيُون،

پَسِيو بازارِيُون، هينئڙو مُون لُوڻ ٿِئي.



(26)

ڪَتي مَٽي آئِيُون، ڪَري تَندُ تَيارُ،

اُٽَلَ اوڏانهِين ٿِئي، جيڏانهن پِرِينءَ پارَ،

ڪاپائِتِيءَ قَرارُ، مَنجهان پُوڻِيءَ آئِيو.



(27)

جا سَنُهون نَه سِکِي، ته مَرُ رَنڍائي روڙي،

سُٽُ اُنِين جو سَڦَرو، وِيا تَرازيءَ توري،

ٿُلهي ۽ ٿوري، ويچاري سين وَڙُ ٿِيو.



(28)

جَنِين ڪِتو ڪالههَ، سي پاڻان پيئِيُون مامري،

جَنِين ٽَڪ نَه مالَهه، سَرَهِيُون سي صَرافَ سين.



(29)

پائي پاندِ ڪَپاه، مُون آتَڻَ سَڀ نِهاريا،

کَڻي ڪانه پَساه، سَرَتِيُون وَڃِي سُتيُون.



(30)

چَرکو پَنهِنجي چِتَ ۾، ڀِنيءَ ڀيرِيو جَنِ،

توڻي ڪِينَ ڪتن، ته به ڪانڌُ اُنين جو ڪوڏِيو.



(31)

تاڃِي تورِيائُون، تان عيب نِکَتا آڳرا،

ڪوٺي ڪاپائتِينِ کي، پَر ۾ پُڇِيائُون،

اَگَلَڙي آئُون، مُون کان ڀِڙا ڀَڳا نَه ٿِيا.



(32)

مُون کان ڀِڙا ڀَڳا نَه ٿِيا، اَگَلِي آئُون،

جان تاڃِي تورِيائُون، تان عيب نِڪري آئِيا.



وائي



(1)

ڪا هِينئين سين لاءِ، ڀوري ڪا هينئين سين لاءِ.

تَنبائي تاڪِيدَ سين، جَنِ پِڃايو پاءِ،

ڀوري ڪا هِينئين سين لاءِ.

لَسِي تَندُ، لَطِيفُ چَئي، هَلي تَنِ هَٿاءِ،

ڀوري ڪا هِينئين سين لاءِ.

پُهيون تُنهِنجيُون جهرڪن جهورِيُون، ٻِيُون اُڏايُون واءِ،

ڀوري ڪا هِينئين سين لاءِ.

اَرٽَ پاسي اوجهرِين، توکي سُمَهَڻَ آيو ساءِ،

ڀوري ڪا هِينئين سين لاءِ.



وائي



(2)

آئُون جا ويندَڙي پارِ پِرِينِ جي، مُون کي آيَلِ جهَلَ مَ پاءِ،

جهَلُون پَلُون پائيين، پاڻا مَت نَه اَڇئِين ڪاءِ،

آئُون جا ويندَڙي پارِ پِريَنِ جي.

وِيو ٻاروچو نِڪري، سُور چَکايُم ساءِ،

آئُون جا ويندَڙي پارِ پِريَنِ جي.

مُنهنجا ڪَم ڪَرِيمِ تي، ريبي مُون مَ رَهاءِ،

آئُون جا ويندَڙي پارِ پِريَنِ جي.

ويئِيُون ڪِنهن وِڳَهه تَڙ، ڀيڙا ڀَڃِي ماءِ،

آئُون جا ويندَڙي پارِ پِريَنِ جي.

آتَڻَ مَٿي اُسري، آيَسِ اُنِين لاءِ،

آئُون جا ويندَڙي پارِ پِريَنِ جي.

جَنِين سُورُ سَرِيرَ ۾، تِنَئان هِتِ نَه ڪاءِ،

آئُون جا ويندَڙي پارِ پِريَنِ جي.

جِتِ سَرِتيُون ڪَنديَئِي سَڏُ، سِڪَندِيئَن سِينگارَ کي.



¯

سُر رپ



داستان پهريون



(1)

گُوندَرَ ڪيو غَرَقُ، ماءَ مُنهنجو ڄِندڙو،

ڏُکويَنِ مَرَڪُ، مَٿي سَڳَرَ پَنڌڙا.



(2)

گُوندَرَ گَڏِيياسِ، صحت نِيڙَم سَڄَڻين،

مادَرِ مارِيياسِ، ڦوڙائِي پِرِيَنِ جي.



(3)

اُٺي جِئَن مورَنِ، اوڀَڙَ وَلهارن ۾،

سا پَرِ گُوندَرَ ڪَنِ، جُهه ڦوڙائو سَڄَڻين.



(4)

لائي جو وِيا، سو مَنجهئِين ٿو مَچُ ٻَري،

سو اُجهامي ڪِئان، جِنهن سورِيندَڙ سُپِرِينِ.



(5)

ڪَهَڻُ تَه ڪَچائِي، سُورَ نَه سانڍَڻُ سُٿرا،

اَڃان تان آئِي، ڏِيلَ مُنهنجي ڏُکَ سين.



(6)

جِيئن سو تَئِيءَ تَرو، کامي کُوري وِچَ ۾،

مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، مَنجهان سِڪَ سَرو،

وَرُ جهِيڻُو اِي ٻَرو، مَ ڦوڙائو سَڄَڻين.



(7)

اُڀريم اَنگوُرَ، سُتي سُپيرِينِ جا،

کايو کايو سُورَ، لُڇِيو لوچِيو اُٿِيان.



(8)

ڳرن ۾ ڳَرهيج، روئِي ڪج مَ پَڌرا،

تان سُوران ئِي سَهيج، جان لاهِيندَڙ ڪو لَهين.



(9)

ڳر ۾ ڳُجهو روءِ، پَڌَرِ وِجههُ مَ پِرِينءَ ري،

سُورَنِ سَڀَر هوءِ، هِينئڙا ڪُمَ ڪَنَن جِئن.



(10)

لاههِ مَ پَچارانِ، سُک مَ سُمہُ جِندڙا،

ڪَر جهوري ڪيڻانِ، ڪالهوُڻِيان اَڄُ گهَڻِي.



(11)

جهوري جهِڄَڻ جهانءِ، مُون جَنهِين جِي نَه لَهي،

آيَل! اِيئن مَ ڀانءِ، ته ڪا آئُون جِئندي اُنِ ري.



(12)

جهِڄي جهانءِ ڪَري، ماٺ نَه اَچي مُون هِينئين،

سَڄَڻَ سي ساري، هو جنهين جو هيرَئُون.



(13)

جاءِ نَه سڄو ڏِينهن، هِينئڙو اوٺي وَڳَ جِئَن،

مُون پِريان سين نِينهن، ڇِنَڻ ڪارَڻ نَه ڪيو.



(14)

لاهِيان جي نَه چِتان، اَللهَ! اُنِ مَ وِسَران،

مَڙهيو مَنجهاران، جِيءُ مُنهنجو جَنِ سين.



(15)

پَلَ پَلَ ٿِي پَلِيانسِ، پَلَڪُ نَه رَهي پِرينءَ ري،

جئن جهوري کان جهلِيانسِ، جهِڄيو تنهن جهوريءَ پوي.



(16)

ڪڪَرَ مَنجههِ ڪَپارَ، جهُڙُ نيڻَنِئون نَه لَهي،

رات مُنهنجي روُحَ ۾، اَٺا پِرين اَپارَ،

آءُ ساجن! لَهه سارَ، وِرهه وَڪوڙي آهِيان.



(17)

مُون مَنجهِيئِي مِينهُن، ڪوهُ ڪَرِيندِيَسِ ڪَڪَرِين،

سَوَلو سارو ڏِينهُن، مُون پِريان جونَه لَهي.



(18)

سُتي سَنڀِومِ، ڪو ڳُڻُ ٻاروچَنِ جو،

ڪَنڌَ وِهاڻو ڀِنو، هَرِيو هَٿُ ٿِيوم،

سَڄَڻُ ياد پِيومِ، جاڙَ جِيان ٿِي جيڏِيُون.



(19)

سَڄَڻَ سَنڀرِيامِ، پييَمِ ڪَرَ ڪَپارَ ۾،

جِهڙي تِهڙي حالَ سين، پِرِين نَه وِسِرِيامِ،

هَرِيا هَٿ ٿِيام، نيڻَنِئُون نِيرُ وَهي.



(20)

سَنڀرِيو جِيان، ڳالهِيُون، پِريَمِ تُنهِنجِيُون،

ڪهڙا ڳُڻَ ڳَڻِيان، ٿورَنِ مَٿو ناهِ ڪو.



(21)

جُهه سي سَنڀرِجَنِ، ڳالهِيُون پِرِين تُنهنجِيُون،

لُنءَ لُنءَ هيٺِ وَڄَنِ، رَڳُونِ رَبابَنِ جِئن.





(22)

چَتَرُ رَهي نه چِتُ، وَڻين واڳِيو نَه رَهي،

رَئِيءَ لَٽِجي نِتُ، هِينئڙو واٽَ وِرکَ جِئن.



(23)

چوري چوري چِتُ، وَئِيءَ وِهاڻِيءَ نِڪَران،

نِينهُن گهُرائي نِتُ، پِريان سَندي پيرَ ۾.



(24)

چَتُرُ رَهي نَه چِتُ، سُورين صَبرُ نَه ڪَري،

سَڄَڻ ساريو نِتَ، ويڳاڻُو ٿِيو وِجهُلي.



(25)

چيتارِيان چُڻڪَنِ، سَنڀارِيانِ سَهِي،

اَندَر روُح رَهِي، صُورَتَ سُپِرِينِ جِي.



(26)

چيتارِيان چُڻڪَنِ، وِسارِيان نَه وِسري،

ويروتارَ ڏُکَنِ، سَڄَڻَ ڀَڳي هَڏَ جِئَن.



(27)

چيتاري چُوندِياسِ، ڳالهِيُون سَڀوئِي سَڄَڻين،

جُهه مُقابِلِ ٿِياسِ، تَه سَڀِ وَڃنم وِسري.



وائي

جو نَوازي ڏَڏُ، آسَرَ لاههِ مَ اُنَ جِي،

ويههُ داتا جي دَرَ تي، لَنگها لاهي لَڏَ،

آسَرَ لاههِ مَ اُنَ جِي.

اوڏايان اوڏو گهَڻُو، ڪهڙا ڪَرِئين سَڏَ،

آسَرَ لاههِ مَ اُنَ جِي.

اَگَلَنِ کي اوڏو وِهي، گَندا ڪَري گَڏ،

آسَرَ لاههِ مَ اُنَ جِي.

ڪهڙا جَڏَ جَڏوئِيين، جُودَ مهندان جَڏَ،

آسَرَ لاههِ مَ اُنَ جِي.

اَڳِيان عَجيبَنِ جي مُشڪِل ٻَڌَڻُ مَڏَ،

آسَرَ لاههِ مَ اُنَ جِي.

آدم تِئائِين خَلقِيو، هوءِ جا کَڄي مَنجهان کَڏَ،

آسَرَ لاههِ مَ اُنَ جِي.



داستان ٻيو



(1)

سَڄَڻَ ساڻ نَه ڀيٽُ، ڳُجهَه ڳَرهيان ڪِن سين،

ڳالهِيُون انهي ريٽ، سَلا ٻَڌي مورِيون.



(2)

ڳالهِيُون پيٽَ وَرَنِ ۾، وَڌي وَڻَ ٿِيُون،

پَرَ سين مُون نَه ڪِيُون، گوشي پِرِين نَه گَڏِيا.



(3)

اَنگَنِ چاڙهي اَنگُ، وِيو ٻاروچو نِڪَري،

روئِي ڏِنو رنگَ، ويچاريءَ وَڻَنِ کي.



(4)

اَکِيَنِ جا آگَمَ، مُون تان لاهِ مَ سُپِرِين،

ڪَري مَلارُ مِنهَن جِئن، وَسِي لاهِ وَهَمَ،

تو ڏٺي مُون غَمَ، ڏِينهَنِ جا ڏوُر ٿِيا.



(5)

نيڻَ نَه نِنڊون ڪَنِ، ڀَڳو آرسَ اَکِئين،

اُجهامِيو ٻَرَنِ، توکي سارِيو سُپِرِين.



(6)

سنئِين نه سيڻانِ، ناهِ اُبتِي اُنِ سين،

ونءُ سَهِي ويڻان، تو نَه سرنَدَي تَنِ ري.



(7)

اَندَر اَندَرِيُون، جِئن سي وانجهِيءَ لَٺِ ۾،

مُون تَنَ تيتَريُون، تَه ڪِينءَ مِلبو سَڄَڻين.



(8)

جِئَن سي کُوهِيءَ نارَ، وَهَنِ واريءَ گاڏُئان،

هينئَڙو پِريان ڌارَ، نِبيرِيانسِ نَه نِبري.



(9)

سَٻَرُ سِيءُ پِيو، نه مُون سوڙِ نَه گَبَرو،

نَه مُون ڪانڌُ نَه قُوتُ ڪِي، جوڀَنُ وَهِي وِيو،

تَنهِينَ حالُ ڪِهو، نِڌر جَنهين نِجهُرا.



(10)

اُتَر اوتُون ڏي، نَه مُون سوڙِ نَه گَبَرو،

سِيءُ سارِيندِيُون سي، جَنهين نِڌر نجهرا.



(11)

اُتر ڏِني اوتَ، نَه مُون سوڙِ نَه گَبَرو،

چارَئِي چُنِيءَ پرت، مُون ريڙهيندي رات ويئي.



(12)

نِينهُن نِهائِينءَ جان، ڍَڪِيو ڪوهُ نَه ڍَڪِئين،

ڄَرُ ڄيري ڇَڏي، تهَ ڪِئن پَچَندا ٿانءَ،

سَندي ڪُنڀاران، ڪَنِ ڪَريجا ڳالهَڙي.



(13)

نِينهُن نِهائِينءَ جِئن، ڍڪِيو ڪوهُ نَه ڍَڪئين،

ڄَرُ ڄيري ڇَڏي، تَه رَڇَ پَڇَندا ڪِئَسن،

تُون پُڻ ڪَريج تِئَن، جِئن ڪُنڀار ڪَرين ڪَمُ سين.



(14)

نِهائِينءَ کان نِينهُن، سِکُ مُنهنجا سُپِرِين،

سَڙي سارو ڏِينهُن، ٻاهَرِ ٻاڦُ نَه نِڪري.



(15)

نيڻَ نِهائِينءَ جان، سُتي لوڪَ ڍَڪِيان،

اُجهامِيو ٻَران، توکي سارِيو سُپِرِين.



(16)

ڪِي جو ڪُنڀارَنِ، مَٽِيءَ پائي مٽِيو،

تِنهن مان تِرَ جيتري، جي پيئِي خَبَر کَرَنِ،

هي تان هُوندَ مَرنِ، هُنِ اَڱَڻِ اوراتو ٿِئي.



وائي

هاڙها ڳاڙها هوت، ڪيچِي ڪالَهه لَنگهي وِيا،

سِڪَ ٻاروچِي نَه لَهي، مَٿي تائِين موتَ،

ڪيچِي ڪالَهه لَنگهِي وِيا.

لَڳُندي لَڪَنِ ۾، پاڻان ٿِيَسِ پوتَ،

ڪيچِي ڪالَهه لَنگهِي وِيا.

مَتان مُون کي ڇَڏئين، هِتِ هوتاڻِي هوتَ،

ڪيچِي ڪالَهه لَنگهِي وِيا.

ڏِيندِيَسِ ڏاڍين ڏُونگَرِين، تو هِي ڪارَڻِ جهوتَ،

ڪيچِي ڪالَهه لَنگهِي وِيا.



وائي



(2)

جِئري زِيارَتَ، جي مان هوءِ پِرِينَ سين.

سَڌَرُ مُنهِنجا سُپِرِين، مُون تان لاهِ مَ هَٿَ.

مولا مُون کي ميڙئين، سُپيرِيان جي سَٿَ.

ڇَنڊِيان کِهَه اَکِينَ سين، پيرين وِجهان هَٿَ.

ڏُوران ڏِٺَمِ سُپِرِين، هُيَم جَنِ جي سِڪَ.

جهوري جهِڄَڻ جهانءِ، مُون جَنهِين جِي نَه لَهي،



¯

سُر ڪارايل



داستان پهريون



(1)

”وَحدَهُ“ وائِي، چَڙهندي چَيائِين،

سو لُڙُ لَنگهِيائِين، جِتي پارُک پَکيان.



(2)

ٻَگهن سين ٻاڻُ هَڻِي، اُڏاڻو آڪاس،

جِتي پِرِين سَنداس، سو سَرُ مَڻي هَنجهڙو.



(3)

اَکڙيُون اوڙاههَ ۾، اڀو تَڪي تار،

پِٿُون جي پاتار، هَنجههُ تَنِهين جو هيرئُون.



(4)

پِٿُن لئي پاتارَ ۾، وَڃِي نَه پيهِي،

ڪَنڌيءَ ۾ ڪيهِي، حاج تُنهنجِي هَنجهَڙا.



(5)

اونهُون جِتِ اوڙاههُ، هَنجههُ تَتِهِين هوءِ،

اِي ڪانيرو ڪوءِ، جو ڇاڇَرِ ۾ ڇيروُن ڪَري.



(6)

ٿِيو حُضوري هاڻ، سوجها پِيَسِ سَرَ جِي،

کُنڊي لَڌي کاڻ، پَکِيڙي پاتار ۾.



(7)

اَڇو پاڻي لُڙُ ٿِيو، ڪارو ڪيو ڪَنگن،

اِيندا لَڄ مرن، تِنهن سَرَ مَٿي هَنجهڙا.



(8)

ويٺو جِئَن وِماسئين، حَيرتَ پَؤ مَ هَڏِ،

لاتِيُون جي لِباسَ جُون، سي ڇپائي ڇَڏ،

”آئُون، آسِين“ ڪَنِ جِي، پاسي تَنِ مَ اَڏ،

تَنُ طالبن گڏَ، ته ويجهو ٿِئين وِصال کي.



(9)

ويٺو جِئَن وِماسِئين، حَيرتَ پَؤ مَ هور،

اونهون جو اَڇو وَهي، گهِڙي تِئان ئِي گهور،

ڏَنِيُون هَڏ مَ ڏور، گهورِيو ڪَپَ ڪسِينَ جو.



(10)

ويٺو جِئن وِماسئين، حيرتَ پَئو مَ هاڻ،

لَلَنِ کي لَطِيفُ چَئي، اَڇي ساڻُ آراڻ،

ڪَنگن لَٿيس ڪاڻ، گَڏِيو هَنجُهه حَبِيبَ کي.



(11)

پَکِي پيهي نِڱيا، مَنجهان لَتاڙِيُنِ لَک،

ڪَنهِين ماڻِڪَ ميڙيا، ڪَنهِين رُتا پَک،

پُٺِيءَ لائي لَکَ، گَڏِيو هَنجههُ حَبيبَ کي.



(12)

هَنجهَن سين هيڪارَ، جي ڳَڻَ ڪَري نِهارِئين،

ٻَگهَنِ ساڻ ٻِيهارَ، هُوندَ ٻيلهه نَه ٻَڌين ڪَڏِهين.



(13)

هارِيا هَنجهَه ٻَگهَنِ سين، ڪيهِي ٻَڌين ٻيلههَ،

ميرو مَٽائيج تون، اَڇي ڪَر اُڪيلَ،

ڪَنگڻ ساڻ ڪُويلَ، لَلي جِئن لُڙَ پِئين.



(14)

اَڇو پِيو آڇاههُ، تَه اَڇائِيءَ اُبهَو،

وِهَڻ وَڙُ نَه اَنهنجو، پاڻِيءَ لُڙَ لَلاههُ،

سُسَر ڏِجي ساههُ، ڪُسَر ڪَنگَنِ قَبروُن.



(15)

ڪُسَر ڪَنگَن قَبروُن سُسر ساڱاهيج،

هَنجهه هِتِ جِي ڳالهڙي، ٻَگهَنِ مَ ٻوليج،

ماڻي تُون مَريج، چَئج مَ ڪَنهِين چُهنج سين.



(16)

سَرُ سُڪي سالَ ٿِيا، هَنجهه هَرِيوئِي پيرُ،

ڪَنگ ويچارو ڪيرُ، جو رَسي اِنَ رَمز کي.



(17)

آءُ اُڏامِي هَنجهڙا، سَرَ ۾ سارِينَئِي،

مَتان مارِينَئِي، پاڙهيڙي پَهُه ڪَري.



(18)

سَرُ ۾ پَکِي هيڪڙو، پاڙهيري پنجاه،

سَنديءَ آسَ الله، لُڏي لَهرِينَ وِچَ ۾.



(19)

هَنجههَ مِڙيئي هَنجهَه، ميرو مَجهِنِ ناهِ ڪو،

موتِي جي مِهراڻَ جا، سي پُورا چُڻج پَنجَ،

اَڄ ڪِ صُباح سَنجهه، ڍَٻِيءَ ۾ ڍيري ٿِئين.



(20)

پَکِي پَسِي آئِيا، دلبو مَنجههِ دَرِياهه،

ويچارا ويساهه، آڻي اُتِ آڙائيا.



(21)

جئن قَطَرُ چڻيو ڪُڙهه ڀَرئين، ٻول ٻَجهندين هَنجهه،

اَڄُ ڪِي صُباحَ سَنجهه، ٿو ڍَٻِيءَ ۾ ڍيري ٿِئين.



(22)

پَکِي جنهن پڄائيا، تِنهن ۾ ساه نَه ماهه،

مَنجهِه ڪَرنگهُر ڪاٺ جو، مَٿي پَکن گاهه،

ويچارن ويساهه، مَٿي پَکَنِ آئيو.



(23)

ڪَونرَ پاڙوُن پاتارَ ۾، ڀَنورُ ڀِري آڪاس،

ٻِنهِين سَندي ڳالهڙي، رازق آندي راسِ،

تنهن عِشق کي شاباس، جنهن مَحبَتِي ميڙِيا.



(24)

ڪَونرَ پاڙوُن پاتارَ ۾، ڀَونَرَ ڀِري ۾ سُڃَ،

ٻِنَهِين سَندي ڳالهڙي، عِشق اِي اُهڃَ،

توءِ نه لَهِين اُڃَ، جي پِيو پين پاڻ ۾.



(25)

ڪَنڌِيُنِ ۾ ڪوهُ ڪَرِئين، گَسُنِ ۾ مَ گُذار،

وَڃِي وَحَدتَ ويءَ ۾،گهُتُون ڇَڏي گهار،

شَرِيعُت جو سَرُ لَهِي، تَنُ تِنائِين تار،

حَقِيقتَ هَنجهَن سين، طَرِيقَتَ تَنوار،

مَنجهائِين مَعرفَتَ سين، اَندَرُ تُون اُجار،

هِدايَتَ جي هوءِ ۾، چُڻِيو تُون چُونگار،

ته پاڙهيري اِنَ پار، ڪونَه ڏِسين تون ڪَڏِهين.



(26)

جيهَرَ لوڪُ جهَپَ ڪَري، اوهير اُڏلَنِ،

پٿون جي پاتارَ جون، چيتارِيو چُڻُنِ،

ڪوههُ ڪُندا کي تَنِ، پاڙهيري پَههُ ڪَري.



(27)

ماڻِڪَ چُوڻو جَنِ جو، هَنجههَ حُضُوري سي،

ڇِلُرَ ۾ چَهنبَ هَڻِي، مَڃِي کِين نَه اي،

لوڪ نه لَکِيا تي، جيلانهن ڀُڻن ٻَگهن گَڏيا.



(28)

لَلي لَنئِي راتِ، سَرَ ۾ ڪيو سوجهرو،

ٻَگها ٻاتاڙا ٿِيا، وائِي ڪَنِ نَه واتِ،

جُنگَنِ پَنهِنجي ذاتِ، نيئِي رَساڻِي روهه کي.



(29)

هَنجهَه مِڙِيئِي هَنجهه، ميرو مَنجهن ناه ڪو،

جِتي رَهن سَنجهه، سو سر ڪَرِين سُرهو.



(30)

سَرَ اُهي ئي اَڳِيان، پَکِي ٻِيا پِيا،

جَن لَمِئو لاتِيُون ڏِنيُون، سي ويچارا وِيا،

پاٽوُندَرُ پِيا، وڃِي ڪِينجهُرَ ڪَنڌِئين.



(31)

وِيا مورَ مَري، هَنجهُه نَه رَهيو هيڪڙو،

وَطن ٿِيو وَري، ڪُوڙَنِ ڪانئيرَنِ جو.



(32)

سَرهو سَرُ وِڃائِيو، ڪُوڙَنِ ڪانئيرَنِ،

رُٺا روهه وَڃَن، ڪنهن هيڻائِيءَ کان هَنجهڙا.



وائي

جي مان چارائِينِ، جيڪَرُ جيڏِيُون، وو! ڪَرَهه سَندانِ چارِيان.

پيرين آئُون نَه پُڄَڻِي، ڪَرَهَل هوءِ نَه جهَلِينِ،

وو! ڪَرَه سَندانِ چارِيان.

ڳُجهِي آئُون نَه وَڃَڻِي، پَڌَرِ پِرِين نَه نِينِ،

وو! ڪَرَه سَندانِ چارِيان.



داستان ٻيو



(1)

وِياءَ واسينگَنِ جا، سَنها ڀانءِ مَ سَپَ،

جَنِين جِي جهَڙپَ، هاٿِي هَنڌائِين نَه چُري.



(2)

سَنها ڀانءِ مَ سَپَ، سُڪا جَنِين پيٽَ،

تَنِين جِيءَ جهَپيٽَ، جُنگَنِ کي جوکو ٿئي.



(3)

جن اوطاقُون آريج ۾، تَن جي وِههَ جو وَرَنُ پِيو،

پُرينَئان پَڌرو، تَن نانگن جو نِهو،

اُنِ جو ڪَنڊو ئِي ڪَمُ ڪَري، جي مَٿِسِ پيرُ پِيو،

ڪلي ويل ڪِهو، جو سامُهُون ٿِئي سَپَن کي.



(4)

وِههُ هَٿين، وِههُ پيرين، وِهه جِن جي وات،

ڪاري ڪا جا ذات، جا مورن پُڻ مٽي ڇَڏي.



(5)

ڪِنهن ڪِنهن ڪاريءَ ذات کي، مور پِه مٽائِين،

جي چَتُرا چکيا ڪري، تَه وَڳ وَرائي ڏِينِ،

ساٿ سَمُورا نِينِ، جي مَٺين ڀانئي موٽيا.



(6)

پِهرِين ڪاري نانگ جِي، ڪو ڇِرِڪيل ڇيڙ ڪري،

جي هَڻِي ڏَنگُ ڏسائِيو، ته ويجهو تان نه وَري،

جيڪي ٽپ مَري، جيڪي سِڪي صحت کي.



(7)

واتان جَنِين وِههُ وَهي، سي آيا اوڳارِينِ،

جي آرَڻَ ٻَڌي آئِيا، تان نانگ نه نِهارِينِ،

ڏَنَيَرُ تَنِ ڏاڙِهينِ، ميل جَنِين جي مَنَ ۾.



(8)

کَپَرُ گاروڙِيَنِ سين، وَڏو وِڌءُءِ ويرُ،

نانگ نَه وِيندين نِڪري، تو ڏَر مَٿي پيرُ،

هِيءُ تَنِين جو ڍيرُ، جَنِين جهُوناڳڙهه جَلائيو.



(9)

ڪارايَلَ جِي ڪوڏ، مُون ڪِينجهر سڀ نِهارِيو،

وَري واهيري نَه وَرِيا، لَلا لاکيڻِيءَ لوڏ،

هينئين جَنِ سين هوڏ، سي هَنجهَڙا سڀ هَلِي وِيا.



(10)

سو پَکِي، سو پِڃرو، سو سَرُ، سوئِي هَنجهه،

پيهِي جان پَروُڙِيو، مُون پانهِنجو مَنجههُ،

ڏِيلَ جِنهنجو ڏَنجههُ، سو ماري ٿو مَنجهه ڦِري.



وائي

ڪُوڙي راند، ڪوڙُو چَٽڪو، لِکَ سِيئَن لَلو پَتو،

لَنيو جِئَن لامين چَڙهين، ڪَرِيو ڪارايَلَ ڪَٽڪو،

ڪُوڙي راند، ڪُوڙو چَٽڪو.

ڪِ تو ڪَنين نَه سُئو، شَهبازَ جو سٽڪو،

ڪُوڙي راند، ڪُوڙو چَٽڪو.



لَنيو جِئَن لامين چَڙهين، ڪَرِيو ڪارايَلَ ڪَٽڪو،

*

سُر مارئي



داستان پهريون



(1)

’اَلسَتُ بِرِبِڪُم‘، جَڏِهن ڪَنِ پِيوم،

’قالُوابلي!‘ قَلبَ سين، تَڏهِن تَت چَيوم،

تِهين وير ڪَيوم، وَچَنُ ويڙيِچن سين.



(2)

نڪا ’ڪُن فَيَڪُون‘ هُئِي، نَڪا مُورَتَ ماهه،

نَڪا مُڌ ثَواب جِي، نَڪو غَرضُ گُناهه،

هيڪائِي هيڪُ هُئِي، وَحدانِيَتَ، واهه،

لَکِيائِين، لَطِيفُ چَئي، اُتِ ڳُجهاندَرَ ڳاهه،

اَکين ۽ اَرواح، اُها ساڃاءِ، سُپِرِين!



(3)

نَڪا ’ڪُن فَيڪون‘ هُئي، نَڪا هُنگَ نه هُون،

سَڄَڻ تنهن ساعَتَ ۾، بِيٺي ڏِٺوسُون،

مُون تَن تَڏاهَڪُون، مِلِي مُلاقات ڪِي.



(4)

نَڪا ’ڪُن فَيَڪُون‘ هُئِي، نَڪو لِڱ، لَحَمَ،

بَنِيو هو نه بُت ۾، اڃا ڪِي آدَمَ،

مون توهين سين سَڱُ، اها ساڃاءِ، سُپِرِين!



(5)

’فَيَڪُون‘ فِدا ڪَري، ڪَيائيِن سين ’ڪُن‘

تَعظِماً تَمامُ ڪَري، پوءِ پَٿَرِيائِين ڀُون،

ماروُ تِئان مون، ڀينَرَ! ڀاڱي آئِيا.



(6)

چَئِي ’ڪُن فَيَڪُون‘ جَڏهِن خلقِيا رُوحَ خُداءِ،

گَڏُ جَتَ گُذران هُئو، جَڙَ لَڳِي تنهن جاءِ،

مارُوئَڙن ساڃاءِ، سائِي آهي سومَرا.



(7)

جَڏِهن ’ڪُنُ فَيَڪُون‘، مَنُ تَڏهانڪُون مارُئين، تون ڪِئَن وِجهين تَنَ کي، سُومَرا، شَڪُون،

هَمِيرَن هَڪُون، جاڙَ جُسي کي پاتِيُون.



(8)

قِسَمتَ قَيدُ قَري، ناتَ ڪير اَچي هِنَ ڪوٽَ ۾،

آڻِي لِکِئي لوحَ جي، هَنڌُ ڏيکارِيُم هِيءُ،

پَرچي ڪِين پَهُنوار ري، جانِ جُسو ۽ جِيءُ،

راجا! راضِي ٿِيُّ، ته مارُنِ مِلي مارئِي.



(9)

قسمَتَ قَيد ڪياسِ، ناتَ ڪيرَ اَچي هِنَ ڪوٽَ ۾،

’ونَحنَ اَقرَب اِلَيہِ مِن حَبلِ الورِيدِ‘، وَطَنِ آءٌ وِيندياس.

مارنِ کي ملندِياس، ڪوٺِيُون ڇَڏي ڪَڏهِين.



(10)

’قَيدُالمَاءِ‘ ٿِيوم، هِتِ آڙانگي گهارِيان،

’هِنَاڪ جِسمِي وَالفُوادُ لَدَيڪُم‘ هِنئون هُتِ سَندوم،

قادر شال ڪَندومِ، ميڙائو سين مارُئين.



(11)

’قَيدُ المَاءِ، ڪَهَنِ جو، سو موُن پاند پيو،

’جَفُّ القَلمُ بِما هُوَڪائِن‘، وَهِي قَلَمَ وِيو،

اِي قَضا ڪُم ڪيو، جِئن ٿَرِ، مارؤ آءُ ماڙِئين.



(12)

جِهڙو ’قيدَ الماَءِ‘، تهڙو بَندُ نَه ڪو ٻِيو،

’جَفُّ القلَمُ بِماهُوَ ڪائِن‘ لَهي نَه تِر تِناءِ،

عَمَرَ! تو هَٿاءِ، اَجائِي ٿِئي آجِڙين.



(13)

ري اَعرابِيَنِ هِتِ، گَهنگَهرُ گهارَڻُ مُون ٿِيو،

’بَڪَتِ العَينانِ فِي هَوَاڪَ دُماّ‘ پُڄان ساڻُ پَرِتِ،

مَنَ، اَکيُون، تَنُ تِتِ، جِتي جَنَمُ جيڏِيين.



(14)

هِي هَنڌَ ماڙيون هاڻِ، ساڙيان سَڀِ ڏيهِيَنِ ري،

’ڪُلُّ شَيءِ يَرجِع اِليٰ اَصلِہ‘، ٿِي جِهڄان جهانگِين ڪاڻ،

ڀِري پنهنجي ڀاڻِ، پَسان مُلڪ مَلير جو!



وائي

عمَرَ! آئون وِيندَڙو پُڇان ڪوءِ،

جِتي مارؤ، تِتِي پانڌي، آلو!

مَٿي ماڙيءَ مارُئِي، رُئاري ۽ روءِ،

جِتي مارؤ، تِتي پانڌي، آلو!

پنڌ کارِيو پَهيڙا، ڪِين جو اُڀري چوءِ،

جِتي مارؤ، تِتي پانڌي، آلو!

ساريو سانڀيڙَنِ کي، روحُ مُنهِنجو روءِ،

جِتي مارؤ، تِتي پانڌي، آلو!

پانڌي پَهُنوارِنِ جو، ڪالَهه نَه آيو ڪوءِ،

جِتي مارؤ، تِتي پانڌي، آلو!

راڄُ پَرَتو رَبّ کي، سومَرا، سندوءِ،

جِتي مارؤ، تِتي پانڌي، آلو!



داستان ٻيو



(1)

نِڪو ايُر نِه ڀيرُ، نَڪو اوٺِي آئِيو،

مُون وَٽِ آيو ڪونَ ڪو، ڀائران ڀَري پير،

ڪِتابَتُون ڪير، آڻِي ڏِيندُمِ اُن جيوُن.



(2)

نَه خَبَرَ، نَه خَواب، نَڪو اوٺِي آئِيو،

هُتِي جو هِت ڪهين، ڏِنو ڪونَ جوابَ،

هَميِرَنِ حِسابُ، ڪُہ ڄاڻان ڪهڙو ٿِيو.



(3)

اوٺِي ڳوٺِي آڻِين، ڪو هُتي جو هِتِ هير،

تَه ڪِنا جي ڪوٽَنِ جا، ٿِينِ سُرَها سيرَ،

آءٌ تَه اَکِين اُگهان، جي پائُر ڏِنَئي پيرَ،

اَلله لَڳِ، لَطِيفُ چئي، لاءِ مَ تُون اَويرَ،

ڪوٽين گهاري ڪيرَ، مَحَلين مُنجهي مُون هِينئَون.



(4)

آلا! اوٺِي آڻِين، جي نِياپا نِينِ،

آئون اُنِين جِي آهِيان، توڻي مُون نَه مَڃِينِ

مَسُ مُنهِنجي هَٿَ ۾، ڪاغذ ڪي آڻِينِ،

لُڙِڪَ نه لِکَڻُ ڏِيِنِ، ڪِرِيو پُونِ قَلَم تي.



(5)

جي اَمُرُ هُڻيو اَڌَ ڪَري، سي ڪاغَذَ لِکان ڪِئن،

واڳِيُون جي وِصالَ سين، تَنِين چاڙَهي چِيئَن،

رُئان راتو ڏِينهن، جِئن اُنِ جي وائِيءَ ۾ وَرَ گهان.



(6)

تنِ وَهِيَنِ ويڙِيَچنِ کي، رُئين تَه راتو ڏيِنهن،

ڪالَهه پَهُنوارَنِ لَڏِيو، مُون کي چاڙهِي چيئَن،

آئُون جِئندي ڪِيئن، جُه اُنِ ٿَرِ وڃِي، ٿاڻا ڪِيا.



(7)

ٿَرِ ٿَرِ اَندَرِ ٿاڪَ، عُمَرَ، ماروُئَڙنِ جا،

لاٿائُون، لَطِيفُ چَئي، مَٿان لوئِيءَ لاکَ،

عُمَرَ! ڪَرِيو اَکَ، پَهرِيو ٿِي پَنَ چَران.



(8)

ٿَرِ ٿَرِ اَندَرِ ٿانءُ، وَهِينِ ويڙيَچنِ جو،

سَڀ تُنهِنجو سُومرا، ويٺا ڳَنِهنِ نانءُ،

اُتي وِيندِيَسِ آنءُ، لوئِي لَڄَ مَٿي ڪَري.



(9)

سَهسين سيبا ڪَنجُري، لوئِي لِيڙَ ٿِيامِ،

اَباڻِن جي آسَري، ڪَتِي ڪانَ ڪِيام،

جا ڍَٽِ ڍڪِيامِ، تِنهِنجو، پَرِوَرَ! پَنُ رهائِبين.



(10)

سَهسين سيا ڪَنجري، لوئيي لِيڙوُن لِيڙَ،

واسي وارَ، نَه ويڙهيان، مَرُ جَڳُون رَهنِ چِيڙ،

ماروُءَ جي مُهاڙ ريءَ، اَندرِ ناههِ اُڪِيرَ،

هِهِڙو حالُ هَميرَ، وَٺِي شالَ ويڙِهه وَچان!



(11)

سَهَسين سيباَ ڪَنجُري، لوئِي سين لِيڙُن،

هِهڙو حالُ وَ‎ٺِي ڪَري، وَڃان مَنجههِ ٿَرَنِ.

مارؤ مانَ چَوَنِ، تَه هُئِي آسانهيِن آسَري.



(12)

سِبِي سيبا ڏي، ڀوريءَ نِينهَن نه ڪُڄِيو،

کَٿِيءَ وَٽِيُون کُٿِيُون، مَتِي سِيوي سي،

مَڇُڻِ چُونِمِ ڪِي، تهَ لَڄائَيِئي ٿَرَ ڄائِيُون.



وائي

مُنهِنجو مَن، ميان! واڳِيو ويڙِيچنِ سين.

پاهِي پاکي پَٽَڙي، پِرِيَنِ ساڻُ پِيان!

واڳِيو ويڙِيچَنِ سين.

پَيرُ نَه ڇَڏيان پِرِينءَ جو، جانَ سِين ٿِي جِيان،

واڳِيو ويڙِيچنِ سين.

حَرفَ لَٿي هيڪَڙي، هِتي تان نَه هئان!

واڳِيو ويڙِيچنِ سيِن

کيرؤن کٿيرِيَنِ کي، وَڃِي ڏيہِ ڏِيان!

واڳِيو ويڙِيچَنِ سين.

آئون ڪِئن لوئِي لاهِيان، ڪارَڻِ ٻِنِ ڏِيهان؟

واڳِيو ويڙِيچنِ سين.



داستان ٽيون



(1)

پِٽولا پَهُنوارِيُون، موَرِ نِه مَٿي ڪَنِ،

جو لاکَ رَتائُون لوئِيُون، تَه سالُنئان سُونُهَنِ،

اُنّ ايلاچَنِئُون اَڳَري، بَخِمَلَ بافتَنِ،

سَکَرَ ڀائِيان، سُومَرا، کَٿِي کان کُهنبَنِ،

جا ڏِنِيمِ ڏاڏاڻَن، سا لاهِيندي لَڄَ مَران،



(2)

آرَمَ هِڏِ مَ اوڍِيان، پَٽولا، پَٽَ چِيَر،

ٻانڌوُڻا ٻَنِ ڏِيان، آرِغَچَ ۽ عفبِيرَ،

ماروُءَ سِين شَلَ ماڻِيان، کَٿِيُون جِهڙِيون کِير،

اَندَر اُڃ اُڪِير، مون کي پِرينءَ پَهنوار جي.



(3)

سونَ بَرابَرِ سَڳڙا، ماروُءَ سندا مُون،

پَٽولا پَهنوارِ کي، عُمَرَ، آڇِ مَ توُن،

وَر لوئِيءَ جِي لون، ڏاڏاڻَن ڏِنِيامِ جا.



(4)

سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، لُون، لُون بَرابَرِ لَکُّ،

رُپو جنهن رَدِ ڪِيو، ڪوڙِ تِهيِن کي ڪَکُّ،

مُون ماروُءَ جو مَکُّ، تيل نَه لائِيان تُنهِنجو.



(5)

تيلَ نَه لائِيان تُنهِنجو، مون ماروُءَ جو مَنِ،

ڪِرِيان ٻِي نِه ڪَنِ، آهَرَ اُنَهيِن آهِيان.



(6)

مون ماروُءَ سين لَڌِيون، لوئيءَ ۾ لائَون،

سونَ بَرابَر سَڳَڙا، مون کي ٻِاهُن ٻَڌائوُن،

عُمَرَ جو آئوُن، پَٽُ ڪِئن پَرَهِيان، سُومَرا!



(7)

پَٽُ نَه پَرَهِيان، سُومَرا، جانڪِيتان جِيان،

آئوُن ڪِئن لوئِي لاهِيان، ڪَارِڻِ ٻِنِ ڏِيهان،

جانسِين ٿِي جِيان، ڪَانڌُ نَه ڪَنديِسِ ڪو پِيو.



(8)

جَنِ ڪَرايَنِ ڪَچ جا، وَرُ ساهِيڙيُون سي،

اُتِ اُڪَنڍيِ آهِيان، مَنهَنَ مارُوءَ جي،

پَکَنِ سين نَه پاڙِيان، هَنڌَ هِتي جا هي،

اَهلَ اَباڻَنِ کي، مَري شالَ مَلهائِيان!



(9)

ڪَراُيُنِ ڪَچَ جا، چُوڙا ڪُوڙا جِنِّ،

سو مَرَڪُ ماروُئَڙَنِ، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿِئي.



(10)

ڪارا، ڪَرايُنِ ۾، سوُن اَسان کي سُوءَ،

وَرُ جيڏِيُنِ سين جُوعَ، فاقو فَرِحَتَ ڀائِيان!



(11)

اِيّ نَه مارُن رِيتِ، جِئن سيڻَ مَٽائِنِ سونَ تي،

اَچي عُمَرَڪوٽَ ۾، ڪَندِيَس ڪانَ ڪُرِيت،

پَکَنِ جِي پَرِيتِ، ماڙيءَ سين نَه مِٽيان.



(12)

عُمَرَ، اَڇا ڪَپِڙا، ڪاڻِيارِيُون ڪِئن ڪَنِّ،

جَنينَ جا ٿَرَنَ ۾، وَرَ ٿا ويڻَ سَهَنَّ،

هُوءِ جي حَقُ ڀَڃَنِّ، سي ڪِئن سَتِيُون، سُومَرا!



(13)

آئُون ڪِئن سوڙِيين سُمَهان، مُون وَرُ گهارِي وَلههَ،

کَٿيريءَ تان کِلَ، عُمَرَ! ڪِجِ مَ اِهڙي،



(14)

آئُون ڪِئن سوڙِيين سُمَهان، مُون وَرَ گهاري، سُڃّ،

وَرُ اَباڻَنِ سين اُڃّ، کوءِ شَربَتُ تُنهِنجو سُومَرا.



(15)

وَرُ سي وَطَنَ ڄائِيُون، صَحرا سَتُرُ جِنِّ!

گولاڙا ۽ گُگِريُون، اوڇَڻُ اَباڻَنِّ،

ويڙهيا گُهَمنِ وِليين، جهانگِي مَنجِهه جَهنگـَنِّ،

موُن کي ماروُئَڙَنِ، سُڃّ ڳَڻائِي سيڄُ ۾.



(16)

پَلِرُ پَيِڻُ، واڇَڻُ اُنّ، جَنِ جا پيرُ مَٿي پَٽَ پاڪَ

وَهَڻُ وَراڪَنِ ۾، اُنِ جي اَجوکِي اوطاق،

پاڻُ نَه پَسَنِ پاڻِ کي، ويچارا بي باڪَ،

عُمَرَ، اُوءِ نَه عاقَ، ڏُکِيا جِمّ ڏَکوئِيين.



(17)

کارا، کَٻَڙَ ڏيههَ ۾، ٻِيا واريءَ مَنجِهه وَٿاڻَ،

ساٿِينَ کي، سَيّدُ چئي، ڀَرِيو ڏِيَنِ ڀاڻَ،

عُمَرَ! اِيءَ اُماڻَ، ثابِتُ رَکِج سُومَرا.



(18)

ٿورا مَنجِهه ٿَرَنّ، مُون سين ماروُءَ جي ڪِيا،

عُمَرَ! اُنِ ڳُڻَنِّ، آئون ڪِئن لوئِي لاهِيان.



(19)

هَڏ ته پَڙان هيڪُڙي، ٿوري ٿَرَ ڄايَنِّ،

مُون کي ماروُئَڙَنِّ، ميري ڪَري نَه مَٽِيو.



(20)

ڇَڏِ سَٻَرايون سُومَرا، عُمَرَ! لَڳِ اَللهَ،

ٿِيمِ نَه ٿورا ڏِينهَڙا، ماڙِيين ڳاريمِ ماههَ

سِڪَ مُنهِنجي ساههَ ماروُءَ جِي مَسَ لَهي!



(21)

جا عَمَر! تو مُلِ عيدَ، سا اَسان سُوءَ وَرِتِي، سُومَرا!

ويِئي ويچارَنِ وِسَري، خوشِي ۽ خَرِيدَ،

سِڪَڻَ ڪِيا شَهِيدَ، ماروُ جي مَلِيرَ جا.



(22)

مَنهِنجو تُورُ تَلِنِ ۾، چِيها ٿو چاري،

ڍائِي ڍَٽَ ڌاري، آهِمِ اُٺيِ مِينهَڙي.



(23)

مَنهِنجو تُورُ تَلِنِ ۾، آئوُن هِتِ بَندِياڻِي!

مُون ڏاڏاڻِي ڏيههَ ۾ ڦَرِههُ ۽ لاڻِي،

ڪَندِيَسِ رِهاڻِي، ماروُءَ پاسِ مَلِيرَ ۾.



(24)

حَقاڻو هُتِ ٿِيو، آئوُن هِتِ بَندِياڻِي!

ساري ساڏوهِيِنِ کي، ڪوٺِين ڪُوماڻِي،

لِڱين لوهَ لَطِيفُ چَئي، ويٺِيسِ وِساڻِي،

مُنڌَ ماروُءَ جِي نَه لَهي، کَپتِ کِجاڻِي،

سَمُنَ سَچاڻي، اُتي آهِم اُنِ سين.



وائي

لوئِيءَ ۾ لائوُن، موُن ماروُءَ سين لَڌِيُون.

سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، ٻاهُنِ ٻَڌائوُن،

سو ڪِئن پَٽُ پَرَهِيان سومَرا، گهورِيو عُمَرَ جو، آئوَن،

مُون ماروُءَ سين لَڌِيُون.

کاڄُ کٿيرِنِ سَفَرو، سَڱَر ۽ سائوُن،

مُون مارُؤءَ سين لَڌِيُون،

سا ڪِئن کائي کارِڪُون، جِنهن کي ڏَؤنرا ڏيجُ ڏِنائوُن،

مُون مارؤءَ سين لَڌِيُون،

کہ، مانڌاڻُون، مَکِڻِي، قُوتُ جَنهِين جو سائوُن،

مُون مارؤءَ سين لَڌِيوُن.

عُمَرَ تي جورَ ڪَري، جيلانهَن راڄُ آڳاهُون،

مُون مارؤءَ سين لَڌِيوُن.



داستان چوٿون



(1)

مينڍا ڌوئي نَه مارَئِي، پيَسِ پَنهُوارِيون چِتِ،

راڄَ رئاڙي، هَنجُون هاري، هِيءَ هُتيجيِ هِتِ،

آهِسِ پائُرَ پارَ جو، کِجَڻُ ۽ کَپُتِ،

وِنگَسِ ويڙِيچَنِ ريِءَ، مَسَ سُڻي ڪا مَتِ،

سُومرا! سُپَتِ، ڪَرِ ته ڪوٽِنان نِڪري.



(2)

مينڍا ڌوئي نَه مارُئي ، آهِسِ مَنِ مَلِير،

ڪَڍي تَه ڪاڻِ لَهي، هِتان هِيّ هَمِير،

کائُرِ پِيَنِ کِيرُ، اَمانَتَ اُتِ وَڃي.



(3)

ميِنڍا ڌوئي نَه مارُئِي، نَه کِلي نَه کاءِ،

عُمَرَ جي اِنصافَ جا، ويٺِي واساما ڳاءِ،

هِيءَ جا ڪِيئِي هاءِ ، سا، مَهندان اِينديِئي مُنهنَ ۾.



(4)

مِينڍا ڌوي نَه مارُئِي، ٿِيس ڪُرِنُون وار،

سَتِيءَ سيئِي سارِيا، جي پائُرَ جا پَنهُوارَ،

عُمَرَ! اُنِهون ڌار، مُورَ نَه وِهي ماڙِيين.



(5)

مِينڍا ڌوئي نَه مارُئي، مَحَلين مارُنئان ڌارَ،

پايو ميٽُ مَلِيرَ ري، مُنڌَ نَه ويڙهي وارَ،

جا هُتيجَنِ هارَ، سا ڪِينَ وِهَندي ڪوٽ ۾،



(6)

مِينڍا ڌوئي نَه مارُئِي، ڪونهي اُنَ اوڄاهَ،

عُمَرَ جي اِنصافَ جو، پيُس ڪَنّ پَڙاءُ،

ويِٺِي چوء: ”اَللهُ، مُون تي مِٽَ نَه موٽِيا!“



(7)

مَحَلين ماندي مارُئِي، ڏِٺِيَمِ مُنهن مَلُورَ،

اَڻڀا سَڻڀا نَه ڪَري، سُونهن وِڃايَسِ سُورَ،

پِيس لوهَ لَطِيف چَئي، لَٿَس ڪوڏَ، ڪَپوُرَ،

چِتَ جَنين جا چُورَ، سي مَکي مَرَڪُ نَه ڪَندِيوُن.



(8)

ڪَرِيو مُهاڙِ مَليرَ ڏي، روءِ اُڀِي چوءِ:

”سهڄ سُوري ڀائِيان، سُومَرا! سَندوءِ،

”مِلڪَ ماروءِ جِي آهِيان جورِ نَه ٿِيان جوءِ،

سو قَلبَ ڪوٽِ نَه هوءِ، جو هُتيجَن هَٿِ ڪِيو“.



(9)

ڪَرِيو مُهاڙِ مَلِيرَ ڏي اُڀِيائِي آهي،

جا مَٿي ڏِنيَسِ مارُئين، سا لوئِي نَه لاهي،

سُومَرا! ساهي، مِيتيِءَ وِجُهه مَ سَنگهَرون.



(10)

ڪِيَمِ مُهاڙِ مَلِير ڏي، مَٿي ڪوٽ چَڙهِي،

نتُ نِهاري ڏيههَ ڏي، ڳوڙها پِيَمِ ڳَري،

نِڱِي ڪُوڪَ قَلب مان، مَنجهان روُحَ رَڙي،

ويڙِيَچَنِ وَري، ڪَرَ نَه لَڌي ڪَڏِهيِن!



(11)

جي ڪَرَ لَڌائون، تَه بَنديءَ بَندُ نَه سارِيو،

ماروئَڙَنِ آئوُن، جيڪُسِ وِيَس وِسَري!



(12)

بَندي ٻِيا قَرارِ، آسين لوچُون لوهَ ۾،

مَٿي تَنَ تَرارِ، سَدا سانڀئڙَنِ جِي.



(13)

نِيَرُ نَه لَهي نِينهن جو، لُههَ جا وِيا لَهِي،

ڪُنَجِيُون جي قَفلَنِ جِيُون، سيڻَن هَٿِ سَهِي،

وِئَڙا راڄَ رَهِي، ڏِيان ڏوراپا ڪَنِ کي.



(14)

نِيَرُ نَه لُهي نِينهنَ جو، لُههَ جا لَهِي وِيا،

مارُنِ ڌاران ماڙِيين، ڏُهِلا ڏيِنهَن ٿِيا،

ڏيهِي ڏُورِ وِيا، ڏِيان ڏوراپا ڪَنِ کي.



(15)

لنگُڙِياري لوڪ ۾، جَنهِين لِئي ٿِياسِ،

تنهِين تِر جيتَرو، پَلَڪُ نَه پُڇياسِ،

جَهروڪَنِ جهوريو هِينئُون، ڪوٺِيَنِ آءُ ڪُٺِياسِ،

مارُنِ موُنجَهه مُياسِ، ناتَ ماڙِيَنِ مارِيَس ڪِين ڪِي.



(16)

ماڙِين مارِيَسِ ڪَينَ ڪِي، مُيَسِ مارُنِ لاءِ،

ڪَرَ لَهندا ڪڏِهيِن، مُنهِنجي اَچِي ماءِ!

سانبِيَڙَن سَداءِ، ويٺو واجَهه وِجهي هِينئوُن.



(17)

ويٺو واجَهه وِجهِي هِيئوُن، پَرِ پَهنُوارَنِ،

اَتِ اُڪنڍي آهِيان، پائُر ۽ پِرِيَنِ،

ڪَرِيان ٻِي نَه ڪَنِ، وِيندِيَسِ وَطَنَ سامُهيِن.



(18)

وِيندِيَسِ وَطَنِ سامُهينِ، مَلِيرُ مُنهِنجو ماڳُ،

ڏُٿُ چونُڊِينديُسِ ڏيههَ ۾، ساڻُ سَرَتِينِ ساڳُ،

تَه مُون سئُون سَڀاڳُ، جي ويجهي ٿِيان وَرَ کي.



(19)

جي ويجهِي ٿيان وَرَ کي، تَه سَڀاڳومِ سَنئوُن،

نتُ نِتُ آههِ نَئوُن، مون کي وِرهه ويڙيِچَنِ جوء.



(20)

آئوُن ڪِئن ڇَڏيان، سُومَرا، تَنِ پَهُنوارَنِ پَچارَ،

جَڙَ جنيِن جِي جانِ ۾، لَڳِي ريءَ لُهارَ،

ميخُون مَحَبّتَ سَندِيُون، هيِنئنڙي مَنجههِ هَزارَ،

بکا ۽ پَهُنوارَ، ڏِٺي مُون ڏِينهنَ ٿيا.



وائي

مُون مَ کَسيجاههُ، مُون مَ کَڻيجاههُ لوئِي، مِيان عُمَرَ!

ساڻُ پُلاههَ نَه پاڙِيان، سَندي ڏَؤنرَنِ ڏوئِي،

مِيان عُمَرَ! مون مَ کَسيجاههُ.

ڪانڌُ نَه ڪَندِيَسِ ڪو ٻِيو، مُون وَرُ مارؤ سوئِي،

مِيان عُمَرَ! مُون مَ کَسيجاههُ.

کوءِ سي طعامَ تَبُّنِ جا، وَرُ سا ڏُونرَنِ ڏوئِي،

مِيان عُمَرَ! مُون مَ کَسيجاههُ.

جهانگِي جو جَهنگـَنِ جو، سيڻُ ڪَمِيڻِيءَ سوئِي،

مِيان عُمَرَ! مُون مَ کَسيجاههُ.



داستان پنجون



(1)

سُونهنَ وِڃايَمِ، سُومَرا! مارؤ مَسَ مَڃِينِ،

ڏُونگها ڏاڏي پوٽِيين، ڪَنِ ڏِنا، ڪِي ڏِينِ،

جِي مان لوههَ لاهِينِ، تَه ڪوٽَنِ ۾ ڪِينَ هُئان.



(2)

سُونهنَ وِڃايَمِ سُومَرا! ميرو مُنهُن ٿِيومِ،

وَڃَڻُ تِتِ پِيومِ، جِتِ هَلَڻُ ناهِ حُسنَ ري.



(3)

سُونهنَ وِڃايَم سُومَرا! سکر جِهَڙي سُونهن،

دِلِ ۾ دُکِي دُونهن، مُهِنجو مُنهُن ميرو ٿِيو.



(4)

سُونهنَ وِڃايَمِ سُومَرا، هِتي اَچِي هاڻِ،

ڪِئن لَهَندِيَمِ ڪاڻِ، حُسنُ مُون هِتِ وِيو!



(5)

سُونهنَ وِڃايَمِ، سُومَرا! ڪيڏانهن وِيُمِ ڪَمالُ!

وڃان ڪِئن وَطَنَ ڏي، هِهَڙو وَٺِي حالُ،

جي مُون ڏِينِ جَمالُ، تَه پَسان مُنهن پَهُنوارَ جو.



(6)

سُونهنَ وِڃايَمِ سُومَرا! وَطَنِ وَڃان ڪِيئَن،

حُسَنِ ڌاران هِيئن، پَسان ڪِئن پَهُنوارَ کي.



(7)

سُونهنَ وِڃايَمِ سُومَرا! پَسان ڪِئن پَهنُوارَ،

ڌَڻِي جا ڌَراڙَ، تِنهن رُوءِ ريءَ رُچَڻُ ناههِ ڪو.



(8)

سُونهنَ وِڃايَمِ سومَرا! عُمَرَ ٿِيَسِ آسِيرَ،

ماروُ مَنجههِ مَلِيرَ، مُون سين هِتِ هِئن ٿِيو!



(9)

سُونهنَ وِڃايَمِ سُومَرا! ٿِيندِيَسِ ڪِئن قَبُولُ،

ڪونهي سُهڳُ، نَه سوُلُ، پوُچي مُنهن پَهُنوارَ سين!



(10)

تَنِ! مُنهَن موچارا مارُئين، مَلِيرَ جَنِهين ماڳُ،

ناقِصَ نَوازي گهَڻا، سَندو تَنِ سَڀاڳَ،

اَڱَڻِ مُون اَڀاڳُ، حُسنُ مُو هِتِ وِيو!



(11)

ڪونهي قادِرُ ڪو ٻِيو، اُنِهِين جو اَڀاڳُ،

”قُل لُن يُّصِيبَناَ اِلّا مَا کَتَبَ اللهُ لَنا“، اِيءُ مَعذِرَتَ ماڳُ،

سَڀوئِي سَڀاڳُ، مارُئِيءَ مساوي ٿِيو.



وائي

مَنجههِ رَهِي مَلِيرَ، هاري، مُون ڪُوه ڪِيو؟

مُون هَٿان، مُنهِنجا ڌَڻِي، سَهَسين ٿِيا صَغِيرَ،

هاري، مُون ڪوهُ ڪِيو؟

پَکِي مَنجههِ پَنهُوارَ جي، ڪوڙِيين ڪِيَمِ ڪَبِيرَ،

هاري، مُون ڪوهُ ڪِيو؟

تُون ڏِيين، تُون ڌَڻِي، دِلاسو دِلگِيرَ،

هاري، مُون ڪوهُ ڪِيو؟

ٻَڙو لاههِ مَ ٻاجَهه جو، مُون تان، مُنهنجا پيرَ؟

هاري، مُون ڪوهُ ڪِيو؟

ٿڌِيُون وَلِيُون ٿَرَنِ ۾، ڪوڙين ڪِرڙِ ڪَرِيرَ،

هاري، مُون ڪوهُ ڪِيو؟



داستان ڇهون



(1)

جِهَڙي آيُسِ جِئَن، جي تِهَڙي وَڃان تَنِ ڏي،

تَه لالائيءَ جا، لَطِيفُ چَئي، ڪَرَ مُندُن اُٺا مِينهن،

ٿَيسِ ڪاڻِياري ڪانڌُ جِي، هِتي اَچِي هِيئَن،

ڪَنڌُ کَڻَندِيَسِ ڪِئن، مَنَهِن ماروُئڙَنِ جي.



(2)

جِهَڙي آيَسِ جِئن، جي تِهَڙي مِلان تَنِ کي،

’ڦِران، ڦَرَ چارِيان‘، هِينئُون چَئيمِ هِئن،

وَڃان ڪِئن وَطَن ڏي، ڪاڻِ لَهَندِيَمِ ڪِئن،

مُندائتِي مِينهن، سُونهان سَرَتِينِ وِچَ ۾!



(3)

هيڪُ جِئن نَه ڄاياسِ، ٻِيو ڄاپَندي جي مَران،

گهَنگهَرُ گهَڻُون ٿِياسِ، ڄاپي، مارُوئَڙِن کي.



(4)

هِيءُ مُنهُن ڏِيئِي ٻَنِ، تُون وِهُ کائِي نَه مَرِين،

تان جِي مَلِيرَ ڄائِيُون، توسين سَنڱَ نَه ڪَنِ،

تُون ڪِئن مَنجهان تَنِ، پاڻُ ڪوٺايين، مارُئي!



(5)

عُمَرَ! ٻَنِ جِيو، کوءِ مُنهِنجو، سُومَرا!

جا پَرِ نَه پَهُنوارَنِ جِي، مُون سين تيئن ٿِيو!

وَٺِي مُنهن ڪِهو، وَڃان وَطَن سامُهِين.



(6)

مَ سَپَني مارُئِي، مُئي، مَ ڄائِي،

جِنهن اَچِي عُمَرَڪوٽَ ۾، لوئِي لَڄائِي،

جا سانگِينِ سيڏائِي، سا ڪِينَ مَرَڪي ماڙِيين.



(7)

باالله آهِيان بَندَ ۾، ڌُئان ٿِي ڌَٻَرُ،

ويڻَ وَراڻِي ناهِ ڪا، سُومَرو سَٻَرُ،

مِيان مِهرِبان ڪُريِين، اِلاهِي عُمَرُ،

ويڙ پَسان سو وَرُ، جيڏانهنن عالَمَ آسَرو!



(8)

اَلا! اِيئن مَ هوءِ، جِئن آن مَران بَندَ ۾،

جُسو زَنجِيرِنَ ۾، راتو ڏِيهان روءِ،

پِهرِين وَڃان لوءِ، پوءِ مَرُ پُڄَنِمِ ڏِينهَڙا!



(9)

آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪِ آئُون پِييسِ بَندِ،

مُونهِين لَڳو مِيهڻُون، ڪِ مُونهِين ڪَڙو ڪَنڌِ،

مَران جي هِنَ هَنڌِ، تَه نِجاهُ مَنٿُ مَلِيرَ ڏي.



(10)

واجهائي وطَنَ کي، ساري ڏِيان ساههُ،

بُتُ مُنِهنجو بَندَ ۾، قَيدِ مَ ڪَريجاههُ،

پَرَڏيهياڻِي پِرِينءَ ري، ڌارَ مَ ڌَرِيجاههُ،

ٿڌي وسائج ٿر جي، مِٽِي مُئيءَ مَٿاههُ،

جي پويُون ٿِئي پَساههُ، تَه نِجان مَڙههُ مَلِيرَ ڏي.



(11)

واجهائِي وَطَنَ کي، ساري ساههُ ڏِيان،

هيءُ سِرَ ساڙيہَ سامُهُون، مُنهِنجو نِجِ! مِيان!

مُقامِياڻِي مارُئين، وَڃي ٿَرِ ٿِيان!

مُيائِي جِيان، جي وَڃي مَڙههُ مَلِيرَ ڏي.



(12)

واجهائي وَطَنَ کي، آئُون جي هِتِ مُياسِ،

گور مُنهنجِي سُومَرا، ڪيجِ پَنهوارَنِ پاسِ،

ڏِجِ ڏاڏاڻِين ڏيہَ جي، مَنجهان وَلَڙِن واسِ،

مُيائِي جِياسِ، جي وَڃي مَڙههُ مَلِيرَ ڏي.



(13)

ڳِچِيءَ ڳانا لوهَ جا، زِيرِيُون ۽ زنجِيرَ،

پَيڪَڙا پيرَنِ ۾، ڪوٺِيَنِ اَندَرِ ڪِيرَ،

چاري چوگانَنِ ۾، واهِيَتَ ڪَنِ وَزِيرَ،

ڇَن نَه ڇَڄي آهِيان، اِهَڙيءَ سِٽَ سَرِيرَ،

مارُو ڄامَ مَلِيرَ، پُڇِجِ ڪِي پَهُنوارَ کي.



(14)

ڇَنِ نَه ڇڄي هيٺِ، ڪُڇَن آهِيان ڪوٽَ ۾،

لوئِيءَ سين، لَطِيفُ چَئي، ڀِيڙِيو ٻَڌان بيٺ،

سَرَهِيُون سي سَرَتِيُون، وَطَنِ جَنِين ويٺِ،

اُتي سَپَڄِي اُنَ سَسَنِ جِي، هِتِ رَڇائِين ريٺِ،

ماڻِيان شالَ مَلِيرَ ۾، مُدائتِي ميٺِ،

ڏيهيا! ڪِجا ڏيٺِ، ڪا مَدَتَ مُون سين ماڙِيين!



(15)

ڇَنِ نَه ڇَڄِي آهِيان، ڪُڇَن ۾ ڪوٽَنِّ،

اِيندي پِيَمِ اُبتَا، پيڪَڙا پيرَنِّ،

هَٿوڙِيُون هَٿَنِّ، ڄَنگهُون ٻانهُون ڪاٺَ ۾.



(16)

هَٿين هَٿَڪَڙولَ، هِينئڙي پِئڙُمِ هُنِ جا،

سانگِي سارِيمِ، سُومَرا، ڍاٽِي پاسي ڍولَ،

ٻاٻاڻَنِ سين ٻولَ، ڪِيَمِ نَه ڪوٽَ وِهَڻَ جا.



(17)

زيرِيين ٻيڙِيين لوههُ ۾، ڳَٽَنِ ڪِيَسِ ڳاههُ،

سَونڪي سَندي سُومَري، هَڏِ نَه چاڙِهُمِ ماههُ،

سَرَتِيُون! دُعا ڪِجاههُ، تَه ڀَرَمُ ڀاروڙيءَ رَهي.



(18)

ڀَرَمُ ڀاروڙيءَ رَهي، جِنهن آڇِي اُن!

تَه ٻُڻِ ويٺِي وِنڌِيان، توڙي پُونِسِ تُنَ،

غافِلِ رَکُ غَرِيبِ کي، عُمَرَ! مَنجههِ اَمُنَ،

سَرَتِينِ ساڻِ سَمُن، آهِمِ اُٺِي مِينهَڙين.



(19)

آهِمِ اُٺي مِينهَڙين، سَمُنّ سَرَتِينِ ساڻِ،

ڪِنهن پَرِ لاهِيان ڪاڻِ، وَڃِي ويڙِيچَنِ سين!



وائي

عُمَرَ! آئُون مَري تانِ نَه ڇَڏِيندي، لو!

مِٽِي مارُوئَڙَنِ جِي.

مِينهين اُٺي مارُئين، لالَنَ ساڻُ لَڏِيندي،

مِٽِي مارُوئَڙَنِ جِي.

سِري مُنهِنجِي سُومَرا، ٿَرَنِ ڪِينَ ٿَڪِيندي،

مِٽِي مارُوئَڙَنِ جِي.

هميراڻان هَٿَڙا، مِهري ڪِينَ مَڃِيندي،

مِٽِي مارُوئَڙَنِ جِي.



داستان ستون



(1)

پَهنوارن پاٻوهِيو، وَرِيا واهُوندا،

سارِيمِ سيڻَ، سَيّدُ چَئي، گاڏِيليُون گُوندا،

ڀِٽَن ڀَرِ هُوندا، ڀُونگا ڀَڙَ ڀَتارُ جا.



(2)

پهنوارن پاٻوهِيو، ڪي وَسَ واهُوندَنِ،

لَٿو سِيَّ، لَطِيفُ چَئي، ٻَڌو ٿَڻُ ڦَرَنِ،

اُوءِ ٿا ڪورِنِ ڪُنئري، سَرَتِيُون، مَٿان سَسَنِ،

عُمَرَ، اُنّ آگُوندَري، پاسي ڪانڌَ ڪَتنِ،

پائُرِ ڏِنِيُون پُٺِيُون، ننڍَن نوراپَنِ،

کائِرُ کَٿِيُون خاصِيُون، اُوچِيُون اُتِ اُڄَنِ،

ڪَڍِيو پيڻُ ڪَهَنِ: ”مَلِيرَ گهُرِجي مارُئِي!“



(3)

پَهنوارِن پاٻوهِيو، ڪِي واهُوندَنِ وَسّ،

عُمَرَ! اُنَهِين ڏِيہَ جا، ڏوٿِينِ ڏِنَمِ ڏَسّ،

وَلِيُون وَڻَ ڦُلارِيا، لُلَرَ نِڱِيو لَسّ،

آڻِيو وِجهن آهُرين، سَندا ٽُوهَنِ طَسّ،

ميوا مَڃُرَ، ماکِيُون، سَڀُڪا چَکَنِ چَسّ،

ماڙيءَ وِهي مَسّ، مَلِيرِ ويندي مارُئِي.



(4)

آڻِينِ ۽ چاڙِهِينِ، ڏُٿُ ڏِيهاڻِي، سُومَرا!

سَٿا ڪِيو، سُومَرا! سائُون سُڪائِينِ،

مَنجهان لَنبُ، لَطِيفُ چَئي، چانئَرَ ڪِيو چاڙهِينِ،

پُلاءُ نَه پاڙِينِ، عُمَرَ، آراڙي سين.



(5)

تَنِ وَهِيَنِ ويڙِيچَنِ ۾، سَدائِين سُڪارَ،

چُونڊيو، آڻِيو چاڙِهِيُون، سَندي ڏئونرَنِ ڏارُ،

جَنِ جو ويڙنِ سين واپارُ، سي ڏوٿِي هُونِ نَه ڏُٻرا.



(6)

ٿوري قُوتِ قَرارِيا، رَهَنِ سَٻَرَ سَتِ،

کَٿِيءَ ۾ کِہَ ڀَڪُلِيا، ڀُوڻَنِ اِهَڙي ڀَتِ،

پَنهوارڪِي پَتِ، پيهِي پُڇ مَلِيرَ ۾.



(7)

نڪا جهَلَ نَه پَلُ، نَڪو رائُرُ ڏيههَ ۾،

آڻِيو وِجهَنِ آهُرين، روڙِيو رَتا گلُّ،

مارؤ پاڻَ اَمُلُّ، مَلِيروُنِ مَرَڪُڻون.



(8)

مَٿن ٽُٻڪَ ٽُٻَڪڙا، چِڪَندَڙا اَچَنِ،

کُڙِيُون کيههُ ڀَڪُلِيُون، پَگهَرُ سِر پيرنِ،

اِي وَڙ ويڙيچَنِ، مُون لوڏان ٿِي لَکِيا.



(9)

تَنِ ساڏوهِيَنِ سَڏَ مَران، ڏِنگَا جَنِين ڏارَ،

ڀُڻي ساڻُ ڀَتارُ، پائُرِ پيروُن چُونڊِيان.



(10)

پاڻهئين پَچي پِيئيُون، ريءَ واهِيتَ، ريءَ واڙِ،

جُوءِ ڪُشادي جِيڏِيين، مَلِيرَ موڪَ مُهاڙِ،

اُت اَباڻان جِنهن جا، سا ماڙيءَ مُورِ مَ چاڙِه،

جي اُڪنڍِيُون آراڙِ، لوههَ تَنِين کي لاهِيين.



(11)

دَرَ، دَروازا، دَرِيُون، هاڻي هِتي هو،

ڪوڙِيين اَڏِيان ڪيتَرا، تَنبُو مَٿاءُ تو،

جي مُولِ نَه آيا، مارُئِي، تَنِين رَڙُ مَ رو،

ڪُوڪَٽُ آهي ڪو، پَسيءَ پَهنوارَنِ ۾.



(12)

سَنِهِيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون ماروُءَ سين ساههُ،

ويٺي سارِيان سُومَرا، گولاڙا ۽ گاههُ،

هِينئُون مُنهِنجو هُتِ ٿِيو، هِتِ مِٽِي ۽ ماههُ،

پَکَنِ مَنجههِ پَساههُ، قالِبُ آهي ڪوٽَ ۾.



(13)

سَنهِيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون ماروءَ سين مَنُّ،

هَڻِي کَڻَ حِلَمِ جا، تَههِ وِڌائِين تَنُ،

ڪِئن ٽوپايان ڪَنُّ، اَباڻِيءَ اِبرَ ري.



(14)

پاڇاهِي نَه پاڙِيان، سَرَتِيُون! سُئِيءَ ساڻُ،

ڍَڪي اُگهاڙَنِ کي، ڪِينَ ڍَڪِيائِين پاڻَ،

ٻِيهَرَ ڄاپِي ڄاڻُ، اِبرَ جي اوصافَ کي.



وائي

رئوندي راتِ وِهاءَ، موُن کي رويو راتِ وِهاءِ،

عُمَرَ! مِيان سُومَرا!

آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪِ ڪِي بَندِ پِيا،

عُمَرَ! مِيان سُومَرا!

مُون کي ڏيهان نِڪريي، ٻه ٽي ٿوڪ ٿِيا،

عُمَرَ! مِيان سُومَرا!

هڪُ عَمَرَ مَنڊِيا مامِرا، ٻِيو مارُو ٿَرِ ٿِيا،

عُمَرَ! مِيان سُومَرا!

عُمَرَ، بَندِياڻِينِ سين، جورو تو نَه جُڳاءِ،

عُمَرَ! مِيان سُومَرا!



داستان اٺون



(1)

چَرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِسارِيان ڪِينَ وَري،

ڪَنا عَهَدَ ’اَلستَ‘ جي، ڪِ تِهائِين پَري،

’لَم يَلِد وَلَم يُولد‘، مارُئِي ڪوهُ ڪَري،

اَڄُ ڪِ ڪالَهه مَري، ساري سانبِيڙَنِ کي!



(2)

چَرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِساريان ڪِينَ وَري!

جَنِ ٿي پَهِي پِيارِيا، مَنجهان سِڪَ سَري،

وَهِپَنِ ويڙِيچَنِ جي، سِٽائُنِ سَري،

ٿُرَنِ ٿوڪَ ڌَري، اُٺي وِئَڙا اُڪَري.



(3)

چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِسارِيان ڪِينَ وَرَنُ!

’لَيسَ ڪَمثِلہ شَيءٌ‘ پَسَڻُ ناهِ پِرِيَنِّ،

پَکا پَهنُوارَنِ، نيئِي اَڏِيا ناههِ ۾.



(4)

چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، گهارِنِ مَٿي گهَٽ،

کِہَ مانڌاڻُون، مَکَڻِي، ڍوئِنِ پاسي ڍَٽ،

پَنهُوارَڪي پَکَڙين، وَڃِي ڪَرِيان وَنِّ!

ساڙِيہَ سامُهِين سَٽَ، ڪَندِيَسِ، ڀَڃِي ڪَڙَنِ کي.



(5)

چُرَن، چُڻِڪَنِ چِتِ ۾، هُرَنِ مَنجهه هِينئين،

لُطَفُ ٿِيو، لَطِيفُ چَئي، مِهَر ڪِي مِينئين،

ڏُکيءَ کي ڏِيئين، سَرَهايُون ساڙِيہَ جِيُون!



(6)

چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، سَدا مَنجههِ سَرِيرَ،

لَڏي ڪِنهن لوءِ وِئا، ماروُ مَنجههِ مَلِيرَ،

ويٺِي پُوڄِيان پِيرَ، مان مِلنِمِ ڪَڏِهين!



(7)

چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، رَهِيا اَندَرِ رُوحَ،

اُٺي وِئَڙا اُڪَري، مارُو مَٿي مُوههَ،

ويرُون وِلوڙَڻَ جِيُون، سارِيان گهَڻُون صُبوُحَ،

وَرُ سي کارا کُوههُ، سِنجِئمِ جي ساڙِيههَ جا!



(8)

وَرُ اُهائِي وِيرَ، جِئن ڌَڻُ تَسِي تَڙِ آئِيو!

سَرَتِينِ ڏُٿُ سَبِيلَ ڪِيو، اَڱَڻِ ڍوئي ڍيرَ،

هينُئُون اُنِ جي هيرَ، ٿو جِهي جهَروڪَنِ ۾!



(9)

پير کَنيائُون پَرَ ۾، پِيارِينِ پَهُون،

سنجَنِ ساٺِيڪَنِ تي، وَڏيءَ ويرَ وَهُون،

پايو جَرُ جَنڊِنِ ۾، ڪوڏان ڪَنِّ ڪِهُون،

ڏينهان ڏِينهَن نَئُون، مُون کي وِرِههُ ويڙيچَنِ جو.



(10)

آڌيءَ اُٿن تي، جيلانهن پاڻِي پاتارَ ۾،

وارو ويسَرِيَنِ کي، ڏِينهان ڪونَه ڏِئي،

مُون ڪَمِيڻِيءَ کي، مَٿان کُوههَ کَڻِي وِيا!



(11)

سَرَتِينِ سَنجَڻُ ڇَڏِيو، سَتِينِ ڳالههِ سُئِي،

ماريچِي ماڙِيَنِ ۾، ڪَڏِهن ڪانُ هُئِي،

عُمَرَ آن نَه مُئِي، اِنَ اوڀالِئان اَڳَهِين!



(12)

ڀِنِيءَ جي ڀوَڻَنِ، ڀيڄَ ڀُڻڪو نَه سُڻان،

سِنجَڻَ وارِيُون سُتِيُون، وَڃِي ويڙهه وَرَنِ،

پِيا سيٽَ سَڙَنِ، تَرَهِي ٻِنهِين ڪَنڌِيين.



(13)

سَڀَ نَه وَڃِي مُتِيُون، اَڃان ڪي سِنجَنِ،

پِيو، سي پَهَرَنِ، جي اُڃائجِي آئِيُون.



(14)

ٻُري نَه ٻَڪَرَ دانُنهن، ڀُوڻَ ڀُڻِڪو نَه سُڻان،

مِيان ماروُئَڙَنِ جا، اُوڻا ڏِسان آنهن،

جَنِ ساٺيڪا سَنجِئا، سي ڌَڻِي! ڪِئڙءِ ڪانهن؟

پَکا کَڻِي پَرانهن، جِيڪُسِ لَڏِيو لوئِڙِيارِيين.



(15)

سِنجِي سِنجِي کُوهَڙا، ويڙهي وِيا وَرَتَ،

مِيان، ماروئڙَنِ جِي، مُون کي هِينئڙي ۾ حيَرَتَ،

چُڻڪَنِ اَندَرِ چِتِ، سانِبَيڙا ساڏُوهِيُون.



(16)

کُوهرَ، ٿُوهَرَ، ٿَرَ، جِتَ ساٺِيڪا ۽ سَٽِيُون،

چارِنِ اُتِ چاههَ منجهان، پاسي ڦوڳَنِ ڦَرَ،

ڪِئن لَهَندَمِ ڪَرَ، جئن مارو پاڻَ اَپارِيا.



(17)

عُمَرَ! ٿِيَمِ اَپارَ، وِرِههُ وَٽِيان ڪَنِ سين،

ڏوٿِيڙا ڏوري ٿِيا، تَڳان جَنِ تَنوارَ،

سِٽائُون سَنگهارَ، کُوهَنِ تان کَڻِي وِيا.



(18)

مُون ماڙيءَ جو، سُومَرا! ٻِنهِين پارين ڏُکُ!

هِتِ عُمرَ جو آهُکُ، هُتِ مارو ڏِينِم مِنهڻان!



وائي

پَرَچَنِ شالَ پَنهوارُ، ڍولا، مارُو مُون سان، لا!

مُون مُورائِين مَدِيُون، آهِنِ سيڻَ سَتارَ،

ڍولا، مارُو مُون سان، لا!

عَيبَنِ ڀَري آهِيان، سَتَرُ ڪِجِ، سَتارَ!

ڍولا، مارُو مُون سان، لا!

اُٺا مِينهن مَلِيرَ ۾، تَڙِ تَڙِ پوءِ تَنوارَ،

ڍولا، مارُو مُون سان، لا!

پائي آيَسِ پاندَ ۾، اَوڳُڻَ عَيبَ اَپارَ،

ڍولا، مارُو مُون سان، لا!



داستان نائون



(1)

جهُڙِ ڦُڙِ جِتِ ٿِيانِ، اُتِ اَڏِيائُون پَکَڙا،

هِنُ مُنهِنجي حالَ جو، قَدُرَ نَه ڪيڻانِ،

جِيڪُسِ آن وِسَرِيان، مارُو قُوتَ قَرارِيا.



(2)

جهُڙِ ڦُڙِ مَٿي مارُئين، جِتِ جيها، چِلُڙَ چِڪُ،

اَندَرُ ٿو اُڃَ مَري، ساهُ اُنِين جي سِڪَ،

پَيهُون شالَ پَهِيُون ڀَري، تِئان ڏِيئِي تِڪَيا،

وَرَ پِرِيان سين پِڪَ، ٻِيا ڀاڻَ ڀَرِيائِي گهورِيان!



(3)

ڍَٽِين پَٽِين ڍيَو، مَهِينَ مارُوئَڙَنِ جا،

پائُرُ سَڀ پچِي پِيو، گهَرِ گهارِيندي ڪيرَ،

ڪوٺِيين لَڳَنِ ڪير، مَحَلِين مُنجهي مُون هِينئُون.



(4)

هِنَ مُندَ ماروُ سَنَرا، ويڙِيين وَڳُ وارِين،

ڇُڇِيا ڇِيڪارِيو ڇيلَڙا، پَٽين پَهرائِينِ،

نيڻَ مُنهِنجا اُنِ کي،. جهَجهو جَرُ هارِين،

تاڙا تَنوارِينِ، مِنهن وَسنَدا، موٽَ تُون.



(5)

هِنَ مُندَ ماروُ سَنَرا، کائُرَ ۾ خوشِحالَ،

سائُون، سِيارِڇُ، مَکَڻِي، جيڏِيُون آڻِنِ جالَ،

سُتِيءَ جِي سَيّدُ چَئي، ڪا ماڙِيہَ مَنجههِ سَنڀالَ،

لِڱَنِ تانَ، لَطِيفُ چَئي، لوئِي لاههِ مَ، لال!

ڀَلو ڪَندو ڀالَ، مِينهن وَسنَدا، موٽُ تُون.



(6)

هِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، ڍَنگَرَ ڍارَ رَهَنِ،

پاڻِي پُوڄَ پَٽنِ ۾، پَکِي پاندِ پِيَنِ،

هِنَ کي لوههُ، لَطِيفُ چَئي، هُوءِ کائُرَ مَنجههِ کِلَنِّ،

کاٽوُنبا کاڄَنِّ، مينهن وَسَندا، موٽُ تُون.



(7)

هِنَ مُندَ ماروُ سَنَرا، ساڙِيههَ مَنجههِ سُڌِيرَ،

هِنَ کي لوههُ، لَطِيفُ چَئي، ڪوٺِيَنِ اَندَرِ ڪِيرَ،

مِها مَنجهه مَلِيرَ، مِينهن وَسَندا، موٽُ تُون.



(8)

هِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، جِيائي جالِينِ،

چارِيو لَنبَ، لَطِيفُ چَئي، واڳِيين وِهارِينِ،

ڪيٽائي ڪاهِينِ، مِينهن وَسَندا، موٽُ تُون.



(9)

کاروڙِئان کَڻِي، ويڙِيجهَپِ وِيا،

سيڻَ مُنهِنجا، سَيّدُ چَئي، هاڻِي هِتِ هُئا،

پَسي پَڊُ اُنهِين جا، لَڙي لُڙڪَ پِيا،

ڏيهي ڏوُرِ وِيا، ڏِيان ڏوراپو ڪَنِ کي!



(10)

سَدا جَنِ پَرِياڻُ، پانڌي پَکِي لَڏَ سين،

مارُو ڳُڻَنِ ساڻُ، وِئَڙا ٿَرِ اُڪَري!



(11)

مَٿي ٿَرَ رَهي، وِيا گُذاري ڏِينهَڙا،

ڪَڏِهن ڪونَ آئِيو، تَنِ پَهُنوارِنَ پَهي،

وِئَڙا سي وَهِي، جَنَبُ گُذارِيُمِ جَنِ سين!


(12)

پاسا پولَڙِيَنِ ۾، ٻانهُون سِرِ ٻِيئِي،

اَکِيُون، نَڪّ آريجِ ري، ٽِمايَمِ ٽِيئي،

ڏُورِ ٿِيا ڏيهِي، پِرِين پائُرَ وَٽِ ۾!



(13)

ٿا جا ٿَرَ بَرَ جهلُ، پِيُون پائُرَ وَٽِ ۾،

سيئِي سارِيو، سُومَرا، اَچي آبُ اُڇلّ،

سانبِيَن ڏِنَمِ سَلُّ، ڏِٺي جَنِ ڏِينهَن ٿِيا!



(14)

جُهران، جِجهان تي، جِئن پَسَڻان پَري ٿِيا،

اَلا! اوٺِي آڻِيين، جوکِيئَن جي خَبَرَ ڏي!

مَنَ مُنهِنجي کي، واڪو لَهي ويڙِهه جو!



وائي

ويڙِيچَنِ ڏي وِيندي، عُمَرَ! آئُون مارُوئَڙَنِ ڏي وِيندي،

ڏيههُ ڏاڏاڻِين پَکَڙِين.

سَڱَرَ ساهيڙِيَنِي سين، ساڙِيههَ مَنجهه سَٽيندي،

يههُ ڏاڏاڻِين پَکَڙِين.

اُٺا مِينهن مَلِيرَ ۾، ڌاڳا ڌَٻَرَ ڌوُندي،

ڏيههُ ڏاڏاڻِين پَکَڙِين.

عُمَرَ! اُنَهِين ڏيههَ جا، ڪوڏَر قُوتُ ڪَرِيندي،

ڏيههُ ڏاڏاڻِين پَکَڙِين.

گولوُن گولاڙَنِ جِيُون، جَهپي ساڻُ جهَٽِيندي،

ڏيههُ ڏاڏاڻِين پَکَڙِين.

ڪوڪَڙِ ڪَنڊيرنِ ۾، ڦُوڪِيو ڦُڪَ ڀَرِيندي،

ڏيههُ ڏاڏاڻِين پَکَڙِين.

عِيدُنِ برادُن تِي، کِہَ مانڌاڻُون کِيندي،

ڏيههُ ڏاڏاڻِين پَکَڙِين.

پُسِي کائِي پيٽَ ۾، ڏُؤنرا ڏَنُ ڏِيندي،

ڏيههُ ڏاڏاڻِين پَکَڙِين.



داستان ڏهون



(1)

اُٺِي ٿِي وَراڻِ، کِينئن واڌايُون آئِيُون،

لَٿِي لوئِڙِيارِيين، مِڙُنِي مُنهَن ڪاڻِ،

صُلح وارِيو سُومَري، چَئِي پَهُنوارَنِ پاڻِ،

هَمِيرَ نِئُون هاڻِ، مَهتُ لَهَندِيئَن، مارُئِي!



(2)

ڌُرِيائِين ڌارَ، جي وَڍي وَڻَ جُدا ڪِيا،

تَنِ سُڪَنِ ڪَهِڙي سارَ، تَه ڪِ اُٺا مِينهنَ مَلِيرَ ۾؟



(3)

آيو ڪيرَ ڏيهاءِ، جِنهن ڪَرَ پُڇان خَبَروُن؟

وِڄُون اِنَ وَڻاءِ، راتِ ماروُءَ تي وَٺِيُون.



(4)

اُتان اوٺِي آئِيو، خَبَرَ اِي کَري،

وِسارِيجَ مَ وَرَ کِي، پَئِجِ مَ، مُنڌَ! مَري،

وِيندِئَن اُتِ وَري، ڪو ڏِينهَن آهِيين ڪوٽَ ۾.



(5)

اَڄ اَڍنگا ويڻَ، مُون کي مُڪا جيڏِيين،

”هاري، هَمِيرَنِ جا، جِڪُس کاڌَئي کيڻَ،

”سانبِيَڙا ۽ سيڻَ، ڪِ تو وِيا وِسَري.“



(6)

ڪو ڏِينهُن آهِيين ڪوٽَ ۾، لوئِي هَڏِ مَ لاههِ،

ڪامَڻِ، آهِنجِي ڪُرَ جي، آڏوَڏائِي آههِ،

هِتِ مَ پاڙِجِ هَيڪَڙو، پائُرِ جي پَساههِ،

سُتي! سِيلُ نِباههِ، مَلِيرَ وِيندِئَن، مارُئِي!



(7)

سي ساهيڙِيُون سارِينِ تو، سِيلُ جَنِين جو سَچُّ،

مارُوءَ ريءَ مَ مَچُّ، سِيهو ڀانئِجِ سونَ کي.



(8)

ساهيڙِيُون سارِينِ تو، سَچُ جَنِين جو سِيلُ،

نَڪو قالُ نَه قِيلُ، اُنِين جي اَدَبُ ۾.



(9)

جو ڏيههَ ڏاڏاڻِئان آئِيو، پيرين تِنهن پُئان،

سانگائتوءَ سَيّدُ چَئي، سَندِيُون چِتَ چُئان،

هِتي تان نَه هُئان، حَرفَ لَٿي هيڪڙي!



(10)

جو ڏيههَ ڏاڏاڻِئان آئِيو، ڏِنُمِ تنهن طَعنو،

”پائي ويههُ مَ پَلنگين، ڳِچِيءُ سِرِ ڳانو،

”مَٿان لَڪَ، لَطِيفُ چَئي، کاءُ مَ خَزانو،

”سَرَتِينِ سِيلُ چَوائِيو، جورِ هَڻِي جانو،

”ٿِيو سَڏُ سَمانو، حَرفَ لَٿي هيڪَڙي.“



(11)

مُون سين ماروئَڙِيُون، ڪِهَڙيءَ رِيتِ رُسَنديُون،

چوٽِيءَ ۾ چِيڙُهه پِيو، پِيَمِ رُت ڄَيُون،

نيڻين نِنڊ وِههُ ٿِي، ساري ساڏوهِيُون،

هِتي جي هُيُون، تَه سڌِ پييَنِ سِيلَ جِي!



(12)

”سَتِي! تُنهِنجي سَتَ ۾، ڳالِهه گهُرجِي ڳَچُّ،

”وَڍِيو چِيريو، چِچِرِيو پَرِ ۾ اُڀي پَچُّ،

”ساڻُ اَمانَتُ اچُّ، تَه ٿِيين سَمانِي ساڙيههُ ۾.“



(13)

جانڪِين سَتِينِ سِيرُ، تان ڪِينَ وِهَندِيَسِ ڪوٽَ ۾،

سِپَ سَمُنڊين سَپَڄِي، نَديءَ پِيي نَه نِيرُ،

جِئن هُوءَ اَبرُ آسَري، تِئن مُون مَنِ مَلِيرُ،

کائُرِ پِيَئنِ کِيرُ، جي اَمانَتَ اُتِ وَڃي!



(14)

جَرَ ۾ سِپُون جِيئن، آهِينِ اَبرُ آسَري،

جِئن ڪوُنجُون سارِنِ روهَه کي، مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن،

ڪوٺِيَنِ وِهان ڪِيئَن، جي نَظَرَ بَندِياڻِي نَه هُئان.



(15)

سِپَ سَمُنڊين سَپَڄي، اُبَرُ آساروسِ،

ٻاڙو پِيي نه ٻِپُڙي، مِٺو مُنهن لَڳوسِ،

ماڻِڪُ تي مِڙِيوسِ، جِئن تَنگُ ڪَڍِيائين تارِ ۾.



(16)

سِکو، سَڀ سَرَتِيُون، سِپُنِ مُلا سِيرُ،

ٻِيو مَٽائي نِيرُ، اُڀِيُون اَبرُ آسَري.



(17)

سِکو سِپُنِ کان، سَرَتِيُون رِيتِ سِڪَڻَ جي،

مَڱنِ جَرُ مَٿان، اوري ڪَنِ نَه آسَرو.



(18)

پِهَرِينءَ راتِ پَسِي، مُون ماڙيءَ مَنُ ڦِڪو ڪيو،

موهَڙ ماروئَڙنِ کي، واحِد، ڏيجِ وَسِي!

آهَرَ جِنهن اَسِين، سو مِلندو شالَ مَلِير ۾!



(19)

وَطَنَ ريءَ ويهي، جي هِتِ گهارِيَمِ ڏِينهَڙا،

اُوءِ مارُو ڏِيندَمِ مُنهن ۾، ڏاڏاڻان ڏيهِي،

پَکَنِ ۾ پيهِي، شَلَ مَحَلَنِ جِي مَرُ ڌُئان!



(20)

مَ ڪِين رو، مَ رَڙُ ڪِينُ، هَنجُون هَڏِ مَ هارِ،

توتان بَندُ بِدا ٿِيو، ٻِيڙِيُون نيئِي ٻارِ،

پَهُچَندِينءَ، پَهُنوارِ، سِگهي سَنگهارَنِ کي.



(21)

مَ ڪِين روٰ، مَ رَڙُ ڪِين، مَ ڪِين هَنجُون هارِ،

جِهَڙا اَچَنِ ڏِينهڙا، تِهڙا ويٺِي گهارِ،

ڏُکَنِ پُٺِيان سُکڙا، سِگها ٿِيَنِ، سَنگهار!

لٿو لوههُ، لَطِيفُ چَئي، پَروڙِج، پَهُنوارَ،

ٻِيڙِيُون نيئِي ٻارِ، توتان بَندُ بِدا ٿِيو.



(22)

مَ ڪين روءُ، مَ رَڙُ ڪِين، مَ ڪِين ڪَرِ دانهُون،

سُتي لوڪَ، لَطِيفُ چَئي، ٻيئِي کَڻِجِ ٻانهُون،

لَڌِيُئِي جِتِ لائُون، سو ڏيههُ پَسَندِئن، مارُئِي!


(23)

جنهن ستِيءَ سَتُ نَه ڇَڏِيُو، سا مارُئي مَرُ ڄائِي،

اُنهي عُمَرَڪوٽَ ۾، لَڄَ نَه لَڄائِي،

سا پيئي بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪوٺِيَنِ ڪڄائِي،

جا سانگِيَنِ سَڏائِي، سا مُورِ نَه مَرَڪِي ماڙيين.



(24)

اَڄُ پُڻِ چِڪِيَمِ چاڪُ، وَنهِيَنِ ويڙيچَنِ جا،

سُورَنِ اَچِي سُومَرا، اَندَرِ ڪِي اوطاقُ،

مارُن جِي فِراقُ، هَڏَ مُنهِنجا ڪُپِيا.



(25)

چِڪِي چِڪِيمَ چاڪَ، وَهِينِ ويڙيچَنِ جا،

واجهِيندي وِصالَ کي، فَنا ڪِيَسِ فِراقَ،

سيئِي سارِيَمِ، سُومَرا، ٿَرِ جَنِينِ جا ٿاڪُ،

مارُوءَ جي اوطاقَ، گهَڻُون اُڪَنڍي آهِيان.



وائي

مُون مَنُ مارُوءَ جو، ماروُءَ جو مُنهِنجو، مِيان!

مُون مَنُ مارُوءَ جو.

مُنهُن مُنهِنجو، سُومَرا، مرُ ميروئي هوءِ،

مُون مَنُ مارُوءَ جو.

”ڌوتوءِ ڌورارَنِ ۾“، مَتان مارُو چوءِ،

مُون مَنُ مارُوءَ جو.

لاروُن جي لُڙِڪَنِ جِيُون، ڳِڻِي وڃان توءِ،

مُون مَنُ مارُوءَ جو.



داستان يارهون



(1)

مَلِيران مارُو، پَکي پيهِي آئِيو،

وَرِيا واهاروُ، هاڻُون سَڀ هيڻان ٿِيا.



(2)

پَهِي سُکَ، پيرَنِ کيههُ، ڪونهي نِياپو مارُئين؟

اَتِ اُڪَنڍي آهِيان، تِئن آتَڻ، تِئن ڏيههَ،

سَندي جا ساڙيہَ، کِہَ کَٿوري ڀائِيان.



(3)

ڪنهن تَڙِ ڏيهائِي، ڪِٿي اُٺَنِ مِينهَڙا؟

مُون وَٽ مُون پِرِيَنِ جِي، ويهِي ڪَرِ وائِي،

آئُون اَڳَ ڍائِي، سَنيهو سُڻي جِيان!



(4)

جِيڪُسِ اُٺا مِينهن، مُونهان پوءِ مَلِيرَ ۾،

ڪالَهه سَڄوئِي ڏِينهن، مُنهِنجي اَکَڙِيَنِ اُڪِيرِيو.



(5)

سَچُ ڪِ اُٺا مِينهنَ، مُونهان پوءِ مَلِيرَ ۾،

ڏوٿِينِ لائِيا ڏِينهَن، پَهرِيا جي پُسِيءَ کي.


(6)

اُٺَنِ مِينهن گهَڻان، ٿِيَنِ موڪَ مَليرَ ۾؟

اَکِيُون آبَ ڀَرِيو، اُنَهِين کوڻ کَڻان،

مارُنِ شالَ مِڙان، ڪوٺِيُون ڇَڏي ڪَڏِهِين!



(7)

تِنهن پَرِ اُٺَن مِينهَڙا، جِنهن پَرِ گهُرِيائُون،

”رَضا جا رَحمان جِي، پُڇِي پاڙِيائُون،

مَلِيرُ ماڻِيائُون، حُڪَم ساڻُ حَبِيبَ جي.“



(8)

سَکَرَ سيئِي ڏِينهن، جي مُون گهارِيا بَندَ ۾،

وَسايَمِ وَڏَڦُڙا، مَٿي ماڙِنِ مِينهن،

واجهائِي وِصالَ کي، ٿِيَسِ تَهِواروُن تِيئن،

نِيرَ مُنهِنجي نِينهن، اُجاري اَڇو ڪِيو.



(9)

سُڻِي ساڻيهه ڳالَهڙي، وِهُسي ويڙيچِي،

سَڀ سُڌِ پيَيمِ سُومَرا، هِتي هُتي جِي،

ڀِينَرُ ۽ ڀيچِي، سُوايا سارِينِ مُون.



(10)

سُڻِي ساڻيهه ڳالهَڙي، لهِي وِيا لوههَ،

اَندَرَ جا اَندوههَ، لَٿا ڏُکَ؛ سُکَ ٿِيا.



(11)

عُمَرَ، اَڄُ گَڏِيامِ، ڏوٿِي اُنَهِين ڏيههَ جا،

پاراڀا پِرِيَنِ جا، اُڀي اُنِ چَيامِ،

لَهِي لوههَ پِيامِ، لُطفَ ساڻُ لَطِيفُ چَئي.



وائي

کَٿِيءَ مَنجهِه کَٽِيائِين، مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو.

پَرَچي پَهُنوارَنِ سين، لوئِي ڏيجُ لَڌائِين،

ماروُ ڄامُ مَلِيرَ جو.

سِيلَ نِباهي، سُومَرا، پَنهنجو پِيُّ پُڇِيائِين،

ماروُ ڄامُ مَلِيرَ جو.

جهُوپو جهانگِيڙَنِ جو، ماڙيءَ سان نَه مَٽِيائِين،

ماروُ ڄامُ مَلِيرَ جو.

سَڱَرَ ساهيڙين سين، کاٽونبا کاڌائِين،

ماروُ ڄامُ مَلِيرَ جو.

مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، چَسا سَڀِ چَکِيائِين،

ماروُ ڄامُ مَلِيرَ جو.

اُتي عَبداللطِيفُ چَئي، شَرَمُ رَکين، رَبّ سائِين!

ماروُ ڄامُ مَلِيرَ جو.

جانڪِين سَتِينِ سِيرُ، تان ڪِينَ وِهَندِيَسِ ڪوٽَ ۾،



¯

 

سُر سهڻي



داستان پهريون



(1)

ساهَڙَ جا سِينگارَ، اَڻ ڏٺا اَڳي هُيا،

نڪا ”ڪُن فَيَڪُّون“ هُئِي، نڪا ٻِي پَچارَ

مَلَڪنِئان مَهنِد هُئِي، توڏيءَ جِي تَنوار،

مَحبَت ساڻُ مِهارَ، لا ئِين لَطِيفُ چئِي.



(2)

سُهڻِيءَ کي سِينگارَ، اَڻَ ليکِيا اَڳي هُئا،

’ڪُن فَيَڪُوّن، ڪانَ هُئِي، نَڪا ٻِي پَچارَ

مَرَڪِي ساڻَ مِهارَ، لايائِين لئون لَطِيفُ چِئي



(3)

گهيڙ لَنگهِيو گهاري، ميثاقان مِهارَ سان،

’اَلَستُ بِرَبِّڪُم، قَالُوا بَليٰ‘، پَرِ اِها پاري،

ڏسيو ڏيکاري، پِرتِ پِريان جو پيچَرو.



(4)

’اَلَستُ اَرواحَنِ‘ کي، جَڏهِن چيائُون،

ميثاقان مِهار سين، لَڌِيُون مُون لائَون،

سو موٽي ڪئن پاهُون، جو مَحفُوظان معاف ٿِيو.


(5)

’اَلَستُ‘ارواحَن کي، جَڏهِن چَيائين جيئَن،

’قَالُوا بَليٰ، قلب ۾، ٿيو تفاؤُلّ تيئن،

مَحَبَتِي مِهاَر، جي، آئون نِهوڙي نِينهن،

سَرَتِيُون، ساهَڙَ سِئَين، هَلَڻَ مون حَقُّ ٿيو.



(6)

”اَلَستُ“ اَرواحَنِ کي، جڏِهن اَمُر ڪِيو اَحَدَ،

هو مَنَ ڪاڍو مِهارَ ڏي، سُهڻِيءَ سڪَڻَ سَڌَ

دِلو دَورَ دَرِياه جي، ڪِيو اِرادي اَڌ،

جيڪِين آيُسِ ڏانهُن عَهَدَ، سو پاري مُنڌَ پاتار ۾.



(7)

”اَلَستُ“ اَرواحَنِ کي، جَڏهن فَرمايو فَتاحَ،

هو مَنَ ڪاڍو مِهارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻَ ساهه،

دِلو دَورَ دَرِياهه جي، ڪِيو اِرادي اَڌاَهه،

جيڪِين آيَسِ ڏانهن اَللهَ ، سو پاري مُنڌ پاتار ۾.



(8)

”اَلَستُ“ اَرواحَنِ کي، جَڏهِن فائِقَ فَرمايو،

هو مَنَ ڪاڍو مِهارَ ڏي، سهڻِيءَ کي ساعِيو،

دِلو دَورَ دَرِياهه جو، اوڏاهيِن آيو،

جيڪِين هاديءَ هَلايو، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.



(9)

”اَلَستُ“ اَرواحَنِ کي، جَڏهِن چيائِين،

هو مَنَ ڪاڍو مِهارَ ڏي، سُهڻِيءَ سدائِين،

جيڪِين آيُسِ اوڏاهيِن، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.



(10)

”اَلَستُ“ اَرواحَنِ کي، جَڏهِن جاڳايو جَلِيلَ،

سَئِين راههَ سَيّدُ چئي، سوٺائُون سبِيلَ

وَحَدت جي واديءَ ۾، ڪوڙين ڪي قَليِلَ

درِياهه جي دَليلَ، لوڙهي لَهَوارا ڪِيا.



(11)

کامان، پَچان پَڄُران، لُڇان ۽ لوچان،

تَنَ ۾ تَئُونسَ پِرِينِ جي، پِيان نَه ڍاپان،

جي سَمُنڊَ مُنهن ڪَريان، توءِ سُرڪِيائي نَه ٿِئي.



(12)

کامان، پَچان، نَه مَران، سڙان ساري راتِ،

ٻَنِ ٻِيائِي کي وِجهي، ڪَرِ پِرِيان جِي تات،

سِيخُون سَندِيُون سَڄَڻين، اُڀِرن آڌيءَ راتِ

نَه ڪِي هَٿِ نَه ساٿِ، ڏيهاڻِيو چَنگِ چَرهان.



(13)

اوراڙِ نَه پَراڙِ، ويچاري وَهَ وچَ ۾!

سُڪِيءَ ڏَنيءَ سُپِرِين، ٻِيو مڙوئِي تارِ،

تُون گِهڙُ، ڪِيمَ نِهارِ، ٻُڏَندَنِ سين ٻاجُهون ڪري.



(14)

هِنَ پارَ، نه هُن، ويچاري وَههَ وچ ۾!

نِيَچُ نِهاري نَه گِهڙي، تِنهن ۾ پِيَسِ تُنَ،

اَللهَ، ساڻُ اَمُنَ، اران ڪِنهن اُڪارِيين.



(15)

سَهَسين سائِرَ ٻوڙِيُون، مُنڌَ ٻوڙِيو مِهراڻُ،

وَهَ وِڃائِيو پاڻُ، هَڻِي ڪَنڌُ ڪَپَنِ سين.



(16)

سَهَسين سائِرِ گَجَنِ، توءِ سَهَج نَه مَٽي سُهڻِي،

تَه ڪِي نِينهن ڇَڄنِ، پَرِ تَهين پَرِيَن جي.



(17)

سُپرِيان جي تُرَهي، ٻُڏين، هَٿَ مَ لاءِ،

صُباحَ تان چُونداءِ: ”اَسان تو اُڪارِيو.“



(18)

سُپريان جي تُرَهي، ٻُڏين توءِ مَ لَڳُ،

جي ڀايين پِرِينءَ مِڙان، تَه پورَ اُبَتي وَڳُ،

پاءِ تيڏاهِين پَڳُ، ناههِ جيڏاهِين نِجُهرو.



(19)

سُڪيءَ جي سانباههِ ۾، ٻُڏين توئي ٻُڏُ

ڪَکَ، ڪانڊيرا، ڪا‎‎ٺِيُون، ميڙي ٻَڌُ مَ مَڏَ

نَڪو ساهَڙَ سڏُ، نَڪا سُڄي سُهڻي.



(20)

سُڪِيءَ جي سانباههِ ۾، جڏهِن ٻُڏِيُون جي،

ساهَڙَ تِنِين کي، ٻيلي ٻِنهين ڪَنڌِيين.



(21)

سُڪِي ٻُڏَنِ جي، ساهَڙُ ساڻِي تَنِ جو،

لَهِرِنِ سِرِ لَطيفُ چئي، ڪُلهنِ چاڙهيو ني،

جي پُڇَنَ پَنڌُ پري، تَنِ اُماڻي اورهُون.



وائي

ويِٺِي ڪِين وساري، مَحَبّتَ وڌَڙي ماري،

دِيوانِي، يارَ! وو! مَستانِي، دِلبَرِ! جانِي، وو!

لا! ويِٺِي ڪِين وِساري.

جِنهن کي سڪَ ساهَڙَ جِي، سا گهايَلِ گَهرِ نَه گهاري،

لا! ويِٺِي ڪِين وساري.

ڏَمّ ڏَهليو ڏُکِيو، سِر ۾ سَؤنٽا ماري،

لا! ويِٺِي ڪِينَ وِساري.

ٻيلي پاسِ ٻُرَنِ جي، تَنِ کَرِڪنِ وِڌِيَس کاري.

لا! ويِٺِي ڪِين وِساري.

ٻيلي ٻِنهِين ڪنڌيين، مُحِبُ مينهُون ٿو چاري،

لا! ويِٺِي ڪِين وِساري.

هُوءِ هُونگارُون، پُونِ پُوڪارُون، تَڙِ تَڙِ دوسَ تنواري.

لا! ويِٺِي ڪِين وِساري.

هُوءِ جا پِڪَ پَرِيَنِ جِي، آهِيان تنهِن اَساري.

لا! ويِٺِي ڪِينَ وِساري.



داستان ٻيو



(1)

وَهَه تِکَ، واهُڙَ تِکَ، جِتِ نِيهُن، تِکَ نِرالِي،

جَنِ کي عَشقُ عَمِيقِ جو، سي خِلوَتَ خيالِي،

وارِيين سي، والي هِينئَڙو جنهيِن هَٿِ ڪِيو.



(2)

اَنڌيءَ وَڇون، ڪَنڌيءَ وَڇُون، تَنگِئان لِهي نَه تکُ،

صُورَتَ جا ساهَڙَ جِي، ڏِيلَ پَنهنجي ڏِک،

واهُڙَ تَنهِين وِک، جَن سانڀارا سُپِرِين.



(3)

واهُڙُ وَهَنِ نَوان، اَڃان وَهه اَڳي ٿِيو،

گهر ويٺِيُون گَهڻا ڪرِيو، سَرَتِيُون، سَڱَ سَنوان،

صورت جا ساهڙ جي، سا جي ڏٺي اَن،

هوُندَ نَه ڀِلَيو مان، گهڙو سڀِ گَهڙا کَڻِي.



(4)

جيڏَيُون ڏِٺيان جي، صورَتَ ساهَڙَ ڄامَ جِيِ،

سُکِ ٿِي سُتِيون ڪِينَ ڪِي، ڪانڌَنِ پاسي ڪِي،

مُونهان ئِي اَڳي، هُوند گِهڙِيُون سڀِ گَهڙا کَڻِي.



(5)

ڏِٺِي جَنِ هيڪارَ، صَورَتَ ساهَڙَ ڄامَ جِي،

سُکِ ٿِي سُتِيُون ڪِين ڪِي، ڀِري ساڻُ ڀَتارَ،

گِهڙي گَهڙنِئان ڌارَ، هُوند ڪاهي پييُون ڪُنَ ۾.



(6)

ساهَڙّ مون جِئن، سَرَتِيون، جي ڏِسو سَڀيئِي،

تَه سُمَهو ڪِينَ سُکِ ٿِي، پاسو وَرَ ڏيئِي.،

مُونهان اَڳيئِي، گِهڙو سَڀ گَهڙا کڻِي.



(7)

جيڪيِن ڏِٺو مان، سو جي ڏِٺو جيڏِيين،

گَهرَ وَرَنَن سان، هُوندَ گهَڻِنِ گهوري ڇَڏيا.



(8)

اَدِيُون سَڀِ اَندامَ، جَڙَنِ مُنهِنجا چورِيا،

لارُنِ جا لَنئُون لائِي، سا ڪِئَن آڇِيان عامَ؟

لَڳيَسِ جنهن جي لامَ، سو دِلاسا دوستُ مُجي.



(9)

چوڌاري چَڙا، ٻُرَنِ ٻيلاين جا،

سُتي سَنڀارَنِ جو، پِيم ڪَنِ پَڙاءُ،

وِهَڻ مون نه وڙاءُ، سُڻِيو جهانء جِهڄي هِينئُون.



(10)

چَڙَنِ چوري آهِيان، سُکِ ٿِي سُمَهان ڪِئن،

ساريان ساهَڙَ ڄامَ کي، ڏَههَ ڏَههَ ڀيرا ڏِينهن،

مِيهارَ مَرَڻَ سِينئَن، نِيرّ. پاتمِ نِينهن جو.



(11)

کَرِڪِنِ خَوشِ ڪِياسِ مُحُبِتَي مِيهارَ جي.

پَسَڻَ ڪارِڻِ پِرِينءَ جي، آڌيءَ اُٺياسِ،

سُتي جاڳاياس، سانڀَرَ سُپريَنِ جي.



(12)

ٻيلي پارَ ٻُري، مّون کي چَڙَنِ چورِيو،

مَحَبَتِي مِهار جي، سُتي شاخ چُري.

مڙي جهوڪ جُهري، پُوندِيَسِ پاريچَن جي.



(13)

هُنَ ڀر سُيَمِ هُوءِ، سُتي سَنڀارَنِ جِي،

چتّ چَڙَنِ چورِيو، جؤنڪ ٿِيڙمِ جُوءِ،

مَحَبِتي مِهار جي، با اللهِ پيَمِ بُوءِ،

وَڃِي رُوءِ بَروُءِ، ديکيان دوسِت مِهار کي.



(14)

هنَ ڀَرِ سُيمِ هاڪَ، سُتي سَنڀارَن جِي،

مَحَبَتِي مِهارَ جي، چَڙَنِ چورِيا چاڪ،

اُنِهين جِيءَ اوطاق، وَڃڻَ واجِبُ مُون پيو.



(15)

جِيارِيسِ سَنڀار، ڪُہُ ڪرِيندَيِس گڏِجي.

ويرو تار وَجود ۾، پِرِيِنِ جِي پَچار،

سي سَڄَڻَ هونِ نه ڌار، جي هِينئين ۾ حَلُ ٿِيا.



وائي

سَچا ساهَڙَ! مُون کي تُون، اي! وَهِيان واهَرَ! مُون کي تُون،

اي! نيئي اول پِرِيان جي پارَ ڏي.

ڪُنَ جي ڪارُونڀارَ جا، وو! سي آئوُن ڀائِيان ڀُون،

اي! نيئِي اولِ پَرِيان جي پارَ ڏي.

سندو جِيَڻَ آسَرو، وو! مَان لاٿو موُن،

اي! نيئِي اول پِريان جَين پارَ ڏي.



داستان ٽيون



(1)

ڪَرَ ڳَلَ ڪوچَ ڪُنَ گهڻا، جِتِ جر واڳُو جِئيائين،

پاڻُ اُڇَلي آبَ ۾، وَههُ سِرِ وِڌائين،

لَهرِيُون لَنگِهيائِين، لُطفَ ساڻُ لَطِيفُ چئي.



(2)

ڪَرَڳَلَ ڪوچَ ڪُنَ گَهڻا، جِتِ دَڙڪو مَنجِهه دَرِياههُ،

اَچِيو اُتائين گِهڙي، سانگو ڪَري نَه ساههَ،

ساهَڙ جِي صَلاحَ، ٻارِ لَنگهيايَس ٻاجَهه سين.



(3)

ڪارا ڪُنَ، ڪاري تُڳِي، جِتِ ڪارِيهَرَ ڪُڙَڪا،

مَئي متَي مِهراڻَ ۾، اَچَنِ دُپارا دَڙَڪا،

ويندي ساهَڙَ سامُهان، جهولَ ڏِنَسِ جَهڙڪا،

کَرِڪِنِ جا کَڙڪا، سوَنهان ٿِئَڙسِ سِيرَ ۾.



(4)

دَهشَتَ دَمُ دَرِياههَ ۾، جِتِ هَيبَتَ هُلاچو،

وِرڄِي وِيرِن وچ ۾، ڪاڏي. وِيو ڪَچو،

ساهَڙُ ڄامّ سَچو، ساڻِي ٿِيندُم سِيرَ ۾.



(5)

دَهشَتَ دَمَ دَرِياههَ ۾، جِتِ سَٽاڻا سيسارَ،

بِيحَدِ باڳُو بَحَر هَيبَتناڪَ هَزارَ،

سارِيان ڪانَ سَرِير ۾، طاقَتَ توهان ڌارَ،

ساهَڙَ ڄامَ ستارَ، سِگهو رَسِج سِيرَ ۾.



(6)

دَهشَتَ دَمُ دَرِياههَ ۾، جِتَ ڪَڙڪا ڪُنَ ڪَرِينِ،

ٻِڇَلِ ٻانڊيِءَ ٻارِ ۾، اّتِ لَهِريُون لوڏا ڏِينِ،

سنا وَرَ سُهمِيا، اُت سيڻهايا نَه سُنڊِينِ،

جِتِ وِيرِيُون واٽُ نَه ڏِينِ، اُتِ ساهَڙَ، سِيرَ لنگهائِيين.



(7)

دَهشَتَ دَمَ دَرِياههَ ۾، جِتِ ڪَڙڪو ڪُنّ ڪَري،

توڏي تاڪُنِ وِچَ ۾، مَٿان وِيرَ وري،

آءٌ، ساهَڙَ! مُهنجا سُپِرين، پِرِتان پيرَ ڀَري،

هادي! هَٿُ ڌَري، اونهي مان اُڪارِيين.



(8)

دَهشَتَ دَمّ دَرِياهه ۾، جِتِ ڪُنِنِ جا ڪَڙَڪا،

سَهي ڪِينَ سَمونڊَ جا، ماندي دِل دَڙڪا،

ساهَڙَ! تون سُڻُ ڪا، فَرِيادي فَقِيرِ جِي.



(9)

دَهشَتَ دَم دَرِياههَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جو ڪَڙَڪو،

آهمُ اُنهِي پارَ جو، دِل اَندَر دَڙڪو،

ڀَڃي سِڪَ سَيّدُ چئي، سِيرُ سندو سٽَڪو،

والي! ڪِجِ وَڙُ ڪو، ته ٻارِ لَنگهِيان ٻاجههَ سين..



(10)

دَهَشّتَ دَم دَرِياههُ ۾، جِتِ لُڙَ، لَهريُون لَسَ، ليٽ،

آڻِيو اوڀارَن ۾، ٻانڊي ٻوڙي ٻيٽَ،

جِتِ چِڪَڻ جِي چَپيٽ، اُت، ساهَڙَ! سِير لَنگهاءِ توُن.



(11)

دَهشَتَ دَمّ دَرِياههَ ۾ ، جِتِ تِکِيون تَنواروُن،

مُنهِنجُون مانَ مِهارَ کي، پَهُچَنِ پُڪاروُن،

لَههَ، ساهَڙَ! سَنڀاروُن ته لَهرِنِ لوڏي نَه مَران.



(12)

دَهشَتَ دَمّ درِياههَ ۾، جِتِ جايُون جانارَنِ،

نَڪو سنڌو سِير جو، مَپُ نهَ مَلاحَنِ،

درندا درِياههَ ۾، واڪا ڪِيو وَرَنِ

سَڄا ٻِيڙا ٻارَ ۾، هِليا هيٺ وَڃن،

پُرزو پيدا نَه ٿِئي، تَختو مَنجهان تَن،

ڪو جو قَهرّ ڪُننِ ۾، وِيا ڪِين وَرِنِ،

اُتي اَڻ تارُن، ساهَڙَ سِيرَ لَگهاءِ تُون.



(13)

دَرهَڙَ ڌَونسَ دَرِياههَ ۾، جِتِ لَهريُون ڪَنِ لوڙا،

سَئين اَچِي سَمونڊَ ۾، ٿِا سيڻهايا سوڙها،

جي تارو هُئا توڙا، تَنِ هَرٻو ڀانيو هيِڪَڙو.



(14)

ڪاري راتِ، ڪَچو گَهڙو، اُڻٽِيهه اَونڌائِي،

چَنڊُ نالو ناههِ ڪو، دَرِياههَ دَڙَ لائِي،

ساهَڙَ ڪارَڻِ سهڻي، آڌي ٿي آئِي،

اي ڪَمَ اِلاهِي، ناتَ، ڪُنَنِ ۾ ڪير گِهڙي.



(15)

ڪاري راتِ ڪَچو گَهڙو، نَڪا سِيڻَهه ساڻَ،

وجهي، ويرَمَ نَه ڪَري، پَريان ڪارَڻِ پاڻَ،

مَحَبّتَ کي مِهراڻَ، سُڪِي سَڀ پَٽُ ٿِيو



(16)

ڪاري رات ڪَچو گَهڙو، مَٿان وَسي مِينهَن،

هِڪو ڀَئو بيراههَ جو، ٻِيو سانڀاران سِينهَن،

شالَ مَ ڇِڄي نِينهَن، گِهڙان، گهورِيو جِندَڙو.



وائي

هوئجِ هُوشِيارِ خَبَرِدارِ، تِرڪَڻِ آهي تَڙَ ۾.

کَڏُون، کُوٻا، چِڪَ، چڪَندِيُون، تان ڪين نئِي نِهارِ

تِرَڪَڻِ آهي تَڙَ ۾

آڌيءَ سي آکُڙندِيُون، اَکِيُون جَنِ ڪَپار،

تِرَڪڻِ آهي تَڙَ ۾.

موُن سو مَلاحَنِ کان، تَڙَ اَڙانگا تارِ،

تِرَڪَڻِ آهي تَڙَ ۾.

هوتُ هَلندِيَنِ کَٽِيو، وِهَڻُ، مُنڌَ! وِسارِ،

تِرَڪَڻِ آهي تَڙ ۾.

کُہِ آتَڻَ، ٻَنِ جيڏيُون، ڏيِراڻيُون ڏُئارِ!

تِرَڪَڻِ آهي تَڙَ ۾

پَڪو کَڻِجِ پاڻَ سين، پِرِين تَنهِنجو پارِ!

تِرَڪَڻِ آهي تَڙَ ۾

ويندي واٽائُڙنِ کي، پَٽِيءَ ڪيم پَچارِ

تِرَڪَڻِ آهي تَڙَ ۾.

پونِديين مُنهن مِهارَ جي، ڏَمَ وٽِ ڏينهن مَ گهارِ،

تِرَڪَڻِ آهي تَڙَ ۾.

ساهَڙَ کي، سُڻَ، سُهڻِي! ٻِڇَلِ اَڏي ٻارِ،

تِرَڪَڻِ آهي تَڙَ ۾.

تارِ تَرنِدِئن، لُڙَ لنگَهندِئن، عِشق جِي آڌارِ،

تِرَڪَڻِ آهي تَڙَ ۾.

ٿِيندو سَڏُ ساهَڙَ جو، توڏي! ٿِيءُ تيارِ،

تِرَڪَڻِ آهي تَڙَ ۾.



داستان چوٿون



(1)

تَڙَ تَڪَڻَ تارِ گِهڙَڻَ، ايُ ڪانيارِن ڪَمُ،

ڏَههَ ڀيرا ڏِينهن ۾، ڏي ڏوراپا ڏَمُ،

عَقُلُ مَٽِ شَرَمُ، ٽيئِي نِينهَن نِهوڙِيا.



(2)

گهيڙن ڪَري نَه گهور، تَڙُ تَڪَڙ کان نَه لَهي،

جِنهن کي سِڪ ساهَڙَ جِي، پورنِ مَٿي پُور،

ڪاري راتِ ڪُنَنِ ۾، وَهمَنِ ڪِي وَهلُور،

جِنهن کي ساڻ پِريان جا سُور، تِنهن کي ندي ناههِ نِگاههَ ۾



(3)

جِئان گِهڙي تِئان گهيڙ، ڪَپَرَ پُڇَنِ ڪوڙِيُون،

ڏمُ سين جُسو ظاهِراً، مَن مِيهار سين ميڙ،

سا نَدي ڀانئي نيڙ، جِنهن کي سِڪَ ساهَڙَ جي.



(4)

جِئان وَهي تِئان واٽَ، ڪَپَرَ پُڇنِ ڪوڙِيُون،

جِنِ کي سِڪ ساهَڙَ جِي، سي گهيڙَ نَه پُڇَنِ گهاٽ،

جَنِ کي عِشق جِي اُساٽِ، سي واهُڙ ڀانئِن وِکَڙي.



(5)

ڪنهن جِنهن گهيڙَ گِهڙي، جِئن اَوتَڙان تَڙَ ٿِيوس،

سالم ويِئي سُهِڻي، ڪُنَنِ ڪِي نَه ڪِيوسِ،

آهِسَّ اَکَڙِينِ ۾، پِريان جو پيوس،

حَقان حَق ٿِيوسِ، هُئي طالِب حَقُ جِي.



(6)

هُئِي طالِبِ حَق جِي، توڏي لاڪُون توڙَ،

نَه مَلاحُ نَه مَڪڙي نَڪِي ٻَڌي نوڙَ،

پاڻيِ پِنِيءَ ٻوڙ، سُهڻِيءَ ليکي سِيرَ ۾.



(7)

توڏي توڙائِين، نِينهن نَوازي سُهڻِي،

ڳِچِيءَ هارُ حَبِيبَ جو، لائِقُ لَڌائِين،

سو تَڙُ سوٺائِين، جيڏانهن عالَمَ آسَرو.



(8)

توڏي! تَهائِين جي، هِتَهِين ڇڏِ حِرصَ،

ساهَڙَ ڌاران سُهِڻي، کوٽِيون ڪَنِ کِرسَ،

وڏي اِيءَ وِرس، جِئن ڏَمَ وَٽِ ڏِينهن گُذرارِيين



(9)

توڏيءَ کي تَعِظيمَ، ٻِيَنِ سَڀَنئان اڳَري،

اوڏي ٿِي اَلَفَ کي، مَنُ گَڏِيِائين سين مِيمَ،

جيلانهن ذَاتِ حَلِيم، مِلِي تي مِهارَ کي.



(10)

ساري سِکُ سبقُ، شَرِيعَتَ سَندو، سُهڻي!

طَرِيقتان تِکو وهي، حَقِيقَت جو حَقُ،

مَعَرِفَتَ مَرَڪُ، اَصل عاشِقَن جو.



(11)

صَبُر شاڪِرَنِ، آهي اوطاقُنِ ۾،

جي وَاصلُ ٿِيا وِصالَ ۾، سِي ذَرو نَه ظاهِرُ ڪنِ.

وِبيت واهَرَ تَرَن، هِينئڙا جَن هَڄِ وِيا.



(12)

پَلِ پَلِ ٿي پَلي، ڏَمَ ڏِهاڻِي ڪِيتَرو،

پَسِي دَورُ دَرِياهه جو، وِچان ڪِينَ وَلِي،

ڪاري راتِ قرِيبَ ڏي، مَنجهان حَبّ هَلِي،

نه ڪنهن جهول جَهلي ، هُئي سَمَنُ پوري سُهڻيِ.



(13)

جهولَ نَه جَهلي سُهڻِي، سائر سَٽَ سندِياسِ،

جِنهن اَهڙي ڄائِي عاجِزا، سا مَرُ مَرڪي ماسِ،

پَسين جي پِياسِ، تَه ڪِي عِشق آِڻين.



(14)

نَڪا جهولَ جَهليسِ، نَه تانگهو نَه تارِ ڪِي،

ڏَمّ ڏِيهاڻِي ڪيترو، پَرِ ۾ ٿو پَليس،

تان تان جِيُّ جَليس، مِلي جان نَه مِهارَ کي.



(15)

سِہَ سيارو، پاڻِي پارو، جِت جُهڙّ جَهڪَ ۽ جهولَ،

مَنَ اَندَرِ مِهارَ جا، هِينئڙي اَچنِ هولَ،

جيلانهن ٻَڌيسِ ٻولَ، تي اڙانگا آرَ تَران.



(16)

سِياري سہَ راتِ ۾، جا گِهڙي وَسَندي مِينهن،

هَلو تَه پُڇِون سُهڻِي، جاڪَرَ ڄاڻي نِينهن،

جِنهن کي راتو ڏِينهن، مِهارَ ئي مَنَ ۾.



(17)

سانَوڻِ گِهڙي سَڀَڪا، هِيءَ سَرَهِي سِياري،

تَنُ وِڌائِين تِار ۾، اَرواح جي آري،

مَحبتي ماري، ڪونهي داد دَرِياههَ ۾.



(18)

ٻانڊي! جي ٻيلِي ٿِيين، تَه حالَ ڳَرَهِيان هِيءُ

سَگهو ساعَتَ نَه جندِڙو، جَرَ ري مُنهنجو جِيءُ،

ساوَڻُ سيارو ڀانِئيان، وَههِ پِرِيان جي ويءُ

پارِ جَنهِين جو پِيءُ، وڃڻَ واجِبُ تَنِ تي.



(19)

واهَڙَ! ڀِريُون مَ پاءِ، تو پُڻِ ليکو ڏِيَڻُون،

سدا ساوَڻِ ڏِينهَڙا، هِينئين نه هَونداءِ

وِهاڻِيءَ وينداءِ، اوڀَرَ اُتاهان لَهي.



(20)

واهُڙَ! وَهين مَ شال، سُڪِي ٻيلاٽِيُون ٿِيين!

پَسان تُنهِنجي پيٽَ ۾، لاڻا، لُوتَ لِيارَ،

جِنهن تو سَڀَ ڄمارَ، آسائِتيُون ٻوڙِيُون.



(21)

ڪَڙ ڪَڙِ ، ڪُنَ! مَ وَڄَ، ٻانڊي ٻوڙِ م ٻارِ ۾،

موُن تي جا مهارَ جِي، سا ڪِئَن ڌُئان ڌَڄُ،

توءِ گِهڙَندِيَس اَڄُ، جي اُبَتا آر ڪرِيين.



(22)

اَدا ڙي ٻانڊي، توکي ڪَڙَهان ڪِه پاڻَ کي،

سُوڌي خبَرَ سَڄَڻين، تو ڪا تَڙِ آندي،

تُون پاتاريان پانڌي، اَسان پَنڌُ پِرِيَنِ ڏي.



(23)

مَحَبِتيءَ مِيهارَ جِيُون، دِل اَندَرِ دُونهِيُون،

آڻِيو وِجهي آرَ ۾، لُهاڻو لوهِيُون،

جي ساهَڙَ جِيُون سُونهِيوُن، سِيرَ سِراڙو تَنِ کي.



وائي

مَدَتَ ٿِي مِهار يار ساهڙ! سائَرَ سِيرَ ۾.

اونهان ڪُنَ، اَتانگَ تَڙَ، اولِي هڻُ آڌار!

ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.

ڏِينهن ڏُهِلا ڏَمَ سين، آهيان آهِئان ڌارَ،

ساهَڙ! سائِر سِير ۾.

ٻڇَلِ ٻانڊي ٻارِ ڪَري، اَتِ اُبَتا آرَ،

ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.

تِتي گِهڙي سُوهَڻِي، آڳَهَهَ ريءَ آڌار،

ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.

”ڪاري راتِ، ڪَچو گهَڙِو“، توڏيءَ ڪِي تَنوارَ،

ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.

سَنڀُوڙو سيڻاههِ سين، سِگهو رَسِ سَنگهارَ!

ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.

اوراران آهُون ڪَرِيان، پهُچان شالَ پَرار،

ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.

سُڻَيو جهانءِ جِهڄي هِينئوُن، سانڀاران سَنڀارَ،

ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.

آيَمِ ريلي ريءَ سين، اَللهَ، تو آهارَ،

ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.

تارِ تَرَندِيسَ، لُڙَ لنگِهينديَسِ، وينديس وَٽِ وڇارَ،

ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.

پُورِيندِيَس پارِ مَڻيِ، سَهَسين جي سيسارَ

ساهَڙَ! سائِرَ سيِر ۾.

گولِي گهاگهائي گِهڙي، جَکَنِ ٿا جانارَ،

ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.



داستان پنجون



(1)

ڪيڏانهن گَهنڊَ گُڙَنِ، ڪيڏانهن اُٿِي ويئِيوُن،

تيڏانهن ٿِيُون چَرَنِ، جيڏانهن پُٺِ ميهارَ جِي.



(2)

ڪِٿي ٿِيو مِهارُ، ڪِٿي ٿو گَهنڊُ گُڙي،

ڪِٿي دونهين دوسِت جِي، ڪِٿي پَرِيُون پارُ.

جنهن موُن سَڀَ ڄَمارُ، جَرَ ۾ جهوتُون ڏِنيُون.



(3)

وَڇن سين ويٺِي، سُورَ وِياڇي، سهڻي،

آن ڪا ٿي ڏيٺِي، مينهُنِ جي مِهارَ سين،



(4)

پُڄِيو پِينگُهن پاندَ، ويٺِي روءِ وَڇن سين،

ڪُهه ڪَرِيندِيس ڪانڌُ، گَهُر ڀَڳو تان گهورِيو.



(5)

ڳِچِي پايو ٻانَهن، ويٺِي ورءِ وَڇنِ سين،

لايان لال لِڱن کي، آئِين جي چَرو ڪانهَن،

آئون اوهان جي دانهَن، سَدا ڀُڻان سَنَري.


(6)

پينگها پَسِيو روءِ وَڃِيو وَٿاڻَنِ ۾،

دُونَهِينءَ پاسي دوسِتَ جي، پاڻَ پَڇاڙِيو پوءِ،

سَڄَڻَ سانگ سَندوءِ، شالَ اَچيِ اورانهُون ٿِئي.



(7)

ڀيلئان جِتِ ڀَڳِيَون، آيُون اُتِ وَري،

ڪانهي ٻِي ڳِري، مينهن کي مِهارَ ري.



(8)

ميهاران مِرَڪ، پِيتائِين پِريمَ جي،

تنهن مُنڌَ مَتِوالِي ڪِئي، سَنديءَ ساءَ سُرِڪَ،

لَڳِيسَ ڪامَ ڪِرڪَ، لوهان تِکي، لَطِيفُ چئي.



(9)

ميهارن مَهِي، پيتائِين پِريم، جِي،

اَرِڪَ سُرِڪَ، سَيُدُ چئي، لَڳِيَسِ ڏوت ڏَهِي.

سگهي تان نَه سهِي، مِلي جان نَه مِهارَ کي.



(10)

مَري تان مَ مِهارَ، وَٿاڻُ وِلهو مَ ٿِئي،

وَڇن جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِئي مَ وارَ،

ساهَڙُ مُون سِينگارُ، ماڙُهنِ ليکي مِهڻوُن.



(11)

مينهون هِنَ ميهارَ جِيُون، اُلا! سَڀِ بَچَنِ،

وَڇوُن جي ڪِيرَنِ سين، سَدا ٿِيُون سُونهَن،

مُون کي ماڻڪِين، تاڻي هَنيو تارِ ۾.



(12)

ميهُون هَنَ ميهارَ جِيُون، اَلا! سَڀِ جِيَنِ،

ڪارِيُون، ڪَڪِيُون، ڪُنڍِيُون، وارا ڪِيو وِينِ،

جوِءِ جا جاندارِنِ جِي، ٻيلا ٻَههَ ٻَهه ڪَنِ،

اَچِي ريلَ رَهَنِ مُون سانڀارا سُپِريِنِ.



(13)

چاهَڪَ چَري، تارِ تَري، آيُون آرَ،

ڪوڙِيين ڪَرَ کَڻندِيُون، سُڻِي سَڏَ ڌَرار،

مينهُون ساڻُ مِيهارَ، پرچِي پارِ لَنگِهنديُون.



(14)

چاهَڪَ چَري، تارِ تَري، آيُون مَٿي ٻيٽَ،

لَڙَ لَنگهنديُون ليٽَ، لُطَفَ ساڻُ لَطيِفُ چئي.



(15)

چاهَڪَ چَريِ تارِ تَري، آيُون مَٿي ڪُنَ

ڪوڙيين ڪَرَ کَڻِندِيُون، ساهَڙَ جي سَمُنَ،

مينهون ساڻُ اَمُنَ، پَرچِي پارِ لَنگِهندِيُون.



(16)

چاهَڪَ چَري، تارِ تَري، آيُون مَٿي کُوهه،

سُڻِي سَڌُ ساهَڙَ جو، راضِي ٿِيندن روُح،

مينهون ساڻُ صَبوح، پَرَچِي پارِ لَنگهِنديُون.


(17)

جا مُهاڙِ مِهارَ، سو مُنهن مينهن نَه ٿِيو،

ڪَپَرُ ڪارُونڀار، ڪِئن لَنگِهيندِيُون ڪُنڍيُون؟



وائي

موَن کي ڪا مَ جَهلي، سَڀَڪا پاڻُ پَلي،

آئُون وِڌَڙي نِينهن اُڇَلي.

وِيندي آئوُن پارِ پِريان ڏي، مُون کي ڪا مَ جَهلي،

آئوُن وِڌَڙي نِينهن اُڇَلي.

تنَ وڌائِين تارِ ۾، آڌي راتِ اُڇَلي،

آئون وڌَڙي نِينهن اُڇَلي.

پسِي دوُنهيُون دوسِتَ جِيُن، مُنهِنجو جِيءُ جَلي.

آئُون وِڌَڙي نِينهن اُڇَلي.



داستان ڇهون



(1)

ساندَههِ سَڀُ دَرِياههُ، پَري ڪَنڌي پارَ جِي،

ڇَڪِي ڇولِيءَ ۾ گِهڙي، جِتي جِيّ وِڙاههُ،

پَسيو ڏوههَ ڏَڪي هِنيئُون آرَ مَٿي اَرواحُ،

جي توههُ ٿئي توڏاههُ، تَه وِيَر وَهِيڻيون ناههِ ڪِي.



(2)

سانَدِههَ سَڀَ دَرِياههُ، پَري ڪَنڌي پارَ جِي،

ڪَنبي هِينئوُن ”ڪَمَاحَقَّہُ“ آرَ مَٿي اَرِواحُ،

دِلاسي دارين جي، سانچو سانچي ساههُ،

جي توههُ ٿِئي توڏانهُن، تَه وِيرَ وهِيڻُون ناههِ ڪِي.



(3)

سِڪَڻِ وارِنِ سُٿِرو، جي دَهشَتَ سان دَرِياههُ،

اوڙَڪِ آُنِين جو نَه رَهي، آرَ بِنا رِواحُ،

وِيندي ساهَڙَ سامُهِيُون، صَدقو ڪَندِيُون ساههَ

جَنِ کي حُبّ اُنِهي جِي آهه، ساهَڙُ ساڻِي تَنِ جو.



(4)

گِهڙيا سي چَڙِهيا، اِيهين اَٿيئِي،

مَئي مَتي، مِهراڻَ ۾، پَئو ٽپو ڏيئي،

تَه ميهارُ مِليئي، سَنڀوُڙو سِيڻاههَ سين.



(5)

اَکِيُون مُنهن ميهارَ ڏي، رَکِيُون جَنِ جوڙي،

ريءَ سَنڊَ سَيّدُ چَئي، تارِ گِهڙن توڙي،

تَنهِين کي ٻوڙي، سائِرُ سَگهي ڪِين ڪِي.



(6)

آڌي اُڌاڻان، سَرَتِيُون! سُکَ مِهارَ جا،

لَنگهي سِيرَ سَوان ٿِيا، ساهَڙَ سيبرڻان،

ڀِنِيءَ تي ڀاڻان، پَسان مانَ پِرِيَنِ جا.



(7)

آڌيءَ اُڌاڻون، ينئڙو مُون هَٿَنِ مان،

وَههِ پِئِي واهُڙَ تَري، ساهَڙَ سيِباڻُون،

ڀيچ ڀِنيءَ ڀاڻون، پِيءَ جو پَسِي آڻِيو.



(8)

جيڏانهن چِتَ چاههُ گَهڻُون، آرَپِ اوڏاهِين،

وَڃي وَههُ واڪا ڪِيو، تِکو تِيڏانِهين،

مِهارَ مِلائِين، لَهرنِ مَنجههِ، لَطِيفُ چئي.



(9)

پَلِيان، پَلِيو نه رَهي، نِرتُون نِينهُن نبِارُ،

گِهڙان، گهورِيو جِندَڙو، اُٿَلَ مُون آپارَ،

جَنِين مَنِ مِهارَ، هَلڻُ تنِين حَق ٿِيو.



(10)

پَسُ، پَسڻان پَري ٿِيا، اوري سَندُنِ آرُ،

دَرِياههَ ري سَهاڙُ، ڏِسَڻ گَهڻون ڏُهِلو.



(11)

ڪاڏي وَڃان، ووءِ! جِئن وَهَڻُ وَڇارَنِ مَٽِيو،

ڏوڌي پُڇِي ڏيَهه جا، جَرَ سِرِ اُڀِي جوءِ

شِڪَسِتي، سَيّدُ چئي، چِيهان ڪَرِيو چوءِ:

”ساهَڙَ! سانگُ سَندوءِ، اَچِي اوراهون ٿِئي“.



(12)

سَندو ڏَمَ ڏَهَڪارُ، هَڏِهين ڪونهي هِنَ کي،

هِيءَ پاڻيءَ سين پانِهِنجو، پُسائِي نَه سِينگارَ،

ڪارَڻِ مُندَ مِهارَ، ڪاريءَ راتِ ڪُنَ تَري.



(13)

ڏَمّ ڏيهاڻِي ڏي، سَندا ميهَرَ مِيهَڻا

جَهِليَم ٿي جهوليءَ ۾، پَلَءِ پائِيو سي،

مَرُ جان چالِيههَ چئي، سَڱان سُپرِيَنِ جي.



(14)

جيهَرَ لوڪُ جَهپ ڪَري، ذرو جاڳَ نَه هوِءِ،

اوهِيَرَ اَچِيو، اِدِيُون! پَههُ پِرِيان جو پوءِ،

جي ڪَچو چوُنمِ ڪوءِ، تَه مَرَڪَ ڀايان مِهڻون.



(15)

هُوءَ جا پَري باههِ، مَنهَن ميهارَنِ جي،

آڳَههِ تنهن اُهاءِ، وَڃي ڪُنّ ڪَپِيندي.



(16)

تَه ڪَرَ ڪِيئَن سُئِي، سِيرَ نَه گِهڙي سُهڻِي،

هِتِ حَياتِيءَ ڏِينهڙا!، هَڏِهن تان نَه هُئي،

چُڪي تنهن چَري ڪَئِي، جو ڏِنُسِ اُنِ ڏُهِي،

سُهڻيءَ کي سَيّدُ چَئي، وڌو قُرب ڪُهي،

هُونهيِن هُوند مئي، پَرَ ٻُڏيءَ جا ٻِيڻا ٿِيا.



(17)

ڪا جا ڪُنَ ڪَرِينِ، ڀِنيءَ، ڀُڻ جُهڻ پاڻ ۾،

اَکِيُون تنهن آبَ کي، آڌيءَ اُڪيرِينِ،

توڻِي تِڪُون ڏِين، تَپِ اُڃَ اُنِهين کي نَه لَهي.



(18)

دائِم جا دَرِياهَ ۾، سا مَڇِي ڪِنِي ڪوههُ؟

آهِس اِيءَ اَندوههُ، پاڻِي ڪِٿي تَه پِيان.



(19)

ڪيرَ ڪُنَ، آئوُن ڪيرَ، ڪير ڏَمَرَ سَهي ڏَمَّ جا،

قَضا ريءَ ڪيرَ ڌَري، مَٿي پاڻِيءَ پيرَ،

ڀينَرُ! ڀِنِيءَ ويرَ، لِڌو تي ٿِي لوڙِيان.



(20)

جي ٻُڏان تَه ٻَنّ، اولِجان اُنَ پارَ ڏي،

ڪَنڌيءَ اَچِيو سُپرين، مانَ ”ٻَرِ! ٻَرِ!“ ڪَنِ،

مُيائِي سين تن، جيڪَرَ اُٿِي نِڪران.



(21)

لَهرِ مِڙوئِي، لال، وَهڻُ کَٿُوريان وِتَرو،

اوٻَهارا عَبِيرَ جا، جَرَ مان اَچَنِ جال،

ڪُننِ گِهڙي ڪالَهه، سِڪَ پِريان جي سُهڻي،



(22)

جيڪِي ڏِٺُءِ تارِ ۾، ڪَنڌيءَ سو ڪَهيجِ،

جَرُ وڏو جهاجهه گَهڻِي، پاندُ مَ پُسا.ئيج،

ساهَڙُ ساڱا هيجِ، تَه ثابتُ لَنگهين سِيرَ مان.



(23)

ڳَؤرا ٻَئي پارَ، هِينئُون حَيَرتَ ۾ پِيو،

وِهان تَه ويرَمَ ٿِئي نينهن ۾ پوءِ نِهارَ،

وَڃان تَه واڪو ٿِئي، پاڙي پوءِ پَچارَ،

هُتِ ٿِي وَعدي وارَ، هِتِ سُوٽون ڏِينَمِ سَرِتيُون.



(24)

جاهڙ اَندَرِ جِيّ، ساهَڙَ ڏِنِي ساههَ کي،

ساهَڙَ ڇُڙيِ نَه ساهه جِي، ساهَڙَ ساهَڙَ ريّ،

ساهڙ ميِڙ سِمِيعَ! ته ساهَڙَ ڇُڙي ساههَ جِي.



(25)

ور اُونداهي راتڙي، چانڊوڻِي چانڊان،

اوري مهاران مُنهن مَ پسان ڪو ٻيو.



(26)

جِان جان هُئي جِئري، وِرچِي نَه ويٺِي،

وَڃِي ڀُون پيٺي، مارِيندي کي سَڄڻين.



(27)

جان جان هُئِي جِئري، ويٺِي نَه ويسانِد،

لڳِي لَهرِيَنِ پاندِ، مُيائِي مِهارَ ڏي.



وائي

اَکيون پيَر ڪَري، وَڃِجي، وو! وَڃِجي.

سُپيرِيان جِي ڳالَهِڙي، ڪنهن. سان ڪِينَ ڪِجي،

وَڃِجي، وو! وَڃِجي.

لِڪائي لوڪَ کان، ڳُجهڙي ڳوٺِ نِجي،

وڃِجي، وو! وَڃِجي.

مَحبَتي مِهارَ جو، سُورُ نَه ڪِنهن سَلجي.

وڃِجي، وو! وَڃِجي.



داستان ستون



(1)

تَڙِ نِه گِهڙي تُورُ، توءِ مَنَ ڪاڍو مِهارَ ڏي،

ڏاڍو دورُ دَرياءَ جو، سِڪَڻَ وَڏو سُورُ،

مَنَ ۾ موجَ مِهارَ جِي، پَهَسَ پِرِيان جو پُورُ،

ٻيلي ٻِنهِين ڪنڌِيين، نِتُ نهاري نُورُ

مَنجهان جَرَ ضُروُرُ، ڪَچي کي ڪومَ ٿِئي.



(2)

ٻوڙِيين چاڙهيين تُون ڌِڻي! ٻِي جو دَعويٰ دَسي نَه دَمُ،

هِنَ مُنهنجي حالَ جو، ميهَرَ تي مَعلمَ،

رک ڀيلي جو ڀَرَمَ، جو اَچِي پِيو اَجهورَ ۾.



(3)

ڪانڌي ڪنگَ ٿِياسِ، وَهڻ جَنازو سُهڻِي،

ٻَگها جي ٻيٽَن جا، ڪُلها تَنِ ڏِناسِ،

اَکين مَلَڪَ ڏِٺاسِ، توءِ مَنَ ڪاڍو ميهارَ ڏي.



(4)

اُڀو تَڙِ ميهار، مَلاحَنِ سَڏَ ڪَري،

آئوُن پڻ وِجهان هَٿَڙا، آئِين پُڻ وِجهو ڄار،

گهورِيُون ڪاروُنڀار، مانَ مِلَنِئون سُپِرِين



(5)

ميهارُ مَلاحَنِ کي اُڀو آڇي آڇَ،

آئون پُڻ وِجهان هَٿَڙا، آئِين پُڻ وِجهو رَڇُ،

سَنديءَ ڪُنَ ڪُڻڇ، مانَ هُونِ سلامَتَ سُپِرِين.



(6)

ميهارُ مَلاحَنِ کي اَڀو ڪري سَڏَ،

اَدا اِنهين پارَ جا، موڙي اچَو مَڏَ،

وِيا جي وَههَ گَڏَ، هلو تَه ڏوريُون اُن کي.



(7)

ڪَنڌيءَ جهلِيو ڪانِهن، عاشِقُ اُڀو آهُو ڪري،

تو ڪِئن ٻوڙي سُهَڻي، ٻيلي! مُنهنجِي ٻانهن،

دَرِياهه توتي دانهن، ڏِيندُس ڏِينهن قِيامَ جي.



(8)

جِتي ڀيرَ ڀِرَن، ڀَرِيُون پُونِ ڀَوارِيُون،

تانگهَه نَه لَڌي تارُئين، مَپُ نَه ماٽِيڙَن،

ڪنڌيءَ اُڀا ڪيترا، سيڻا هيا سُڪَن،

تون ڪئن تن تَڙن، اَچِيو اَساري گهڙين.



(9)

ڀَرِيُون ڀَرِ دِرِياههَ، پَسُ، جي پارِ پَوندِيُون،

ٻَڌُ تَوڪُل تُرَهو، آهَرَ ساڻُ اَلله،

جن جي ساهَڙَ ساڻُ صَلاح، سي ڪِينَ ٻڏَنديُون ڪَڏهين.



(10)

سانڀاران سَڏَ ڪِيو، اُڀا چُونِمِ: ”آءٌ“،

هڪُ تِکو تارو وَهي، ٻِيو لُڙُ لَهرِيُون ۽ واءٌ،

ساڻِي جَنِ اَللهَ، ٻُجهان، سي نَه ٻُڏَندِيُون.



(11)

سانڀاران سَڏَ ڪِيو، اُڀا چُونمِ: ”اَچُ“،

هڪُ تِکو .ئِي تارِ وَهي، ٻِيو هَٿِ ڪَمِيڻيءَ ڪَچُ،

ساڻِي جِنهين سَچُ، ٻُجهان، سي نه ٻُڏَندِيُون.



(12)

هاري! حَقُّ رکيجِ، سانڀاران ساهَڙَ جو،

خُوابَ، خِيالَ خطِرا، تَنِ کي تَرڪُ ڏيجِ،

اندَرُ آئِينُو ڪري، پَرَ ۾ سو پَسيج،

اِنهينءَ راهه رَميج، تَه مُشاهِدو ماڻِين.



(13)

هاري! رَکِجِ حَقُّ، سانڀاران ساهَڙَ جو،

خواب، خِيالَ، خَطِرا، تَنِهين ڏيج تَرڪُ،

ڪَرِيين غَيرَ غَرَقُ، تَه مُشاهِدو ماڻِيين.



(14)

تَنُ جَنهِين جو طالِبوَ، سانُڀارا سيئِي،

مَنُّ پِرِيان نيئي، پَڳهِيو پاڻ ڳَرِي.



(15)

لَيا ڏِٺَمِ لارَ، سانڀاران ساهَڙَ جا،

هِينئُون هِتِ نَه وَندري، ڌَرارِنِئُون ڌارَ،

مُنهِنجو مَنُ مِهارَ، پَڳِهيو پاڻُ ڳري.



(16)

گهڙي ۽ گهوري، مَٿان پَرِيَنِ جِنَدڙو.

مَحَبّتَ جا مِهراڻ ۾، تَسُو ٿِي توري،

ڏَمَ وِڌو ڏوري، نَتَ ڪُننِ ۾ ڪيرَ گِهڙي.



(17)

ٻارَهن ڪُنَ، ٻَٽِيههَ تَڙَ، تَڙ تَڙَ مَٿي نانگُ،

عَشقُ جنِ اَتانگُ، ٻُجهان سي نَه ٻُڏندِيُون.



وائي

آيَلِ! اَمَڻِ! تي جِيان، لا! جي سارِينمِ سُپِرِين،

ساهَڙَ مَٿاءَ صَدَقو، ڏهين ڏَم ڏِيان،

لا! جي سارِينِمِ سُپرِين.

مَٿان ماڻڪَ هيڪَڙي، اَمُلَ اَٺَ ڏِيان،

لا! جي سارِيِنِمِ سُپرِين

اَچين، عَبدُالّلطيفُ چئي، تَه، جانِبِ نِتُ جِيان.

لا! جِي سارينمِ سُپِرِين

.

داستان اٺون



(1)

ٻُڏندي ٻوڙَنِ کي، ڪِي هاتِڪَ هَٿَ وجَهنِ،

پسَو لَڄَ، لَطِيفُ چَئي، ڪيڏي کي ڪَکَنِ،

توڻي ڪَنڌيءَ ڪنِ، نات ساڻَنِ وَڃنِ سِيرَ ۾.



(2)

ڪَچِي ڪانِي ڪانهَن، ٻُڏا ڪَڍي ٻارِ مان،

يا لَنگهائي لَطيفُ چَئي، يا ڌُرِئان ڪَري دانهَن،

”ڪما حقـّ[i]“ ڪَکَنِ جِي، آهي ڳالهه آڳانهنَ،

ڏِينِ ٻُڏَنِ کي ٻانهن، نات ساڻُنِ وڃي سِيرَ ۾.



(3)

جان ڪي ڪَنڌيءَ ڪانهن، تان تاڻي ٻَڌج تُرهو،

هَٿُ پِرِيان جي هَٿَ ۾، ٻي کي ڏِج مَ ٻانهن،

سَندي ڪَپَرَ دانهَن، ڪِ تو ڪَنين نَه سُئي.



(4)

هاواڻا هُلَنِ، ڪَپَرَ ڪارونڀارَ جا،

لَهِريُون تُڙَ لِطيفُ چئي، ڀيلي تي ڀُلَن،

جي ڪَچي ساڻُ ڪَهَنِ، آقا تَنِ اوٻاهيين.



(5)

آهيين هُتِ اَمانَ، ٻَڌ تُرهو تار جو،

لهڙِيُون لُڙَ، لَطِيفُ چئي، جَهلِيا جُنگَ جُوان،

اونهي تَڙ آگهٽيا، اَڏي پائي آڻَ،

جي پِيا مُنهن مِهراڻَ، تَنِ ٻانڊيُنِ ٻيٽُ نه اُجَهي.



(6)

ڪَچو کان ڪُنڀارَ، اوڳِي! ڳِنهِيو اِٿين،

ڪِ تو ڪَنين تَه سُئي، ڀيلي تي ڀُلِڪارَ،

لوڙهيا لک لَطِيفُ چئي، ڪوڙِيين ڪارُونڀارَ،

اوڪارِيين آڌار، آران اُڪي واريين.



(7)

ڪَچي ساڻُ ڪَهي، پَڪو پُڇي نه سُهڻِي،

لَنگهِيو لُڙُ، لَطِيفُ چئي، وَڇارُن وهي،

سا ڪِئن نِينهُن نَهي، جنهن کي نِينهن نِڌو کَڻِي.



(8)

اونهي ۾ اوهَري، ڪَهي ڪَچي ساڻُ،

سُپَڪَ جو سَيّدُ چئي، پُڇي نَه پَرِياڻُ،

عشقَ وارِيُون عَبدالّلطِيفُ چئي، سَڏَ نَه کڻنِ ساڻَ،

جِنهين پاسي پاڻُ، سي اَوتِڙان ئي اُکَتِيُون.



(9)

اَنگَ پَسِي رنگُ، ڪِيو ڪو جو دَورُ دلي،

ٻِرٻَر ٻيلي نَه ٿِيو، ڪَچو منجهه ڪلي،

تران ٿي تارِ گَهڻوُن، تُنهنجي بَحر بِلي،

سو ميهارُ مَ مِلي، آهِيان جِهن جي آسَري.



(10)

ڀايُمِ نَه ڀيلو، مُون کي ڌاءُ ڌُتارِيو،

آڪِي مَٿي اُسَري، رُوخَس ڏِنو ريلو،

تيلاهِين ويلو، پِئَمِ واهُڙَ وِچَ ۾.



(11)

ڪَڍيا جي ڪُلالَ، سي پَسي خال خُوشِ ٿِئي،

پاڻيءَ چِٽَ پُسائِيا، ڌاءَ نَه جَهلِي ڌمالِ،

سُپَڪَ ڀانيا سُهِڻيءَ، جوڀَنَ جِي جمال،

اَڪِي جا اَحوال، مُعلُم ٿِيا مِهراڻَ ۾.



(12)

ڪَچو تان ڪوههَ، پَڪو نَظرُ پِريَن جو،

ساهَڙ مُنهنجو سُپِرِين، ڏَمَ ڏِٺيئي ڏوههُ،

جي ڇُٽو، جي ڇوههُ، تَه پورِينديِس پار مَڻي.



(13)

آڪو تَه آڪو، ڪَچو آيُم ڪَمِ،

جِيءَ جَنين جا جَمِ، پَڪا سي پُڇندِيُون.



(14)

پَڪا رَڇ ڪُنڀار جا، پَڪِي نِهائِين،

موُن کي تِئائِين، ڀيلو ڀاڱي آئِيو.



(15)

ڪَچي ڪَٽُ نَه جَهلِيو، ڀيلو پِيو ڀُري،

سارَ ڇَڏيائِين سِيرَ ۾، ٻانُهنِ کان ٻُري،

لَٽي لَهرِيُون ويئيوُن، چؤڌاري چُري،

هِينئَڙي مَنجهه هُري، ماهِيَتِ مَلَڪَ المَوتِ جِي.



(16)

ڪَچي ڪَٽُ نَه جَلِهيو، ڀيلو پيو ڀَڄِي،

ماهِيتِ مَلَڪَ الموتِ جِي، مَنجِهه وُجُودَ وڄِي،

ساهَڙَ کي سَڄِي، آڪي جي احوالَ جي.



(17)

ڪَچي ڪَٽُ نَه جَهلِيو، ڀيلو سَهي نَه ڀَرُ،

هَٿين پيرين آڱرِيين، ٻانُهنِ ڇَڏِيو ٻَرُ،

ساهَڙَ! سِگهو وَرُ، پِيَسِ مَنهن مِهراڻَ جي.



(18)

ڀيلي ڀُلائِي، پِسِي چَٽَ چَري ٿِير،

”ٻَرٻر! ٻڏي سُهڻِي،“ وِيرِنِ ۾ وائِي،

ڪَچي ڪيرائِي، لَا لَهرنِ وچ ۾.



(19)

پڪو کِڻج پاڻَ سين، چَڱون چِٽائي،

ڪچپ ڏيج ڪُلالَ کي، مُنهن تي موٽا.ئي،

سو سُڻ هِينئين سين سُهَڻِي! جيڪِي فائِقَ فَرمائي،

موجون مُنجهائي، ماريَنِئي مِهراڻَ جِيوُن.



(20)

ڪو جو وِيو واءُ، جِئَن ٻَرُ ٻانُهنِ ڇَڏيو،

اَڳي اِنَ تَڙاءُ، اُونداهِيائي اُڪَران.



(21)

هَڻندي ٿَڪَمَ هَٿَ، هِينئَڙي حَجُون ڇَڏِيُون،

لَکُ لَهرِنِ گَڏيو، موجُون وَرِيُون مَٿَ،

نِيِمِ ڪُنَ قُوَتِ، ڀِرُ، ڀَليرا سُپِرِين.



(22)

هِينئَڙي حُجُون ڇَڏِيُون، قُوَتَ رَهِيَمِ ڪانَ،

مون تي موٽِج، مون پَريِن ساهَڙَ ڄامَ سُڄاڻَ،

آهِيان گَهڻُون اَڄاڻَ، ڀِرُ ڀَليرا سُپِرِين!



(23)

ڀُر ڀَليرا سُپِرِين، ڀَلا ۾ بيراههَ،

توريءَ تاري ناههِ ڪا، والِي! توريءَ واهه،

ساهَڙَ جِي صَلاحَ، تَنَ کي ڪَڍي تار مان.



(24)

تَنَ کي ڪَڍي تار مان، صُلح ساهَڙَ جو،

اُت آڏو اَچي ڪِينَ ڪِي، ٻيلِپو ٻي جو،

ميهَرُ! ڪجِ مُنهنجو، ڪو اوڪَرُ اِنهين آر تان.



وائي

مُون پاريچيءَ سارَ، آئون جا وِيندَڙي وَٽِ وَڇارَ.

ڏَمَ مَ جاڳي، لو! مُون پاريچي سارَ

مُون کي تِتي ميڙيين، جِتِ ڪُنڍِنِ جِي قطارَ،

آئُون جا وِيندڙي وَٽ وڇارَ

ٻَرَنِ ٻيلايَنِ جا، سانڀاران سَنڀارَ،

آئون جا وِيندڙي وَٽِ وَڇارَ

وچَ ۾ پوءِ وِصالَ کي، سٻاجها سَتَّارَ!

آئُون جا وِيندڙي وَٽِ وَڇارَ.

گَهرِ گَهرِ گِلا جا وَهي، پاڙي پَنڌ پچارَ،

آئُون جا ويندَڙي وَٽِ وَڇارَ.

تاڪُنِ تَڪِي آهِيان، سِگهو رَسُ، سَنگهارَ،

آئون جا وِيندَڙي وَٽِ وَڇارَ.



داستان نائون



(1)

جَوِ ٿَرِ تِکَ تَنوارَ، وَڻِ ٽِڻِ وائِي هيڪَڙي،

سڀيئِي شيءَ ٿِيا، سُوريءَ سَزاوارَ،

هَمَہ مَنصوُرَ هِزار؛ ڪِهڙا چاڙِهيو چاڙِهيين؟



(2)

سَڀَتِ پَچارَ پِرِينَ جي ، سَپتِ هوتَ حُضُورَ،

مُلِڪُ مَڙيوئِي مَنصُورُ، ڪُهي ڪُهندين ڪيترا؟



(3)

لَهرِنِ لَکَ لِباسَ، پاڻي پَسَڻُ هيڪَڙو،

اونهي تِنهن عَمِيقَ جِي، واري ڇَڏِ وِماسَ،

جِتِ ناهه نِهايَتَ نِينهَن جِي، کوءِ اُتِ پَنهِنجي کاسَ،

تَڙَنِ جِي تَلاشَ، لاههِ تَه لالَنَ لَڳِ ٿِين.



(4)

جان ڪي گَهران مَ وَ ڃُ ، ناتَ موُٽ مَ سُهڻي،

ٻِيون ڀيري ڀَڃُ، هيڪَڙائي هَٿِ ڪَري.



(5)

مَرِج وَٽ ميهار، مَتان موٽين سُهڻي!

ساهَڙَ جا سينگار، متان ڏَمَ ڏيکارِيين.



(6)

چوُنِمِ جي هيڪار: ”مَ وَنءُ موٽي سُهڻي!“

دوُنهينءَ پاسي دوسَ جي، گهارِيان سَڀَ ڄَمارَ،

ٻانڌِيڻان ٻيهارَ، هَوندَ نَه لِڱين لائِيان.



(7)

وَڃان ڪِينَ وَري، هُوند ري چَئي رَهِي رَهان،

دوُنهِينءَ پاسي دوسَ جي، ماڳَهن پُئان مَري،

صُورَتَ نَه سُونهن ڪا، ڪِيسِ چِتَ چَري،

وِصلان فِراقَ جِي، سُڄي ڳالهه ڳَري،

تيلاهِين تَري، مُنهُن کڻيو موٽيو وَڃان.



(8)

آئُون ڪِ نَه ڄاڻان اِئَين، ته جَرَ گِهڙئي جوکو ٿِئي،

قَضا جا ڪَرِيَم جِي، تِنهن کان ڪَنڌُ ڪَڍبو ڪيئن،

هِڪُ لِکِئي، ٻِي نِينهن ، آڻي اوِلِيَسِ اولَ ۾.



(9)

ڪانِيءَ نَه ڪانهَن، نَڪو ڏوههُ قَلَمَ جو،

اَنگُ اُتيئي لِکِيو، جِتِ نَه رَسي ٻانهَن،

ڪِنهن کي ڏِيان دانهَن، قَضا قَلَمُ جو.



(10)

لِکِيو جو نِراڙَ ، سُو اَنگُ ڪِياڙيءَ نَه ٿِئي،

پاريو ويٺِي پارَ، جيڪِي لِکِيو لوح ۾.



(11)

جي قيام مِڙن، ته ڪَر اوڏا سُپِرِين،

تِهان پَري سُڄن، واڌايُون وِصال جُون.



(12)

گِهڙَنِ وارِيُون تَڙنِ تي، گهِڙَنِ گَهڻيئِي،

سَڀَڪا چَئي: ”آن سُهَڻي، لَيء پَرِيان پيئِي“،

صُباح سَڀيِئي، پَسبِيُون پاتارَ ۾.



(13)

ڪَنڌي اُڀِيُون ڪيتريُون، ”ساهَڙُ ساهڙ“ ڪَنِ،

ڪَنِين سانگو ساهَ جو، ڪِي ”گهورِيسِ“ ڪِيو گهڙَنِ،

ساهَڙُ سَندو تَنِ، گهاگهائي گِهڙَن جي.



(14)

پَرِينءَ ڀَرِ پِرِيتِ مان، ٿو ساهَڙُ سَڏَ ڪَري،

جي نَه گَهڙان موٽِي وَڃان، ته ڪا ساههَ سَري،

وَر جان ڀَتَ ڀَري، گهڙان گهورِيو جِندڙَو.



(15)

گِهڙي گهڙو هَٿِ ڪَري، ٻَهون نِهاري ٻَنگُ،

”سِر دَر قَدَمِ يارِ فدا شُد، چه بَجا شُدَ“ ، وَصَل اِهوئِي وَنگُ

راتِ جَنيِن جو رَنگُ، اَلا! سي اُڪارِيين.



(16)

جي تو بيت ڀانئيا، سي آيَتُون آهِينِ،

وَڃِيو لَنئُون، لائِينِ، پِريان سندي پار ڏي.



(17)

تَڙَنِ جا طَعنا، سَهنگا ڏِينَمِ سَرَتِيُون،

دَرِياههَ دِيوانا! سُڻُ حَقِيقَتَ حالَ جِي.



(18)

تران لَئي طَعني، مڙي وَههَ واڪا ڪِيو،

آڻي وَڌِيس آرَ ۾، درِياههَ ديواني،

قَلَمَ جي ڪاني، آڻي اوليَس اولَ ۾.



(19)

تَران تان مَران، وران تان وَهه وِترو،

هِنئَڙي ۾ هوتَنِ جا، اَچنَ گهوُرَ گهڻان،

پَسِيو پاڙي وارِيُون، ڏِسِيو ڏوههَ ڏران،

وِچان ڪِئن وَران، ڪنڌيءَ مُنهِنجو ڪارڻِي.



(20)

نَڪو سَنڌو سُورَ جو، نَڪو سَنڌو سِڪَ،

عدَدَ ناهي عِشق، پُڄاڻِي پاڻَ لَهي.



(21)

عَدَدُ ناهي عِشقَ جو، سُڻيِ ٿِيءُ ساڻِي،

ڪانهي پُڄاڻِي، مَنهدان مُنڌَ! ميهارَ جِي.



(22)

سِڪَ تُنهِجي سُپِرِين جِئن تَران تِئن تارِ،

تُونِهين رُورحَ ۾، تونِهين آکِنئان ٻارِ،

پَرِين! تُنهنجي پارِ، مُون واجهائِيندي وَرَههَ ٿيا.



(23)

سِڪَ تُنهِنجي سُپِرِين! ڪَپي ۽ ڪوري،

سَگهان نَه چوري، ڏاڍو نِيرُ نِينهَن جو.



(24)

سِڪَ تُنهِنجي سُپَرِين! اَندَرِ ٿِي اَجَهلَ،

ٻَرِڪيو ٻاهَرِ نِڪري، کوري کانِئي کَلَ،

ري سيراهِيءَ سَلَ، مُون کي ڏِنا سَڄَڻين.



(25)

سِڪَ تُنهِنجِي، سُپِرِين! اَندَرِ ٿِي اَجهاڳ،

منجهه ڀَرِيائين ماڳَ، پَلٽِيو پارِيُون ڪَري.



(26)

ڪِي تران، ڪِي تار موُن، ڪِي سهگان، ڪِي سَگهُه

آڏو ڏيج مَ لَڳُ، مُون هيڪِلِيءَ وَلهَا.



(27)

سِڪَ سِڪَندينِ لاههِ، وِڇوڙِيا ميڙِ پِرِين،

ايڏي سَگههَ، سَچا ڌڻِي، تو هِي کي جُڳاءِ،

مَنُ جَنِهين جو طالِبُو، مِهرَ تَنِين کي پاءِ،

ميڙائي جو، ماءِ! ڪانگُ لَوَندو ڪَڏَهِين.



(28)

ڏِٺي ٿِيمَ ڏِينهَن، ڪُههُ ڄاڻان ڪِهڙا پِرين،

نيڻَ ڀَرجِي نِينهن، پَلُٽِيا پارِيُون ڪَري.



(29)

ڏِٺي ڏِينهن ٿِيامِ، ڪُهُه ڄاڻان ڪِهڙا پِرِين،

وَلِنِ جِئن وَرِيام، گُوندَرَ غَمَ پِرِيَنِ جا.



(30)

ڏِٺي ڏينهن ٿِيامِ، ڪُههُ ڄاڻا ڪِهڙا پِرِين،

سَهَسين سِڄ اُلَهِي، واجهائِيندي وِيامِ،

تَنهِين سالَ ٿِيامِ، جنَهِين ساعَتَ نَه سَهان



(31)

گَهرُ، نه وَرُ، نه وَٿُ ڪا، آهمِ مَنِ مِهارُ،

اِنَ اوسيڙِي آُٿِيان، سنجهي ڪَري سِينگارُ،

پِرِين تُنهنجو پارُ، پَسان مانَ پِرَ ڪِهِين.



وائي

نَهيِن نَهيِن ميڏي وَسِ،وو! بِنا دِلَبَر هَئي دِلِ ماندي.

سِڪان ٿِي سنگهارَ کي، بابَ نَه مُنهنجي بسِ

موُن کي مَتِ ميهارَ جِي، ڪانِ اَچي ٻِي ڪَسِ

دَرد دَسِي آهِيان، دَردُ مُهِين جو دَسِ.

سُکُ نَه پُڇي سُهڻِي، ڏَکُ ڏَکِيءَ کي ڏَسِ



داستان ڏهون



(1)

ساهَڙَ ڌاران سُهَڻِي، اَڌوتِي آهي،

ڪُنڍِيُون جو ڪاهي، پاسي تِهِين پاڪَ ٿِئي.



(2)

ساهَڙَ ڌاران سُهڻِي، نِسوري ناپاڪَ،

نِجاسَتِ ناهِ ڪرَي، اُنِهين جِي اوطاقَ،

هوءِ جي کِيرَ پِياڪَ، پاسي تَنِين پاڪَ ٿِئي.



(3)

ساهَڙَ ڌاران سُهِڻِي، هِيءَ جُنبِي جوءِ،

هِنَ پاڻِيءَ سين پانِهنجو، مورَ نَه مَٿو ڌوءِ،

جي پِرِينءَ پاسي هوءِ، تَه ڪَرَ توڏيءَ تَڙُ ڪِيو.



(4)

ساهَڙَ ڌاران سُهَڻِي، هِيءَ تان جهُڪِي زالَ،

توڏيءَ تَپُ شُروع ٿِيو، هَئي! هِيڻيءَ جي حالَ،

جَڏي ري جَمالَ، اَگهِي ٿِي آهوُن ڪري.



(5)

ساهَڙَ ڌاران سُهَڻِي، آهي ۾ آزارَ،

ڏَمَ پاسي ۾ ڏُکندو، صِحَتَ وَٽِ سَنگهارَ،

توڏيءَ سَندي تَنَ جِي، دَوا ۾ دِيدارَ،

جي پَسي مُنهن مِهار، ته سِگهِيائِي سَگهِي ٿئي.



(6)

مَتان گهِڙين، سُهَڻِي، اَڄُ دَرِياههَ ۾ دَمُ،

ڪاريءَ رات ڪُنَنِ ۾، ڪهڙو اَٿِئي ڪَمُ،

مَتان جاڳي ڏَمُ، پُڇي پاڙي وارِيين.



(7)

پُڇي پاڙي وارِيُون، ڪوههُ ڪَرِيندو ڏَمُ،

ڪاريءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، آهي ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ

هِيءُ هَڏو ۽ چَمُ، گهورِيو مُحِبَ مِهارَ تان.



(8)

سَدا پُڇ مَ، سُهَڻِي! اوُنداهِيءَ آڌَ راتِ،

پِرِيان ڏي پَرڀاتِ ، وانءَ ڏيٺاري ڏيهَه کي.



(9)

سائِرَ ٻوڙي سُهَڻِي، نَه ڪِنهن ڍوري ڍَنڍُ،

اَکِنِ مَنجِهه اُڪَنڍَ، مُيائِي مِهارَ ڏي.



(10)

ڏيهاڻي ڏَمَرُ ڪَري، مَٿي محَبتَ مُون،

تِنهن کي اَچِي تُون، پِرِيَمِ! ڪوههُ نَه پَلِيين.



(11)

ساهَڙُ سُڪِيءَ ۾ ٿِيو، پاڻِيءَ مَنجِهه پُنو،

سَندو ڪَچ ڪُنو، تار تَرندو ڪيترو؟



وائي



(1)

ڪُهه ڄاڻان ڪيڏاهين؟ منهنجو تَنُ تَڻي تيڏاهِين،

سائِين! نيڻَنِ نِينهَڙو لَڳائي وِئَڙا.

جيڏانهن عَالَم آسَرو، مُون پُڻ آهي اوڏاهِين.

دوُنِهين دوسِت مِهارَ جِي، ڏِئي جِئَن ڏِٺائِين.

ساري سُپيرِيَنِ کي، رَههَ پَرِ رَتُ رُنائِين.



وائي



(2)

مُنهِنجِيون سَڀيئِي، آيَلِ! ماءِ! مَنَ مُرادؤن پُنِيُون،

جِهَڙي پِريان ڳالَهڙي، تِهَڙي ٻِي نَه ڪاءِ،

ڪِجي تان ڪوڏَ ٿِئي، سُجھي تان سِيباءِ،

ويههُ داتا جي دَرَ تي، شُڪرُ جنهن جُڳاءِ،

ڪانهي حَدَ حَمدَ جِي، ته ڪَرِيان لالَنَ لاءِ،

ڳَڻِيو ڳَڻِيان ڪيتَرِيون، وَڏِيُون وَڏاياءِ؟

سو مُون هَٿان نَه ٿِئي، جيڪِي تو جُڳاءِ،

تو سَڄِيُون، تو سَندِيُون، سِڪَنِ توهين ساءِ،

اُڃَ تُنهنجِي اُڃِيُون، لوچِنِ توهين لاءِ،

دِلِ دانهُنِ ري نَه رَهِي، مُون کي ماٺِ جُڳاءِ.



داستان يارهون



(1)

وَڻن ويٺا ڪانگ، وِچينءَ ٿِي ويلا ڪري،

گهِڙي گهَڙو هَٿ ڪَري، سُڻِي سانجهِيءَ ٻانگ،

سِيئي ڍُونڍي سانگ، جتي ساهَڙُ سُپِرِين.



(2)

گهِڙي گهَڙو هَٿ ڪَري، ٻَهون نِهاري ٻنگَ،

”واَمّامَنۡ خافَ مَقامَ رَبَّہُ“ اِيُ لَنگهيائِين لنگههُ،

سِڪَندِيَنِ کي سَيّد چَئي، ڪينَ جهَليندو جهنگ،

راتِ جَنِين جو رَنگ، الا! سي اُڪارئين.



(3)

گهِڙي گهَڙو هَٿِ ڪَري، چيلِهه ٻَڌي چوتو،

مُنهنجو مَنُ مِيهارُ کي، پارَ وَڃِي پَهُتو،

گوتي ۾ گهوتو، مُون کي مُحِبَ مِهارَ جو.



(4)

گهِڙي گهَڙو هَٿَ ڪَري، سانگو ڇَڏي ساههَ،

ويچاريءَ وَڏِيُون ڪِيُون، دانهُون مَنجههِ دَرياههَ،

ٻَرُ ٻانهُنِ ڇَڏِيو، وييَس سَڀِيئي واههَ،

مَدَد ري ميهارَ جي، غَرَضَ سَڀ گُناهَه،

نُوري ڪَرِ نِگاههَ، تَه ساهَڙَ لِنگهِيان سِيرَ کي.



(5)

گهِڙي گهَڙو هَٿِ ڪَري، ٻوڙِيائين ٻانهوُن،

ويچاريءَ وَڏِيُون ڪِيُون، وِچ دَرِيا دانهُون،

موٽُ مُحِبَ! پانهُون، تاڪُنِ تَڪِي آهِيان.



(6)

گِهڙي گهَڙو هَٿِ ڪَري، اِلاهِي تُهارَ!

ڄَنگههَ ڄَرُڪِي واتَ ۾، سِسِي کي سيسار،

چُوڙا ٻِيڙا چِڪُ ۾، لُڙَ ۾ لُڙِيَسِ وارَ،

لَکين چَهُٽيَسِ لوهَڻِيُون، ٿيلِيُون ٿَرَنِئُون ڌارَ،

مِڙِيا مَڇ هَزارَ، ڀاڱا ٿِيندي سُوهَڻِي!



(7)

منهِن جِنهِين جي مُون، ڏِٺو، مُنهُن مِيهارُ جو،

آهِمِ ساهُه سَنئُون، سو ڪِئن گهَڙو گهورِيان.



(8)

گهَڙو ڀَڳو تَه گهورِيو، مَرُ چورَ ٿِئي چوُڙو،

”طالِبُ الموليٰ مُذڪر“، ايءُ ٻَڏَندَنِ ٻُوڙو،

ڪوڙِهيو ڏَمُ ڪوڙو، مُون مِيهارَ مَنَ ۾.



(9)

گهَڙو ڀَڳو تَه گهورِيو، مَرُ ٻِيڙ ٿِئي ٻانهِين،

”طالِبُ المَوليٰ مُذَڪُر“، اِيءَ پرِ اَساهِين،

پُران نَه پانهِين، مُون مِيهارَ مَنَ ۾.



(10)

گهَڙو ڀَڳو ته گهورِيو، پاڻان هو حِجابَ،

واڄَٽُ وَڄي وَجُودُ ۾، رَهِيو روُحَ رَباب،

ساهَڙُ ريءُ ثوابَ، آئُون گهَڻوئِي گهورِيان.



(11)

گهَڙو ڀَڳو تَه گهورِيو، تُون ڪِين تَرَ، هِينئان!

اَدَبَ اَکَڙِيُنِ کي، ڏيهاڻِي ڏِيان،

ميهارَنِ مِيان، سَئُون سُونهايُم پيچرو.



(12)

گهَڙو ڀَڳو تَه گهورِيو، آسَرَ مَ لاهِيجِ،

”لَاتَقنَطُوا مِن رَحمَةَ اللهِ“، تُرَهِي اِنَ تَريج،

حَبِيباڻي هيجِ، پَسين مُنُهن ميهارَ جو.



(13)

گهَڙو ڀَڳو، مُنڌَ مئِي، وِيا وَسِيلا،

سارَ ڇَڏِيائين سِيرَ ۾، هَئي! رَهِيا هِيلا،

سُهَڻِيءَ جا سِيلا، وَحدَتَ سَڀِ وِڃائِيا.



(14)

گهَڙو ڀَڳو مُنڌَ مئِي، وَسِيلا وِئا،

تِنهان پوءِ سُئا، سُهَڻِيءَ سَڏَ ميهارَ جا.



(15)

جَڏهن وَسِيلنَ، لوڙهي ڇَڏي لُڙَ ۾،

پاراران پِرِيَنِ، تڏَهِن پُڇي سُهڻِي.



(16)

پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، وَسِيلا وِڃاءِ،

عشقَ ساڻُ اُٺاءِ، پيرُ پِرِيان جي پارَ ڏي.



(17)

پاڻُ مَ کَڻجِ پاڻَ سين، ريءَ وَسِيلي وانءُ،

مَٿاءِ سائِرَ، سوهَڻِي! پِرِتِ وَٺِجِي پانءُ،

نِينهن ڳنهندي نانءُ، وَنءُ پِرِيان جي پارَ ڏي.



(18)

پاڻُ مَ کَڻجِ پاڻَ سين، ريءَ وَسِيلي وَڌُ،

لالَنُ تَنِين لَڌُ، عشق جَنِ جي آڳَ ۾.



(19)

پاڻُ مَ کَڻجِ پاڻ سين، ريءَ وَسِيلي وَڃُ،

ڀيلو ڀيري ڀَڃُ، اُڪَنڍَ کَڻُ عَمِيقَ ۾.



(20)

پاڻُ مَ کَڻجِ سين، وَسِيلا وِسارِ،

لُڙُ لَنگهائي سُهڻِي! پِرِيتِ وِجهَندِيَئي پارِ،

سي تُرتُ لَنگهِينديُون تارِ، اُڪنڍَ آڳَههُ جَنِ سين.



(21)

ڪونهي آڳَههُ اِهَڙو، جِهَڙي مَحَبَتَ مَنِ،

اُڀِيُونِ اورِيين پارَ ڏي، ڪُوڙِيُون ڪَکَ پُڇَنِ،

نَدي تَنِ نيڙُ ٿِئي، جي ريءَ تُرَهي تَرَنِ،

سِڪَ رَساڻي، سُهَڻي! اَصلُ عاشِقُنِ،

سي جهَلِيُون ڪِينَ ڪُنَنِ، پُڇَنِ جي ميهارُ کي.



(22)

پُڇَنِ جي ميهار کي، پُڇي سي ميهارُ،

تُرَهو تنهين بارُ، عِشقُ جَنِين کي آڪرو.



(23)

عِشقَ جَنهين کي آڪرو، تُرَهو مَٿي تَنِ،

جي ساهَڙَ کي سِڪَنِ، تَنِين جَرُ جَنڊُ ٿِئي.



(24)

تُرهو آڇِ مَ تن کي، جن عِشقَ سين آگاههَ،

پُڇي مَسَ ملاحَ، ساهَڙَ مَڻِي سُوهَڻِي.



(25)

ساهَڙُ، سا سُوهَڻِي، سائِرُ پُڻِ سوئِي،

آهي نِجوئِي، ڳُجُهه: ڳُجهاندَرَ ڳالَهڙي.



وائي

ڪِهڙي مَنجههِ حِسابَ، هُئڻُ مُنهِنجو هوتَ ري، لا!

گولِي! ڀَڄ گُناههَ کان، ڪونهي سُولُ ثواب،

هُئڻُ مُنهِنجو هوتَ ري، لا!

نَڪِين تَقاوَتَ ۾، نڪين مَنجههِ رَباب،

هُئڻُ مُنهِنجو هوتَ ري، لا!

خوديائِي خُوبُ ٿِيين، لايين جي لُعاب،

هُئڻُ مُنهِنجو هوتَ ري، لا!

پَلِيتَ ئِي پاڪُ ٿِئي، جُنبِيو مَنجههِ جناب،

هُئڻُ مُنهِنجو هوتَ ري، لا!

سو نَه ڪَهِين شَيءِ ۾، جيڪِينِ مَنجههِ تُرابُ،

هُئڻُ مُنهِنجو هوتَ ري، لا!

هوءِ جي جَرَڪن جَرَ تي، سي تان سَڀِ حُباب،

هُئڻُ مُنهِنجو هوتَ ري، لا!

هاديءَ سين هُنَ پارَ ڏي، رِڙهين ساڻُ رِڪاب،

هُئڻُ مُنهِنجو هوتَ ري، لا!

چَنبو وِجهِي چورَ کي، آءٌ ڇَڙَ، عُقاب!

هُئڻُ مُنهِنجو هوتَ ري، لا!

دِيدُ وِڃاءِ مَ دوستَ جو، هَلِي مَنجههِ حِجاب،

هُئڻُ مُنهِنجو هوتَ ري، لا!

ڪَثرَتَ آهي قُربُ ۾، اِدغامَ ۾ اعراب،

هُئڻُ مُنهِنجو هوتَ ري، لا!

فَنا وِجهِي فُمَ ۾، ڪارَڻِ ٿِيءُ ڪباب،

هُئڻُ مُنهِنجو هوتَ ري، لا!

ڏي طَهُورا تَنِ کي، جي سِڪَنِ لاءِ شَراب،

هُئڻُ مُنهِنجو هوتَ ري، لا!

مُٺِيءَ ڪِيا مَرضَ ۾، جاوا سَڀِ جُواب،

هُئڻُ مُنهِنجو هوتَ ري، لا!

¯


[i]

 

معنيٰ جي پٽي





الف



اُتَڻ: زالن جي چرخي ڪتڻ جي جاءِ. اڱڻ- صحن.

آٽ: سوز، ساڙو، گداز.

آتن: سڙن.

آٽي: (اُٽڻ= رجائڻ) رجائي، ڳاري، ملائي.

آٽيا: ڳاهٽ ٿيا، گڏ ٿيا.

آپاتو: اوڦٽو، ڌاريون، غير.

آجو: آزاد. ڇٽل.

آجڙين: (واحد: اَجڙو) اَجڙين کي، ٻڪرارن کي، ڌڻارن کي.

اَجڪو: ثمر، قوت. آڌار. ڀرجهلو.

آچام: تير جو نيشان، هدف.

اَڇارا: لهرن جون لپيٽون، گجي.

آڇارو: چم جي ڳوٿري.

آديس: جوڳين جو سلام، بندگي.

آديسي: تارڪ فقير.

آڏترڇا: ڏنگا ڦڏا، ابتا سبتا.

آڏت: سج.

اَڌ وڏائي: خاص وڏائي، شان.

آر: سير. تک. وهڪرو.

آراڙ: وطن، گهاٽو جهنگ.

آراڙي: ڏٿ جو کاڌو، سادو، غريباڻو طعام.

آراڻ: اڻبڻت.

آر کڻين: آر کڻن ۾. مهانڊن ۾.

اَروڙجي: سخت ڪاوڙجي.

آراڻ: جنگ جو ميدان، جنگ.

آريج: خشڪ زمين، غيرآباد زمين.

اُڙيڪا: ور وڪڙ.

آزوري: آزاريل.

آسارو: آسرو- آڌار.

آساروس: سندس آسرو.

آسانگو: آس، آسرو، اميد.

آسر: آسرو، اميد.

آسڻ: وهڪ جي جاءِ. ٽڪاڻو.

آڪاهه: آڪهه- ڪڙم- قبيلو.

آڪرو: اتامرو. گهڻو. مهانگو.

آڪو: ڪچو گهڙو.

آکڙي: ٿاٻڙجي.

آکُون: هڪ ميوو- اکڙوٽ.

آکڙيان: ٿاٻڙيل، باهڙيل.

آگَن: مالڪن، اڳوانن.

آڳ: منجهه- راز. وارو. وجهه.

آڳانجهو: اڳرو. زياده- جهجهو.

آڳانڍو: دلاسو. پناهه- بچاءُ.

آڳانڍيائون: جوڙيائون. اڏيائون.

آڳهه: ڀرجهلو- آڌار. ڀروسو.

آڳاهون: اڳڀرو، اڳتي.

آڳڙين: آڳ وارن- لوهارن.

آگهٽجن: گڏ ٿين. بند ٿين.

آلائش: گندگي. ناپاڪي.

آلودو: ميل سان ڀريل. ناپاڪ.

اَما: (واحد: اَمو) انب.

آهيريانئي: آرسيءَ کان ئي.

آن: آءٌ. اوهان.

آنر: نڀاڳا اٺ. کيرولي گاهه جو قسم. هڪ قسم جو وڻ- آملہ.

آنهن: کوهه جو حوض- آواڙو.

آوار: ڇٽيل. پکڙيل. آسپاس.

آواڙ: اجائي، عبث.

آوَن: اچن.

آونگ: رڌ پچاءُ جا ٿانءِ.

آهَرَ، آهار: آڌار- آسرو.

آهُرۡ: وٿاڻ. ڪونار جنهن ۾ مال چارو کائي. مال جو کاڌو.

آهيرا: آکيرا.

آهڙا: ڏکيا- اهنجا- مشڪل.

آهيڙي: شاڪري، صياد.

آيل: امان- ماءُ. سکر زال.

آبُ: ابو- پيءُ.

آبر: ڪڪر، بادل.

اِبر: سُئِي.

آبڙو: ابڙو سردار جنهن سومرن جون سامون جهليون هيون.

اُبَهان: (ابهڻ= بيهڻ) اڀو ٿي بيهان. بچان. امن ۾ رهان.

اُبَهو: بچو، امن ۾ رهو.

اُٻاٽجڻ: ڪومائجڻ. دونهاٽجڻ.

اُٻاهرا: اُٻهرا- تڪڙڪندڙ. جلدباز.

اٻُڌي: بي سمجهائي- ايائپ.

اُٻڪار: پڪار. نعرو.

اُڀا: بيٺا. بيٺل.

اُڀکڙا: پٻن تي بيٺل. اڀي پير بيٺل.

اُڀو: بيٺو، بيٺل.

اڀي ويا: اُٿِي ويا.

اُڀيڪ: بيهڪ.

اُڀينديون: بيهنديون

انت: نهايت. حد.

اُتاريو: لاهيو. دفع ڪريو.

اَتانگ: اڻ تانگو. اونهو.

اُتائون: چيائون.

اُتائين: چيائين.

اُتومانءِ: چيو مانءِ، توکي چيم.

اَتور: بيمثل. لاثاني.

اَتوريا: اڻ توريل. اَميا. گهڻا.

اُٺو: وسيو. وسيل مينهن.

اِثبات: ڌڻيءَ جي هستيءَ جو اقرار.

اَپاريا: پار وارا- پرانهان.

اُپٽي: (اُپٽڻ: کولڻ) کولي. کُلِي.

اَپر: گهڻو. بيحد. بيشمار.

اُپڙ: تڪڙوهل، وک وڌاءِ.

اَپَليو: اڻ پليو- اڻ جهل.

اُجارا: اُجاريندڙ، صاف ڪندڙ.

اَجلان: اجل کان، موت کان.

اِجلس: ويهه، ويهڻ.

اَجوکي: بنا جوکي- سلامتيءَ واري.

اُڄهي: پڄي- پورو ٿئي. اُڪلي.

اَڄاڻندي: اَٻوجهه. بي سمجهه.

اُڄي: ٽپ ڏئي، ڊوڙي.

اُجهه: (مصدر: اُجهڻ) رُل. ڀٽڪ.

اَجهور: اجهاڳ پاڻي. ڪُن. مال جي بيهڻ جي جاءِ- اَجهو.

اَجهائون: اَجها. آسرا. ڀروسا. پناهه جون جايون.

اُجهڻ: رُلڻ- ڀٽڪڻ.

اَچِهُون: اسان کي اچي.

اَڇاهه: اڇا- سفيد.

اڇل: اٿل- پلٽ (پاڻي جي). اڻ ميو- بي انداز. تڪڙو- تيز.

اَدورائون: دانهون- پڪارون.

اِدغام: ٻن حرفن يا آوازن جو پاڻ ۾ ملي هڪ ٿيڻ.

اَدوها: اُڌما. جوش. اُمنگ.

اُڌاڻا: اُڀريا. پيدا ٿيا.

آڌر: بناٽيڪ. ري اَجهي. ضعيف.

اَڌ لڳيون: اڌ پوريل (اکيون).

اَڌوتي: اڻ ڌوتل. ميري. ناپاڪ.

اَڏي: گوشت وڍڻ جي دِڪي.

اَڏيار: پاسو ڪندڙ. پار ويندڙ.

اَرا: ڪِلا.

اِرادت: اِرادو. ازل جو ليکو.

اَرتو: رت گاڏئون. ڳاڙهو.

اَرتي گاڏئون: رت گڏيل.

اَرٽ: ائٽ- چرخو.

اِرث: ميراث. ورثو.

اُردابيگيون: لاغرض ٻانهيون.

ارداس: بندگي. عرض. سوال.

اَرڏا: زوراور.

اَرزان: سستو- سهانگو.

آرک: اڻ رتل. ناپرهيزگار. بيوفا.

آرڳ: الڳ. پَري- ڌار. بيزار.

آرغچ: بافتو.

ارم: بهشتي پوشاڪ. اِرم جو لباس.

اَروٽ: ڪَچو. خام. غير واقف.

اَروٺ: بي آبي- خشڪ. سوڪ.

آريج: ريج بنان زمين. خشڪ.

اَڙانگ: اڙانگو- ڏکيو- مشڪل.

اَزل: اصل. ڪائنات کان اڳ.

اَسارا: غافل. ويسلا.

اَساروس: سندس آسرو. کيس آسرو.

اَسار: بنا سار جي. غافل.

اَسک: سک بنا. ڏکي. بي آرامي.

اسم اعظم: خدا جو وڏو نالو.

آسُور: اسر. پرهه ڦٽي کان اڳ.

آسور: سور کان سواءِ.

اِشارتون: ڳجها اِشارا.

اَشهد: شهادت جو ڪلمو. ’اشهد ان لا الِہٰ اِلاالله و اشهد ان محمد عبده و رسولہ‘.

اَصيل: شريف. بڻائتو.

اظلام: ظالم، ڪٺور. ظلم.

اِعراب: جملي ۾ بيهڪ مطابق اسم جي آخري حرف جي زير زبر.

اعرابين: (واحد: اعرابي) برپٽ ۾ رهندڙن- بدوين. مارو ماڻهن.

افسوساءُ: افسوس سان.

اَڪاڄ: نڪار. نالائق. نڪمي.

اُڪيل: اُڪلاءُ. جلدي.

اُڪِيريو: سڪيو، واجهايو.

اَکَا: چانور وغيره ان جا داڻا جي پوڄارا درياءَ ۾ ڀيٽا طور وجهن.

اُکتا: جهاڳي پار پيا. اڪريا.

اُکَتي: پار پئي.

اَگر: عود جو وڻ. خوشبوءِ.

اَگوندرو: گوندر يا غم لاهيندڙ- غمٽار. بنا غم جي. گهڻو پاڻي.

اَڳ: اڳوان. مهندار.

آڳاهون: پري. اڳڀرو.

آڳرو: مٿاهون، سرس- گهڻو.

اُگهٽ: اوگهڙ. پڌرائي. پڌر.

اُگهٽيا: گڏجي سوڙهو ٿِيا.

اَگهنين: تون قبول پئين- اگهامين.

اڱڙا: انگ- عضوا.

آڱڙين: عضون سان- انگين.

اَل: عيب.

اِلاالله: سواءِ الله جي، فقط الله.

اَلانسان سِرّي و اَناسِرُّهُ: ’انسان منهنجو ڳُجهه آهي، ۽ آءٌ سندس ڳُجهه آهيان‘.

اَلله بِڪُل شيءِ محيط: خدا سڀ تي حاوي آهي. هر شيءِ ڌڻي جي گهيري ۾ آهي.

اَلله وليُّ الذين آمنوا يخرجهم من الظلمٰت الي النور: الله ايمان وارن جو دوست آهي ۽ کين اونده مان ڪڍي روشني ۾ آڻي ٿو.

اَلاهر: الله جي مدد سان.

اِلاهي تُهار: الله تنهنجي آڌار تي.

اَلتيم: سَلِيمُ- سڻايم.

اُلٿي: سج لَٿي.

اَلديانم جيفة و طُلا بِها ڪِلابُ: ’دنيا ڍونڍ آهي ۽ سندس طالبو ڪتا آهن.‘

اَلذين آمنوا وڪانوا يتقون: ’اُهي جن ايمان آندو ۽ جي پرهيزگار يا متقي آهن‘.

الڙ: اڻ آزمودگار، اڻڄاڻ. ڀورڙو.

اَلستُ بِربّڪُم: ’ڇا مان اوهان جو رب نه آهيان.‘

اَلسفر قَطعة مِن النار: ’مُسافري باه يا دوزخ جو ٽڪرو آهي.‘

اَلعشق حجاب بين العاشق والمعشوق: عشق، عاشق ۽ معشوق جي وچ ۾ هڪ پردو آهي.

اَلعشق نارالله الموقدة: عشق الاهي ٻاريل (ساڙيندڙ) باهه آهي.

اَلف: الله جي نالي جو پهريون حرف، يعني الله.

الفراق اشد من الموت: فراق موت کان وڌيڪ سخت آهي.

الَک: مخفي، بيچون. ڌڻي تعاليٰ.

اَلماس: هيرو. وڍڻ جو اوزار.

الوڙو: ننڊ اکڙائيءَ کان جهوٽو.

الوڙڻ: اکيڙڻ. ڌِڪي لاهڻ.

الوهيت: خدائي. وحدت.

اُلهي: غروب ٿئي- سج لهي.

اُلير: سَٽ. ٽپ. ڇال. اُڇل.

اَليومَ سِيروا: اڄ سير ڪري وٺو.

اُمارو: ڇِڪ- ڪاڍو. سنبت.

اَماڻ: امانت.

اَميا: (واحد: اميو) اڻ ميا. اٻار.

اُميري: ڪپڙي اڻڻ وقت تاڃي جي ڇنل تند کي ڳنڍ. ڳانڍاپو.

اميس: بندگي. سيوا.

اَناسي: اڻاسي.

اَناعبد: آءٌ ٻانهون آهيان.

اَنان: احمق. نادان. مست

اِن الله و تريُحِبُّ الوِتر: ’تحقيق الله هَڪ آهي ۽ هيڪڙائي کيس پسند آهي‘.

اِن الله يغفرالذنوب جميعاً: بيشڪ الله تعاليٰ سڀ گناهه معاف ڪري ٿو.

اِنَّ اَوليائي تحت قبائي: منهنجا دوست منهنجي چولي هيٺ آهن.

اُناءِ: ٻڌ- سڻ. مڃ. قبول ڪر.

اَنبر: اُڀ. آسمان.

اَنبرين: آسمان تائين.

انت: حد- پڄاڻي.

اِنتها: پڄاڻي. آخر.

اندام: عضوا.

اَندوهه: غم. ڏک.

اندوهِيان: غم اٿن، ڏک اٿن.

اَنڌي: ڪَنڌي. ڪنارو.

انگ: نصيب لکيو. جسم. عضوو. نشان. انگهه- چهنب.

انگڙا: عضوا.

انگڙيارو: ڏنگو- وِنگڙو.

انگهيم: چيريم- وڍيم.

اَنگهه: ڪاٺيءَ جي تکي چهنب.

اَنواع: (واحد: نوع) قسم- نمونا.

انَيرا: راجا انيراءِ (جنهن راءِ ڏياج جو سر وڍايو هو). راءُ- راجا.

اَڻاسو: بي لڄو- بي ننگو.

اَڻ ڪِي: نَه ڪيل. اڻ ڪيل.

اَڻي: نوڪ- چهنب.

اواٽ: غلط رستو- ڪُواٽ. گمراهي.

اوائي: موڳي. نادان.

اواين: موڳين. مورکن.

اوباهڻ: بچائڻ. سلامت رکڻ.

اوبڻ: سٽ ويڙهڻ.

اوڀارا: پاڻيءَ جا ابتا وهڪرا.

اوٻالا: ڏوراپا، مهڻا.

اوڀالئان: مهڻن کان. ڏوراپن کان.

اوڀڙ: زمين مان ڦٽندڙ شيون.

اوتڙ: اوجهر. اوڙاهه. گمراهي.

اوتون ڏيڻ: پلٽجي زور سان لڳڻ.

اوتيائون: نابائون- پلٽيائون.

اوڄاهه: اجهڻ. اُڪلڻ. وڻڻ.

اوجهڙ: ڏنگي واٽ. گمراهه.

اوڇون: پرزا پرزا. عاجز. حيران.

اوڇي: ڌاري. خراب. خسيس.

اوڏايان: اوڏو. تمام ويجهو.

اوڊو: اُڊو- اڊڪو. فڪر.

اوڍر: ڍڪ. پردو.

اوڍڪو: ڍڪ- پناهه.

اُور: هلان- ڪاهه. رُوڙ.

اوراتو: ماتم روڄ، غم. مصيبت.

اوراٽيون: ڍڪيون. ڀريون.

اوراران: اورينءَ ڀران (درياه جي).

اوراڙ: درياهه جو اوريون پاسو.

اورڳ: ڳول- جاچ. پڇا. ڳالهه ٻولهه.

اورين: حال ٻڌائين- ڳرهين.

اوڙڪ: پڇاڙي. نيٺ. گهڻو.

اوڙکيو: پروڙيو. معلوم ڪيو.

اوسا: سڪل، سُڪا.

اوسار: نه وسرندڙ. جٽاءُ ڪندڙ.

اوسارين: ماتم ڪن. روڄ ڪن.

اوسر: اڻ هوند.

اُسڙان: اُس ۾سڙان. انتظار ڪريان.

اَوسهه: فال.

اوسيڙو: فڪر. ڳڻتي.

اوصاف: وصفون. ڳڻ. چڱائي.

اوڪ: پاڻيءَ جي پالوٽ.

اوڪاڻين: موڳائي ڪن، موڳيون ٿين.

اوڪر: اڪلاءَ. نيڪال. لانگهو.

اوڳي: موڳي. غافل.

اوقابيل: عُقابيل- هڪ طرفان عقاب جي کنڀن سان جُڙيل تير.

اوڳا: موڳا. منجهيل. اندان.

اوڳڻ: اوگڻ. گناهه.

اوڳڻي: ڏوهارڻ.

اول: بند. روڪ. اها ڪنڊ جنهن ۾ درياهه ڪک ۽ ڪاٺيون لوڙهي آڻي ڇڏي.

اولا: ڇانئون. ڍڪ. پناهه.

اولو: ٻيڙي کي هلائڻ جو ڳن.

اولاڪو: اُلڪو. ڏک. صدمو.

اولجان: ڌڪجان، ٺيلهجان.

اولون ڪرڻ: يادگيريون ڪرڻ ڍڪ ڍڪڻ.

الون ٿيڻ: ٿڪجڻ. بيزار ٿيڻ.

اولاڻو: لولي.

اولاڻي: خالي. سنجن بنان. (وهٽ)

اولاڻيو: خالي پلاڻ بنان (وهٽ)

اَوليءَ: مشڪل، ڏکيءَ.

اولي: ٻيڙي جو ڳن.

اوليون: ڀٽڪيل گمراهه (عورتون).

اوليين: لوڙهئين. ٺيلهيين.

اوليو: لڙهيو. ڀٽڪيل. ٺيلهيل.

اوناءِ: عرض قبول ڪر.

اونڌا: ابتا. بي عقل.

اوڻا: اڻ ڀريل. خالي.

اَوڻت: اڻبڻت. ناسازي.

اوهري: (اوهرڻ= ٻيڙين جو روانو ٿيڻ) اسري. نڪري.

اوهير: انهيءَ وقت.

اوهيرا، اوهيڙا: وسڪارا.

اوڻيون، اويُون: پاڻيءَ جون ننڍيون سانداريون- کُليون.

اويسي: اهو صوفي جو اويس قرني (جنهن نبي ﷺ جي ڏسڻ يا ملڻ کان سواءِ غائبانه ساڻس محبت ڪئي ۽ کيس مڃيو) وانگر ظاهري مرشد جي بدران نبي ﷺ يا ٻئي ڪنهن اهل مماتي واري ولي الله سان پنهنجي ارادت ۽ صحبت رکي ۽ فيض وٺي.

اُهاءُ: شعاع. چمڪاٽ. سوجهرو.

اِهائين: اِتائين.

اُهڃ: اهڃاڻ. نشان.

اهڃاڻان: سندن اهڃاڻ.

اهڃاڻيون: نشانيون.

اُهرائينس: (اهرائڻ- ٻيڙي هاڪارڻ). هاڪارينس، ٺيلهينس.

اُهس: روشني. تجلو. سڪ.

اُهنج: گهٽ. نِوالو. ڪسو.

آهنجي: اوهان جي.

اَهل: لاڙو. روش. نمونو.

اِئائين: اِتائين، انهيءَ هنڌان.

ايرڀير: اچڻ وڃڻ. لاڙو. نمونو.

اَيَنگ: مستان. بيپرواهه.

ايلاچنئون: ايلاچن کان. (ايلاچو: هڪ قسم جو ريشمي ڪپڙو).

ايههُ: اِهو.

ايهيءَ: اِهڙي.

آئِين: اوهين- توهين.

ب

بالله: قسم خدا جو.

باب: در. حق ۾. بابت.

بابُو: فقير. سامي.

بابل: بابو- پيءُ.

باري: ڌڻي. خدا. سخت- ڳرا.

باز آڻڻ: روڪڻ.

بازندن: راند ڪندڙن.

باک: خبر. پره ڦٽي.

باکُون. روشنيءَ جون شاخون.

بانَ: ورن- رنگ. تير.

بانا: رنگ. بيان.

بانُ بري: مٽيءَ رنگ. ڀڀوت.

باهوٽي: ننڍي باهه. دونهين.

بُتن: انساني پتلن، عام ماڻهن.

بُٺ: پَٽ- ميدان. گهڻو.

بُٺ: بٺي. ڍڳ. سڃ.

بُٺي: قبر.

بُڇائيون: بڇڙايون.

بُڇن: بڇڙن. بدڪارن.

بحري باز: وڏو باز. شاهين.

بخرو: حصو. نصيب.

بِدا: وداع ٿيڻ. معاف ٿيڻ.

بَدوُ: جهنگلي. گندو.

بڊاماڻي: بڊام جو رهاڪو.

براد: برات. سَند. خوشي. ڄڃ.

برجن سين: چوٽين سان.

برجنگ: مرڌنگ ساز.

برخيز بده ساقي: ’ات، ڏي اي ساقي.‘

بردار: ميويدار وڻ.

برسي: وسي.

بصير: بصيرت وارا. ڄاڻو. ڏسڻهار.

بصيرت: بينائي. دل جي اک.

بُرفت: ڪوهستاني قوم. جبل جا ماڻهو.

بَري: مٽيءَ هاڻو. برپٽ جو رهاڪو. تارڪ فقير.

بريان: عشق ۾ پڪل. سڙيل.

بُڪاءِ: روڄ، راڙو.

بَڪَت اِلعَينان فِي هواڪ دماً: ’تنهنجي عشق اکين رت رنو.‘

بِگر: بغير. سواءِ.

بُگري: بغلي. گودڙي.

بِلا شَيخ مَن يَمشِي فِي الطرِّيق: جو مرشد کان سواءِ طريقت ۾ هلي ٿو (سو انهيءَ شخص وانگر آهي، جو سمنڊ ۾ ٻيڙيءَ کان سواءِ هلي ٿو).

بِلو: آسرو. اجهو.

بلي: حوالي. آسري.

بلي لائي: منزل تي رسائي.

بُن: بڻ. بنياد.

بندر جن: بندر وارن.

بوتن: اٺن.

بُود: هستي. وجود. بقا.

بور: گهوڙي جو قسم.

بورائو: سونهون.

بُويُون: هٻڪارون.

بهن: ڀؤنڪن (ڪتا).

بَهِر: قطار. قافِلو.

بيائيد: اوهان اچو.

بيباڪ: بيفڪر. بي ڊپو.

بيٺ: ڪمر. سندرو.

بيخود: بي سرت، خودي کان سواءِ.

بيدي: بيابان. سڃ.

بِيرُ: کوهه. چشمو.

بيران: ويران. حيران.

بيراني: ويراني.

بيراهه: غلط رستو. گمراهه.

بيزقون: جهنڊيون.

بِنا: ڏسندڙ. روشن.

بي يُبصِرُو بي يَسمعُ: مون ذريعي ڏسي ٿو ۽ مون ذريعي ٻڌي ٿو.

بي يَمشِي وَ بي يَنطِقُ: مون ذريعي هلي ٿو ۽ مون ذريعي ڳالهائي ٿو.



ٻ

ٻاٻاڻا: اباڻا. مائٽ. عزيز.

ٻاٻاڻن: اباڻن.

ٻاٻرين. ٻٻر جا.

ٻاتاڙي: موڙهل. منجهيل.

ٻاجهائج: ليلائج- ٻاڏائج.

ٻار: ٻاهر. پاڻي جو ڪن.

ٻارٿ: ڳائڻو. مڱڻهار.

ٻاروتن ۾: ٻاراڻن ڪپڙن ۾. ٻاراڻي وهي ۾.

ٻاري: دري. جاءِ. ٽولي.

ٻاڙو: کارو (پاڻي).

ٻانُ: ٻانهون. غلام.

ٻانڌيين: ٻانڌين تي. مڇيءَ ڦاسائڻ لاءِ لڳل رڇن تي.

ٻانڊو: لُنڊو ڪتو. بدمعاش.

ٻانڊي: درياهه ۾ لڙهندڙ ڪاٺي.

ٻانهوٽا: ٻانهن جا ڳهه.

ٻانهوٽي: ٻانهڙي، گولڙي.

ٻانگهر: باکر.

ٻاڻ: تير- ڪان.

ٻائڙ: نار جو سامان.

ٻاين: راڻين. بيگمن.

ٻپارا: ٻنهي طرفن کان. آرپار.

ٻِپُڙي: ٻن پڙن واري. سِپ.

ٻُچي: تُڪي- هلاڪ ٿي.

ٻُجهارت: ڳجهارت- پرولي.

ٻِڇِلَ: ڇوهه سان لڙهندڙ.

ٻُڌ: سمجهه- عقل. هوش. ڄاڻ.

ٻُڌا: ٻِٽا. ٻه ٻه.

ٻڌيس ٻول: واعدي جهليس.

ٻِڌاهين: ٻه دفعا- ٻه ڀيرا.

ٻَر: مصيبت. ارمان.

ٻُر: ڇنڊو. ڦڙو.

ٻَرُ: ٻل- زور.

ٻُر: وارن جون چڳون. چوٽي.

ٻُرائي: وڃائي.

ٻَرٻَر: هاءِ هاءِ.

ٻڙد: ڏاند.

ٻر ڪيو: گهوريو- قربان ڪيو.

ٻُرن: وڄن.

ٻِرنگو: درنگو. ٻچاپڙو.

ٻَري: ماندي ٿي. سڙي.

ٻريائي ته ٻار: جي باهه دُکي اٿئي ته دُکاءِ.

ٻَڙڪن: ڪڙهن. سڏڪن.

ٻُڙو: ڪپهه جو ذرو. ڍڪ.

ٻَڙي: اڙي! ادي!

ٻُڪي: ڦِڪي. سُتي.

ٻِيلاني: ڏسو ’ٻيلاٽي‘.

بلر: ٻارڙي، معصومڙي. ڇوڪري.

ٻلن: (واحد: ٻلو) اک جو تارو.

ٻليار: واهڙ جو نالو. جُوء جو نالو.

ٻن پوڻ: کڏ پوڻ.

ٻن ڏيڻ: کڏ ۾ وجهڻ.

ٻن: ٻنا. مٿاهان پٽ.

ٻُنيان: گهران. در اندران.

ٻنڌ: بند. ڳنڍ. شرط.

ٻنڌڻ: ڳنڍ. لاڳاپو. حيلو وسيلو.

ٻنگ: ڪان. تير. درياهه جو ور.

ٻڻي: ٻڻي- ڪارسازي.

ٻوڏ: ڦتڪار وارو جواب. ڦوٽ.

ٻُورُ: جوان اٺ. وڻن جا ڪچڙا گل.

ٻُورا: ذرڙا. چورا.

ٻوڙ: پاڻي جي اٿل. تار پاڻي.

ٻُوڙو: گاهه جو ٿٻ. جهَلو. آڌار.

ٻوڪ: ٻوڪجڻ. ٻور جهلڻ. جواني جو ڦوهه.

ٻولاهيون: سامهون اڇي ٽڪي واريون مينهون.

ٻهه: ويهه.

ٻهه ٻهه: واهه واهه!

ٻَهار: ٻاهر.

ٻَهُون: گهڻو. ججهو.

ٻئنئان: ٻين کان.

ٻَيَرَ: زال. جوءِ. عورت.

ٻيرا: ذرا. ٽڪرا.

ٻيڙياتو: ٻيڙيءَ وارو.

ٻيل: ٻه گڏ- ٻيلهه.

ٻيلاٽيون: درياهه جا وڻن وارا ننڍا ٻيٽ.

ٻيلانگ: ٻه قدم- وک.

ٻيلپ: همراهي.

ٻيلپو: همراهي. سنگت.

ٻيلي: لس ٻيلي ۾.

ٻيلياڻي: ساٿياڻي.

ٻيلي ڌڻي: لس ٻيلي جو حاڪم (ڄام سپڙ).

ٻيهر ڄاپڻ: جئري مري جيڻ.

ڀ

ڀاڄ: ڀاڄوڪڙ زال. بي لڄي.

ڀار: ڀائر.

ڀاروڙي: رڍ. لوئي. کٿي.

ڀاڻ: ڀائڻ. خودي. هٺ.

ڀاڻ: وڌو. پيالو. بانسري.

ڀاڻو: مغروري. وٿاڻ.

ڀاياڻي: شريڪ. ڀائيوار.

ڀڀوت: مٽي. ڦلهيار.

ڀُتي: پراڻي. ڳريل.

ڀُڄئان: ڀُج شهر کان.

ڀرم لڄ. پت. شرم.

ڀِرن: لنوَنِ. ڀون ڀون ڪن.

ڀِري: راضي ٿي.

ڀيري: ڦيري.

ڀريون پون ڀواريون: ڀيانڪ ڀڪون ڪرن.

ڀِڙا: ڳنڍيون. ڳوڙها.

ڀڙڪن: جلن. مچ ڪن.

ڀِڙن: ملن.

ڀُڪليا: مٽيءَ هاڻا. ميرا.

ڀَلُ: ڦل. تت. جوهر.

ڀُلڪار: ڏهڪار. ڏمر.

ڀُلن: ڀلڪار ڪن. ڏمر ڪن.

ڀَنڀا: ڪارا گهنڊيدار وار.

ڀَنڀوليا: ڀُليا. موهيا. مست ٿيا.

ڀَنگُ: رخنو، ڦيٽاڙو.

ڀُنگا: جهوپڙا.

ڀِنَنِ: آلا ٿين.

ڀنَڻُ: روڄ. ماتم.

ڀِني: وهاڻي (رات). ڀيڄ ڀني.

ڀُڻان: وتان، گهمان، ڦران.

ڀُور: ڀوري رنگ جو اٺ.

ڀُورل: وسوڙل، ڀوري.

ڀوڳ: عيش. طعام.

ڀُوڻ: ڀوڻِي. ڦرڻي. خبر.

ڀيچِي: ٻيلي. ساٿي.

ڀيڏي: ڪارائي وارو هڏو.

ڀير: نمونو. ڊول.

ڀيرم: چرخو.

ڀيريون: نغارا.

ڀيلئان: چرڻ جي جاءِ کان.

ڀيلو: ڪچو گهڙو.

ڀيلي: لتاڙي کائي ناس ڪري.

ڀيڻئين: ماڳن تي. جاءِ تي.



ت

تاب: تابش. سڪ. دهشت. ڊپ.

تات: يادگيري. طلب.

تات توت: ڳولا ڦولا. پچار.

تارِي: آڌار. سدا.

تاڙ: تاڙي. روڪ- اٽڪ.

تاڪُن: تڪيندڙن.

تاڪي ڇڏيا: پوري ڇڏيا.

تانگهه: سڪ. اڪير.

تانگهينديس: ڳولينديس.

تاڻ: ڇڪ. ڪشش. ڪاهه.

تاڻين: ڇڪين، تکو. هلن.

تائب: توبهه ڪندڙ. پڇتائيندڙ.

تايائون: تپايائون. زور رکيائون.

تبرون: ڪهاڙيون.

تتر ڏائو ٿيڻ. بد سوڻ ٿيڻ.

تِٿُ: مقرر تاريخ. چنڊ جي تاريخ.

تِڇِي: کل لاهي. ڪوري.

تُراب: خاڪ. مٽي. فنا. نيستي.

تَراز، تَرازو: هلڪي ٻيڙي.

تُراڙي: تارازي- ساهمي.

ترٽجڻ: پيرن جا ترا زخمي ٿيڻ.

تروڪڻيون: ننڍڙا تر- تروکڙيون.

تريون: ڪکن يا ڪانن جو ترهو.

تڙاء: تڙان- تڙ کان.

تڙجهل: تڙوٽ.

تڙتڙ: هرهڪ تڙ.

تسا، تسئا، تسيا: بکون.

تسليم: مڃڻ. قبول ڪرڻ.

تُسڻۡ: راضي ٿيڻ.

تعجيل: تڪڙ جلدي.

تعظيماً: عزت خاطر- مان خاطر.

تَفَاول: چڱو سوڻ. فال.

تغيري: ڦيرو. تبديل.

تقاوت: خدا جو ڊپ. پرهيزگاري.

تِڪ: يڪي ساهي پيڻ. ڳيت.

تُڪون ڪرڻ: ڪَٿُون ڪرڻ. ويچار ڪرڻ.

تَڪيو: ٺڪاڻو. اجهو. آسرو.

تڳڻ: جئرو رهڻ. گذر ڪرڻ.

تُڳِي: اونداهي رات.

تُلُ: مٽ- جوڙ جيس.

تَل: ترايون. تلاءَ.

تليارا: ٽلين وارا موڙ.

تُن: سوراخ- ٽُنگ.

تُنبائڻ: ڪپهه پڃائڻ. ڪپہ ڀرائڻ.

تُنبو: وڄائڻ جو ساز. طنبورو.

تُنبير: تنبور وڄائيندڙ. ڀان. منگتو.

تُنبڙي: تنبي سان ننڍڙو ساز.

تنگئان: گهيڙ مان. لنگهه مان.

تنگون: ڪشالا. ڊوڙون ڊڪون.

تنوراءِ: تنورن مان. باهه مان.

تَڻُ: تَنُ. بدنَ.

تَڻي: پلئو. ڇڪ. سگهه. آڌار.

تواضع: نياز. نماڻائي.

توانو: تندرست. سگهارو.

توائي: بطال. ڀٽڪيل. گمراهه.

توڏ: توڏا- اٺ. سهڻي سٽاءِ.

توڏي: نازنين عورت (سهڻي).

تُور: ولين ۽ ٻوٽين ۾ ڪچڙا ڦل. بنياد. بڻ.

تور: هڪ جيڏو. جوڙ جيس.

توڙا: توڙ کان. اصل کان.

توڙي: لتاڙي. جهاڳي.

توشڪون: گاديلا- پٿراڻيون.

توڻ: هڪ ويلي جو کاڌو. قُوت.

توهه: مهرباني. فضل.

توءِ: تنهن هوندي به.

تِهائين: انهيءَ کان ئي. اِتائين.

تهوارون: پرزا پرزا. ليڙون.

تئان: تتان. تنهن کان.

تيائين: تتائين.

تؤنسَ: اُساٽ- اڃ. تپ.

تي: تنهن ڪري.

تيغون: تراريون.

تيلان، تيلاهين: تنهن ڪري.

تيلي روءِ: سائيرڙي رنگ سان.

ٿ

ٿاجا: ڪچهريون. مجلسون.

ٿاڪ: ٺڪاڻو. جاءِ.

ٿاڻا: ماڳ. ٺڪاڻا.

ٿر ٻاٻيهو: ننڍڙو ڳاڙهو ڳيرو.

ٿَرنئون ڌار: ٿر وارن کان ڌار.

ٿڪ هنيام: (ٿڪ هڻڻ: برباد ڪرڻ) تڇ سمجهيم. برباد ڪيم.

ٿڪيندي: لنگهندي. گذرندي.

ٿوپ: مدد. آڌار. ٽيڪ.

ٿورِي: ڪم ذات.

ٿوڪ: ٽول. مال. اسباب.

ٿونا: ٽڪرون.

ٿوڻيون: ٿنڀا. ٽيڪون. آڌار.

ٿوهر: سُڪ جو وڻ (جنهن مان کير نڪري).

ٿُهر: ٺاپر. آرام.

ٿيڪ: بس ڪر. بند ڪر. هٽاءِ.

ٿيلِي: ٿيري مڇي.

ٿيهون: اسان کي ٿئي.

ٽ

ٽانڊين: ٽانڊن تي.

ٽانڪيو: وڍيو چيريو.

ٽاڻ: ٽاڻو. طعنو.

ٽُٻڪ: ڇلي- ٽوڪرو.

ٽَڪ: چرخي (ايٽ) جي لوهِي سيخ.

ٽَڳو: ڌاڳو. جڻيو.

ٽنگر: تير.

ٽوري: گهمائي. تڪڙو هلائي.

ٽول: شيون. سامان.

ٽولئان: ٽوليءَ کان.

ٽِهاري: نباهي. هلائي.

ٽهڪن: ٻهڪن. سهڻيون لڳن.

ٽئايون: ٽيڏائيون- ڏنگائيون.

ٽيڙُو: ٽن تارن جو نکٽ.



ٺ

ٺاٺا: ٺانٺا- ٺلها- خالي.

ٺاٺارو: ڀڳل ٿانون کي ڳنڍيندڙ.

ٺار: ٿڌ. فائدو. آرام.

ٺاڪر: سردار.

ٺپ: وڍ. زخم.

ٺپن: ٺپن تي. زخمن تي.

ٺهرن: ٺاپر ڪن. ذرا بيهن.

ث

ثابُوت: پورا. سچا.

ثابوتي: ثابت قدمي.

ثنا: واکاڻ. ساراهه.



پ

پاٻوڙو: پٻڻ جو ڦر.

پاٻوهه: مورڪ مُشڪ. سرهائي.

پاٻوهڻ: مُرڪڻ. مشڪڻ.

پاٻوهيا: سرخرو ٿيا. سرها ٿيا.

پاتار: پاتال. اوڙاهه.

پاتڻي: ٻيڙيءَ تي پار اڪاريندڙ.

پاٽوندر: سخي. در پٽيندڙ.

پاٺ: راڳيندڙ. ڳائڻو. ميراثي.

پاجي: خسيس. نوڪر.

پاجاٽئان: مند جي پڇاڙيءَ ۾.

پاڃاهي: بادشاهي.

پاراڀو: نياپو. سنيهو.

پاران: هُن پار کان.

پاراڀانِ: سندن نياپا.

پارڇو: ڪپڙو.

پارڻ: پهرو ڪرڻ. ڀوڳڻ.

پارئان: پار کان. طرف کان.

پاري: ڪنڌي. ٻانهي.

پاريون: نهرون- سيرون. لانڍون. وسڪارا. نارا.

پاڙهيري: شڪاري.

پازي: گولي- ٻانهي. نيچ.

پاساريون: ڀِٽُنِ جا پاسا.

پاسَنگُ: تارازيءَ ۾ ڪاڻ لاهڻ جو پٿر، ڀتر وغيره. جراب.

پاکرئين: پاکرين کي. زرهه وارن کي.

پاکڙين: پاکڙي. ٻيڙي.

پاکِي: ڇِڊِي. پٽڙي. رٻ.

پاڳ: پڳ. تاج. دستار.

پاڳوڙي: پاڳوڙي ۾. رڪاب ۾.

پاڳارا: پَڳ وارا. تاجدار.

پالار: شاخون. ٽاريون. ٻن.

پالوٽ: پلٽ. اٿل.

پالِهو: خالي.

پانَ: پان جا پن يا ٻيڙا.

پانَچارئن: پنجن ورهين جا وهٽ.

پانڊپ: سردار.

پانوڙيءَ: پان جي. پان سان ڀريل. لال.

پانهُون، پانهِن: پوئتي.

پاڻ: آپو. خودي. هستي.

پاڻا: منزلون، ٿاڻا.

پاڻون: منزل. ٺڪاڻو.

پاڻيٺ: آبدار موتي.

پاهه: پاڻيٺ واري ديسي دوا، جنهن سان اُٺ جي گرلاهين. صاف ڪندڙ دوا.

پاهت: ناتو. محبت. قرب.

پاهڙ: پاهڻ. پهاڙ جبل.

پاهورو: توبرو.

پاهون: پٺتي- پوئتي.

پاهِين ڏيڻ: پٺي ڏيڻ. پوئتي هٽڻ.

پائُر: ٿر جو ڏاکڻو ڀاڱو.

پٻکيا: پٻن تي ٽلندڙ. کلندڙ.

پَتيو: ڍائو. راضي ٿيو.

پٿ: ٽولي. پنٿ.

پٿر: وِڇاڻو. مرڻي وقت وڇايل تڏو.

پِٿُون: ذرڙا ذرڙا.

پَٽُ: پيالو.

پَٽ چِير: ريشمي ڪپڙا. پٽيهر.

پَٽڻ: شهر جو نالو. شهر- ننگر.

پَٽولا: پَٽ جا ڪپڙا.

پِٽيءَ: مُٺي. ڏکي. نڀاڳي.

پَٽيهَل: درياهه جي پراڻي ڍوري جو نالو.

پَٽيون: پنڌ لاءِ سنوان ميدان.

پڄاڻون: پڄاڻي. پهتو.

پَڄران: ڳران. ونجهلان.

پُڄتوسون: پهتوسون. جهليوسون.

پُڄتوءِ: توکي پهتو- توکي مليو.

پڇاڙڻ: سٽڻ. زمين تي هڻڻ.

پڇاڙيو پوءِ: پاڻ کي سيٽيو پوي.

پد: درجو.

پدم: اربن کان مٿي عدد. ڳاڻيٽي کان ٻاهر.

پدمنئان: پدمن کان.

پَرُ: پرايو- غير. گذريل سال.

پُر: چُر- هَل. ڀرپور- ڀريل.

پرانهن: پراهون.

پُر بندر: پوربندر (ڪاٺياواڙ جي اولهه طرف عربي سمنڊ جو بندر).

پَرتاءِ: توکي پرتا. تنهنجي سپرد ٿيا.

پَرڀُون: ڌاريو ملڪ- پرديس.

پُرس: ڀتار- مڙس. مرد.

پُرڪڻان: ڦرڪڻا. لڦون.

پَرکنڊ: ڌاريو ڏيهه. پرديس.

پَرمل: صاف سهڻو. نيڪ محبوب.

پَرنجي: حوالي ڪجي- سونپجي.

پُرندي: چرندي. هلندي.

پَرنيان: حوالي ڪريان. سپرد ڪريان.

پَرو: پتو- نشان- ڏس.

پَرواسي: مسافر.

پروٿي: نظر ٿي. پناهه ٿي.

پَرهڻ: پهرڻ. ڍڪڻ.

پَرهي: پهري- پائي.

پرياڻ: پريتڻو- محبوب. ڏس- اهڃاڻ.

پرياڻينِ: صلاحون ڪن. حال اورين.

پريتڻون: ناتو. دوستي.

پريمَ: اي منهنجا پرين!

پَرين: پڙين. لائق ٿين.

پُرين: هلين، جئين.

پُرينئان: نسل کان. ملڪان ملڪ.

پَرِيُون: ريتيون.

پِڙُ: جنگ جو ميدان.

پَڙاءُ: آواز، سماءَ.

پُڙندا: مٽ ٿيندا. برابر ايندا.

پَسارا: سامان. نظارا.

پستانِ: بُبو. اُرهه.

پِڪَ: سرڪي. چُڪو. ڦيڻي.

پِڪِين: پڪن سان. سرڪين سان.

پَکاريو: اڏيو، صاف ڪريو.

پَکڻين: پکين کي.

پُکي: پُکي ۾. نصيب ۾.

پڳ: پير.

پڳهه: رسو، جنهن سان ٻيڙي ٻڌجي.

پَگهيو: ٻڌو. قابو ڪيو.

پلاڻيان: تيار ڪريان.

پَلر: مينهن جو پاڻي.

پَن: پردو. لڄ.

پنج ڪڻي: ان مُٺ. خيرات.

پند: نصيحت. صلاح.

پنڌ پور: منزل مار- رواني ٿي.

پنڊ: پاڻ. خود. جند.

پُنياس: پهتيس.

پُنيم: پوريون ٿيم. قبول پيم.

پَنهيڙا: مسافر. واٽهڙو.

پِنيون: سور ٺاريندڙ لپريون.

پَڻت: پنڊت.

پَڻِي: خاڪ. مٽي.

پوت: دامن پلؤ.

پوڄ: بي انداز. جهجهو.

پُوچا: ڦِلهڙا. ڦريل.

پُور: تکو. گهڻو. مستي، آر- وهڪرو.

پور: ڪپڙي چرڻ لاءِ ڪاٺ جو ٽڪر، جنهن تي گل اڪريل هجن.

پُورب: اڀرندو. اڀرندي جو ملڪ. منزل مقصود.

پُوربيا: پورب ڏانهن ويندڙ جوڳي.

پُور ڪرڻ: تيز وهڻ (پاڻي)

پُوريا: پيرن هيٺ ڪيا. ڀيليا.

پُوريو: هليو- ويو.

پُوريائون: هليا- روانا ٿيا.

پُوريندي: ويندي- هلندي.

پوشيدن: ملوڪن.

پونياڙي: ٽه پهري وقت. شام جو.

پوئي: توکي پَوي.

پُوڻيون: ڪپهه جون پهيون.

پوءِ: پَوي.

پوءِ وجهندڙي: پوئتي وجهندڙ. گوءِ کڻندڙ.

پهه: خيال. رٿ.

پهاڳ: ميلاپ. وصال.

پهاڻ: پهڻل سالڪ جي خام طبع يا وجود.

پَهايان: ريجهائيان. راضي ڪريان.

پَهت: دستور. راضپو. پرچاءِ. صلاح.

پهڄ: وير. برابري.

پَهڪار: پهه ڪندڙ. هم صلاح.

پَهر: ماڻهو. مٽ مائٽ.

پَهريو: مال چرڻ ويو.

پَهس: زبردستيءَ سان.

پَهنوار: ٻڪرار.

پَهو: ڪپهه جو ٻڙو. مرهم.

پَهُون: ٻڪريون.

پَهِي: پانڌيئڙو. قاصد. ساٿي.

پَهيڙا: قاصد. پانڌي.

پَهِين: داخل ٿين.

پهيون: وٽيون. پياليون. پاڻي پيئڻ جو ٿانوَ.

پُئان: پويان- پٺيان.

پئٽ: پريٽ.

پيٺا: پيٺ. بازاري ملهه.

پيٺو: داخل ٿيو. گهڙيو.

پيڄ: پيڻ جي دوا. آش.

پيراتي: پيرائتي. سربستي.

پيرت: پير. گس.

پير ٿيا: سفر تي هليا.

پيران: پيرن کان.

پِيڙا: سُور. بيماري.

پيڙي: عاجز. هيڻي.

پيڪان: تير. اکين جا تير.

پيڪڙا: پيرن جا ڪڙا- نِير.

پِيَلِ: ڪِريل.

پِيلو: تير.

پينام: فقير.

پَنيد: پيرن جا نير.

پينڍا: مفاصلا.

پِينگهُنِ: پنجوڙين.

پيڻ: چانورن جي پيڄي.

پِيهه: پيڙ. مصيبت.

پَيهون: اسان کي پوي.

پِي: محبوب. پرين.

پهي، پيءَ: واٽهڙو، قاصد.

پيئڪو: پيءَ جو. ابي ڏاڏي جو.



ج

جابان: بيابان.

جابر: ڏاڍو. ظالم.

جات: ذات.

جاٽ، جاٽا: زيارت.

جادم: سخي ڄام جادم جکرو.

جاجڪ: مڱڻهار.

جاجڪاڻي ذات: ميراثين جي ذات.

جاڏي: وڏي. سخت اڻانگي.

جار: سُور. رنج. پيڙا.

جاڙ: اجايو.

جاڪ: ڪس. ڪاراڻ. بدبختي.

جاڳر: سرود جي محفل.

جاڳوٽا: ڊگها وار. وارن ۾ ٻڌڻ جا ڌاڳا.

جال: جام. گهڻو.

جالِين: گهارين. گذارين.

جامعَ: وڏي مسجد. وڏو.

جانار: جانور. جاندار.

جائو: لئي يا گز جو وڻ.

جبات: چُغو. گڊلو. هڪ قسم جي عمدي مشڪ.

جبروتي: جبروت (سلوڪ جي ٽيءَ منزل) جي منزل تي پهتل.

جبروتان: جبروت منزل کان.

جتن: ڊپ. احتياط. سنڀال. حِيلو.

جَٽ: جٽاءُ ڪر. گذار. ٽِڪَ.

جٽڪي: ڪڙڪي. مٿان پئي.

جديدي: نئون.

جڏ: جَوا. عيبدار. عيب.

جڏائڙي: جڏي. ضعيف.

جَرِ: پاڻي. اکين جو پاڻي.

جَرَ: هڪ قسم جو خوشبودار ٻوٽو.

جَرا: ذرا. پرزا.

جريٽيون: جل ٿل. پاڻي ۽ سڪي.

جَرڪيا: جهرڪيا. چمڪيا.

جَريدي: ڇڙي. اڪيلي. آزاد.

جُڙ: بيخ. لنؤ.

جَڙاءُ: جڙت تيل. سينگار.

جُڙان: مَٽ ٿيان. برابري ڪريان. لائق ٿيان.

جُڙيم: مليم. ڀاڳ سڻائو ٿيم.

جُزُون: ڪتاب جا ڀاڱا.

جَسراج: جاڙيجن جي هڪ سردار جو نالو.

جس کرو: نامور. ناليرو.

جَسو: جاڙيجن جي هڪ سردار جو نالو.

جسودن: لاڙ جي هڪ آڳاٽي حاڪم جو نالو.

جفاري: سختي. تڪليف.

جَف القلم بِماهُو ڪائن: جيڪي ٿيڻو هو سو لکي قلم سڪي ويو.

جک: واهيات بڪ.

جُکي: بُک. ڏک.

جکن: جک مارن.

جُڳاڻي: جوڳ پچائڻ لاءِ.

جَڳٽ: جڳت. جهان.

جَلاوت: جلندڙ، جليل- سڙيل. تجلو. روشني.

جل جلالہ: وڏي شان وارو (ڌڻي تعاليٰ).

جَلي: ظاهر- چٽو. وڏي آواز سان ڪيل ذڪر.

جليل: جلال وارو. وڏائيءَ وارو (ڌڻي تعاليٰ).

جِم: جئن م- متان.

جمازن: جتن. جتن ۽ اٺن.

جمر: بيد جو وڻ.

جميعت: آرام. قرار.

جناب: جنابت: پليتي. ناپاڪائي.

جنات عدن: بهشت جا باغ.

جَنَب: جنم. ڄم. حياتي.

جَنبور: ڏاڙهيندڙ ڪتو.

جنَبو: لڳي ويو، چهٽي ويو.

جُنبي: جذبي ۽ جولان ۾ اچي. مشغول ٿي.

جُنجار: جنجال. جهوري.

جِندا: جند کان. اي جند!

جڻي: ڏوري. واڳ.

جوتي: جوت- تجلو- چمڪو.

جوٽن: گوڏن. مونن.

جوٺا: ڪوڙا. کوٽا.

جوپ: نوجوان. مضبوط.

جُود: سخا.

جور: ظلم. ڏاڍائي.

جوراڻون: سخت تڪليف وارو. مصيبت.

جور ڪري: ڏاڍائي ڪري.

جور هڻي: جانا ڀري. زاري ڪري.

جورو: زورو. ظلم.

جوڙئون: جوڙ مان. قدرت سان.

جوع: بک. لنگهڻ.

جوڳ: ويراڳ. ڏک.

جُههُ: جو. جئن. جڏهن.

جِيها: جهڙا.

جُهار: نياز. سلام. بندگي.

جُهارين: پوڄين.

جَهاج: جهاز.

جهِت: طرف. لاڙو. رستو. واسطو.

جِهو: جهڙو.

جِهوءِ: تو جهڙو.

جِئان: جتان.

جِئائين: جتائين. جنهن هنڌان.

جؤنڪ: ذوق. محبت.

جِيءَ: مطلق هستي. عارضي هستي.

جيائي: جيائو (هڪ تڙ جو نالو جو کپري تعلقي ۾ آهي).

جيائين: جتائين.

جيفو: ڍونڍ. مردار.

جيلان، جيلانہ: جنهن لاءِ. جنهن ڪري.

جيلهه: جيلان- جيلانهه.

جيها: جهڙا.

جيهائي: جئن. اهڙي. طرح.

جيهر: جنهن مهل. جڏهين.



ڄ

ڄاماڻي: ڄامن جهڙي- شاهاڻي.

ڄراٽ: ڄڀي. باهه جو سيڪ.

ڄُل: (ڄولڻ= هلڻ) هل- وڃ.

ڄَماندر: ڄمار. ساري حياتي.

ڄِندڙو: جندڙو- جان.

ڄَڻ: جڙ- ميخ.

ڄيرو: ڄڀي. باهه.

ڄيون: سنهڙيون جونيُون.



جهه

جهات: جهٽ. جهڙپ. همت.

جهاٽي: جهٽ ڪري. جلدي ڪري.

جهاجهه: اونهو پاڻي. اوڙاهه.

جهالا: جهلڪا. تجلا.

جهالُو: پختو. مضبوط.

جهانگي: جهنگ جا. مارو.

جهانءِ: آواز جي گونج.

جهائين: گهنگهرو.

جهٽ: ٿورو وقت. ذرو.

جهپ: جپ- آرام. ڪنڌي ڪنارو.

جهپيا: مات ڪيا. جهَڪا ڪيا.

جهپيٽ: چپيٽ. ضرب.

جهڄڻ: ونجهلڻ. ڳرڻ.

جهُرانِ: ڳران. رُئان.

جهُرجهُنو: پراڻو.

جهَرڪن: چمڪن. سونهن.

جهَروڪو: محل جي دري. ڪٽهڙو.

جهَريون: موجون. وهڪرا.

جهُڙَ: جهٽ. جهڙپ.

جهڙپ: سَٽ. لپيٽ.

جهڙِڪا: چپيٽون. ڪڙڪا.

جهَڪُنِ: طوفانن. تيز هوائن.

جهُلَ: اٺ گهوڙي جو پُٺيءَ پوش. سهڻو پوش.

جهُڻ: سُرير. ڪڙڪو. آواز.

جهڻڪن: ڀُڪڻي وارو آواز ڪن. ڪَرڪن.

جهوت: سَٽ.

جهُور: وڏو.

جهوريو: ٽوڙيو. ڏکويو.

جهوري: ونجهل. ڳڻتي.

جهُوڙا: جهابا- ٽؤنر. ڇڳا.

جهوڪ: منزل- وٿاڻ.

جهول: درياهه جي اونهي ڪنڊ.

جهيڪي: اُٺ جهڪائي.

جهيڻو: جهڪو. نرم.



چ

چاٽ: چاتو. لذت.

چارڻ: مڱڻهار- ساز وڄائيندڙ.

چاري: جاسوس. پهريدار.

چاڪ: زخم. چير.

چاڳ: ناز. لاڏ.

چاليها: چاليهن ڏينهن جا چِلا.

چڙهيڪا: ڏکيون چاڙهيون.

چانگل: چانگو. اُٺ.

چانئت: چاوت. بغض.

چاهڪ: ساوا ڪانهن.

چاءُ: باهه. چاهت.

چاءِ: کَڻ.

چائي: چوائي.

چايان: چوايان.

چايين: چوائين. سدائين.

چِتا چت تان. سچيتائي.

چتان: چت سان، دليان.

چِٽاڻو: روشنائي. سوجهرو.

چٽڪا: زخم. ڏنگ.

چٽڪو: رونق. ڪوڙو ڏيک.

چِٽي: سينگاري- سنواري.

چُپاتا: چُپ چپات ۾. گُنگا.

چپيٽ: چوٽ. ڌڪ.

چُر: هُرکر. اڻ تڻ.

چرو: کڏو. چَر.

چس: لذت. ذائقو.

چِڪ: ڀنل. گپ.

چُڪَ: ٿُڪ. ڏک.

چِڪندڙا: پگهر ڳاڙيندا. جهڄندا.

چِڪَنديون: چڪڻ يا ڌٻڻ واريون زمينون.

چِڪڻ: ڌٻڻ. گپ.

چَڪيا: علاج. دوا.

چُڪِيءَ: ٿڪل. ڏکويل.

چُڪِي: سرڪي، پڪ.

چُک: ذرو. لڇ. لغار.

چِنائين: کاڌائين، چريائين.

چُنجَن: چوهنبن. چوٽين.

چَنگل: چنبو.

چُڻج: چڳج. کائجِ.

چنڪنِ: اڀرن. هُرن.

چوپا ڪرڻ: رس چوپي ڇڏڻ. ٺوٺا ڪرڻ.

چوڏس: چوڏهين. چئني طرفن کان.

چوڏول: ڏولي- پالڪي.

چوڏهن چارو: چوڏهن چارن وارو گهڻين واٽن وارو.

چوگان: اڱڻ. دالان. ميدان.

چونهن: چوڻ. ران. سٿر. چاهه.

چؤئڻو: چَوڻو.

چهنج: چهَنب.

چهون: چيهون. چيرون.

چڻاڪو: ٽمندڙ ڦڙو. قطرو.

چُئان: چَوان.

چؤرنگ: چئن رنگن وارو. شاندار.

چيتاريو: چيتي سان. ڌيان سان.

چيٺي: سنڀالي.

چيڙ: وارن جي چيڙهه.

چيلهيا: چيلهه جا ٻنڌڻ.

چِيهان: چيهون. دانهون.

چِيهو: هڪ قسم جو گاهه ۽ پکي.

چيئن: چکيا. ڏاگهه. باهه.



ڇ

ڇاٽون: هٻڪارون. بوندون.

ڇاڇر: چِڪ- تانگهو پاڻي. چڪڻ.

واهڙ: کاريون.

ڇارون: سمنڊ جا ڪناري وارا واهڙ.

ڇاڪ: توفيق.

ڇاڳر: ساندارو. پخال.

ڇال: ٽپ.

ڇانگ: وڏو ٽپ.

ڇانگون: ولر. ڪٽڪ.

ڇانئين: ڇانوَ.

ڇُتائين: هٿ لاتائين.

ڇتر: ڇوڏو. پراڻي ٻيڙي.

ڇُتي: ڇهندي.

ڇَتيون: وڏا ڀالا.

ڇٽا: واءُ جا جهوٽا.

ڇپر: جبل. پٿر.

ڇپريون: ڪکن يا ڪانن جا منهن.

ڇڇ: ڍورا. ترايون.

ڇڇيان: ڇڇ مان- ڍورن مان.

ڇُڳير: طري وارا. سردار. پهلوان.

ڇَڪَ: پسگردائي.

ڇَڪيو: دهليو.

ڇَڪِي: ديواني- مست. حيران.

ڇُلان: هلان.

ڇُلندي: رُلندي. گهمندي.

ڇلنگيون: ٽوليون.

ڇَلَور: مرد. محبوب. دوست. ڇلن وارو.

ڇُلڻ: لُڏڻ. ڇلڪڻ. هلڻ.

ڇَليون: فوجون.

ڇِماءِ: ماٺ ڪراءِ. اُجهاءِ.

ڇِمر: ڪڪر. جهڙ.

ڇَن: گاهه ۽ وڻن واري ترائي.

ڇِنِ: کِن- ساعت.

ڇڻي پيا: محو ٿي ويا.

ڇوهي: سخت طوفان. وهڪري.

ڇِهون: ڇيهون. پرزا.

ڇيڄ: ناچ. خوشي.

ڇيڙون: ٽوليون. ڪٽڪ.

ڇيڪ: ڇڙواڳ.

ح

حاج: احتياج. ڪم.

حاجت: خواهش. ڪم.

حاذق: قابل حڪيم. آزمودگار.

حال: روحاني مستي. وجد. حقيقت.

حُبابِ: پاڻيءَ جو ڦوٽو.

حجت: دعويٰ.

حجرو: خلوت جي جاءِ. ڪوٺي.

حرف هرو: حرف حساب. ميار.

حُزن: ڏک. غم.

حسِ: احساس. حواس.

حَسب نَسب: اصل نسل- بنياد.

حضورا: حضور مان.

حضوري حج: وڏو حج.

حقاڻو: مڙس- ڀتار.

حقيقت: صوفي طريقي جي ٽئين منزل.

حل ٿيا: سمايا. ملي هڪ ٿيا.

حلم: نياز. نهٺائي.

حليم: نماڻي سڀاءُ وارو.

حمام: گرم پاڻيءَ سان وهنجڻ جي جاءِ. باهه. تابش.

حماتي: مددگار.

خ

خاصن: خاص ماڻهن.

خام: اجايو. ڪچو.

خامي: اجايا. ڪچائي.

خبيث: پليد. بڇڙو.

خر: گڏهه. بيوقوف.

خُرزينون: کَڙيا. ٻورا.

خَرَّ مُوسيٰ صَعِقاً: حضرت موسيٰ بيهوش ٿي ڪريو.

خزينا: خزانا.

خفت: هلڪائي. نماڻائي.

خفي: مخفي. ’ذڪر خفي‘= ڳجهو ذڪر.

خُلت: دوستي. محبت.

خَلَقَ آدَم عليٰ صُورتہ: خدا آدم کي پنهنجي صورت موافق خلقيو آهي.

خلوت: اڪيلائي.

خُماريا: مست ڪيا.

خليل: دوست. حضرت ابراهيم نبي.

خمير: ڳوهيل اٽو. اصل جسم.

خيز: ٽپو. ڇال.

د

دار: گهر. دنيا. ڦاسي.

دارون: دوا. سُتِي.

دارُئين: دارن سان. دوائن مان.

دارين: ٻئي گهر. ٻئي جهان.

داڙُو: مدد ڪندڙ. بچائيندڙ.

دال: ’دوزخ‘ جو پهريون اکر. دوزخ.

دام: دم گهڙي. ڦاهي.

دائرا: اوتارا- آستان.

دائودي: حضرت دائود جو کُورو. هڪ گل.

دُپارا: ٻنهي طرفن کان.

دران: اندران.

درڪُ: سمجهه.

درندا: ڦاڙيندڙ جانور. واگهو وغيره.

درو: رستو. لنگهه.

درهڙ: ڌڌڪو. ڌمچر.

دڙ: ڌمچر. گوڙ.

دڙي: ڊٻ. ڀِٽ.

دِقت: ڪشالو. تڪليف.

دَڪ: دِڪي. مٿاهين زمين.

دلبو: دوکو. فريب.

دلق: ڪفني. گودڙي.

دلئان: دل تان. دل مان.

دليل: خيال. وسيلو- آسرو.

دم: پساهه. پل. لحظو. درياهه جو چاڙهه.

دمج: ساهه کڻج. ترسج.

دم جهليو: ماٺ ڪرايو. فڪر ۾.

دميندا: ترسندا. صبر ڪندا.

دُنگي: ٻيڙي. ڊونڊي.

دُني: دنيا.

دوامي: مدامي. هميشہ لاءِ.

دوبينائي: ٻئي گهر. ٻئي جهان.

دوپير: وهٽ جي پوين ٽنگن ٻڌڻ جي رسي.

دُود: دونهون. غبار.

دو دستي: وهٽ جي اڳين ٽنگن ٻڌڻ جي رسي. ٻنهي هٿن سان هنيل ترار.

دَور: دليل. وهم- خيال. ڦيرو.

دوڙ: خسيس. نيچ.

دڪ: پنجن کان ڇهن سالن جي وهٽ جي ڄمار.

دوڙو: ڊوڙندڙ.

دوس: دوست.

دوسان: دوستن وٽان.

دوس در: دوستن جي در.

دوڳ: ڌونئري جا دڳ. کاڌي جا ٽڪر.

دولهه: بهادر.

دونڪي: چمڪي.

دُهريون: موتين ڳتيل مالهائون. ٻيڻيون.

دهي: ديهي- جسم.

ديت: خون بها.

ديد: نظر. ديدار. ساڃاءِ.

ديمن: لشڪرن.

ديوان: عدالت گاهه. وزير.

دَيون: چِمڪا. لاٽون.



ڌ

ڌات: عادت. ڍنگ. روش. رفتار.

ڌاڄ: ڌَجا. پيداوار. ڌاڃ.

ڌاڄا: گيڙوءَ رتا.

ڌاڃ: جيهي زمين اپائي. ان داڻا.

ڌاڻيون: ڀُڳل چانور.

ڌاءِ: ڳاڙهو رنگ جنهن سان ڪنڀر ٿانون کي چٽين.

ڌٻر: اڇي کٿي. لوئي.

ڌُٻي: ڏڪي.

ڌُتاريو: ٺڳيو. ڀنڀلايو.

ڌُڄُ: دز- مٽي. لالان.

ڌڄ: جهنڊي. وانئٽي. بيرق.

ڌر: ڌرتي.

ڌارارنئون: ڌنارن کان.

ڌريجاهه: رکجاءُ.

ڌُريانئي: اصل کان ئي.

ڌڙيندءِ: لٽيندءِ.

ڌِڱ: ميا متارا. پهلوان.

ڌَمال: چماٽ. چوٽ- ڌڪ.

ڌُڻِي: چونڊي. وائري. پسند ڪري.

ڌوڌي: ڌَوڻي. ڌوڻ.

ڌوڌيا: اي ڌمڻ وارا. ڌئيندڙ.

ڌوڙون: هڪ جيڏيون. سرتيون.

ڌُونِ: ڌوئن.

ڌونس: تيزي. زور. زبردستي.

ڌَوَڻِ: باهه کي ڌڳائڻ.

ڌُوڻ: لوڏو. لرزش.

ڌوڻئين: لوڏئين.

ڌُئا: ڌُڻيا. صاف ڪيا. پاڪ.



ڏ

ڏاڪاريا: بڇيا. هشڪاريا.

ڏانِ: انعام.

ڏاڻ: ڏان. ڏاوڻ. ونگ.

ڏاهه: ٻُڌل. مشهور.

ڏائيو: ڏاوڻ وڌو. سوگهو ڪيو.

ڏٻائون: دٻاءُ: لاڳُ.

ڌڀن: سڙن- جلن. ناس ٿين.

ڏُتڙ: اوتڙ. ڏولائو.

ڏُٿ: جهنگلي گاهن ٻوٽن سان پيدا ٿيل ان يا ڦل.

ڏجهه: ڏنڀ. سوز. ڏنجهه.

ڏُجهن: بدخواهن. دشمنن.

ڏڌور: ڏَڌل. بيحال. ڏکويل.

ڏڌي: ڏکوئي. ڏکويل.

ڏُرت: ڏڪار. ڏولائو.

ڏِک: شادي وقت ڪنوار جو هار سينگار.

ڏکا: اُلرون. ڌڙڪا.

ڏُکاءُ: ڪنهن ڏک کان.

ڏِکي: سينگاري.

ڏک ٿيا: سينگاريا. پڌرا ٿيا.

ڏُڱرين: ڏڱرن سان. ڏنڊن کي.

ڏَم: سُهڻيءَ جو مڱيندو.

ڏن: رائُر. محصول. نذرانو.

ڏنڀري: ’ڪرڙو‘ مڇي.

ڏنجهه: ڏک. سور.

ڏَنڊ: وڄائڻ جون سڱيون.

ڏُنگا: ڇڙٻون. دڙڪا.

ڏَنِي: ڪنڌي. ڪپر.

ڏَنير: دَنيرَ. وڏا ٿلها نانگ.

ڏَنيون: ڪنڌيون.

ڏوت: پيٽوڙي. کائو. پليت.

ڏوٺ: ڏک. ڏمر.

ڏوراڻي: ڏورانهين.

ڏورو: زورو. ظلم. فڪر.

ڏوري: ڳولي.

ڏوري: ڳوليندڙ. ڏوريندڙ.

ڏوس: عتاب- تاب.

ڏونگا: طعنا. مهڻا.

ڏوڻا: ٻيڻا. جهجها.

ڏِهائي: ڏيهه جا رهاڪو. ديسي.

ڏَهين: ڪيترا ڀيرا ڏهه. بيشمار.

ڏُئار: بيماري- مرض.

ڏَيا: حشمت. هيبت.

ڏيٺ: ديدار. ملاقات.

ڏيٺارئان: ديدار کان.

ڏيٺي: ڄاڻ سڃاڻ. روبرو.

ڏيٺاري: ڏٺو وائٺو. کليو کلايو.

ڏيج: ڏاج. سوغاتون.

ڏيريدار: ديري وارو. سردار.

ڏيس: ديس.

ڏيسار: ڏياوَر. پرديس. پرانهون.

ڏيساندر: پرڏيهه. ولايت.

ڏيکان: ڏسان.

ڏيهاءِ: ڏيهان. ڏيهه سان.

ڊ

ڊامڻ: گاهه جو قسم.

ڊاکون: ڊاک.

ڊٻ: واريءَ جون ڀٽون.

ڊڀ: دوا دارون. ڦڪي.

ڊٺن: ڊٺلن- اگهن.

ڊوهي: منع جو قسم.



ڍ

ڍار: دستور. نمونو. پنڌ. لاڙو. ماڳ. وٽ. پاسي.

ڍاڳي: ڦٽل ڍوري يا واهڙ جو نالو.

ڍائي: ملڻ جو وعدو.

ڍٻ: ڍٻِي- دام.

ڍٻيون: دام- ڪوڙڪيون. دوائن جون دٻيون.

ڍٽ: ٿر جو وچ وارو ڀاڱو.

ڍُڪن: پهچن. رسن.

ڍُڪندي: پهچندي. ويندي.

ڍور: ڦٽل واهڙ. ڍورو.

ڍونڍيان: ڳوليان.

ڍيرئون ڍير: ڍڳن جا ڍڳ.

ڍيري ڍير: ڍڳن جا ڍڳ.

ڍيري ٿئين: ڦاسي پئين.

ڍيل: ڇڏ. لاهه. ٺيلهه.

ڍيون ٿيو: دُٻا ٿيو. تري ۾ پاڻي رهيو.



ذ

ذاتي: خدا جي ذات جو. اصلي. يقيني.

ذوق: عيش عشرت. خوشي.



ر

راڄاڻ: حاڪم- راڄيو.

راس: درست- برابر.

راسيون: چوٽيون.

راڱا: جهنگلي مرون.

راماڻا: هڪلون. پڪارون.

رامڪلي: راڳني.

رانئيان: ريجهائيان.

راول: پريتم. سڄڻ.

راهُو: مشهور سخي سمو سردار.

راءُ: راجا- بادشاهه.

رائر: محصول. چونگي.

رائون: ڄار جي پاسن کي جهلي بيهڻ لاءِ ڪناري. رڇ جو قسم.

رائينديس: راضي ڪنديس.

رايائين: ريجهايائين.

رايون: مينهن جو قسم.

رباب: هڪ قسم جو ساز.

ربابي: رباب وڄائيندڙ. ڳائڻو.

رت ورنو: رت جهڙو. رت گاڏئون.

رتول: رنگ محل.

رتين: ڳاڙهن- رتل.

رتيون: ذرڙيون.

رجات: رجوعات. بندگي.

رجائِينديس: آلو ڪنديس.

رَڄَ: گهڻو. ڍئو.

رُجهن: ريڌا رهن. مشغول رهن.

روجهڙيون: اڇن پيرن واريون هرڻيون.

رَچن: رڱِجن.

رڇ: ٿانوَ. وڏا ڄار.

رڇائين: رڇيءَ جي، رڍ جي.

رخت: سامان. اسباب.

رخساري: رخسار- ڳل.

رخنو: نقص.

رد: بيڪار.

رَڏِ: هوڏ ڪندڙ. بيعقل. رد.

رضا: قضا. مرضي.

رعد: گوڙ.

رفيع الدرجات: وڏي درجي وارو.

رقص: ناچ.

رقيب: چاري. نگهبان.

رُڪ: رُڪ جو هٿيار. ترار.

رڪن: ردي ماڻهو. احمقن.

رُلي ڇُلي: ڀٽڪي.

رمگيو: گذاري ويو.

رموز: رمزون.

رميا: روانا ٿيا.

رنج: درد. بيماري.

رنجائو: رنج- ڏک.

رنجور: بيمار.

رَند: گس. پيچرو.

رِندي: مستي. فقيري.

رنڍا روڙيا: ٿلهو سٽ ڪتيو.

رُنڪن: رنِگن. ڪنجهن. ليلائن.

رنگ: تماشو، رونق. خوشي.

رِنگائي: رڙيون ڪندي.

روان: روانو.

روپ: حسن. سوڀيا.

روجهه: هڪ جانور- گورخر.

روچي: روزي. حاصلات.

روح رچنديون: روح کي وڻندڙ. دل پسند.

روڏا: اٺ.

روڙي: نيڪ. بهادر.

روڳ: مرض. بيماري.

روڳي: بيمار.

رومي: مولانا جلال الدين رومي.

رُونِ: روئن.

رَوَنِ: وڃن.

رونجهو: سخي ڄام سپڙ (جو ذات جو رونجهو هو).

روندا: روڄ راڙو ڪندا.

رُوءِ: مُنهن. صورت. نمونو. روبرو.

رِهاڻي: رهاڻ- وندر.

رِهاءِ: جڳائي.

رَهُون: جبل. روهه.

رَي: تحقيق. ٺيڪ.

ريبيو: ڀُلايو. برغلايو.

ريٻارو: قاصد.

ريٽ: درياءَ جي ريٽيل زمين

ريٽو: ڳاڙهو بوڇڻ.

ريٺ: رڍ جا وڏا وار. اُنَ.

ريجاڻو: ريڌو. راضي ٿيو.

ريڏائي: ڏِنگائي. رُسامون.

ريزاليون: نالائق. ڪميڻون.

ريکان: ريکون. پاڙون. تارون. تندون.

ريل: ساوڪ وارو پٽ.

ريلو: ڪشش. وهڪ پاڻيءَ جي.

ريلي: آباد ڪري. ريج ڏئي.

ريهي: ڳنڍي. ملائي.

ريون: ڌُنڌ. داڻا داڻا.

 

معنيٰ جي پٽي







ز

زابر: جابر. زبردست.

زاغ: ڪانگ.

زاف: ضعيف. هيڻي.

زبر: جبر. ظلم.

زبرون: جبرايون. ڏاڍايون.

زربفت: زريءَ جو ڪپڙو.

زلف: وار.

زود: جلد.

زير، زيريون: زيردست. نيچ. قيدين جا زنجير.



س

ساب پيا: قبول پيا. سجايا ٿيا.

سابق: اڳيون. اصلوڪو.

سات: ساعت. گهڙي.

ساٿان: ساٿ کان.

ساٿر: هڪ قسم جي ٻوٽي. دوا.

ساٽو: سودو. سٽو. عيوض.

ساٽي: مهاڻا. مڇي وڪڻندڙ.

ساٺ: سڳڻ ساٺ. خوشيون. سانباها.

ساٺيڪا: اونها کوهه.

ساج: ساز. سينگار.

ساڄا: تيار. هوشيار.

ساجهه: سهج، وجهه.

ساڃائو: ساڃاهه. معرفت وارو.

ساڏوهين: ڄار جي وڻ جو قسم.

سارون: سنڀارون.

ساروڻي: يادگيري.

ساڪن: رهاڪو.

ساڱاتو: سڱيڻو. رفيق.

ساڱاپو: سڱ. مائيٽي.

ساڱاهي: سمجهي. خبرداري رکي.

ساڱاهيج: ساڃاهه رکج.

ساڱاهيم: ساڃاهه رکيم. سمجهيم.

سال: شال. دشالو. سالم. چڱو.

سالن ۾: شالن ۾.

سالُور: سالورو. ساز. سک شال.

سام: پناهه. پناري. لڄ.

سامائي: وڏو ٿئي. بالغ ٿئي.

سانبين: وارثن. سانگين.

سانڀارا: سامهون. هُن ڀران.

سانڀويون: پلن مارڻ جو اوزار.

سانڀيٽي: موڳي ٿي. منجهي.

سانڀي: مائٽ. عزيز.

سانڄاڻ: سانجاڻ. رڌو پڪو.

سانچيو: سوچيو. سنڀاليو. اميد رکي.

ساندارو: درياءَ جو پيٽ.

سانداڻ: لوهه جي دِڪي (جنهن تي لوهار تتل لوهه کي مترڪن سان ڪٽين).

سانگ: سانگو. حيلو. سبب.

سانگوٽا: وڄائڻ جا ڪوڏ ۽ سڱيون.

سانگهارو: پاڻيءَ جي لاٿ.

سانگهيڙا: جايون. وٿاڻ. سوراخ.

ساهنگو: سهانگو.

ساهئين: ڇڪئين. هڏ ساهئين. آرس ڀڃين.

ساهي: ڇڪي- تاڻي. آرس ڀڃي.

ساهه ڏيڻ: وير جو چڙهڻ.

ساءِ: سواد. ذائقو. نمونو. طرح.

سائر: درياءُ. سمنڊ.

سائو: نيڪ- سکر. سورهيه.

سائون: هڪڙي قسم جو ان يا ڏٿ.

سايون: سکيون. خوش.

سبي: سبيل. گهڻو. اڻ مَيو.

سبيل: تمام گهڻي. جهجهي.

سٻر: طاقت وارو. ڏاڍو.

سٻوجهه: داناءِ. ڏاهو.

سٻيري: سويل ئي.

سُٻيلي: حامي. مددگار.

سڀت: هرهنڌ. جاءِ بجاءِ.

سڀر: زور وارو. مضبوط.

سڀرو: ڀريو. وڏو.

سُتَڙ: سڻائو تڙ. منزل مقصود.

سَتي: ست واري. سچي زال.

ستوهه: انڌير. ظلم. ڊپ.

سٿ: ساٿ. ميڙ. پاٿاري.

سَٿا: انبار.

سَٽِ: عيوض. سودو. ڪاهه. ٿورو پنڌ.

سِٽَ: سٽاءِ. جوڙ. طرح.

سٽاڻو: سخت. مضبوط. ڏاڍو.

سٽاڻي سانگ: سانگي سان. ڏاڍي لاچار سان.

سٽائون: رٿون. اسباب.

سَٽون ڏيڻ: لوهون ڏيڻ. پنڌ ڪرڻ.

سٽيندي: تکو پنڌ ڪندي.

سٺوءِ: سٺو اٿئي. برداشت ڪيئي.

سُپڄن: پيدا ٿين. هٿ اچن.

سپڙ: لس ٻيلي جو سخي حاڪم ڄام سپڙ رونجهو.

سُپَڪَ: مضبوط. سوٽ.

سَپنِي: پيدا ٿي. ڄائي.

سجڪيون: چنبڙيون. سوليون.

سُجود: سجدو. تعظيم.

سڄاين: چڱاين. ڀلاين.

سڄر: صحت بخش. تازا. گهڻا.

سُڄن: سُجهن. ٻڌڻ ۾ اچن.

سُڄي: ٻُڌجي. سڻجي.

سَڄيائِي: سڄي. پوري.

سجهه: وجهه. موقعو.

سِجهائي: جلائي. ڳاري (سور ۾).

سَڃ: ڏس- پتو.

سڃي: الاري. نشان ڪري. چتائي. اکيون ملائي.

سڃيهون: اسان کي سڃي.

سچاڻي: سچائي.

سِڌاريو: روانو ٿيو.

سِڌام: راس ٿِيام. سريام.

سَر: ڪانهن. ڪانو. تير. تلاءِ چشمو.

سِراڙو: تکي ڊوڙ.

سِراڻيل سراڻ چاڙهڻ وارو. صيقلگر.

سُراهئاءِ: سُرهاڻ کان. واس.

سَراهي: سرهائي.

سر در قدم يار فدا شد چہ بجا شد: جيڪڏهن يار جي قدمن تان سر قربان ٿيو ته ڇا ٿيو؟

سرڪشي: مغرري. وڏائي.

سرکنڊ: چندن جو وڻ. صندل.

سرگردان: حيران. پريشان.

سرڻين: سام پيلن. پناهه ۾ آيلن.

سَرو: شراب.

سَره: جهنگلي ٻڪر جو قسم.

سَري: لڙهه. مالها. تسبيح.

سريام: حاصل ٿيام. مليام.

سريو سون: اسان کي پلئه پيو.

سسر: سٺو چشمون.

سَسن: گهيٽن.

سعادت: نيڪ بختي. خوش نصيبي.

سَڪن: ڪبن. ڏڪن.

سُڪوت: خاموشي. ماٺ.

سِڪهون: سڪون.

سکاڻي سُکاڻ وارو. ناکئو. رهبر.

سُکائون: باسون. مڃتائون.

سَکَر: لائق. چڱا.

سُکياڻي: آسودي.

سُکين: سُکن.

سَگبان: ڪتا پاليندڙ. ڪتن جو مالڪ.

سَڳائي: مائٽي- قرابت.

سَڳر: رستو.

سُڳڻي: ڳُڻن واري.

سِڱڙيون: وڄائڻ جون سڱيون.

سڱيڻان: سڱ وارا. مائٽ.

سڱيون: وڄائڻ جا سڱ. توتارا.

سَلُ: ٽُنگ. سوراخ.

سَلِ: سچي ڪر. سڻاءِ.

سَلاڙيو: گڏ ٻڌيو. قطاريو.

سلان: سليان. ظاهر ڪريان.

سَلتم: سليم. ٻڌايم.

سلتي: ٻڌائي. سَلِي.

سلن: سلين. ٻڌائين.

سلوڪ: فقيريءَ جو رستو.

سلهاڙيو: ٻڌيو. ڳنڍيو.

سلي: قطاري. سلهاڙي.

سمانا: عزت وارا. مان وارا.

سِمر، سمرا: سامان. توشو.

سَمن: واعدو. گڏجاڻي.

سمنگي: نوازي. راضي ڪري.

سمگئا: نوازيا. راضي ڪيا.

سَمي: سمي بادشاهه.

سنان: تڙ. وهنجڻ.

سنڀار: سانڀر. چڙو. يادگيري.

سنڀوڙو: سنڀريل. تيار.

سِنجري: پيدا ٿئي.

سنجئم: کوهه مان پاڻي ڪڍيم.

سهنج: سُک. سولائي.

سَندَ: سفارش. چٺي. آڌر.

سندڙيان: سندن.

سندياءِ: تنهنجي.

سَنڌ: رکي ڇڏ. لڪائي رک.

سنڌا: عضوا. سنڌ. ٽڪرا.

سنڌو: حد. ڪنارو.

سنڌيندم: مرهم پٽي ڪندم. ڇٽائيندم.

سنڌيون: بدن جا سنڌ. عضوا.

سَنڊ: اوزار. وسيلو. سيڻاهه.

سنڊين: همت جهلين. سيڻاهه تي ترن.

سَنڪو: اُڊڪو: ڊپ.

سنڪن: ڏڪن.ڪنبن. ڊڄن.

سنک: وڄائڻ جو ڪوڏ. ناد.

سُنگ: سنگت. ساٿ. محصول.

سنگهار: مال وارا. ڀاڳيا.

سنگهر: زنجير.

سنواريا: سنواريل. سڀاڳا. سونهارا.

سنيهڙو: پيغام. نياپو.

سڻاوا: سڌا. سامهان.

سُڻهو: سڻو. ٻڌو.

سُڻيان: ساڻن. کين.

سُڻئين: ٻڌين. سڻين.

سو: سُئو. ٻڌو.

سُواٽ: سنئون رستو.

سُوارا: سويل.

سَواري: سويل.

سواريون: سويل.

سُواهرو: چڱو مددگار. خيرخواهه.

سُواءُ: سڻائو واءُ.

سَوائي: سوايو. سرس.

سُوائي: سخي.

سوڀي: سونهن واري. بختاور.

سوٽ: ڏاڍو وٽيل. سخت.

سوٺا: جوابداريون. ذميداريون.

سوٺائون: ڳولي لڌائون.

سُوجهه: جانچ. ويچار.

سوجها: ڄاڻ- پروڙ.

سُوجهي: جاچي. چڪاسي.

سوجهيائون: چڪاسيائون.

جانچيائون.

سُوڌا: سِڌا. پورا. سچا. سمجهو.

سُوڌائي: چڱائي. سڌائي.

سُوڌو: پورو. سچو.

سُوڌيون: پوريون. سچيون.

سُور: سورة. درد.

سورانگهي: اورانگهي.

سُور ٻُهار: ڇنڊي صاف ڪر.

سُور چَرندي: سور کائيندي.

سور ڇيو: موهيو. مست ڪيو.

سورڌڻي: غم ڏيندڙ ۽ لاهيندڙ.

سُوريتيءَ: درد جي ماريل. ڏکايل.

سوڙ: مٿان پائڻ جي رضائي.

سُوڙو: ڳُڻائڻو. لائق.

سوگند: قسم.

سُول: سُور. فائدو. فرحت.

سون پَڻي: سون جو سنگ يا داڻا.

سونڪي: ڳڻتي. ڊپ.

سونگ: محصول.

سونگئا: محصول جي ڪري روڪيا.

سونگي: محصول آڳاڙيندڙ.

سون ورنيون: سون جي رنگ جهڙيون.

سُونهاري: سهڻي. ڏاڙهي.

سُونهان: رهبر.

سُونهائي: سونهين ڪئي. واقف ڪئي.

سونهايوم: ڏيکاريوم.

سونهڻ: ٻيڙيءَ جون ميخون.

سوءَ: ماتم. غم.

سِہ: سِيءَ. سردي وارو مهينو.

سهاڙ: ساهڙ- ميهار.

سُهاڳ: سُک.

سُهاڳي: سکيو. وڻندڙ.

سهاءِ: سهائي، سيبائي. جڳائي.

سُهائو: روشني.

سُهائِي: سوجهرو. روشنائي.

سَهٽِ: سڪ. اڪير. سلوڪ. رهاڻ.

سَهج: خوشي. شوق. چاهت.

سَهجان: ڪوڏ منجهان. سهج مان.

سهڄ: ڳڻ، قرب. سينگار. موج.

سُهنڌ: سٺو هنڌ. سٺي جاءِ.

سَهس: سهسين. سوين.

سُهڳ: سهاڳ. سک.

سِمهو: اميد. آسرو. سهڻو. لائق. چاهه. لاڳاپو. واسطو.

سَهِي: واقف. سڃاڻو.

سئنچو: خطرو. تياري.

سؤکو: سکيو. سولو.

سوئيتا: سوءَ ۾. ماتم ۾.

سِيءُ: هڪ گاهه جو قسم. ٿڌ.

سيارڇ: هڪ قسم جو گاهه يا ڏٿ.

سِياڪو: سياپو. مائٽي.

سياءُ: مائٽ. شريڪ.

سيبا: ٽوپا. ڳنڍ.

سِيباءِ: جُڳائي. وڻي.

سِيباڻو: وڻيو. پسند آيو.

سِيباڻيام: مون کي وڻيا.

سيباڻي: وڻي.

سيٽ: سُٽ جا وٽيل رسا.

سيٽيان: ٻک وجهان.

سيڄ: سيج. کٽ.

سيڏائي: سڪائي. موهي.

سٻير: واٽ. لنگهه. گذر.

سِير: سيل. سچائي.

سيرڙيون: سيرون. واٽون. پيچرا.

سُيس: مشهور ٿيس.

سيسار: درياهي نانگ.

سيڪارا: سڏڪا. شوڪارا.

سيڪڙو: سڪايل.

سيڪي: ڇِني.

سيڱ: ڪمان.

سيلا: وارن کي ٻڌڻ جي رسي جا جوڳي ڪم آڻين.

سٻيلو: تير. گز. مٿي کي ٻڌڻ جي رسي.

سٻيلهه: ڪنڊا. تير.

سٻيليون: رسيون.

سين: فقير جي صدا.

سِينڍاريا: سينڍ هڻي سڏيا. پاليا.

سيڻ: مائٽ.

سيڻاس: ساڻس.

سيڻان: سندن لاءِ ساڻن.

سيڻاها: سيڻهه وارا.

سيڻاني: ساڻن. گڏ.

سيڻاڻي: ساڻ. گڏ.

سيوا: شيوا. بندگي.

سيوي: سِبي. ٽوپا ڏي.

سيهي: شيهي. ڪڇ. مٺ.

سِيئن: تائين.



ش

شبان: ڌڻار.

شبيہ: شڪل. صورت.

شُتر: اٺ، ڪرهو.

شجَرَ: وڻ. درخت.

شريڪت: برابري. همسري.

شعور: فهم. فضيلت.

شڪستي: دلشڪستي. نااميد. ملول. مايوس.

شڪم: پيٽ.

شڪون: (واحد: شڪ) ڪلي. بند. ڪِيري.

شُهدي: سڪندڙ. غريب. نماڻي. مُنهن. صورت.

شُومت: براڻي. خرابي.

ص

صِراط: پل صراط. واٽ.

صِراط المستقيم: سنئون رستو.

صريح: ظاهر ظهور. صاف

صفتان نور: صفتن واري روشني.

صقيلا: چمڪندڙ، گهائيندڙ.

صلابت: مڻيا. شان.

صلوات: بندگي. درود.

صواب: سڌائي. چڱي واٽ.

ض

ضاءِ: ضايع. زيان.

ضرور: ضرورت.

ط

طالب الموليٰ مذڪر: موليٰ جو طالب مرد آهي.

طالح: ندورو. نڀاڳو.

طالع: نصيب. ستارو.

طاق: ٿالهه. دروازا.

طاماعو: طمع رکندڙ. تاڪائو.

طريق: طريقت. رستو.

طريقت: فقيري جو پنڌ. تصوف جي ٻي منزل.

طس: ٿالهه.

طوق: هار.

طورسينا: جبل جنهن تي حضرت موسيٰ نور جو تجلو ڏٺو.

طهورا: پاڪ پاڻي. بهشتي شراب. طيران، طيورن: پکين.

ع

عاجزا: ضعيف عورت.

عاجزيون: نيزاريون.

عادنئون: عدن (بندر) کان.

عاصي: گنهگار.

عاق: ناصالح. خراب. بيحيا.

عالَم: ڪائنات.

عامن: عام ماڻهن.

عبث: اجايو.

عَبير: عطر. عنبر.

عدم: نابودي. نيستي.

عراقي: عراقي گهوڙا.

عرفات: مڪي شريف جي ويجهو هڪ ميدان.

عرفان: علم. معرفت.

عُريان: اگهاڙي. نانگي.

عزازيل: شيطان. ابليس.

عطائي: سوالي. فقير.

عِصيان: گناهه. ڏوهه.

عِلتي: عادتي.

عليل: مريض. بيمار.

عليم: ڄاڻڻهار.

عميق: اونهون درياهه. اوڙاهه.

عين: هوبهو. نسورو.



غ

غار ٿيو: گم ٿيو.

غواصن: ٽوٻن.

غيبتي: گلا ڪندڙ.

غير: دوئي. ٻيائي.

غير گُمان: ٻيائي جو خيال. شڪ.

ف

فاذُڪروني اَذڪرڪُم: ’اوهين مون کي ياد ڪريو ته آءٌ اوهان کي ياد ڪريان.‘

فاقو: بک.

فائق: بزرگ. سياڻو.

فتاح: کوليندڙ. فتح ڏيندڙ.

فردا: سڀاڻي. آخرت.

فرقان: قرآن شريف (سچ ۽ ڪوڙي ۾ فرق ڪندڙ).

فَڪان قاب قوسين اوادنيٰ: ٻن ڪمانن جيترو ويجهو هو، بلڪ ان کان به وڌيڪ.

فِلق: فرق.

فهميدم: سمجهيم.

في الله: فنا في الله. الله ۾ فنا ٿيڻ.

فيض: موج. پلٽ.

فيل: هاٿي.

ڦ

ڦانگُ: سڪل ٽاري.

ڦچَ: چهڪ. چير.

ڦَرهه: مُرٽ ٻوٽي جا داڻا.

ڦَڪِي: سُتي.

ڦلِنگي: فرنگي. يوروپي.

ڦَليل: گلن جو سرهو تيل.

ڦَڻُ: پَٻ (پير جو).

ڦوٽو: بُلبلو. بوڙيو.

ڦورا: ڦولهاقر. مورَ.

ڦوڙائبا: وڇڙندا. جدا ٿيندا.

ڦوڙائو: جدائي- وڇوڙو.

ڦوڳن: ڦوڳ جي ٻوٽن.

ڦوڳي: نڪما. بيڪار.

ڦيٽ: ڌڪ. صدمو.

ڦِيڻ: گجي. جهڳ.

ق

قاب قوسين اوادني: ’ٻن ڪمانن جي وڇوٽي بلڪ انهيءَ کان به ويجهو‘.

قافئون: قافن مان. جبلن مان.

قالب: جسم. بدن.

قال: بحث مباحثو. گفتگو.

قال قيل: ڳالهه ٻولهه.

قالُو بليٰ: چيائون ته ’هائو.‘

قبلي نما: قبلو ڏيکاريندڙ.

قد: هوڏ.

قُدام: اڳواڻ. سردار. پيشاني.

قد ٻَڌي: هوڏ ڪري. سينو ساهي.

قديم: ازلي. اصل کان.

قرڦل: لونگ.

قرن: سخي سمي ڄام جو نالو.

قَرينو: محبت. سٻنڌ. وڙ. ڀلائي.

قزاق: رهزن. ڌاڙيل.

قصر: ماڙي.

قضانِي: اتفاق سان.

قفلن: تالن. ڪلفن.

قُل لَن يُصِيبُنا اِلاما کَتبَ الله لَنا: چئو ته ڪابه مصيبت اسان کي نه رسندي، سواءِ انهيءَ جي جا خدا اسان جي حق ۾ لکي آهي.

قلوب: قلب. اندر. دل.

قليل: ٿورا.

قُم: اُٿ. اُٿي. تيار ٿي.

قمر: چنڊ.

قناقون: طنبو جا پردا.

قوال: راڳيندڙ. ڳائيندڙ.

قيدالماءِ: داڻو پاڻي. تقدير.



ڪ

ڪابُول: ڪابل شهر.

ڪاتب: لکندڙ.

ڪاپائتي: ڪاپو ڪندڙ. ڪتيندڙ.

ڪاپٽ: جوڳين جو هڪ فرقو.

ڪاپڙي: سناسي. جوڳي.

ڪاپو: ڪتڻ جو پورهيو.

ڪاڇوٽي: لانگوٽي.

ڪاڍو: ڇڪ. سڪ. ڪشش.

ڪاراڻيا: ڪاراتيا. ڪارا ٿيا.

ڪارائي: ڪارنهن. ڪاراڻ.

ڪارايل: ڪارو هنجهه.

ڪارڻي: وسيلو. مددگار.

ڪارونڀار: ڳوڙهو. اونهو، هيبتناڪ.

ڪاروُن: ڪوششون. حيلا وسيلا.

ڪائِر: بزدل. گيدي.

ڪارهين. يارهين.

ڪاري: سخت. گهائيندڙ.

ڪاريا: ڪرايا.

ڪاريهر: ڪارو نانگ.

ڪاڪَت: طاقت. سگهه.

ڪاڪلَ: زلف. وار.

ڪاڪيون: اديون. سرتيون.

ڪام: لڪڻ.

ڪامڻ: جادو. منڊ. سهڻي زال. نازنين.

ڪانڀُو: جبل جو نالو.

ڪانڊين: ڪنڊين جي ڪاٺين ۾ (جن جي باهه تکي آهي).

ڪانہ، ڪانهن: ڪيڏانهن. ڪٿي.

ڪاني: ڪان. ڌڪ. سَرائي سرمي پائڻ جي.

ڪانيٽا: نيش. ڏند.

ڪانيارو: ڪاڻ وارو. ناقص.

ڪانيرو: پاڻيءَ جو هڪ پکي.

ڪاڻ: عيب. گهٽتائي. شرمندگي. حجاب. لحاظ.

ڪاڻياريون: قصور واريون. عيبدار.

ڪاهري: اڀري. ضعيف.

ڪاهُوجِي: دڙي يا مڪان جو نالو.

ڪاءِ: ڪائي. ڪابه.

ڪائو: درياءَ جو لاهو. لٿل پاڻي.

ڪايا: هاٺي. بدن.

ڪِبر: هٺ. وڏائي.

ڪِبرياءُ: خدا تعاليٰ.

ڪبير: وڏو گناهه.

ڪٻ: ڪٻڻ: ڇرڪڻ. لڏڻ.

ڪُٻيلياڻي: جنهن جو ساٿي چڱو نه هجي. جنهن جو ڪو ٻيلي نه هجي.

ڪتابت: لکيو. اعمالنامو.

ڪِتو: ڪتيل.

ڪُٽ: مٽ. تيز شراب. هرگز.

ڪپر: ڪس. ڪچ. مٺ.

ڪُپَر: ڪُريت. بڇَري ريت.

ڪُپَچُ: ڪِري ڀڃڻ. بدپرهيزي.

ڪَپُور: ڪافور. سرهاڻ.

ڪُپيري: ڏکي واٽ. گمراهي. بيراهي.

ڪُڄا: ڇا.

ڪڄاڙيا: ڇو. ڇا جي ڪري.

ڪَڄيو: لڪو. دٻيو. ڍڪيو.

ڪَچَ: ڪوڏ. سُتيئڙو.

ڪَچو: ٽڪو. داغ. مهڻو.

ڪُڇن: بيوس. لاچار. خراب جاءِ.

ڪَديفو: ريشم. ريشمي ڪپڙو.

ڪُڌا تُورو: نالائق. بداخلاق.

ڪڍ ڪاهڻ: پٺيان لڳڻ.

ڪَرَ: خبر. سُڌ. ڄڻ. جيڪر.

ڪَرُ: ڳاٽ.

ڪُرُ: ڪٽنب. ڪڙم. پَنڙا.

ڪِراڙ: ڀٽ شاهه جي ڍنڍ.

ڪَرڙا: ڏکيا. اڻانگا.

ڪِرڪِ: تير. ڪان

ڪُرڳل: هل هُلاچو.

ڪَرلاهُو: خبر لهندڙ. سنڀاليندڙ.

ڪرفگل: ڪرنگهر. هڏن جو پڃرو.

ڪُرندان: خراب رستو. الٽي واٽ.

ڪَرنگهو: ڪرنگهو. پُٺيءَ جو هڏو.

ڪرنون: ڳنڍيون ڳوڙها.

ڪرهل: اٺ.

ڪَرِهو: ڪريو.

ڪَرَهو: اٺ.

ڪَروت: ڪرٽ. ڪارائي.

ڪِيري: کاڌي جي پرهيز.

ڪُريت: بڇڙي رسم. بد رسمي.

ڪرير: ڪِرڙ وڻ.

ڪِڙڄ: ڪچرو. ڪک ڪانا.

ڪَڙن. پير کڻن.

ڪُڙهه: اندر. جِيءُ. بدن.

ڪَڙههُ: ويچار ڪر. سڙ. پچ.

ڪَس: ڪَش. پسند. ڪٽ. دل جو غبار.

ڪُسَر: ڪوڙا سَرن جا ٻوڙا.

ڪشتيبان: ٻيڙي هلائيندڙ.

ڪَڪوهه: شراب جو هڪ قسم.

ڪُلاٽ: ڪُلڇڻو. ڪُلال.

ڪَلال: شراب ڪڍندڙ. مي فروش.

ڪلَپتي: مها جوڳي. خيال وارا.

ڪُل ٿيا: ڌڻيءَ سان مليا.

ڪُل شيءِ يَرجِعُ اِليٰ اَصلہ: سڀڪا شيءِ پنهنجي اصل ڏي موٽي ٿي.

ڪُل مَن عليهافان: جيڪي ڪجهه زمين تي آهي سو فنا ٿيڻ وارو آهي.

ڪلمي گو: ڪلمون پڙهندڙ.

ڪُل نفس ذائقة الموت: سڀڪو ساه موت جو مزو چکندو.

ڪِلو: جهيڙو. جنگ.

ڪَليون: نِڙيءَ جا غدود. ڪيلاج.

ڪُم: نيلوفر جا ڦل.

ڪُماچ: رباب.

ڪُماڙهئين: (ڪُ+ماڻهو) بُرن کي.

ڪُميتن: گهوڙن.

ڪن: ٿيءُ. ٿي پئو.

ڪنان: کان.

ڪَنجرو: چولي. گَج.

ڪَنجڪ: واڳ،

ڪنڊا: ڪنڊي جو وڻ.

ڪُنڍيون: ڪنڍن سڱن واريون مينهون.

ڪُنَر: ڪُنُ جنهن ۾ ڌوٻي ڪپڙا کنڀ چاڙهين. والا.

ڪنگن: ڪانئرن (پکي)

ڪنوٽيا: ڪن وڍيل جوڳي.

ڪنواٽ: گونرو. ننڍو اٺ.

ڪُڻڇ: ڪنڊ. پاسو.

ڪڻس: کيس. انهيءَ کي.

ڪُڻڪن: ورلاپ ڪن. چُرن. ڪنجهن.

ڪَڻن: وٽن.

ڪَڻيون: مڻيون. موتي.

ڪوڏ: چاهه، خوشي. ناز. لاڏ ڪري. سوز. ساڙو.

ڪورنشون: نياز. سلام.

ڪوڙڪيون: پکين ڦاسائڻ جا دام.

ڪوڙي: بي وڙي. نالائق.

ڪُوڪَٽ: ويڌن. ظلم.

ڪوڪِڙ: سُڪل پيرون.

ڪُولَ: بد لڇڻ. گنهگار.

ڪونر: وڻن جا ڪچڙا گل. شهزادا.

ڪُواٽ: الٽي واٽ. ڏکي واٽ. اوجهڙ.

ڪُوار: گِلا.

ڪوءِ: ڪير به.

ڪُوءِ: گهٽي.

ڪُويساهيا: ڪوڙي ويساهه وارا.

ڪُويل: ڪُمهل. اويرو.

ڪَهه: پنڌ جي تڪليف. گهڻو ۽ ڏکيو پنڌ.

ڪُهه: ڇو.

ڪِها: ڪهڙا.

ڪَهن: ڏکيا پنڌ ڪن. چون.

ڪَهڪ: چهڪ: چير.

ڪَهڻي: چوڻي قول.

ڪِهو: ڪهڙو.

ڪَهُون: پنڌ. ڪشالا.

ڪيئا: ڪئان. ڪٿان.

ڪئنچل: ڪنَچل. سون.

ڪياءِ: ڪَيَئِي.

ڪيٽائي: تڙ جو نالو. ”ڪيٽائو“.

ڪِيرت: راڳ جي صدا.

ڪِيڙي: سيکاري. هيرائي.

ڪيس: ڪارو رنگ. ڪارا وار.

ڪَيسر: زعفران.

ڪيفُ: نشو. خمار.

ڪيفران: حالت. حقيقت.

ڪيڪان: گهوڙو.

ڪِيم: ڪين نه.

ڪين: نيستي. ڪجهه نه.

ڪِينَر: ڪينرو. سرندو.

ڪيڻ: ڪيڏانهن.

ڪڻيان: سندن لاءِ.



ک

کاٽُونبا: جهنگلي ميوو.

کاڏو کوڙڻ: منهن ڀر ڪرڻ. بي طاقت ٿيڻ.

کاروڙئان: ’کاروڙي‘ ڳوٺ کان.

کاس: سڌ.

کاند: صبر. کميا.

کانءِ: جلاءِ. ساڙ.

کانيا: جلايا. ساڙيا.

کاڻان: سڙيا. جليا.

کاهوڙي: جهنگ جبل ۾ ڏٿ ڳوليندڙ. سچا فقير.

کٿيرين: ماروئڙين.

کَٽرن: کيٽو ڪندڙ ڳئن يا مينهن.

کَپ: وَڍ.

کَپر: هڪ ننڍو زهريلو نانگ.

کِجاڻِي: اندر جو سوز. ڳارو.

کِجن: بيزار ٿين. جهڄن. ڳرن.

کِجڻ: جهوري. ڳاراڻو.

کِدائُون: پياليون. جمنيون.

کُڏي: ڪوٺي. حجرو. اوطاق.

کَر: خراب ماڻهو. دشمن. رقيب.

کَرا؛ سچا.

کَرايون: دشمنيون. برايون.

کِردار: افعالن وارا. هنرمند. سلوڪ وارا.

کِرس: لاڏ ڪوڏ. ناز نخرا.

کَرڪن: چڙين.

کرڪڻان: نوڙين جا ٺهيل جوتا.

کَرکرا: گهوڙن جي پٺي صاف ڪرڻ لاءِ تُوريءَ جا ٺهيل برش.

کَري: پوري. سچي. پڪي.

کُڙا کڻي: کڙيون کڻي. پوري ڪوشش سان.

کَڙهه: دروازو. لنگهه.

کَڙيا: ٻورا. خرزينون.

کِڙيو. ٽئو. ڀڳو.

کِڙيو: روشني ڪئي. ظاهر ٿيو.

کَسو: جتي.

کِکِي: مڇي.

کَم: صبر.

کُنڀ: ڌڌوٻيءَ جي ديڳ.

کَنڀاتڙي: کنڀات جي نار واري.

کُنڊي: ڳجهي. ڳجهه سانڍيندڙ.

کُهنبا: ڳاڙها رتل رَوا.

کِنياتا: خوش خبري ڏيندڙ. ڪانگل.

کڻ: طرف. پاسو. رٺا.

کُورو: مچ. ڪلال جي بٺي.

کوڻيتي: پوري طرف واري. پوري مند واري.

کُوهو: ٻيڙيءَ جي سڙهه واري ڪاٺي.

کوءِ: ٻَن. کڏ.

کِہ: دز. لٽ. خوشبوءِ دار گاهه.

کُهج: ٿڪج. ڪڪ ٿج.

کيترا: جوتا.

کَرو: ان گڏ ڪرڻ جي جاءِ.

کيٽا: ضد. ارڏايون.

کيڙائو: ڳوليندڙ. ڏوريندڙ.

کير: جماعت. ٽولي.

کِيرون: مبارڪون.

کِيروليون: ’کيرولي‘ گاهه.

کِينِ: کائِين.

کِيندي: کائيندي.

کينئن: خير. سک.

کيڻَ: کاڌا. طعام.

کيهه: مِٽِ. دز. لٽ.

کِيو: کايو. پيٽ ڀريو.



گ

گاڏيليون: سهڻيون زالون.

گاروڙين: جهانديدن. آزمودگارن. جوڳي فقيرن.

گاءُ: هوڏ. تڪبر.

گَبرو: رلي. اوڇڻ.

گَبري. گودڙي. بغلي.

گَت: ريت. دستور.

گَتا: ڦاٿا. اٽڪيا.

گُجر: گُجر قوم جي (مومل).

گَجميل: گجميل شهر جون ٺهيل.

گُداز: سوز. فراق.

گُڏايم: مارايم.

گِرٿ: ڳنڍ. ناڻي جي هڙ.

گِرداب: ڪن. اوڙاهه.

گردانيو: پروڙيو. سمجهيو.

گِرئي: گِريو. روڄ.

گُري: ڳنڍ. ٽڪر.

گِري: گير ڪري. ڀونڪي.

گڙنگ: هڪ ايراضي ۽ واهه جو نالو.

گَسا: گس کان. واٽ کان.

گسي: اٺن جا ليڏوڻا.

گُفت: ٻولي. آواز. چيائين.

گُلبُوءِ: خوشبودار.

گماٽي: نابود ٿي. گمراهه ٿي.

گمائِي: بيخود ڪئي.

گَمن: غمن. سير. گهمڻ.

گَنجو: گنجو ٽڪر.

گَند: پاڻيءَ جي ول ’ڪُوڻي‘ جو ڦل. لوڙهه.

گندائُون: رليون.

گَندي: چادر. پوتي.

گُنگائي: هُشائي. جهڪائي. ماٺ ڪرائي.

گُنگَن: اُٺن.

گنوايو: وڃايو.

گَنبر: هاٿي.

گودڙ: وڏي گودڙي.

گور: قبر.

گورکناٿ: جوڳين جو مها گرو.

گوشي: ڪُنڊ ۾. نويڪلائي ۾.

گوندا: ٻڪرين جي ننڍن ڦرن جا واڙا.

گيان: سچي ڄاڻ. معرفت.

گيرب: هٺ. وڏائي.



ڳ

ڳاچ: ڳيچ. راڳ.

ڳاڱا: هڪ جهنگلي ميوو. ڳاڱيون.

ڳاراچو: احوال. محفل. شادمانو.

ڳالهائون: سندن ڳالهائڻ.

ڳاهه: اشارو. بيت. تُڪن ۾ اهڃاڻ.

ڳائو: چؤٻول. گونج.

ڳڀرو: ڇوڪراٽ. ٻار.

ڳڀيا: ٻوڪيا. گل جهليائون.

ڳُتو: ويڙهيو.

ڳٽن: ڦاهين. طوفن.

ڳُجهاندر: ڳجهه ۾.

ڳَران: وٽان. گهران.

ڳُرن ۾: ڳجهن ۾.

ڳَري: ڳلي- گهٽي. وسيلو.

ڳريو: ٻيڙيءَ جي پڳهه جو رسو.

ڳَرهيان: بيان ڪريان. اوريان.

ڳڙهه: قلعو.

ڳَڙي: ڳنهي. وٺي.

ڳِڱاٽيا: ٺاري ڇڏيا. نِستا ٿِيا. بيهوش ٿيا.

ڳَمن: آهستي هلن.

ڳِڻِي: وٺي. کڻي.

ڳوريون: ڳوليندڙ. طالبو.

ڳهريو: نشي ۾ موڳو ٿيو.

ڳهلي: ڳهيلي. اڻڄاڻ.

ڳهڻا: زيور.

ڳهيو: پورهيو ڪيائين. ڪم ۾ وهيو.

ڳيڙءَ: تو ورتو.



گهه

گهاتُو: مڇي ماريندڙ.

گهاٽي: گهاٽي شراب مان.

گهاگهائي: همت ڪري. کلي ڪڏي.

گهانڊار: وڏا. گهنڊ.

گهُتون: بهانا. عذر.

گهَٽُ: نڙي. اندر. دل. در. لنگهه. گس.

گهُٽڪن: ڳيتون ڏين.

گهڃان: مجلس. خوشيون. ناچ. کِل.

گهِڏي: بت کي لوڏي. گهوماٽجي.

گهُرءِ: فڪر. آڻتڻ.

گهَل: ٽولي.

گهُماٽِي: ڦيري کاڌائين. ڀنواٽي.

گهنگهر: ڏک سور.

گهڻ ڄاڻ: گهڻو ڄاڻندڙ. سياڻا.

گهور: چڪر. ڦيرو. ڪُنُ. پُور. خيال.

گهور پيا: گهڙيا. ڪُن ۾ پيا.

گهوريندڙ: ڳوليندڙ. ڳولائو.



ل

لا: نه، نفي. نيستي.

لاتقنطوا من رحمة الله: خدا جي رحمت کان نااميد نه ٿيو (تحقيق الله سڀ گناهه معاف ڪري ٿو).

لاڄُو: ٻيڙيءَ جا رسا.

لاڄُوبند: نوڙين جا ٻنڌڻ.

لاحد: لامڪان. حد کان ٻاهر.

لاخوف عيلهم و لاهم يحزنون: انهن لاءِ ڪو خوف نه آهي ۽ نه ڪي هو ڏک ڏسندا.

لاڌ: حاصل. فائدو.

لاڏ: انگل. ماڻو.

لاڏاڻ: بار کڻڻ.

لار: مال جو ڦر. چڙي جي وچ واري ڪاٺي.

لارون: پاڻيءَ جون ڌارون. ٺينديون.

لاڙي: اڳڙي. ريڙ.

لاڪوفي: ڪُوفي يا فِرقي کان سواءِ.

لاڳ: محصول.

لاڳيدار: لاڳو وٺندڙ. محصول اڳاڙيندڙ.

لام: ٽاري. پناري. آسري.

لامقصود في الدارين: سواءِ خدا جي ٻنهي جهانن ۾ ٻيو ڪو انهن جو مقصد نه آهي.

لامڪان: مڪان يا جاءِ جي بند کان ٻاهر. هرجاءِ.

لامي: لڙڪندڙ. نمندڙ.

لانچي: ڳولي. ڏوري.

لانگ: ٻرانگهه. ٽنگ.

لانئين: ڪَسي ڳالهه.

لاڻي: هڪ کارو ٻوٽو.

لاههَ: سَٽَ. چال. لاڙو.

لاهوت: سلوڪ جي چوٿين منزل.

لاهوتي: لاهوت جي منزل کي پهتل سالڪ.

لاءُ: لاءُ ساءُ.

لائو: جڏو. عيبدار.

لايعرفهم غيري: مون کان سواءِ اوليائن کي ٻيو ڪونه ٿو سڃاڻي.

لَب: لالچ.

لباس: ويس. ٻاهريون ڏيکاءُ.

لُبيسُ: پوشاڪ. ٻاهريون هار سينگار.

لِچيا: هٻڪيا. ڊنا. لُڏيا.

لُڇان: ڦٿڪان.

لَحَمُ: ماس. گوشت.

لحظو: پلڪ. اک ڇنڀ.

لَڌُ: لاڀ. حاصلات.

لڌا: لکيا. (تقدير موجب).

لُڌا: ٻه تارا جي ’ٽيڙو‘ کان پوءِ اڀرن.

لُرَ: تڪڙ ۾. تيزي ۾.

لُڙ: گوڙ. درياءَ ۾ پاڻي جو چاڙهه.

لَس: پاڻيءَ جي اڇ ئي اڇ.

لِسان: زبان.

لُسندي: لُوسندي. باه جي سيڪ وقت.

لُعاب: وات جي ڦيڻي.

لُغار: ذرو. ٿوري گڏيل شيءِ.

لَڪُ: چيلهه. لنگهه.

لڪڙياريون: سنهڙيون. نازڪ.

لڪيون: ننڍا لڪ.

لِک: ذرو. ننڍي. ٿوري.

لُکَ: گرم هوا. اُساٽ.

لکا: ڏيکاءُ. نماءَ. تفاوت (جو ڏسڻ ۾ اچي).

لَکڻ: گڻ. لڇڻ. صحيح ڪرڻ.

لکڻين: عادتن ۾ لڇڻن ۾.

لَکِي: ڄام لاکي جي گهوڙيءَ جو نالو.

لَکيا: سڃاتا.

لڳ: ڪارڻ. واسطي.

لڳَهه: ڪڪر. جهڙ.

لڱو: منڊو.

لَلُ: لڇڻ.

للاهه: مست. ڊڄڻا.

لُلُر: ٻُوٽو جو ڀاڄي طور رڌجي.

لَلَو: سهڻو هنجهه.

لَم يَلد وَلم يُولد: هو (ڌڻي تعاليٰ) نڪي ڄڻي ٿو نڪي ڄائو آهي.

لَنب: هڪ گاهه.

لُنڊا: عيبدار. ناقص.

لنڱا: لنگڙا. منڊا. جڏا.

لنئون: الفت. ناتو. محبت.

لُوت: هڪ قسم جو وڻ.

لوٺو: رُليل. سڙيل. کاڻو.

لوٺيءَ: رليل.

لوپي: لُٽي. ڦُري.

لوڇ: لُڇ پڇ.

لوچڻ: ڳولڻ.

لوڌي: شڪاري.

لوري: هڪ قسم جو تير. ڪانُ. ڳڻتي. ڪميڻي.

لوڙا: هُل. گوڙ.

لوڙائُن: ڌاڙيلن.

لوڙو: هڪل. هل. فرياد. حملو.

لوڙهه: مڙهه. لاش.

لُوساٽي: ساڙي. کانئي. جلائي.

لُولاٽ: ليلڙاٽ. عاجزيون.

لَوَن: لُڏن. لٽڪن.

لون: تند. تار. سنهڙا وار.

لَوندا: ٻوليندا. لات ڪندا.

لوهه: لوهه جو اوزار. ڪاتي. زنجير. تير.

لوهڻي: مڇي جو قسم.

لوهُو: رت. خون.

لوهيڙا: هڪ قسم جا وڻ.

لوءِ: مڪان. ماڳ.

لوئڙياري: لوئي ڍڪيندڙ.

لَہُ: لنئون. نينهن.

لُهاڻو: جلائيندڙ. ساڙيندڙ.

لهس: کام- سڪ.

لَهُم البشريٰ: (دنيا ۽ آخرت ۾) انهن لاءِ خوشخبري آهي.

لَهِنداهُ: اوهين لهندا.

لَهوارا: هيٺ وهڪري طرف.

لِهون: لهو.

لُئا: ذرا ذرا. اُلا. وڍيا. لڻيا.

لُئِي: لُڻِي ڏي. وڍي ڇڏي.

ليڙو: اٺ.

لِياڪا: جهاتيون. آسرا.

لِيَ: کِک.

ليٽ: پاڻي جي اٿل.

ليس ڪَمِثلہ شيءِ: خدا جهڙي ٻي ڪابه شيءِ نه آهي.

ليل: رات.

لِينگ: ريڙ. پَٽِي. ڦاٽل ڪپڙو.

لِينگهن ۾: ڇنل ڪپڙن ۾.

لِينگهو: داغ. ٽِڪو.

م

مات: ماريل. نابود. فنا.

ماٽَ: ماڪ. احسان. ڀلائي.

ماچ: راڳيندڙ. مطرب.

مارا: ماريندڙ.

مارَايت شيئا اِلا وَرايت الله: آءٌ اها شيءِ ڪانه ٿو ڏسان جنهن ۾ خدا جو جلوو نٿو ڏسان.

مارڳ: واٽ. گس.

ماڙيچي: مارو ذات جي.

مرينهُون: اسان کي مارين.

ماڙ: ڀلائي. مهرباني.

مزاغ البصر و ما طغيٰ: نه نظر ڌنگي ٿي ۽ نه نافرماني ڪيائون.

ماڪاڻي: مڪان. جبل ۽ نئي جو نالو آهي.

ماڪائي: ڄاڻي ٻجهي.

ماڪُر: قبول. پسند.

ماڱر: مان گهر. مان ڳر. مونکي.

مامرا: معاملا- رٿون.

مامور: امر ڪيل. نصيب ۾.

ماموري: وڏي بيماري. ڳري آفت.

ماموين: ماموئي درويشن.

مانڊي: منڊ ڪندڙ. جادوگر.

مانڱرياڻي: منگري جو ٻچو. مَڇُ.

ماهه مُنير: روشن چنڊ.

ماهيت: حقيقت.

مُباح: روا. جائز. حلال.

مُبين: چٽو. ظاهر.

متارا: بهادر. مست.

مٿاءِ: منهنجي مٿان.

مَٽ: عيوض. هڪ جيڏو.

مُٺائون: ماريائون.

مُٺن: بُرن. بُڇڙن.

مَپُ: ماپ. انت. حد.

مجاز: عشق.

مَجُوسيءَ: نفس اماره. ڪافر. گبر.

مُڃي: موڪلي.

مجيجِي: مزاج جو واقف. حال محرم.

مُڃ: ڪانهن جون نوڙيون.

مڃٺ: هڪ وڻ جنهن جي پاڙ مان ڳاڙهو رنگ ٺهي. ڳاڙهو- لعل.

مَڃر: ساوا ڪچا سڱر. ڪنڊيءَ جو ٻور.

مُڃرو: سلام. ديدار. تماشو.

مڇڻ: متان.

مُڃيجاه: وڍجانءِ. تون ڪپج.

محفوظان: لوح محفوظ کان. ازل کان.

مَدُ: منڌ. شراب.

مدارن: ڀروسن: تعلقن.

مدعي: ڪوڙا دعويدار. دشمن.

مَڏُ: تُرهو. ڪکن ۽ ڪاٺين جو ڍڳ. ڪکن جو گڏو.

مذاق: ٺٺولي. ٺڳي.

مذڪور: ذڪر. احوال.

مَرُ: مِٽي. ميراڻ.

مِرڪ: سرڪي. تري جا قطرا.

موزو: چم جو جوراب جنهن مان بدبو ايندي آهي.

مُرسل: موڪليل. رسول.

مَرڪُ: فخر. وڏائي. مرڪڻ جهڙي ڳالهه.

مرڪڻون: مرڪندڙ. ٻهڪندڙ.

مِڙان: گڏجان. ملان.

مڙنيئون: مڙني کان.

مس: ٽامون. ڪچ.

مساوي: هڪجهڙو. برابر.

مَسحو: وضو.

مُسلم: قبول ڪيل. سونپيل.

مُسن: تڪليف ۾ اچڻ.

مُشاهدو: ديدار. لقاءُ.

مصلحت: ڀلائي. فيض.

مضر: ضرر پهچائيندڙ.

مضمضہ: گُرڙي.

مطيعن کي: تابعدارن کي.

مَعبُود: عبادت جو لائق.

معجونون: مرڪب دوائون طاقت لاءِ.

معذور: ويچاري. بيوس.

معرفت: ڄاڻ. پروڙ.

معمور: آباد. اڏيل.

مُفتي: فتويٰ ڏيندڙ.

مقالان: بيان کان.

مُقامياڻي: مقام ڀائي. هڪ ئي قبرستان ۾ دفن ٿيل.

مُڪا: موڪليا.

مُڪام: موڪليم. مون کي موڪليا.

مَڪُڙا: جهاز.

مَڪُڙي: ٻيڙي.

مَکِ: تيل جو مک. تيل مکڻ.

مَکِڻِي: گاهه جو هڪ قسم.

مُگَٽ: موڙ. تاج.

مَڱ: پِن. گهُر.

مَلُ: پهلوان. بهادر.

مُل: ملهه. وٽ.

ملاح: مليح جو جمع (مليح= سهڻو) سکر.

مُلاحظو: ڊپ. خطرو.

مَلام: ملامت. ميار.

مُلاءِ: وٽان. کان.

مَلڪوت: ملائڪن وارو درجو سالڪن جي هڪ منزل.

مَلُور: مَلول.

مَلهائيج: موکج. سرخرو ڪج.

مَلهي: سرخرو ٿي.مرڪسي.

مَنا: من تان. دل مان.

مَناڙين: موڙين. مهٽين.

مُنجان: موڪليان.

مَنڌُ: مَڌُ. شراب.

مَنڊ: جادُو.

مُنڊا: ڇلا. ڪنگڻ.

مَنڊل: ساز. اسباب. ٽِڪساٽ.

مَنڊي: بنائي. جوڙي.

مُنڊيون پائڻ: قابو ڪري جهلڻ.

مَنصور: مشهور صوفي شيخ حسين منصور حلاج. جنهن ’انا الحق‘ جو نعرو هنيو.

مَن طَلَبُ شيئا وَجَد: جنهن ڪا شيءِ طلبي ۽ ڪوشش ڪري ان کي ڳوليائين ته اها لڌائين.

من عرف الله، ڪَل لسانہ: جنهن الله کي سڃاتو تنهن جي زبان گُنگي ٿي.

مَن عَرفَ نَفسہ فقد عُرفَ رَبہُ: جنهن پاڻ کي سڃاتو، تنهن پنهنجي رب کي سڃاتو.

مَنگر: کُورو. مانگر مڇ.

مَنگل: کورو. آڙاهه.

مَن لاشيخ لہ، فشيخہ الشيطان: جنهن کي ڪو مرشد ناهي، تنهن جو مرشد شيطان آهي.

مَن لہ الموليٰ فلہ الڪُلُ: جنهن کي موليٰ آهي تنهن کي سڀ ڪجهه آهي.

مَنَهنِ: اجهو. ڇپر. ڇنو.

مُيائي: مُڏي ٿي.

مَنيو: ڳوهيو.

مَڻي: ڏانهن. وٽ.

مُوتوا: مرو (مرڻ کان اڳ).

موڏن: اُٺن.

مورڇل: مورجي کنڀن جو ٺهيل پنکو.

مُورئي: بلڪل ئي. اصل.

مورن: اُڀرن. ڦٽن.

مورياڻ: ڪٽ. ميل.

موريسر: اک ۾ وار. اک جو ڦلو. ڪٽر.

مُوڙ: مُوڙي. سرمايو.

مُوسَٽُ: ڪوڙو بهانو. عذر.

موڪ: جام. گهڻو. ڇڙواڳ. ڪشادو.

موکي: شراب وڪڻندڙ عورت. ڪلالڻ.

مولهيا: پٽڪا. پڳون.

مُونا: گوڏا.

مونڙين: گوڏن سان.

موُنهان: مون کان.

مونهين: مونکي.

موههَ: منهن. مهاڙ.

موهڙ: مهاڙ. منهن.

موءَ: جٽائون. وارو.

مِها: ميها. ڀاڄي جو هڪ قسم.

مَهاين: آزمودگارن. سردارن. بهادرن.

مهارا: مهارو. پلنگ.

مُهاءِ: مُنهن اڳيان.

مَهائين: وريام. بهادر.

مُهت: مان. آبرو.

مَهر: مهار. واڳ.

مِهري: فياض. مهربان.

مُهرو: ٻيڙيءَ جي اَڳيل جو ڪلو (جنهن ۾ پڳهه جو رسو ٻڌجي).

مُهَڙُ: مهندار.

مهميزون: جُٺيون. ڌڪ.

مُهنِ: ناس ڪن. عذاب ڏين. موهين.

مُهندڙي: موهيندڙ.

مَهيسر: پير مغان. وڏو ديوتا.

مئٿ: ميت. لاش.

مئڪي: مهاڻن جي.

مَئين: ماپين. تورين. ڳَڻين.

مي: شراب. مَدَ.

مَيا: رحم. ٻاجهه. متارا. ٿُلها.

مُيان پوءِ: مئي کان پوءِ.

مياڻيون: اهي جايون جتي مڇي ماري گڏ ڪن.

ميٽ: ميسار. ڍڪ.

ميئاقان: ميثاق کان. ازل کان.

ميڇون: اشارا.

ميخون: ڪليون. نوڪون.

مينڍا: آڏا ڳتيل وار (ڪنواري ڇوڪريءَ جا). وارن جا موڙا.

ميريائي: عيبدار.

ميڙ: ملاءِ.

ميڙائو: ميلاپ. وصال.

ميڙو: ميلاپ. وصال.

ميس: نفساني خواهش. آڪڙ.

ميکان: ميخون. ڪليون.

مَيَن: سورمن کي. مين متارن کي.

مِيَنَ: اُٺِن.

مَيَنِ: ڀَرِيَنِ. لڳن.



ن

نابودي: نيستي. فنائي.

ناڀُون: ننهنڊون. چنبا.

ناتاريون: ٻيڙين بيهارڻ لاءِ ننڍا لنگر.

ناتر: ٻانهي. تازي تواني.

ناٿ: ڌڻي. سردار. مرشد. گرو. مها جوڳي.

ناڏ: ورلاپ. آلاپ.

نار حامِيہ: ساڙيندڙ باهه.

ناري: دوزخي.

ناريون: زالون.

ناڙيون: نبضون. چم جون رسيون.

ناسوت: سلوڪ جي پهرين منزل.

ناسيندي: اڀرندي. ڪني ڪڍندي.

ناقصبائي: عيب کان. نقص سان.

ناقو: اُٺ. ڏاچي.

ناڪسيءَ: پاڻ وڃائڻ.

ناڪون: نائڪون. تير.

ناڪلاءُ: ’ناڪيلو‘ وڻ.

ناکُئا: خلاصي. ملاح.

ناگهه، ناگاهه: اوچتو.

نانءِ: نماءِ. جهڪاءِ.

نانُ: مان.

نانهن: نيستي. فنا.

نانگو: ملنگ. جوڳي فقير.

ناني: هنگلاج جي ديوي. بيبي.

ناه: نه هئڻ. نيستي.

نائُڪ: تير جي چهنب. چوٽ.

نايئين: تون جهڪائين.

نِبارُ: خالص. نج.

نِبري: ختم ٿئي. ڇڏي.

نِيهي: جٽاءُ ڪري. توڙ پهچي.

نِبيريو: جدا ڪيو. فيصل ڪيو.

نِٻَرُ: نٻل. ڪمزور.

نِتُ: هميشہ.

نِپٽ: بنا ڪپڙي. ننگو.

نَجابت: شرافت. بزرگي.

نجاست: پليتي. ناپاڪي.

نجاه: اوهين پهچائجو.

نجس: پليد. گندو.

نِجهرو: اجهو. جهوپڙي.

نِچ: ڀلي. سَدا.

نِدوري: نڀاڳي.

نِڌان: پڇاڙي.

نِڌاڻ: خزانو. ڌن. گهَر. ڪٽنب. لُڻ.

نِڌر: بي آڌار. بيواهي.

نِڌو: ٻڌل. قابو (نهڻ جو اسم مفعول).

نِرتي: جاچي. سنڀالي.

نِرڄا: بيشرم. نرجا.

نِرڄايون: بيشرمايون.

نرَڳ: دوزخ.

نِرمل: صاف. روشن.

نڙ: وڄائڻ جي ڪاني.

نزديڪون: سندن ويجهو ديدار.

نِسيان: قطرو.

نفي: انڪار. نابُود (ضد. اثبات).

نقرين: شرناين سان.

نِڪ: کوهه تي پاڻيءَ جو چلهو. آواڙو.

نِڪڻي: سکڻي. اڪيلي. فقط.

نِڪڻو: نسورو. ڇڙو.

نِڪون: پاڻي جا دُٻا.

نِڪُونج: ڪُن. گرداب.

نِکتا: نڪتا.

نَکَٽَ: تارن جا ميڙ. برج.

نِکڙايو: نکيٽي ڪريو.

نِکيريو: الڳ ڪريو.

نِڱيا: نِڪتا.

نِلو: رڳو. خاص. فقط.

نَم: ماڪ. آلاڻ.

نِنُ: ليلاءِ. روڄ راڙو ڪر.

نندا: گلا. سامان ٻڌي سفر جي تياري ڪئي.

ننڌ: گهر. آستان.

ننگر: لنگر. ٻيڙيءَ کي ٻڌڻ جو رسو.

نِوالا: گِراههَ. لقما.

نُوچ: کُتل نظر.

نُورا: پيرن جون ڇيرون.

نوراپن: ٻڪريءَ جو ڌائيندڙ ڦر.

نوڪون: چهنبون.

نَوم: ننڊ.

نَوڻ: هيٺاهين زمين.

نُونڌين: ليکين. شمار ڪن.

نِهو: بڻ بنياد. نسل.

نِهوڙيو: نابود ڪيو.

نَهيءَ: انڪار. نفي.

نَهي: ٻڌي. قابو ڪري.

نئي: نِمي. جهُڪي.

نَئين: ننڍي ندي. نهر.

نَئي ويا: لڙي ويا.

نِي: ڌوٻڻ. کٽياڻي.

نِياءُ: انصاف.

نياڻ: تلاءُ.

نيڇ: گهڙو. دلو.

نيڊوءَ: اونهو سمنڊ.

نِيرُ: پاڻي. جل.

نيران: نيرن. ناشتو.

نيرانا: بُکيا.

نيڙ: ننڍي نهر. ڪسي.

نيزارا: ڀالا. غمزا.

نيشن: ڇهن ورهين جو جوان اُٺ. وڏو ڏند. همت وارا جوان.

نيکاري: ڌوئي صاف ڪري. پاڪ ڪري.

نيکيٽي: ڪنوار جو مائٽن کان جدا ٿيڻ.

نِيلُ: پاڻي. ڳاڻيٽي جو وڏو عدد. بيشمار.

نِينس: وٺي وڃينس.

نيڻاه: منهنجون اکيون.

نيهه: ٻيڙي. حڪم. اختيار.

نيهانيون: ٿانو پچائڻ جون آويون.



و

واٽ ٿيا: پنڌ پيا.

واٽيندڙ: ورهائيندڙ.

واجهه وجهي: نهاري. ڪوشش ڪري.

واچا: وچن. ٻولي.

واچائون: سخن. انجام.

واڌاڻي: ٻار جي ڄمڻ جي خوشي. واڌائي.

واڍوڙڪي: ڦٽيلن جي.

واڍوڙيا: وڍيل. ڦٽيل.

واذڪر ربڪ في نفسڪ: پنهنجي رب کي پنهنجي دل ۾ ياد ڪر.

واريو: موٽايو. ورايو.

واڙ: واڙي. لوڙهو.

واساما: ڳڻتيون. فڪر. گهنگهر.

واشڪر والي ولاتڪفرون: منهنجو شڪر ڪريو ۽ انڪار نه ڪريو.

واڪ: وس. حيلو. بنهه. بلڪل.

واڪ: پيچ. ور وڪڙ.

واڳجي: ٻڌجي.

واڳِي: لغام.

والله مع الصابرين: خدا صبر ڪندڙن ساڻ آهي.

والعصر: زمانو شاهد آهي.

و اَمامَن خافَ مقام رَبہ: جيڪو پنهنجي رب جي اڳيان بيهڻ کان ڊڄي ٿو.

وانءُ: ونءُ. وڃ.

وانٽي: حصي ۾. ڀاڱي ۾. نصيب.

وانجئا: دور. پري. گمراهه.

وانجهي: ونجهه وارو. ٻيڙي هلائيندڙ.

وانڌا: ورلاپ. واڪا.

وانڊ: ننڍڙو ڳوٺ. وانڍ.

واڻيا: ڳنڍيا. جڙيا.

واهارو: واهرو.

واهيري جي وير: نماشام.

واهوندن: ڏکڻ اولهه جي هوائن (جي سياري بعد لڳن).

واهيت: نگهباني.

واءِ: افسوس.

وائٺ: چڪاس. جاچ.

وائنٽيون: بيرقون. جهنڊيون.

وائو: ذڪر. بيان. بولي.

وائي: ٻولي. آواز.

وائي پيا: وات پيا. تڪرار ڪيائون.

وَتواصوباالحق تواصوبالصبر: پاڻ ۾ صلاح ڪندا رهو حق ساڻ، ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪندا رهو استقلال ساڻ.

وِتر: هيڪڙائي. هڪ.

وِترو: وڌيڪ. گهڻو.

وِتريون: گهڻيون.

وَتعز من تشاءُ وتذل من تشاءُ: جنهن کي وڻيس تنهن کي عزت ڏئي ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي ذليل ڪري.

ويتو: اجايو. ضايع.

وَٿ: شيءِ. مهلائتي چيز.

وَٿاڻ: مڪان. لوڙهو.

وَٽَ: ونڊ. ساک. تحفو. ڀاڱو.

وَٽيُون: ڪِناريون. ڪَنيون.

وجود: هستي. خودي.

وجہ: صورت.

وِڄا: علم. هنر.

وِڄري: پگهري. بيقرار ٿي.

وجهلڻ: ڳرڻ. بيقرار ٿيڻ.

وجهيوڪاڻ: اڻبڻت ڪريو.

وِجهلي: سور ۾ ڳري.

وِچِينِ: ٽِپهري.

وڇار: وڇن وارو. ميهار.

وحدتا: وحدت مان.

وحده لاشريڪ لہ: هو (ڌڻي) هڪ آهي ۽ ڪوبه جهڙس ناهي.

وحوسن: جهنگلي جانور. مروئن.

وداع: موڪلاڻي.

وَڌ لهي: وڌ قيمت لهي.

وڏاندرا: وڏا. مضبوط. عمدا.

وڏاڻ: ساز. واڄو.

وڏياءِ: تنهنجو وڏايون.

وِڏوڻو: ڪاوڙيل.

وِڏوڙا: وِڏوڻا. ڪاوڙيل.

وِڏيت: وڏ ننڍائي. سبب.

وَڍُ: زخم. گهاءُ. وِٿي.

وَڍي: وڍيل. ڪيل.

وَرِپيو: هٿ آيو. حاصل ٿيو.

وَراڪو: پيچ محبت جو.

وَراڻ: آسودگي. سُڪار.

وَرت: کوه مان پاڻي ڪڍڻ جو رسو.

وِرڄي: بي آرامي ٿئي. ورچي.

ورچائي: بيزار ڪري.

وِرد: وظيفو. لازمي ڪم.

وِرسيا: ڀليا. گمراهه ٿيا.

وِرساياس: ڀُلايس. گمراهه ڪيس.

ورڪن: ڦڙڪن. لڏن.

وِرک: وڻ.

وَرم: ضروري ڪم. سودو.

وِرِمن: ديرڪن. ترسن. روڪجن.

وَرَن: رنگ.

وِرنائي: قبولي. اونائي.

وَرَنِهه: چڱو مڙس. جوان مرد.

وَريام: پهلوان. بانڪو. بهادر.

ورونهن: وندر. پچار.

وروڻيون: سڪي ويون.

وروهڻ: وندرڻ. ريجهه رهاڻ.

وِره: درد. غم.

وَڙُ: ڀلائي. احسان. جنس. بُڻ.

وَڙال: ڳولا ڦولا. پڇا ڳاڇا.

وڙاهه: وڻاهه. نقصان.

وڙاءُ: وڙائي. جڳائي.

وِڙائِتي: وڙن واري. لائق.

وَسَ: وسندي. آبادي. وسڪار.

وِسامي: ٿَڪِجي. بيحال ٿي.

وِساڻي: اجهاڻل. ٿڪل. پروس.

وسوڙل: ڳهلي. موڙهل. سادي.

وِسَہُ: ويساهه ڪر. اعتبار ڪر.

وَسِيل: وسيلو.

وصالي: وصال جا طالبو.

وظيفا: ڦيڻا. دعائون.

وَ في انفسڪم، افلا تبصرون: (خدا جي قدرت جون نشانيون) اوهان جي اندر ۾ آهن، پوءِ اوهين ڇو نٿا چتائي ڏسو.

وِڪر: ڳڻتي. فڪر.

وڪني: ڪڪ. بيزار.

وکار: گدام. سراءِ. مال رکڻ جي جاءِ. مال وارو.

وَڳڻ هلڻ. رلڻ.

وَل: هر ڏي. پوک.

وِلِ: وِلهه. ٿڌ.

وِلاڙ: پير جي جانچ لاءِ آڏو وڌي پير کڻڻ.

وِلِٽِي: پوئتي موٽي. پُٺ ڏيئي.

وَ لسوف يُعطيڪ رَبڪ: تنهنجو رب توکي ترت عطا ڪندو.

وِللين: بڪواس ڪرين. وڦلين.

وِلوڙا: کير جا ولوڙا. کير ولوڙڻ.

وِلها: غريب. ڪنگال.

ولهارن: سبز ميدانن. ماٿرين.

وَلِهو: محبوب. ڀتار. مڙس.

وَمَ: جئن مَ. متان.

وَمُ: درياءُ.

وِماس: فڪر. ڳڻتي. ويچار.

وِماسيا: فڪر ۾ پيا. منجهي پيا.

وناهيو: شادي لاءِ سنڀرايو. وناهه ۾ ويهاريو.

وَنحن اَقرب اِليہ من حبلِ الوريد: اسين انسان کي سندس ڪنڌ جي رڳ کان به ويجها آهيون.

وِنڌيان: سِبان. رفو ڪريان. تُنيان.

وِنڌِين: سوراخ ڪن.

ونڪَ: رنگ. چمڪ. تجلو.

ونگس: سهڻي سياڻي زال.

وِنگسيو: سوگهو ڪيو. ونگيو.

وَنهيان: سُکيا.

وَڻاه: اي وڻ!

وَڻاءِ: ورن يا رنگ واريون. اهڙي نموني جون.

وڻائون: وڻن کان.

وڻڪار: لس ٻيلي ۾ وڻڻ جي هڪ جوءِ جو نالو. وڻراه.

وڻِواند: مهڻي هاب. ڪميڻي.

وڻِي: وڻج ڪري. سودي.

ووڙ: ڳول. ڏور. نهار.

ووڪِ: ڪوڪ. رڙ. دانهن.

وَههَ: پاڻيءَ جو وهڪرو. تک. درياءَ جي سير. نينهن.

وِهاٽي: موڳو ڪري. اوراٽي. غش ڪري.

وِهاڳ: اسر جي راڳڻي. پرڀاتي.

وَهان: عمل ڪريان. هلان.

وِهانوَ: صبح جو تاررو. سوديندڙ.

وهرون ڪرڻ: مٿا هڻڻ. زور ڪوشش ڪرڻ. آرام ڪرڻ.

وِهسن: خوش ٿين.

وِهِڪئي: کير بند ٿئي.

وِهلا: جلد. سگها.

وَهلور: بيزار، تنگ.

وِهلوريا: بيزار ٿيا. پريشان ٿيا.

وَهُ لڳو: اُڪِير ٿي. نينهن لڳو.

وَهون: زالون.

وَهيڻو: هٿ وس. اختيار ۾.

ويءُ: گاه وارو ميدان.

وِياءَ: اولاد.

وياڇي: چَئي. اوري. ڳرهي.

ويڇون: حيران. هلاڪت. ڏکيائين. جدا. ذرا ذرا. پرزا پرزا.

ويڌ: ويڌن. تڪليف.

ويرا: انهيءَ مهل.

ويراڳ: فراق. وڇوڙو.

ويراڳي: تاڪ فقير.

ويرو تار: هردم. هميشہ.

وِيري: کوهي.

ويڙهه: مارن جو ملڪ. گاهه جي جوءِ. ماڳ.

ويڙهو: گهر. پاڙو.

ويڙيجهپ: هڪ ڳوٺ جو نالو (جو ڏيپلي تعلقي ۾ آهي).

ويڙيچن: وطن وارن. جهانگين.

ويڙيين: ويڙن ۾. وطن جي ماڳن ۾.

ويساند: آرام. ساهي. صبر.

ويساهي: دوکو ڏئي.

ويساهين: ساهه پٽڻ. آرام ڪرڻ.

ويڪ: ڪشادگي. ويڇو. تفاوت.

ويلا ڪري: وقت گذري وڃي.

ويلو: ويرم. دير.

ويلهه: اڻ هوند. بُک.

ويٺ: وهڪ. گهر. بيٺڪ.

ويڄ: طبيب. ڏاهو.

وِيمو: مٽاسٽا. وڻج واپار. ذمو.

وِيَنِ: ويامن.

وينتي: عاجزي. منٿ.

وينجهار: جواهرن کي ٽنگ ڪڍندڙ. عاقل. داناءِ.

ويڻ: مهڻو.

وَبَيَتَ: بنا. کان سواءِ.

وَبيَتَ واهر: بنا واهر. بيوس.

هه

هاتڪ: حاذق. هوشيار. ڏاهو.

هايون: هلاڪت. نقصان.

هار: آڌار. آهر.

هاريا: نادان.

هاڪ: ساراهه. هڪل.

هالار ڌڻي: هالار (ڄام ننگر) جو سردار. جادم جکرو.

هالاري: هالار جو رڱيل ڪپڙو.

هالورا: جهلڪو. چمڪاٽ.

هام: دم. دعويٰ.

هاهر: اٺ جي هونگار.

هاڻون: ڌاڙيل. ظالم.

هاواڻا: هل. دهشتون.

هائي: باهه. اوڙاهه. دوزخ.

هٿڪڙول: هٿڪڙيون.

هٿ هڻن: پڇتائين.

هَٺ: جسم. هاٺي.

هِجي: شد مد سان پڙهڻ.

هڄ: عذاب سَههُ. تڪليف ڪڍ.

هڄي ويا: فنا ٿي ويا.

هَڏ: جسم. رت ڀائي. مائٽ.

هَڏ: ماڳهين. موراهين. هرگز.

هڏاڪُٽيان: ’هڏاڪٽي‘ ڳوٺ کان.

هُرَ: سار. يادگيري.

هَرائِي: هيڻائِي. هَلڪڙائي.

هر ڪس: هر رنگ جا.

هر کئين: ڀنڀلئين. ڀلجي پئين.

هرنام: ’هري‘ جو نانءُ. سلام.

هُري: ياد اچي.

هريا: ساوا. آلا. تازا.

هڙده: ارڙهن.

هَڪئو: تيار.

هَڪُون: روڪون. اڪون.

هَڪيا: حاضر. تيار.

هُڳاءُ: بوءِ.

هُلاچو هل: غوغاءَ. آواز.

هَم: غم. ڏک.

هماءُ: هڪ قسم جو خيالي پکي.

همہ: سڀني. سڀ.

همير: امير. سردار.

هناڪ جسمي والفوادلديڪم: منهنجو جسم هت آهي ۽ دل اوهان وٽ.

هنڊوا: مينهن وساوڙا (ڳاڙها جيت).

هُنگ: هُونگار. هڪل.

هِنگلور: هنگلاج.

هِنهان: هن کان پوءِ.

هِنئار: هن سال. هينئر.

هَڻِي ويا: ڦري ويا.

هوائون: وهم. اجايا خيال.

هوائي: نابود. خام.

هوتُ: بلوچن جي ’هوت‘ قبيلي جو فرد. پنهون. محبوب.

هوتاڻي: ’هوت‘ بلوچن منجهان. پنهون. محبوب.

هور: هرکر. کُٽڪو.

هورا: ڳڻتي. انتظار.

هوڙاڪ: هوڙو. ننڍي ٻيڙي.

هول: ڊپ. فڪر.

هُونِ: هُجن.

هُون: مان. آءٌ.

هوندو: جيڪي موجود هجي.

هِئان: هِتان.

هئائين: هِتائين.

هُئڻ: هٺ. هستي.

هيجانِ: هيج مان. پيار مان.

هيج هوج: هيڏانهن هوڏانهن ڪرڻ.

هيدي: اٺ جي واڳ. پاکڙو.

هيرئون: هريل.

هيڪاند: ميلاپ. گڏجاڻي.

هَيَنِ: مُيَنِ. مُٺِيَنِ.

هَهات: افسوس. هاءِ هاءِ.

هَيهاتَ هيهاتَ لِما توعدون: هاءِ شل (پري هجي) اها ڳالهه جنهن جو توهان کي ڊپ ڏنو ويو آهي.